سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2024ع

باب:

صفحو:5 

فضل الله ”فدا“ چانڊيو

 

 

ڪُنري تعلقي ۾ پاڻيءَ جا قدرتي لنگهه ڍنڍون ۽ ڍورا

سنڌ، دريائن، ڍنڍن ۽ ڍورن سان مالامال سرزمين هئي. سنڌ جو اُتر، وچولو، ڪاڇو، لاڙ توڙي ٿر جو معائنو ڪبو ته هر ٻن چئن ميلن تي قديمي پاڻيءَ جي ذخيرن وارا آثار نظر ايندا، اهڙا ڍنڍون ۽ ڍورا، ماڻهن، مال توڙي هر جيوت لاءِ قدرتي نعمت هئا. جتان هُرلن ۽ نارَ وغيره جي ذريعي ٻنيون آباد ٿينديون هيون. اُهي ڍنڍون ۽ ڍورا برساتي پاڻيءَ ۽ دريائن جي پاڻيءَ سان ڀربا هئا. انهن ڍورن ۽ ڍنڍن جي ٻيٽن تي ڳوٺ آباد هوندا هئا. ڍنڍون ڀرجڻ بعد جهڪاڻ وارن قدرتي لنگهن مان پاڻي گذري ويندو هو ۽ ڳوٺ ڪونه ٻُڏندا هئا.

انگريزن جڏهن ريلوي نظام آندو ان وقت انجنيئرنگ ايتري ترقي نه ڪئي هئي، مگر انگريز انجنيئرن گهوڙن تي چڙهي پاڻي جي قدرتي لنگهن جو معائنو ڪري اُتان پُليون ٺاهي پاڻيءَ کي گس ڏنا. اُهوئي سبب هو جو زبردست برساتن ۽ هاڪڙي، ريڻي ۽ نارو جي اُٿل بعد به ڳوٺ نه ٻُڏندا هئا.

2011ع واري مهاٻوڏ، جنهن ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا هئا. انهيءَ ٻوڏ جو وڏو سبب بنا رٿابندي ۽ فزيبلٽي انجنيئرنگ رپورٽ جي روڊ ٺاهڻ هو، جنهن سان پاڻيءَ جا قدرتي لنگهه بند ٿي ويا، اهڙا ڳوٺ به ٻڏي ويا، جن ۾ گذريل ٻه سؤ ساله تاريخ ۾ به پاڻي نه آيو هو. هتي اسان کي ڪُنري تعلقي ۾ پاڻيءَ جا قدرتي لنگهه، ڍنڍن ۽ ڍورن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻي آهي.

قديم زماني ۾ هاڪڙو دريا جي الهندين شاخ پڪي (بئريج) سنڌ ۽ ٿر واري وارياسي سنڌ جي بلڪل سنگم سان وهندي هئي. محترم معمور يوسفاڻي صاحب پنهنجي ڪتاب ”ڪائو ڪمايوم“ ۾ هاڪڙي متعقل لکيو آهي. هي درياءُ انباله کان مٿان، هماليه ۽ سيواڪ جبلن مان نڪري بهاولپور، بيڪانير ۽ سنڌ جي اُڀرندئين حصي کي پنهنجن شاخن وسيلي آباد ڪندو هو. اُهوئي سبب آهي جو هاڪڙي جي هاڪ هئي، انهيءَ ڪري مٿس اُهو نالو پيو، هاڪڙو لفظ هاڪ مان نڪتل آهي.

سنڌ ۾ هن درياءَ کي هاڪڙو، ريڻي، وهندو، نارو ۽ ڍورو جي نالن سان ياد ڪيو ويندو آهي. روهڙي کان هيٺ هاڪڙي جي هڪ شاخ کي ’واهند‘ يا ’وهيندو‘ به سڏيو ويندو آهي. هاڪڙي درياءَ جي ٿر ۽ بئراج ايريا جي سنگم وٽان وهندڙ شاخ مان ننڍيون ننڍيون ڍوريون وَهي وڃي ڍنڍن ۾ پونديون هيون، جتي پاڻي ذخيرو ٿيندو هو، اِهي سڀ قدرتي عمل هئا. تعلقي ڪُنري ۾ موجود ڪجهه ڍنڍن ۽ ڍورن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ انهن ماڳن تي پهچي انهن قديمي ڍنڍن ڍورن ۽ پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن جو جائزو وٺي جيڪا ڄاڻ حاصل ٿي سگهي اُها هن طرح آهي:

مانجهاڪر واري ڍوري:

هيءَ ڍوري هاڪڙي جي ريڻي شاخ مان نڪرندي هئي. ڳوٺ رئيس مرزو خان ڪپري جي اولهه کان ڪُنري تعلقي جي ديهه مانجهاڪر مان نواب يوسف ٽالپر جي ڳوٺ جو اڀرنديون پاسي وٺي نواب آباد ديهه مان گذري شاخ دڙيلو ديهه ۾ داخل ٿي ڳوٺ شير خان رند جي اولهه طرف کان فتح ڍنڍ ۾ اچي داخل ٿيندي هئي. فتح ڍنڍ جي ڪري ديهه جو نالو به فتح ڍنڍ پئجي ويو.

مانجها ڪرواري ڍوري، مانجها نڪر ڍنڍ کي به پاڻي ڏيندي هئي، مانجها ڪرواري ڍنڍ هڪ ڪلوميٽر ويڪري ڊيگهه ۾ 6 ڪلوميٽر ٿيندي.

فتح ڍنڍ جنهن تان ديهه جو نالو فتح پيو انهيءَ بابت هِتان جي پيرسن، عمر رسيده ماڻهن وٽ مختلف ڏند ڪٿائون آهن، ڪي چون ٿا ته فتح خان نالي ڪو شخص هن ڍنڍ تي قابض هو. اُهو ڪلهوڙن حڪمرانن جو زمانو هو، ان جي ڪري هن ڍنڍ تي فتح ڍنڍ نالو پيو.

ٻيا وري روايت ڪن ٿا ته محمد بن قاسم مهراڻي وارا قلعا فتح ڪرڻ بعد هن ڍنڍ جي ڪناري تي اچي ڊاٻو ڪيو ۽ هن ڍنڍ کي فتح ڍنڍ سڏيو ويو، تاريخ چچنامه محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جي صفحي 186 تي لکيل آهي ته ”پوءِ راجا ڏاهر کي خبر ملي ته، محمد بن قاسم عرب جي لشڪر سان، جيور ۾ منزل ڪئي آهي. وزير سياڪر ٻڌي چيو ته: هاءِ بروسؤڻ ٿيو، انهي جاءِ کي جيور چون ٿا يعني ”فتح جي جاءِ“ جڏهن لشڪر انهيءَ جاءِ تي پهچندو ته فتح ۽ ڪاميابي ساڻن همراهه هوندي.“ شايد انهيءَ ڪري فتح ڍنڍ جو اهو قديمي نالو رهندو پيو اچي، فتح ڍنڍ جيڪا هاڻي فقط گهڻين برساتين ۽ ٻوڏن سان ڀربي آهي. انهيءَ ۾ ماڻهن آباديون ڪري ڇڏيون آهن.

دڙيلي واري ڍنڍ:

هيءَ ڍنڍ ديهه شاخ دڙيلو جي اُتر اُلهندي کان ديهه دڙيلو جي اُلهندئين ڇيڙي کان، ديهه گهڙا ڪاڙينگا تائين ڊيگهه ۾ 10 ڪلوميٽر ۽ ويڪر ۾ هڪ ڪلوميٽر آهي، هيءَ ڍنڍ ڳوٺ بچل چانڊيو کان مٿان اولهه طرفان ۽ ڳوٺ علي محمد چانڊيو جي اوڀر کان، ڳوٺ ٻٻر چانڊيو جي اولهه کان ۽ ڳوٺ قاضي حاجي علي محمد ميمڻ کان اولهه طرفان، ڳوٺ حاجي جان محمد وسائيپوٽو جي اوڀر کان ٿيندي، ڳوٺ قاضي عبدالرحمٰن چانڊيو جي اولهه کان ڳوٺ ڌڻي بخش چانڊيو جي اولهه طرفان، مقام کٽي پير ۽ ڳوٺ حاجي محمد رحيم چانڊيو جي وچان ديهه دڙيلو مان گذري، ڳوٺ هنڱورو خاصخيلي ۽ ڳوٺ خيرمحمد چانڊيو جي اولهه طرفان ديهه گهڙا ڪاڙينگا تائين ڊيگهه ۾ 10 ڪلوميٽر آهي، هيءَ به شايد ريڻي جي ڍوري هئي.

هيءُ اُهوئي دڙيلو آهي جنهن کي فتح نامه سنڌ عرف چچنامه دهليله لکيو آهي. فتح ڍنڍ ۽ دڙيلو، دهليله واري ڍنڍ جي وچ ۾ ٻيٽ نما مٿاڻ آهي، هي ايترو مٿي آهي جو لفٽ مشينن سان فصل کي پاڻي ڏيڻو ٿو پوي، 2011ع واري مها ٻوڏ ۾ به دڙيلو جو هي ٻيٽ نه ٻڏو هو، هتي ٻن ديهن جو نالو دڙيلي سان آهي، هڪ شاخ دڙيلو ديهه ٻي دڙيلو ديهه. اسان سمجهون ٿا ته فتح نامه وارو دهليله اهوئي دڙيلو آهي. هتي دهليله جي راجا کي شڪست ڏني وئي هئي. هتان محمد بن قاسم جي آمد جو ذڪر مشهور مؤرخ ۽ محقق سائين محمد عمر معمور يوسفاڻي، پنهنجي ڪتاب ”لطيف جا ٿر تان ڀيرا“ جي صفحي 28 ۽ 29 تي بروئي ۽ رپ جي ڪهاڻي ۽ آثار جي عنوان سان ڪيو آهي. سائين معمور يوسفاڻي لکن ٿا ته: ”محمد بن قاسم راوڙ جي فتح بعد برهمڻ آباد ڏي موٽندي ”بروئڙ جو قلعو به فتح ڪيو هو، جنهن کي عرب مؤرخن ”بهرور“ يا ”برور“ لکيو آهي، پاڻ وڌيڪ لکن ٿا ته ڀٽائي هاڪڙي جو ڪنارو وٺي اوڀارو روانو ٿيو، پنج ڇهه ميل ڏکڻ هلڻ بعد ”ٿانور ڀٽي“ جي شهر جي کنڊرن وٽ پهتو. جيڪي ڊگهڙي تعلقي ”هاڻي جهڏو تعلقو آهي“ جي ديهه جنهن جي فضل ڀنڀرو اسٽيشن تي ميل کن اوڀر طرف هيءُ قلعو هو. اُتي اڳ ۾ هڪ پراڻي شهر جا کنڊر هئا جن کي ”بروئڙ“ يا ”برؤڙ“ جا کنڊر سڏيو ويندو هو.“

محمد بن قاسم راوڙ جي فتح بعد ”بروئڙ“ جو قلعو فتح ڪري ورتو. سائين معمور يوسفاڻي جي انهي تحقيق بعد ته يقيناً چئي سگهجي ٿو ته ”بروئڙ“ جو قلعو فتح ڪرڻ بعد هاڪڙي مان گذري فتح ڍنڍ تي اچي ڊاٻو ڪيوهوندو، انڪري هن ڍنڍ تي نالو فتح ڍنڍ پيو هوندو. ”بروئڙ“ يا ٿانور ڀٽي جي ڀڙي کان فتح ڍنڍ ڏهه، ٻارنهن ميل فاصلو آهي ۽ فتح ڍنڍ کان، دهليله، دڙيلو ٻن ميلن جي فاصلي تي آهي ته اُهو هي دهليله دڙيلو آهي، جنهن جو ذڪر فتح نامه سنڌ عرف چچنامه ۾ آهي.

راڄاري واري ڍنڍ:

هن ڍنڍ جي ڊيگهه 7 ڪلوميٽر ۽ ويڪر 3 ڪلوميٽر آهي، هيءَ ڍنڍ راڄاري ديهه مان گذري، نوهٽي وٽان وڃي ڍوري ۾ پوي ٿي، گهڻين برساتين ۽ ڍوڪري جي اُٿل سان هيءَ ڍنڍ ڀرجي ويندي اهي، سوڪهڙي وارن سالن ۾ هن ڍنڍ ۾ فصل پوکيا ويندا آهن، ڍوري مان لفٽ مشينن ذريعي پاڻي ڪڍي ماڻهون آباديون ڪندا آهن.

سومار شاهه واري ڍنڍ:

هن ڍوري جي ڊيگهه 10 ڪلوميٽر ۽ ويڪر 3 ڪلوميٽر آهي، هيءَ ڍوري مئن ڍوري مان نڪري ڳوٺ خليفي حاجي ڀيل وٽان ڳوٺ حاميد گشڪوري جي اوڀر طرفان نڪري واپس وڏي ڍوري ۾ پوي ٿي.

ڏنڀرلي واري ڍوري:

هن ڍوري تي نالو ئي پيو ڏنڀرلي واري ڍوري. مشهور مولودي مؤرخ علي محمد چانڊيو ٻڌايو ته هن ڍوري ۾ ”ڏنڀريو“ مڇي ڪنهن زماني ۾ گهڻي ٿيندي هئي، انڪري هن ڍوري جو نالوئي ڏنڀري ڍنڍ يا ڏنڀرلي ڍوري پئجي ويو ۽ انهيءَ ڍوري جي ڪري هن علائقي توڙي ديهه جو نالو به ڏنڀريو پئجي ويو.

هن ڍوري جي ويڪر هڪ ميل ۽ ڊيگهه 4 ميل آهي، هيءَ ڍوري ڳوٺ ڏنڀرلو جي اولهه طرف کان ٽالهي جعفرآباد تائين وڃي ٿي، هيءَ ڍوري به ڦٽل هاڪڙي جي ڍوري جي هڪ ڇاڙهه هئي.

ڳوٺ ڏنڀرلو جي ويجهو ٻه ننڍيون ڍنڍون به آهن، هڪ نبو واري ڍنڍ يا ڍوري سڏجي ٻي سومرن جي ڍوري جي نالي سان سڏجي ٿي.

آئي واري ڍنڍ:

هيءَ ڍنڍ ديگهه گهڙا ڪاڙينگا ۾ آهي، جيڪا ڳوٺ شير خان چانڊيو ۽ آئيو خان چانڊيو جي اوڀر ۾ ڳوٺ حاجي اسماعيل چانڊيو جي ڀر ۾ اولهه طرف آهي، هن ڍنڍ جي ڊيگهه اُتر ڏکڻ 3 ميل ۽ ويڪر اولهه اوڀر هڪ ميل آهي، گهڻين برساتين ۾ هن ڍنڍ ۾ تمام گهڻو پاڻي جمع ٿيندو آهي. ماڻهو لفٽ مشينن تي پاڻي کڻي مٿاهين واريون ٻنيون آباد ڪندا آهن، هن ڍنڍ ۾ مڇيون به جام ٿين. پر برساتيون گهٽ پوڻ وارن سالن ۾ ٻاراهو پاڻي منجهس ناهي هوندو، اهو انهي ڪري جو ماڻهو لفٽ ذريعي پاڻي کٽايو ڇڏين.

2011ع واري ٻوڏ ۾ هن ڍنڍ ۾ 25 فوٽ پاڻي گڏ ٿيو هو.

مهپاري واري ڍنڍ:

ڪُنري شهر جي اوڀر ڏکڻ طرف هڪ ڍوري آهي، جنهن کي مقامي ماڻهو مهپاري واري ڍوري سڏين ٿا، هيءَ ڍوري ”گوڙاهو“ ديهه ۾ ڳوٺ مهپاري ويجهو آهي، هيءَ ڍوري ڳوٺ مهپاري کان اُتر طرف هڪ ٻي ڍوري جنهن کي گوڙاهو واري ڍوري سڏجي ٿو. ان سان وڃيو ملي ٿي، لڳي ائين ٿو ته اها هڪ ئي ڍوري يا ڍنڍ آهي، جنهن کي ڳوٺ مهپاري وٽان مهپاري واري ڍوري ۽ ڳوٺ نورو هاليپوٽو وٽان گوڙاهو واري ڍوري سڏجي ٿو.

ميمڻ ڪُنري واري ڍوري:

هن ڍوري سبب ميمڻ ڪُنري ڳوٺ آباد ٿيو، انهيءَ زماني ۾ ڪُنري شهر بلڪل نه هو، هڪ ڳوٺڙو هو، هيءَ ڍوري به درياهه جي ڇاڙهه هئي، جيڪا ميمڻ ڪُنري ويجهو هڪ ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي ۽ اهڙي پاڻي جي ذخيري سبب پراڻي ڪُنري ۽ ميمڻ ڪُنري جا ڳوٺ آباد ٿيا.

حوالا:

1.       ڪتاب: ڪائو ڪمايو (2005ع)، مصنف: معمور يوسفاڻي، مهراڻ اڪيڊمي واڳڻو در شڪارپور.

2.      ڪتاب: لطيف جا ٿر تان ڀيرا، سائين معمور يوسفاڻي.

3.      سنڌ جي تاريخ، مقالا ۽ مضمون، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي.

4.      فتح نامه سنڌ عرف چچنامه، شارح: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

 

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

 

 

 

 منقبتن جو جزوي فني جائزو مير محمد حسن علي ’حسن‘ ٽالپر جي قصيدن ۽

 

سنڌي شاعريءَ جا جيڪي دؤر رهيا آهن، تن ۾ ڪلاسيڪل، عَروضي ۽ جديد نمايان ليکجن ٿا. ڪلاسيڪل شاعرن جا مضمون گهڻي ڀاڱي تصوف ۽ ناصحاڻن نُڪتن تي رهيو آهي. جديد شاعري وري ڪلاسيڪل کي پنھنجو ڪري، ان ۾ مجاز  ۽ مزاحمت کي کڻي اڳتي هليو آهي. توڻي جو ’غزل‘ عروضي دؤر جي صنف آهي، ليڪن ان صنف کي ’گهاڙيٽي/ هيئت‘ جي لحاظ کان پنھنجو ڪيو ويو آهي. باقي غزل واري عربي- فارسي مزاج کي پنھنجو نه ٿو ڪيو وڃي، ان جي هڪ اهم سبب ۾ ڌاريو ماحول ۽ علم بيان جا جزا (تشبيھه، استعارو، مجاز مرسل ۽ ڪنايو) آهن. ان باوجود عروضي دؤر جون اهڙيون صنفون به رهيون آهن، جيڪي اڄ سوڌو ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ اسان جي ادب ۾ تازيون ليکجن ٿيون، جيئن مرثيو، قصيدو، مدح، مناجات ۽ منقبت وغيره.

مير حسن علي ٽالپر، ميراڻي سنڌ جي آخري حڪمران مير محمد نصير خان ٽالپر جو وڏو پٽ آهي، جنھن جي تربيت سندس پيءُ جي نگرانيءَ ۾ ڀلن استادن هيٺ ٿي، جن ۾ قاچاريه درٻار جو ايراني عالم سيد مجتھد ۽ سنڌي عالم آخوند احمد اهم ليکيا وڃن ٿا. مير صاحب جي ذهن ۽ حافظي جو اهو عالم هيو، جو ننڍپڻ ۾ ئي قرآن شريف حفظ ڪري ورتو هيائين. انگريزن جي والار بعد مير نصير خان ٽالپر ۽ سندس گهر وارن کي ڪلڪتي جي هزاري باغ ۾ نظربند ڪيو ويو. ان وقت مير حسن عليءَ جي ڄمار اوڻويھه ورهيه هئي. جڏهن واپس سنڌ ۾ آيو، تڏهن سندس عمر چاليھه ورهين جي قريب هئي. اهو سندس ڄمار ۽ علم ادب جي فھم ادراڪ جي بلوغت وارو وقت هيو.

مير حسن علي بنيادي طور نثر نگار هيو. هن پھريون نثر جو ضخيم ڪتاب، هڪ عيسائي پادريءَ جي رد ۾ 568 صفحن تي لکيو، جيڪو فارسيءَ ۾ آهي. ان بعد هن ڪافي نثر ۾ لکيو، جيڪو فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ آهي؛ ليڪن  سنڌ ۾ سندس گهڻي مشھوري، ڇاونجاهه بابن تي ٻڌل، هڪ تاريخي ڊاڪيومينٽ ’شاهنامه سنڌ‘ يعني ’سنڌ جو شاهنامو‘ يا ’مثنوي فتح نامه سنڌ‘ سان ٿي.

سنڌ ۾ واپسيءَ دوران، جيڪي به سندس اکين اڳيان واقعات رهيا، تنھن سبب ڪافي ڏکارو پئي رهيو. ان دوران مرزا فتح علي بيگ سندس صحبت ۾ رهيو، جيڪو وٽس سلام ۽ مرثيا پڙهندو هيو، جنھن سبب مير صاحب کي سُڪون حاصل رهندو هيو. ان دوران ئي مير صاحب به مرثين، سلامن، قصيدن، مدحن، ۽ منقبتن جي ذوق ۾ اهڙو ته محو ٿي ويو، جو هن جي اندر ۾ جيڪي اُٻار پيدا ٿيندا رهيا تن کي نظم جي شڪل ڏيندو ويو. هن جي علمي ۽ ادبي قابليت ته اڳي ئي جوان ٿي چُڪي هئي، نثر ۽ نظم جي گهٽن گهيڙن کان ته چڱيءَ ريت واقف رهيو، ان لاءِ هن جيڪا به شاعري ڪئي، ان کي ڪنھن مُصلِح جي ضرورت ڪونه پئي.

هن جي جيڪا به فڪري شاعري اسان جي سامهون آهي، تن ۾ خيالن جي اپٽار جي پختگي ڪمال جي رهي آهي. جيئن ته سندس وقت ۾، علم توڻي ادب تي فارسي ۽ عربي ٻوليءَ جو راڄ هيو، ان لاءِ سندس سنڌي شاعريءَ ۾ به اهڙي آميزش واضح ڏسڻ ۾ اچي ٿي. وقت گذرڻ سان اهڙي ٻولي ضرور دقيق لڳندي، ليڪن مختلف ٻولين تي دسترس رکندڙ، ان جي ٻوليءَ جي استعمال جي ماهيت کي سمجهي سگهن ٿا. هن جي لفظي ترڪيب ۽ شعري مصرعن جي بيھڪ نھايت سگهاري آهي.

جيئن ته سندس زندگيءَ، سکن ڏکن مان گذرندي، بادشاهي آرائشن کان قيد ۽ بند وارا لاها چاڙها ڏٺا، ان ڪارڻ سندس اندر ۾ مزاحمت واري مانڌاڻ رهي. اهو ئي سبب آهي جو، ظلم ۽ ڏاڍ لاءِ نفرت ۽ حق لاءِ وڙهندڙن جي ڌر ٿيڻ کي پسند ڪيائين؛ سندس مرثيه نگاري ۽ مدح گوئي ان ڳالهه جو ثبوت آهي. سنڌ ۾ رهڻ بعد، مير صاحب پاڻ کي اهلبيت عليھم السلام جي شان ۾ نظم گوئي ڪرڻ ۽ پاڻ کي اهڙي محبت ۾ پائبند ڪرڻ ۾ ئي  پنھنجي عافيت ڀانئي.

سندس ڪلام جي خوبين ۾ رزميه انداز ڀرپور سمايل آهي، اهڙي ڳالهه سندس تصنيف ’سنڌ جو شاهنامو‘ مان ملي ٿي. ان کان علاوه سندس مرثيه گوئي به ڪمال درجي تي آهي، جيڪو انداز پڻ رزميه جي آميزش سان آهي. اهو رزميه ۽ مرثيه گوئيءَ وارو فن وري اهڙو ته مشڪل آهي، جو هڪ واقعي کي ذيلي واقعن ۾ ورهائڻ ۽ وري ان کي تير پتير سان بيان ڪرڻ لاءِ خيالن جي پختگي، بيان واري فن تي گرفت، لفظي ترڪيب ۽ لفظن جي ڀنڊار جي گهرج هوندي آهي. رزميه گوئي ۽ مرثيه گوئي بيان ڪرڻ لاءِ وڏي مھارت درڪار هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ان فن ۽ فڪر تي شاعري ڪندڙ ڪي چيچن تي ڳڻڻ جيترا شاعر ملندا. مير صاحب جي سڄي شاعريءَ ۾ اهي خوبيون نمايان ڏسي سگهجن ٿيون. رزميه شاعريءَ ۾ هڪ ئي واقعي کي مختلف پيرائي ۽ رنگ ڍنگ سان بيان ڪرڻ به سندس شاعريءَ جي خاص خوبي رهي آهي، جنھن مان سندس خيالن جي پرواز ۽ بيان جي پختگي ظاهر ٿئي ٿي.

مير حسن عليءَ جي شاعريءَ ۾ قصيدي، منقبت کان علاوه حمد، نعت، مناجات، مدح پنجتن وغيره به ملن ٿا. هن جي شاعريءَ ۾ مضمون ۽ گهاڙيٽي جي لحاظ کان ڪافي پاسا ڏسي سگهجن ٿا، ليڪن هن مضمون کي محدود رکندي، صاحب موصوف جي مناقب گوئي يا قصائد گوئيءَ تي هڪ نظر ڌرجي ٿي. ’منقبت‘ يا ’قصيدو‘، مضمون جي لحاظ کان الڳ ڪرڻ نھايت مشڪل آهي، ليڪن اندازو آهي ته قصيدي جو گهاڙيٽو/ هيئت، ساڳي غزل واري ٿئي ٿي، جڏهن ته منقبت ڪنھن به گهاڙيٽي يا هيئت ۾ چئي سگهجي ٿو. لغوي اعتبار کان لفظن کي سمجهڻ لاءِ هيٺينءَ ريت اشتقاق ڪري رکجي ٿو:

·       قصيدو: [قصيده ج قصائد (قَصَدَ = هن ارادو ڪيو) ارادةً تعريف ڪرڻ] اهڙو نظم جنھن ۾   ڪنھن امير، بادشاه، بزرگ يا وليءَ جي تعريف ٿيل هجي/ ڪجي. هن نظم جو گهاڙيٽو ساڳيو غزل وارو، صرف مضمون جو فرق هوندو آهي، جنھن ۾ خيالن جو تسلسل لازمي جز آهي. هن ۾ شعرن جي بندن جو ڪوبه قيد ناهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻي قدر هيءَ صنف اهلبيت جي هستين ۽ الله جي نيڪ ٻانھن ڏانھن منسوب ٿيل آهي. (جوکيو، 2022: 221)

·       منقبت: [منقبت ج مناقب.  مفعلة. اسم (نَقَبَ = هو غار ۾ اندر تائين ويو- هن حق ڄاڻڻ لاءِ جستجو ڪئي- هو قوم جو سردار ٿيو) (مناقبه. مُفاعَله- مصدر. خانداني خوبين ۾ مقابلو ڪرڻ) اصطلاحي طور سردار جي وڏائي بيان ڪرڻ] تعريف، توصيف،صفت ۽ ثنا، خانداني فضيلت ۽ برتري، هنر ۽ وڏائي بيان ڪرڻ. اهڙو شعر يا نظم جنھن ۾ امامن، صحابين، اوليائن ۽ بزرگن جون صفتون بيان ڪجن. (عربي لفظن جي بنيادي لفظ جون ڪافي معنائون هونديون آهن، ان ڪارڻ ان معنى جو انتخاب احتياط سان ڪيو ويو آهي.)

هنن ٻنھي صنفن جو بنياد عربي ٻولي آهي. عربي ٻوليءَ ۾ قصيدو، هڪ گهاڙيٽي/ هيئت ۽ مضمون جو نالو آهي. يعني مضمون جي لحاظ کان هن صنف ۾ ڪنھن به رئيس، حاڪم، يا امير وزير جي تعريف ڪري سگهجي ٿي. هن جو گهاڙيٽو اهو ئي آهي، جيڪو غزل جو ٿئي ٿو. غزل خود قصيدي جي پيداوار آهي. هن جو گهاڙيٽو هيٺين ريت رهي ٿو:

·       مَطلع:

............................. قافيو ۽ رديف،

.............................. قافيو ۽ رديف.

·       پھريون بند

...............................................،

.............................. قافيو ۽ رديف.

·       ٻيون بند

...............................................،

.............................. قافيو ۽ رديف.

·       مقطع:

...............................................،

.............................. قافيو ۽ رديف.

قصيدي ۽ غزل جو اهو ئي گهاڙيٽو ٿئي ٿو. مٿي صرف چار بند خيال خاطر ڏنا ويا آهن. پھريون مطلع ۽ آخري مقطع سڏبو آهي، باقي بند جو نمونو اهو ئي رهندو آهي، البت قصيدي جي بندن جو ڪو ڪاٿو ناهي، ٽيھه کان سَو به ٿي سگهي ٿو ته وڌيڪ به ٿي سگهن ٿا؛ جڏهن ته مطلع ۽ مقطع کان سواءِ غزل ۾ چئن کان ڏهه بند سھائيندڙ سڏبا آهن. قصيدي ۽ غزل ۾ فرق صرف مضمون جو هوندو آهي. رديف جو استعمال اختياري هوندو آهي، البت، قافيي کان سواءِ ڪو به بند قصيدي يا غزل جو نه سڏبو. ايترو ضرور آهي ته رديف، قصيدي يا غزل جي سونھن ٿئي ٿو.

عربي ٻوليءَ ۾قصيدو تمام ڊگهو ۽ گهڻن بندن تي رکيو ويندو هيو، ان ۾ ٻه يا ٽي بند، عشقيه به رکيا ويندا هيا، جن ۾ پنھنجي محبت جو اظھار ۽ دل جا ڏک سور به ونڊي وٺبا هيا. اڳتي هلي، اهي بند، جن ۾ قصيدي واري مضمون کان سواءِ عشقيه بيان هوندو هيو، ته ان قصيدي جي ننڍڙي ڀاڱي کي ’تشبيب‘ (جوانيءَ جون ڳالهيون ڪرڻ) ڪوٺيو ويندو هيو. يعني قصيدي جي تمھيد، ’تشبيب‘ سان ڪئي ويندي هئي. تشبيب بابت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ ڄاڻايل آهي: ”شاعراڻي اصطلاحي معنى موجب مدحيه قصيدي ۾ ممدوح جي مدح کان اڳ عشقيه، بھار جي موسم، حسن ۽ جوڀن جھڙن مضمونن بابت شعرن کي، يا قصيدي جي شاعرانه تمھيد کي ’تشبيب‘ چيو ويندو آهي. جيئن ته عربي قصيدن ۾ سونھن سوڀيا، جوڀن، پيار ۽ محبت جو ذڪر عام هوندو هو، ان کي فارسي شاعر رودڪيءَ الڳ ڪري غزل جو روپ ڏنو ۽ بعد ۾ ڪن شاعرن قصيدي جي تمھيد کي قصيدي کان الڳ ڪري ’تشبيب‘ جي صنف بنائي ڇڏيو. ’غزل ۽ تشبيب‘ ۾ فرق به اهو ئي آهي ته تشبيب ۾ قصيدي وانگر ڪو خاص موضوع بيان ٿيل هوندو آهي، يعني جيڪڏهن سونھن، پيار يا واکاڻ جي ڳالهه هوندي ته تشبيب  ۾ رڳو اهو ئي قصو هوندو، جڏهن ته غزل ۾ هڪ موضوع نه هوندو آهي، پر هڪ ئي وقت غزل جي الڳ الڳ بندن ۾ الڳ الڳ موضوع، بلڪ هڪ بند جي ابتڙ موضوع تي ٻيو بند لکي سگهجي ٿو. ترتيب جي لحاظ کان تشبيب به غزل جھڙي ئي بيھڪ رکي ٿي.“ (سنڌيانا، 2010: 274)

 اڃا اڳتي هلي، ان قصيدي جي ننڍي ڀاڱي ۾ وڌاءُ ڪري، کيس الڳ صنف جو روپ ڏنو ويو، جنھن کي غزل ٿو چئجي. اها ڳالهه واضح هجڻ گهرجي ته ’غزل‘ ان قصيدي جي ئي گهاڙيٽي يا هيئت ۾ رهيو. ان لاءِ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته قصيدو يا غزل ساڳئي گهاڙيٽي ۾ لکيا ويا، فرق صرف مضمون جو رهيو. هتي اها ڳالهه وري ورجائبي ته قصيدو هڪ اهڙي صنف آهي، جنھن ۾ ڪنھن به حاڪم جي تعريف ڪري سگهجي. اها عربيءَ جي اهڙي مقبول صنف رهي آهي، جيڪا فارسيءَ کان ٿيندي، سنڌي ٻوليءَ ۾ آئي، ۽ ميراڻي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻي مقبول رهي. سنڌيءَ ٻوليءَ جا چند اهڙا شاعر رهيا، جن مخصوص علائقن جي حاڪمن جي تعريف ۾ به قصيدا چيا، جن ۾ غلام محمد شاهه گدا جو شمار ٿئي ٿو. ان کان هٽي ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي اڪثر شاعرن قصيدي جي صنف کي اهلبيت عليھم السلام لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو. مير حسن علي ٽالپر جا قصيدا، اهلبيت عليھم السلام ڏانھن ئي رغبت رکن ٿا.

منقبت به مضمون جي لحاظ کان الله ۽ رسول الله صلي الله عليه وسلم کان پوءِ، اهلبيت، صحابه ۽ اولياءِ اڪرام جي تعريف ۾ چيو ويو آهي، ليڪن ان جو گهاڙيٽو، قصيدي وانگر مخصوص ناهي. جنھن صورت ۾ قصيدي ۽ منقبت جو مضمون ساڳيو رهي ٿو، ان لاءِ انھن جي گهاڙيٽي کي ورهائڻ جي گهرج پيش اچي ٿي. قصيدو، لازمي طور ’غزل‘ واري گهاڙيٽي ۾ ئي رهي ٿو، ان لاءِ منقبت کي غزل واري گهاڙيٽي کان آجو رکڻو پوندو. اهڙي بحث بعد، اها ڳالهه بيھي ٿي ته جيڪڏهن ڪا تعريف ۽ توصيف، قصيدي يا غزل واري گهاڙيٽي کان هٽي ڪري، مثنوي، رباعي، مربع، مخمَس، مسدَس، مثمن وغيره ۾ هجي ته ان کي ’منقبت‘ چئجي. مير صاحب جيڪي مناقب چيا آهن، تن جا گهاڙيٽا شڪل ۾ ته مخمس يا مسدس نظر اچن ٿا، ليڪن مخمس يا مسدس جي هيئت موجب ناهن، بلڪ وراڻيءَ سان هڪ نرالي بيھڪ هيٺ بيھاريا اٿائين، جيڪا پڻ ان دؤر جي جدت چئي سگهجي ٿي، مثال طور:

پھريون بند:

.............................. قافيو ۽ رديف،       .............................. قافيو ۽ رديف،

.............................. قافيو ۽ رديف،       .............................. قافيو ۽ رديف،

.......................... قافيو ۽ رديف.

آخري مصرع جي قافيي کي وراڻيءَ طور ڪم آڻيندي،  ٻين بندن جي آخري مختلف مصرع ۾ ساڳيو قافيو ڪم آندو اٿس.

ٻيون بند:

................... مختلف قافيو ۽ رديف،       ..................... مختلف قافيو ۽ رديف،

     ................... مختلف قافيو ۽ رديف،         ..................... مختلف قافيو ۽ رديف،     

.............................. قافيو ۽ رديف.

اهو ته ٿيو مخمس يعني پنجن مصرعن تي مبني هڪ بند، ليڪن جيئن ته عام مخمس جي گهاڙيٽي/ هيئت ۾ ساڳئي مضمون سان، ٽي مصرعون/ سٽرون هم قافيه ۽ باقي ٻه مصرعون/ سٽرون الڳ سان هم قافيه هونديون آهن، ان موجب مٿئين نموني کي مخمس به نه ٿو چئي سگهجي، بلڪ نظم جي هڪ نرالي بيھڪ آهي، جيڪا پنجن مصرعن تي مبني آهي. ايئن ئي ڇھن مصرعن واري نرالي بيھڪ سان لکيا اٿس.

مير حسن عليءَ جا جيڪي به قصيدا يا منقبت چيل آهن، تن ۾ تعريف ۽ توصيف ته يڪسان ٿيل آهي، ليڪن انھن جا گهاڙيٽا مختلف آهن. قصيدي جو گهاڙيٽو، ساڳيو رکيل آهي، جيڪو شروعاتي دؤر کان هلندو پيو اچي، اهڙو ئي جھڙو غزل جو گهاڙيٽو آهي، باقي منقبت جا گهاڙيٽا ان کان سواءِ رکيا ويا آهن، اهڙي ورڇ ’ڪليات حسن‘ ۾ سھيڙيندڙ ميرزا فتح علي بيگ به ڪئي آهي. هتي قصيدن ۽ منقبتن جي گهاڙيٽن جو مختصر فني جائزو پيش ڪيو وڃي ٿو.

مير صاحب جو چيل اهڙو قصيدو پيش ڪجي ٿو، جنھن جو هر بند، فارسي الف- بي وار آهي:

الف اسرار احد تابنده  اختر علي،                      آهي اقضاڪم امير خالق اڪبر علي.

ب بلاريب و بلاشڪ بادشاهه بحر و بر،               باليقين برهان باري حجت باهر علي.

پ پرايو پنھنجي پاسي ٿي نه ڀڄ ان کئون پري،     پوءِ ڪندين ڇا ٻئي کي تنھنجو پاڻ ٿيو پاکر علي.

ت تصور ٻئي کئون جنھن جو ٿي نه ٿا روز تناد،    تنھن کئون بي تڪرار ٿيو واقف ز خشڪ و تر علي.

....................................................،            ................................................... .

ي يقيني ورد منھنجو دائما آهي ايھو،                يا الاهي ٿي حسنَ جو يار ۽ ياور علي.

(ڪُليات حسن- 5، 2013: ص: 150- 151)

اهو قصيدو، پوري فارسي الف- بي (ايڪٽيھه اکرن) تي مبني آهي، البت ٽن ٽٻڪن واري ’‘ جو استعمال ڪونه ڪيو اٿس، ڇاڪاڻ ته ان سان لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم نه ٿا اچن. لفظي ترڪيب ۾ عربي لفظن کي فارسي ’زير اضافت‘  سان ڪم آندو اٿس، ۽ ’واؤ عطفي‘ (بَحر و بَر) عربيءَ وارو ڪم آندو اٿس، جيڪو ان دؤر جو عام رواج رهيو آهي. جيئن: ’آهي اقضاڪم امير خالق اڪبر علي‘ واري مصرع ۾ صرف ’آهي‘ لفظ سنڌي آهي، باقي سڀ جا سڀ لفظ عربي آهن، جڏهن ته ’اميرِ خالقِ اڪبرُ علي‘ ترڪيب ۾ زير اضافت فارسيءَ واري آهي، جنھن ۾ پھرين ’مضاف‘ ۽ بعد ۾ ’مضاف اليه‘ ايندو آهي. اهڙي ترڪيب پٽاندر عربيءَ ۾ پڻ ’مضاف‘ پھرين ايندو آهي، فرق صرف اهو ته عربيءَ ۾ ’پيش‘ (اميرُ الخالق) اضافت جو ڪم ڪندو آهي، جڏهن ته فارسيءَ ۾ ’زير‘ (اميرِ خالق) اضافت جو ڪم ڪندي آهي. سنڌيءَ ۾ ان جي بيھڪ ’خالق جو امير‘ ٿئي ٿي. مير صاحب اهڙين ترڪيبن ۾ ٻٽي فارسي ’زير اضافت‘ ڪم آڻي ٿو وڃي، جنھن مان سندس فارسي ٻوليءَ تي دسترس ظاهر ٿئي ٿي. سندس ان هڪ مصرع ۾ هڪ لفظ سنڌيءَ جو ڪم آڻڻ مان مراد آهي ته اهو قصيدو سنڌي ٻوليءَ ۾ چيل آهي. هر ٻوليءَ جي بيھڪ ۾ فعل اهم هوندو آهي، جنھن صورت ۾ فعل سنڌي ٻوليءَ جو آهي، ان صورت ۾ اهڙي مصرع يا ٻين مصرعن کي به سنڌي ٻوليءَ ۾ ئي سمجهبو. حقيقت ته اها آهي ته پوري مطلع يا پھرئين بند ۾ اهو ئي هڪ لفظ ’آهي‘ ڪم آيو آهي، جڏهن ته ٻين بندن ۾ ڪافي لفظ سنڌي ڪم آندل آهن. هتي اها ڳالهه واضح هجڻ گهرجي ته ’جملي جي بيھڪ ۽ فعل جو استعمال‘ ئي ٻوليءَ جو تعين ڪندو آهي، باقي لفظ ڪھڙي به ٻوليءَ جا استعمال ڪجن، ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي. مير صاحب جي مطلع ۽ پھرئين بند کي ئي جاچجي ته لفظن جو استعمال گهڻي ڀاڱي عربي ۽ ٻئين نمبر تي فارسي ڪم آندا اٿس، ان بنياد تي اهو ڪونه چئبو ته اهو قصيدو، عربي ٻوليءَ ۾ آهي يا فارسي زبان ۾ چيل آهي، بلڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي.

ڄاڻايل قصيدي جو انداز سنڌي صنف ’ٽيھه اکري/ سه حرفي‘ وارو آهي، جيڪو ٻين جي ڀيٽ ۾ نرالو پڻ آهي. ان کي جيڪڏهن ’مدح/ مداح‘ چئجي ته به ڪو حرج ڪونهي. ’مدح‘ ۾ به تعريف ۽ توصيف ڪئي ويندي آهي. بنيادي طور، صنف ’مدح‘ آهي، ليڪن سنڌي ٻوليءَ ۾ ان لاءِ لفظ ’مداح‘ ڪم آندو ويندو آهي، ممڪن آهي ته ’مدائح‘ مان ’مداح‘ ڪم آندو ويو هجي. اها صنف سگهڙ شاعرن گهڻي ڪم آندي آهي. عربيءَ ۾ ’مدح‘، (قصيدي وانگر) ڪنھن به بادشاهه، امير، وزير وغيره جي ڪري سگهجي ٿي، پر سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن اهڙي مدح کي قصيدو سڏيو آهي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، مدح ۽ قصيدي جي فرق کي هيئن ڏِسي ٿو: ”مدح ۽ قصيدي ۾ اهو نمايان فرق آهي ته مدح ۾ پنھنجي دلي عقيدتمنديءَ جو اظھار نھايت عاجزانه انداز ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو، جنھن ۾ پنھنجي مشڪل ڪشائي، نظم جو خاص جزو هوندو آهي. يعني دنيوي مصيبتن مان آجائي ۽ آخرت جي موچارائيءَ لاءِ بار بار عرض ڪيل هوندو آهي ۽ ڪڏهن وري نريني اولاد لاءِ، ڪي خاص خيال ۽ لفظ استعمال ڪيل هوندا آهن. پر قصيدي ۾ بادشاهه، امير، وزير وغيره جي لُنڊي خوشامد به هڪ جزو هوندو آهي يعني جيڪي وصفون يا خوبيون اڳلي ۾ هونديون آهن تن کي مبالغه آميز لفظن ۾ سھڻو بڻائي، اهڙي ته شد مد سان پيش ڪندا آهن، جو هو سمجهندا آهن ته واقعي انهن خوبين جا مالڪ آهن. اهي مداحي نه پر درباري شاعر آهن، جن جو مقصد هوندو آهي، پنھنجي آقائن جي پرڪارن تي پرده پوشي ڪري، پنھنجي لاءِ سندن جيءَ ۾ جاءِ وٺي، ڪجهه ڇڏائڻ جي تمنا رکڻ. جيتوڻيڪ سندن سڀ آقا هڪجھڙا به نه هوندا آهن، پر تڏهن به سندن شان ۾ جنھن لفاظي ۽ طمطراقيءَ کان ڪم وٺندا آهن، سو تيليءَ مان ٿنڀ بڻائڻ جي برابر هوندو آهي.“ (سنديلو، 2016: 228)

مذڪوره قصيدي ۾ ’يا الاهي ٿي حسنَ جو يار ۽ ياور علي‘ واري مصرع ۾ مشڪل ڪشائيءَ لاءِ گذارش ڪيل آهي، جنھن بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته اها هڪ ’مدح‘ چيل آهي. ساڳئي وقت قصيدي کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. ٻڌائڻ جو مقصد ته هيءَ اهڙي قصيده گوئي ٿيل آهي، جيڪا مختلف صنفن جي معيارن تي به پوري لھي پئي. يعني هن قصيدي ۾ سنڌي صنف ’مداح‘ جو چس به شامل آهي.

ڪليات حسن، جي فھرست ۾ ’قصيده: (ذخيره مدائح) ڄاڻايل آهي، جڏهن ته ص: 150 تي ’قصيده‘ ڄاڻايو ويو آهي. گهاڙيٽي تي نظر ڌرجي ٿي ته اهو بيشڪ ’قصيدو/ غزل‘ لڳي ٿو، جيڪو علم عَروض پٽاندر بحر وزن به پورو آهي، يعني بحر رمل مثمن محذوف ۽ وزن اٿس ’فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلن‘!

مير صاحب جي فارسي ۽ عربي لفظن ۽ ترڪيبن جي استعمال تي وڏي گرفت رهي آهي، جنھن سبب مصرع جي بيھڪ ۾ ڪٿي به ڪا جهول پيدا ٿيڻ جو امڪان نه ٿو رهي. صنف جو انداز سنڌي لوڪ شاعريءَ وارو به آهي، جڏهن ته لفظن جو استعمال عروضي دؤر جيان سنڌي ٻوليءَ سان گڏ، فارسي ۽ عربي به آهي، پر جيئن ته بحر وزن تي به پورو ٿو لھي، ان لحاظ کان ان کي ’سه حرفي‘ ۽ ’قصيدو‘ وارين صنفن ۾ الڳ الڳ به ڏسي سگهبو. يعني اها سنڌي ٻوليءَ ۾ عروضي قصيدي جي بندش هڪ اهڙي نرالي بيھڪ آهي، جيڪا هڪ ئي وقت ’ٽيھه اکري‘، ’مداح‘ ۽ ’قصيدي‘ جي صورت ڏيکاري ٿي.

هڪ ڳالهه سامهون اچي ٿي، ته مير صاحب هڪ فقير منش ماڻهو ته هيو، ليڪن ان جي سڀاءَ ۾ بادشاهي ادب آداب ۽ رعب تاب به ضرور هوندو، جنھن سبب ڪنھن به سندس شاعريءَ جي اصلاح واري جرئت نه ڪئي هوندي. ان باوجود سندس شاعري، گهاڙيٽي يا هيئَت، بحر وزن ۽ لفظي ترڪيب جي لحاظ کان سگهاري آهي.

قصيدي جي صنف بنيادي طور، ظاهري سامهون ويٺل ڪنھن بادشاهه يا امير وزير جي تعريف ۽ توصيف ڪرڻ سان سڃاتي ويندي آهي؛ ليڪن سنڌ ۾ سامهون ويٺل ڪنھن امير جي تعريف کي ڀلو ڪونه ليکيو ويو آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي شاعرن، قصيدي جي صنف کي اهلبيت عليھم السلام  لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو. سنڌ ۾ عروضي دؤر توڻي بعد ۾ به جيڪي قصيدا لکيا ويا آهن، سي گهڻي ڀاڱي امير المؤمنين حضرت علي ڪرم الله وجھه جي شان ۾ چيا ويا آهن.

مير صاحب جيڪي منقبتَ يا قصيدا چيا آهن، تن ۾ ٻارهن ئي امامن جي تعريف ۽ توصيف به ٿيل آهي. هتي هڪ منقبت خيال خاطر ڏجي ٿو، جنھن ۾ پنجتن جو شان بيان ٿيل آهي:

خدا خلق مان پاڪ ڪيا پنجتن      رسول خدا سرور انس و جن

علــــي و بـــــتول و حسيــــن و حســـــن                    ڪندا دفع سڀ منھنجا رنج و محن

اهي حجت قادر ذوالمنن

نبي و علي و حسين و حسن

رسول خدا سر لولاڪ جو،      چڙهي عرش ڪيئين سير افلاڪ جو،

آءٌ صدقي وڃان ان شھ پاڪ جو،      فلڪ کي ٿيو رتبو سندس خاڪ جو،

اهي حجت قادر ذوالمنن،

نبي و علي و حسين و حسن.

...................................   ......................................

خدايا بحق رسول حليم،               به زهرا و بھر عليِّ عظيم،

به حسنين و آل عبا اي رحيم،        حسن جا سڀئي جرم بخش اي ڪريم،

اهي حجت قادر ذوالمنن،

نبي و علي و حسين و حسن.

ڄاڻايل منقبت ’بحر متقارب مثمن مقصور‘ ۾ چيل آهي، جنھن جو وزن: ’فعولن فعولن فعولن فعول‘ آهي. ان ۾ تيرهن بند سمايل آهن، جن کي مناقب (جمع جي صورت ۾) ڄاڻايو ويو آهي، ان لاءِ ته ان ۾ پنجتن جي تعريف ۽ توصيف سان گڏ، پنھنجي بخشش لاءِ پڻ عرض آهي. مير صاحب جا اهڙا منقبت اهڙي ته جامع انداز ۾ چيل آهن، جو ان کي ڪنھن هڪ صنف جي دائري ۾ بند ڪرڻ ڏکيو لڳندو آهي. يعني اهو منقبت، مناجات ۽ مدح  جو گڏيل چس ڏيئي پيو ۽ ساڳئي وقت پنجتن جي ذڪر سان ’منقبت‘ جي جمع صورت ’مناقب‘ به بڻجي پئي.

ڄاڻايل منقبت جو هر بند ڇھن مصرعن تي ٻڌل آهي، جنھن کي مسدس جا بند به نه ٿو چئي سگهجي؛ ڇاڪاڻ ته مسدس جي بيھڪ، ڄاڻايل بيھڪ کان الڳ ٿيندي آهي. هر بند جي آخري ٻن مصرعن کي وراڻيءَ طور ڪم آندو ويو آهي. جيڪا سڀني چئن مصرعن جي آخر ۾ ڪم پئي اچي. اهي نظم جا انداز، شاعريءَ جي عروضي دؤر ۾ عام ڪم آندا ويندا هيا. جيڪڏهن مسدس واري دائري ۾ ڏسڻ گهربو ته سندس چيل پھرئين بند کي ڇڏي، باقي ٻيا بند مسدس جا چئي سگهجن ٿا، ليڪن پھرئين بند جي آخري مصرعن کي وراڻيءَ طور ڪم آڻي، هڪ نرالي ۽ نياري بيھڪ رکي اٿس.

مير صاحب جي منقبت ۾ واقعه نگاريءَ سان، شان اهلبيت جي ذڪر کان علاوه مرثيي جو ملال به شامل آهي. اهڙو هڪ منقبت خيال خاطر ڏجي ٿو، جنھن ۾ مدح، منقبت ۽ مرثيي جو امتزاج ملي ٿو:

هڪڙي ڏينھن حجرهِ طاعت ۾ بتول،     هئي عبادت ۾ خدا جي مشغول،

خواب راحت ۾ ها سبطين رسول، ات ٻُڌئين هي ڪلمات مقبول،

ان في الجنة نھراً من لبن،

لعلي و الزهرا و حسين و حسن.

آئي پيءُ وٽ ۽ بيان ڪيائين تمام،      چائين يا ختم الرسل خير الانام،

حل مشڪل جو ٿي اي جڳ جا امام،    ٿو اچي غيب کئون ان طرح ڪلام،

ان في الجنة نھراً من لبن،

لعلي و الزهرا و حسين و حسن.

ٻڌو ڌيءُ کئون جڏ هن پُر سرور،   چائين زهرا اي سندم نور بصر،

چئي ٿو جبريل به حڪم داور،     توکي ۽ حيدر و شبير و شبر،

ان في الجنة نھراً من لبن،

لعلي و الزهرا و حسين و حسن.

جنھن جي پينگهي کي ٿي لوڏيو جبريل، جي ڪُلهي چاڙهيا سدا حق جي خليل

تن تي ڪيڏا ڪيا ستم قوم ذليل،              ڏيندو شھدا کي خدا اجر جزيل،

ان في الجنة نھراً من لبن،

لعليٌ و الزهرا و حسين و حسن.

جنھن کي بر جملهء عالم بيشي، مصطفى سان تنھن کي آهي خويشي،

بادشاهي پنھنجي در درويشي،    پس حسن از چه تو مي انديشي،

ان في الجنة نھراً من لبن،

لعليٌ و الزهرا و حسين و حسن.

مٿئين منقبت جو وزن ’فعولن فعولن فعولن فعولن‘ آهي، يعني ان جو بحر مُتقارب مثمن سالم بيھندو. ڄاڻايل ويھن بندن تي ٻڌل نظم، جنھن جي هرهڪ بند ۾ ڇھه مصرعون آهن، سو منقبت ٿو چئجي، جنھن ۾ خاتون جنت جي هڪ خواب ڏسڻ ۽ ختم الرسل آڏو بيان ڪرڻ جو واقعو بيان ٿيل آهي. ان نظم کي شان اهلبيت جي ذڪر سان سينگاريو ويو آهي. ساڳئي وقت جنت جي سردارن تي ٿيندڙ ظلمن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي. يعني هڪ منقبت ۾ مرثيي گوئيءَ وارو ملال به سمايو اٿس. اهو مير صاحب جي بيان جو حسن آهي ته جڏهن اهلبيت جو شان بيان ڪري ٿو ته ان وقت سندن تي ٿيل ڏاڍ ۽ ظلم جي بيان کان به نه ٿو رهي سگهي.

جيڪڏهن مير صاحب جي بيان ڪيل قصيدن ۽ منقبتن تي تفصيلي لکجي ته اهو ڪم نھايت ضخيم ٿي ويندو؛ ڇو ته قصيدن ۽ منقبتن جا فڪري پھلو نھايت گهڻا آهن. هڪ هڪ مصرع ۾ خيالن ۽ فڪر جي وڏي پرواز آهي، جنھن کي مضمون وار ورهائي، لکڻ جي گهرج آهي.

حوالا/ ذريعا:

·                   ٽالپر، مير محمد حسن علي (2013ع)، ڪُليات حسن، جلد پنجون. مرتب: ميرزا فتح علي بيگ. حيدرآباد: حسن ٽالپر اڪيڊمي، ٽنڊو حاجي مير نور محمد خان ٽالپر، لطيف آباد نمبر 4.

·                   جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر (2022ع)، سنڌي درسي اشتقاقن جي تشريحي لغت. محرابپور: ميم جيم پبليڪيشن.

·                   سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر (2016ع)، لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو. ڪراچي: پيڪاڪ پرنٽرز ۽ پبلشرز.

·                   انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (2010ع)، جلد ٻيو. حيدرآباد: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org