سوچ – لوچ
هن سوچ لوچ (ايڊيٽوريل) جي شروعات اسين ڊاڪٽر اسد
جمال پلي جيڪي ’مهراڻ‘ رسالي ۾ ايڊيٽوريل بورڊ جا
ميمبر آهن ۽ چئن سالن کان ’مهراڻ‘ لاءِ سندن گڏيل
سهڪار شامل رهيو آهي. سندن لکيل هن تحرير سان ڪيون
ٿا، جيڪا انهن منهنجي رٽائرمينٽ جي موقعي جي حوالي
سان لکي آهي. سندس تحرير ’مهراڻ‘ جي ايٽوريل بورڊ
جي ميمبر جي حيثيت ۾ اهميت رکي ٿي. جنهن ۾ سندن
تجزيو ۽ تجربو آهي، جيڪو هن ريت آهي:
ادي ثمينه ميمڻ جون ڳالهيون:
جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين جناب قبله مخدوم
سعيدالزمان ”عاطف“ صاحب منهنجي خواهش ۽ گذارش تي
بورڊ جي سفارتي ڪميٽيءَ مان مون کي پبليڪيشن ڪميٽي
۾ رکيو ته ان ڪميٽيءَ ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق جهڙو
ڪهنه مشق قلمڪار ۽ صاحب راءِ اديب ميمبر ۽ هن
ڪميٽيءَ جو چيئرمين جناب ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ هو. ان
ڪميٽيءَ جي پهرين ميٽنگ ۾ اهو طئه ٿيو ته پبليڪيشن
ڪميٽيءَ جا ميمبر بورڊ جي ٽنهي رسالن ٽماهي
’مهراڻ‘، ماهوار ’سرتيون‘ ۽ ماهوار ’گُل ڦُل‘ جي
ايڊيٽوريل بورڊ جا ميمبر پڻ هوندا. هنن ٽنهي رسالن
جون ايڊيٽر اسان جي سنڌي ادب جون مقبول عورت
ليکڪائون هيون.
مون کي ٽنهي رسالن جي ايڊيٽرس سان ڪم جو موقعو
مليو ۽ بحيثيت ايڊيٽوريل بورڊ جي ميمبر مون مسلسل
اڄ ڏينهن تائين ڪم ڪيو آهي. انهيءَ تجربن ۽ مشاهدن
مان اڄ ذڪر ڪرڻو آهي. ٽماهي ’مهراڻ‘ جي ايڊيٽر ادي
ثمينه ميمڻ جو، جنهن جي 05- مئي 2024ع تي نوڪري
تان رٽائرمينٽ جو ڏينهن آهي.
ادي ثمينه ميمڻ جي پروفائيل تي ٿورو نظر وجهون ٿا
۽ پوءِ ڳالهه کي اڳتي وڌايون ٿا. اديءَ جي ولادت
سائين محمد خان ميمڻ جي گهر ۾ 06- مئي 1964ع تي
’مورو‘ جي شهر ۾ ٿي. سندس پرائمري تعليم احمد شاهه
اسڪول مورو ۾، سيڪنڊري تعليم اين.جي.وي گرلس ۽
بوائز هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ ٿي. ادي پنهنجي
انٽرميڊئيٽ جي تعليم وومينس ڪاليج ڪراچي ۽ پنهنجي
گريجوئيشن، ماس ڪميونيڪيشن (جرنلزم) ۾ سنڌ
يونيورسٽي ڄام شورو مان مڪمل ڪرڻ بعد 1985ع کان
سگا جي قائم ڪيل اسڪول (ڪراچي) ۾ ٻه سال بطور
استاد جي تعليم ڏني. ساڳي وقت ’پارس‘ (ڪراچي)
رسالي جي اسسٽنٽ ايڊيٽر پڻ رهي.
پاڻ 1982ع ۾ پهريون انٽرويو ڊاڪٽر سليمان شيخ جي
نياڻي ياسمين شيخ جو ’ٻالڪ‘ رسالي لاءِ ورتائين،
وقت سان گڏ سندس سڃاڻپ هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪار طور ٿي
۽ سندس ڪهاڻيون ٽماهي ’مهراڻ‘، ’عوامي آواز‘ ۽
’پارس‘ کان علاوه ’مومل‘ رسالي ۾ پڻ شايع ٿيون. ان
کان سواءِ ’سرتيون‘، ’مهراڻ‘، ’ڪاوش‘ اخبار ۽
مئگزين ۾ پڻ سندس ڪهاڻيون شايع ٿيون.
1984ع ۾ ڪاليج ۾ ڇپيل ڪهاڻي ’آس‘ تي انعام پڻ حاصل
ڪيو. بطور شاعره جي پاڻ سنڌي ادب جي مڙني صنفن ۾
طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ سنڌ سطح جي مشاعرن ۾ شريڪ ٿي
ڪامياب شاعره طور داد حاصل ڪيو.
16- اپريل 1990ع تي سندن ڪمپيوٽر آپريٽر طور سنڌي
ادبي بورڊ ۾ مقرري ٿي. اهو دور هئو جو ڪمپيوٽر
سيڪشن هلائڻ لاءِ خواتين کي مقرر ڪيو ويو. پاڻ هن
پوسٽ تي رهڻ دوران ٻين اضافي جاين تي به ڪم ڪندي
رهي، جيئن لئبررين، ريسرچ اسسٽنٽ، ماهوار ’سرتيون‘
۽ ’گُل ڦُل‘ جي انچارج ايڊيٽر ۽ جوائنٽ ايڊيٽر
وغيره. ساڳي وقت اضافي اسائنمينٽ طور 2006ع ۾ سنڌ
جي اديبن جي ڊئريڪٽري“ ترتيب ڏنائون، جيڪا اڃان
اشاعت ۾ نه آئي آهي. اهڙي طرح 1981ع کان 2006ع
تائين ٽماهي ’مهراڻ‘ جو فهرست نمبر (الفابيٽيڪل)
مڪمل ڪيائون، جيڪو پڻ رڪارڊ تي محفوظ آهي.
ادي ثمينه ميمڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ريفريشر ڪورس
ڪري سنڌي ادبي بورڊ جي 12 هزار ڪتابن جي شاندار
لئبرري جي درجه بندي
(Classification)
پڻ ڪئي. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٻه دفعا ائڊمنسٽريٽو
آفيسر پڻ رهي.
2011ع کان ادي، ٽماهي ’مهراڻ‘ جي ايڊيٽر طور
ذميواري سنڀالي ۽ رٽائرمينٽ تائين مسلسل هن ڪم کي
نهايت ڪاميابي ۽ خوش اسلوبي سان نڀايو. پاڻ سنڌي
ادب جي مشهور شخصيتن جا مهراڻ جا 6 خاص نمبر پڻ
ايڊٽ ڪيائون. انهن ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
صاحب، شمشيرالحيدري، محمد عثمان ڏيپلائي، محمد
ابراهيم جويو، مخدوم محمد امين ’فهيم‘ صاحب ۽
امداد حسيني نمبر شمل آهن. ’مهراڻ‘ جي ايڊيٽري
خواه خاص نمبر ڪنهن چئلينج کان گهٽ اصل ناهن. پر
اديءَ جنهن همت، حوصلي، بردباري ۽ بصيرت افروزيءَ
سان هن ڪم کي مڪمل ڪيو اهو سنڌي ادب جو هڪ سنهري
باب آهي.
پنهنجن ڪتابن جي سلسلي ۾ هڪ ڪتاب (1) ”خان محمد
پنهور هڪ عملي انسان“ (ادا عبدالمجيد پنهور سان گڏ
ترتيب ڏنائين)، (2) تِرورو (ڪهاڻين جو مجموعو)
2017ع ۾ پوپٽ پبليڪيشن طرفان شايع ٿيل، (3) ٽيون
ڪتاب معروف شخصيتن تي خاڪا اشاعت جي مرحلي ۾ آهي.
ان کان علاوه ٽماهي ’مهراڻ‘ جا شاندار تاريخي
ايڊيٽوريل پڻ وڏي اهميت جا حامل ۽ هڪ مڪمل ڪتاب
جيترو مواد آهي. مضمون ۽ تبصرا پڻ سندن تحريري
مواد جو حصو آهن. ٽماهي ’مهراڻ‘ ۾ سنڌي ادب جي
نامور وڇڙيل شخصيتن جو تذڪرو ”پڳهه ڇوڙي پنڌ پيا“
جي عنوان سان به هڪ مڪمل ڪتاب جيترو مواد آهي.
اهڙيءَ طرح سندن ڇپيل شاعري به ترتيب ۾ ايندي ته
هڪ ڪتاب تيار ٿي ويندو.
2019ع جي چوٿين پرچي کان مون ساڻس گڏ بطور
ايڊيٽوريل بورڊ جي ميمبر طور ڪم شروع ڪيو. ’مهراڻ‘
جي موجن ۾ هيءُ ٻن ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو ادبي سفر ائين هو
جيئن ڀٽائي چيو ته:
هُئا اڳيئي گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
ادي ثمينه ميمڻ سان گڏ هن ڪم ۾ جيڪي سُٺايون پلئه
پيون انهن ۾ سڀ کان وڏي ڳالهه اها هئي ته ادي ۽
سندس وَر ادا عبدالمجيد جو غير مشروط تعاون رهيو.
اها ڳالهه ثانوي رهجي ويئي ته ڪير بورڊ جو ملازم
آهي ۽ ڪير اعزازي ميمبر آهي. بلڪه اها ڳالهه حاوي
ٿي ويئي ته پنهنجو وجود وساري ’مهراڻ‘ جي وجود تي
توجهه ڏيڻ آهي ۽ بورڊ جي چيئرمين قبله مخدوم
سعيدالزمان ”عاطف“
صاحب جي ڪيل اعتماد تي پورو لهڻو آهي ۽ ’مهراڻ‘
پنهنجي وقت تي آڻڻو آهي. الله پاڪ جا لک شڪر آهن
جو هيءُ سڄو وقت خير خوبيءَ سان گذريو. اديءَ جي
محنت ۽ پنهنجي ڪم سان ڪمٽمينٽ سبب هيءُ مشڪل سفر
آسان رهيو. هن سڄي ڪم ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمن
۽ سڄي ٽيم جو سڌيءَ ۽ اڻ سڌي طرح خاص حصو رهيو
آهي.
’مهراڻ‘ جي مواد تي اسان ۾ ڪوبه تضاد نه رهيو.
اِهو انڪري به ته اسان هميشه شخصيت کان وڌيڪ مواد
کي اهميت ڏني، پوءِ اُهو تحقيق هجي يا ڪهاڻي ۽
شاعري. ساڳي وقت ادي ثمينه جو مزاج به سهڻو. سچ
سان سندس سدائين سودو رهيو آهي. سچ ڳالهائڻ، سچ
ٻڌڻ ۽ سچ برداشت ڪرڻ سندس ڪردار جو خاصو آهي. نيڪ
نيت اهڙي جهڙو شفاف آئينو. جهڙي اندر تهڙي ٻاهر.
ڳالهه ڪرڻ ۾ بلڪل مرعوب نه ٿيڻ ۽ اختلاف راءِ رکڻ
۾ ڪابه ڏکيائي محسوس نه ڪرڻ، پر ڪڏهن به پنهنجي
راءِ مسلط ڪرڻ جو جُنون مٿس غالب نه رهيو. جيڪا
ڳالهه ڪري ان ۾ سادگي ۽ سلاست. چوندي ادا هِن
ڳالهه ۾ منهنجو هيءُ خيال آهي، وڌيڪ توهان جي
مرضي.
ٽماهي ’مهراڻ‘ ۾ اسان ٻنهي جي مشوري سان جيڪي نوان
مستقل سلسلا شروع ٿيا انهن ۾ لافاني ڪلام، سُگهڙن
جو نثر ۽ نظم ۾ مواد تمام گهڻو مقبول ٿي ويا آهن.
اهڙي طرح تحقيق، ڪهاڻيون، متفرقه جنهن ۾ مضمون،
شخصيتون، ڪتابن تي تبصرا، ادبي ڪانفرنسن ۽ مشاعرن
جون رپورٽون ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ مختلف پروگرامن
جون ڪارگذاريون شامل آهن. اديءَ هن سڄي سلسلي کي
نهايت ڪاميابيءَ سان هلايو.
ادا عبدالمجيد جڏهن به موڪل وقت اديءَ کي وٺڻ آيو
ته ڪم جو جُنون ۽ اهميت ڏسي پنهنجي گاڏيءَ ۾
انتظار ڪندو رهيو ۽ ڪڏهن به ڪم ختم ٿيڻ تائين تڪڙ
نه ڪيائين ته آئون پنهنجي آفيس مان ٿڪجي آيو
آهيان. اها سندس ڪردار جي وڏائي چئبي.
سندس خوش اخلاق شخصيت لاءِ دعا آهي ته سدائين
پنهنجي نيڪ، باهمت ۽ باڪردار خاوند ادا عبدالمجيد
پنهور ۽ پنهنجي سدوري اولاد (1) ڊاڪٽر راول پنهور
۽ (2) خان محمد پنهور (روحل) سان گڏ خوش ۽ آباد
هجي. (آمين)
ڊاڪٽر اسد ’جمال‘ پلي
ميمبر ايڊيٽوريل بورڊ
سنڌي ادبي بورڊ عالمي طور سنڌ جي ادبي ۽ علمي
اداري طور سڃاتو وڃي ٿو. هن اداري ۾ سنڌ جي عظيم
عالمن ۽ اسڪالرن خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ سندن
خدمتن جي ڇاپ اڄ به سج جي روشنيءَ وانگر بلڪل
عيان آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪري ڪرڻ وڏي
خوشقسمتي آهي ۽ مان مرتبي جي ڳالهه آهي، هر ملازم
لاءِ. ۽ مون لاءِ ته تمام وڏي مان مرتبي جي ڳالهه
انهيءَ لاءِ به آهي ته مون 1990ع کان ڪمپيوٽر
آپريٽر جي نوڪري کان وٺي انتظاميه پاران مليل
اضافي چارجن تي پنهنجي فرضن کي به نڀاهيو آهي.
منهنجي لاءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪري ڪرڻ خاص طور
مون لاءِ اهو به وڏو اعزاز آهي ته مون ٽماهي
’مهراڻ‘ رسالي جي ادارت سال 2011ع کان هن آخري
پرچي اپريل- جون 2024ع تائين پنهنجي ڪمٽمنٽ سان ۽
سچائيءَ سان نڀائي آهي. 2011ع ۾ جڏهن مخدوم جميل
الزمان صاحب چيئرمين هئا، ان وقت جي سيڪريٽري
محترم الهڏتو وگهيو جي بي رعايا سفارش تي مون کي
’مهراڻ‘ رسالي جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. اهو منهنجي
لاءِ هڪ طرف وڏو چئلينج ۽ اعزاز هو جنهن کي هر طرح
خوش اسلوبيءَ سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ’مهراڻ‘
رسالي کي وقت تي شايع ڪرائڻ منهنجي اوليت رهي آهي،
انهيءَ سلسلي ۾ بورڊ انتظاميه، پبليڪيشن ڪميٽي جي
خصوصي سهڪار توڙي ’مهراڻ‘ جي لکندڙن اديبن، عالمن
۽ اسڪالرن جي ڀرپور سهڪار سبب ’مهراڻ‘ رسالي جي
ريگيولر اشاعت ممڪن ٿي آهي ۽ توڙي بورڊ جي ملازمن
کي وقت تي پگهارون ۽ مددگاري قرض، ويلفيئر فنڊ
جهڙيون سهوليتون ملڻ ۾ به وڏو ڪريڊٽ سنڌي ادبي
بورڊ جي چيئرمين محترم مخدوم سعيدالزمان ”عاطف
صاحب بورڊ جي اڳوڻي سيڪريٽري سڪندر علي شاهه ۽
موجوده سيڪريٽري گلبدن جاويد مرزا کي وڃي ٿو، بورڊ
جي رسالن جي وقت سر اشاعت پڻ سندن سهڪار جي ڪري ئي
’مهراڻ‘ ريگيولر شايع ٿيڻ لڳو آهي. اهڙيءَ طرح
منهنجي ادارت ۾ پڻ ’مهراڻ‘ جا خاص نمبر شايع ٿي
سگهيا، جيڪو ڪريڊٽ سنڌي ادبي بورڊ ڏانهن وڃي ٿو ۽
مون کي ان ڳالهه جو سدائين فخر رهندو. منهنجي لاءِ
اها به اعزاز جي ڳالهه آهي ته ’مهراڻ‘ رسالي لاءِ
’مهراڻ‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ جا مانوارا ميمبر ڊاڪٽر
دُرمحمد پٺاڻ، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر اسد جمال
پليءَ محترم سرفراز راڄڙ صاحب ۽ محترم ڊاڪٽر
عبدالغفار سومرو صاحب جو ريگيولر طور رسالن جي
اشاعت ۾ ڪليدي ڪردار ادا رهيو آهي. 2019ع کان
ايڊيٽوريل بورڊ جي ميمبر ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ
مسلسل ’مهراڻ‘ آفيس ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ، مواد جي چونڊ
ڪرڻ، اديبن کان مواد حاصل ڪرڻ ۽ مواد کي ايڊٽ ڪري
پڙهندڙن تائين سهڻي نموني پيش ڪرڻ ۾ اڻٿڪ محنت ڪئي
آهي، انهن جو سهڪار ۽ تعاون هميشه حاصل رهيو. انهن
جي رهنمائي ۽ مدد مون لاءِ وڏي وٿ هئي، سندن
’مهراڻ‘ لاءِ ڪيل خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.
منهنجو سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪري جو شروعاتي سال
1990ع ۽ 2011ع کان ’مهراڻ‘ رسالي جي ايڊيٽر طور
نوڪريءَ جو سفر سال 2024ع جي پهرين ڇهه ماهي ۾ ختم
ٿئي ٿو، ۽ بطور ايڊيٽر سمورن اديبن ۽ لکندڙن جو
شڪريو ادا ڪندي کين خدا حافظ چوڻ جو وقت اچي ويو
آهي، بهرحال هن موقعي تي مون کي اطمينان آهي ته
’مهراڻ‘ رسالي جي ايڊيٽر طور ’مهراڻ‘ جي اشاعت کي
باقاعدگي سان ڪامياب بڻائڻ ممڪن ٿيو آهي.
ٿورا نه ٿورا!
مان (بورڊ انتظاميه) ۾: محترمه سيڪريٽري گلبدن
جاويد مرزا، اياز سومرو، غلام حيدر ڪڇي، گُل حسن
درس، محمد رحيم نوحاڻي، جهامنداس ڀاٽيا، دبير
مرزا، خضر خان وگهيو، انچارج عبدالصمد ٻٻر، فرحان
علي ڀٽي، جاويد لاکو، فرمان امداد خاصخيلي، علي
رضا شاهه، لال جان مگسي، غلام عباس، غلام مصطفيٰ
مگسي، معراج، آصف جوکيو، سلمان ٻٻر، قاسم شاهه،
سجاد ڪاتيار، خيرالنساء سيال، مير علي شاهه، فدا
حسين کوسو، شان درس، اعزاز شاهه، حافظ احمدالدين
انڍڙ، ڄام سپڙ، لطيف رونجهو، سڪندر علي درس، غلام
حسين شيخ، پير علي محمد، سب ايڊيٽر: لال خاتون،
عزيز لغاري، رفيق جمالي، سليم پيرزادو بڪ شاپ
مئنيجر، رياض پيسٽر، عبدالقادر دراني، پروين مسيح،
عمران لاکو، جبران زيب، نياز حسين درس.
خصوصي طور شڪرگذار آهيان. لائبريريءَ جي سينئر
ڪلارڪ محترم ضمير حسين مهيسر جي جنهن وقت بوقت
لائبريريءَ مان ڪتاب مهيا ڪري معزز لکندڙن وٽان
تحقيقي مضمون شايع ٿيڻ لاءِ ملڻ کان پوءِ انهن کي
حوالن کي درست ڪرڻ لاءِ انهن جو تمام گهڻو سهڪار
شامل رهيو. منهنجون سرتيون گلبدن جاويد مرزا
ايڊيٽر ’سرتيون‘ ۽ نجمه پنهور ايڊيٽر ’گُل ڦُل‘ جن
جو سنڌي ادبي بورڊ ۾ 1990ع کان منهنجي نوڪريءَ جي
سفر ۾ اڄ تائين ساٿ جُڙيل رهيو. ويجهڙائيءَ ۾ جيڪي
ملازم بورڊ ۾ مقرر ٿيا آهن، انهن جو پڻ وقت بوقت
تعاون حاصل رهيو.
پَڳهه ڇوڙي پنڌ پيا:
مظهر ابڙو:
نامور
ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نويس۽ شاعر مظهر ابڙو
پاڻ 25 مارچ 2024ع تي وفات ڪيائين. ولد منظور حسين
ابڙو مظهر ابڙو 25 اپريل 1971ع تي خيرپور جي ڳوٺ
ڪولاب جيئل، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپورميرس ۾ پيدا
ٿيو. ايم. اي. (سنڌي ۽ اڪنامڪس) جون ڊگريون حاصل
ڪرڻ کان پوءِ ، تعليم کاتي ۾ سنڌيءَ جو استاد مقرر
ٿيو. هن جي ناولن ۽ ڪھاڻين ۾ جديد توڙي ڳوٺاڻي
زندگيءَ جا مسئلا ۽ الميا ملن ٿا. هن جي شايع ٿيل
ڪتابن ۾: (1) ’ڌرتيءَ تي وکريل ٽانڊا‘ (ڪھاڻيون :
1993ع)، (2) ’خُواب-کوٽا سِڪا‘ (ڪھاڻيون: 1998ع)،
(3) ’جيون-اجاڙ رستا‘ (ناول: 2000ع)، (4) ’سرد
خاني ۾ رکيل خُواب‘ (ڪھاڻيون: 2000ع)، (5) ’درد جي
آس پاس‘ (شاعري: 2002ع)، (6) ’خوابن جو سفر‘
(ناول/ڪٿا: 2009ع) ۽ (7) ’سڪل نديءَ جا نشان‘
(ڪھاڻيون: 2020ع) شامل آهن. هن کي پنھنجي تخليقي
ڪم تي ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا.
سائينداد ساند:
سنڌي
شاعري جي کيتر ۾ سائينداد ساند سنڌ جو ھڪ نرالو ۽
خوبصورت شاعر جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ھُو غزل جو
بھترين شاعر پڻ ليکيو ويندو هو. سائينداد ساند جو
جنم پهرين مارچ 1957ع ۾ ڳوٺ متارو ساند ۾ ٿيو.
1985ع ۾ سنڌي ۾ ايم.اي ڪرڻ کان پوءِ 22 سيپٽمبر
1986ع ۾ بوائز ڪاليج مٺي ۾ سنڌي جي ليڪچرار طور
جوائن ڪيو سائينداد ساند ٻه دفعا گورنمينٽ ڊگري
ڪاليج مٺي جو پرنسيپال ۽ هڪ دفعو ڊگري ڪاليج ڏيپلو
جي پرنسيپال جي عهدي تي فائض ٿي چڪو آهي ۽ هن
مختلف وقتن تي تعليم ۽ تدريس جي عمل ۾ ڪاليج جي
هزارين شاگردن کي علم سان روشناس ڪرائي. 28
فيبروري 2017 تي رٽائرمينٽ ورتي.
ھن وقت تائين سائينداد ساند جي شاعريءَ جا ٽي ڪتاب
(مجموعا) جن ۾: ’ڳوڙھن ڳالھايو‘، ’دل جي تاريخ‘ ۽
’سنڌ ڪرو کيتر جيان‘ ڇپجي چڪا آھن. جڏهن ته نثر
جو ھڪ ڪتاب ’خيالن جا پکي‘ پڻ ڇپيل آهي. اڄ به سنڌ
جا نوجوان انھن ڪتابن کي پڻ وڏي دلچسپي سان پڙھن
ٿا ھن جي شاعري جي مجموعن ۾ گيت غزل وايون بيت نظم
دوھا شامل آهن. سائينداد ........... تي فاني
دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي:
سنڌي
ٻولي جو ناليوارو اديب، دانشور، محقق، شاهه لطيف ۽
ان جي شاعريءَ جو عاشق ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي 7
اپريل 2024ع مطابق 27 رمضان المبارڪ 1445 هجري آچر
جي رات پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو.
ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي ( ذات جو سمون) ٽنڊي محمد
خان ضلعي جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم بلڙي جي ڳوٺ خير
محمد سمي ۾ 5- نومبر 1953ع تي محمد دائود سمي جي
گهر ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم اۡتان ئي حاصل
ڪيائون، جنهن بعد عبدالرحيم ڪاتيار اسڪول مان اٺ
درجا پاس ڪري بدين لڳ رپ جي ڊي.جي هاءِ اسڪول ۾
داخل ٿيو، جتان نائون ڪلاس پاس ڪري، عبدالرحيم
ڪاتيار کي ان وقت هاءِ اسڪول جو درجو ملڻ بعد
واپس موٽي اچي گورنمينٽ هاءِ اسڪول عبدالرحيم
ڪاتيار مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. غربت سبب وڌيڪ
تعليم حاصل ڪرڻ کان قاصر هو، تنهنڪري جلد نوڪري
لاء ڪوشش ڪري 1973ع ۾ پرائمري استاد طور تعليم
کاتي ۾ ڀرتي ٿيو. ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان پي ٽي
سي ڪيائين، سجاول ڪاليج مان انٽر، جڏهن ته بي.اي
1986ع ۾ ۽ ايم.اي (سنڌي ادب) جي سَنَدَ 1988ع ۾
حيدرآباد ڊگري ڪاليج سائيڊ (سنڌ يونيورسٽي ڄام
شورو) مان حاصل ڪيائين.
سندس پهرين ٻاراڻي ڪهاڻي ”ٻارڙن جي ٻاري“ پروگرام
۾ نشر ٿي. سندس لاتعداد مضمون، ڪالم ۽ مقالا مختلف
اخبارن، ادبي رسالن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيا.
ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر ’مهراڻ
مخدوم غلام محمد ’مغموم‘ صديقي
(1886 – 1944ع)
ڪلام
ڪاهي تون رس ڪمڪ تي هربار ياعلي،
پرتو اٿئي هي پازي پينار ياعلي.
اي انّما جا افسر، خيرالبشرؐ جا دلبر،
تنهنجو لقب ٿيو حيدرِ ڪرار يا علي.
اي هل عطا جا صاحب شاهه رسلؐ جا نائب،
طاعت ٿي تنهنجي واجب تقرار ياعلي.
آقا هي وقت آهي رس تون مدد تي ڪاهي،
دشمن کي ڪريو ڊاهي مسمار ياعلي.
عاجز اٻوجهه بيحد آهي غلام محمّد
ان کي عطاءِ احمدؐ
درڪار ياعلي.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار سيال)
*
مرزا نادر بيگ ”نادر“
(1891 – 1940ع)
ڪلام
ڏيکار شڪل پنهنجي منهن تي نقاب ڪهڙو،
اڄ وصل ۾ هي دلبر آهي حجاب ڪهڙو.
قاصد هٿان وٺي خط پرزا ڪري اڏايئين،
ظالم مڪو هي مونڏي خط جو جواب ڪهڙو.
مون ڀي ڳڻي ڇڏايا سڀ داغ دل جا ساري،
چيائون ته تو ۾ مون ۾ آهي حساب ڪهڙو.
حسن ازل کان تنهنجي آهن هزار گهائل،
خورشيد آهي ڪهڙو ماهتاب ڪهڙو.
انگور جي پنن سان ”نادر“ جو لاش ڍڪجو،
ميخوار جي جنازي تي ڪيمخاب ڪهڙو.
(ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم
طالب الموليٰ)
خليفو گل محمد ”گل“
(1775 - 1856)
ويڻ تنهنجو مون کي دلبر ٿيو مٺو ماکي جي ميٺ،
ٻئن جي شاباس کان تنهنجي وڻي مون هيٺ ڦيٺ.
تو ڦٽي آ عاشقن جي دل هڻي چشمن جا تير،
پو رکي پنيون انهيءَ تي تون اچي دلدار چيٺ.
ٿيون وسن برسات جئن دائم اکيون آگم ڪيو،
تهڙيون منجهه آکاڙ سانوڻ تهڙيون ڪتي، تهڙيون ڄيٺ.
جي ڏئين توڻي نه ڏئين تون وجهه پنهنجي ديد جو،
تنهنجي نينهن جو نوڪر آهيان نروار نيٺ.
ٿيون اکيون رت هاري ڳاڙهيون، تن سڄو ٿيو لعل رنگ،
توسان اي ”گل“ جنهن ڏهاڙي کان ٿي منهنجي آهه ڏيٺ.
(ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم
طالب الموليٰ)
قاضي عبدالغفور ”خاڪسار“
(1813 – 1937ع)
ڪلام
ڏکن مون کي وڌو ماري سکن کي دل سنڀاري ٿي.
ڦري در در ديواني ٿي وتي هر هر ڪندي زاري،
ڪري فرياد رات و ڏينهن اکين مان نير هاري ٿي.
مکي منهن کي مٽي هر دم وسائي سر مٿي واري،
کڻي غم ۾ نماڻا نيڻ نت واٽون نهاري ٿي.
وطن کان هاڻ وڇڙيس آئون جدا ٿيس جانبن کان پڻ،
وري ملنداسين ڪيئن موٽي اها ڳڻتي به ڳاري ٿي.
ڇڏيوسين هاڻ اميري کي قبولي سين فقيري اڄ،
عجائب رنگ هي دنيا ڏکوين کي ڏيکاري ٿي.
(ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم
طالب الموليٰ)
امام بخش خان ’صابر‘
(1881 – 1938ع)
ڪلام
منهنجو يار مون سان وفادار آهي،
سدائين غمن ۾ سو غمخوار آهي،
خزاني جو پرور پڄائي درئون در،
صبح شام هر گهر سخادار آهي.
ڏسي ڪئين برايون ڪري پيو ڀلايون،
ميٽي ڪل مدايون عطا دار آهي.
سڏي ڏي، سوالي ڇڏي ڪونه خالي،
ڪري مال مالي دنيا دار آهي.
خطا پوش خالق آهي ڪل جو مالڪ،
ذرو ناهي ڪو شڪ بقادار آهي.
نه ڪر خوف ”صابر“، سندو روز محشر،
تنهنجو دوست دلبر شفادار آهي.
(ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم
طالب الموليٰ)
*
حافظ محمّد اسلم مهيسر
(1887 – 1960ع)
ڪلام
حسن حضرات با برڪات ظاهر ذات يزداني،
صاف صفاف آ درجات منجهه محلات انساني.
ڪاريون ڪجليون تنهن ۾ تجليون ٻرن بجليون سدائين
سي،
نظارا نين آهُو عين هجن دن رين لاثاني.
عجب رخسار واهه انار ٿيا قنڌار کان ڪرڙا،
ڏسي دندان لب لالان ٿئي مرجان قرباني.
اچي عشاق ٿيا مشتاق منجهه ميثاق محبت ۾،
ٻڌي آواز ڪيائون نياز بي انداز سبحاني.
سدا صحبت مدّعا محبت اها الفت آهي ”اسلم“،
اولّ فاَذڪُر بعد اَذڪُر لفظ اظهر آ قرآني.
(ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم
طالب الموليٰ)
مرزا غلام رسول بيگ ”مقبل“
(1846 – 1933ع)
ڪلام
ٿيس تنهنجو شيدا مون کي سنهن خدا جو،
نه ثاني تو جهڙي ٿيو
مه
لقا جو.
ورڻ ويل واري وري واڳ وار،
نه انڪار
ڪر حق ادا ڪر وفا جو.
اچين جي اڱڻ منهنجي هڪ ڀيرو
جاني،
بيان تو سين دل جي ڪريان مدّعا
جو.
ڪري قرب جي پاڻ وٽ ئي سڏائين،
چوان خوش ٿي نڪتو اثر ڪجهه دعا هو.
”غلام رسول“ از ازل آهين
”مقبل“،
مٿئي
لطف ٿيو خاتم
الانبياؐ
جو.
(ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم
طالب الموليٰ)
*
فيض محمّد ”فيض“ حيدري
(1922 – 1968ع)
*
ڪات پڇي پيو ڪنڌ، نيهن جو ناحق ورتم نالو!
هاڙهي هڻي هي هيرا موتي، هاڻ پرهيز جي لاهي پوتي؛
پار پرين جي پنڌ، ڪاف ۾ ڪنديس مان ته ڪشالو.
ڳريو گوشت گوندر غم ۾، هيڻا هڏڙا چنبڙيا چم ۾؛
سوز سٽيو سنڌ سنڌ، برهه بڇيو ڪو بت ۾ ڀالو.
روه رڱيا مون رت سان روئي، لعل ڪيم لڪ ڌوئي پوئي؛
رڻ، پَٽُ، رڃ ۽ رند، آب اکين جي ڪيڙو آلو.
”فيض“ نباهيان نيهن جو ناتو، برهه ۾ ڦاسي ٿيس
بلاتو؛
پرت جو پيو پيوند، هوت هڻي ويو تن ۾ تالو.
(ڪتاب: ’وڻجارن وايون‘ مصنف: عبدالڪريم ’ڪريم‘
پلي)
*
فقير ڏاتار بخش صوفي
(1915 – 1980ع)
*
سير سراسر صوفيءَ جو، ڏس ڪُل کان آهه ڪرارو.
جڏهن پاڻ وڃائي وهي، تڏهن طلب کي لوچي لهي؛
فرض فنا في الله پڙهي، پوءِ سولو ٿئيس ستارو.
ڪڏهين ظاهر ۾ آ ذاتي، ڪڏهن وهائي قلبي ڪاتي؛
ڪڏهين خفيءَ ۾ پائي جهاتي، ڪڏهن سريءَ ۾ سارو.
ڪڏهين آهي عبد عابد، ڪڏهن آهي زهد ۾ زاهد،
ڪڏهين بنجي مرد مجاهد، هڻي ٿو نينهن جو نارو.
ڪڏهين عبد ڪڏهن ستار، ڪڏهين بخشي ٿيو ”ڏاتار“؛
ڪڏهين صوفي ڪڏهن سرڪار، اوکو اهو آهي اشارو!
(ڪتاب: ’وڻجارن وايون‘ مصنف: عبدالڪريم ’ڪريم‘
پلي)
ثريا سوز ڏيپلائي
(1945 – 2004ع)
غزل
سيني اندر سُور سوين،
پنهنجا پنهنجا پُور سوين.
جن کي سمجهيو هئوسين پنهنجو،
تن کان مليا ناسُور سوين.
توهان نهاريو خوش ٿي وياسين،
ڏک لهي ويا سُور سوين.
گهائينديون ڇا ڪنهن جون گهوريون،
اسان سٺَا آهن گهَور سوين.
اوهان جي هوندي ڪهڙي اونداهه،
پکڙي پيا آهن نُور سوين.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار
سيال)
ملان اويس شڪارپوري
(وفات 1720)
*
سيارو ويو بهار آيو،
گلن آ باغ ٻهڪايو.
ٽِڙي ٽانگر ۽ چنبيلي،
ڪڍي منهن مگري مرڪايو.
پراڻا پن پيا پٽ تي،
وڻن کي هير ڇڻڪايو.
بهاري ويس ساوڪ جو،
وڻن کي واه پهرايو.
لنئون لاتيون پکين گڏجي،
بهار آيو، بهار آيو.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار
سيال)
*
سوسن مرزا
(1957 – 2002ع)
نيرون ڪوٽ
ٻڌو اي! سنڌجي تاريخ جا
پهريدارو ٺيڪيدارو دودا جوڌا-
نيرون ڪوٽ جي قلعي جي ڪلر هاڻين
ڪرندڙ ديوارن تي سوچيو
قلعي جي ديوارن جي
اندرين توڻي، ٻاهرين پاسي
جيڪي نانگ پيا ٿا پلجن
سي قلعي جي ديوارن کي
آجوجن ماجوجن وانگر
پيا ٿا چٽن-
پر هي منهنجي
پر هي منهنجي
ديس جا جوڌا
پهريدار ٺيڪيدار
مٺيون ننڊون پيا ٿا ڪن.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار سيال)
محمد ابراهيم ”راحم“ صديقي
(1936 – 2005ع)
غزل
نگاهون ناز مان کڻ تون ڏسڻ وارا گهڻا آهن،
ادائون ڇا چوان تنهنجون مرڻ وارا گهڻا آهن.
فضائن ۽ گهٽائن کي پريشان تو ڪيو آهي،
نئون انداز تو وارو سهڻ وارا گهڻا آهن.
ڏٺو آ چنڊ جو چهرو زمين تي آسمان وارو،
حجت ڪهڙي ڪيان توسان پڇڻ وارا گهڻا آهن.
ڀلو ير ڀاڳ آ تنهنجو سياڻا تو مٿان چريا،
اشارو جي ڪرين هڪڙو اچڻ وارا گهڻا آهن.
غريبن بي سهارن جي هجئي پارت پرين پيارا،
اسان جي حال هيڻي تي کِلڻ وارا گهڻا آهن.
حسينن جي حسن سان دل ته ڦرجي وئي ”راحم“،
اَمرُ منهنجي ڪهاڻي آ لکڻ وارا گهڻا آهن.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار
سيال)
*
مير حسين علي
(1254 - 1295)
اڄ وري موسم بهار آيو،
جو چمن ۾ جهو گلعذار آيو.
تون اچي جڏهين ويٺين پهلو ۾،
دل بيتاب کي قرار آيو.
هن ڏسي منهنجي طائرِ دل کي،
ٿي چيائين سندم شڪار آيو.
ان کي محفل ۾ ڪنهن چيو اي ”حسين“،
ڏس تنهنجو هو جان نثار آيو.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار سيال)
آخوند محمّد بچل انور
(وفات 1861)
ٿي ثنا تنهنجي صفت، هرجاءِ عالم ۾ عيان،
غز آ نهنجو سڀ نبين ۾، ڀلو ٿيو بي بيان.
ڪنڌ نمائي ٿو سدائين پيش آ تنهنجي آسمان،
نور نرمل نعت آنجي، سچ سدا ساراهيان،
تات تازي، آ تنهنجي احمّد آه مون صبح و مسا،
يا حبيبي، عرض سڻ، آڌار عالم جا اجها.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار
سيال)
*
انور پيرزادو
(1945 – 2007ع)
ڇو ته لفظ ۽ جملا....
سوچان ٿو
تصوير جُڙي نه سگهندي
ڇو ته لفظ ۽ جملا.....
ايڏا پيڙهيل ناهن
جيڏا منهنجي ڳوٺ جا
ماڻهو آهن
لفظ ڪنهن رئندڙ ٻار جي
اک مان ٽمندڙ ڳوڙها ناهن
ليڪا آهن
خالي ليڪا آهن....!
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار
سيال)
*
مهراڻ - معياري اشاعتي پروگرام
ڪيترائي ادبي جريدا نڪراندا آهن. پر ڪن مالي ۽ ٻين
سببن جي ڪري بند ٿي ويندا آهن. گذريل ڏيڍ صديءَ
کان سنڌ ۾ به ائين ٿيو آهي. سنڌي رسالن ۾ ’نئين
زندگي‘ ۽ ’مهراڻ‘ ئي ٻه رسالا اهڙا آهن جن کي اڌ
صديءَ کان مٿي مسلسل شايع ٿيڻ جو رڪارڊ آهي.
مهراڻ ورهاڱي کان اڳ به 1946ع - 1947ع ڌاري شايع
ٿيندو رهيو هو، پر 1955ع کان مهراڻ جو ٻيو خاص طور
شاندار آهي. ڪيترن ئي ادب دوستن وٽ ممڪن آهي ته
مهراڻ جي ٻنهي دورن جا مڪمل سيٽ هجن. مون وٽ به
پهرئين دور جا ٻه ۽ پوئين دور جو مڪمل سيٽ موجود
آهي. مون پنهنجي تحقيقي ۽ تدريسي عمل ۾ مهراڻ مان
مڪمل فائدو ورتو آهي. مهراڻ جا خاص نمبر: سوانح
نمبر، شاعر نمبر، اياز نمبر، راشدي نمبر ۽ تنوير
نمبر ته اهم دستاويزن جي حيثيت رکن ٿا. انهن ۾
گهربل موضوعن تي مستند مواد موجود آهي. ادبي اُڃ
اُجهائڻ لاءِ توڙي تحقيق لاءِ مهراڻ اهم خدمت ڪئي
آهي. جويو _ گرامي ادارتي ساٿ کان وٺي سڀني
ايڊيٽرن معيار کي بهتر بڻائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي
آهي. سنڌي ادبي بورڊ هڪ وڏو ادبي ادارو آهي. ان جي
سربراهن ۽ عملي جي ذمي ٻيو به گهڻو اشاعتي ڪم آهي.
ان ڪري ڪن حلقن ۽ شخصن کي دوست نوازي ۽
اقرباپروريءَ جي به شڪايت رهي آهي، پر اُن جي
مقابلي ۾ مهراڻ توڙي بورڊ جو اشاعتي پروگرام نهايت
معياري رهيو آهي.
آءٌ بورڊ جي اتظاميه ۽ مهراڻ جي ادارتي عملي کي
مهراڻ جي گولڊن جوبليءَ جي موقعي تي مبارڪون ڏيان
ٿو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
اڳوڻو چيئرمين
سنڌي ادبي بورڊ |