ذوالفقار علي هالار سومرو
ماڻهو
مڻيادار
پيار ۽ پاٻوھه
جو اُھڃاڻ،
سرور نواز ٻگهيو
ڀلائيءَ جا ڀير، پيشانيءَ ۾ پرين جي،
اڱڻ اڪنڍين جي، ڏي پاٻوهي پيرَ،
قمر پاڙي ڪير، شمس سپرين سين.
سنڌ جي نامياري شاعر، اديب، ليکڪ، مترجم عالم وڪيل
۽ ھڪ بھترين قابل استاد، سائين سرور نواز ٻگهيو
ھڪ بيباڪ سچ گو، سچو ۽ کرو انسان ھو. ان سان گڏوگڏ
جاکوڙي ۽ کاھوڙي انسان پڻ ھو، جيڪو خاموش ٿي ويھي
نٿو، پر خاموشي سان پنھنجو ڪم ڪندو رھندو ھو.
سائين سرور نواز ٻگھيو جو جنم 15 جولاءِ 1948ع تي
ڳوٺ ڌڻي بخش ٻگھيو تعلقو خيرپورناٿن شاھ ضلع دادو
۾ علي نواز ٻگھيو جي گھر ۾ ٿيو. پرائمري تعليم
پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ گورنميٽ هاءِ
اسڪول تعلقو خيرپورناٿن شاھ مان 1966ع ۾ پاس ڪئي.
انٽر گورنميٽ ڊگري ڪاليج دادو مان 1969ع ۾
پرائيويٽ امتحان ڏئي پاس ڪئي، ايم.اي، بي.اي سنڌي،
بي.اي انگلش، بي.ايڊ سنڌ يونيورسٽي مان،
ايل.ايل.بي سنڌ يونيورسٽي لاڪاليج حيدرآباد مان،
1985ع ۾ ايم.ايڊ ريگيولر سنڌ يونيورسٽيءَ مان،
1997ع ۾ پاس ڪيائين. 2013ع ۾ ڪمپيوٽر جو ڪورس
ڪيائون. پاڻ ان دور ۾ سنڌي فائينل جو امتحان 1963ع
۾ پاس ڪرڻ مان پوءِ ايس.سي (سينئر ورنيڪيولر) جي
ٽريننگ ٽريننگ ڪاليج دادو مان پاس ڪري 1971ع ۾
گھوڙا ٻاري ضلعي ٺٽي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيا.
تنھن کان پوءِ ٻيهر اسڪول گورنميٽ پرائمري اسڪول
محمد خان شر بلوچ ضلع ميرپورخاص جتي اسڪول جو
بنياد پاڻ وڌائون. اھڙي طرح مختلف اسڪولن ۾
ڊيوٽيون ڪري گورنميٽ مڊل اسڪول خانپور ۾ جتي پاڻ
ڏھه سال رھيا، تنھن کانپوءِ سندن کي 1986ع ۾
پروموشن پڻ مليو، جنھن کانپوءِ ايڇ.ايس.ٽي گورنمنٽ
نيشنل لائينزڊ اشاعت اسلام ھاءِ اسڪول ڪوٽڙي ۾
مقرر ٿيا ۽ ترقي ماڻي. 1994ع ۾ سپروائيزر پرائمري
ايجوڪيشن ڪوٽڙي مقرر ٿيا. جنھن بعد سبجيڪٽ اسپيشلٽ
سنڌي (BPS
17)
گزيٽيڊ آفيسر ٿاڻي بولا خان ۾ مقرر ٿيا. آخر ۾
گورنميٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول مرزا قليچ بيگ ڦليلي
حيدرآباد مان 2005ع ۾ تعليم کاتي . مان ملازمت تان
فارغ ٿي رٽائر ڪيائون.
رٽائرمينٽ کانپوءِ پاڪستان جي مشهور وڪيل اياز
لطيف پليجو سان گڏ وڪالت ڪرڻ لڳا، تنھن کانپوءِ
شوق ۽ دلچسپي ڪري پاڻ ايل.ايل.بي جا ڪلاس وٺندا
ھئا، ۽ جلدي ترقي ماڻي ايوريسٽ لاڪاليج ۾
پڙھايائون ۽ اتي وائيس پرنسپل ٿي رھيا. ان کان
علاوه سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس بي.ايڊ جي شاگردن
کي سنڌي ۽ انگريزي پڙھائيندا رھيا.
سائين سرور نواز ٻگهيو سان ملاقات منھنجي پهرين
دادوءَ ۾ استاد بخاريءَ جي ورسي تي ٿي. جنهن ۾
منھنجي مامي سڪندر علي سومرو منھنجو تعارف سائين
سرور نواز سان ڪرايو، جيڪو پڻ سائين سرور نواز جي
پرستارن مان هڪ پرستار آهي.
مون کان اھا جيڪا سڪ ۽ محبت ۽ لفظن جو مٺاس اھا
دل جي اُڪير نٿي وسري، اھا شخصيت ھئي سائين قادر
بخش قلندر ميمڻ جي جيڪو پڻ مون کي پيار ۽ محبت جو
مجسمو لڳندو آھي، سائين سرور نواز مان به مون کي
اھا سڪ ۽ اُڪير ۽ محبت جي اڻ لکي آسيس ملندي رھي.
هڪ ڀيري سائين سرور نواز منھنجي سالگرهه تي آيو
هو. مون کي سائينءَ پنهنجو ھڪ ڪتاب (شخصيت فن ۽
فڪر جو جائزو) پهريون تحفو ڏنو هو. مون پنهنجي
پهرين مضمون ۾ لکيو آهي ته مان سائين سرور نواز جو
پرستار آهيان. 14- فيبروري 2020 ع تي ويلنٽائن.ڊي
تي بزمِ روح رهاڻ جي طرفان رھاڻ رچائي وئي هئي، ان
۾ مون شرڪت ڪئي هئي. سائين سرور نواز ٻگهيو کي
پنهنجو محبت جو اظهار ڪندي، هڪ گلاب جي گل جو تحفو
ڏنو هو، ان کي پنهنجو محبوب سڏيو ھو. اھا منھنجي
خوشنصيبي آهي جو ھڪ محنتي محبتي، سونھن ۽ سڪ واري
ماڻهوءَ سان منھنجي ويجھڙائي رهي آهي. سائينءَ سان
منھنجي تقريباً هر ھفتي ڪڏهن ڪوٽڙيءَ ۾ ته ڪڏھن
ڄام شوري ۾ ته ڪڏھن حيدرآباد ۾ ملاقات ٿيندي رهندي
هئي.
سائين سرور نواز ٻگهيو جون ڪيل علمي ادبي خدمتون:
سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان 1980ع کان
ڪوٽڙيءَ ۾ ٻائيتاليھ سالن کان سنڌي ادبي سنگت جي
ڪارڪن جي حيثيت سان سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي جي
خدمت ڪئي آهي، سندس جا اٺ ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن،
جن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) غزل جي دنيا (نثري)، (2) عالم سڀ آباد ڪرين
(شاعري)، (3) مرزا شاھ جھان بيگ (نثر تحقيق)، (4)
سرور نواز ٻگهيو شخصيت، فن ۽ فڪر (نثر تحقيق)، (5)
ڪارونجهر جا مور (ٻارن لاءِ شاعري)، (6) اڀر چنڊ
پس پرين (شاعري)، (7) توئي بڻايو قلمڪار (مقالا ۽
مضمون)، (8) قلندر پاڪ جي شاعريءَ جو سنڌي ٻوليءَ
۾ منظوم ترجمو (شاعري) انهن ڪتابن جون مھورتي
تقريبون پڻ ڪرايون، پاڻ ھڪ ادبي سماجي تنظيم سرور
نواز ٻگهيو فائونڊيشن جو بنياد رکيو، جيڪا گذريل
اٺن سالن کان ڪم ڪري پئي، جيڪا پنهنجي مدد پاڻ ڪم
ڪري پئي . سرور نواز فائونڊيشن طرفان جن علمي ادبي
۽ ثقافتي شخصيتن سان شامون ملهائيون انھن ۾
استاد محمد يوسف زنگيجو، پرائمري استاد
خيرپورناٿنشاھ خانصاحب راڳي استاد وحيد علي خان،
خانصاحب راڳي استاد ممتاز علي لاشاري، خانصاحب
راڳي استاد محمد يوسف صنم ماروي، قادربخش مٺو،
امبر مهڪ، مريم مجيدي شاعره، ميڊم شبنم گل شاندار
ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شخصيتن کي حسن ڪارڪردگي
ايوارڊ پڻ ڏنا ويا، جن ۾ شامل آهن:
1. نصير مرزا، بھترين ڪمپيئر ۽ اديب، 2. گلبدن
جاويد مرزا بھترين شاعره، 3. ڄام صنم سنڌي، بھترين
نثر نويس، . خليق ٻگهيو، بھترين شاعر، 5. اختر
رند، بھترين ڪھاڻيڪار۽ ڊراما نويس، 6. نازش فاطمه،
بھترين سماجي خدمتون، 7. نور محمد آرائين، بھترين
شاعر، 8. جي ايم اصغر، بھترين اردو شاعر، 9. واحد
ڪانڌڙو، بھترين آرگنائيزر، 10. محبوب سنڌي، بھترين
ليکڪ، 11. عاشق دادوي، بھترين انقلابي شاعر، 12.
سندر سنڌي، بھترين اسٽيج سيڪريٽري، 13. شوڪت ميمڻ
صحافي، بھترين صحافي، 14. اسماعيل باريجو صحافي
بھترين صحافي.
سائين سرور نواز ٻگهيو جا ڪلام ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد، خيرپورميرس ۽ پي.ٽي.وي اسٽيشن ڪراچي تان
مختلف فنڪارن جي آواز۾ ريڪارڊ ٿيل آهن، جيڪي اڄ
سوڌو جاري آهن ۽ جن فنڪارن جي آواز ۾ ڳايل آهن
انهن ۾ جلال چانڊيو، ممتاز علي لاشاري، حنيف
لاشاري. پي.ٽي.وي ڪراچي تان ڳايل ڪلام فنڪارن ۾
الھداد زرداري، طاهر علي مٺو، زبيده ڪرن، سرور
سخيراڻي، سرمد اياز، واجد صديقي، شھمير سرگاڻي،
ڦوٽو جوڳي، اقرار وحيد علي خان ۽ امير علي خان
شامل آهن تنهن کان علاوه ٻڌايو پيو وڃي ته لاڙ جي
پاسي شادين مرادين ۾ ثمينه ڪنول صاحبه به سائين
سرور نواز جا خوشين جا گيتَ ڳايا آهن ۽ ھاڻي امبر
مهڪ صاحبه به ڪجھ قصيدن کي طرزون ڏنيون آهن.
سائين سرور نواز ھڪ تخليقڪار، نثر نويس، ليکڪ شاعر
جي حيثيت ۾ ڪيترن ئي مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنسن جي
سيمينارن ۾ انھن ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جا
مشاعرا ھجن، ڪي.ٽي.اين يا پي.ٽي.وي جا مشاعرا ھجن
تن م پنهنجي تخليقن سان گڏ ڀرپور نموني شرڪت ڪندا
رهيا، پاڻ طرحي مشاعرن۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪندا
رهيا آهن، جڏهن ته ڪڏهن طرح مصراعن کي درست به پڻ
ڪيو آهي، پاڻ ڪيترائي ادبي شاگرد پيدا ڪيائين، پاڻ
ڪنهن رسالي ۾ ٽيھتر شاعرن جي اصلاح به ڪئي. سائين
سرور نواز ٻگهيو کي جيڪي علمي ادبي، ثقافتي، سماجي
۽ انساني خدمتن جي عيوض جيڪي ايوارڊ، شيلڊون ۽
سرٽيفڪيٽ مليل آهن آھي ھن طرح آھن:
سگا مرڪز طرفان انٽرنيشنل سچل ڪانگريس ڪراچي
انٽرنيشنل ايوارڊ، (ڊاڪٽر سليمان شيخ جي دور ۾)،
نئين زندگي رسالي طرفان ملهايل گولڊن جوبلي
ڪانفرنس ۾ يادگار مڃتا ايوارڊ (نياز همايوني
ھٿان)، سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي طرفان ادبي خدمتن
عيوض مڃتا ايوارڊ (2016ع)، سنڌي ادبي سنگت مرڪز
سنڌ طرفان رھاڻ رچائي وئي ھنڌ سنڌ لينگويج
اٿارٽي ھال ۾ (2016ع)، انڊس اينٽليڪچوئل انسٽيٽيوٽ
ضلعي ڄامشوري پاران انڊس اعزازي ايوارڊ 20-2019ع،
سنڌ عباسي ڪلھوڙا تنظيم مرڪز طرفان ٻه ڀيرا ٻين
ٽين پوزيشن ايوارڊ ، مخدوم نوح سرور تي مقالا
نويسي ۾ سڄي سنڌ ۾ پھريون نمبر ايوارڊ کين ٻه
ڀيرا مليو، بزم روح رھاڻ پاران حميد سنڌي ايوارڊ
2021ع، شھباز ايوارڊ 2022ع قلندر پاڪ جي ميلي تي
(ڊپٽي ڪمشنر ڄام شورو جي ھٿان)، 24- مارچ 2022ع تي
مليو، جنھن ۾ ھو پاڻ راقم الحروف کي ساڻ وٺي ھليو
ھو ۽ ھر وقت گڏ ڪچھريون ڪندو رھندو.
سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي پاران علي بابا ايوارڊ
2023ع ۾ ڏنو ويو.
سائين سرور نواز ٻگهيو، ادبي گڏجاڻين جي لاءِ ھڪ
پارڪ، باغ رکايو، جنهن جو نالو ’ڄاماڻي گلشن‘
ڪوٽڙي آهي.
ھيءُ مورن جھڙو پيارو ماڻھو سنڌ کان 18 اپريل
2023ع تي ھميشه لاءِ موڪلائي ڪري ويو، پر سندس
علمي ادبي خدمتون ھميشه زنده رهنديون.
کيس سندس ڪيل وصيت مطابق سندس گھر جي اڳيان ڄاماڻي
گلشنِ باغ ۾ سپردِ خاڪ
ڪيو ويو.
حسيب
ناياب منگي
شعبان ’بخت‘ سنڌي ادب جي تاريخ جو سٻاجهو ڪردار
سائين شعبان ’بخت‘ ولد رسول بخش منگيءَ جو جنم
پهرين جنوري 1932ع تي سنڌ جي مشهور شهر ڪشمور ۾
ٿيو. والدين جو ڇٺيءَ جو نالو ته الهه بخش، سندس
ڏاڏي مرحوم الهه بخش عرف ملان بخشو منگي جي نالي
پٺيان رکيو هو، پر شعبان مهيني جي 3 تاريخ تي ڄمڻ
ڪري پنهنجي ڏاڏاڻي خاندان ۾ محمد شعبان به سڏيو
ويو، اڳتي هلي اهو ئي نالو عام ٿي ويس.
ابتدائي
تعليم گورنمينٽ سنڌي پرائمري مين اسڪول ڪشمور مان
حاصل ڪري گورنمينٽ اي. وي اسڪول ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ سال،
گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ ايليمينٽري ڊرائنگ
۽ سنڌي ورنيڪيولر پاس ڪري، گورنمينٽ ميونسپل هاءِ
اسڪول جيڪب آباد ۾ پڙهيو. 1952ع ۾ مئٽرڪ سنڌ مدرسي
ڪراچيءَ مان پاس ڪري سروري اسلاميه ڪاليج هالا
نوان ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ ويو. تعليم دوران ئي
پروفيسر ڪريم بخش چنه جي مشوري سان ’اسلاميه مڊل
اسڪول پاٽ‘ ۾ اُستاد ٿيو. ٿورڙي ئي عرصي ۾ اها
نوڪري ڇڏي وليج ايند پبلسٽي سيشن سان سلهاڙجي ويو.
ان وچ ۾ انٽر جو امتحان به پاس ڪيائين. ها مگر
اڳتي چاهيندي به پڙهي ڪين سگهيو. دل جي دنيا ڪڏهن
کيس ڪٿي پهچايو ته ڪڏهن ڪهڙي نوڪري ڪرڻ لاءِ آماده
ڪيو پر هڪ هنڌ رهي نه سگهيو. ننڍي هوندي کان دلي
تمنا هوندي هئس ته وڪيل ٿيندس، سندس والد چاهيو
پئي ته روينيو کاتي ۾ ملازمت ڪري. ٻنهي جا خواب
پورا ٿي نه سگهيا. سائين شعبان ’بخت‘ مالي حالتن ۽
گهريلو پريشانين سبب مختلف نوڪريون ڇڏي ڪشمور ۾
’اقبال ڪتاب گهر‘، حبيب ڪارنر‘ ۽ ’ايس بي ڪتاب
گهر‘ جي نالن سان وقت بوقت ڪتب فروشيءَ جا دڪان پڻ
کوليا هئا.
سائين شعبان ’بخت‘ گهڻن ئي ادبي رسالن ۽ اخبارن جو
اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ ايڊيٽر ٿي رهيو. هالا مان نڪرندڙ
هفتيوار ’ڪوثر‘ جو 1953ع کان ۽ ماهوار ’فردوس‘ جو
1953ع کان 1957ع تائين اول سب ايڊيٽر، پوءِ اسسٽنٽ
ايڊيٽر ۽ مئنيجر ٿي رهيو. ماهوار ’ڳوٺ سڌار‘
حيدرآباد رسالي جو 1958ع کان 1961ع تائين اول
اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ پوءِ ايڊيٽر ٿي رهيو. سائين بخت
صاحب جي نگرانيءَ ۾ هيءُ رسالو ادبي دنيا اندر
پنهنجو مٽ پاڻ ثابت ٿيو. اهڙي ريت سترنهن سال
مسلسل 1975ع کان 1992ع تائين اطلاعات کاتي جي
مشهور سنڌي ادبي رسالي ماهوار ’نئين زندگي‘ جو
جوائنٽ ايڊيٽر ٿي رهيو. ان کان علاوه اخبارن ۾
عبدالڪريم ’گدائي‘ ۽ غالب لطيف جي فرمائش تي،
روزاني سارنگ جيڪب آباد جو 1966ع کان 1967ع تائين
اسسٽنٽ ايڊيٽر، 1973ع کان 1975ع تائين روزاني هلال
پاڪستان سکر جو سب ايڊيٽر ۽ 1992ع ۾ شڪارپور مان
پنهنجي والد مرحوم حق نواز ’نقش‘ ناياب منگي جي
تخلص پٺيان نڪرندڙ هفتيوار اخبار ’ناياب‘ جو گهڻو
ئي عرصو ايڊيٽر به ٿي رهيو. هفتيوار ’ناياب‘
شڪارپور جو باني مشهور اديب، صحافي ۽ پبلشر غلام
رسول ميمڻ هو.
شعبان ’بخت‘ کي شاعريءَ سان دلچسپي ننڍپڻ کان وٺي
هئي پهريون شعر 1941ع ۾ لکيو هئائين، جنهن کان
پوءِ پنهنجي وڏي ڀاءُ عبدالخالق ’مجروع‘ کان اصلاح
ڪرائڻ لڳو، اڳتي هلي رشيد احمد لاشاري ۽ الهه بخش
’سرشار‘ عقيلي جي صحبت ۾ اڃا وڌيڪ پڪو ۽ پختو ٿي
نه صرف پنهنجو ڪلام شايع ڪرائڻ لڳو پر مشاعرن ۾ به
پيش ڪندو رهيو. هن جو ڪلام پاڪستان ٽيلويزن ۽
ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشنن تان ڳايو به ويو.
شعبان ’بخت‘ ڪشمور جو رهواسي هو، سندس ڪويتائن سان
سنڌي ادب ۾ اڄ به روشني جاري آهي. هن جي ٽڙيل
پکڙيل ڪلام ۾ مختلف پهلوئن جون مالائون انسان ذات
جي رنگ ۽ ڍنگ جو حوالو آهن. هن جي لفظن جي رواني
صاف ظاهر ٿي ڪري ته سندس جذبات ۽ احساس توڙي خيال
ڪيڏا نه بُلند هئا. هن سنسار کي ڪيڏو نه پنهنجو
بڻائڻ جو خواب ڏٺو ۽ پنهنجي ديس جي رهواسين جي
سُورن کي ڪيئن نه پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيو.
شعبان ’بخت‘ جي سڃاڻپ سنڌي ادب ۾ اديب ۽ شاعر کان
علاوه صحافتي حوالي سان به روشن آهي، هن جون نثري
ڪاوشون ۽ صحافتي خدمتون ان وقت نه صرف پسند ڪيون
ويون، پر اهي پنهنجو مٽ پاڻ به هيون. مون مختلف
رسالن ۾ سندس ڇپيل ڪلام کي پڙهي ڏٺو آهي ته سندس
شاعري وڻندڙ ۽ معياري آهي. هن جي شاعريءَ ۾
زندگيءَ جا عڪس ڏسي سگهجن ٿا. هُو ڏُکن، سُکن،
وفاداري، بي وفائي، ايمانداري، بي ايماني، پيار،
نفرت، حق گوئي، آواز دٻائڻ سميت سماج جي جملي
خوبين ۽ خامين کي بيان ڪري پڌرو ڪري ويو ته شاعر
اهو هوندو آهي، جيڪو پنهنجي دور جي صحيح نموني
عڪاسي ڪري سگهي.
اي هم نفسو! ڪجهه سوچيو، ڪجهه سوچيو ۽ ويچار ڪريو،
هن جڳ ۾ کيل رچايو ڪنهن،
ڌرتيءَ تي اُڀ سجايو ڪنهن،
مخلوق جو ميلو لايو ڪنهن،
هر رنگ ۾ پاڻ پسايو ڪنهن،
مفتي ئي ويهاري من ۾، جو حق سمجهو نروار ڪريو،
اي هم نفسو! ڪجهه سوچيو، ڪجهه سوچيو، ويچار ڪريو،
نفرت سان ڪڏهن اُلفت ٿي ملي،
ڪُلفت سان ڪڏهن قربت ٿي ملي،
فتني مان ڪڏهن فرحت ٿي ملي،
جهيڙي سان ڪڏهن رغبت ٿي ملي،
ڪُلفت ۽ ڪدورت ساڙي، اُلفت جو فقط پرچار ڪريو،
اي هم نفسو! ڪجهه سوچيو، ڪجهه سوچيو، ويچار ڪريو.
سائين شعبان ’بخت‘ سماج جو هڪ باشعور فرد هو، هڪ
طرف صحافت سان وابسته هر روز ظلم ۽ ڏاڍ، قتل ۽
ناانصافين جي خبرن تي نظر! ٻي پاسي شاعر هئڻ ناتي
سندس من جو ماڻهپو هر ڏاڍ ۽ ظلم تي، ناانصافيءَ ۽
جفائن تي لُڇندو رهندو هو. هن جون ڪويتائون جڏهن
اڄ سامهون اچن ٿيون ته سچ پچ سندس شاعراڻي خوبين
جو اعتراف ڪرڻو ٿو پوي. هُو نفسانفسيءَ جي هن جهان
۾ رهندي ڪهڙي ريت دل جي ڳالهه ڪري رهيو آهي،
ساهه جي ڄڻ صدا، بي صدا ٿي وئي،
ڪل وسنهن، ڪربلا ڪربلا ٿي وئي.
ماڻهپي تي ڀروسو نه باقي رهيو،
اهڙي زهريلي ظالم فضا ٿي وئي.
بي خطا بيڪسن جا جهڳا جهڻ ٿيا،
يا خدا! ڪهڙي اربع خطا ٿي وئي.
قهر ٿي ويو، غضب ٿي ويو، قتلام ٿيو،
ڏاڍ ڏُهڪاءُ جي انتها ٿي وئي.
ٿي ويو اهڙو بي معنى ماڻهپو؟
ظلم جي سرسي هينئن ڇو ڀلا ٿي وئي.
سائين شعبان ’بخت‘ پنهنجي شاعريءَ وسيلي ڌرتيءَ تي
امُن جو پيغام ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن جا گيت ۽
نظم پيار ۽ پنهنجائپ جي پيام سان سرشار آهن. هر
شاعر جيان هُو پنهنجي ڪلام ۾ مختلف جاين تي
انقلابي راهون ڏيکاريندي به نظر اچي ٿو ته ٻي پاسي
قوم کي بيدار ڪرڻ ۾ پوئتي نٿو هٽي. هن جون سوچون ۽
خيال منجهيل نوجوان لاءِ حوصلي جو ۽ جوش جذبو پيدا
ڪرڻ جو سبق ڏين ٿيون. هن انهن رهزنن تي به خوب
لکيو، جيڪي رهبريءَ جي چادر هيٺ رهنما بڻجي قوم جو
ٻيڙو غرق ڪرڻ ۾ ڪوشان آهن. سندس اهڙا ڪلام گهڻي
ڀاڱي اشاعت هيٺ آيل آهن. هڪ نظم ۾ پنهنجا خيال
ڪجهه هن ريت پيش ڪري ٿو،
هر فرد بشر جو مان ٿئي، انسان جي عزت آن ٿئي،
هر شرف شرافت ساڻ هجي، نيڪي ئي ان جو ماڻ هجي،
هر فرد بشر آهي پيارو، ملت جي مقدر جو تارو،
جمهور اهو ئي چاهي ٿو، جمهور اهو ئي چاهي ٿو.
ڪو زور نه ٿئي زر مال ڪري، ارڏو ٿي نه استحصال
ڪري،
جو سوچ ڪري پر ماريءَ جي، ماڻهن جي دل آزاريءَ جي،
ان کي نه ڪا واٽ نه واهه ملي، ان کي نه ڪا پٺ
پناهه ملي،
جمهور اهو ئي چاهي ٿو، جمهور اهو ئي چاهي ٿو.
سائين شعبان ’بخت‘ جي شاعريءَ ۾ غزل، نظم، بيت،
وايون، ڪافيون، آزاد نظم ۽ رباعيون ئي نه، پر حمد،
نعت، منقبت، ۽ مرثيا به لکيل ملن ٿا. سندس ڪلام
آزاد خياليءَ سان گڏوگڏ روشن مثاليءَ جا نمونا به
پيش ڪري ٿو. شاعر پنهنجي ڪلام ۾ مذهبي رنگ جو به
استعمال ڪيو آهي. اهڙي سوچ واضح ڪري ٿي ته هُو هر
پهلوءَ تي لکندڙ ۽ هر قسم جي شعر لکڻ جو ڄاڻو هو.
سندس لکيل مولود ۽ نعت ته گهڻي ڳاڻيٽي ۾ محفلين ۾
پڻ پيش به ٿيا آهن. اهڙي ريت سندس ڪلام جو چڱو حصو
حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق ظاهر ڪندڙ حضرت امام عالي
مقام حسين عليہ السلام جن جي شان ۾ به لکيل آهي:
ايثار محبت جي ضرورت آهي،
ايثار ئي سچ ساڃهه جي صورت آهي.
ايثار جي جنهن ماڳ تي پهتل آ حُسين،
الله تي ايمان جي پورت آهي.
سائين شعبان ’بخت‘ جي شاعري ۾ هجر ۽ وصال، عشق ۽
پيار جا بهترين نمونا دلڪشيءَ سان بيان ٿيل نظر
ايندا، هن جو ڪلام دل ۽ دماغ کي طراوت بخشڻ جو سبب
به آهي ته اثر ڇڏيندڙ پڻ آهي. هن جو انداز بيان
وڻندڙ به آهي ته پڙهندڙ جو ڌيان پاڻ ڏانهن
ڇڪائيندڙ به آهي. مڃڻو پوندو ته نظم سان جهڙيءَ
ريت سائين شعبان ’بخت‘ نڀائي ويو آهي، سو سندس
شاعراڻي ڏات جو اعتراف ڪرائي ٿو ۽ واضح ٿئي ٿو ته
سائين شعبان ’بخت‘ نظم جي هر صنف ۾ ڪاميابي حاصل
ڪئي، پر افسوس جو اها ڪاميابي ڪنهن کي نظر ئي نه
آئي جو هُو نصاب ۾، گهرائيءَ سان تاريخ ۾ ۽ اهل
ادب جي دل يا نظر ۾ اچي سگهي، سندس تذڪرو ٿئي ۽
نئين نسل کي هن پرخلوص ۽ باهمٿ شاعر جي خبر پئجي
سگهي. جڏهن ته ڏٺو وڃي ٿو ته سائين شعبان ’بخت‘ جو
شاعريءَ ۾ آيل پيغام انسانيت، جدوجهد ۽ محبت آهي.
محبت جو دم ئي دنيا هلائي،
متان ڪو محبت کان مُنهڙو مٽائي،
محبت جو آهي اهو پاڪ جذبو،
ڌڻي جنهن سان دنيا کي آهي بنايو،
محبت سان ئي جڳ پيو جڳمڳائي،
متان ڪو محبت کان مُنهڙو مٽائي.
محبت شريعت، محبت طريقت،
محبت حقيقت جي آهي حقيقت،
محبت ٿي رب، معرفت سان ملائي،
متان ڪو محبت کان مُنهڙو مٽائي.
محبت سان آهن هي نوري نظارا،
هيءُ روشن سدا سج ۽ چنڊ تارا،
محبت دلين مان ٿي اوندهه هٽائي،
متان ڪو محبت کان مُنهڙو مٽائي.
هيءُ تون ڪير، مان ڪير، تون ڇا ۽ مان ڇا؟
اناڙ ۽ اياڻپ جا رڳڙا ۽ جهڳڙا،
محبت ئي ٿي اهڙا ساڙا ڇڏائي،
متان ڪو محبت کان مُنهڙو مٽائي.
محبت قلندر، محبت ڀٽائي،
محبت ئي آهي سچل جي سچائي،
محبت ئي ٿي ’بخت‘ ويڇا وڃائي،
متان ڪو محبت کان مُنهڙو مٽائي.
سائين شعبان ’بخت‘ متعلق اياز قادري لکي ٿو ته،
”بخت سنڌ جي پرگو شاعرن مان هڪ آهي. شاعريءَ جي هر
صنف ۾ آسانيءَ سان طبع آزمائي ڪري سگهي ٿو ۽ سندس
شاعريءَ ۾ جديد ۽ قديم رنگ جو عجيب ميل آهي. سندس
غزلن ۾ گهڻي رواني ۽ سلاست آهي. سندس خيال وڻندڙ ۽
پيارا آهن جن ۾ غمِ دوران جو ذياده ذڪر هوندو
آهي.“ (سنڌي غزل جي اوسر ص 477).
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو لکي ٿو ته، ”شعبان بخت هن
دور جي انهن شاعرن جي گهڙيل راهه جو راهي آهي جن
کي پنهنجو منفرد اسلوب بيان آهي، هن جي ڪلام ۾
سادگي، رواني ۽ ڏات سمايل آهي ..... سندس جذبا ۽
خيال نت نوان، جوان ۽ رهنما اصولن تي مشتمل
آهن.... شعبان بخت جا مثال، ٻولي ۽ تشبيهون
ڌاريون نه آهن. جيئن سندس طبيعت سانتيڪي ۽ ماٺيڻي
رهي آهي، تيئن سندس ڪلام به سادو، سچو ۽ ماٺيڻو
پيو لڳي.“ (سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ص 57).
نثر جي شروعات 1947ع کان ڪيائون، 1948ع کان 1975ع
تائين سندن لکيل ناٽڪ ۽ ڊراما ڪشمور هالا ۽ پاٽ
اندراسٽيج تي پڻ پيش ڪيا ويا. مگر ڪتابي صورت ۾
يڪجا ٿي نه سگهيا ’انصاف محمودي‘ جي عنوان سان نيم
تاريخي افسانو، پهرين ڇپيل نثري تحرير آهي جيڪا
ماهوار ’اُميد‘ ڪراچي جي آڪٽوبر 1950ع واري شماري
۾ ڇپيل نظر اچي ٿي. اهو ئي نه پاڻ ٻيا به ڪيترائي
افسانا لکيائون جيڪي ماهوار ’نئين زندگي‘ سميت ٻين
ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيا. ان کان علاوه
سندس لکيل تاريخي، تحقيقي تنقيدي ۽ ادبي مضمون سون
جي تعداد ۾ ڇپيل آهن، مگر افسوس جو ڪتابي صورت ۾
شايع ٿي نه سگهيا آهن. 1958ع کان وڏي عرصي تائين
ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ حيدرآباد اسٽيشن تان سوين
مذهبي، ادبي، ثقافتي، سماجي ۽ تاريخي تحريرون ۽
تقريرون پيش ڪندو رهيو. روزاني ’سارنگ‘ ۾ مسلسل هڪ
سال مزاحيه ڪالم ’اوڀاريون لهواريون‘
به ’ڇتي ڪوري‘ جي نالي سان لکندا رهيا. 1967ع کان
پوءِ ساڳيو ئي ڪالم ساڳئي قلمي نالي سان عبدالڪريم
’گدائي‘ لکڻ لڳو هو. 1973ع کان روزاني هلال
پاڪستان سکر ۾ سندس مزاحيه ڪالم ’دما دم مست
قلندر‘ جي عنوان هيٺ ڇپيل ملي ٿو.
سائين شعبان ’بخت‘ جا ڪجهه ڪتاب ’شغل شباب‘
(شاعريءَ جو مجموعو 1957ع)، ’ور وطن ڄائي‘ (ترجمو
ڪيل ناوليٽ 1961ع) ’اکڙيون اوجاڳڙيون‘ (طبعزاد
ناوليٽ 1964ع) ۽ ’موت کان پوءِ جياپو‘ (ترجمو
2000ع) وغيره سندس حياتيءَ ۾ ڇپجي پڌرا ته ٿيا مگر
هاڻي بلڪل ناياب آهن. ان کان علاوه سندس هڪ ڪتاب
’راز و نياز‘ (خطن جي آڌار تي رومانوي افسانو)
سندس دوست الهه بخش چنا جي نالي سان ڇپيل آهي.
ارمان ٿئي ٿو ته سائين شعبان ’بخت‘ جو سنڌي، اردو
۽ سرائڪي ڪلام جو ڪليات پڻ ڇپجي نه سگهيو آهي. سچ
اهو آهي ته سندس سموري ڪلام کي خصوصيت حاصل آهي.
سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪن وارا ڇپيل طويل نظم ته پنهنجو
مٽ پاڻ آهن. تن مان ٻن نظمن جا ڪجهه بند پيش ڪري
رهيو آهيان.
1
خاموش رهو ۽ ڪجهه نه ڪُڇو، ڪيئن دنيا قهر ڪمائي
ٿي،
ڪئن سونهن لُٽي سرچائي ٿي، ڪئن ماري پوءِ مڃائي ٿي
ڪئن زيست ۾ زهر ملائي ٿي،
۽ پنهنجا قرب ڳڻائي ٿي، تڙپائي وري تڙپائي ٿي، ته
به چُپ جي واٽ وٺائي ٿي،
بس ڏسندا رهو، ڏسندا ئي رهو خاموش رهو ۽ ڪجهه نه
ڪُڇو!
ڪئن وصل جو ٿو واپار هلي، سڪ سوز جو ڪاروبار هلي،
ڪئن ڪوڙ ڪپت ۽ ڪيني جي،
ڀرپور پئي بازار هلي! دک دوکي جي مڪروز فضا، ڪئن
موت جا گيت سُڻائي ٿي!
خاموش رهو ۽ ڪجهه نه ڪُڇو!
ڪئن جيڪي دنيا دار آهن، مڪار وڏا عيار آهن، نادارن
کي ڳڙڪائڻ لئه،
جي مانگر مڇ چؤڌار آهن! ڪئين وات پٽي يلغار ٿا ڪن،
ڪئن ڪمزوري گهٻرائي ٿي!
خاموش رهو ۽ ڪجهه نه ڪُڇو!
جي ديس جي لاءِ سِر دان ٿا ڪن، احسانن تي احسان ٿا
ڪن، جي سانگيئڙن جي سُکڙن لئه،
پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ٿا ڪن! ڪئن تن کي پنهنجن جي
غفلت، وک وک تي ونگ وجهائي ٿي!
خاموش رهو ۽ ڪجهه نه ڪُڇو!
(صداقت جيڪب آباد 13 مئي 1963ع)
2
اي منهنجا وطن محبوب وطن، قربان ڪريان توتان تن
من،
پر آهي رهڻ هتي ڏاڍو ڪٺن! اي منهنجا وطن محبوب
وطن!
طبقن ۾ ورهايون ”انسان“ کي، انسان جي دين ۽ ايمان
کي،
قرآن کي ڀي پُرڻائي ڇڏيون، الله کي ائين سرچائي
ڇڏيون،
قبرن لئه ڪروڙين ڪيس ٿا ڪن، اي منهنجا وطن محبوب
وطن!
ٿيو چرچو چور چڪارن جو، زردارن جي غمخوارن جو،
سُرها ٿيا سُڃن کي آزاري، اڳ مُئلن کي ويتر ماري!
جئن بَڇ جا ڪُتا بُڇڙا ٿا ٿين، اي منهنجا وطن
محبوب وطن!
زر مال ۽ زن جو زور ٿيو، بي پهچ سُڃو هت چور ٿيو،
قوت سان ڪميڻن مان مان لڌو، شهرت سان شريرن شان
لڌو،
سُري تي چڙهن سچ جيڪي چون، اي منهنجا وطن محبوب
وطن!
(هفتيوار آزاد ڪراچي 26 جولاءِ 1965ع)
سائين شعبان ’بخت‘ 1996ع کان پوءِ علم ادن جي دنيا
کان پاسيرو ٿي ويو هو. گوشه نشيني اختيار ڪندي
ڪشمور ۾ ئي رهيو، جتي 27 فيبروري 2020ع تي وفات
ڪيائين.
ويادار دنيا مان نوبت وڄائي،
ملائڪ صفت مهربان ڪهڙا ڪهڙا.
(سانگي)
مددي ڪتاب: (1) انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، (2) سنڌي
غزل جي اوسر، (3) سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، (4)
سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، (5) سنڌي ادب ۾ تنقيد
نگاري، (6) سنڌي ادب جي تاريخ، (7) بيت سٽا ۽
اوسر. (8) ماهوار نئين زندگي، (9) ماهوار ڳوٺ
سڌار، (10) ماهوار پيغام ۽ (11) ٽه ماهي مهراڻ جا
مختلف پرچا، (12) منهنجي والد مرحوم ”نقش“ ناياب
منگيءَ ڏانهن سندس استاد سائين شعبان بخت جا لکيل
خط.
رکيل مورائي
ناول- سنڌي
ناول ۽ رسول ميمڻ
سڀ کان اول ته مان ان ڳالهه جي چٽائي ڪري ڇڏيان ته
ڄاڻايل موضوع جي دائري ۾ اهو سڀ ڪجهه ناول بابت
چئي نه سگهندس،
جيڪو موضوع جي دائري ۾ ماپي سگهي. موضوع هڪ مقالي
جو آهي ۽ هيءُ مقالو بنهه نه آهي، ڪنهن به صورت ۾
هي منهنجا ويچار آهن،
جن جو مقصد سنڌيءَ ۾ لکندڙ ناول نويسن کي پاڻ بابت
سانڍيل هڪ خوش فهميءَ کان پاسي ڪرڻ آهي ۽ ڪجهه
سنڌي، خاص طور سنڌ ۾ لکيل ناول جي اها تعريف ڪرڻ
آهي،
جنهن ۾ هُو
بانبڙا پائڻ کان وڌي شايد سڌو بيهڻ لڳو آهي.
اها
ڳالهه ته مان يقين سان چوندس ان ناول جي اڄ ۾،
يعني ايڪهين صديءَ جي گذريل 22 سالن ۾ جيترو حصو
تخليقي طور رسول ميمڻ جو آهي، شايد ڪنهن سنڌي ناول
نويس جو ان کان ٿورو گهٽ هجي. حوالو موضوعن جو نه
آهي، ڇاڪاڻ ته پوسٽ ماڊرن ناول جيڪڏهن سنڌ جا ناول
نويس چون ٿا ته سنڌيءَ ۾ آهي ۽ خاص طور سنڌ ۾ آهي
ته اهو موضوع جي ڪنهن به محتاجيءَ جو گهرجائو آهي،
موضوع،
پوسٽ ماڊرن ناول جي گهرج نه آهي.
سنڌ جي ناول تي ڪا ميار مڙهي نٿي سگهجي ڇاڪاڻ جو
اهو عالمي ناول جي ڀيٽ ۾ اچي نه سگهندو گهڻي ڪوشش
ڪرڻ باوجود! ٿيوري آف دي ماڊرن ناول جي لکت موجب ”
ناول جي صنف عالمي ادب ۾ نسبتن هاڻوڪي صنف آهي.
شعر و شاعري ۽ ناٽڪ نويسيءَ جي ڀيٽ ۾ يورپ جتان
هيءَ صنف آئي آهي، وڌي ويجهي آهي اتي به هن جي عمر
اڍائي ٽن سئو سالن کان وڏي نه آهي.
ناول جي يورپي نقاد جان حال پيرين جو هيءُ لکڻ
ڪافي دلچسپ هجڻ سان گڏ اهم پڻ آهي ته، عيسيٰ مسيح
ٻارهن سالن جي عمر ۾ گهر ڇڏيو، شعر جي عمر ان وقت
به ڪن هزارن سالن جي هئي، ناٽڪ به سوين سال عمر
ماڻي چڪو هُئو، ان جي برعڪس ناول جي عمر هن وقت
ڏيڍ صديءَ کان وڏي نظر نٿي اچي.
ان
تنقيدي ڪٿ کان پوءِ ترجمن کي الڳ ڪري سنڌي جو
پهريون ناول ”زينت“ کي قبول ڪريون ته ان جي عمر به
اسان کان ڳجهي ڪا نه آهي. 1890 ان کان پوءِ سنڌي
ٻوليءَ جي(سنڌ جي نه ) پهرئين ماڊرن ناول، هڪ شخص
جي واسنا 1962ع کان اڄ تائين ايندي سنڌي ناول جي
تعريف جيڪا ناول نويس ڪن ٿا، قبولڻ جهڙي بنهه نه!
جيڪا نقاد ڪن ٿا ان جو ڪجهه حصو ادب /تنقيد ۽ باقي
خوش فهمي.
اها
تعريف سنڌي ڪهاڻي وڌيڪ لهڻي، جنهن ۾ به پوين سالن
۾ سگهارو حصو آهي،
اسان جي اهم ڪهاڻي نويس
رسول ميمڻ صاحب جو،
پر جيئن ته منهنجو موضوع ناول آهي ۽ اهو به فقط
رسول ميمڻ جو.
سنڌي ناول بابت هڪ گُهر/سُوال اِهو به آهي ته ان
جي افسانوي فن، ٻوليءَ،
سماجي، شعوري ۽ تاريخي ماڻن ماپن ۽ ادبي قدرن جي
ڪسوٽيءَ تي، اهڙن سببن کي تلاشڻ جي ڪوشش ڪئي وئي
آهي؟ جيڪڏهن جواب ها ۾ آهي ته اهو ناڪافي آهي، اهو
سڀ اڄ جي اڀياس ۾ نئون نه آهي، ان ڪري رسول ميمڻ
جي ناولن جي ڪٿ لاءِ مناسب نه آهي.
عالمي ادب ۾ اهو ته طئي ٿيل آهي ته چڱي خاصي ڊيگهه
واري نثر ۾ لکيل آکاڻيءَ
کي ناول ڪوٺجي ٿو. ان جي جديد تنقيدي اڀياس کي الڳ
ڪري ڏسبو ته ناول جي پهرين ۽ بنيادي ضرورت ڪٿا يا
آکاڻي آهي. ان جي تخليقي رٿا يا پلاٽ، واقع نگاري،
ڪهڙي ٿي شڪل اختيار ڪري اهو پوءِ جو مسئلو آهي،
اهو به پوسٽ ماڊرن ناول لاءِ ڪٿي ضروري آهي؟
ڪالهه جو اعليٰ اديب کلندي کلندي، هزار صفحن کان
وڌيڪ صفحن تي لکيل مواد کي ناول جو نالو ڏيندو هئو
۽ سنڌي اديب سهڪي سهڪي ڏيڍ سئو صفحن جي ڪهاڻيءَ کي
ناول جو نالو ڏئي هڪ خوش فهمي پالي ٿو. ادب جا
سنجيده پڙهندڙ ان ڏانهن سچيت نه آهن. اهو الڳ
الميو آهي.
سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر جي سنڌي جديد ناول جو سهرو
ڪنهن به طرح آنند کيماڻي جي سِرَ تي آهي، موهن
ڪلپنا ۽ لال پشپ پوءِ ذڪر هيٺ اچن ٿا، باقي سڀ نه
ته ان جو وڏو حصو ميڊيا ڪري آهي. اوترن ئي ٿورن
صفحن جي ڪهاڻيءَ کي جديد ناول جو روپ سنڌ ۾ ڏيڻ
وارن حليم بروهي ۽ ماڻڪ کان پوءِ جيڪي اهم نالا
آهن انهن ڏيڻ سان مضمون ناولن ۽ ناول نويس جي لسٽ
بڻجي، ان کان بچڻ لاءِ مان سڌو نالو رسول ميمڻ جو
وٺان ٿو. ماڊرن ناول جي حوالي!
پوسٽ ماڊرن ناول سنڌ ۾ جڏهن لکيو ويو ته ان تي بحث
جي گنجائش ضرور نڪري ايندي ايستائين چئبو ته
ماڊرن ناول ايڪهين صديءَ
جي 22 سالن ۾ جنهن ليکڪ تيزي سان اڳتي آندو آهي،
ان جو نالو رسول ميمڻ آهي، سنڌ جي ناول لکندڙن کي
ان پد تي رسڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ڪرڻي پوندي. رسول
ميمڻ جي
ناولن جا موضوع ڪهڙا آهن انهن جي باريڪين تي نقادن
کي لکڻ گهرجي،
جيڪي نه لکي سگهندا. سبب سنڌي ادب جا ورهايل گروپ
آهن، هرهڪ گروپ وٽ پنهنجو هڪ نقاد آهي ۽ رسول ميمڻ
شايد ڪنهن گروپ جو لکندڙ نه آهي، هُو
سنڌي ادب جو لکندڙ آهي.
مان ممتاز مهر صاحب جي ان راءِ سان سئو سيڪڙو کان
وڌيڪ سهمت آهيان ته ادب ٻولين جو ٿيندو آهي، سرحدن
جو بنهه نه. اردو ادب جتي به لکيو وڃي اهو اردو
ٻوليءَ جو ادب آهي، ائين دنيا جي سڀني ٻولين لاءِ
آهي.
برابر سنڌي ادب سرحدي پابندين جي ڪري سمورو ميسر
ڪنهن به سنڌي اديب کي نه ٿيو آهي، پر سنڌيءَ ۾
2000ع کان پوءِ لکيل پي.ايڇ.ڊي
مقالن مان ڪهڙو مقالو آهي، جيڪو
ڪنهن به ادبي صنف تي سنڌي ادب جو عيوضپڻو ادا ڪندو
هجي؟ جاچ لاءِ گهڻي جاکوڙ کان پوءِ به ڪجهه ملي
سگهي ته اها خوش بختي ڀانئبي.
۽ ناول گذريل ويهن ٻاويهن سالن ۾ جيترو نمايان ٿيو
آهي، رسول ميمڻ جو ان ۾ سڀني سنڌي ناول لکندڙن کان
وڌيڪ حصو آهي. مٿاڇري ليکي انهن ناولن جي موضوعاتي
تازگي ٻڌائي رهي آهي ساڳئي وقت اوريجنلٽي پڻ! اُهي
ناول سنڌي ادب ۾ ناول جي اڻاٺ وقت به ڪيترا ظاهر
ٿي بيٺا آهن! ۽ اُهي به ڪنهن گروپ جي پاسخاطريءَ
کان سواءِ. اها ڪنهن به ليکڪ لاءِ ادب ۾ وڏي
حاصلات آهي. اسان وٽ وڏين ڳالهين جا ڳوٺ ٻڌل ته
آهن،
پر انهن ۾ سچ ڪيترو آهي ۽ تخليق ڪيتري آهي، ان جو
اندازو تڏهن ڪري سگهنداسين جڏهن پنهنجي سانڍيل خوش
فهميءَ کان ٻاهر ٿي تازي هوا ۾ ساهه کڻنداسين.
تڏهن ئي جي سگهنداسين ادب جي زندگيءَ ۾. ٻيءَ طرح
لعل پشپ ماڊرن حوالي ۾ لکيو آهي ته ادب زندگيءَ
کان فرار آهي. ادب ۽ زندگي ٻه پُور وڇوٽ آهن.
ادب جي پرک ۽ ڪٿ ڪنهن به نسبت کان سواءِ ناممڪن
آهي.
ان سلسلي ۾ مون کي صرف رسول ميمڻ جي ناول تي راءِ
ڏيڻي آهي هُو چوي ٿو
”ماڻهن جو مشاهدو ڪتن جي تعريف ڪرڻ تي مجبور ڪري
ٿو“، سندس ناول ڪٿا چوڻ ۽ اظهارڻ جا،
انداز، اسلوب ۽ تجربا ايترا ئي باريڪين سان ڏسڻ
وارن کي نظر ايندا، جيترا ناول نويس آهن، ننڍا
توڻي وڏا. سندس ناول اَٿاهُه زندگيءَ جي تجربن کي
محسوسڻ جا چٽا ثبوت پسائڻ وارا آهن. رسول ميمڻ
پنهنجي ناولن ۾ زندگيءَ جي اندرين توڻي ٻاهرين
حقيقتن جي آمهون سامهون رهيو آهي. جيتوڻيڪ قبوليل
اهو به آهي ته ”ناولن ۾ نالن کان سواءِ سڀ سچ
هوندو آهي، (خاص ڪري جديد هاڻوڪي ناول ۾) ۽ تاريخ
۾ نالن، هنڌن ۽ ماڳن کان سواءِ سمورو ڪوڙ هوندو
آهي.“
توڻي
جو هن چوڻيءَ ۾ چتربياني آهي، پر ناول نويسيءَ ۾
انساني حقيقي زندگيءَ سان مهان مُنهن ٿيڻ جو
افسانوي اظهار جوڙجي ته اهو اعليٰ تخليقي ناول جو
درجو ماڻيندو،
جيئن رسول ميمڻ جو تازو ناول ”ڪتا“ آهي، جنهن ۾
زندگيءَ جي نفيس باريڪين ۽ احساس جا ڪيترائي روپ
ظاهر ٿي بيٺا آهن. نه رڳو انساني زندگيءَ جا پر
انساني زندگيءَ سان جُڙجي
ويل ڪيترن جاندارن جا احساس پڻ.
ان کان ٻاهر سچ چوڻ چاهيان ته هن ناول جي هر سِٽ
مون کي ڪوٽيبل لڳي، شايد ئي ڪو سنڌي ناول منهنجي
مطالعي هيٺ آيو هوندو،
جنهن جي هر سٽ، هر جملو ۽ هر پئرا پڙهڻ کان پوءِ
مون کي ساهه پٽي ويچارڻو ٿي پيو،
انهن جملن، سٽن ۽ پئرائن کي ماڻڻو به ۽ ڀوڳڻو به
ٿي پيو، جنهن اعتماد تي مون کي اهو چوڻ ۾ آساني ٿي
رهي آهي جو چوان
ته رسول ميمڻ جا سڀ ناول هڪ ته، سندس ڪهاڻين وانگر
گهڻو ڏئي وڃن ٿا ۽ ٻيو اِهو ته، سندس سڀ ناول ڪنهن
به ٻوليءَ جي ناول نويسيءَ جون لڳ ڀڳ سڀ تقاضائون
پوريون ڪندڙ آهن. چوڻ اِهو ته پڙهندڙ کي گهڻو ڪجهه
ڏئي سگهڻ وارا آهن.
سندس ناولن جي اهڙي ڪنهن به اپٽار کان لنوايان ٿو،
جيڪا اڻ وڻندڙ حد تائين ورجائجي چڪي آهي. پوءِ به
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته رسول ميمڻ جا ناول سنڌي گهڻن
ئي لکيل ناولن کان روايتي طور بنهه الڳ آهن.
پنهنجي ٻوليءَ، ڪردار نگاريءَ توڻي موضوع جي چونڊ
جي حوالي سان سندس ناول پڙهي گهڻن موقعن تي محسوس
ٿيندو ته ڪنهن نفيس رومانس جي ٽٽڻ جي ٽريجڊي آهي،
هڪ اهڙي ٽريجڊي جيڪا جهوني ۽ نئين جي ٽڪر ۾ آهي.
ان جهوني ۽ نئين جي ٽڪر مان پيدا ٿيندڙ ” مس فٽ“
شخص جي آس پاس جو اظهار اڄ
جو لکڻ آهي. پوءِ ڀل اهو ”ڪتا“ ناول جي روپ ريکا
رکندڙ ئي هجي. مان سمجهان ٿو ته سنڌي ادب ۾ موجوده
حالتن هيٺ لارينس، جيمس جوائس، دوستو وسڪي، ڪاميو
۽ فلا بيئر جهڙو ناول نويس پيدا ٿي سگهندو نا
شدني!
اسان ڇو نه وقتي طور انهن نالن کي پنهنجي ناول
نويسن جي چهرن سان ڳنڍيون، ائين ڪرڻ سان هڪ ڀرم ته
رهجي ئي ويندو! رسول ميمڻ کان سواءِ. مون کي فلحال
ايترو ئي چوڻو آهي. |