تنوير جمال گبول
محمد هاشم ’لهر‘ ڪيٽوي
ٺٽو علم ۽ ادب جو مرڪز رهيو آهي. هن ڀلاري ڀونء
وڏا درويش عالم شاعر ۽ اديب پيدا ڪيا آهن انهن ۾
لهر ليٽوي به هڪ آهي.
محمد هاشم لهر ڪيٽوي ولد خميسو خان خاصخيلي 1927ع
ڌاري ڪيٽي بندر ۾ ڄائو. 1943ع واري سنڌي فائنل پاس
ڪري 1944ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. سائين لهر
ڪيٽوي ڪيٽي بندر کارو ڇاڻ ۽ ميرپور ساڪرو ۾
پرائمري استاد جا فرض ادا ڪيا.
سائين لهر کي شاعريءَ جو شوق 13 سالن جي ڄمار ۾ ئي
پيدا ٿيو. شروع ۾ فلمي طرزن تي ڪلام پيو ٺاهيندو
هو پوءِ استاد حافظ احسن چنا کان علم و عروض جي
سکيا وٺي شعر لکڻ لڳو. سندس لکڻ ۾ تيزي ان وقت
آئي، جڏهن 1955ع ۾ سندس ٻن سالن جو پُٽ مهر علي
فوت ٿيو، جنهن جو کيس ڪافي صدمو رسيو ۽ شعر
چيائين:
پکي نيٺ پڃري مان اڏي ويو
نماڻا کڻي نيڻ نڪري ويو.
سندس مٿيون شعر هنڌين ماڳهين مشهور ٿي ويو. سائين
لهر ڪيٽوي شروع کان ئي اخبار ۽ رسالن ۾ پنهنجو شعر
ڇپرائڻ شروع ڪيو. ’اديب سنڌ‘ لاڙڪاڻو، ’نئين
زندگي‘ ڪراچي، ’فردوس هالا‘، ’آفتاب ادب‘ دادو ۾
سندس ڪافي ڪلام ڇپيو. ’هلال پاڪستان‘، حيدرآباد
’هفتيوار مسلمان‘ حيدرآباد ’الوحيد‘ ڪراچيءَ ۾ پڻ
سندس شعر ڇپجندا هئا. ادبي تنظيمن جيان ’بزم طالب
الموليٰ‘ ۽ ’بزم اديب‘ لاڙڪاڻو سنڌ سان سندس تعلق
رهيو.
لهر ڪيٽوي صوم و صلوات جو پابند نيڪ نمازي دين
اسلام سان وڏو لڳاءُ رکندڙ مذهبي ماڻهو هو. سندس
شاعريءَ ۾ حمد و نعت قصيده ۽ خطبا گهڻا آهن، جيڪي
نعت خوان مولودي حضرات ۽ عالم سڳورا پڙهندا رهن
ٿا. سندس نعتون ريڊيو پاڪستان وارن به رڪارڊ ڪيون،
جن ۾ هڪ نعت تمام گهڻو مشهور ٿي جن جا ٻول ڪجهه هن
ريت آهن:
محمد مصطفيٰ جهڙو نه هادي رهنما ٿيندو،
وري پيدا نه دنيا ۾ ٻيو نور الهدي ٿيندو.
لهر ڪيٽوي علم جفر جو به وڏو ڄاڻو هو. حيدرآباد ۾
پي.ٽي.سيءَ ڪرڻ دوران مخدوم طالب الموليٰ فتح خان
سيد صالح محمد شاهه علي محمد مجروح ۽ جمن هالو سان
سندس گهڻي ويجهڙائپ رهي. شاعرن ۾ شمشاد ساڪرائيءَ
کي تمام گهڻو پسند ڪندو هو. پاڻ تمام سادو ۽ يار
ويس ماڻهو هو دل هزارين درد هوندي به لڙڪ لڪائي
مسڪرائيندو رهندو هو. سائين لهر مڇي کائڻ جو شوقين
هوندو هو. روزانو اسڪول کان موٽندي تازي مڇي ڦاڙ
يا کاري جون ڇوڏيون (مڇيءَ جو هڪ قسم) وٺي پوءِ
گهر ويندو هو. هميشه مٿي تي ڪيپ پهريل هوندي هئس ۽
قد جو هلڪو هو.
جڏهن ڪيٽي بندر ۾ ڏڪار آيو ته ماڻهن لڏپلاڻ شروع
ڪئي تڏهن سائين لهر ڪيٽوي کي به پنهنجا اباڻا ڪک
ڇڏڻا پيا ۽ اچي ٻهارا شهر وسايائين جيڪو
ميرپورساڪرو شهر کان 11 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڏکڻ
طرف آهي تقريبن 30 سال ٻهارا شهر ۾ گذاريائين.
جمال مراد گبول سان گهڻي طبيعت لڳندي هئس، جيڪو
مختلف بزمن پاران ٿيندڙ مشاعرن ۾ پاڻ سان گڏ وٺي
ويندو هئس. جمال مراد گبول هر جمعي تي اسڪول جي
موڪل کان پوءِ سائين لهر سان ملڻ جي لاء ٻهارا شهر
ويندو هو ۽ جمعي جي نماز جامع مسجد ٻهارا ۾ گڏ
پڙهندا هئا. خدانخواسته ڪنهن هڪ جمعي تي وڃڻ نه
ٿيندو هو ته ڇنڇر ڏينهن صبح سان سوير سائين لهر بس
۾ چڙهي پرائمري اسڪول ميرپور ساڪرو ۾ ساڻس ملڻ
ايندو هو، جتي جمال مراد گبول پرائمري استاد هو.
پوءِ سڄو ڏينهن ساڪرو ۾ گڏ هوندا هئا.
سندس زبان ۾ وڏو اثر هو. اوچتو درياءَ جنهن کي
’ڦٽو درياءُ‘ به چوندا آهن، جيڪو هر سال ٽي چار
ماڻهو ٻوڙيندو هو تنهن کي مخاطب ٿي شعر لکيائين:
ڦٽائي ڦٽا ٿئي، ڦٽي تون به ويندين،
قبيلي ڪٽنب کان ٽٽي تون به ويندين.
خدا جي قدرت سائين لهر جي شعر چوڻ کان پوءِ ان
درياءَ جون مستيون به ختم ٿي ويون.
جڏهن کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر جو اوج هو ان وقت اَن
جا انبار ٿيندا هئا سکر کان لاياره بتيلن ۾ ايندا
هئا. بتيلن جون قطارون ئي قطارون هونديون هيون.
سائين لهر اهڙي خوبصورت منظر کي پنهنجي شاعريءَ ۾
ڪجهه هن طرح بيان ڪيو آهي:
وري موج ملڪ ۾ آهي متي،
بتيلي ۾ ٻرندي ڏٺم جا بتي.
لهر ڪيٽوي جي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ’لهرون اچڻيون
وڃڻيون 1992ع‘ ۽ ’تحفه محمّدي‘ ڇپيل آهن. تنهن
کانسواءِ ڳچ ڪلام مفرور ڪيفي جي ڪتابن آيات جنون،
شاهڪار ۽ جديد شعراء سنڌ ۾ ڇپيل ملي ٿو.
لهر ڪيٽوي پنهنجي ڪتاب ’لهرون اچڻيون وڃڻيون‘ جي
منڍ ۾ لکي ٿو ته:
”ادبي سرگرميون: بزمِ آفتاب ادب دادوءَ مان استاد
حافظ احسن چنا جي اصلاح سان ڪافي فائدو ورتم.
ماهوار ’اديب سنڌ‘ لاڙڪاڻو جنهن جي تنقيد شعرن مان
ڪافي مهارت حاصل ڪيم ۽ بزم طالب الموليٰ هالا مان
ڪافي فائدو پرايم.“
سندس شاعري عبدالله پنهور، موسيٰ حسين سمون،
مولابخش لاسي، حسين مرگهل، محمد عرس چانڊيو، رضا
محمد گوندر، حسين ڪارو ۽ ٻين فنڪارن ڳائي.
سندس وفات 18 مارچ سن 1998ع تي ٿي. سندس آخري
آرامگاهه ملير ڪراچي ريڙهي ڳوٺ ۾ آهي، سندس
شاعريءَ جو نمونو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
ڪافي
دنيا ليکي دلبر ٿيا ڌار آهيون،
حقيقت ۾ هڪٻئي سان گڏ يار آهيون.
پرين پيچ پختو پيل آهي پنهنجو،
حياتيء جو سودو ٿيل آهي پنهنجو.
ٻئي هڪٻئي جا خريدار آهيون،
زماني جي گردش جدائي ڪئي آ،
متان سمجهين مون بيوفائي ڪئي آ،
ٻئي ڏوهه هڪ ۾ گرفتار آهيون.
آهي امتحان ٻن دلين جو جدائي،
پري ڪين آهيون هجي شل سچائي،
ٻئي هڪڙي وڻ جا ٽٽل ٽار آهيون.
وسي نور تو ۾ اهو نور مون ۾،
سدا ”لهر“ آهين تون مسرور مون ۾،
ٻئي نينهن ناتي ۾ نروار آهيون.
***
ڪافي
ڪيا توتي الله احسان ٽيئي،
مليا توکي دنيا اندر شان ٽيئي.
لڳا تنهنجي سري ۾ ٿي يار سهڻا،
اهي لعل ياقوت مرجان ٽيئي.
عنايت ٿيو توکي ثمر زندگيءَ جو،
ٿيا توتان عقرب ئي قربان ٽيئي.
ڪرين ”لهر“ مون سان ملاقات ڪٿ تون،
ته پورا ٿين منهنجا ارمان ٽيئي.
***
ڪافي
موٽ وسن ٿا مينهڙا يار،
وڃج مَ ڏور وطن کان.
مينهن لئه ماڻهو مال اداسي،
سپون سمنڊ ۾ رهن پياسي،
مان به سڪان ٿو مٺڙا يار،
وڃج مَ ڏور وطن کان.
آءُ ڪڪر ٿي منهنجي اڱڻ ۾،
توکي ڏسان ٿو کيل کنوڻ ۾،
رعد رچايا رنگڙا يار،
وڃج مَ ڏور وطن کان.
ڪنهن کي ٻڌايان غم جي ڪهاڻي،
ڪانه ڏني ٿو مون کي وراڻي،
خوب لکيا مون خطڙا يار،
وڃج مَ ڏور وطن کان.
لائق مون تي ”لهر“ ڪري اچ،
محب مٺا ڪا مهر ڪري اچ،
لائي لبن سان لبڙا يار،
وڃج مَ ڏور وطن کان.
مخدوم سليم الله صديقي
صحيح بخاري
الحمدلله رب العالمين والصلوات والسلام علي رحمته
للعٰلمين سيدنا محمد وعليٰ آله و اصحابه اجمعين.
امابعد! عرض ته ”اِفهامُ القاري شرح صحيح
البُخاري“ جو نائون جلد به زبان سنڌي ۾ شايع ٿي
چڪو آهي. هيءَ عظيم ڪاوش محترم حافظ عبدالرزاق
مهراڻ سڪندريءَ جي عشقِ رسول صلي الله عليہ وآلہ
وسلم جو عظيم مثال آهي. هن ۾ حديث جي عربي متن سان
گڏ سنڌي ترجمو ڏنو ويو آهي. ان ۾ حوالن ذريعي هر
نُڪتي کي وزنائتو ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وئي آهي.
صحيح بخاريءَ جي نون ئي جلدن تي سرسري نظر وجهڻ
سان ئي اندازو ٿئي ٿو ته سڪندري صاحب پنهنجي
حياتيءَ جو عظيم حصو عشقِ مصطفيٰ صلي الله عليہ
وآلہ وسلم جي ڪيفيت ۾ گذاريو آهي.
ويل نه وڃائي جن، واسَ تن وسڻ واري،
جهر جبل ٿئي جاري، صديون سارن ساهه ۾.
ويل نه وڃائي جن، واڪو تن واءُ،
سي ئي لڻن ڳاه جي ڳهي اچن تن تي.
(سليم)
يقيناً اهي هستيون، جن پنهنجي قيمتي زندگيءَ کي
نبي آخرِ زمان صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي حياتيءَ
جي اصولن ۽ فرمانن کي ايندڙ نسلن تائين پهچائي
رهنمائيءَ جا در کوليا سي پڻ قابلِ تعريف آهن.
امام بخاري رحمته الله عليه جي تحرير صحيح بخاري
ان ڏس ۾ هر دور جي انسانن لاءِ رهنمائي، جي هڪ
منفرد حيثيت رکي ٿي. انهيءَ ڪوشش کي سنڌي ترجمي
سان عام فهم بڻائي طالبن تائين پهچائڻ جو ڪم مسلسل
جاکوڙ ۽ جذبي کان سواءِ ممڪن ڪونه هو. انهيءَ عظيم
ڪم لاءِ رب ڪريم جلشانه محترم عبدالرحيم سڪندري
صاحب کي توفيق سان نوازيو، جنهن لاءِ هو کيرون
لهڻي.
پروفيسر سيد اعجاز علي شاهه رضوي
ڪتاب: سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي
جي فارسي
شاعريءَ جو مختصر جائزو تي ڪوٺايل
سيمينار
يومِ وفات سيد ثابت علي ڪربلائيءَ جي مناسبت سان
خانه فرهنگ جمهوري اسلامي ايران، حيدرآباد طرفان
’سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ جي فارسي شاعريءَ جو
مختصر جائزو‘ جي عنوان سان 11 جنوري 2024ع تي هڪ
عظيم الشان سيمينار منعقد ٿيو، جناب علي محمد چنا،
هن موقعي تي خاص مهمان هو، جڏهن ته علامه نبي بخش
دانش، پروفيسر سيد زوار نقوي ۽ پروفيسر سيد اعجاز
علي شاهه رضوي، اعزازي مهمان طور شريڪ ٿيا.
افتتاحي ڪلمات پروفيسر ڊاڪٽر سيد فرمان علي شاهه
رضوي، جن ادا ڪيا. جناب رضا پارسا صاحب، ڊائريڪٽر
جمهوري اسلامي ايران، حيدرآباد سيمينار جي صدارت
ڪئي.
تلاوتِ ڪلام الاهي کان پوءِ سيد ثابت علي شاهه جو
مرثيو حيدرآباد جي مخصوص انداز سان، جناب جاويد
علي وگهئي پنهنجي ساٿين سميت پڙهي هڪ روحاني فضا
ترنم قائم ڪري ڇڏي. ان بعد آڌرڀائي ڪلمات ادا ڪندي
فرمان رضوي مهمانن جي اچڻ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ خاص
طور خانه فرهنگ حيدرآباد جو ذڪر ڪندي چيو ته هيءُ
ٽيون ڀيرو آهي جو خانه فرهنگ، سنڌ ۾ مرثيي جي باني
سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ جو سيمينار منعقد ڪيو
آهي. هن کان اڳ 1992ع ۽ 1996ع ۾ پڻ سيمينار منعقد
ڪيا آهن. ڊاڪٽر فرمان رضويءَ وڌيڪ ٻڌايو ته سيد
ثابت علي شاهه جي توسط سان ايران جي اُن وقت جي
شهنشاهه اسمٰعيل شاهه قاچار طرفان علي مولا جي
قدمن جا نشان ۽ امام رضا عليه السلام سان منسوب هڪ
قرآن مجيد سنڌ جي حڪمرانن ٽالپرن جي لاءِ آيا،
جيڪي اڄ به عوام جي لاءِ زيارتگاهه آهن. سيد ثابت
علي شاهه جي پونيئرن جي ذڪر ڪندي هن ٻڌايو هن جي
پونيئرن نه رڳو سيد ثابت علي شاهه جي ياد کي تازو
رکيو آهي، پر ان جي ڪلام، خصوصاً مرثئي کي عام ڪيو
آهي جو اڄ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ان جو ذڪر ٿي رهيو آهي.
هن اهو ٻڌايو ته يادگار ڪميٽيءَ جي طرفان ڪيترائي
ڪتاب، سنڌي، اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ ڇپرايا ويا آهن،
سيمينار ۽ مجالسِ عزا جو سلسلو پڻ جاري و ساري
آهي.
ان بعد جناب عبدالرحمٰن سيال پنهنجو تحقيقي مقالو
’سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ جي فارسي شاعريءَ ۾
حضرت علي عليه السلام جو ذڪر‘ پيش ڪيو. ان کان
پوءِ جناب پروفيسر سيد زوار شاهه نقوي، خطاب
فرمايو، هن چيو ته سيد ثابت علي شاهه سنڌ جي عظيم
شاعرن جي دور جو شاعر آهي، پر هن شاعريءَ ۾ نوان
لاڙا متعارف ڪرايا آهن ۽ سنڌي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ هڪ
بهترين اضافو پڻ ڪيو آهي.
جناب علي محمد چنا صاحب جن، فرمايو ته پوري سنڌ
سائين ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ جي مداح ۽ عقيدتمند
آهي. وڏو قادرالڪلام شاعر آهي جنهن چئن ٻولين ۾
شاعري ڪري سنڌيءَ ۾ هڪ ناياب شاعري پيش ڪئي آهي.
علامه نبي بخش دانش صاحب جن سيد ثابت علي شاهه
ڪربلائيءَ جي فارسيءَ ڪلام جي باري ۾ جديد تحقيق
پيش ڪئي. هن چيو ته سيد ثابت علي شاهه جي شاعريءَ
تي اڃا به وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. ان کان علاوه
شاهه صاحب جي شاعريءَ جو ٻين ٻولين ۾ تعارف به
ڪرائڻ گهرجي.
بعد ۾ پروفيسر سيد اعجاز علي شاهه جن مهمانن کي
سنڌ جي سوکڙي لونگي پيش ڪئي.
هن پُروقار تقريب ۾ معزز شهرين جي وڏي انگ شرڪت
ڪئي، جن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر مخمور بخاري، نصير مرزا،
انجم الحسن مرزا، يوسف سنڌي ۽ واحد ڪانڌڙي سميت
ٻين اديبن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي. آخر ۾ خانه فرهنگ
جمهوري اسلامي ايران، حيدرآباد جي ڊائريڪٽر جناب
رضا پارسا صدارتي ڪلمات ادا ڪيا. هن پنهنجي صدارتي
خطاب ۾ فرمايو ته اڄ اسان هڪ عظيم شاعر جي ياد ۾
گڏ ٿيا آهيون. سيد ثابت علي شاهه فارسي ۽ سنڌي ۾
ڪافي شاعري موجود آهي، جيڪا ڇپجڻ گهرجي. هن اهو به
چيو ته اوهان مهمانن جو شڪرگذار آهيان جو اسان جي
دعوت قبول ڪري هن سيمينار کي ڪامياب بڻايو آهي. هن
اهو به چيو ته آئينده به اوهان ۾ اُميد ٿو ڪريان
ته خانه فرهنگ جي هر پروگرام ۾ شرڪت ڪندا.
رپورٽ: مير علي شاهه ڪاظمي
سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٽن ڏينهن جو
ڪتابي ميلو ۽ بورڊ آف
گورنرس جي موجوده ميمبر پروفيسر
ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو
کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ
ڪوٺايل تقريب
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو طرفان ٽن ڏينهن جي حوالي
سان 5 مارچ کان 7 مارچ 2024ع تي ڪتابي ميلي ۽ بورڊ
آف گورنرس جي موجوده ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز
ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ تقريب ڪوٺائي وئي،
جنهن لاءِ پهرين ڏينهن تاريخ 5 مارچ 2024ع تي
ڪتابي ميلي جو افتتاح بورڊ آف گورنرس جي ميمبرن
محترم سرفراز راڄڙ صاحب ۽ ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب
ڪيو. هن موقعي تي بورڊ جي معزز ميمبر محترم سرفراز
راڄڙ ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ادبي بورڊ ۾ ستون
ڀيرو ڪتابي ميلو لڳائڻ جو خاص مقصد اسان جي
پڙهندڙن کي ادب طرف مائل ڪرڻ لاءِ ٽن ڏينهن جي
ڪتابي ميلي جو اهتمام ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته
اڄڪلهه جي جديد دور ۾ نئين نسل ۾ موبائيل جي
گهڻو استعمال مروج ٿي ويو آهي. ڪتابن جي طرف
شاگردن جو يا عام پڙهندڙن جو رجحان ۽ شوق گهٽ ٿي
ويو آهي تنهنڪري ادبي بورڊ ۾ ميلي جو خاص مقصد
ڪتابن طرف نئين نسل جو ڌيان ڇڪائڻ آهي. بورڊ جي
سينئر ميمبر ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ چيو ته يورپي
ملڪن اسان جي خطي ۾ موبائيلن جو واهپو گهڻو ڪري
ڇڏيو آهي، جنهن سبب اسان جا نوجوان سوشل ميڊيا
ڏانهن گهڻا راغب آهن ۽ پاڻ يورپي ملڪن لائبريريون،
يونيورسٽيون ۽ ٻيا ڪيمپس عام ماڻهن لاءِ ڪتابن
پڙهڻ جي صورت ۾ عام ڪري ڇڏيا آهن. هن ڪتابي ميلي
منعقد ڪرڻ جو اصل مقصد ڄام شوري جي تعليمي ادارن ۾
پڙهندڙ شاگردن کي ڪتابن سان روشناس ڪرائڻ آهي ۽
بورڊ جي مانواري چيئرمين قبله مخدوم سعيد الزمان
”عاطف“ صاحب جي ڪوشش به اها آهي ته شاگرد ڪتابن ۾
دلچسپي وٺن. ڪتابي ميلي ۾
سنڌي ادبي بورڊ،
سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي، نيشنل بوڪ فائونڊيشن، پيڪاڪ پرنٽرز،
پاڪستان اسٽڊي سينٽر، دانيال ڪتاب گهر، ناري
پبليڪيشن، سمبارا پبليڪيشن، ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ انسٽيٽوٽ آف هيريٽيج اينڊ ريسرچ، علامه غلام
مصطفيٰ قاسمي چيئر، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس،
سنڌيڪا اڪيڊمي، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد، موسيٰ
پبليڪيشن، احساس پبليڪيشن، شمس العلماءَ مرزا قليچ
بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي، چانڊوڪي پبليڪيشن ۽
ايلسا پبليڪيشن علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر
ادارن طرفان ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويا آهن.
افتتاحي تقريب دوران سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف
گورنرس جي معزز ميمبرن محترم سرفراز راڄڙ ۽ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي سان گڏ محترمه گلبدن جاويد مرزا
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ڪتابي ميلي ۾ لڳايل
اسٽالن جو دورو ڪري پبلشرن کي سنڌي ادبي بورڊ ۾
اچڻ تي ڀليڪار ڪئي ۽ شڪريو ادا ڪيو. ان موقعي تي
سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري محترمه گلبدن جاويد
مرزا، ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ اڪثر
اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته ڪتابي ميلن ۾ اسٽال
لڳائيندڙ پبلشر صرف ڪمائيءَ لاءِ اسٽال لڳائن ٿا،
پر آئون سمجهان ٿي ته ايئن بلڪل به نه آهي، ڪتابي
ميلي ۾ اصل قوم جي تقدير کي نئين سر سنوارڻ لاءِ
جاڳرتا پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن اسان جي نئين نسل ۾
ڪتابن پڙهڻ جو ذوق شوق عام ٿئي ۽ هڪڙو سٺو پيغام
وڃي.
ٽن ڏينهن واري ڪتابي ميلي
جي
ٻئي ڏينهن تي چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ
مخدوم سعيدالزمان
”عاطف“
ڪتابي ميلي ۾ لڳايل اسٽالن جو دورو ڪيو، ان موقعي
تي چيئرمين صاحب ڳالهائيندي چيو ته. ڄام شورو
تعليمي درسگاهن جو مرڪز آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ
پاران ڪتابي ميلي لڳائڻ جو مقصد شاگردن ۽
شاگردياڻين کي ڪتابن طرف متوجهه ڪرڻ آهي، جنهن ۾
اسان گهڻي قدر ڪامياب به ويا آهيون، جيڪو سلسلو هر
سال جيان هن سال به ڪاميابيءَ طرف روان دوران آهي.
مون کي نهايت خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته ڪتابي ميلي
۾ عورتن ۽ ٻارن سميت هر عمر جا ماڻهو شريڪ ٿي
ڪتابن جي خريداريءَ ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن، جيڪو
پڻ اسان جو مقصد هو، هيءُ ڪتابي ميلو هر سال لڳايو
ويندو.
مخدوم
سعيد الزمان ”عاطف“ وڌيڪ چيو ته:
اسان جي پوري ڪوشش ۽ خواهش آهي ته سنڌ حڪومت جي
سهڪار سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌ جي هر ضلعي ۾
ڪتابي ميلا لڳايا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته
منهنجي بطور چيئرمن پهرين ڏينهن کان اها ڪوشش رهي
آهي ته ڪتابن جي اشاعت سان گڏ علمي ۽ ادبي سرگرمين
کي هٿي وٺرايون ۽ ان ئي سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾
مختلف وقتن تي ڪتابي ميلا لڳائڻ سان گڏ ٻيون ادبي
تقريبون ٿينديون رهنديون آهن. هن ڪتابي ميلي ۾
اسٽال لڳائيندڙ پبلشرن کي نه صرف فرنيچر مهيا
ڪيو، پر ڪنهن به پبلشر کان ڪِرايو به نه ورتو ويو
۽ سڀني پبلشرن کي ريفريشمينٽ سان گڏ ٽن وقتن جي
ماني ۽ چانهه جو پڻ بندوبست ڪيو ويو.
ٻئي ڏينهن تاريخ 6 مارچ تي سنڌ جي نامياري محقق
ليکڪا ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي تازو
لاڏاڻو ڪري ويل ميمبر ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو جي ياد ۾
تعزيتي ريفرنس ڪرايو ويو. تعزيتي ريفرنس جي صدارت
محترمه نذير ناز ڪئي ۽ خاص مهمان بورڊ آف گورنرس
جو ميمبر ۽ پ.پ اڳواڻ محترمسرفراز راڄڙ هو. مقررن
خطاب ڪندي ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو کي باهمت، بهادر عورت ۽
سماج سڌارڪ قرار ڏيندي سندس مشن کي جاري رکڻ جو
وچن ورجايو. تعزيتي ريفرنس کي صدارتي خطاب ڪندي
محترمه نذير ناز چيو ته ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو منهنجي هڪ
بهترين دوست هئي. اسان جي ناري پبليڪيشن پروگرام ۾
وڏي چاهه سان شرڪت ڪندي هئي، اسان جي تنظيم جي
ميمبر ۽ مسلم هسٽري جي ڄاڻو هئي. ادبي پروگرامن ۾
شرڪت ڪندي هئي. مون سان لاهور جي پروگرام هلي. مان
انهيءَ پروگرام ۾ بيمار ٿي پيس. واپسيءَ ۾ مون کي
پنهنجائپ سان پاڻ سان گڏ ويهاري ٽرين ۾ خيال رکيو،
۽ واپسي ۾ گهر ڇڏي پوءِ پاڻ ڄام شوري وئي. پاڻ سچي
مخلص دوست هئي اسان کي مٿس فخر آهي. اسان جي اکين
کان اوجهل ضرور ٿي آهي پر وسري ناهي. ان کان اڳ
مهمان خاص ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي
ميمبر محترم سرفراز راڄڙ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته
ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس
جي متحرڪ ميمبر رهي. سندس علمي ادبي ۽ تدرسي خدمتن
کي ڪير به وساري نٿو سگهي. هن جو سنڌ جي تاريخ تي
ڪيل ڪم نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. ڊاڪٽر ممتاز ۽
سندس ڪم اسان کي هميشه ياد رهندو. سنڌي ادبي بورڊ
جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘
پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو اسان جي
سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبر هئي ۽ اسان جي ڪليگ هئي.
ڊاڪٽر اسان کان سينيئر هئي، تاريخ ۽ خاص طرح مسلم
هسٽري جي ڄاڻو هئي، سندس لکيل ڪتابن ۾ مون کي
”سيرتِ مصطفيٰ
ﷺ“
تي لکيل ڪتاب وڻندو آهي. ڊاڪٽر ممتاز جي بيماريءَ
جي وقت آئون ساڻس مشاورت ۾ رهيس. بيماري جو وقت
پاڻ صبر ۽ تحمل سان گذاريائون. ناليواري ليکڪ
پروفيسر زيب سنڌيءَ خطاب ڪندي چيو ته مون ڊاڪٽر
ممتاز کي هر وقت مخلص ڏٺو، پاڻ سنڌي ادبي بورڊ ۽
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج جي مبمبر
هئي. سندس بورڊ ۾ ميمبرن طور مخدوم جميل الزمان جي
چونڊ هئي، پاڻ سٺيون تجويزون ڏيندي هئي ۽ انهن تي
عمل ڪرائڻ جي جستجو هوندي هئس. پاڻ پنهنجي مفادن
کي ڪڏهن به اهميت نه ڏني، نه ئي پاڻ کي پذيرائي
ڏيارڻ جي لاءِ سوچيو، هن بي لوث ٿي لکيو، نياڻين
لاءِ رول ماڊل هئي، ’ڌرتيءَ جون نياڻيون‘ ڪتاب هڪ
مثال آهي. سنڌ يونيورسٽي نوشهرو فيروز ڪيمپس جي
پرووائيس چانسلر ڊاڪٽر سيد اظهر علي شاهه خطاب
ڪندي چيو ته ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو نه رڳو سٺي
ايڊمنسٽريٽر هئي، پر هوءَ اتساهه ڏيندڙ شخصيت هئي
کيس پنهنجي ڪم ۽ پنهنجي ذميواريءَ کي ادا ڪرڻ جو
ڏانءُ هو، سندس خدمتن ۽ ادبي لکڻين تي جيترو ڪجهه
ڳالهائجي اهو تمام گهٽ آهي. ناليواري ڪهاڻيڪاره،
شاعره، نثرنگار پروفيسر ڊاڪٽر شبنم گل خطاب ڪندي
چيو ته سنڌ جي سماجي تعمير، اڏاوت ۽ شعور جي واڌ
ويجهه ۾ اهميت ڪردار ڊاڪٽر ممتاز جو رهيو آهي، پاڻ
مرڪندڙ چهرو ۽ نرم مزاج رکندڙ هئي، پاڻ ايندڙ
نسلن، پيڙهين ۽ نوجوانن لاءِ ڏيئا مثل هئي. پاڻ
پڙهيل لکيل ۽ روشن سوچ واري هئي. هُوءَ شعور رکندڙ
هئي جيڪا ڏات کيس خانداني مليل هئي. تقريب کي
ڊاڪٽر ريحانا نذير خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر ممتاز
ڀٽو مسلم هسٽريءَ جي پروفيسر هئي. هوءَ خوش شڪل ۽
خوش اخلاق هئي، پر سندس استاد واري حيثيت مسلم
هسٽري آهي. ممتاز ڀٽو اسلامي تاريخ تي ڪيترائي
مقالا لکيا آهن. ”سيرت نبي
ﷺ“
تي سندس ڪتاب ڇپيل آهي. هن سنڌ جي تاريخ تي خاص
طور تي ارغونن ۽ ترخانن جي تاريخ تي پڻ مقالا لکيا
آهن، ان کان علاوه سندس ادبي مضمون پوءِ اهي چاهي
تخليقي، ادب بابت هجن يا تاريخي سڀني ۾ سندس
تحقيقي ۽ تنقيد جو معيار بلند نظر اچي ٿو. تعزيتي
ريفرنس کي خطاب ڪندي پروفيسر رشيده ڀٽي چيو ته اڄ
جو ڏينهن نهايت ڏک ڀريو ڏينهن آهي. منهنجي لاءِ
آپا جي شخصيت نهايت قابل احترام هئي، سندن خوش
اخلاقي، ڪردار جي بلندي ۽ همدرداڻو رويو، نهايت
خوبصورت انداز زندگي هو، هميشه مون کي مختلف حوالن
سان، هميشه پيار ۽ محبت ڏيندي هئي، مون سندن
رهنمائيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا گڏوگڏ وقت گذاريو، ”سيرت
النبي
ﷺ“
ڪانفرنس جي موقعي تي مون کي منتظيمن ۾ شامل
ڪيائون، منهنجو تحقيقي مقالو سنڌ يونيورسٽيءَ جي
جرنل
۾ ڏنائون، ”انجمن بهبود خواتين“ جو بنياد وڌائون،
ته ان ۾ ميمبر ڪيائون، پاڻ به محنت ڪندي هئي، ٻين
کان به ڪم وٺي ڄاڻيندي هئي، هميشه هڪ بردباد ۽
برجستي شخصيت هئي. ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو جي نياڻي امبر
ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته منهنجي امڙ نه صرف سٺي ماءَ
ئي نه پر سٺي ساهيڙيءَ جو ڪم به ڪيو، هر ڏکي
گهڙيءَ ۾ ساٿ ڏنو ۽ هر وک تي رهنمائي ڪئي، پاڻ
پنهنجي امڙ جون وڌيڪ يادگيريون پڻ ٻڌايون. سندس
فرزند محترم ارشد ڀٽو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته
پرائمريءَ کان وٺي اعليٰ تعليم تائين اسان سڀني
ڀينرن ۽ ڀائرن کي امڙ اسان کي تعليم ڏياري ۽ اهم
ڪردار شڪارپور کان وٺي علمي ادبي شخصيتن سان
وابستگي ۽ تعارف امڙ جي بدولت ٿيا. ان کان علاوه
اسان جي والد جي وقت کان اڳي وڇوڙي باوجود اسان جي
امڙ همت نه هاري ۽ اسان جي پرورش ۽ پالنا ۾ ڪا ڪمي
نه ڇڏي ۽ اڄ اسين سٺين منصبن تي فائز آهيون، اها
سڀ اسان جي امڙ جي اڻٿڪ محنتن ۽ ڪاوشن جو نتيجو
آهي. ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو جي پوٽي مدينه ذوالفقار ڀٽو
پڻ پنهنجي ڏاڏيءَ جي باري ۾ يادگيريون ٻُڌايون.
سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري گلبدن جاويد مرزا
تعزيتي ريفرنس ۾ شريڪ مهمانن جي آجيان ڪندي ۽
تعزيتي ريفرنسن بابت ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ادبي
بورڊ پنهنجي اديبن، محسنن ۽ بورڊ جي ميمبرن کي
سدائين عزت ڀري نگاهه سان ڏٺو آهي ۽ انهن جي همت
افزائي ڪئي آهي، ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو جي وڇوڙي تي
تعزيتي ريفرنس بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان
”عاطف“ جي هدايتن تي رٿيو ويو آهي، جيڪو بورڊ جي
روايتن جي ڪڙي پڻ آهي، جنهن ۾ اڳ ۾ وڇڙي ويل کوڙ
سارين شخصيتن ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي خدمت ڪارن کي
ڀيٽا پيش ڪري چڪا آهيون. پروگرام جي ڪمپيئرنگ ڪندڙ
نامياري براڊ ڪاسٽر نصير مرزا ڊاڪٽر ممتاز جي
شخصيت جي مختلف رخن تي روشني وڌي ۽ سندس ساروڻيون
ياد ڪندي کيس ڀيٽا پيش ڪئي.
تقريب ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرز جي
ميمبر ڊاڪٽر ڪريم احمد خواجا، سنڌ يونيورسٽي مرزا
قليچ بيگ چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نواب ڪاڪا،
نامياري ليکڪ ادريس جتوئي، علي اڪبر هڱورجو، ٽماهي
”مهراڻ“ رسالي جي ايڊيٽر ثمينه ميمڻ، ”گل ڦل“
رسالي جي ايڊيٽر نجمه پنهور، محمد يوسف جويو،
ڊاڪٽر مجدد قريشي، محترمه نذيران قريشي، حافظ احمد
انڍڙ، فخرالنساءِ، منصور ٻگهيو، پروفيسر شاهده
پروين ابڙو، پروفيسر ممتاز شيخ، سگا جي ميمبر نسيم
شيخ، ڊاڪٽر فهيم نوناري، غلام نبي سمون ۽ ٻين وڏن
نامور ليکڪن پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
|