عبدالله فهيمي (قسط پهرين)
لاڙڪاڻو
مخدوم محمد حيات سنڌيءَ جون دستياب تصنيفون
سنڌ اُها مردم خير زمين آهي، جنهن ۾ هر زماني ۾
اهڙيون هستيون پيدا ٿيون، جن پنهنجي علمي هٻڪار
سان عرب و عجم ۾ خوشبوء پهچائي. انهن هستين مان
شيخ علامه مخدوم محمد حيات چاچڙ سنڌي مدني به هڪ
آهي. سندس ذات تعارف جي محتاج نه آهي. شيخ محمد
حيات جي سوانح حيات ۽ علمي خدمتن تي اسان جي دوست
علامه
ڊاڪٽر
رفيق
احمد
مڱريو بازيدپوري جن انتهائي جاکوڙ ۽ عرق ريزي سان
”شيخ محمد حيات سنڌي سوانح حيات، مذهبي خدمات ۽
سندس تصنيفات جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“ عنوان تحت
پي ايڇ ڊي مقالو لکيو، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ
ڄام
شورو سنه 2009ع ۾ شايع ڪيو،
پر جيئن ته تحقيق جو ميدان ڪشادو آهي، تنهن ڪري
مون سالن کان شيخ محمد حيات مدنيءَ
جون تصنيفات گڏ پئي ڪيون، جن جو تفصيل هيٺ ڏنل
آهي. مون پنهنجي هن مقالي کي ٽن قِسمن ۾ ورهايو
آهي.
پهريون قسم: اُهي ڪتاب، جن جو ذڪر ڊاڪٽر مڱرئي
جي
پي ايڇ ڊي مقالي ۾ نه آهي:
هن قسم ۾ شيخ
محمد
حيات جي انهن ڪتابن جي نسخن جو تعارف آهي، جيڪي
رفيق احمد بازيدپوريءَ جي دسترس ۾ نه آيا.
(الف): اهي ڪتاب، جن جي نسخن جو حصول ٿيو آهي:
1-
الاربعين:
مخدوم محمد حيات سنڌيءَ
جي هن تصنيف جو ذڪر ڪنهن به نه ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾
چاليهه حديثون آهن. سندس انهيءَ اربعين جو اصل
نالو ”قرة اعين اهل الاسلام باحاديث خير الانام“
آهي. اهو نالو مصنف پاڻ رکيو آهي يا ڪنهن ٻئي؟
انهيءَ متعلق وڌيڪ وضاحت نه ٿي ملي. البته اهو
نالو انهيءَ نسخي جي شروعات ۾ هن طرح لکيل آهي:
”قرة
أعين
أهل
الإسلام
بأحاديث
خير الأنام
عليه الصلاة والسلام الأکملان
للفاضل الکامل العالم، العالم العامل الشيخ محمد
حياة السندي مولداً والمدني ساکناً والنقشبندي
طريقاً تغمده الله بغفرانه واسکنه بحبوبة جنانه
ونفعنا ببرکة علومه الظاهري والباطني“().
هن وقت تائين اسان کي هن ڪتاب جا 2 نسخا معلوم ٿيا
آهن، جن جو تفصيل هن طرح آهي:
(1)
پهريون نسخو:
هي نسخو ترڪي جي معروف ڪتب خاني ”مکتبة ولي الدين
افندي“ ۾ نمبر 801 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. سندس
هيءَ
رسالو انهيءَ مجموعي ۾ 10 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو
ورق نمبر 77/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 86/ب تي ختم
ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 17 سٽون آهن. خط نسخ آهي،
ڪتابت ڪاري مس سان ٿيل آهي. نسخو ڪڏهن ڪتابت ٿيو؟
انهيءَ جي نشاندهي نه آهي ۽ نه وري ڪاتب جو نالو
لکيل آهي. البته نسخي تي مهر لڳل آهي، جنهن ۾ لکيل
آهي: وقف شيخ الاسلام ولي الدين افندي بن المرحوم
الحاج مصطفى آغا بن المرحوم الحاج حسين آغا سنة
1175. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي نسخو 1175هجري
کان پهريان جو لکيل آهي.
نسخي جي شروعات: الحمد لله کما يحب ويرضاه،
والصلاة والسلام على مرتضاه...اما بعد: فقد طلب
مني بعض الاخوان ان اکتب له بعض الاحاديث الواردة
من سيد ولد عدنان.....
نسخي جي پڄاڻي: والحمد لله على الاتمام والصلاة
والسلام على خير الانام.
(2) ٻيو نسخو:
هي نسخو تونس جي معروف ڪتب خاني ”دارالکتب
الوطنية“ ۾ نمبر (A-MSS-08484
(09)) تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. سندس هي رسالو
انهيءَ مجموعي ۾ 5 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق
نمبر 221/الف کان شروع ٿئي ٿو ته وري 226/الف تي
ختم ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 19 سٽون آهن. خط نسخ
آهي، ڪتابت ڪاري ۽ ڳاڙهي مس سان ٿيل آهي. نسخو
ڪڏهن ڪتابت ٿيو؟ انهيءَ جي نشاندهي نه آهي ۽ نه
وري ڪاتب جو نالو لکيل آهي. البته هن نسخي جو خط
انهيءَ مجموعي ۾ موجود شيخ محمد حيات جي ڪتاب
”تحفة المحبين“ جي نسخي جي خط سان هوبهو مِلي ٿو،
جنهن کي محمد بن ابراهيم بن مصطفى بن اسماعيل سنه
1144هجري ۾ ڪتابت ڪيو آهي. اندازو لڳائي سگھجي ٿو
ته مخدوم محمد حيات جي هن اربعين کي به انهيءَ سال
۾ ڪتابت ڪيو هوندائين.
انهن ٻنهي نسخن جا عڪس راقم وٽ موجود آهن.
2-
تلخيص القول البديع:
شيخ محمد حيات السندي، امام سخاوي جي ڪتاب ”القول
البديع في الصلاة على الحبيب الشفيع“ جي تلخيص ڪئي
آهي.
هن وقت تائين هن رسالي جا اسان کي 2 نسخا معلوم
ٿيا آهن، جن جو تفصيل هن طرح آهي:
(1)
پهريون نسخو:
هي نسخو مصر جي لائبريري ”المکتبة المرکزية في
وزارة الاوقاف“ ۾ نمبر 599 تي هڪ مجموعي ۾ موجود
آهي. انهيءَ مجموعي ۾ هي نسخو 19 ورقن تي مشتمل
آهي، جيڪو ورق نمبر 50/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري
68/الف تي ختم ٿئي ٿو. هر صفحي ۾ سٽون 17 آهن،
نسخو ڪاري مَس سان لکيل آهي. نسخو ڪڏهن ڪتابت ٿيو
آهي؟ ان جي نشاندهي نه آهي، البته عنوان ۾ شيخ
محمد حيات مدني لاءِ ”حفظہ الله ونفع بہ“
جا دعائيه ڪلمات ذڪر ٿيل آهن، جنهن مان معلوم ٿئي
ٿو ته هي نسخو مصنف جي حياتيءَ ۾ لکيو ويو آهي.
رسالي جو عنوان نسخي جي شروعات ۾ هن طرح لکيل آهي:
خلاصة القول البديع للسخاوي لمولانا الشيخ محمد
حياة حفظه الله ونفع به.
نسخي جي شروعات: الحمد لله الذي من على
المؤمنين اذ بعث فيهم رسولا...اما بعد: فقد قال
الله تعالى: ان الله وملئکته....
نسخي جي پڄاڻي: وقنا عذاب النار، وصلى الله على
سيدنا وشفيعنا ووسيلتنا محمد اناء الليل والنهار
وعلى آله واصحابه الاخيار، آمين.
انهيءَ نسخي جو عڪس راقم وٽ موجود آهي.
(2)
ٻيو نسخو:
هي نسخو يمن جي شهر ”صنعاء“ جي لائبريري ”دار
المخطوطات والمکتبة الغربية بالجامع الکبير“ ۾
نمبر 3101 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. انهيءَ
مجموعي ۾ هي نسخو 6 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق
نمبر 88 کان شروع ٿئي ٿو ته وري 93 تي ختم ٿئي ٿو().
3-
رسالة في اصول الحديث:
مخدوم محمد حيات جو هي رسالو علم اصول حديث متعلق
آهي. پاڻ هن رسالي ۾ حديث جي اصولن کي بيان ڪيو
آهي. ۽ پاڻ هن رسالي ۾ صحاحِ سته ۾ مذڪور حديثن جي
تعداد تي پڻ ڪلام ڪيو آهي.
هن وقت تائين هن رسالي جا اسان کي 2 نسخا معلوم
ٿيا آهن، جن جو تفصيل هن طرح آهي:
(1)
پهريون نسخو:
هي نسخو ترڪي جي ڪتب خاني ”مکتبة بايزيد علي اميري
عربي“ ۾ نمبر 4407/1 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي.
سندس هي رسالو انهيءَ مجموعي ۾ 10 ورقن تي مشتمل
آهي، جيڪو ورق نمبر ا/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري
10/الف تي ختم ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 11 سٽون آهن.
خط نسخ آهي، ڪتابت ڪاري مس سان ٿيل آهي. نسخو ڪڏهن
ڪتابت ٿيو؟ انهيءَ جي نشاندهي نه آهي ۽ نه وري
ڪاتب جو نالو لکيل آهي.
نسخي جي پڇاڙي ۾ لکيل آهي: المؤلف العلامة محمد
حياة السندي ثم المدني عفى الله عنه.
نسخي جي شروعات: الحمد لله والصلاة والسلام على
رسول الله عليه وسلم، علم الحديث علم بقوانين يعرف
بها احوال السند والمتن.....
نسخي جي پڄاڻي: وفي بعض ما ذکر الاختلاف بين
العلماء، والله اعلم بالصواب.
(2)
ٻيو نسخو:
هي نسخو ترڪي جي ڪتب خاني ”مکتبة يحيى توفيق
افندي“ ۾ نمبر 1380/1 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي.
سندس هي رسالو انهيءَ مجموعي ۾ 9 ورقن تي مشتمل
آهي، جيڪو ورق نمبر ا/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري
9/ب تي ختم ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 11 سٽون آهن. خط
نسخ آهي، ڪتابت ڪاري مس سان ٿيل آهي، البته حديثن
جي اصطلاحات مٿان ڳاڙهي مس سان لڪيرون ڏنل آهن.
نسخو ڪڏهن ڪتابت ٿيو؟ انهيءَ جي نشاندهي نه آهي ۽
نه وري ڪاتب جو نالو لکيل آهي. البته هن نسخي جو
خط انهيءَ مجموعي ۾ موجود شيخ محمد حيات جي ڪتاب
”تحفة المحبين“ جي نسخي جي خط سان هوبهو مِلي ٿو،
جنهن کي زاهد ڪابلي اڱاري جي ڏينهن محرم الحرام
مهيني ۾ سنه 1170هجري ۾ جامع تنکز شام شريف ۾
ڪتابت ڪيو آهي. اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته مخدوم
محمد حيات جي هن نسخي کي به انهيءَ سال ۾ ڪتابت
ڪيو هوندائين.
نسخي جي پڇاڙي ۾ لکيل آهي: المؤلف الفاضل الشيخ
محمد حياة حياه الله حياة طيبة ويجعله من السعداء
في الدارين ونافعا للخلق من علومه السندي ثم
المدني عفى الله عنه.
انهن ٻنهي نسخن جا عڪس راقم وٽ موجود آهن.
4-
رسالة في الرد على من ادعى التناقض في کلام الله
عزوجل من الزنادقة:
شيخ محمد حيات پنهنجي هن رسالي کي امام احمد بن
حنبل جي ڪتاب ”الرد على الجهمية والزنادقة“ مان
انتخاب ڪيو آهي، ۽ واڌارا به ڪيا اٿس. پاڻ هن
رسالي ۾ زنديقن طرفان قرآن پاڪ مٿان تعارض جي
اعتراضن کي دليلن سان رد ڪيو آهي. ۽ ثابت ڪيو اٿس
ته قرآن پاڪ ۾ ڪو به تعارض نه آهي.
شيخ محمد حيات جي هن رسالي جا اسان کي هن وقت
تائين 2 نسخا معلوم ٿيا آهن، جنهن جو تفصيل هن طرح
آهي:
(1)
پهريون نسخو:
هي نسخو آمريڪا جي پراڻي يونيورسٽي ”يَيل
يونيورسٽي“ (Yale
University)
جي لائبريري ۾ نمبر
L178
تي موجود آهي. هي رسالو 9 ورقن تي مشتمل آهي، هر
هڪ صفحي ۾ 25 سٽون آهن. خط نسخ آهي، ڪتابت ڪاري ۽
ڳاڙهي مس سان ٿيل آهي. نسخو ارڙهين صدي عيسوي ۾
ڪتابت ٿيو آهي ۽ نسخي تي ڪاتب جو نالو لکيل نه آهي().
نسخي جي شروعات ۾ رسالي جو نالو هن طرح لکيل آهي:
رسالة في الرد على من ادعى التناقض في کلام الله
عزوجل من الزنادقة للمرحوم العلامة الشيخ محمد
حياة السندي رحمه الله ونفعنا به آمين.
نسخي جي شروعات: الحمد لله من علينا بکتابه
والصلاة والسلام على من شرفه بخطابه ... اما بعد:
فالقرآن کتاب عزيز، لا ياتيه الباطل من بين
يديه....
نسخي جي پڄاڻي: ويوضحون غرره ومع ذلک لم يعرفوا
قطرة من ابحره.
(2)
ٻيو نسخو:
هي نسخو جرمني جي يونيورسٽي ”گوئٽي يونيورسٽي“ (Goethe
University)
جي لائبريري ۾ نمبر
A119
تي
هڪ مجموعي ۾
موجود آهي. انهيءَ مجموعي ۾ هي رسالو 5 ورقن تي
مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 65 کان شروع ٿئي ٿو ته
وري 69 تي ختم ٿئي ٿو. هر هڪ صفحي ۾ 38 سٽون آهن.
خط نسخ آهي، ڪتابت ڪاري ۽ ڳاڙهي مس سان ٿيل آهي.
نسخي جي ڪتابت جو سال لکيل نه اٿس۽ نه وري نسخي تي
ڪاتب جو نالو لکيل آهي.
مجموعي جي شروعات ۾ رسالي جو نالو هن طرح لکيل
آهي:
هذه الرسالة للشيخ الحافظ محمد بن حيوة السندي
رحمه الله في نفي الاختلاف والتناقض عن الکتاب
المجيد الذي لا ياتيه الباطل من بين يديه ولا من
خلفه تنزيل من حکيم حميد.
انهن ٻنهي نسخن جا عڪس راقم وٽ موجود آهن.
فائدو: ڊاڪٽر وائل بن محمد بن علي جابر جامعة ييل
واري نسخي کي سامهون رکي تحقيق ڪري مجله
”الراسخون“ جي شماري 7، عدد 3، سيپٽمبر 2021 ۾
شايع ڪيو آهي.
5-
مختصر الجواهر المکللة في الاخبار المسلسلة
للسخاوي:
شيخ محمد حيات سنڌيءَ، امام سخاوي عليه الرحمة جي
ڪتاب ”الجواهر المکللة في الاخبار المسلسلة“ جو
اختصار ڪيو آهي.
هن وقت تائين اسان کي هن رسالي جو هڪ نسخو معلوم
ٿيو آهي، جنهن جو تفصيل هن طرح آهي:
هي نسخو ترڪي جي ڪتب خاني ”مکتبة بغدادلي وهبي“ ۾
نمبر 317
تي هڪ مجموعي
۾ موجود آهي. هي نسخو 17 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو
ورق نمبر 95/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 111/ب تي
ختم ٿئي ٿو. نسخي جي هر صفحي ۾ 21 سٽون آهن. خط
نسخ آهي، ڪتابت ڪاري ۽ ڳاڙهي مس سان ٿيل آهي. نسخي
تي سنِ ڪتابت لکيل نه آهي ۽ نه ئي وري ڪاتب جو
نالو لکيل آهي.
نسخي جي شروعات: الحمد لله حمداً بوافي
نعمه، ويکافي مزيد فضله... اما بعد: فيقول الفقير
محمد حياة السندي ولادة والمدني اقامة عفى الله
عنه .... قد روى السخاوي المسلسلات وذکر
احوالها....
نسخي جي پڄاڻي: قال في التقريب: صدوق
له اوهام، والله سبحانه وتعالى اعلم بالصواب.
هن نسخي جو عڪس راقم وٽ موجود آهي.
6-
رسالة في شبهات واجوبتها:
علامه ابو سعيد محمد الخادمي الحنفي (وفات:
1176هـ) جڏهن سنه 1156هجري ۾ حج ادا ڪرڻ لاءِ
حرمين شريفين ويو ته انهيءَ دوران اُن شيخ محمد
حيات سنڌيءَ وٽ 5 سوال لکي موڪليا، تنهن تي شيخ
محمد حيات انهن سوالن جا جواب پڻ ڏنا. وري علامه
ابو سعيد محمد الخادمي سنه 1161هجري ۾ وري ٻيا 6
سوال لکيا، انهن جا جواب شيخ محمد حيات ڏنا، انهن
سوالن ۽ جوابن کي هن رسالي ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي.
هن رسالي جا ڪافي نسخا دنيا جي مختلف لائبريرين ۾
موجود آهن. اسان انهن نسخن جو تفصيل ذڪر ڪريون ٿا،
جن جا اسان کي نسخا حاصل ٿيا آهن.
(1)
پهريون نسخو:
هي نسخو حرم مڪي
جي لائبريري (مکتبة الحرم المکي)
۾ نمبر 1344/17
تي هڪ مجموعي
۾ موجود آهي. انهيءَ مجموعي ۾ هي نسخو 5 ورقن تي
مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 104/ب کان شروع ٿئي ٿو
ته وري 108 تي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ نسخي جي هر صفحي
۾ 24 سٽون آهن. خط نسخ آهي، ڪتابت ڪاري ۽ ڳاڙهي مس
سان ٿيل آهي. نسخي تي سنِ ڪتابت ۽ ڪاتب جو نالو
لکيل نه آهي().
نسخي جي شروعات: الحمد لله وسلام على عباده
الذين اصطفى وبعد فهذه شبهة عارضة
أكثرها
لهذا الفقير
أبو
سعيد محمد الخادمي .. سنة ستة وخمسين ومائة وألف
نسخي جي پڄاڻي: بخلاف اتصافه بالسواد والعمى فإنه
يتوقف على
كونه
موجودًا بوجود
أصيل
أولا
حتى يتصور اتصافه بأحدهما
فتأمل.
(2)
ٻيو نسخو:
هي نسخو ترڪي
جي لائبريري (مکتبة يازما باغشيلار)
۾ نمبر 6160/8
تي هڪ مجموعي
۾ موجود آهي. انهيءَ مجموعي ۾ هي نسخو 5 ورقن تي
مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 14/ب کان شروع ٿئي ٿو ته
وري 16/ب تي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ نسخي جي هر صفحي ۾
23 سٽون آهن. خط نسخ آهي، ڪتابت ڪاري ۽ ڳاڙهي مس
سان ٿيل آهي. نسخي تي سنِ ڪتابت ۽ ڪاتب جو نالو
لکيل نه آهي.
(3)
ٽيون نسخو:
هي نسخو ترڪي
جي شهر قونيه جي لائبريري (مکتبة يوسف آغا)
۾ نمبر 4893
تي هڪ مجموعي
۾ موجود آهي. انهيءَ مجموعي ۾ هي نسخو 2 صفحن تي
مشتمل آهي، جيڪو صفحي نمبر 255 کان شروع ٿئي ٿو ته
وري 256 تي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ نسخي جي هر صفحي ۾
29 سٽون آهن. خط نسخ آهي، ڪتابت ڪاري ۽ ڳاڙهي مس
سان ٿيل آهي. نسخي تي سنِ ڪتابت ۽ ڪاتب جو نالو
لکيل نه آهي.
(4)
چوٿون نسخو:
هي نسخو مصر
جي لائبريري (الخزانة التيمورية ضمن دار الکتب
المصرية)
۾ مجموعي نمبر 297 ۾ موجود آهي. انهيءَ مجموعي ۾
هي نسخو 3 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 225
کان شروع ٿئي ٿو ته وري 227 تي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ
نسخي جي هر صفحي ۾ 24 سٽون آهن. خط نسخ آهي، ڪتابت
ڪاري ۽ ڳاڙهي مس سان ٿيل آهي. نسخي تي سنِ ڪتابت ۽
ڪاتب جو نالو لکيل نه آهي.
(5)
پنجون نسخو:
هي نسخو ترڪي
جي لائبريري (مکتبة راشد افندي)
۾ نمبر 27017
تي هڪ مجموعي
۾ موجود آهي. انهيءَ مجموعي ۾ هي نسخو 3 ورقن تي
مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 85/الف کان شروع ٿئي ٿو
ته وري ورق نمبر 87/الف تي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ
نسخي جي هر صفحي ۾ 23 سٽون آهن. خط نسخ آهي، ڪتابت
ڪاري ۽ ڳاڙهي مس سان ٿيل آهي. نسخي تي سنِ ڪتابت
لکيل نه آهي ۽ ڪاتب جو نالو محمد ادب القيصري لکيل
آهي.
(6)
ڇهون نسخو:
هي نسخو ترڪي
جي لائبريري (مکتبة راشد افندي)
۾ نمبر 27017
تي هڪ مجموعي
۾ موجود آهي. انهيءَ مجموعي ۾ هي نسخو 3 ورقن تي
مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 160/ب کان شروع ٿئي ٿو
ته وري ورق نمبر 162/الف تي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ
نسخي جي هر صفحي ۾ 23 سٽون آهن. خط نسخ آهي، نسخو
ڪاري مَس سان لکيل آهي، هن نسخي کي محمد ادب
القيصري ڪتابت ڪيو آهي ۽ نسخي تي سنِ ڪتابت لکيل
نه آهي.
انهن ڇهن نسخن جا عڪس راقم وٽ موجود آهن.
فائدو:
مخدوم محمد حيات جي هن رسالي کي مطبعہ عامره سنه
1302هجري ۾ مجموع رسائل ابي سعيد الخادمي ۾ شايع
ڪيو آهي.
7-
رسالة في الکتابة الواردة عن رسول الله ﷺ ونسبتها
الى الله تعالى:
شيخ محمد حيات مدني جي هن تصنيف جو ذڪر ڪنهن به نه
ڪيو آهي. شيخ محمد حيات ڏي هڪ سوال لکي موڪليو
ويو، جنهن جي جواب ۾ پاڻ هي رسالو لکيو اٿن.
هن وقت تائين اسان کي هن رسالي جو هڪ نسخو معلوم
ٿيو آهي، جنهن جو تفصيل هن طرح آهي:
هي نسخو يمن جي شهر ”صنعاء“ جي لائبريري ”دار
المخطوطات والمکتبة الغربية بالجامع الکبير“ ۾
نمبر 3101 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. انهيءَ
مجموعي ۾ هي نسخو 4 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق
نمبر 84 کان شروع ٿئي ٿو ته وري 87 تي ختم ٿئي ٿو().
فائدو: هن ئي مجموعي ۾ هڪ رسالو آهي، جنهن ۾ شيخ
محمد حيات مدني جي ”نقشبندي طريقي“ متعلق لکيو ويو
آهي، هي نسخو ورق نمبر 61 کان شروع ٿئي ٿو ته وري
64 تي ختم ٿئي ٿو.
8-
رسالة في بعض رسوم الجاهلية:
شيخ محمد حيات مدني جي هن تصنيف جو ذڪر ڪنهن به نه
ڪيو آهي. هن وقت تائين اسان کي هن رسالي جا 3 نسخا
معلوم ٿيا آهن، جنهن جو تفصيل هن طرح آهي:
(1)
پهريون نسخو:
هي نسخو ايران
جي لائبريري (مکتبه مجلس شوراي)
۾ نمبر 16180
تي هڪ مجموعي
۾ موجود آهي. هي نسخو 16 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو
صفحي نمبر 30 کان شروع ٿئي ٿو ته وري 46 تي ختم
ٿئي ٿو. انهيءَ نسخي جي هر صفحي ۾ 13 سٽون آهن. خط
نسخ آهي، نسخو ڪاري ۽ ڳاڙهي مَس سان لکيل آهي، هن
نسخي کي غوث محي الدين سنه 1263هجري ۾ ڪتابت ڪيو
آهي().
نسخي جي شروعات: الحمد لله الذي ازاح رسوم
الجاهلية ببعث سيد المرسلين....اما بعد: فهذه
رسالة في رسوم الجاهلية، قال الله تعالى: وجاوزنا
ببني اسرائيل البحر.....
نسخي جي پڄاڻي: اللهم وفقني واياهم لما ترضى
واجعل آخرتنا خيرا من الاولى وصلى الله على سيدنا
محمد وآله وصحبه وسلم.
هن نسخي جو عڪس راقم وٽ موجود آهي.
(2)
ٻيو نسخو:
هي نسخو هندستان جي شهر ويلور (Vellore)
جي لائبريري ”مکتبہ مدرسہ لطيفيہ“ ۾ مجموعي ۾
موجود آهي. انهيءَ مجموعي ۾ هي نسخو 10 ورقن تي
مشتمل آهي، جيڪو ورق نمبر 72 کان شروع ٿئي ٿو ته
وري 82 تي ختم ٿئي ٿو.
(3)
ٽيون نسخو:
هي نسخو هندستان جي شهر ويلور (Vellore)
جي لائبريري ”مکتبہ کلية الباقيات الصالحات“ ۾
نمبر 8909 تي هڪ مجموعي ۾ موجود آهي. انهيءَ
مجموعي ۾ هي نسخو 5 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق
نمبر 220 کان شروع ٿئي ٿو ته وري 224 تي ختم ٿئي
ٿو.
9-
احاديث الجمع بين الصلاتين:
شيخ محمد حيات مدني هن رسالي ۾ پنهنجي احباب جي
گذارش تي سفر ۾ ٻن نمازن کي گڏي پڙهڻ متعلق حديثن
کي ذڪر ڪيو آهي.
هن وقت تائين اسان کي هن رسالي جو هڪ نسخو معلوم
ٿيو آهي، جنهن جو تفصيل هن طرح آهي:
هي نسخو هندستان جي شهر لکهنؤ
جي لائبريري (مکتبه شبلي نعماني دار العلوم ندوة
العلماء)
۾ نمبر 39/2 الحديث العربي
تي
موجود آهي. هي نسخو 4 ورقن تي مشتمل آهي، جيڪو ورق
نمبر 1/ب کان شروع ٿئي ٿو ته وري 4/ب تي ختم ٿئي
ٿو. انهيءَ نسخي جي هر صفحي ۾ 12 سٽون آهن. خط
نستعليق آهي، نسخو ڪاري مَس سان لکيل آهي. نسخي تي
سنِ ڪتابت ۽ ڪاتب جو نالو لکيل نه آهي.
نسخي جي شروعات: الحمد لله الذي قال: فلا وربک
لا يؤمنون ... والصلاة والسلام على حبيبه الذي
قال: لا يؤمن احدکم.....
نسخي جي پڄاڻي: ومن علينا بالاعتصام بسنة حبيبک
محمد ﷺ، کتبه محمد حياة السندي المدني.
هن نسخي جو عڪس راقم وٽ موجود آهي.
10-
رسالة الى محمد بن عبد الوهاب:
سلطنت عثماني ۾ مدينه منوره جي امير مسعود بن سعيد
جڏهن محمد بن عبد الوهاب نجدي جي تبليغي ڪارنامن
کان واقف ٿيو ته انهيءَ سنه 1162هجري ۾ سلطنت
عثماني جي طرف خط لکي اطلاع ڪيو، تنهن تي سلطنت
عثماني کان مدينه منوره جي امير جي طرف جواب آيو
ته هو محمد بن عبد الوهاب کي تبليغي سرگرمين کان
روڪي().
پوءِ شايد مديني جي امير وري هي معاملو شيخ محمد
حيات مدني جي حوالي ڪيو؛ ڇو ته حجاز ۾ شيخ محمد
حيات جي وڏي عزت هئي. شيخ محمد حيات وري محمد بن
عبد الوهاب ڏي خط لکيو.
هن وقت تائين اسان کي هن رسالي جو هڪ نسخو معلوم
ٿيو آهي، جنهن جو تفصيل هن طرح آهي:
هي نسخو سعودي عرب جي شهر رياض ۾ دارة الملک عبد
العزيز ۾ نمبر 2218
تي هڪ مجموعي
۾ موجود آهي. انهيءَ مجموعي ۾ هي نسخو ورق نمبر
56 تي موجود آهي. هي نسخو 2 صفحن تي مشتمل آهي. هي
نسخو سنه 1356هجري ۾ ڪتابت ڪيو ويو آهي.
نسخي جي شروعات: من قليل العلم والفهم محمد
حياة احقر ابناء التراب الى مثلما محمد بن عبد
الوهاب، السلام على من اتبع الهدى، اما بعد: .....
نسخي جي پڄاڻي: من اللبن والرفق والرافة
والدعوة بالحکمة، والله الموفق، وصلى الله على
سيدنا محمد وآله وصحبه وسلم.
11-
رسالة في رد ايمان فرعون:
مخدوم محمد حيات مدني جو هي رسالو فرعون جي مؤمن
هجڻ جي ترديد ۾ آهي. پاڻ هن رسالي ۾ فرعون جي ڪافر
هجڻ تي قرآن مجيد جون آيتون ۽ احاديث مبارڪه ذڪر
ڪيون آهن.
هن رسالي جي نالي جو تعين نه ٿي سگھيو آهي. فقط
رسالي جي شروع ۾ لکيل آهي: وهذه رسالة للشيخ
محمد حياة ايضا، استوعب فيها النصوص القرآنية.
هن وقت تائين اسان کي هن رسالي جو هڪ نسخو معلوم
ٿيو آهي، جنهن جو تفصيل هن طرح آهي:
هي نسخو هندستان جي شهر ”رامپور“ جي مشهور
لائبريري ”مکتبه رضا رامپور“ ۾ نمبر (1971
M 1290)
تي هڪ مجموعي ۾
موجود آهي.
انهيءَ مجموعي ۾ هي نسخو 5 ورقن تي مشتمل آهي.
جيڪو ورق نمبر 6/الف کان شروع ٿئي ٿو ته وري 7/ب
تي ختم ٿئي ٿو.
۽ هر صفحي ۾ 20 سٽون آهن. نسخي جو خط نسخ آهي. هن
نسخي کي شيخ محمد حيات جي شاگرد محمد سعيد سفر جي
فرزند احمد المدني جمعي جي ڏينهن 21 رمضان سنه
1183هجري ۾ ڪتابت ڪيو آهي().
نسخي جي شروعات:
الحمد لله والصلاة والسلام على اکمل خلق
الله...اما بعد: فقد قال ابن عربي في الفصوص: قبضه
اي فرعون الحق تعالى طاهرا مطهرا ليس فيه شيء من
الخبث...
نسخي جي پڄاڻي:
واذا لم يکن في هذه دلالة على موت فرعون على الکفر
ففي اي شيء تکون دلالة على مدلوله والله اعلم...
تنبيهه:
مخدوم محمد حيات جو هي رسالو سندس رسالي ”العون في
کشف حال فرعون“ کان علاوه آهي.
هن نسخي جو عڪس راقم وٽ موجود آهي.
(ب): اهي ڪتاب، جن جي نسخن جو حصول نه ٿي سگھيو
آهي:
هن فصل ۾ انهن ڪتابن جا نالا ذڪر ويا وڃن ٿا، جن
جو فقط تفصيل معلوم ٿي سگھيو آهي، نسخن کي حاصل نه
ڪري سگهيا آهيون. اميد آهي ته اسان کان به وڌيڪ
جاکوڙي جوانَ مخدوم محمد حيات مدني جي انهن ڪتابن
کي حاصل ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿي ويندا.
12-
تحفة الاخيار في اصطلاحات الاخبار:
مخدوم محمد حيات سنڌي جي هي تصنيف افغانستان ۾
مڪتبه محمد ظاهر شاهه ۾ نمبر 5191 ۾ مجموعي ۾
موجود آهي.
نسخي جي وصف:
هي نسخو انهيءَ مجموعي جي ورق نمبر 1/ب کان شروع
ٿئي ٿو ته وري 8/الف تي ختم ٿئي ٿو. هي نسخو سنه
1158هجري جو لکيل آهي().
13-
رسالة في الاحاديث في الصعقة التي يوم القيامة:
بظاهر رسالي جي نالي مان معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم
محمد حيات سنڌي جي هن تصنيف ۾ اُهي حديثون مذڪور
آهن، جن جو تعلق قيامت واري ڏينهن صور ڦوڪڻ بابت
آهي.
اسان کي فقط هن رسالي جو نالو معلوم ٿي سگھيو آهي.
”بوسنا (Bosna)“
جي گادي هنڌ ”سراجيو (Sarajevo)“
جي مشهور لائبريري ”مکتبة غازي خسرو بيگ (Gazi
Husrev Bey' Library)“
۾ نمبر
R-3567
۾ مجموعي جي پهرين صفحي تي عنوان
جي فهرست ۾ ٻين نالن سان گڏ هن رسالي جو نالو به
لکيل آهي. مجموعي ۾ نالو
هن طرح لکيل آهي: مجموعة من الاحاديث لمحمد
حياة افندي في الصعقة التي يوم القيامة.
مجموعي جي شروع واري فهرست ۾ ايترو اشارو ڏنل آهي
ته هي رسالو انهيءَ مجموعي جي ورق نمبر 94 کان
شروع ٿئي ٿو ته وري ورق نمبر 96 تي ختم ٿئي ٿو.
انهيءَ مجموعي ۾ شيخ محمد حيات مدني جا هي رسالا
به موجود آهن:
1.
الجنة في عقيدة اهل السنة.
2.
رسالة في توفيق التناقض بين الآيات وبين الاحاديث.
3.
قطع النزاع في باب السماع.
4.
رسالة في رد بعض رسوم الجاهلية.
5.
رسالة في الدخان الخبيث.
6.
فتح اللطيف في اجوبة اسئلة الشريف.
پر افسوس جو هي مجموعو آخر ۾ مڪمل ناهي، هن مجموعي
۾ فقط پهريون ڪتاب ”حاشية الخيالي على شرح
العقائد“ موجود آهي. اڳتي ٻيا رسالا هن مجموعي ۾
نه آهن. هي ”حاشية الخيالي“ وارو مجموعو فيض الله
الحاج بايرام زاده مکتبه غازي خسرو بيگ کي سنه
1370هه ۾ تحفو ڪيو().
اسان ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته اهو مجموعو مڪمل مِلي،
انهيءَ اميد تي اسان ڪتبخاني وارن سان ڪيترا ڀيرا
رابطو پڻ ڪيو، اُنهن هر ڀيري اهو ئي جواب ڏنو ته:
هي مجموعو آخر ۾ مڪمل ناهي، انهيءَ مجموعي ۾ فقط
”حاشية الخيالي“ جو نسخو آهي.
وري به اسان الله سائين جي رحمت مان نا اميد نه
آهيون. ان شاء الله ضرور شيخ محمد حيات جي انهيءَ
مجموعي ۾ مذڪور رسالا هٿ ٿيندا.
14-
فتح المبين في التلقين :
شيخ محمد حيات مدني جي هن رسالي جو عنوان به
انهيءَ مکتبه غازي خسرو بيگ واري مجموعي جي
عنوانات جي فهرست ۾ لکيل آهي. جنهن ۾ هي نالو هن
طرح لکيل آهي: رسالة لمحمد حياة افندي المسماة
بفتح المبين في التلقين، اي: تلقين الميت.
مخدوم محمد حيات هي رسالو ميت جي تلقين بابت لکيو
آهي.
هي رسالو انهيءَ مجموعي جي ورق نمبر 101 کان شروع
ٿئي ٿو ته وري ورق نمبر 105 تي ختم ٿئي ٿو.
15-
رسالة في حق الکبائر فعلًا و ترکًا :
شيخ محمد حيات مدني جي هن رسالي جو عنوان به
انهيءَ مکتبه غازي خسرو بيگ واري مجموعي جي
عنوانات جي فهرست ۾ لکيل آهي. جنهن ۾ هي نالو هن
طرح لکيل آهي: رسالة لمحمد حياة افندي في حق
الکبائر فعلًا وترکًا.
هي رسالو انهيءَ مجموعي جي ورق نمبر 107 کان شروع
ٿئي ٿو ته وري ورق نمبر 112 تي ختم ٿئي ٿو.
16-
رسالة في اختيار جزئي :
شيخ محمد حيات مدني جي هن رسالي جو عنوان به
انهيءَ مکتبه غازي خسرو بيگ واري مجموعي جي
عنوانات جي فهرست ۾ لکيل آهي. جنهن ۾ هي نالو هن
طرح لکيل آهي: اختيار جزئي رسالة سي لمحمد حياة
افندي المدني.
هي رسالو انهيءَ مجموعي جي ورق نمبر 63 کان شروع
ٿئي ٿو ته وري ورق نمبر 68 تي ختم ٿئي ٿو.
(هلندڙ)
()
مجموع محفوظ مکتبة ولي الدين افندي، رقم:
801، ورقة: 77/ب.
()
فهرس المخطوطات اليمنية لدار المخطوطات
والمکتبة الغربية بالجامع الکبير، المجلد
2، الصفحة: 1747، اعداد: احمد محمد
العيسوي واحمد يحيى الغماري، وکثيرون،
الناشر: مکتبة سماحة آية الله العظمي
المرعشي ايران، الطبعة الاولى
1426هـ/2005ع.
()Arabic
manuscripts in the Yale University
Library, page:75,
compiled by Leon Nemoy,
()
فهرس مخطوطات مکتبة الحرم المکي الشريف،
جلد 7، صفحه 87، ناشر: دار الماثور
للطباعة والنشر والتوزيع، سن اشاعت:
1438هـ.
()
فهرس المخطوطات اليمنية لدار المخطوطات
والمکتبة الغربية بالجامع الکبير، المجلد
2، الصفحة: 1746، اعداد: احمد محمد
العيسوي واحمد يحيى الغماري، وکثيرون،
الناشر: مکتبة سماحة آية الله العظمي
المرعشي ايران، الطبعة الاولى
1426هـ/2005ع.
()
فهرستگان نسخهاي خطي ايران (فنخا)، جلد
24، صفحه 645، مؤلف: مصطفى درايتي، ناشر:
سازمان اسناد وکتبخانه ملي جمهوري اسلامي
ايران،
()
اشراف مکة المکرمة وامرائها في العهد
العثماني، الصفحة: 179، تاليف ترکي:
اسماعيل حقي جارشلي، مترجم عربي: د. خليل
علي مراد ، الناشر: دار العربية للموسوعات
بيروت، الطبعة الاولى 1424هـ/2003ع.
()
Catalogue of the Arabic Manuscripts in
Raza Library Rampur, vol:2, page:456,
()
فهرس الشامل للتراث العربي الاسلامي
المخطوط، قسم الحديث، مجمع الملکي البحوث
الحضارة الاسلامية، عمان، سنة النسر:
1991ع، 1/336،
Manuscripts d’Afghanistan, page:62.
()katalog
arapskih turskih perzijskih i bosanskih
rukopisa, Vol: 11, page: 433,
published: 2003.
|