مولوي عبدالحميد يوسفاڻي
(قسط چوٿين)
عمرڪوٽ
حديث پاڪ جا چند راوي
حضرت اُمُّ المُومنينَ زَينَب رضي الله عنھا:
سندس نالو: زينب، ڪنيت: اُمُّ الحَڪَم، والد جو
نالو: جَحش بن رَباب، والده جو نالو: اُميمَه،
خاندان: اسد ابن خزيمه، قبيلو: قريش ۽ نبي ﷺ جن جي
گهر واري آهي، سندس پهريون نڪاح نبيﷺ جي پُٽيلي
حضرت زيد بن حارثه رضي الله عنہ سان ٿيو، ان کان
پوءِ نبي ﷺ جي نڪاح ۾ آئي، سندس وفات: 53 سالن جي
عمر ۾ 20هجري ۾ ٿي، هن کان 11 حديثون مروي آهن.
حضرت وابِصَھ بن مَعبَد رضي الله عنھ:
سندس نالو: وابِصَہ، والد جو نالو: معبد ابن مالڪ
بن عبدالاسدي آهي، سندس ڪنيت: ابو شداد اَوسي آهي،
ڪوفي ۾ قيام ڪيائين اُتان جزيره جو رخ ڪيائين اُتي
رهڻ لڳو. نبي ﷺ جي خدمت ۾ ڏهن ماڻهن سان گڏجي اچي
مسلمان ٿيو. سڀ کان وڌيڪ روئندڙ اصحابيؓ آهي، سندس
انتقال مقام رقه ۾ ٿيو، اُتي جي جامع مسجد جي
مينار وٽ قبر مبارڪ آهي، هن کان 11 حديثون منقول
آهن.
حضرت رَبيَعـة بن ڪَعَب رضي الله عنھ:
سندس نالو: ربيعه، ڪنيت: ابو فَراس، والد جو نالو:
ڪعب بن يعمراسلي آهي، هجرت کان پوءِ مسلمان ٿيو،
ڪيترن ئي غزون ۾ حصو ورتائين، نبيﷺ جي حياتي تائين
مديني ۾ رهيو پوءِ پنهنجي قبيلي ڏانهن هليو ويو،
واقعه حره کان پوءِ 63هه ۾ سندس انتقال ٿيو، هن
کان 11 حديثون روايت آهن.
حضرت ابو يَحيٰ خُرَيم بن فاتِڪ رضي الله عنھ:
سندس نالو: خريم، ڪنيت ابويحييٰ، والد جو نالو:
فاتڪ آهي، صلح حديبيه ۾ حاضر هو، سندس تعلق شام
سان هو، هن کان 10 روايتون آهن.
حضرت ابو زُهَير عَمَّاره بن رويبھ رضي الله عنھ:
سندس نالو: عماره، ڪنيت: ابو زهير، والد جو نالو:
رُوَيبَه، قبيلو: ثَقِيف آهي، ڪوفي ۾ مقيم هو، هن
کان 9 حديثون روايتون آهن.
حضرت سَهل بن عَمرو اَنصاري رضي الله عنھ:
سندس نالو: سهل، والد جو نالو: عَمرو يا رَبيع آهي
يا عُبَيد آهي، انصار جي اَوس قبيلي سان تعلق هو،
ڪثرت ذڪر ڪندو ۽ نمازون پڙهندو هو، غزوات ۾ شريڪ
ٿيو، بدر ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو، دمشق ڏانهن لڏي
ويٺو، حضرت امير معاويهؓ جي دور ۾ انتقال ڪيائين،
هن کان 9 حديثون مروي آهن.
حضرت زينت زوجھ ابن مسعود رضي الله عنھما:
سندس نالو: زينبؓ، قبيلو: ثقيف هو، سندس نڪاح
عبدالله بن مسعودؓ سان ٿيو، حضرت عبدالله بن
مسعودؓ جو ڪوبه ڪمائي جو ذريعو نه هو، ان ڪري هيءَ
هٿ جي هنر سان پنهنجو، پنهنجي مڙس جو، ۽ ٻارن جو
پيٽ پاليندي هئي، هڪ ڀيري چوڻ لڳي، جيڪو ڪمايان ٿي
اُهو توهان کي کارايو ڇڏيان، ان ۾ مون کي ڪهڙو
فائدو ٿو ٿئي. حضرت عبدالله بن مسعودؓ جواب ۾ چيو:
تون پنهنجي فائدي جي صورت ڪڍ مون کي تنهنجو نقصان
منظور نه آهي، اها ڳالهه نبي ﷺ جي سامهون رکيائون،
پاڻ ﷺ ارشاد فرمايو: پنهنجي مڙس ۽ اولاد تي خرچ ڪر
ثواب ملندو، هن کان 8 روايتون منقول آهن.
حضرت ابو ربعِي حَنظَلَته بن رَبيع رضي الله عنھ:
سندس نالو: حنظله، ڪنيت: ابو ربعي، والد جو نالو:
ربيع بن صَيفِي بن ربِاح بن حارث آهي، نبي ﷺ جي
حڪم تي بنو ثقيف ڏانهن سفير طور ويو هو، خلافت
فاروقي ۾ جنگ قادسيه ۾ شرڪت ڪيائين، ڪوفي ۾ وڃي
ويٺو، جنگ جمل کان پوءِ قرقيبا ڏانهن لڏي ويو،
امير معاويهؓ جي دور ۾ قرقيبا ۾ سندس انتقال ٿي
ويو، هن کان 8 حديثون روايت آهن.
حضرت عبدالرحمٰن بلال ابو عبدالرحمٰن رضي الله
عنھ:
حضرت عبدالرحمٰن بلال ابو عبدالرحمٰنؓ فزني فتح
مڪه وقت مزينه قبيلي جو جهنڊو هن وٽ هو، 60هه ۾ 80
سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو، هن کان 8 حديثون
مروي آهن.
حضرت عبدالرحمٰن رضي الله عنھ:
سندس نالو: عبدالرحمٰن، والد جو نالو: حضرت ابوبڪر
صديقؓ، والده جو نالو: اُمَّ رومانؓ، حضرت اُم
المؤمنين عائشهؓ جو سڳو ڀاءُ هو، صلح حديبيته جي
موقعي تي مسلمان ٿيو، مقام حبشي ۾ هڪ هنڌ رهندو هو
۽ هڪ ڀيري ته وري اک نه پٽيائين، حضرت عائشهؓ سندس
قبر تي اچي شهر پڙهيا، هن کان 8 روايتون آهن.
حضرت حارثَھ بن وَهَب رضي الله عنھ:
سندس نالو: حارثه، ولد: وهب، والده جو نالو: اُم
ڪلثوم بنت جرول ابن مالڪ بن المسيب الخزاعيه هو،
هن کان 6 حديثون روايت آهن.
حضرت ابو عُمَر نعمان بن مقرن رضي الله عنھ:
سندس نالو: نُعمان، ڪنيت: ابوعمر ۽ ابوالحڪيم،
والد جو نالو: عمرو بن مقرن بن عائذ مزني آهي، چار
سؤ ماڻهن سان گڏ نبي ﷺ وٽ اچي مسلمان ٿيو، پوءِ
ڪوفه هليو ويو، حضرت عمرؓ کيس نهاوند جو حاڪم
بنايو، 60هه ۾ نهاوند ۾ شهيد ٿيو، هن کان 6 حديثون
روايت آهن.
حضرت عبدالله بن شِخِير رضي الله عنھ:
سندس پورو نالو: عبدالله بن الشخيرؓ بن عَوف بن
ڪَعَب بن وفدان هو، پاڻ ؓ بصرين مان آهي، بني عامر
وارن سان گڏ نبي ﷺ وٽ پهچي مسلمان ٿيو، سندس ٻه
فرزند (1) مُطَرف (2) يَزيد هئا، هن کان 6 روايتون
آهن.
حضرت اَبُو بَشَر قَبِيصَته بن المُخارِق رضي الله
عنھ:
سندس نالو: قصيبه، ڪنيت: اَبو بَشَر، والد جو
نالو: مخارق هو، نسب نامو: قبيصه بن مخارق بن
عبدالله بن شداد بن ربيعته بن نهيڪ بن حلال بن
عامر الحلالي البصري، بصره جو رهواسي هو، پنهنجي
قبيلي وارن سان گڏ اچي مسلمان ٿيو، هن کان 6
روايتون آهن.
حضرت معن بن يزيد رضي الله عنھ:
سندس نالو: مَعنؓ، ڪنيت: ابويزيدؓ، والد جو نالو:
يزيدؓ، ڏاڏي جو نالو: اَخنَسؓ ٽئي بدري آهن، ڪوفي
ويا پوءِ شام ۽ آخر ۾ ڪوفي اچي رهيا، مروان جي
زماني ۾ کيس شهيد ڪيو ويو، هن کان پنج روايتون
آهن.
حضرت ابو عَبس عبدالرحمٰن بن جُبَير رضي الله عنھ:
سندس نالو: عبدالرحمٰن، ڪنيت: ابوعبس، پورو نالو:
عبدالرحمٰن بن جبر بن عمرو بن زيد بن جشم بن مجده
انصاري آهي، بدري آهي، حضرت عثمانؓ جي عهدِ خلافت
۾ 34هه ۾ مدينه منوره ۾ انتقال ٿيو، سندس جنازي جي
نماز حضرت عثمانؓ پڙهائي، هن کان 5 روايتون آهن.
حضرت ابو زَيد عمرو بن الاَخطَب رضي الله عنھ:
سندس نالو: عمرو، ڪنيت: ابو اخطلب انصاري آهي،
تيرهن غزون ۾ نبي ﷺ سان گڏ هو، نبي ﷺ سندس مٿي تي
هٿ ڦيري دعا ڪئي، 120 سالن جي ڄمار ۾ ڪجهه وار
اَڇا ٿيا، هن کان 4 حديثون مروي آهن.
حضرت وَحشِي بن حَرب رضي الله عنھ:
سندس نالو: وحَشي، ڪنيت: ابو دَسَمَه، نسلاً حبشي
۽ جبير بن مُعطمؓ جو غلام هو، جنگِ بدر ۾ حضرت
حمزهؓ جبير بن معطم جي چاچي طعيمه بن عدي کي قتل
ڪيو هو، ان ڪري جبير وحشيؓ کي چيو جنگِ احد ۾ حمزه
کي قتل ڪري ڇڏ، وحشيؓ نيزو هنيو جيڪو حضرت حمزهؓ
جي دن جي آر پار ٿي ويو ۽ حضرت حمزهؓ شهيد ٿي ويو،
فتح مڪه کان پوءِ مديني ۾ اچي مسلمان ٿيو، رسول
الله ﷺ فرمايو: وحشي توکي ڏسي مون کي منهنجي چاچي
جي ياد اچي ٿي، حضرت وحشيؓ ان ڏوهه جو ڏنڊ ڀرڻ
چاهيو پئي جڏهن مسيلمه ڪذاب سان جنگ ٿي تڏهن وحشيؓ
ساڳيو نيزو مسيلمه جي سيني جي آرپار ڪيو، حمص ۾
سندس وفات ٿي، هن کان چار ٻيو قول ته اَٺ روايتون
آهن.
حضرت اُمَيه بن مَخشِي رضي الله عنھ:
پاڻ رضي الله عنه اُميه بن مَخشِي خُزاعي اَزدِي
آهن، بصره جا رهواسي هئا، پاڻ رضي الله عنه کان 3
حديثون مروي آهن.
حضرت عَطِيھ بن عُروَ ةاَلسعدِي رضي الله عنھ:
سندس نالو: عطيه بن عروة، ڪنيت: ابوعمر، پاڻ سعدي
آهي، سندس نسب نامو هن طرح آهي: عطيه بن عروة بن
خَيشَم بن سَعد بن بڪر بن هوازن الخ. هن کان 3
روايتون آهن.
حضرت عَدِي بن عُمِيره رضي الله عنھ:
سندس نالو: عدي، والد جو نالو: عميره آهي، سندس
نسب نامو هيءُ آهي: عدي بن عميره بن فروزة بن
زرارة ابو زرارة الڪُندي، پاڻ ڪُندِي خِضرَمي آهي،
ڪوفي جو رهواسي هو، جزير ڏانهن لڏپلاڻ ڪيائين،
جزيره ۾ سندس انتقال ٿيو، هن کان 3 روايتون آهن.
حضرت عُقبَه بن الحارث رضي الله عنھ:
سندس نالو: عقبه، ڪنيت: ابوسروعَـﺔ، والد جو نالو:
حارث آهي، سلسلو نسب هيءُ آهي: عقبـ بن حارث بن
عامر بن نوفل بن عبدمناف بن قصي القرشِي،
النوفِلِي، امام نووي رحمـﺔ الله عليه سندس ڪنيت
ابو سروعـﺔ چئي آهي باقي اَسماءُ الرجال وارا سندس
ڀاءُ جو نالو: ابو سروعـﺔ بيان ڪن ٿا جيڪو فتح مڪه
واري سال ۾ مسلمان ٿيو، هن کان 3 روايتون آهن.
حضرت سوَيد بن مُقَرِن رضي الله عنھ:
سندس نالو: سويد، ڪنيت: ابوعلي، والد جو نالو:
مُقَرن آهي، پورو نالو هن طرح آهي: سويد بن مقرن
بن عائذ بن منجا بن هجير بن نضر الخ. سندس والده
جو نالو: مَزينه بن مُلڪ بن وَبرَه آهي، ڪوفه ۾
رهائش اختيار ڪيائين، هن کان 3 روايتون آهن ڪي چون
ٿا ڇهه روايتون آهن.
حضرت اِبن اُم مَڪتُوم رضي الله عنھ:
سندس ڪنيت ابن اُم مڪتوم ايترو مشهور ٿي جو سندس
اصل نالو گم ٿي ويو، ڪي چون ٿا ته سندس نالو
عبدالله آهي ته ڪي ٻيا چون ٿا ته سندس نالو عَمرو
آهي، سندس والد جو نالو قَيس آهي، مڪي ۾ هجرت کان
اڳين مسلمان ٿيو، نابينا هو، نبيﷺ جي خدمت ۾ رهندو
هو، جڏهن هجرت جو حڪم ٿيو هن نبيﷺ کان اجازت گهري،
مديني ڏانهن هجرت ڪئي، نابينيءَ جي ڪري جِهاد ۾
گهڻو شريڪ نه ٿي سگهيو، مجموعي طور 13 دفعا نبيﷺ
هن کي پنهنجو نائب ٺاهيو، قرآن مجيد جو حافظ هو ۽
مديني وارن کي قرآن مجيد سيکاريندو هو، سندس
انتقال دورِ فاروقي ۾ ٿيو، ڪي چون ٿا جنگِ قادسيه
۾ سندس شهادت ٿي آهي، هن کان 2 يا 3 روايتون آهن.
حضرت اُمّ عَماره الانصاريـة رضي الله عنھا:
سندس نالو: نسيبه، ڪنيت: ابوعماره، قبيلو: خزرج،
خاندان نجار آهي، پهريون نڪاح زيد بن عاصم سان
ٿيو، ٻيو نڪاح عربه بن عمرو سان ٿيو، بيعت عقبه جي
موقعي تي مسلمان ٿي، جنگِ اُحد ۾ شريڪ هئي. حضور ﷺ
تي حملو ڪرڻ وارن کي روڪي رهي هئي، بيعت رضوان،
خيبر جي غزوه ۽ فتح مڪه ۾ به شامل ٿي هئي، دورِ
صديقي ۾ جنگ يَمامه ۾ شامل ٿي هئي، ڇو ته مسيلمه
ڪذاب سندس هڪ فرزند حبيب کي شهيد ڪيو هو، سو پختو
ارادو ڪيائين يا ته مسيلمه کي قتل ڪنديس يا پاڻ
مرنديس، جنگِ يمامه ۾ کيس 12 زخم ٿيا، هڪ هٿ به
ڪٽاڻو، مسيلمه به ماريو ويو، هن کان 3 روايتون
آهن.
حضرت عبدالله بن خُبِيب رضي الله عنھ:
سندس نالو: عبدالله، والد جو نالو: خبيب، قبيلو
جُهَني آهي جيڪو انصار جو حليف هو، مديني جا
رهائشي هئا، هن کان ٽي حديثون ملن ٿيون، اهو قول
علامه ابوالفرج ابن حجر عسقلانيؒ جو آهي پر علامه
برقيؒ چوي ٿو ته هن کان صرف ٻه حديثون ملن ٿيون.
حضرت ابو اُمامة رضي الله عنھ:
سندس نالو: اِياس ۽ ڪي عالم سڳورا سندس نالو
عبدالله بن ثعلبه بيان ڪن ٿا، ڪي ان جي ابتڙ پيش
ڪن ٿا يعني ثعلبه بن عبدالله، سندس ڪنيت: ابوامامه
مشهور آهي، سندس والد جو نالو: ثعلبه يا عبدالله
آهي، قبيلي خزرج سان تعلق هو، هن کان ٻه روايتون
منقول آهن ۽ هڪ قول ٽن جو به ملي ٿو.
حضرت جندب بن عبدالله رضي الله عنھ:
سندس نالو: جُندُب، والد جو نالو: عبدالله، پاڻ
سفيان بجلي علقي جو پوٽو هو، علقه شاخ آهي بَجلي
قبيلي جي، پهرين ڪوفه ۾ رهندو هو پوءِ لڏي بصره
پهتو، بصره ۾ سندس انتقال ٿي ويو، هن کان 43
روايتون ملن ٿيون.
حضرت عمرو بن الاحوص رضي الله عنھ:
سندس نالو: عمرو، والد جو نالو: احوص ۽ قبيلو:
ڪلاب آهي ان نسبت جي ڪري کيس ڪلابي چو ٿا ۽ جُشَمي
به نسبت اٿس، هن کان ٻه حديثون مروي آهن.
حضرت اُسَير بن عمرو رضي الله عنھ:
سندس نالو: اُسير آهي، سندس والد جو نالو: عمرو ۽
ڪي وري جابر لکن ٿا، نبي ﷺ جي رحلت وقت سندس ڄمار
ڏهه سال هئي، حجاج بن يوسف جي دور ۾ انتقال ٿيو،
هن نبي ﷺ جون ٻه حديثون نقل ڪيون آهن.
حضرت طارِق بن اَشيَم رضي الله عنھ:
سندس نالو: طارق، ڪنيت: ابوعبدالله ۽ والد جو
نالو: اَشيَم آهي پاڻ ڪوفي جو رهاڪو هو، هن کان
چار يا ان کان به گهٽ يا وڌيڪ روايتون آهن. چئن
وارو قول علامه برقي رحمـﺔ الله عليه جو آهي.
(وَاللهُ اعلم)
حضرت قَتاده بن مِلحان رضي الله عنھ:
سندس نالو: قتاده، والد جو نالو: مِلحان آهي، ڄمار
جي پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ بصره هليو ويو، هن کان صرف
2 روايتون آهن.
حضرت ابو سعيد رافع بن اَلمُعَلي رضي الله عنھ:
سندس نالو رافع، ڪنيت: ابوسعيد آهي، ڪي ماڻهو سندس
نالو: حارث ٻڌائين ٿا، سندس پورو نالو هن طرح آهي:
حارث بن نفيع بن المعلّٰي بن لون بن لوان بن حارثه
بن زيد بن ثعلبه بن عدي بن مالڪ بن زيد الخ. سندس
والده جو نالو: آمنه بنت قرط بن خنساء آهي، پاڻ
اهلِ حجاز مان آهن، پاڻ ؓ کان صرف 2 حديثون روايت
آهن.
حضرت اَبوالجَهيم عَبدالله بن حارث بن الصمة
الانصَاري رضي الله عنھ:
سندس نالو: عبدالله، والد جو نالو: حارث، ڪنيت:
ابوالجهيم آهي، هيءُ مشهور صحابيؓ ابي بن ڪعبؓ جو
ڀاڻيجو آهي، هن کان صرف ٻه روايتون آهن.
حضرت سُفيان بن عبدالله رضي الله عنھ:
سندس نالو: سفيان، ڪنيت: ابوعمرو ۽ ابوعمره ٻئي
آهن، والد جو نالو: عبدالله قبيلو بنوثقيف آهي،
حضرت عمر رضي الله عنه، حضرت عثمان رضي الله عنه
بن ابي العاص کي معزول ڪري کيس عامل بنايو هو، هن
کان صرف هڪ روايت آهي.
حضرت خَولَه اَنصاريَھ رضي الله عنھا:
سندس نالو: خوله، ڪنيت: اُم حبيبـﺔ ۽ اُمّ مُحمد
آهي، سندس والد جو نالو: قيس بن فهد هو ۽ قيس بن
فهد جو لقب عامِر هو، هڪ قول مطابق سندس قبيلو
خولانيه آهي، هن کان هڪ حديث منقول آهي ڪي چون ٿا
اَٺ حديثون منقول آهن.
حضرت شَڪَل بن حُمَيد رضي الله عنھ:
سندس نالو: شڪل، والد جو نالو: حُمَيد آهي، هن کان
صرف هڪ حديث روايت آهي.
حضرت ابو مَريَم اَلاَزدِي رضي الله عنھ:
علامه ابن حجر رحمـﺔ الله عليه فرمائي ٿو: ابو
مريم جو نالو عَمرو بن مُرة الجهني آهي، هن کان
صرت هڪ حديث منقول آهي.
حضرت اُم ڪَبشَة بنت ثابت رضي الله عنھا:
سندس نالو: اُم ڪبشه، ڪنيت: اُمّ ثابت آهي، ۽ هيءُ
انصاريه آهي، مشهور شاعر حسان بن ثابت رضي الله
عنـﮧ جي ڀيڻ آهي، هن کان صرف هڪ حديث روايت آهي.
حضرت يَعِيش بن طِفخَة الغفاري رضي الله عنھ:
سندس نالو: يعيش، والد جونالو: طفخـﺔ هو، سندس
تعلق قبيله غفار سان هو، شام جو رهاڪو هو، هن کان
صرف هڪ حديث روايت آهي.
حضرت صَخر بن وَدَاعَة اَلغَامِدِي رضي الله عنھ:
سندس نالو: عمرو هو، پورو نسب نامو هيءُ آهي: عمرو
بن ڪعب بن عبدالله بن مالڪ بن نضر بن الازد، پاڻ ؓ
قبيلي اَلاَزد جي غامِد خاندان سان تعلق رکندا
هئا، علامه برقيؒ هن کان هڪ حديث منقول ڪئي آهي،
ابن جوزيؒ تلقيح ۾ لکي ٿو ته هن کان ٻه حديثون
مروي آهن.
حضرت عَمرو بن الحارث رضي الله عنھ:
سندس نالو: عمرو ۽ والد جو نالو: حارث بن ابي ضرار
آهي، خراعـﺔ قبيلي سان تعلق آهي، حضرت جويريـﺔ رضي
الله عنها جو ڀاءُ هو، کيس ڪوفين مان شمار ڪيو وڃي
ٿو، هن کان ٻه روايتون منقول آهن.
دانش نبي بخش شر (قسط آخري)
ٺري ميرواهه
مير معصوم بکريءَ ۽مير صفائيءَ جي مزارن جا ڪتبا،
انهن جي پڙهڻي ۽ ترجمو
مير معصوم جي والد مير صفائيءَ جي قبر جا ڪتبا:
مير صفائيءَ جي قبر مير معصوم جي قبر جي ڀر ۾
الهندي طرف آهي. سڄيءَ تي نستعليق خط ۾ ڪتبو لکيل
آهي جيڪو هيٺين ريت آهي:
ماه قرشي سيد صفايي کافراش فلک لواي
نورش
ناگاه ازين جهانگه سير افتاد به آن جهان
عبورش
نامي ز براي سال تاريخ
گفا: پر نور باد گورش
۹۹۱ھ
ترجمو: قريشي خاندان جو چنڊ جنهن جي نور جو
جهنڊو آسمان جهلايو، اوچتو هن جهان جو سير ڪندي
اڳئين جهان ڏي گذر ڪري ويو. نامي سندس رحلت جي سال
طور چيو:
"پر
نور باد گورش".
(شال سندس قبر نور سان ڀريل هجي)
وچين ڪتبي جي اردگرد:
اي آمده بر سر مزارم از
آمدنت اميدوارم
حسرت زده ام بخاک مانده افتاده درين
مغاک مانده
يک فاتحه بخوان باخلاص
تا حق کندت بمغفرت خاص
ترجمو: اي منهنجي قبر تي اچڻ وارا! تنهنجي
اچڻ مان مون کي هڪ آسرو آهي (اهو هي ته) مان هن
مٽيءَ ۾ حسرت جا هٿ ملي رهيو آهيان. هن کڏ ۾ تن
تنها ڪريو پيو آهيان. ڪا ٻاجھ ڪري هڪ فاتحه پڙھ،
من ان عيوض خدا تنهنجي به ڪا نرالي مغفرت ڪري.
ڏکڻي طرف وچ تي:
اشھد ان لا الٰـہ
الا الله وحده لاشريک لـہ،
لـہ
الملک و لـہ
الحمد يحيي و يميت و هو حي لايموت، بيده الخير و
هو عليٰ کل شيءِ قدير.
ترجمو: اسان شاهدي ٿا ڏيون ته سواءِ الله جي
ٻيو ڪوبه معبود ناهي. بادشاهي به ان جي آهي. هيءُ
جهان به ان جو ئي آهي. ساراھ به ان جي، اهو ئي
جياريندو ۽ ماريندو آهي. اهو هميشه کان حيات آهي،
هرگز ناهي مرندو. ان جي هٿِ وسِ سڀ چڱائي آهي ۽ هر
شيءِ تي قادر آهي.
وچين ڪتبي جي اردگرد:
من زار قبراً فقال اللھم اني اسئلک بحق محمد و آل
محمد ان لا تعذب هٰذا الميت رفع العذاب. اليٰ يوم
القيٰمة.
ترجمو: جنهن شخص ڪنهن قبر جي زيارت ڪئي ۽ دعا
گهرندي چيائين: اي منهنجا الله مان توکي محمد ۽ آل
محمد جو واسطو ڏئي ٻاڏائي عرض ٿو ڪريان ته هن ميت
تي عذاب نازل نه ڪر ته [ان جي ان چوڻ سان] قيامت
تائين ان تان عذاب ٽري ويندو.
بسم اللّٰه و باللّٰه و عليٰ ملة رسول اللّٰه، من
قرءِ عليٰ قبر رفع العذاب عنه اربعين سنة.
ترجمو: جنهن شخص ڪنهن قبر تي مٿان: ”بــسم
اللّٰه و باللّٰه و عليٰ ملة رسول اللّٰه“
پڙهيو ته چاليهن سالن تائين ان تان عذاب ٽري
ويندو.
مٿئين درمياني حصي ۾:
يا الله، لاالهٰ
الا الله محمد رسول الله.
بـسم الله الرحمان الرحيم.
اَلْحَمْدُ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ.
الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ.
مٰلِكِ
يَوْمِ الدِّيْنِ.
اِيَّاكَ
نَعْبُدُ وَاِيَّاكَ
نَسْتَعِيْنُ.
اِھْدِنَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَـقِيْمَ صِرَاطَ
الَّذِيْنَ اَنْعَمْتَ عَلَيْهِمْ
۹
غَيْرِ الْمَغْضُوْبِ عَلَيْهِمْ وَلَا الضَّاۗلِّيْنَ.
ترجمو: يا الله، ڪوبه عبادت جي لائق ناهي سواءِ
الله جي، محمدﷺ الله جو رسول آهي. الله جي نالي
سان جيڪو ٻاجهارو ۽ مهربان آهي. تعريف ڪائنات جي
رب جي جيڪو ٻاجهارو ۽ مهربان آهي، جيڪو قيامت جي
ڏينهن جو به ڌڻي آهي، اسان رڳو تنهنجي عبادت ٿا
ڪريون ۽ رڳو توکان ئي مدد ٿا گهرون.
الۗمّۗ.
ذٰلِكَ
الْكِتٰبُ
لَا رَيْبَ ٻ فِيْهِ
ڔ ھُدًى
لِّلْمُتَّقِيْنَ الَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ
بِالْغَيْبِ وَ يُـقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ
مِمَّا رَزَقْنٰھُمْ يُنْفِقُوْنَ وَ الَّذِيْنَ
يُؤْمِنُوْنَ بِمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ
وَمَآ اُنْزِلَ مِنْ قَبْلِكَ
ۚ
وَبِالْاٰخِرَةِ ھُمْ يُوْقِنُوْنَ اُولٰۗىِٕكَ
عَلٰي ھُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ
ۤ
وَاُولٰۗىِٕكَ
ھُمُ الْمُفْلِحُوْنَ
ترجمو: الم، هيءُ هڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ شڪ شبهو
ناهي، پرهيزگارن لاءِ هدايت آهي، انهن پرهيزگارن
لاءِ جن جو غيب تي ايمان آهي ۽ نماز به پڙهن ٿا ۽
جيڪو به رزق ملندو اٿن ان مان خير خيرات به ڪڍندا
آهن ۽ جو ڪجھ توتي ۽ توکان اڳين (نبين) تي نازل
ڪيو ويو آهي ان تي ۽ آخرت تي به ايمان اٿن. اهي ئي
ته پنهنجي پالڻهار واري هدايت تي قائم آهن ۽ اهي
ئي آجا آهن.
ڏکڻ اوڀر وارو ڪنارو:
اَللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ
ۚ
اَلْـحَيُّ الْقَيُّوْمُ
ڬ
لَا تَاْخُذُهٗ سِـنَةٌ وَّلَا نَوْمٌ
ۭ
لَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ
ۭ
مَنْ ذَا الَّذِيْ يَشْفَعُ عِنْدَهٗٓ اِلَّا
بِاِذْنِهٖ
ۭ
يَعْلَمُ مَا بَيْنَ اَيْدِيْهِمْ وَمَا
خَلْفَھُمْ
ۚ وَلَا يُحِيْطُوْنَ بِشَيْءٍ مِّنْ عِلْمِهٖٓ اِلَّا بِمَا شَاۗءَ
ۚ
وَسِعَ
كُرْسِـيُّهُ
السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ
ۚ وَلَا يَـــــُٔـــوْدُهٗ حِفْظُهُمَا
ۚ
وَھُوَ الْعَلِيُّ الْعَظِيْمُ.
ترجمو: الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه
عبادت جي قابل ناهي، اهو سدا حيات ۽ دائم قائم
آهي، کيس نه ته ننڊ جو جهوٽو ايندو آهي نه ئي پڪي
ننڊ، جو ڪجھ زمين ۽ آسمانن ۾ آهي سو سڀ ڪجھ ان جو
ئي آهي. ڪيرآهي جيڪو سندس حضور ۾ سندس موڪل کان
سواءِ ڪنهن جي ٽياڪڙي ڪري سگھي؟ جو ڪجھ انهن ماڻهن
وٽ آهي يا انهن آڏو آهي ان سڀ جي کيس سڌ آهي. جيڪا
کيس سُڌ آهي تنهن جي ڄاڻ سندس اجازت سواءِ ڪو به
حاصل نٿو ڪري سگهي. سندس وس سمورن آسمانن ۽ زمين
تي مڪمل طرح مسلط آهي. انهن جي سار سنڀال کيس
ٿڪائي نٿي. اهو ئي بلند و بالا آهي.
ڏکڻ اولھه وارو ڪنارو:
اٰمَنَ الرَّسُوْلُ بِمَآ اُنْزِلَ اِلَيْهِ مِنْ رَّبِّهٖ
وَالْمُؤْمِنُوْنَ
ۭ
كُلٌّ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَمَلٰۗىِٕكَتِهٖ
وَكُتُبِهٖ
وَرُسُلِهٖ
ۣلَا
نُفَرِّقُ بَيْنَ اَحَدٍ مِّنْ رُّسُلِهٖ
ۣ وَقَالُوْا سَمِعْنَا وَاَطَعْنَا
ڭ
غُفْرَانَكَ
رَبَّنَا وَاِلَيْكَ
الْمَصِيْرُ لَا يُكَلِّفُ
اللّٰهُ نَفْسًا اِلَّا وُسْعَهَا
ۭ
لَهَا مَا
كَسَبَتْ
وَعَلَيْهَا مَا اكْتَسَبَتْ
ۭرَبَّنَا
لَا تُؤَاخِذْنَآ اِنْ نَّسِيْنَآ اَوْ
اَخْطَاْنَا
ۚ
رَبَّنَا وَلَا تَحْمِلْ عَلَيْنَآ اِصْرًا
كَمَا حَمَلْتَهٗ
ترجمو: ۽ جو ڪجھ [الله جي] رسول تي نازل ڪيو ويو
ان تي پاڻ رسول به ايمان آندو ته مؤمنن به. مڙني
الله، سندس ملائڪن. ڪتابن ۽ نبين تي ايمان آندو [۽
اهو به اقرار ڪيائون ته] اسان رسولن مان ڪنهن ۾ به
ڪو فرق ئي نٿا ڪريون. چيائون: اسان [پنهنجي رب جو]
حڪم ٻڌو ۽ ان جي تابعداري به ڪريون ٿا. اسان ته
تنهنجي بخشش جا طلبگار آهيون ۽ بلاشڪ اسان کي تو
ڏانهن ئي موٽ ڪرڻي آهي. الله ڪنهن تي به سندس سهپ
کان وڌ ڪو بار ئي ناهي رکندو. جيڪو جوڪجھ ڪمائيندو
اهو ئي ان لاءِ هوندو ۽ ان جو ئي بار مٿس هوندو.
اي اسان جا پالڻهار اسان کان جيڪي چڪون ٿين يا ڪا
شيءِ وسري وڃي ته ان تي اسان جي پڪڙ به ڪر! اي
اسان جا پالڻهار، ايترو وزن نه رک جيترو تو
اڀرندو پاسو:
ڪناري تي مٿان وارو ڪتبو هيٺين ريت پورو ٿئي ٿو:
عَلَي الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِنَا
ۚ
رَبَّنَا وَلَا تُحَمِّلْنَا مَا لَا طَاقَةَ
لَنَا بِهٖ
ۚ وَاعْفُ عَنَّا
۪
وَاغْفِرْ لَنَا
۪
وَارْحَمْنَا
۪
اَنْتَ مَوْلٰىنَا فَانْــصُرْنَا عَلَي الْقَوْمِ
الْكٰفِرِيْنَ.
ترجمو: اسان کان اڳين تي رکيو هو. اي اسان جا رب
اسان تي ڪو اهڙو وزن نه رک جنهن جي کڻڻ جي طاقت ئي
نه هجي، اسان کان چشم پوشي ڪر، اسان کي معاف ڪر ۽
اسان تي ڪا ٻاجھ ڪر! تون ئي اسان جو ڌڻي آهين، تون
ئي ڪافرن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد ڪر!
يا حي يا قيوم برحمتک استغيث.
ترجمو: اي سدا حيات، اي سدائين دائم، قائم! مان
توکي تنهنجي رحمت جي مهابي ٿو ٻاڏايان.
هُوَ اللّٰهُ الَّذِيْ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ
ۚ
عٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ.
ترجمو: الله، اها ذات آهي جنهن کان سواءِ ڪو به
عبادت جي لائق ناهي، اهو ئي غيب ۽ پڌري جو علم ٿو
رکي.
هُوَ الرَّحْمٰنُ الرَّحِيْمُ هُوَ اللّٰهُ
الَّذِيْ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ
ۚ
اَلْمَلِكُ
الْقُدُّوْسُ السَّلٰمُ
الْمُؤْمِنُ الْمُهَيْمِنُ الْعَزِيْزُ
الْجَبَّارُ الْمُتَكَبِّرُ
ۭ
سُبْحٰنَ اللّٰهِ عَمَّا يُشْرِكُوْنَ
هُوَ اللّٰهُ الْخَالِقُ الْبَارِئُ
الْمُصَوِّرُ لَهُ الْاَسْمَاۗءُ
الْحُسْنٰى ۭ
يُسَبِّحُ لَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ
ۚ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ
.
ترجمو: اهو رحمان به آهي ته رحيم به ۽ پاڪ پوتر
بادشاھ آهي. امن فراهم ڪندڙ، نگهباني ڪرڻ وارو،
مڙني تي غالب، زبردست طاقت وارو ۽ ڪبريائي جو
شهنشاھ آهي. اهي [ڪافر ۽ مشرڪ] سندس ذات سان جيڪو
شرڪ ڪن ٿا ان کان پاڪ آهي. الله اها ئي هستي ته
آهي جيڪو خلقڻهار، شڪل صورت بڻائڻ ۽ تسلط رکڻ وارو
آهي. سندس نانءَ نهايت ئي سهڻا آهن. زمين ۽
آسمانن وارا سندس تسبيح ۽ تقديس ٿا ڪن. اهو ئي
مڙني تي ڇانيل ۽ اُتم ڏاهو آهي.
وچ ۾:
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اِذَا زُلْزِلَتِ الْاَرْضُ زِلْزَالَهَا
وَاَخْرَجَتِ الْاَرْضُ اَثْقَالَهَا وَقَالَ
الْاِنْسَانُ مَا لَهَا يَوْمَىِٕذٍ
تُحَدِّثُ اَخْبَارَهَا بِاَنَّ رَبَّكَ اَوْحٰى لَهَا يَوْمَىِٕذٍ يَّصْدُرُ النَّاسُ اَشْتَاتًا ڏ لِّيُرَوْا
اَعْمَالَهُمْفَمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ
خَيْرًا يَّرَهٗ وَمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ
ذَرَّةٍ شَرًّا يَّرَهٗ
.
ترجمو: الله جي نالي سان جيڪو ٻاجهارو ۽ مهربان
آهي. جڏهن زمين کي چڱي طرح ڌوڻيو ويندو ۽ زمين
پنهنجي پيٽ واريون شيون ٻاهر ڪڍندي ۽ انسان پڇڻ
لڳندو: هن کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ان ڏينهن زمين پاڻ
واريون سموريون خبرون بيان ڪري ٻڌائيندي انڪري جو
تنهنجي رب کيس وحي ڪئي هوندي. تنهن ڏينهن سڀ ماڻهو
ٽولن جي صورت ۾ نمودار ٿيندا ته جيئن پنهنجا عمل
ڏسن. پوءِ جنهن ذرڙو به چڱائي ڪئي هوندي اها ڏسندو
۽ جنهن ذري جيتري به برائي ڪئي هوندي سا به
ڏسندو.
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
قُلْ
هُوَ اللّٰهُ اَحَدٌ اَللّٰهُ الصَّمَدُ لَمْ
يَلِدْ ڏ وَلَمْ يُوْلَدْ وَلَمْ يَكُنْ
لَّهٗ
كُفُوًا
اَحَدٌ
.
ترجمو: الله جي نالي سان جيڪو ٻاجهارو ۽ مهربان
آهي. اي پيغمبر! چؤ، الله هڪ آهي، الله بيپرواھ
آهي، نه ڪنهن کي ڄڻيو اٿس، نه ئي ڪنهن ڄڻيو اٿس،
ان جو ڪو مَٽ ئي ناهي.
الهندي پاسي:
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اَلْهٰىكُمُ
التَّكَاثُرُ
حَتّٰى زُرْتُمُ الْمَقَابِرَ
كَلَّا
سَوْفَ تَعْلَمُوْنَ ثُمَّ
كَلَّا
سَوْفَ تَعْلَمُوْنَ
كَلَّا
لَوْ تَعْلَمُوْنَ عِلْمَ الْيَقِيْنِ
لَتَرَوُنَّ الْجَــحِيْمَ ثُمَّ لَتَرَوُنَّهَا
عَيْنَ الْيَقِيْنِ ثُمَّ لَتُسْـَٔــلُنَّ
يَوْمَىِٕذٍ
عَنِ النَّعِيْمِ
.
ترجمو: الله جي نالي سان جيڪو ٻاجهارو ۽ مهربان
آهي. الله جي ناءَ سان، جيڪو مهربان ۽ ٻاجهارو
آهي. توهان کي گهڻي ڪرڻ جي وٺ وٺان غافل ڪري ڇڏيو،
تان جو وڃي قبرن ڀيڙا ٿيؤُ، اِجهي توهان جون اکيون
کليون، اِجهو توهان کي پَتو پئجي ويندو، چڱي طرح
ڄاڻي وٺندؤ، جيڪر اڳواٽ ئي پروڙي وٺو ها ته هر
صورت ۾ جهنم ڏسندؤ ۽ ضرور ڏسندؤ، پڪ سان اکئين
ڏسندؤ، اهڙي طرح جو توهان کي پڪ ٿي ويندي. نيٺ
توهان کان نعمتن بابت به پڇا ڪئي ويندي.
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اِذَا جَاۗءَ
نَصْرُ اللّٰهِ وَالْفَتْحُ وَرَاَيْتَ النَّاسَ
يَدْخُلُوْنَ فِيْ دِيْنِ اللّٰهِ اَفْوَاجًا
فَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ
وَاسْتَغْفِرْهُ
ڼ
اِنَّهٗ
كَانَ
تَوَّابًا.
ترجمو: الله جي نالي سان جيڪو ٻاجهارو ۽ مهربان
آهي.جڏهن الله جي مدد ۽ سوڀ اچي ۽ تون ڏسين ته
ماڻهو جٿن جا جٿا ڪري خدا جي دين ۾ شامل ٿي رهيا
آهن ته پوءِ پنهنجي رب جي سارا سان گڏ پاڪائي به
بيان ڪر ۽ سندس حضور توبه تائب ٿيءُ، سچ ته هو
توبه اگهائڻ وارو آهي.
ڪنارن تي:
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ النَّاسِ مَلِكِ
النَّاسِ اِلٰهِ النَّاسِ مِنْ شَرِّ
الْوَسْوَاسِ ڏ الْخَنَّاسِ الَّذِيْ يُوَسْوِسُ
فِيْ صُدُوْرِ النَّاسِ مِنَ الْجِنَّةِ
وَالنَّاسِ
.
.
ترجمو: الله جي نالي سان جيڪو ٻاجهارو ۽ مهربان
آهي. اي پيغمبر چؤ، پناھ ٿو گهران ماڻهن جي رب جي،
لوڪ جي بادشاھ جي، وهمن ۾ وجهندڙ ۽ لڪل شيطان جي
برائي کان جيڪو ماڻهن جي دلين ۾ وسوسا ۽ وهم ٿو
پيدا ڪري، پوءِ اهو جنن مان هجي يا انسانن مان.
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
قُلْ يٰٓاَيُّهَا الْكٰفِرُوْنَ
لَآ اَعْبُدُ مَا تَعْبُدُوْنَ وَلَآ اَنْتُمْ
عٰبِدُوْنَ مَآ اَعْبُدُ وَلَآ اَنَا عَابِدٌ
مَّا عَبَدْتُّمْ وَلَآ اَنْتُمْ عٰبِدُوْنَ
مَآ اَعْبُدُ لَكُمْ
دِيْنُكُمْ
وَلِيَ دِيْنِ
ترجمو: الله جي نالي سان جيڪو ٻاجهارو ۽ مهربان
آهي. اي پيغمبر ڪافرن کي چؤ: اي ڪافرؤٰ مان انهن
شين جي عبادت نٿو ڪريان جنهن جي توهان ڪندا آهيو
نه ئي توهان ان جي عبادت ڪرڻ وارا آهيو جنهن جي
مان عبادت ٿو ڪريان ُ نڪي مان انهن شين جي پوڄا
ڪندس جن جي توهان پوڄا ڪندا آهيو ۽ نڪي توهان
عبادت ڪندؤ ان ذات جي جنهن جي مان عبادت ڪندو
آهيان، انڪري توهان جو توهان سان ۽ منهنجو دين مون
سان.
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ الْفَلَقِ مِنْ شَرِّ مَا
خَلَقَ وَمِنْ شَرِّ غَاسِقٍ اِذَا وَقَبَ
وَمِنْ شَرِّ النَّفّٰثٰتِ فِي الْعُقَدِ وَمِنْ
شَرِّ حَاسِدٍ اِذَا حَسَدَ
.
ترجمو: الله جي نالي سان جيڪو ٻاجهارو ۽ مهربان
آهي. اي پيغمبر! چؤ: مان پناھ ٿو گهران صبح جي رب
جي، هر انهيءَ شيءِ جي بري اثر کان جيڪا خلقي اٿس
۽ رات جي اوندھه جي برائي کان جڏهن هوءَ ڇائجي ٿي
۽ ڳنڍين تي شوڪاريندڙ زائفن جي برائي کان پڻ
ساڙولن جي ساڙ کان [خاص ڪري] جڏهن حسد ڪرڻ لڳن.
ان قبر جي بنيادي ۽ هيٺين پٿرن تي هيٺيان بيت لکيل
آهن:
الهندي پاسي:
اي آمده بر مزار نامي وز
آمدنت شده گرامي
چون آمده اي زيارتي کن از فاتحه
يک اشارتي کن
از مرحله ي جهان غم ناک شد منزل ما
سراچه ي خاک
رحمي، رحمي! که بس غريبم
از عيش زمانه بي نصيبم
ترجمو: اي ناميءَ جي مزار تي اچڻ وارا! تنهنجي
اچڻ سان ـــ نامي ـــ مانائتو ٿي پيو آهي. آيو
آهين ته ـــ منهنجي قبر جي ڪا ـــ زيارت ڪر ۽
فاتحه به پڙھ! (نامي ويچارو) جهان جي غم انگيز
مرحلي مان ٽپي هن خاڪي آستاني ۾ اچي پهتو آهي. مان
بدنصيب تي ڪو رحم ڪر جو هتي زماني جي عيش عشرت کان
محروم پيو آهيان.
اڀرندي پاسي:
جان قاصد راه آن جهان است اينجا دو سه روز
ميهمان است
همپايي شعله کن برفتار همگامي برق
کن شرر وار
سنگي که نهاده بر مزار است سر تا سرس از
غم فگار است
بشگافي اگر درون اين سنگ
گر سنگ بود دلت شود تنگ
ترجمو: روح کي ته اڳئين جهان ڏانهن وڃڻو آهي. هتي
ٻٽن ڏينهن جو مهمان آهي. تون به هڪ شعلي واري
رفتار اختيار ڪر ۽ کنوڻ جي چمڪاٽ سان همسفر ٿي پؤ،
جيڪو قبر جي مٿان پٿر رکيل آهي اهو به سراسر غم جي
ڪري دل افگار بڻيل آهي. جيڪڏهن ان کي ٽوڙي سندس
اندر ڏسندين ته تون به ماندو ٿي پوندين.
اتر طرف
اين راه بود دراز و تاريک وين خانه گور
تنگ و تاريک
ترجمو: هي پيچرو وڏو سوڙهو ۽ ڏورانهون آهي ۽ هيءَ
قبر جي جاءِ به سوڙهي ۽ انڌاري آهي.
ڏکڻ طرف
محتاج لطيفه دعا ئيم گو فاتحه که بي
نوائيم
ترجمو: توهان جي دعا جو محتاج آهيان. مان نواهي تي
هڪ دفعو فاتحه پڙھ!
مير صفائيءَ جي قبر واري گنبذ ۽ ٺلهن جي وچ وارو
ڪتبو
هيءُ گنبذ ٺلهن تي بيٺل آهي. گنبذ ۽ ٺلهن جي وچ ۾
پٿر جون سرون نصب ٿيل آهن جن تي هيٺيون عبارتون
کوٽائي ٿيل آهن:
الف
ڏکڻ:
چون دانستي ماحصل دنيا را امروز بگير
توشه فردا را
ترجمو: هاڻ جو تو ـــ فاني ـــ دنيا جي
نتيجي کي ڄاڻي ورتو ته اڄ ئي اڳوتر واري سفر لاءِ
ثمر گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏي!
اوڀر:
فردا چو امروز همي دست دهد زنهار بفردا
مفگن سودا را
ترجمو: تنهنجو سڀاڻي وارو ڏينهن به جيڪڏهن
اڄوڪي جيان گذري وڃي پوءِ ته توکي سڀاڻي جي آسري
تي سودو نه ڇڏڻ گهرجي.
اتر
از نيک و بد زمانه پرهيز و برو زين کهنه
رباط پر خطر خيز و برو
ترجمو: هن زماني ۾ هر شيءِ کان پرهيز ڪندو
رھه ۽ هن خطرناڪ حٽل مسافرخاني مان اٿي هليو وڃ!
اولھ
چون کار زمانه سر بسر درد سر است دستي بسر
خود نه و بگريز و برو
ترجمو: هن زماني جو سمورو ڪار ونهنوار آهي ئي مٿي
جو سور انڪري مٿي تي هٿ رکي فرار اختيار ڪر!
ب
ڏکڻ
بيا نامي دمي از مرگ کن ياد. (اچ اي نامي ! گهڙي
کن موت کي ياد ڪر!)
اتر
بکن در ماتم خود نوحه بنياد (پنهنجي حالت کي
ساري ڪو نوحو پڙھ)
اولھ
بيا تا يک نفس بر خود بموييم خدا رحمت کناد
از خود بگوييم
ترجمو: اچ ته گهڙي کن ويهي ڪجھ پنهنجي باري ۾
سوچون، شل خدا اسان تي رحم ڪري، ڪا اهڙي دعا ويهي
گهرون.
مقبري جي سڄي عمارت توڙي ان موجود سموريون مزارون
تمام اثرائتين عبارتن تي مشتمل ڪتبن سان سينگاريل
آهي جيڪي نهايت ئي خوبصورت کوٽيل ۽ اڀريل لکڻيءَ
جي صورت ۾ صدين گذرڻ باوجود اڄ به پنهنجي اصلي
جاذب صورت ۾ موجود آهن. انهن آيتن، حديثن، روايتن
۽ شعرن جون عڪسن سميت عبارتون پروفيسر مولوي شفيع
محمد پنهنجي ڪتاب “صناديد سنڌ” ۾ درج ڪيون آهن،
جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون.
قبر جي پيرانديءَ طرف فارسيءَ ۾ لکيل ڪتبو:
مير معصوم آن مه برج شرف آفتاب
شرع و دين، فخر زمن
روز جمعه سادس ذي الحجه گشت عازم
جنت بامر ذوالمنن
سال فوتش از خرد جستم بگفت
بود نامي صاحب ملک سخن
ترجمو: اهو مير معصوم جيڪو عزت جي برج جو چنڊ آهي.
شريعت ۽ دين جو سج ۽ لوڪ جو مانُ آهي. بروز جمعه،
ڇهين ذي الحج تي نعمتن جي مالڪ جي حڪم سان جنت طرف
اسهي ويو. پنهنجي عقل کان سندس وفات جو سن معلوم
ڪيم ته چيائين: نامي ته سخن جي دنيا جو شهنشاھ هو.
قبر جي مٿان وارو ڪتبو:
وچ تي:
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اَلْحَمْدُ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ
الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ مٰلِكِ
يَوْمِ الدِّيْنِ اِيَّاكَ
نَعْبُدُ وَاِيَّاكَ
نَسْتَعِيْنُ اِھْدِنَا الصِّرَاطَ
الْمُسْتَـقِيْمَ صِرَاطَ الَّذِيْنَ اَنْعَمْتَ
عَلَيْهِمْ
۹
غَيْرِ الْمَغْضُوْبِ عَلَيْهِمْ وَلَا الضَّاۗلِّيْنَ.الۗمّۗ.
ذٰلِكَ
الْكِتٰبُ
لَا رَيْبَ ٻ فِيْهِ
ڔ
ھُدًى لِّلْمُتَّقِيْنَ الَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ
بِالْغَيْبِ وَ يُـقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ
مِمَّا رَزَقْنٰھُمْ يُنْفِقُوْنَ وَ الَّذِيْنَ
يُؤْمِنُوْنَ بِمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ
وَمَآ اُنْزِلَ مِنْ قَبْلِكَ
ۚ
وَبِالْاٰخِرَةِ ھُمْ يُوْقِنُوْنَ اُولٰۗىِٕكَ
عَلٰي ھُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ
ۤ
وَاُولٰۗىِٕكَ
ھُمُ الْمُفْلِحُوْنَ
ترجمو: الله جي نانءَ سان جيڪو ٻاجهارو ۽ مهربان
آهي. سموري ساراھ ان الله جي جيڪو ڪائنات جو
پالڻهار آهي. (اي الله) اسان تنهنجي ئي عبادت ڪندا
آهيون ۽ مدد به توکان ئي گهرندا آهيون. اسان کي
سئين واٽ تي هلڻ جي رهنمائي ڪندو رھ، ان سئين واٽ
جي جيڪا انهن جي آهي جن کي تو نعمتون عطا ڪيون،
انهن واري نه جيڪي تنهنجي ڏمر جو شڪار ٿيا ۽ ئي
گمراهن واري راھ. الم. هي اهو ڪتاب آهي جنهن ۾
ڪنهن به قسم جو شڪ شبهو ناهي. انهن پرهيزگارن لاءِ
رهنمائي آهي جن جو غيب تي ايمان آهي، نماز به
پڙهندا آهن ۽ جو ڪجھ تو انهن کي رزق ڏنو آهي ان
مان خير خيرات به ڪڍندا رهندا آهن. ۽ انهن لاءِ
هدايت آهي جن جو توتي ۽ توکان اڳ وارن تي نازل
ڪيل آهي ۽ جن جو آخرت تي به ويساھ آهي. اهي ئي ته
پنهنجي رب جي هدايت تي قائم ۽ اهي ئي کٽڻ وارا
آهن.
چؤگرد:
اَللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ
ۚ
اَلْـحَيُّ الْقَيُّوْمُ
ڬ
لَا تَاْخُذُهٗ سِـنَةٌ وَّلَا نَوْمٌ
ۭ
لَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ
ۭ
مَنْ ذَا الَّذِيْ يَشْفَعُ عِنْدَهٗٓ اِلَّا
بِاِذْنِهٖ
ۭ
يَعْلَمُ مَا بَيْنَ اَيْدِيْهِمْ وَمَا
خَلْفَھُمْ
ۚ وَلَا يُحِيْطُوْنَ بِشَيْءٍ مِّنْ عِلْمِهٖٓ اِلَّا بِمَا شَاۗءَ
ۚ
وَسِعَ
كُرْسِـيُّهُ
السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ
ۚ وَلَا يَـــــُٔـــوْدُهٗ حِفْظُهُمَا
ۚ
وَھُوَ الْعَلِيُّ الْعَظِيْمُ
ترجمو: الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه
عبادت جي قابل ناهي، اهو کي سدا حيات ۽ دائم قائم
آهي، کيس نه ته ننڊ جو جهوٽو ايندو آهي نه ئي پڪي
ننڊ، جو ڪجھ زمين ۽ آسمانن ۾ اهي سو سڀ ڪجھ ان جو
ئي آهي. ڪيرآهي جيڪو سندس حضور ۾ سندس موڪل کان
سواءِ ڪنهن جي ٽياڪڙي ڪري سگھي؟ جو ڪجھ انهن ماڻهن
وٽ آهي يا انهن آڏو آهي ان سڀ جي کيس سڌ آهي. جيڪا
کيس سُڌ آهي تنهن جي ڄاڻ سندس اجازت سواءِ ڪو به
حاصل نٿو ڪري سگهي. سندس وس سمورن آسمانن ۽ زمين
تي مڪمل طرح مسلط آهي. انهن جي سار سنڀال کيس
ٿڪائي نٿي. اهو ئي بلند و بالا آهي.
اٰمَنَ الرَّسُوْلُ بِمَآ اُنْزِلَ اِلَيْهِ مِنْ رَّبِّهٖ
وَالْمُؤْمِنُوْنَ
ۭ
كُلٌّ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَمَلٰۗىِٕكَتِهٖ
وَكُتُبِهٖ
وَرُسُلِهٖ
ۣلَا
نُفَرِّقُ بَيْنَ اَحَدٍ مِّنْ رُّسُلِهٖ
ۣ وَقَالُوْا سَمِعْنَا وَاَطَعْنَا
ڭ
غُفْرَانَكَ
رَبَّنَا وَاِلَيْكَ
الْمَصِيْرُ.
لَا يُكَلِّفُ
اللّٰهُ نَفْسًا اِلَّا وُسْعَهَا
ۭ
لَهَا مَا
كَسَبَتْ
وَعَلَيْهَا مَا اكْتَسَبَتْ
ۭرَبَّنَا
لَا تُؤَاخِذْنَآ اِنْ نَّسِيْنَآ اَوْ
اَخْطَاْنَا
ۚ
رَبَّنَا وَلَا تَحْمِلْ عَلَيْنَآ
ترجمو: ۽ جو ڪجھ [الله جي] رسول تي نازل ڪيو ويو
ان تي پاڻ رسول به ايمان آندو ته مؤمنن به. مڙني
الله، سندس ملائڪن. ڪتابن ۽ نبين تي ايمان آندو [۽
اهو به اقرار ڪيائون ته] اسان رسولن مان ڪنهن ۾ به
ڪو فرق ئي نٿا ڪريون. چيائون: اسان [پنهنجي رب جو]
حڪم ٻڌو ۽ ان جي تابعداري به ڪريون ٿا. اسان ته
تنهنجي بخشش جا طلبگار آهيون ۽ بلاشڪ اسان کي تو
ڏانهن ئي موٽ ڪرڻي آهي. الله ڪنهن تي به سندس سهپ
کان وڌ ڪو بار ئي ناهي رکندو. جيڪو جو ڪجھ
ڪمائيندو اهو ئي ان لاءِ هوندو ۽ ان جو ئي بار مٿس
هوندو. اي اسان جا پالڻهار اسان کان جيڪي چڪون ٿين
يا ڪا شيءِ وسري وڃي ته ان تي اسان جي پڪڙ به ڪر!
اي اسان جا پالڻهار، ايترو وزن نه رک جيترو تو
اڀرندي پاسي:
وٽ تي:
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اِصْرًا
كَمَا
حَمَلْتَهٗ عَلَي الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِنَا
ۚ
رَبَّنَا وَلَا تُحَمِّلْنَا مَا لَا طَاقَةَ
لَنَا بِهٖ
ۚ
وَاعْفُ عَنَّا
۪
وَاغْفِرْ لَنَا
۪
وَارْحَمْنَا
۪
اَنْتَ مَوْلٰىنَا فَانْــصُرْنَا عَلَي الْقَوْمِ
الْكٰفِرِيْنَ
ترجمو: اڳين تي رکيو هو. اي اسان جا رب اسان تي ڪو
اهڙو وزن نه رک جنهن جي کڻڻ جي طاقت ئي نه هجي،
اسان کان چشم پوشي ڪر، اسان کي معاف ڪر ۽ اسان تي
ڪا ٻاجھ ڪر! تون ئي اسان جو ڌڻي آهين، تون ئي
ڪافرن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد ڪر..ــــــــــــــ
يا حي يا قيوم برحمتک استغيث.
ــ
ترجمو: اي سدا حيات ـــ اي هميشه قائم تنهنجي
رحمت جي صدقي (تنهنجي در) ٿو ٻاڏايان.
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
هُوَ اللّٰهُ الَّذِيْ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ
ۚ
اَلْمَلِكُ
الْقُدُّوْسُ السَّلٰمُ الْمُؤْمِنُ الْمُهَيْمِنُ
الْعَزِيْزُ الْجَبَّارُ الْمُتَكَبِّرُ
ۭ
سُبْحٰنَ اللّٰهِ عَمَّا يُشْرِكُوْنَ
هُوَ اللّٰهُ الْخَالِقُ الْبَارِئُ الْمُصَوِّرُ لَهُ الْاَسْمَاۗءُ
الْحُسْنٰى
ۭ
يُسَبِّحُ لَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ
ۚ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ
.
ترجمو: الله اها هستي آهي جنهن کان سواءِ ٻيو ڪير
به عبادت جي قابل ناهي، اهوئي بادشاهن جو بادشاھ
آهي، اهوئي پاڪ پوتر ، پاڻ به سلامتي آهي ته
سلامتي ۽ امن مهيا ڪندڙ پڻ نگهباني ڪرڻ وارو آهي.
غالب به آهي ته زبردست ۽ ڪبريائي جو مالڪ پڻ. سندس
ذات مشرڪن جي شرڪ کان پاڪ آهي. الله اها هستي آهي
جيڪو خالق به آهي ته اعليٰ ۽ اتم به، اهو ئي [سڄي
مخلوق کي] شڪل ۽ صورت ڏيڻ وارو به، سندس بيحد سهڻا
نالا آهن، زمين ۽ آسمانن ۾ جيڪا به مخلوق آهي سا
سندس تسبيح ۽ تقديس ٿي ڪري، اهو ئي غالب به اهي ته
حڪمت وارو به.
وچ ۾:
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اِذَا زُلْزِلَتِ الْاَرْضُ زِلْزَالَهَا
وَاَخْرَجَتِ الْاَرْضُ اَثْقَالَهَا وَقَالَ
الْاِنْسَانُ مَا لَهَا يَوْمَىِٕذٍ
تُحَدِّثُ اَخْبَارَهَا بِاَنَّ رَبَّكَ
اَوْحٰى لَهَا يَوْمَىِٕذٍ
يَّصْدُرُ النَّاسُ اَشْتَاتًا ڏ لِّيُرَوْا
اَعْمَالَهُمْ فَمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ
خَيْرًا يَّرَهٗ وَمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ
ذَرَّةٍ شَرًّا يَّرَهٗ
ترجمو: الله جي نالي سان جيڪو ٻاجهارو ۽ مهربان
آهي. جڏهن زمين کي چڱي طرح ڌوڻيو ويندو ۽ زمين
پنهنجي پيٽ واريون شيون ٻاهر ڪڍندي ۽ انسان پڇڻ
لڳندو: هن کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ان ڏينهن زمين پاڻ
واريون سموريون خبرون بيان ڪري ٻڌائيندي انڪري جو
تنهنجي رب کيس وحي ڪئي هوندي. تنهن ڏينهن سڀ ماڻهو
ٽولن جي صورت ۾ نمودار ٿيندا ته جيئن پنهنجا عمل
ڏسن. پوءِ جنهن ذرڙو به چڱائي ڪئي هوندي اها ڏسندو
۽ جنهن ذري جيتري به برائي ڪئي هوندي سا به
ڏسندو. .
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
قُلْ هُوَ اللّٰهُ اَحَدٌ اَللّٰهُ الصَّمَدُ
لَمْ يَلِدْ ڏ وَلَمْ يُوْلَدْ وَلَمْ يَكُنْ
لَّهٗ
كُفُوًا
اَحَدٌ
.
ترجمو: الله جي نالي سان جيڪو ٻاجهارو ۽ مهربان
آهي. اي پيغمبر! چؤ، الله هڪ آهي، الله بيپرواھ
آهي، نه ڪنهن کي ڄڻيو اٿس، نه ئي ڪنهن ڄڻيو اٿس،
ان جو ڪو مَٽ ئي ناهي.
الهندي پاسي:
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ النَّاسِ مَلِكِ
النَّاسِ اِلٰهِ النَّاسِ مِنْ شَرِّ
الْوَسْوَاسِ ڏ الْخَنَّاسِ الَّذِيْ يُوَسْوِسُ
فِيْ صُدُوْرِ النَّاسِ مِنَ الْجِنَّةِ
وَالنَّاسِ
.
ترجمو: الله جي نالي سان جيڪو ٻاجهارو ۽ مهربان
آهي. اي پيغمبر چؤ، پناھ ٿو گهران ماڻهن جي رب جي،
لوڪ جي بادشاھ جي، وهمن ۾ وجهندڙ ۽ لڪل شيطان جي
برائي کان جيڪو ماڻهن جي دلين ۾ وسوسا ۽ وهم ٿو
پيدا ڪري، پوءِ اهو جنن مان هجي يا انسانن مان.
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اَلْهٰىكُمُ
التَّكَاثُرُ
حَتّٰى
زُرْتُمُ الْمَقَابِرَ
كَلَّا
سَوْفَ تَعْلَمُوْنَ ثُمَّ
كَلَّا
سَوْفَ تَعْلَمُوْنَ
كَلَّا
لَوْ تَعْلَمُوْنَ عِلْمَ الْيَقِيْنِ
لَتَرَوُنَّ الْجَــحِيْمَ ثُمَّ لَتَرَوُنَّهَا
عَيْنَ الْيَقِيْنِ
ثُمَّ لَتُسْـَٔــلُنَّ
يَوْمَىِٕذٍ
عَنِ النَّعِيْمِ
.
ترجمو: الله جي نالي سان جيڪو ٻاجهارو ۽
مهربان آهي. الله جي ناءَ سان، جيڪو مهربان ۽
ٻاجهارو آهي. توهان کي گهڻي ڪرڻ جي وٺ وٺان غافل
ڪري ڇڏيو، تان جو وڃي قبرن ڀيڙا ٿيؤُ، اِجهي توهان
جون اکيون کليون، اِجهو توهان کي پَتو پئجي ويندو،
چڱي طرح ڄاڻي وٺندؤ، جيڪر اڳواٽ ئي پروڙي وٺو ها
ته هر صورت ۾ جهنم ڏسندؤ ۽ ضرور ڏسندؤ، پڪ سان
اکئين ڏسندؤ، اهڙي طرح جو توهان کي پڪ ٿي ويندي.
نيٺ توهان کان نعمتن بابت به پڇا ڪئي ويندي.
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اِذَا جَاۗءَ
نَصْرُ اللّٰهِ وَالْفَتْحُ وَرَاَيْتَ النَّاسَ
يَدْخُلُوْنَ فِيْ دِيْنِ اللّٰهِ اَفْوَاجًا
فَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ
وَاسْتَغْفِرْهُ
ڼ
اِنَّهٗ
كَانَ
تَوَّابًا
ترجمو: الله جي نالي سان جيڪو ٻاجهارو ۽ مهربان
آهي. جڏهن الله جي مدد ۽ سوڀ اچي ۽ تون ڏسين ته
ماڻهو جٿن جا جٿا ڪري خدا جي دين ۾ شامل ٿي رهيا
آهن ته پوءِ پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ پاڪائي به
بيان ڪر ۽ سندس حضور توبه تائب ٿيءُ، سچ ته هُو
توبه اگهائڻ وارو آهي.
لا الٰه الا اللّٰه محمد رسول اللّٰه.
(ناهي ڪو به معبود سواءِ الله جي ۽ محمد الله جو
رسول آهي).
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
قُلْ يٰٓاَيُّهَا الْكٰفِرُوْنَ
لَآ اَعْبُدُ مَا تَعْبُدُوْنَ وَلَآ اَنْتُمْ
عٰبِدُوْنَ مَآ اَعْبُدُ وَلَآ اَنَا عَابِدٌ
مَّا عَبَدْتُّمْ وَلَآ اَنْتُمْ عٰبِدُوْنَ
مَآ اَعْبُدُ لَكُمْ
دِيْنُكُمْ
وَلِيَ دِيْنِ
ترجمو: الله جي نالي سان جيڪو ٻاجهارو ۽ مهربان
آهي.[اي پيغمبر ڪافرن کي] چؤ: اي ڪافرؤٰ مان انهن
شين جي عبادت نٿو ڪريان جنهن جي توهان ڪندا آهيو
نه ئي توهان ان جي عبادت ڪرڻ وارا آهيو جنهن جي
مان عبادت ٿو ڪريان ُ نڪي مان انهن شين جو پوڄا
ڪندس جن جي توهان پوڄا ڪندا آهيو ۽ نڪي توهان
عبادت ڪندؤ ان ذات جي جنهن جي مان عبادت ڪندو
آهيان، انڪري توهان جو توهان سان ۽ منهنجو دين مون
سان.
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ الْفَلَقِ مِنْ شَرِّ مَا
خَلَقَ وَمِنْ شَرِّ غَاسِقٍ اِذَا وَقَبَ
وَمِنْ شَرِّ النَّفّٰثٰتِ فِي الْعُقَدِ وَمِنْ
شَرِّ حَاسِدٍ اِذَا حَسَدَ
ترجمو: الله جي نالي سان جيڪو ٻاجهارو ۽ مهربان
آهي. اي پيغمبر! چؤ: مان پناھ ٿو گهران صبح جي رب
جي، هر انهيءَ شيءِ جي بري اثر کان جيڪا خلقي اٿس
۽ رات جي انودھ جي برائي کان جڏهن هوءَ ڇائجي ٿي ۽
ڳنڍين تي شوڪاريندڙ زائفن جي برائي کان پڻ ساڙولن
جي ساڙ کان [خاص ڪري] جڏهن حسد ڪرڻ لڳن.
اتر طرف:
اشھد ان لا الٰه الا اللّٰه وحده لاشريک له، له
الملک و له الحمد يحيي و يميت و هو حي لايموت بيده
الخير و هو عليٰ
کل
شيءِ قدير.
ترجمو: اسان شاهدي ٿا ڏيون ته سواءِ الله جي ٻيو
ڪوبه معبود ناهي. بادشاهي به ان جي آهي. هيءُ جهان
به ان جو ئي آهي. ساراھ به ان جي، اهو ئي جياريندو
۽ ماريندو آهي. اهو هميشه کان حيات آهي، هرگز ناهي
مرندو. ان جي هٿِ وسِ سڀ چڱائي آهي ۽ هر شيءِ تي
قادر آهي.
چؤگرد:
من زار قبراً فقال اللهم اني اسئلک بحق محمد و آل
محمد ان لا تعذب هٰذا الميت رفع العذاب.
ترجمو: جنهن شخص ڪنهن قبر جي زيارت ڪئي ۽ دعا
گهرندي چيائين: اي منهنجا الله مان توکي محمد ۽ آل
محمد جو واسطو ڏئي ٻاڏائي عرض ٿو ڪريان ته هن ميت
تي عذاب نازل نه ڪر ته [ان جي ان چوڻ سان] ميت تان
عذاب ٽري ويندو.
|