خالد آزاد
حيدرآباد
پروفيسر پياري خان پرديسيءَ جو الميو
پروفيسر پياري خان پرديسيءَ کي اجهو هاڻي خبر پئي
ته اڄڪلهه هر ماڻهوءَ کي پنهنجي اخبار، پنهنجو
ٽي.وي چئنل، پنهنجو ريڊيو ايف.ايم ۽ پنهنجو رسالو
آهي! اهڙي زبردست ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ به پروفيسر
پياري خان کي مزو نه آيو. هُن روز وانگيان اخبار
جي اندرئين صفحي تي ڇپيل ڪالمن جو جائزو ورتو.
ڌيان طلبن، ٽينڊر نوٽيسن ۽ لاتعلقي جي اظهارن تي
سرسري نظر گهمايائين. چشمو لاهي ميز تي رکيائين ۽
ناشتو ڪندڙ پنهنجي پُٽ کي چوڻ لڳو: ”ڀلي ڇا به ٿي
پوي. اخبار، اخبار آ! سڀاڻي منهنجو ڪالم اقتداري
ايوانن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيندو ڏسجئو ويٺا.“
” ٺهيو...“ پريان رڌڻي مان سندس نُنهن زبيده، جيڪا
هاءِ اسڪول جي ماسترياڻي به آهي تنهن زهر آلود
نظرن سان نهاريندي چيو: ”بابا سائين! دنيا وڃي
مريخ تي پهتي آ. ڪو به نٿو پڙهي توهان جو ڪالم،
بلڪ اڄڪلهه ته ڪو اخبار ئي ڪو نه ٿو پڙهي توهان
کان سواءِ.... توهان کي غلط فهمي آهي.“
ان وچ ۾ سندس پٽ لطيف به لقمو ڏنو. ها بابا پليز!
پينشن جي پئسن مان هڪڙي سمارٽ فون وٺو، سوشل ميڊيا
استعمال ڪريو، اُها ئي توهان جي اخبار به آهي.
ٽي.وي چئنل به آهي رسالو به آهي، ريڊيو به آهي
ڊائري به آهي، ٽپال گهر به آهي..... سڀ ڪجهه آهي.
هن جديد دور ۾ هي جيڪي توهان ٺونٺ جيڏا ڪالم پني
تي ٿا لکو نه، اُهي به مون کي ٽائيپ ڪري اي ميل
ڪرڻا پون ٿا، نه ته ڪير پُڄائي اخبار جي دفتر ۾؟!“
”اڙي....“ پروفيسر پياري خان کي ڪاوڙ ڪنن کان
ورائي وئي. ”باقي توکي مون يونيورسٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر
ڇا جي لاءِ پڙهايو آهي معنيٰ تون مون کي هفتي ۾
هڪڙو ڪالم به ٽائيپ ڪري نه ڏيندين؟“
”اڙي، يار بابا، لطيف چانهه جي سُرڪ ڀريندي
بيزاريءَ مان چيو: ”مان ڪمپيوٽر سسٽم ۾ بيچلرس
آهيان. بئنڪ ۾ سڄي آءِ ٽي سسٽم کي ڏسندو آهيان.
توهان جا ٺونٺ جيڏا ڪالم ٽائيپ ڪرڻ لاءِ ڪونه
پڙهيو آهيان معاف ڪجو!
۽ مهرباني ڪري سوشل ميڊيا استعمال ڪريو، اسان جي ۽
توهان جي به جان ڇُٽي پوندي!“
”ير وڏي ڳالهه آهي.“ پروفيسر پياري خان حيرت جو
اظهار ڪندي چيو: ”اسان جي ته ڪا ويليو ئي ناهي، نه
ئي اسان جي شاهڪار ڪالمن جي! رڳو ’شوشل
ميڊيا....شوشل ميڊيا‘ ڪهڙو دور اچي ويو آهي!“
لفظ ’شوشل ميڊيا‘ ٻُڌندي ئي پريان سندس پوٽي
’منظر‘ کان ٽهڪ ڇڏائي ويو جنهن تازو مئٽرڪ جو
امتحان زوريءَ سوريءَ پاس ڪيو آهي تنهن ٻرنديءَ تي
تيل وجهندي چيو: ”بابا سائين، اهو شوشل ميڊيا نه
پر سوشل ميڊيا آهي پليز ڪريڪٽ!“
”اڙي هائو“ پروفيسر جو پارو وري مٿي چڙهڻ لڳو:
”خبر آهي تنهنجي به ۽ تنهنجي ’شوشل ميڊيا‘ جي وري
ٻڌايان پڻهين کي ته رات جو ڪيڏي مهل ٿو اچين
دروازو ته مون کي ئي کولڻو پوندو آهي نه”هان...؟“
”منظر جي پيءُ لطيف، چشمي ۽ نڪ جي وچان ڏسندي حيرت
جو اظهار ڪيو ته منظر جلدي جلدي ڳالهه مٽائڻ لڳو
”اويس مون وٽ هڪڙو طريقو آهي، جنهن سان نه ڪالم
ٽائيپ ڪرڻو پوندو ۽ نه اخبار جي دفتر ۾ وڃي ڏيئي
اچڻو پوندو پنجن سيڪنڊن ۾ بابا سائينءِ جو ڪالم
اخبار جي دفتر ۾!“
”ڪهڙو ڪهڙو...“ پروفيسر يڪدم پُڇيو.
لطيف کي جيتوڻيڪ بئنڪ وڃڻ لاءِ دير پئي ٿي، تنهن
هوندي به هن ڪالم کي ٽائيپ ڪرڻ کان جان ڇڏائڻ لاءِ
چيو: ”جيڪو وڻيوَ، وڃي ڪريو. آءِ هيو نو ايڪسٽرا
ٽائيم. مون کي دير پئي ٿئي!“ لطيف اُٿڻ جي تياري
ڪرڻ لڳو.
”بيهو بيهو بيهو..“ پروفيسر پياري خان پرديسيءَ کي
سازش جي بُوءِ اچڻ لڳي چيائين: ”توهان ٻئي پيءُ
پُٽ مون مان ۽ منهنجن شاهڪار ڪالمن مان جان ڇڏائڻ
ٿا چاهيو. پر اها توهان جي ڀُل آهي! پهرين مون کي
اهو ٻڌايو، جنهن سان بنا ٽائيپ ڪرڻ ۽ دفتر ۾ هٿوهٿ
ڏيئي اچڻ جي، منهنجو ڪالم اخبار وٽ پهچي سگهي.
پوءِ ٿيندي ٻي ڳالهه.“
پروفيسر پياري خان پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي وڌيڪ اهو
به چيو ته: ”جيڪڏهن مون کي اهو طريقو نه ٻڌايو ويو
ته گهر جي وڏي هجڻ جي ناتي آئون اهو پُڇي سگهان ٿو
ته منظر رات جو دير تائين گهر کان ٻاهر ڇا ڪندو
رهي ٿو؟ آفيس جي ميٽنگ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ لطيف کي سي
ويو تي وڃڻ به لازمي هوندو آهي ڇا؟ ۽ ها! زبيده
جيڪي سُڪل مانيون ٽين ڊٻي واري کي ڏيئي، پئسن مان
پئڪيج ڪرائيندي آهي، سا ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪنهن سان
ڳالهائيندي آهي؟“
پروفيسر جي داٻي کان پوءِ گهڙيءَ کن لاءِ ڄڻ ته
گهر ۾ ماٺ ٿي وئي، البته زبيده، لطيف ڏانهن ڏسي
’توبهن توبهن‘ ڪري ڪنن کي هٿ لڳائڻ لڳي، منظر
ڳالهه کي ٺاهڻ جي تياري ڪرڻ لڳو، ان وچ ۾ لطيف،
منظر ڏانهن مخاطب ٿيو: ”پڙهائي ته توکان پُڄي ڪونه
تنهنجا رڳو ڊراما، جيڪڏهن ڪو طريقو اٿئي ته يار
پليز بابي کي ٻڌاءِ هيءُ ته اسان کي هن عمر ۾ ويٺو
خوار ڪري!“
”هڪڙي منٽ ۾..“ منظر پنهنجي ڪاريگري هلائڻ لڳو،
چيائين.”اها به ڪا ڳالهه آهي ڇا؟ بابا سائينءَ جي
’ٺونٺ‘ جيڏن ڪالمن (هُن لفظ ’ٺونٺ‘ تي زور ڏيندي
چيو) جا فوٽو ڪڍو، ايڊيٽر کي واٽس ايپ ڪريو، پنجن
سيڪنڊن ۾ ايڊيٽر وٽ! ڇا جو ٽائيپ ڪري اي ميل ڪرڻ
ڇا جو هلي وڃي ڏيئي اچڻ... ڳالهه ئي ختم، پاڻهي
اخبار وارا ٽائيپ ڪندا.“
”اڙي واهه“ لطيف کي پنهنجي پٽ منظر تي پهريون ڀيرو
بيحد پيار اچڻ لڳو، چيائين: ”شڪر ٿيو منهنجي ته
جان ڇُٽي پُٽ تون بابا کي واٽس ايپ ڪرائي، مان
هلان ٿوبئنڪ“
لطيف بيگ کڻي بئنڪ وڃڻ لاءِ اٿيو ئي مس ته پروفيسر
وري انڪوائري ڪرڻ شروع ڪئي.
”بيهو بيهو بيهو... مون وٽ ته واٽس اپ آهي ئي ڪونه
پوءِ؟“ پروفيسر پنهنجي بٽڻن واري نوڪيا ٽيٽهه ڏهه
موبائيل ڏيکاريندي چيو.
”اڙي يار بابا سائين اهو’ واٽس اپ‘ نه پر ’واٽس
ايپ آهي“ منظر وچ ۾ ڳالهايو.
”هائو پُٽ هائو! گهڻو چالاڪ ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪر ته
وري پڻهين کي ٻڌايان....“
”اوهه منهنجا مولا، مون غريب تي رحم ڪر هاڻي!“
لطيف صفا بيزار ٿيندي چيو: ”يار منظر تون بابا جي
ڊائريءَ مان ايڊيٽر جو نمبر ڪڍ، ڪالم جا فوٽو
پنهنجي موبائيل تي ڪڍي موڪلي ڇڏ، بس! هرڀرو صبح
سان ئي کڻي مٿي ۾ سُور ڪيو اٿوَ!“
لطيف بيگ کڻي فليٽ مان ٻاهر نڪتو، لفٽ ذريعي هيٺ
لهي، پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏي کڻي، بئنڪ روانو ٿي ويو،
زبيده نيرن وارا ٿانو ڌوئڻ لڳي ۽ لائونج ۾ پروفيسر
پياري خان پرديسي پنهنجي پوٽي منظر حسين کان
پنهنجا ڪالم، اخبار جي ايڊيٽر کي واٽس ايپ ڪرائڻ
لڳو.
پروفيسر پياري خان پرديسيءَ جو فليٽ، شهر جي مصروف
ترين روڊ تي، هڪ پلازا ۾ آهي، جتي پروفيسر صاحب،
سندس پٽ لطيف اياز، ننهن زبيده ۽ پوٽو منظر رهندا
آهن. پروفيسر صاحب، جيتوڻيڪ ٻه سال اڳ اسسٽنٽ
پروفيسر طور تي رٽائر ٿيو آهي، پر کيس پروفيسر
سڏرائڻ ۽ چورائڻ ۾ مزو ايندو آهي، هُو جڏهن
ليڪچرار هو تڏهن به پاڻ کي پروفيسر سڏرائيندو هو،
هُن ابتدا ۾ اخبارن جي ايڊيٽرن ڏانهن خط لکڻ شروع
ڪيا، جنهن کان پوءِ ترقي ڪري ڪالم نگار ٿيو ۽ اڄ
تائين سندس ڪالم اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا، کيس اها
خوشفهمي آهي ته سندس ڪالم اقتداري ايوانن ۾ ٿرٿلو
مچائي ڇڏيندا! سندس پٽ لطيف اياز، جيڪو هڪ بئنڪ ۾
آءِ ٽي انجنيئر آهي، تنهن جو ادب ۽ لکڻ پڙهڻ سان
ڪو واسطو نه آهي. پروفيسر صاحب کيس ادب کان پري
رکيو آهي. ذاتي ڪچهرين ۾ پروفيسر پيارو خان
پرديسي، ماڻهن کي پنهنجي اولاد کي، ادب کان پري
رکڻ جون صلاحون ڏيندو رهندو آهي، پر ادبي پروگرامن
۽ اسٽيجن تي توڙي اخباري ڪالمن ۾، ٻارن کي ادب نه
پڙهائيندڙ مائيٽن کي قوم جا دشمن چوندو ۽ لکندو
آهي. پروفيسر صاحب جي گهر واري، سندس سڳي ماسات
حبيبه ٽي سال اڳ بلڊ ڪينسر ۾ گذاري ويئي هئي، تڏهن
کان پروفيسر پيارو خان ڏاڍو اٻاڻڪو ٿي پيو هو.
هوءَ سندس ڏاڍو خيال رکندي هئي، هڪڙي هڪڙي شيءِ
سنڀالي رکندي هئي. پروفيسر هڪڙو بي ترتيب انسان
هو. حبيبه سندس زندگي باترتيب بڻائي ڇڏي هئي. سندس
کائڻ پيئڻ، ڪپڙن جُوتن، ڪتابن ۽ ڪاغذن کي پئي
سنڀالي رکندي هئي، پر زندگيءَ ساڻس وفا نه ڪئي ۽
هُو بلڊ ڪينسر ۾ گذاري وئي. ان ڏينهن کان پوءِ
پروفيسر صاحب جي شين جي ترتيب ۾ دلچسپي به گذاري
وئي هئي، هاڻي بس اخبار ۾ ڪالم لکڻ ۽ گهر ڀاتين
سان روز ڏند چڪ ڪرڻ ئي سندس دلچسپيءَ جو سامان
هئا!
ان ڏينهن، جنهن ڏينهن پروفيسر پياري خان پرديسيءَ
ٺونٺ جيڏو ڪالم لکي، پنهنجي پوٽي منظر لطيف کان
ايڊيٽر کي واٽس ايپ ڪرايو هو. اهو ڏينهن گذارڻ
پروفيسر صاحب لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو. جيئن تيئن
ڪري ڏينهن گذريو ۽ رات ٿي ته اُڻ تڻ ۾ سدائين
وانگر سندس ننڊ ڦٽي وئي. دراصل ڪالم لکجڻ کان وٺي
ڇپجڻ تائين جي وچ وارو سمورو وقت پروفيسر صاحب
لاءِ ٽينشن وارو وقت هوندو آهي. ان رات به کيس ننڊ
نه پئي آئي، اڌ ننڊ ۽ اڌ جاڳ ۾ رات ڪٽيندي نيٺ صبح
ڪيائين. هاڻي جيسيتائين هاڪر اخبار ڏيئي وڃي،
تيسيتائين پروفيسر صاحب پلازا جي گيٽ جا چاليهارو
کن چڪر هڻي ويو! نيٺ صبح ٿي ۽ ستين وڳي اخبار اچي
وئي. اخبار، هٿن ۾ ايندي ئي پروفيسر صاحب
پرديسيءَ جو چهرو ٻهڪي اُٿيو، جو اندرئين صفحي تي
سندس ليڊ ڪالم لڳل هو. هن هڪڙو ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽
فليٽ تي، پنهنجي ڪمري ۾ هليو آيو. پنهنجو سڄو ڪالم
پڙهيائين ته کيس سُڪون اچي ويو ۽ هُن پنهنجي منهن
سوچيو ته اڄ وزير صاحب لازمي مون وارو ڪالم پڙهندو
۽ پوءِ کيس ياد ايندو ته اسان ڪاليج ۾ گڏ پڙهيا
هئاسين! پنهنجي ڪالم ۾ پروفيسر پرديسي، تعليم جي
واڌاري ۽ سُڌاري لاءِ تجويزون ڏيڻ سان گڏ ان ڳالهه
جو انديشو به ڏيکاريو هو ته جيڪڏهن سندس صلاحن تي
عمل نه ڪيو ويو ته سنڌ جي تعليم مڪمل طور تباهه ٿي
ويندي ۽ ان جو ذميوار وزير صاحب هوندو.
راتوڪي ننڊ هاڻي کيس اکين ۾ ڀرجي آئي هئي، هُن
اخبار لائونج ۾ رکي ۽ پاڻ پنهنجي ڪمري ۾ سمهڻ لاءِ
هليو. صبح ساجهر هئي، ان ڪري ٻيا سڀ ڀاتي اڃا
سمهيا پيا هئا
ان ڏينهن، جنهن ڏينهن پروفيسر پياري خان پرديسيءَ
جو ڪالم اخبار ۾ ڇپيو هو تنهن ڏينهن ’منسٽرس آفيس‘
ڪراچيءَ ۾ اخبار صبح يارهين وڳي پهچي وئي هئي.
منسٽرس آفيس جي عام لاڳاپن واري شعبي مان ’ٽِڪ‘
ٿيل خبرن ۽ مضمونن کي ڪئنچيءِ سان ڪٽي نائب قاصد
جمي خان مڪراڻي، اڇي پني تي چنبڙايا ۽ فائيل ٺاهي
پي.آر.او صاحب ڏانهن موڪلي ڇڏيائين، پي.آر.او صاحب
پهرين انگريزي، پوءِ اردو ۽ آخر ۾ سنڌي خبرن ۽
مضمون تي هڪ اُڇاتري نظر وڌي ۽ صحيح ڪري فائيل
پرائيويٽ سيڪريٽريءَ ڏانهن موڪلي ڏنائين، پرائيويٽ
سيڪريٽري ٻين فائيلن سان گڏ اخباري خبرن واري
فائيل جو چڱيءَ طرح جائزو ورتو ته متان ڪا اهڙي
ڳالهه هجي، جنهن جو جواب ڏيڻ ضروري هجي. بعد ۾
سمورا فائيل وزير صاحب جي ميز تي رکي ڇڏيائين.
وزير صاحب جيئن ئي پهتو ته آفيس ۾ ڦڙڦوٽ مچي وئي.
پرائيويٽ سيڪريٽري، وزير صاحب کي آفيس ۾ ويهاريو ۽
کانئس سمورا فائيل صحيح ڪرايا. آخر ۾ اخباري ڪٽنگن
جو فائيل سندس آڏو رکيائين. پروفيسر پياري خان
پرديسيءَ جو ڪالم سڀ کان مٿان رکيل هو. وزير صاحب
هڪ نظر اخباري ڪٽنگس جي فائيل تي وڌي ۽ پروفيسر
پياري خان پرديسيءَ جي مضمون کي ڏٺو. پي ايس کان
پڇيو؛
-Anything need to response?
=Comparatively not, sir
-Meeting arrangements?
=Sir, done
=Alright, let’s proceed then
وزير صاحب اٿيو ته ساڻس گڏ پرائيويٽ
سيڪريٽري، اسٽاف آفيسر، پي.آر.او، ڊي.جي ۽ ٻيا
عملدار به روانا ٿي ويا. نائب قاصد جمي خان، روز
جي روٽين وانگيان اخباري خبرن ۽ مضمونن جو فائيل،
منسٽر صاحب جي آفيس مان کنيو، ان کي رسيءَ سان
ٻڌائين ۽ فائيل کڻي اچي پنهنجي ونگ ۾ الماريءَ جي
مٿان اڇلي ڇڏيائين.
ان ئي ڏينهن، جنهن ڏينهن پروفيسر پياري خان
پرديسيءَ جو ڪالم اخبار ۾ ڇپيو هو، تنهن ڏينهن هُو
صبح ساجهر اخبار پڙهڻ کان پوءِ هميشه وانگر سمهي
رهيو. سندس اک يارهين وڳي کُلي. گهر جي سمورن
ڀاتين کي پروفيسر پرديسيءَ جي اهڙي ڪيفيت جو
سدائين اندازو هوندو هو. ان ڪري جنهن ڏينهن سندس
ڪالم اخبار ۾ شايع ٿيندو هو. تنهن ڏينهن پروفيسر
صاحب کي ڪير به ڊسٽرب نه ڪندو هو. ان ڏينهن به کيس
ڪنهن نه ڊسٽرب ڪيو ۽ هو ڏينهن جو يارهين وڳي تائين
سُمهندو رهيو. جڏهن ننڊ مان اٿيو ته هن پنهنجو
ڪالم هڪ ڀيرو ٻيهر پڙهڻ ۽ گڏو گڏ گرم چانهه جون
سُرڪيون ڀري مزو وٺڻ جو سوچيو ۽ لائونج ۾ هليو
ويو.
”زبيده ڌيءَ........ چانهه ته ٺاهي ڏي... ۽ هتي
اخبار پئي هئي، ڪاڏي وئي، ڳولي ته ڏي“
سندس ننهن زبيده اخبار جو نالو ٻڌندي ئي وسامجي
ويئي! رڌڻي ۾ اڌ ڦاٽل اخبار جي تاريخ ڏٺائين ته
اها ان ڏينهن جي تاريخ هئي. هُن ڏڪندڙ هٿن سان اڌ
اخبار کنئي ۽ ٻاهر لائونج ۾ ويٺل پروفيسر صاحب
ڏانهن ايندي چيائين: ”بابا سائين، مون سمجهيو ته
پراڻي اخبار آهي، ان ڪري مون اڌ اخبار ڦاڙي، ان ۾
منجهند لاءِ ماني ٽفن اندر پيڪ ڪري ٽفن لطيف جي هٿ
۾ ڏيئي ڇڏيو.... بيهو بيهو مان فون ڪري پڇانس
ٿي...“
زبيده لطيف کي فون ڪرڻ لڳي ۽ پروفيسر پياري خان
پرديسي لائونج ۾ بيٺي ائين پنڊپهڻ ٿي ويو، جيئن ڪو
ڪمپيوٽر هلندي هينگ ٿي ويندو آهي. هُو ڪافي دير
تائين گهر جي ڀتين ڏانهن ائين ئي خوامخواهه
گهوريندو رهيو ۽ پوءِ ٿڪل ۽ وساميل قدمن سان
پنهنجي ڪمري ۾ موٽي آيو هُن، ڪمري ۾ حبيبه جي
فوٽوءَ کي ڏٺو. ٽن سالن کان پوءِ ٻه ڳوڙها سندس
پٿرايل اکين مان نڪتا ۽ ڳلن تان ٿيندا قميص جي
ڪالر ۾ ڪٿي گم ٿي ويا.
گلاب خان سولنگي
حيدرآباد
آس ۽ اُڪير
سِيتا ديوي آڏواڻيءَ جو خط پڙهي رئيس بچل خان جي
دماغ ۾ هلچل مچي وئي. هُو پنهنجي چوڌاري ويٺل
ماڻهن کان ڄڻ بيگانو ٿي ويو. هُن جي ذهن جي پڙدي
تي هُنن جو ننڍڙو لُٽيل قافلو اچي ويو. هُن کي
ڪيئن گهر ٻار ڇڏي ڀڄڻو پيو هو. هُو سِکن ۽ هندن جي
يلغار کان ڪيئن لڪي نڪتو هو. وري ڪمند جي فصل جي
وچان گُذرندڙ روڊ تي اُهو موت جو کيل، ڪيترا ئي
ماڻهو سِکن ۽ هندن نيست ۽ نابوت ڪري ڇڏيا هئا. هُن
جي ذهن ۾ ماسي نوران جون دانهون گونجڻ لڳيون، ڪيئن
هڪ هندو تخريبڪار اُن جي پيٽ ۾ ڇُري هڻي هُن جو
ستن مهينن جو ٻار ضايع ڪري ڇڏيو هو. نوران جي ڌيءِ
سُکان کي ڪهڙيءَ طرح درندگيءَ جو نشانو بڻايو هو.
رئيس بچل خان جو دماغ ڦاٽڻ لڳو، هُن جي ڳلن تي نير
وهي رهيا هئا، ويجهو ويٺل ماڻهو سمجهي ويا ته ضرور
خط ۾ ڪا اڻ وڻندڙ خبر آ. رئيس بچل خان کي پنهنجي
ڌيءُ حُسنه ياد اچي ويئي، جيڪا اُن وقت صرف اٺن
سالن جي هُئي ۽ خوش قسمتيءَ سان وڳوڙن ۾ زندهه بچي
وئي هئي. بچل خان کي حُسنه جو ڳوڙهن سان ڀريل چهرو
ڏسجي رهيو هو. ”بابا منهنجون گُڏيون ۽ رانديڪا
ڪونه کڻي هلندين…“ مون ڏاڍين منٿن سان امان سڪينه
کان ٺهرايون آهن، اُهي ته کڻي هلو“ ۽ پوءِ هُن ڇڙٻ
ڏيندي چيو: ”ماڻهن کي سر جي لڳي پئي آ ۽ توکي
گُڏين جي… ڀڄو…حُسنه ڌيءَ… ڀڄو… شايد جان بچي وڃي“
۽ پوءِ حُسنه پيءُ جي آڱر پڪڙي، رات جي اونداهيءَ
۾ پنهنجي ماءُ، ڏاڏي، ٻن چاچن ۽ هڪ پڦيءَ سان گڏ
ڀڄندي رهي. رستي ۾ انهيءِ ڳوٺ کان ڀڳل ٻيا ماڻهو
به اچي مليا. هُو فصلن ۽ ڪچن پڪن رستن تان گذرندا،
اٺ ڏهه ڳوٺ پوئتي ڇڏي آيا ته رات جي پوئين پهر
اُنهن جي قافلي تي حملو ٿي ويو. هُو حُسنه پاڪستان
جي سرحد پار ڪري ٻيهر چيو:
”بابا!… منهنجون گُڏيون…“
حُسنه جي لهجي ۾ عمر ڀر جو درد ڀريل هو. بچل خان
پنهنجي ڀاءُ جي طرف نهاريو، جيڪو پنهنجي ڇڳل چپل
منجهان مٽي ڇنڊي رهيو هو. حُسنه جي ماءُ جا ڳوڙها
زمين تي ڪري رهيا هئا. مگر حُسنه جي اوچتي ڍرڙي
ڳالهائڻ تي هُو سڀ حُسنه طرف ڏسڻ لڳا. حُسنه ٻيهر
پيءُ جي طرف ڏٺو جنهن جي چهري تي لُڙڪ ۽ خاموشيءَ
جو پاڇو وڌنڌو نظر آيو.
رئيس بچل خان پاڻ کي سنڀاليو ۽ خط کي اُلٽو ڪيو،
لفافي کي ڏٺو، لفافي جي پويان سيتا ديوي آڏواڻي جي
واپسيءَ جو پتو درج هو. رئيس بچل خان خط واپس
لفافي ۾ رکيو ۽ خط هٿ ۾ کڻي حويليءَ طرف هليو ويو.
اُتي ويٺل ماڻهن منجهان ڪنهن پُڇيس ته رئيس،
معاملو ڇا آهي؟ پر رئيس بچل خان جي چهري تي وسندڙ
لُڙڪ سڀني ڏسي ورتا هئا.
ڇٻيءَ ۾… ڪارا ڪارا ڄمُون رکي، گيتا ديويءَ، جڏهن
سيتا ديوي آڏواڻيءَ جي سامهون رکيا ته هُن يڪدم رڙ
ڪئي؛ ”اڙي ڄمون!…ڄمون… ڪهڙي وڻ مان پٽيا اٿئي.“
”ماتا جي! وساري ڇڏ اُنهن ڄمُن جي وڻن کي. اُهي ته
ڪڏهوڪا پٽجي ويا هوندا ۽ هونئن به ته جتي سمبنڌُ
نه هجي، اُتي وري ڪهڙا سپنا سانڍجن؟ سڄو جيون گذري
ويو توکي ڄمُون… ڄمُون پُڪاريندي ڪير آيو آتان
کان؟ ۽ ڪير ايندو به ڪونه اُهي ڄمُن جا وڻ اگر
ڀارت ۾ هجن هان ته توکي اُتي وٺي هلون هان. اُهي
هاڻ پاڪستان جو حصو بڻجي چُڪا آهن.“ گيتا پنهنجي
ماءُ کي تسلي ڏيندي چيو ته سيتا ديوي ويتر ڪاوڙ ۾
ڏاڍيان ڳالهائڻ لڳي.
”تون ڇا ٿي سمجهين؟ جن وڻن کي مون پاڻي پياريو هجي
انهن کي وساري ڇڏيان، جن وڻن تي مان ڀڄي ڀڄي
چڙهندي هئس، انهن کي مان وساري ڇڏيان، مون کي
منهنجو ڳوٺ ”مهراڻ آباد“ انهن زمينن انهن بازارن
کان وڌيڪ پيارو آهي منهنجي تن مان جان ته نڪري
سگهي ٿي مگر انهن ڄمن کي وساري نٿو سگهجي… هاءِ!
ڪهڙا ڏينهن هئا جڏهن اسان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا، ڄمون
چُونڊيندا هئاسين. جهوليون ڀري ڀري گهر کڻي.“ سيتا
ديويءَ بس ايترو ئي چيو ته اُن جا لُڙڪ ڇٻيءَ ۾
پيل ڄمُن تي ڪرڻ لڳا.
گيتا جڏهن پوڙهيءَ ماءُ کي ائين اندر ئي اندر
ڪُڙهندي ڏٺو تڏهن بيوس ٿي چيائين:
”پر امان! هاڻي ڪري به ڇا ٿو سگهجي. نه اسانجو
ڪوئي رشيدار اُتي آهي نه ئي ڪو ٻيو طريقو جو
تنهنجي پوکيل ڄَمن جي وڻن بابت معلوم ٿي سگهي ته
اُهي ڪهڙي حال ۾ آهن“
”ماسي سيتا ديويءَ کي ڇا ٿيو آهي“ اچڻ واري مائيءَ
شانتا پڇيو.
”سنڌ پاڪستان ۾ رهجي ويل فصلن ۾ ڄَمن جا وڻ هئا،
اَمان انهن کي پنهنجن هٿن سان پوکيو هو ننڍپڻ ۾.
هتي روئندي آهي. هاءِ ڀڳوان! هتي ته اُن کان به
جهجي زمين آهي مگر امان جو من اُتي ئي اٽڪيل آهي.
گيتا جو جواب ٻُڌي شانتا هڪ نظر سيتا ديويءَ ڏانهن
ڏٺو جيڪا رئي جي پلوَ سان لُڙڪ صاف ڪري رهي هئي.
شانتا به کٽ تي ويهي رهي . پوءِ گيتا ديويءَ کي
چوڻ لڳي.
”گيتا تون صفا چري آهين، ڀلا ڪير پنهنجي جنم
ڀُوميءَ کي به وساريندو آهي ڇا، ماسي سيتا ديويءَ
پنهنجي ڳوٺ جي ڳلين ۾ کيڏيو آهي، ڀيڻ ڀائر کيڏيا
آهن، انهن وڻن ۽ وٿاڻن سان محبت به ته هوندي نه“
”شانتا! منهنجو من ته هر وقت اوڏانهن اُڏري وڃڻ
لاءِ ماندو رهندو آهي، گيتا ته هتي ئي پَلي آ، ان
کي ڪهڙي خبر ته اسين انهن ٽيڙهن ڄَمن جي وڻن تي
ڪيئن لٽڪندا ڪُڏندا هئاسين، اسان جي ڳوٺ ۾ هندو،
مسلم، سِک، عيسائي سڀ امن ۽ شانتيءَ سان رهندا
هئا“
پوءِ سيتا ديويءَ ڇٻي مان ٻه چار ڄَمون کنيا، انهن
کي ڏسي چوڻ لڳي.
”هُون، ته هي انهن ڄمَن جو مقابلو ڪندا؟ اُهي ته
ڪارا رِڻ، هيترا هيترا وڏا هوندا هئا، هِي ته بلڪل
ننڍا ننڍا آهن،
”مهراڻ آباد“ جي فصلن جي مٽي به سُٺي هُئي، جيڪا
به شيءِ پوکبي هئي، ڪمال جي ٿيندي هئي.
گيتا وراڻيو ”امان پر هاڻي ڇا ٿو ٿي سگهي، اُهو سڀ
ڪجهه ته اُتي ئي رهجي ويو نه؟
”هان! اِهو ڇا چيُئي؟ ڪرڻ لاءِ ته سڀ ڪجهه ٿي سگهي
ٿو مگر ڪير ڪرڻ وارو ته هجي“
شانتا مائيءَ وچ ۾ ڳالهايو.
”گيتا تون خط لکڻ ڄاڻين ٿين. ”مهراڻ آباد“ ڳوٺ جي
وڏيري جي نالي چٺي ڇونه ٿي لکين، ماسي سيتا ديويءَ
جون ڳالهيون به لکي ڇڏ، اگر ڪوئي ڀلو ماڻهو اُتي
هوندو ته ٿي سگهي ٿو ماسيءَ کي گُهرائي.“
”۽ هُو ڄَمن جا وڻ اڃان موجود هوندا ڇا“
”نه به هُجن، پتوته پئجي ويندو“
شانتا ۽ گيتا جون ڳالهيون ٻڌي سيتا ديويءَ جي
ڪوماٽيل چهري تي ڄڻ رونق اچي وئي ۽ اُداس اکين ۾
هڪ خاص قسم جي چمڪ اچي وئي.
گيتا ان وقت ته خاموش رهي، پر اُن کي خط واري
تجويز بنهه پسند آئي، ڪنهن ڌاري ماڻهوءَ کي خط لکڻ
به هُن کي مَنجهائي رهيو هو. سيتا ديويءَ ڌيءُ
ڏانهن ڏٺو، جيئن چئي رهي هُجيس، وڃ قلم ڪاغذ کڻي
اچ. گيتا ماءُ جي نظرن جو مطلب سمجهي وئي هئي.
اُٿي قلم ڪاغذ کڻي ماءُ وٽ آئي. سيتا جي بدن ۾
عجيب طرح جو جوش ڀرجي آيو. هوءَ ڌيءَ کان خط
لکرائڻ لڳي.
رئيس بچل خان صبح سوير ئي باغ ۾ اچي ويو هئو. هُن
انبن جي ڪجهه وڻن مان انب پٽيا. هُن کي معلوم هو
ته هي سُٺي نسل جا انب آهن. بچل خان چاهي پيو ته
انبن ۽ ڄَمن جي ذائقي ۾ ڪمي نه رهي.
بچل خان جي پيءُ جون زمينون ڀارت ۾ رهجي ويون
هيون، پاڪستان ۾ هن خاندان کي به نيون زمينون الاٽ
ٿيون هيون. ”مهراڻ آباد“ ڳوٺ جي پڳ به رئيس بچل
خان تي هئي. اتفاق سان اُهي زمينون بچل خان جي
ملڪيت ۾ هيون جيڪي ورهاڱي کان سيتا ديوي آڏواڻيءَ
جي خاندان جون هيون.
سيتا ديويءَ جي هٿن سان پوکيل ڄَمن جا وڻ اڄ به
زمين تي موجود هئا، جڏهن سيتا ديويءَ جو خط ڀارت
مان آيو ته بچل خان کي سيتا ديويءَ جي روپ ۾
پنهنجي ڌيءُ حُسنه نظر آئي هئي، جيئن هوءَ ڄَمون
نه پر گُڏيون گُهري رهي هجي.
سرڪاري دفتر جي چڪرن ۽ ويزن ٺهڻ جي طريقي ڪار ۾ هڪ
سال جو وقت لڳي ويو. بچل خان به اهو پئي چاهيو ته
سيتا ديوي تڏهن اچي جڏهن ڄَمن جا وڻ ڦَل سان ڀريل
هجن، بچل خان پنهنجو ڪمدار موڪلي سکر مان پنهنجي
ڌيءُ حُسنه کي به گهرايو هو ته جيئن هوءِ به ڀارت
مان آيل مهمانن سان ملي سگهي. ٿي سگهي ٿو حُسنه
لاءِ ڪوئي هُن جون گُڏيون ئي کڻي اچي.
ڳوٺ جي سياڻي پوڙهي رحمت کي خبر پئي ته لٺ تي
هلندي رئيس بچل خان وٽ آئي، اچڻ سان ئي فرمائڻ
لڳي.
”پٽ! ٻُڌو آ تون ڀارت مان ڪجهه مهمان گهرائي رهيو
آهين. انهن جيڪو ڪجهه اسان سان ڪيو تون سڀ وساري
ڪهڙي منهن سان انهن جي مهمان نوازي ڪندي، ڪهڙي
رشتيداري آهي انهن سان؟ رئيس بچل خان پهريائين ته
ماسي رحمت کي غور سان ڏٺو ته هيءَ جزا اوچتو ڪٿان
نمودار ٿي. چوڻ لڳو: امان! اسان مسلمان آهيون، ۽
اسان جي سنڌ جي مهمان نوازي مُلڪان ملڪ مشهور آهي،
مُسلم هجي يا غير مُسلم، اسين اڄ به مهمان کي الله
جي رحمت سمجهندا آهيون. ۽ هُو ماڻهو ته هن ڳوٺ ۾
صدين کان آباد هئا، جيئن اسان سنڌي خاندان اُتي
آباد هئاسين ۽ اڄ به اسان کي جنم ڀومي ياد آهي،
تيئن هُنن کي به پنهنجو آبائي ڳوٺ ياد آهي، بلڪل
شاهه لطيف جي بيت وانگر:
”سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اَڻاسي وسري،
حيف تينن کي هوءِ، وطن جنهن وساريو“.
۽ منهجي ۽ توهان جي رشتيداري ته انهن سان آهي، مگر
توهان کي سمجهه ناهي.
”ڪهڙي رشتيداري؟“
”امان! اسان سڀ انسان هڪ ئي آدم جو اولاد آهيون ۽
سڀ کان وڏو رشتو ته زبان جو آهي، پوءِ هند هجي يا
سنڌ، هُو پنهنجو نصيب کائيندا، منهنجو ڇا ويندو،
سيتا ديوي پنهنجا لڳايل وڻ ڏسي خوش ٿيندي. امان
اسان کي به انسان ذات جي خدمت ۽ فلاح لاءِ سڀ
ويچار وسارڻا پوندا ۽ هڪ نئين دؤر جو آغاز ڪرڻو
پوندو. اَمان سوچ ته ڪڏهن اسان به پنهنجو ڳوٺ گهمڻ
وينداسين ۽ پنهنجي جنم ڀومي ڏسي ڪيتري خوشي ملندي“
ماسي رحمت لٺ تي هلندي واپس وري وئي ۽ بچل خان ٿڌو
ساهه ڀريندي ڄمن جي وڻن طرف ڏسڻ لڳو. هُن پوري ڳوٺ
کي منع ڪري ڇڏيو هو ته ڪو به ٻار ڄَمون نه پٽي.
ٽيپهريءَ جو وقت هو، رئيس بچل خان گهوڙيءَ تي چڙهي
ڪجهه ماڻهن ساڻ حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي ڀارت مان
اچڻ واري ٽرين لاءِ انتظار ڪري رهيو هو. هُو سيتا
ديوي آڏواڻي، اُن جي ڌيءُ گيتا ديوي ۽ گيتا جي
پيءُ نِکل آڏواڻيءَ کي وٺڻ آيو هو.
ٽرين جي ڪا به خبر ڪو نه هئي، اسٽيشن ماسٽر فقط
ايترو ٻڌايو ته ڀارت مان اچڻ واري ٽرين ليٽ آهي.
بچل خان ڏاڍو مايوس ٿيو، هُو پنهنجي ڪمدار سان گڏ
هڪ پاسي ڪُرسيءَ تي ويهي رهيو ۽ انتظار ڪرڻ لڳو.
آخرڪار انتظار جون گهڙيون ختم ٿي ويون ۽ ڀارت مان
آيل ٽرين اچي اسٽيشن تي بيٺي. بچل خان ڪمدار سان
گڏ پليٽ فارم تي آيو، ڪمدار جي هٿ ۾ هڪ بورڊ هو،
جنهن تي لکيل هو”وڏيرو بچل خان، مهراڻ آباد“ ته
جيئن مهمانن کي ڳولڻ ۾ تڪليف نه ٿئي. گيتا جي نظر
جڏهن اُن بورڊ تي پئي ته هُن کان دانهن نڪري وئي.
”امان! ڏسو سامهون وڏيرو بچل خان،
”مهراڻ آباد“ جو چڳو مڙس اسان کي وٺڻ آيو آهي!“
نِکل آڏواڻيءَ کي بچل خان ڀاڪر پاتو ۽ بچل خان جي
ساٿين انهن جي مٿان گُل ڇٽيا. اسٽيشن ماسٽر ڪجهه
ڪاغذي ڪاروائيءَ کان پوءِ آڏواڻي پريوار کي اجازت
ڏني. نِکل کي گهوڙي جي سواري ڏني وئي ۽ سيتا
ديويءَ کي هڪ عاليشان ٽانگي جي سواري ڏني وئي،
جنهن کي خوب سجايو ويو هو.
سيتا ديوي خوشيءِ جا لُڙڪ اگهندي ڌيءُ کي چوڻ
”گيتا ڌيءُ هيءُ ئي اُهي رستا هئا جتان اسين
پندرنهن ويهه سال اڳ ڀڳا هئاسين. ڪجهه به ناهي
بدليو، ساڳيو ئي ماحول آهي، بس انسان اُهي ناهن.
ساڳيا مندر، ساڳيون مسجدون“ ايتري ۾ سومهڻي جي
اذان اچڻ لڳي ته سيتا ۽ گيتا مٿي تي رئو ڪيو. جيڪو
ماڻهو ٽانگو هلائي رهيو هو، اُن پڇيو. ”بِي بِي!
مٿي تي رئو ته مسلمان عورتون رکنديون آهن، توهان
ته مسلمان ناهيو. پوءِ هي…؟
”ادا نالو ته خدا جو پيو وٺجي، پوءِ رئو سِر تي
رکڻ ۾ ڪهڙو حرج. جڏهن اسان سڀ خدا جي مخلوق آهيون
ته پوءِ ڇو نه سڀ خدا جي مخلوق سان پيار ڪيون.“
ڳالهين ڳالهين ۾ ”مهراڻ آباد“ ڳوٺ اچي ويو، جڏهن
ٽانگو ڳوٺ جي ويجهو ڄمن جي باغ وٽ پهتو ته سيتا
ديويءَ کان رڙيون نڪرندي ويون. هُوءَ ٽانگي تان ٽپ
ڏئي پيرين اُگهاڙي ڀڳي ۽ باغ لڳل ڄَمن جي وڻن سان
چنبڙي وئي، هوءَ زور زور سان روئڻ لڳي. پنهنجي
پيءُ ماءُ جا نالا کڻي، ڀيڻ ڀائرن کي پڪاري پنهنجو
ننڍپڻ ياد ڪرڻ لڳي. گيتا پنهنجي ماءُ کي سنڀالي پر
ڪٿي؟ اِهو منظر ڏاڍو دلخراش هو. ڳوٺ وارا به اُتي
اچي گڏ ٿيا. ڳوٺ جا پوڙها پڪا سيتا ديويءَ جي مٿي
تي شفقت جا هٿ ڦيريندا پئي ويا. سيتا ديوي پنهنجي
لڳايل ڄَمن جي وڻن هيٺان ويهي رهي . ڀارتي مهمان
جو جيئن جيئن چرچو وڌندو ويو. ڳوٺ جا ماڻهو انهن
وٽ جمع ٿيندا ويا. رئيس بچل خان ڏٺو ته ماڻهو
ڊوڙندا پيا ٿا اچن سو اُن سيتا ديويءَ کي ٻانهن
مان وٺي سهارو ڏئي مٿي اُٿاريو ۽ پنهنجي گهر وٺي
آيو. بچل خان جي حويليءَ کي ڪنوار وانگر سينگاريو
ويو هو. ڳوٺ جون عورتون حويليءَ ۾ جمع ٿي ويون
هيون. بچل خان جي حويليءَ ۾ ڀارت مان آيل مهمان
سان ملڻ لاءِ هُجوم هئا. جڏهن گيتا ٻڌايو ته اسين
جي پور مان آيا آهيون تڏهن حُسنه زور زور سان روئڻ
لڳي. هُن کي پنهنجون گُڏيون ۽ وڇڙيل سهيليون ياد
اچي ويون. هُوءَ ته به جي پور مان گُڏيون خريد ڪري
آئي هئي ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ بي فڪريءِ سان زندگي گذاري
رهي هئي ته اوچتو تقسيم هند جو زمانو شروع ٿي ويو
۽ پوءِ هُن جي اکين اهڙا ته دلخراش منظر ڏنا جن جي
ذڪر سان ئي هوش گم ٿي وڃي.
رئيس بچل خان جي حويليءَ ۾ خوب رونق لڳي پئي هئي،
سڄي اڱڻ تي کٽن جي مٿان ٽُڪ جون ريليون ۽ ڀرت ڀريل
وهاڻا رکيل هئا. هرطرف ڏيئا ئي ڏيئا ٻري رهيا هئا،
جن جي روشنيءَ جي چمڪ دل کي لُڀائي رهي هئي. وڏيرو
بچل خان هڪ ئي کٽ تي آيل مهمانن سان گڏ ويٺو هو.
جنهن سان انهن جي عزت ۽ تڪريم اڃان به وڌي ويئي
هئي. ڪنهن اجنبي ماڻهوءَ کي ائين محسوس ٿئي ها، ڄڻ
هن گهر ۾ شاديءَ جي پروگرام جي تقريب هجي، سيتا ۽
گيتا ديويءَ کي نمايان جڳهه تي ويهاريو ويو هو.
سيتا ديوي پنهنجي هڪ جيڏين عورتن سان ڪچهري ڪري
رهي هئي. هُن کي ته دنيا ۾ پهريون دفعو ايتري خوشي
ملي رهي هئي. سفر جي ٿڪاوٽ جو ته ڪوئي نالو نشان
به ڪين هو. ”مهراڻ آباد“ ۾ اچي هُن کي جيترو پيار
ملي رهيو هو. اُهو هُن جي زندگيءَ جو انمول سرمايو
هو.
بچل خان ۽ آڏواڻي خاندان ۾ پل ڀر ۾ اهڙو رشتو جُڙي
ويو هو، جيڪو صدين ۾ ناهي جُڙندو. کائڻ جي منظر ۾
به ڪوفرق نظر نه آيو، سڀ ماڻهو هڪ ئي جڳهه تي گڏجي
کاڌو کائي رهيا هئا. رات دير سان ماڻهن جي ڪُجهه
رش گهٽ ٿي ته بچل خان مهمانن کي آرام ڪرڻ لاءِ
چيو. بچل خان جي چوڻ تي ماڻهو پنهنجن پنهنجن گهرن
ڏانهن روانا ٿي ويا. ايتري ۾ سيتا ديويءَ جي
سامهون ڄمُن سان ڀريل ٽري اچي وئي ”هيءُ توهان جي
لڳايل ڄَمن جي وڻن جو ڦَل آهي، انهن جو مزو ئي الڳ
آهي“ بچل خان جي ڌيءُ حُسنه اڃان ايترو ئي مس چيو
ته سيتا ديوي ڄَمُن کي اکين تي رکي چمڻ لڳي. هُن
جي ڳلن تي ٻيهر لُڙڪ وهڻ لڳا. هُن جي واتان عجيب
جُملا نڪري رهيا هئا. ڪيڏي مهل ڄَمن کي مُٺيءَ ۾
بند ڪري سيني سان پئي لڳايو، ڪيڏي مهل سِر تي رکي
پئي چئي”ڀڳوان مون کي منهنجا ڄَمون کارايا… ڏس
گيتا، مان نه چوندي هئي مان ۽ ته ”مهراڻ آباد“ جا
ڄَمون وڏا ۽ مٺا هوندا آهن، ڪيترا ڀلا آهن… هاءِ
منهنجا ڄَمون …..“ هُوءِ کٽ تان هيٺ لهي مٽي چُمڻ
لڳي ته حُسنه ان کي ٻانهن مان جهلي ٻيهر کٽ تي
ويهاريو. هوءَ ننڍپڻ جون ڳالهيون ياد ڪري حُسنه کي
ڀاڪر پائڻ لڳي، سيتا ديويءَ جي حالت عجيب هئي.
نکل آڏواڻي، بچل خان سان گڏجي زمينون گهمڻ ويو،
سيتا ديوي به انهن سان گڏ هئي. هوءَ گيتا کي وٺي
ان کوهه وٽ وئي، جتان ننڍپڻ ۾ پاڻي ڀريندي هئي.
سيتا ڳوٺ جي هر اُن ڳلي ۽ محلي ۾ وئي، جتي هُن
ننڍپڻ گذاريو هو. سيتا ديوي جڏهن ڄمن جي باغ ۾ آئي
ته ڄمن جي وڻ تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. ڀرسان بيٺل
قاسم چيو ”ماسي وڻ تي چاڙهڻ ۾ تنهنجي مدد ڪيان ڇا“
سيتا ديويءَ ان کي غور سان ڏٺو ۽ چيو.
”ڇو چاچا! مان ماسي لڳي رهي آهيانءِ ۽… مان ته
سيتا آهيان… سيتا…. مون کي سيتا چئو نه“ سيتا جي
ڳالهه ٻڌي اتي موجود سڀني کلي ڏنو. پوءِ قاسم ائين
ئي چيو جيئن ننڍپڻ ۾ هُن کي مخاطب ٿي چوندو هو.
ويزي جو مُدو ختم ٿيڻ لڳو ته سيتا ديوي ”مهراڻ
آباد“ جي ڳلين کي چرين وانگر چُمڻ لڳي. عورتن ۽
ٻارن کي ڀاڪر ڀائي روئڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي: ”ڳوٺ وارو!
مان ٻيهر ڪونه ايندس، سيتا… توهان جي سيتا منهنجا
ڄمون نه پٽجو، اهي ڏاڍا مٺا ڄمون آهن.“
آخرڪار اها قيامت واري گهڙي اچي ويئي. بچل خان
انهن کي ريلوي اسٽيشن تائين ڇڏڻ جون مڪمل تياريون
ڪري چڪو هو. سيتا ديوي ڄمن جي وڻن سان چنبڙي روئي
رهي هئي، ۽ آخر ۾ هوءَ بيهوش ٿي وئي ته ماڻهن ان
جي مُنهن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيا، هوش ۾ اچڻ کان
پوءِ ٻيهر ڄمن جي وڻ سان چنبڙي وئي هُوءَ پڪاري
رهي هئي. ”نه… مون کي نه وٺي هلو، هتي ڄمون آهن،
منهنجي پتا جي نشاني… هنن ڳلين ۾ منهنجو پِتا ۽
ماتا رهندا آهن، هيءُ منهنجا ماڻهو آهن… منهنجا
ڄمون آهن.“
هُوءِ ٻيهر بيهوش ٿي وئي، هڪ دفعو ٻيهر هُن جي
منهن تي پاڻي جا ڇنڊا هنيا ويا مگر هُن کي هوش ڪين
آيو، گيتا رڙ ڪئي. ”ماتا جي طبيعت خراب ٿي وئي
آهي، ڪير حڪيم يا ڊاڪٽر کي وٺي اچي.“
ٿوري دير بعد ڊاڪٽر صاحب تصديق ڪئي ته سيتا ديويءَ
جو رُوح پرواز ڪري چُڪو آهي، ڊاڪٽر جو ايترو چوڻ ۽
اتي موجود ماڻهن ۾ روڄ راڙا پئجي ويو. انهن جي
سامهون سيتا ديويءَ جو نه پر ”مهراڻ آباد“ جي ڌيءُ
جو لاش پيو هو.
محمد قاسم ڪلوئي
ٽنڊوجان محمد
بي نانءُ پيار
بُڪَ اسٽال تي پنهنجو تازو ڇپيل ڪتاب
”جيون سارو زهر“ ڏيڻ لاءِ پهتس ۽ ڪتاب ڪڍي ڪائونٽر
تي رکيم. هُن ٻين ڪتابن تان نظرون هٽايون، ڪائونٽر
تي پيل منهنجي ڪتابن مان هڪ کنيو، بُڪ اسٽال واري
خوش ٿيندي چيو ”شڪر آهي جو توهان ڪتاب جو ٻيو
ايڊيشن شايع ڪرايو، ڏاڍي ڊيمانڊ هئي.“ هن چيو مون
کي به انهي ڪتاب جي گهُرج هئي“ هيءُ وٺو، هن بڪ
اسٽال واري کي پئسا ڏنا ته مون چيو ”پئسا پاڻ وٽ
رَکو، هيءُ ڪتاب سڀ کان پهرين اوهان کنيو آهي،
انهي ڪري هن غريب آرٽسٽ طرفان گفٽ سمجهي رکي
ڇڏيو.“
هُن چيو. ”ٿئنڪ يو، ۽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي وڌيڪ
چيائين. منهنجو نالو ثمينه آهي ۽ فائن آرٽس ۾
پڙهندي آهيان.
۽ مان جان محمد. مون پنهنجو تعارف ڪرايو. تيسين بڪ
اسٽال واري مون کي ڪتابن جي شيٽ تي صحيح ڪري ڏني.
”ڪتاب تي جاني لکيو اٿو.“ هن چيو:
ها، ادبي نالو اٿم. هڪ ڀيرو وري ٿئنڪ يو. هوءَ
ائين چئي هلي ويئي. هُوءَ پنجن منٽن ۾ منهنجي
ماٺار زندگيءَ ۾ هلچل مچائي ويئي. آئون هن جي باري
۾ سوچيندي سوچيندي پنهنجي فليٽ ڏانهن هلڻ لڳس ته
منهنجو جگري يار دلبر اچي منهنجي مٿان ڪڙڪيو.
”هيلو، جان جگر. هيلو.“ مون مختصر جواب ڏنو.
”مبارڪ هجيئي. تنهنجي پهرين ڪتاب جي ڪاميابي جي ۽
ٻئي ايڊيشن شايع ڪرائڻ جي مهرباني دلبر.“ مون وري
به مختصر چيو.
”ڇا ڳالهه آهي جو موڊ آف اٿئي.“ آخرڪار دلبر
منهنجي خاموشيءَ تي احتجاج ڪيو.
”بس يار! ڳوٺ جي ڪا خبر چار ڪانه اٿم.“ مون ڳالهه
مٽائيندي چيو. هن خبرن پڙهڻ جي انداز ۾ چيو خان
محمد جون تازه ترين خبرون آهن ته جان محمد جي
مڱينديءَ جي شادي، رئيس ڪوڙل خان سان ڪرائي ڇڏي.“
مون حيرانگيءَ مان پڇيو. ”ڇا واقعي؟ سچ پيو چئين
يا مذاق پيو ڪرين.“ هن وضاحت سان چيو. ”جي منهنجا
حاڪم تون ادب ۽ ڪتابن جو پيڇو ڇڏين ته تون کي ڪا
خبر پئي. “
”بابا وارن ڪجهه به نه چيو.“ مون وري انتهائي
حيرانگيءَ مان سوال ڪيو.
”چاچا ڇا چوندو؟ آخر انهن کي ته نينگري پرڻائڻي
هئي. گهر ۾ ويهاري ويهاري مٿو اڇو ته نه ڪرائڻو
هئن. انهي ڪري چڱو رشتو آيو ته هنن به ڪا دير نه
ڪئي. “
مون ٿڌو ساهه ڀريندي چيو. ”چڱو ٿيو ته پرڻجي ويئي
منهنجي آسري ۾ شايد پوڙهي ٿي وڃي ها. “
چڱو ڇڏ انهن ڳالهين کي ڇو ته رِڍن اڳيان رباب
وڄائيندي ورهيه ٿيا. سو توتي انهن ڳالهين جو اثر
ٿيندو ئي نه تنهن ڪري هل ته توکي ڪتاب جي نئين
ايڊيشن جي خوشيءَ ۾ شاندار چانهه پياريان.
”نه آئون چانهه ڪون ٿو پيان. “
”واهه نه ڪجهه کائيندين ۽ نه ئي پيئندين. “
”نه مون کي ڪجهه وقت اڪيلو ڇڏ يار. “
”اوڪي مسٽر ايز يو وش“.
هُو هليو ويو. شايد منهنجي ٽينشن کي سمجهي ويو.
آئون اجايو سجايو گهٽين ۾ رُلي رُلي پنهنجي فليٽ
تي آيس. منهنجو ذهن ماضيءَ جي پوهرن ۾ ڊوڙي رهيو
هو. پرهه. جيڪا منهنجي مڱيندي هئي، پر مون کان
نفرت ڪندي هئي. هُو اسان کان پيسي ۾ برتر هئا ۽
بابا هڪ غريب پرائمري ٽيچر. انهي ڪري اهو ننڍپڻ جو
جوڙ مون ڪڏهن به قبول نه ڪيو هو.
ٺڪ ٺڪ ٺڪ دروازي جي- پنهنجي ماضيءَ جي مالها ڇني
وڌي. در وٽ منهنجا ادبي دوست بيٺا هئا. اچو مون
رسمن چيو. ”نه ويهون ڪونه ٿا. بس اُهو ٻڌائڻ آيا
آهيون ته اڄ جي شام پنهنجي ادبي حلقي تنهنجي نانءُ
ڪئي آهي گلشن ڪالونيءَ جي سچل آڊيٽوريم ۾ ٿيندي.
اوڪي شام جو امين توکي وٺڻ ايندو. هُو اُهو چئي
تڪڙا تڪڙا هليا ويا. آئون ٿڪل هئس. انهي ڪري سنگت
جي وڃڻ کانپوءِ هڪدم ليٽي پيس ۽ سجاڳيءَ وري
دروازي جي ناڪ تي ٿي. دروازو کوليم ته امين بيٺو
هو. ”يار، تون اڃا ستو پيو آهين ۽ هتي اسان سڀ
انتظام مڪمل ڪري آيا آهيون“. آئون امين کي ويهاري
هڪدم تيار ٿي ويس. ٻئي گڏجي سچل آڊيٽوريم پهتاسين
ته منهنجي نظر سڀ کان پهرين ثمينه تي پئي جيڪا سڀ
کان پهرين سيٽ جي قطار ۾ ويٺي هئي. سڄي پروگرام
دوران منهنجي نظر هن جي چهري تي کُتل رهي ۽ شايد
هن به اها ڳالهه نوٽ ڪري ورتي هئي جو مون ڏانهن
ڏسي مرڪيائين ٿي. پروگرام جي پڇاڙيءَ ۾ اسٽيج
سيڪريٽريءَ مون کي هڪ چٽ ڏني، جنهن ۾ ثمينه مون کي
رات جي مانيءَ لاءِ انوائيٽ ڪيو هو. پروگرام ختم
ٿيڻ کانپوءِ ٻاهر نڪتس ته هن ايف.ايڪس منهنجي
اڳيان بيهاري ۽ ڪار جو دروازو کولي چيائين.
”ويهو!“ آئون خاموشيءَ سان فرنٽ سيٽ تي ويهي رهيس.
هن گاڏيءَ جو ٽيپ چالو ڪري ڇڏيو. رحمان مغل پنهنجي
سريلي آواز سان ڳائي رهيو هو. ”نيڻن جا ڪڪر برسيا
هوندئي. سڏڪن ۾ مونکي ساريو هوندئي.“ انهيءَ وچ ۾
نه هن ڪجهه ڳالهايو ۽ نه ئي مون هِن گاڏي شاهين
پلازه جي هيٺ بيهاري ڇڏي. اسين ڪجهه ئي ساعتن
کانپوءِ سندس فليٽ ۾ هئاسين، هن فليٽ ۾ جابجا
پينٽگز ٽنگيل هيون. تصويرون انتهائي نفاست سان
ٺاهيل هيون.
”هيءُ تصويرون اوهان ٺاهيون آهن؟“ مون تصويرن
ڏانهن اشارو ڪري پڇيو جي.“ هُن وراڻيو.
”انتهائي خوبصورت آهن.“ مون چيو: ”ٿئنڪيو“
۽ هوءَ پنهنجي ڪمري مان پنهنجي زندگي جي مختلف
وقتن تي نڪتل فوٽن جو البم کڻي آئي، مون کي ڏسيندي
چيائين: ”اوهان اهي ڏسو. تيسين آئون ڊنر ٿي ٺاهي
وٺان.“ ائين چئي هوءَ رڌڻي ۾ هلي ويئي. البم ۾
سندس جون ننڍپڻ کان هن مهل تائين جون تصويرون
هيون. جنهن ۾ سندس شاديءَ جون به ڪافي تصويرون
موجود هيون. ڪلاڪ کن ۾ هن ماني ٽيبل تي لڳائي ڇڏي.
”اوهان شادي پنهنجي پسند جي ڪئي هئي؟“ مون مانيءَ
دوران پهرين ڀيرو، هن جي ذاتي زندگيءَ متعلق سوال
ڪيو. ”نه بابا جي ڪري شادي ٿي هئي.“ ”پر بي جوڙ
شاديون ڪڏهن ڪامياب ٿيون آهن!“ او سوري. هوءَ ڦڪي
مرڪ مرڪي پئي. منهنجي نظر اوچتو، سامهين تصوير تي
پئي، جيڪا منهنجي شاعريءَ جي هڪ مصرع تي ٺهيل هئي.
هن تصوير کي ڏسي لڳي ٿو ته ”توهان منهنجي شاعريءَ
جو گهرو مطالعو ڪيو آهي.“ مون اڱر سان سامهين
ٽنگيل تصوير ڏانهن اشارو ڪري چيو.
”ها، مون کي اوهان جي شاعري بي حد پسند آهي ڇو ته
سڄي شاعريءَ ۾ من جي پيڙا لڳي ٿي ۽ اها سٽ ٻڏندڙ
سورج کي ته ڏس زندگي جو انت به آ اوس ڪيڏي نه
حقيقت آهي. ائين ٿو لڳي ته ڄڻ تون به مون جيان
زندگيءَ کان بي ويساهو آهين. هن جي نيڻن ۾ بي
انتها پيار نظر آيم، چيومانس: ”شين جي ظاهري معنيٰ
هڪڙي هوندي آهي اندرين معنيٰ ٻي تنهنڪري بظاهر هر
شيءِ خوبصورت ۽ خوش آهي، پر ڏک جو نظر نه ايندڙ
عنصر هر انسان ۾ موجود هوندو آهي ۽ اُهو ڏک ئي
انسانن جي هجوم کي هڪٻئي جي ويجهو آڻيندو آهي.“
هُوءَ ماني نه کائي رهي هئي مون پنهنجي ڳالهه بنا
حجاب چئي ته ”تون مونسان شادي ڪندينءَ.“ هن کان
ڇرڪ نڪري ويو، ڄڻ ڪنهن سندس پٺيءَ ۾ چهبڪ وهائي
ڇڏيو هجي. هوءَ خاموشي سان مون کي گهورڻ لڳي ڪجهه
گهڙين کان پوءِ چيائين: ”مرد ڇو عورت کي پنهنجي
جاگير بنائڻ چاهيندا آهن. جڏهن ته آئون توسان بي
پناه محبت ڪندي آهيان. تون مون لاءِ قابل عزت
ماڻهو آهين پوءِ تون هروڀرو، مون کي پنهنجو قيدي
بنائڻ ڇو ٿو چاهين؟“ مونکي لطيف سائينءَ جو بيت:
ڳوليان ڳوليان مَ لهان- شال ۾ لهان هوت من اندر جي
لوچ- ملڻ سان ماٺي ٿئي“ جي اهميت ۽ فلسفي جي پروڙ
پئجي وئي. مون پنهنجي غلطي تسليم ڪندي چيو. ”ها،
تون صحيح ٿي چئين مون کي معاف ڪجانءِ، مون هروڀرو
اوهان جي دل رنجائي.“ هوءَ اٿي منهنجي ويجهو آئي ۽
چيائين. ”پيار ايڏو پوش آهي، جنهن ۾ انسان سڄو
شعور جي منزلن تائين پهچندو آهي ۽ حيوانت مان
نڪرندو آهي. منهنجي پيار کي ڪڏهن به شڪ جي نگاهه
سان نه ڏسجانءِ.“ آئون به اٿي بيٺس ۽ سندس اکين ۾
اکيون وجهي چيم. اي همسفر- سفر جي خاڪ کي ياد
رکجان. ۽ ٻاهر نڪري آيس ڪجهه وڃائي ڪجهه پائڻ جي
خيال سان.
نئون ڪتاب
ڪتاب:
پوپٽ ۽ گلاب
ليکڪا: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
موضوع:
ٻاراڻوادب (ڪهاڻيون)
ڇاپو پهريون: 2023ع
تعداد:
پنج سئو
قيمت: -/200 روپيا
ڇپائيندڙ:
محمد موسيٰ ڏيپلائي اڪيڊمي حيدرآباد
ڇپيندڙ: چاونڊوڪي پبليڪيشن واهي پانڌي |