سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2023ع

باب:

صفحو:14 

اسد ’جمال‘ پلي

عمرڪوٽ

 

 

 

غزل

 

مَٽي هُن جي گهَٽي ڪونهي،

گهٽي هن جي مَٽي ڪونهي.

تنهنجي در کانسواءِ دلبر،

اسان جي ٻي گهَٽي ڪونهي.

اسان هن نيهن جي بازي،

 ڪڏهن توکان کَٽي ڪونهي!

هجر هاڃا سا ڇا سمجهي؟

جا دل دردن ڦَٽي ڪونهي!

سنديئي نانءُ آ دل تي،

ڪا ٻي  تسبيح رَٽي ڪونهي!

چپن جي چاشني کانپوءِ،

نئين ماکي چَٽي ڪونهي!

آ قيمت وصل جي فرقت،

اسان لئه ٻي چَٽي ڪونهي!

وٽيون وه گاڏيون وڻيون،

چکي اهڙي وَٽي ڪونهي!

اوهان جي هجر ۾ دلبر،

ڪا شب ننڊ ۾ ڪَٽي ڪونهي!

وٺي وحدت جو گَس هيءَ دل،

اُتان وک هڪ هَٽي ڪونهي!

پنهنجي ئي پير تي ڪهاڙو،

هڻڻ کان پوءِ پَٽي ڪونهي!

محبت جي زبان سائين،

مِٺي آهي کَٽي ڪونهي!

’جمالِ‘ يار جي تابش،

سڄي مورج جهٽي ڪونهي!

 

سلميٰ پنهور

آسٽريليا

 

 

 

 

غزل

موٽي آيون مست بهارون،

دل ۾ ساجن سُرهيون سارون.

پنهنجن سان ئي ٿيندا ليکا،

ڌارين ڏي ٿيون ڪهڙيون ميارون.

نيٺ ته جيت به ٿيندي پنهنجي،

کاڌيون آهن ڏاڍيون هارون.

راڳيءَ جو ڀي من گهايل آ،

سُڏڪن ٿيون تنبوري تارون.

ديوارين جيان ٿي ويو آ هو،

پهچي موٽيون منهنجون پُڪارون!

ويساهه بنان رشتو ڪهڙو،

هيرڻ پن جان ڦارون ڦارون.

غزل

مون کي سامهون ڏسي لنوائن ٿا،

پيار پنهنجو ئي آزمائن ٿا.

رات پاسا ورائيندي گذري،

ڏينهن اڀري اچن ته وري کائن ٿا.

نيڻ بادل جي بوند جان برسن،

تڙ مٿان مينهن ڄڻ وسائن ٿا.

گهاءُ بڻجي لڳي ٿو هر لمحو،

دوست دشمن سان مسڪرائن ٿا.

دوستيون دوستن سان رکجن پر،

هو ته دشمن ڏي هٿ وڌائن ٿا.

وقت سارو لڳو گهڙيءَ وانگي،

ايڏو جلدي هو موڪلائن ٿا.

پيار نيڻن ۾ تون سموئي اچ،

قرب ئي دُوريون گهٽائن ٿا.

 

ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ

شڪارپور

 

 

 

 

غزل

هي انداز دلفگار ڪنهن جو آ،

ڪجهه ٻڌايو ته يار ڪنهن جو آ.

ڪينڪي ڪا خبر پئي ڪنهن کي،

دلربا جانثار ڪنهن جو آ.

چـﺆطرف کان مليو وري مون کي،

بي مثالي پيار ڪنهن جو آ.

جان دلبر فدا ڪندو رهندس،

سڪ ڀريو هي ويچار ڪنهن جو آ.

قرب جي جنهن ۾ چاشني همدم،

هي غزل شاهڪار ڪنهن جو آ.

هر جڳهه سونهن جا اٿئي تجليٰ،

جوت جلوو نکار ڪنهن جو آ.

عشق ۾ تنهنجو يا سڄڻ منهنجو،

راز ٿيو آشڪار ڪنهن جو آ.

جل پري هڪ مگر سوين ساجن،

درحقيقت شڪار ڪنهن جو آ.

يار جي ديس ڏي کڻي ويندڙ،

هي سفينو تيار ڪنهن جو آ.

هاڻ هڪ ٿي وڃون پرين پيار ۾،

پر اڃا انتظار ڪنهن جو آ.

يادگيرين جو سچ چوان ’عادل‘،

دل تي نقش و نگار ڪنهن جو آ.

 

هادي بخش ”فدا“ ٽالپر

ٽالپر وڏا- خيرپورميرس

 

 

 

 

وائي

رُڃ لَتاڙي، جبل جهاڳي،

ڏاڍ جا ڏونگر ڏوري-

آءُ پرين اَڄ اوري.

 

ڪوٽ ڪيري، زندانون ٽوڙي،

ڀُورل ڀتيون ڀوري-

آءُ پرين اَڄ اوري.

 

دُشمن ماري ديس سَندا،

۽ ڪوڙن جا ڪَنڌ ڪوري-

آءُ پرين اَڄ اوري.

 

ويهڻ جو اڄ وار نه آهي،

چارڻ ٿو چنگ چوري-

آءُ پرين اَڄ اوري.

 

ڪيون ’فدا‘ جِندُ جانب گڏجي،

گهوُر منجهان سِرُ گهوري-

آءُ پرين اَڄ اوري.

آءُ پرين اَڄ اوري.

چوسٽا

سَهي سُور صدما، سدا پنهنجي سِرَ تي،

اَسان يار پاريون، ڪَيل قول پنهنجا،

وجهي جان جوکي ۾، پنهنجي سراسر،

ڪريون يار پُورا، ٻڌل ٻول پنهنجا.

*

ملهاريءَ جي مُند ۾، پرين پاڻ ويهي،

ڪيون سين رهاڻيون، سنڌوءَ جي ڪِناري،

سُهائيءَ جون راتيون، اُهي پياريون پياريون،

ڪري ڄاڻ پَڪ تون، نه سگهيون وساري.

 

ڪوثر هالائي

هالا

 

 

 

ماهيا

ڏينهن وارَ موسمن جا،

 

هُو پاڻ سان کڻي ويو،

سينگار موسمن جا.

سنگيت سمنڊ آهي،

 

پڇجانءِ ڪويءَ کان تون،

هر گيت سمنڊ آهي.

بادل ڪٿان وريا هِنِ،

 

وسڪار ڪرڻ ڀُونءِ تي،

اڄ پير مَسَ ڌَريا هِنِ.

گس گانءُ ٻڌايو هئئي،

 

هاڻي نه ياد آهي،

ڇا نانءُ ٻڌايو هُئئي؟

راهن جا ۽ چارن جا،

 

مون کي نه حوالا ڏي،

موکيءَ ۽ متارن جا.

راتاها لڳا آهن،

 

او ديسَ ڪنهنجي لاري،

هي ڏاها لڳا آهن.

هيءَ واعدي خلافي آ،

 

ڏئي ديس کي دوکو جو،

اُن جي تلافي آ.

وائي آ ڀٽائيءَ جي،

 

آ ننڊ ڦٽي منهنجي،

يا ساري خدائيءَ جي.

ويچار وڍي ويندا،

 

اُلڪا هي سڄڻ دل جا،

سڀ ڏار وڍي ويندا.

ساروُپا امـــــانت(1) جـــــــا،

 

مون ڪيئن ڏٺا ڳوڙها،

فيروز(2) سلامت(3) جا.

اي ماءُ اوپرو هو،

 

توکي نه لکا ڏيندس،

اڄ ڀاءُ اوپرو هو.

لهرون جي پڪارينديون،

 

اي امرت ڌارا سنڌو،

نئون سج اُڀارينديون.

 

 

نورمحمد ’نورل‘ ڪنڀار

عمرڪوٽ

 

 

 

 

غزل

اِجهو هُن قافلي سان ٿو وڃي جاني جگر منهنجو،

خبر ناهي ته ڪيئن ٿيندو بلڪ هاڻي بسر منهنجو.

جگر جي خون سان جنهن کي جُڳن کان جيءَ ۾ پاليم،

جوانيءَ ۾ قدم رکندي ڇڏي ٿو هو نگر منهنجو.

گذارڻ کي گذاريون ٿم ڇويهه ظالم خزائون ڀي،

ٿيو هرگز نه هو اهڙو زهر ڪوئي پهر منهنجو.

گهڻيئي حيلا هلايم ٿي ته من ترسي مگر منهنجون،

ويون بيڪار تدبيرون نه ترسيو پر قمر منهنجو.

مگر خورشيد ويندي هي مڪو پيغام ’نورل‘ کي،

حُسن پُور شهر جي نازڪ گهٽي ۾ آهه گهر منهنجو.

 

غزل

خبر ناهي ته دنيا ۾ اسان جو گام ڪِٿ آهي،

مريضِ عشق کي يارو مليو آرام ڪِٿ آهي.

صبح گذري ٿي سُورن ۾ سَوائي شام پڻ تنهن کان،

منجهند جو ماڳ منهنجي تي وڇاڻو دام ڪِٿ آهي.

سنوارڻ سينڌ سُهڻن جي ڏٺي هوندؤ مگر منهنجي،

صَنم جي لَٽ ونگڻ لئه دل لڏي ٿي لام ڪِٿ آهي.

خداڪارڻ مڃو منهنجي ڏيو ڪو يار مون کي ڏس،

ڏسان جو روز سپني ۾ اُهو گلفام ڪِٿ آهي.

عنايت آهه اُلفت جي سڏائي يار پيو ’نورل‘،

ڪريو ڪجهه ياد اي سڄڻو ٻڌو هي نام ڪِٿ آهي.

 

اعجاز ڀاڻيپوٽو

ٽالهي- ڪُنري

 

 

 

 

غزل

ڀڄي  بارشن  ۾  جڏهن  وار  ويڙهي،

مسافر ڇڏي راه تان سڀئي ٿيڙي.

سڀئي  واٽ ويندڙ  پٿر  ٿيو  وڃن  ٿا،

حوا ۾  جڏهن  ٿي هو  آنچل   پکيڙي.

ملي  رنج  راحت  اوسيئڙي  ۾ عاشق،

دليون درد ماريون سڪي ۾ ٿي کيڙي.

ويندڙ    پوپٽن    کي    ڀلائي  ورائي،

گُلابي  ڳلن   کي   چمن  ٿا  هو  نيڙي.

ڀري  بزم  ۾  ڀي  ڪري   ٿي  شرارت،

نقابن وچان هو اکين سان  ٿي ڇيڙي.

ڇڏيا  درشنن تي سڀ  ڪجھه  لُٽائي،

رکيا جي  اعجاز  مڏيون  مال  ميڙي.

غزل

پن ڇڻ جيئان ڇڻن ٿا دل تان  لٿل هي ماڻهو،

ٻيهر    ڪٿي    وڻن  ٿا دل تان لٿل هي ماڻهو.

پهريان سدائين پارو هوندو چڙهيل هو جنجو،

هاڻي سي  هٿ هڻن ٿا دل تان لٿل هي ماڻهو.

جن تان سڄي جواني گلڙن جهڙي مون گهوري،

ڳالهيون ڪٿي ڳڻن ٿا دل تان لٿل  هي ماڻهو.

هڪڙو  من  ٻيو  موتي ٽٽندا  آهن جڏهن ڀي،

ٻيهر  نه  سي بڻن  ٿا   دل تان  لٿل هي ماڻهو.

اعجاز    آزمايل    ڏھ   ڏھ   ڀيرا   سي   آهن،

ڪوڙا  قسم   کڻن  ٿا دل  تان لٿل هي  ماڻهو.

 

منظور علي شاهه

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

 

نعت

اي مٺا مهندار توتي لک صلواتون لک سلام،

نور سان نروار توتي لک صلواتون لک سلام.

تون سجائي آئين سرتاج دين اي تاجور،

صاحبِ انوار توتي لک صلواتون لک سلام.

تنهنجي آئي مير مرسل جهل جو ٿيو خاتمو،

لک ٿيا اسرار توتي لک صلواتون لک سلام.

بي سهارن ۽ يتيمن جو ٿئين تون ڀرجهلو،

اي اجها آڌار توتي لک صلواتون لک سلام.

سا مٽي ٿي سون ويئي جت رکيئي پنهنجا قدم،

گل ٽڙيا گلزار توتي لک صلواتون لک سلام.

تنهنجو نالو ٿو وٺي ’منظور‘ پنهنجي ورد ۾،

اي مٺا منٺار توتي لک صلواتون لک سلام.

*

اڙي  او مسافر تون مستي ڇڏي ڏي،

رڳو مان ۽ تون جي هستي ڇڏي ڏي.

جتي مان عزت نه محبت ملي ڪا،

اتان ڀل ڀڄي تون بستي ڇڏي ڏي.

درياء جي نه لهرن جي جا سٽ نه سنبري،

سفر ڪر نه ان ۾ سا ڪشتي ڇڏي ڏي.

ڏسڻ ۾ چڱي پر اندر کوکلي آ،

اها شئي هجي ڀل سستي ڇڏي ڏي.

جتان ڀئو هجي دل جي غافل ٿيڻ جو،

خدارا اها راهه رستي ڇڏي ڏي.

سڄي عمر گذري گناهن ۾ غافل،

اڙي يار ’منظور‘ سُستي ڇڏي ڏي.

 

’مصروف‘ محمد حسن چانڊيو

 ڪنري

 

 

 

 

غزل

ھر جاءِ  ٿي ھٻڪار  ننگر  تي، تو  جي  کوليا  وار  ننگر  تي.

تنهنجا ٽھڪ  ھوا  ۾ وکريا،   کڙيا  کٽڻھار   ننگر   تي.

رم جھم رم جھم  بادل  برسي،  واھ جو ٿيا وسڪار ننگر  تي.

سانوڻ  ۾ ٿيا سانگ سڻاوا،  گاھن جا گلزار  ننگر   تي.

مينهن وسي پيو مور ٽھوڪيا، ان  ٿيا   انبار  ننگر   تي.

اڃان ذھن ۾ گونجي پيئي،  تو جا  ڪيئي  گفتار  ننگر تي.

چوڙيلن جي منهن تي مرڪون،  خوب ترايون تار  ننگر  تي.

جھانگيئڙن اڄ جوڙا جوٽيا، ھرن جي ھونگار،  ننگر تي.

ڀونگا  سڀ  ڀڄايا  بارش،  ’مصروف ٿي مھڪار ننگر  تي.

 

غزل

تو کي  ساري  ويٺاسين، ۽ راڄ  روئاري ويٺاسين.

توکي جيتڻ خاطر جاني، ھر  ھر  ھاري   ويٺاسين.

آڌي   اسر  تنهنجي  پيارا، راھ   نھاري   ويٺاسين.

دردن ۾ ھي  دل سموري، پنهنجي ڏاري  ويٺاسين.

تنهنجي يادن ۾ اي دلبر، پاڻ  وساري  ويٺاسين.

سور سمونڊن جيڏا سھڻا، ساڻ سمھاري ويٺاسين.

توسان ڪيل جاني واعدا، پنھنجا  پاري،  ويٺاسين.

مصروف تولا پنهنجو منڙو، مٺا   ماري  ويٺاسين.

 

معراج منگي

 .............

 

 

 

 

غزل

منهنجو جيءُ جنجهوڙين ڇو ٿو،

سچ جو ڪنڌ مروڙين ڇو ٿو.

 

چُڳندي چُڳندي ڦاسي پئيڙو،

ونجهه شڪاري جوڙين ڇو ٿو.

 

ذهن نگر ۾ غوطا کائي،

پاڻي خوب ولوِڙين ڇو ٿو.

 

پنڌ اڻانگو پير اُگهاڙا،

ڪوڪا دڳ تي کوڙين ڇو ٿو.

 

کوڙ مسافر ڀڃندا ٿڪڙو،

پاڙائون وڻ کي اکيڙين ڇو ٿو.

 

ڪُن مان ڪاهي آئين ڪشتي،

سمنڊ ڪناري ٻوڙين ڇو ٿو.

 

مورک بڻجي غيرن خاطر،

رت جا رشتا ٽوڙين ڇو ٿو.

 

ڏور پکيئڙو اُڏري ويئڙو،

تنهن جي پويان ڊوڙين ڇو ٿو.

 

گل جون پتڙيون ’معراج منگي‘،

مکڙيءَ منجهه مروڙين ڇو ٿو.

 

عبدالمالڪ چانڊيو

 شير خان چانڊيو-ڪنري

 

 

 

 

ٿر جي فطري سونهن ڪارونجھر تي لکيل نظم

جِتي مورن جا ٽاھوڪَا ۽ ڊيلن جُون دِليون ڌَڙڪن ،

جِتـي فطرت جي رنگن جو وَڳو ۽ ويس پاتل آ،

اُھو مُنهنجو آ ڪارونجھر.

جِتي جَبـــلن جي ڳِــلَ تَان ٿو ڪِري پاڻي پَسيني جَان،

جِتـــي جــا ڪوڪِــلا آهــن مُــلائِم ڪَنهِن نَگيني جَان،

جِـتي شَبـــنم جي قَــطرن کي چُڳن ٿا ويھِي پَـــاريھر،

اُھو مُنهنجو آ ڪارونجھر.

جِتـــي بَــرسات جِي مـــوسم عَجب جو ڪَيف آڻي ٿِي،

تَڏهن ڪَنهِن فُوھَ جُوانيء ۾ ڪَنڊي ڪَا ٻُور ڇَاڻي ٿِي،

 ڀِٽُن جـــو ھَـــا بَدن ويـــڙھــي ڍَڪـيندو سَـائِي آ چَادر،

اُھو منهنجو آ ڪارونجھر.

ھَرڻ ڇَـــالُون ھَڻيو جَـــاٿي رَھـن ٿا مَوج مستيءَ ۾،

اَڱڻ تـي اَپسَـــرائُن جِـياں گُھـــمَن ٿا لَــستَ لستـيءَ ۾،

حُسن جـــي ھِن ھِـــندوري کي چَون ٿا ھَائي ڀوڏيسر،

اُھو منهنجو آ ڪارونجھر.

ھِتي جَــبلن جـــي کَاڻين ۾ خَــــزانا قِيمَـــتِي ڪيئِي،

خُدا جُون نعـــمتون آهـــن ڪِروڙين جي لِکان ويھِي،

حِــنائِي ڪَنــهن ھَٿن وانگي جِتـــي آ شَامَ جو مَنظر،

اُھو منهنجو آ ڪارونجھر.

عَبدالـــمالِڪَ جَڏهن چانڊيا وَسِــي برسات وِيندي آ،

جَڏھن وارِيءَ جي ٽيلن مان وَٺي جِي واسَ ايندي آ،

اِينئين لَڳنـــدو ته آ سَـامهون ھوا ۾  مُشڪ يَا عَنبر،

اُھو منهنجو آ ڪارونجھر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org