مشتاق گوپانگ
گُم ٿيل
ڪتاب گهر
جاويد ڪافي سالن کانپوءِ
لاڙڪاڻي آيو ھو. اڄ منجهند کانپوءِ
شام تائين شاھنواز پبلڪ لائبرري ۾ ويٺي اڻلڀ ۽ اڻ
ملھ ڪتابن کي اُٿلائي
پُٿلائي
گهڻي عرصي کانپوءِ
پنهنجي مقصد جو ڪافي مواد حاصل ڪري شام جو ٻاھر
نڪتو. اھو سندس ويھ سال پراڻو روز جو معمول ھو.
جڏهن ھُو
ڊگري ڪاليج ۾ گريجوئيشن
ڪندو ھو،
تڏهن منجهند کانپوءِ
شام تائين لائبرري ۾ ويٺو ھوندو ھو. ۽ شام جو بس
تي چڙهي ڳوٺ پھچندو ھو ان دور ۾ ھتي اسان وٽ نئون
نئون
ڪمپيوٽر آيو ھو،
پر ڪمپيوٽر سکڻ لاءِ
به وري ڪتاب وٺڻا پوندا ھئا،
ڪمپيوٽر پروگرامنگ،
سي لينگئويج ۽ جاوا کي سکڻ لاءِ
به ڪافي ڪتاب درڪار ھوندا ھئا،
بس سائين اھا لائبرري ھئي جنهن مختلف شاگردن،
ڊاڪٽرن ۽ سي.ايس.ايس
ڪندڙ نوجوانن جون گھُرجون
پوريون ڪيون. لائبرري مان نڪرندي شام جي وڻندڙ
ھوادار موسم جو مزو وٺندي جاويد سمبارا ھوٽل کان
ٿيندو روڊ تي بيٺل بيد جي ڊگھن وڻن ھيٺان ٽپندو ڊي
سي ھائوس ۽ ڊاڪٽرس ڪالوني کان گذريو کيس ان وقت جي
يادن جي خوشبو جو ھڳاءُ
محسوس ٿيو!
ڄڻ ته ان وقت جو عڪس ۽ آئينو سندس اکين آڏو تجلا
ڏئي رھيو ھو ائين ئي جئين
ان وقت اھو روڊ تجلا ڏيندو ھو روڊ جي ٻنهي پاسي
وڻن جي وڻڪاري بگيءَ
کي ڇڪيندڙ گھوڙا پنهنجي پيرن ۾ لڳل نعلن جي ٽپ ٽپ
جي آواز تي رقص ڪندا روڊ تي ڊوڙندا ھئا،
پر اڄ نئين پراڻي گاڏين جو شور،
دونهون ۽ ڀڳل ٽٽل چنگچين جي ٽان ٽان ھن روڊ جي
ٻنهي پاسي ڏٺو ۽ پوءِ
روڊ ڪراس ڪري گھنٽي ڦاٽڪ ٽپي اچي جناح باغ پھتو.
پاڪستان ٺھڻ کان اڳ جناح باغ
’تجرباغ‘
نالي سان منسوب ھو جنهن تي بعد ۾ جناح نالو رکيو
ويو ھاڻي تائين ائين ڪيترين ئي عمارتن،
اسڪولن،
ڪاليجن،
اسپتالن ۽ باغن جا نالا مٽبا رھيا آھن جيڪي پھريان
جناح پوءِ
ڀٽو ۽ ھاڻ اھي سڀ محترمه بينظير جي نالن سان منسوب
آھن!!
جناح باغ جي گيٽ وٽ حليم جو وڏو اسٽال ڏسي جاويد
کي ڏاڍي حيرت لڳي!!
ھن
دل ۾ ئي چيو
”نه
يار ائين وري ڪيئن؟“
ھتي بلڪل ھن ئي جڳهه تي وڏو بوڪ اسٽال ھوندو ھو
جتي سنڌي،
اردو ۽ انگريزي رسالا ۽ اخبارون سٿيا پيا ھوندا
ھئا ڪنهن پاسي عبرت،
ڪنهن پاسي
’مھراڻ‘،
’نئين
زندگي‘،
’گل
ڦل‘،
’ھزار
داستان‘،
ڪنھن پاسي اخبار جھان،
فيملي،
مئگ،
عمران سيريز پکوان،
دسترخوان،
ڪرڪيٽر ۽ ڪيترائي فلمي رسالا پيا ھوندا ھئا جتي
کوڙ واندا ۽ سڃا به بيٺي بيٺي اخبارن جون سرخيون ۽
فلمي رسالن مان فلمي تصويرون ڏسي مفت ۾ مزو وٺي
ھليا ويندا ھئا.“
جاويد رائل ھوٽل کان ٿيندو اڳتي اسٽيشن روڊ ڏانهن
وڌيو.
رائل روڊ تي رائل ھوٽل دليپ سوئيٽ ۽ قيوم ڪبابيءَ
کان سواءِ
ٻنهي پاسي بوٽن جا وڏا وڏا دوڪان ٺھي چڪا ھئا،
جنهن جي شيشن ۾ سينگاري رکيل بوٽ ۽ سينڊل نظر اچي
رھيا ھئا!!
جاويد بوٽن جي دوڪانن کي ڏسندو سوچيندو پئي ويو
”ڇا
بوٽ اسان لاءِ
ايترا اھم آھن؟“
جو انھن کي اسان ايڏو سينگاري ٿا رکون؟“
ھن پنهنجي ئي سوالن جا جواب سوچيندي چيو
”ھا
اسان جي ملڪ ۾ بوٽ سڀ کان اھميت رکن ٿا پر اھي
ڊگھا ۽ مضبوٽ بوٽ ھوندا آھن،
جيڪي عام ماڻهن کي ملي ناھن سگهندا پر کين ضرورت
پوڻ تي لڳي سگهندا آھن!“
روڊ جي ٻنهي پاسن کان تيز گاڏين جي اچ وڃ ھن جي
خيال ۽ سوچن ۾ خلل وجهي رھي ھئي ھو بوٽن جي باري ۾
سوچيندو پئي ويو
”اسان
زندگيءَ
۾ مختلف برانڊ جا ڪيترا بوٽ،
چپليون يا سينڊل وٺندا آھيون؟“
شايد لاتعداد،
پر ھن وقت اسان وٽ گھرن ۾ ورتل بوٽن مان ڪيترا بوٽ
موجود آھن صرف ايترا موجود آهن جيترا موسم جي لحاظ
کان پائڻ جي لائق آھن
”پر
. . . . ڪتاب . . . . . . . بوٽن جي بدران اسان
ڪتاب ڪيترا خريد ڪيا ھوندا؟“
پر جيترا به خريد ڪيا ھونداسي سي اڄ به محفوظ
ھوندا اڄ به انهن جو ساڳيو ويليو ۽ ساڳيو قدر آهي
شايد اڳي کان به وڌيڪ!!“
ھُو
رائل روڊ کان ٽپي اسٽيشن روڊ تي پھتو،
جتي روڊ جي ٻنهي پاسي وڏا ھوٽل،
بيڪريون،
سپر اسٽور باربي
ڪيو
۽ ساڳيوئي باٽا سروس ۽ بالي برانڊ جا
ڪيترائي دوڪان موجود ھئا. رائل روڊ ڏانھن ايندي
ھن ئي روڊ تي کاٻي پاسي ايشيا ھوٽل کانپوءِ
المنظر
سينيما جي بلڪل سامهون وڏو ڪتاب گھر ھو،
جتي ڪتابن جي کپت سنڌ جي سڀني شھرن کان وڌيڪ ھئي
ھن کي ٻئي نشانيون چڱي طرح ياد ھيون ايشيا ھوٽل
کان ٽپي ھن ھڪ ھڪ دوڪان کي چڱي طرح ڏٺو.
کيس ڪنهن به دوڪان ۾ ڪتاب گھر نظر ڪونه
آيو. ھن روڊ جي ساڄي پاسي نھاريو المنظر
سينيما واري ھنڌ تي بند پيل سي.اين.جي
اسٽيشن ۽ ڀرسان ڪي ايف.سي
جي وڏي عمارت تي ڪي.ايف.سي
جي لڳل بورڊ تي ٻُچي
ڏاڙھيءَ
وارو ھمراهه
مشڪي رھيو ھو.
المنظر سينيما جي سامهون ڪتاب گھر جي ڀرسان
انٽرنيٽ ڪيفي ھوندو ھو،
جتي ٻارن جي جھولن جو دوڪان کليو پيو ھو،
ھن ڪتاب گھر واري پاسي وري نظر ڦيرائي کيس ڪٿي به
ڪتاب گھر نظر ڪونه
آيو،
ڪتاب گھر واري دوڪان ۾ باربي ڪيو جي وڏي ريسٽورنٽ
جي ڪوئلن وارا چلھا ٻري رھيا ھئا .
جاويد
جي ذھن ۾ ڪيئي خيال،
خاڪا ۽ سوچون پئي آيا،
پر ھن باربي ڪيو جي ٻرندڙ
چلھن کي ڏسي چيو
”اسان
کي پنهنجي ذھن جي نشونما،
سوچ،
فڪر،
علم ۽ شعور جو ڪو فڪر ڪونهي!!
اسان کي رڳو پنھنجي نفس لاءِ
ذائقو،
وات لاءِ
چسڪو ۽
پيٽ کي ڀري وڏي ڪرڻ جو فڪر آهي.“
ھُو
روڊ جي پرين پاسي کان سري اچي بند پيل سي.اين.جي
اسٽيشن تي بيھي روڊ جي ٻنهي پاسن کان ماڻهن جي اچ
وڃ ڏسڻ لڳو.
ھڪ نوجوان کي سڏ ڪري کائنس پڇا ڪئي ته
”ادا“
ھن سي.اين.جي
جي بلڪل سامهون وڏو ڪتاب گھر ھوندو ھو؟؟ اھو مون
کي ھتي نظر نٿو اچي ڀلا اھو
ھتان ڪنهن ٻئي ھنڌ
تي
منتقل ٿي ويو آهي ڇا.“
نوجوان چيس
”سر
شھر ۾ ڪتابن جا دوڪان ته کوڙ سارا آھن توھان الاءِ
ڪھڙي
ڪتاب گھر جو ٿا پڇو؟؟
“
جاويد
چيس
”بابا
اسڪولي نصاب جي ڪتابن وارا دوڪان نه.“
نوجوان چيو
”سر
پوءِ
ڪھڙي
ڪتابن جو ڪتاب گھر؟“
جاويد چيس
”بابا
ھتي ھڪ وڏو ڪتاب گھر ھوندو ھو،
جتي ادب،
تاريخ،
سياست،
مذهب جنرل ناليج اخبارون ۽ رسالا ملندا ھئا.“
نوجوان فخر مان چيو
”پر
سر اڄ جي جديد ٽيڪنالاجي دور ۾ ڪير ٿو پنهنجي
ٽيڪسٽ بوڪ کان علاوه اھڙا ڪتاب پڙھي؟“
”سر
توھان وڏا آھيو صحيح چوندا ھوندئو.“
نوجوان اھو جملو چئي اڳتي ھليو ويو .
ھن ئي روڊ تي اڳيان
ريلوي اسٽيشن ھئي جاويد آھستي آھستي
سرندو اچي اسٽيشن تي پھتو.
اسٽيشن جاويد کان وڌيڪ اداس ھئي!
پليٽ فارم تي به وڏو ۽ شاندار بوڪ اسٽال ھوندو ھو،
چئن
ئي پاسا کان اخبارن رسالن ۽ ڪتابن سان
ڀريل بوڪ اسٽال جي جاءِ
تي چانھ جو ننڍڙو اسٽال لڳل ھو،
جاويد اسٽال تان ڊسپوزل ۾ چانھ وٺي
اچي پٿر واري گول ويھڪ تي ويٺو پليٽ فارم جي ھرھڪ
آفيس ۾ ھڪ
ٻه ماڻهو ويٺا ھئا،
ريل جون
پٽڙيون ريل جي انتظار ۾ سڪي ويون ھيون!!
جاويد چانھ جي سپ کي چپن ڏي سوريندي ڀرسان ويٺل
ھمراءُ
کان پڇو
”ھن
چانھ واري ھنڌ تي وڏو بوڪ اسٽال ھوندو
هو؟“
ھو ھمراءُ
به لکيو پڙھيو سندس ئي ھمعمر ھو تنهن چيو
”ريلوي
اسٽيشن ئي ويران ٿي وئي آهي
!!بوڪ اسٽال ڪيئن
ھلي؟ ٻيو ته سائين
اڄ ڪلھ ڪتاب ۽ رسالا ڪير ٿو پڙھي
.“
جاويد چانھ جو خالي ڊسپوزل اڇلائيندي
ٻيھر پڇس
”سائين
تڪليف معاف ڪجو پويان اسٽيشن روڊ تي وڏو ڪتاب گھر
ھوندو ھو اھو به اتي نظر ڪونه
ٿو اچي؟“
”ڪھڙو؟“
ھمراءُ
ورجاءُ
ڪندي پڇيس :
جاويد وراڻيس
”سائين
جيڪو المنظر جي سامهون ھوندو ھو.“
اڙي! ھا ھا فيض وارو ڪتاب گھر ٿا چئو. ھن وقت نالو
منهنجي ذھن تي نٿو اچي،
پر ھا شايد فيض ئي ھئس
ڊگهي قد سان زبرو مڙس ھوندو ھو،
جاويد ڳالهه وڌائيندي چيو
”سائين
ان ڪتاب گھر جو ڇا ته عروج ھو.“
نوان رسالا ۽ ڪتاب شايع ٿين ۽ ھتي نه پڄن اھو
ناممڪن ھو
”ھمراءُ
به اداس ٿيندي چيو
”واقعي
فيض جو اھو وڏو ڪتاب گھر ھو جتي پوري سنڌ کان وڌيڪ
ڪتاب کپندا ھئا.“
اھو ٻڌي جاويد يڪدم پڇيس
”پوءِ
اھو ڪتاب گھرھاڻ ڪٿي آهي؟“
جاويد جو اتساھ
ڏسي ھمراءُ
ڏاڍو لڄي ۽ نراس ٿيندي چيو
”يار
فيض جو اھو ڪتاب گھر ڪافي عرصي کان بند ٿي ويو
آهي! اصل ۾
ڪتابن جي تمام گھٽ
کپت
جي ڪري فيض ويچارو پبلشرن جو لکين روپين جو قرضي
ٿي ويو ۽ اتي دوڪان جي مسواڙ به نه
پئي
ڪڍي سگهيو. بس ھاڻ سٽي بيڪري جي پويان گھٽي ۾ سندل
تي ڪتاب رکي ويھندو آهي پوءِ
شام تائين جيڪي کپيس
سائين اوھان اھا ته ڏاڍي ڏک ۽ ارمان جي ڳالهه
ٻڌائي ڇڏي
جاويد اڻ واقف ھمراءُ
کي ڳالهه ٻولھ ڪرڻ لاءِ
مھرباني چئي اسٽيشن تان ھيٺ لھي ساڳيو ئي روڊ ورتو.
ڪي.ايف.سيءَ
جي ڀرسان سٽي بيڪري جي
پويان گھٽي ۾ واقعي ھڪ خالي ڀڳل صندل پيو ھو.
ھن ڀرسان
واري
دوڪاندار کان
پڇيو
فيض ھتي ڪتاب کپائيندو آهي ؟؟
دوڪاندار چيو
”جي
ھا ا ھو ڀڳل صندل ان جو آهي
اڄ سوير ڪتاب کڻي ھليو ويو آهي!“
جاويد مايوس ٿيندي گھٽيءَ
مان واپس موٽيو سامهون سروس ۽ باٽا جي دوڪانن تي
لڳل بورڊ جي تصوير ۾ نوجوان ڇوڪرو ۽ ڇوڪري نوان
جوتا پائي کِلي
رھيا ھئا
ممتاز کوکر
ڳيريلو
تانگهه
ساحل… تون هتي ڪيئن…؟
سارا، تون… ها… ساحل مان… مان.
ڇا؟؟ مان… شايد ڀلجان ته نه ٿو.
جيءُ… هٻڪندي جيءُ نه… ساحل.
اکيون اکين ۾ گُم سُم ٿي وڃن ٿيون ۽ تاري جي ٽڪ
وانگر بيهي ويون.
سارا سان گڏ پاسي ۾ سندس سارا جي سهيلي سُريتا
بيٺي هئي، جيڪا ساحل ۽ سارا کي اوچتو ملندي ڏسي
عجب ۾ پئجي وئي.
سارا سان مخاطب ٿيندي چوڻ لڳس ته سارا هيءُ شخص
تنهنجو ڇا ٿئي.
سارا ڪافي دير کان جهيڻي آواز ۾ جيءُ… جيءُ
کانسواءِ ڪجهه نه چئي سگهي. سارا جي سهيلي سُريتا
سمجهي وئي ته هيءُ پراڻو تعلق آهي. ائين سوچيندي
ماٺار ٿي وئي، ڪافي وقت کان پوءِ محبت واري ڪيفيت
جو سارا ۽ ساحل تان پردو هٽيو.
ساحل تمام نماڻي انداز ۾ مخاطب ٿيندي پڇڻ لڳو.
واقعي تون سارا.
ها… ساحل مان… سارا.
ساحل تون هتي ڪيئن آيو آهين…
مان هتي امڙ جي بينڪ مان ”پينشن“ يعني پگهار وٺڻ
آيو آهيان ماسي ته خوش آهي.
ها… امان به خوش آهي. ڪڏهن ڪيئن طبيعت اٿس ته ڪڏهن
ڪيئن…
ساحل… صفا ڪمزور ٿي ويو آهين، ها… جيءُ… ڇا ٿيو
آهي؟
سارا… دل جو عارضو ٿي پيو آهي. هان… هان… جيءُ…
ها. او منهنجا مالڪ ائين ته نه ڪَر.
او… منهنجا مالڪ بي سَتو ساهه کڻندي چوڻ لڳي.
ساحل! هاڻي خوش ته آهين نه… ها… سارا الله پاڪ جي
مهربانيءَ سان هاڻي طبيعت بهتر آهي.
الله خوش ڪندئي. الله پاڪ ڄمار ڏيندئي. هر وقت
توکي دعائن ۾ ياد ڪندي آهيان.
منهنجي حياتيءَ جا ڏينهن الله پاڪ توکي ڏئي ٿڌڙا
ٿڌڙا ساهه ڀريندي رهي.
سارا تون ٻڌاءِ ڪيئن آهين؟
ساحل… مان خوش آهيان به نه… آهيان.
منهنجي دل ۾ بس اها آهي ته… الله پاڪ توکي هميشه
خوش رکي سدائين خوشين ۾ خوش هجين.
سارا… تنهنجا ٻچا ته خوش آهن. اڌورو ساهه کڻندي.
ها اهي به خوش آهن. تنهنجو گهر وارو، گهٻرائيندي
گهٻرائيندي مايوس انداز ۾ بي دلي ها… ڪري جيءُ…
ڇا ڪندو اٿئي گهر وارو… ڪڏهن ڪڏهن مزدوري.
ساحل… توکي اڃان نوڪري ”ماستري“ آهي. ها، جيءُ مون
کي اڃان نوڪريءَ ۾ ڪافي سال آهن.
ساحل… ”ڌيءُ تبسم“ خوش اٿئي. ٻيو ڪهڙو اولاد ٿيو
اٿئي.
بس هڪڙي نياڻي آهي، ٻيو اولاد نه ٿيو آهي.
ڪجهه سڳي ڦيڻي جو ڪَر، يا دوا دارون جي ڪوشش ڪيو.
ها… سارا الله پاڪ تي رکيو آهي.
الله پاڪ ڏيندو ته دير ناهي.
سارا مان ته توکي پنهنجو جيون ساٿي بنائڻ لاءِ
ڪافي ڪوششون ڪيون. بي مراد زماني جون تڪليفون سِرَ
تي برداشت ڪيون، هر لحاظ کان مون وس ڪيا… پر…
مايوسين کان سواءِ ڪجهه به نه… مليو ۽ توکي مون
کان الڳ ڪرڻ جي لاءِ ڳوٺ مان لڏي وڃڻ جو رستو
اختيار ڪيائون ۽ پوءِ هڪٻئي کان جدا ٿي وياسون.
جيڪو منهنجي لاءِ تنهنجو الڳ ٿيڻ قيامت جيان برپا
هو، ۽ مون کي پوءِ مايوسي روئڻ بنا ٻيو ڪجهه به نه
وريو پئي. ”بيوسيءَ جي تانگهه“ ۾ تڙپڻ پڄرڻ
منهنجي سِرَ جي لاءِ معمول هو. منهنجي حالت ڏسندي
منهنجي گهر جي ڀاتين جو کائڻ پيئڻ به مون وانگر
حرام ٿي ويو.
سڀئي گهر جا ڀاتي منهنجي پريشانيءَ جو باري ۾
سوچيندا هئا، جنهن هن سماج جون ريتون رسمون اَنا
جا وحشي درندا تو ۽ مون کي الڳ ڪري پنهنجي ڪُڌي
اَنا جو پورائو ڪيو. خدا انهن جو به سک، چين، سڪون
زندگيءَ نيست نابود ڪري، الله ڪندو ڪڏهن به سک جو
ساهه نه کڻندا سدائين تڙپندا رهندا.
سارا، تون ٻڌاءِ… خوش ته آهين نه…
ساحل مان بس جيئري آهيان، ڇو! جو جيئرو ساهه آهي،
بس ساهه کڻان ٿي.
ساحل، مون کي جڏهن ڳوٺ مان ڪڍي آيا ته… ڪجهه مهينن
کان بعد مون کي پيسن جي لالچ ۾ اچي ڪري ڌارين کي
ڏنو، جيڪي ويهن ڏينهن کان بعد مون کي شام جو اوچتو
ٻڌائڻ کان سواءِ گهر جي ٻاهران ڪار کي دَرَ تي
بيهاري بابا انهن ڌارين جي حوالي ڪري ڇڏيو، اُهي
ماڻهو باز، جيئن ڪُڪڙ جو چوزو جهٽي کڻي وڃي. ائين
مون کي شام جي پهر ڪار ۾ زوريءَ ٻانهن مان وٺي
گهلي انهن ڌارين جي حوالي ڪيو، جيڪي مون کي پنهنجي
گهر ڏانهن وٺي ويا.
سارا، بس قدرت کي شايد ناپسند هو، اسان کي جوڙڻ ۽
ڳنڍڻ بجاءِ جدا هئڻ جو راز هو.
الله سائين بي پرواهه آهي، اگر الله پاڪ اسان ٻنهي
کي پاڻ ۾ ڌار نه ڪري ها، ته دنيا جا هي بي مراد
ماڻهو ڪجهه به نه ڪري سگهن ها. شايد الله پاڪ کي
ائين نامنظور هو.
ساحل، الله ته… سڀن جو مالڪ آهي، ڇا اسان جو ناهي،
ڇا اسان ان جي خلقيل مخلوق مان ناهيون، اسان به ته
ان جا خلقيل آهيون. اسان جو به محبت ڪرڻ جو حق هو،
جيڪا پاڻ ماڻي نه سگهياسين. پاڻ هڪٻئي جا ساٿي ٿي
نه سگهياسين.
ساحل، توسان ڇا نه گذري، اها مون کي ذري ذري جي
خبر آهي، توهان مون کان پوءِ ڪهڙي حال ۾ زندگي
گذاري آهي، ۽ توسان ڪيترا ظلم ڪيا ويا، منهنجي
پيءُ منهنجي چاچن کان مون کي سڀ ڳالهيون ٻڌڻ ۾
اينديون هيون.
سارا، مان هر گهڙيءَ هر پهر توکي ڏسندي صبر سان
خيال ڪندو آيو آهيان، ۽ ڪڏهن به جوابي انداز
اختيار نه ڪيو آهي،. پنهنجي پيار جي ڀرم رکڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي، جيئن توکي منهنجي طرفان شڪايت جون
ڳالهيون ٻڌڻ ۾ نه اچن.
باقي تنهنجو پيءُ ۽ چاچا مون سان انتها ظلم ڪندا
اچن ٿا، اڄ به تنهنجي محبت جو مانُ رکندي هر اڻ
ڍنگي رويي تي صبر سان پيش اچان ٿو.
سارا، توسان ملندي ماضي اڳيان پيار جون بهارون
وکيري رهيو آهي. اُهي لمحا، اُهي سمان، اُهي
يادون، جيڪي ان وقت محبت جا منظر وِهامندا هئا، سي
اڄ توکي سامهون ڏسندي وري اکين اڳيان جاڳي پيا
آهن.
هن وقت اڳ جيئان دل، دماغ انهيءَ پيار جي رقص ۾
جهومي رهيا آهن.
سارا، مون کي اڃان به ڇو يقين نه ٿو اچي… ته تون
سارا، آهين… يا سارا جهڙي…
نه ساحل مان اهائي جيڪا تنهنجي ساهه جي ”شَهه رڳ“
جيئان هئس… اها بدنصيب سارا آهيان، جيڪا وقت جي بي
وسيءَ جي صليب تي لٽڪيل ڀٽڪيل بي حال بڻيل بيوس
اهائي تنهنجي سارا آهيان، هاڻي، بس ساحل جيئري موت
برابر آهيان، جيئن زنده لاش.
سارا، سُڏڪندي سُڏڪندي لُڙڪ هاريندي ماٺ ٿي.
پنهنجي پوتيءَ سان اکيون اُگهي رڪشي تي چڙهي هلي
وئي ته پاند ساحل، جا به ڀِنل رهيا.
ساگر مستوئي
ٽنڊوجام محمد
تنها ۽ اَڪيلو
صبح سوير در تي ٺَڪ ٺَڪ ٿي ۽ مون پنهنجي ٻانهن ۾
ٻڌل گهڙيءَ تي نظر وڌي ته ڏٺم صبح جا ٺيڪ ڇهه لڳي
ست منٽ ٿيا هئا.
هڪ ڀيرو ٻيهر در تي زوردار ڌڪ لڳو.
سوچيم هن وقت اڳ ۾ ته ڪير به مون وٽ ڪونهي آيو
پوءِ اڄ ڪير ٿو اچي سگهي.
در کولي سامهون ڏٺم ته چنڊ کان به وڌيڪ سهڻي ۽
نماڻي چهري واري ڇوڪري بيٺل هئي، ان ڇوڪريءَ کي
سامهون ڏسي آءٌ حيرت ۾ پئجي ويس ۽ سوچڻ لڳس ته هن
کي ته آءٌ سڃاڻان به ڪونه پوءِ هيءَ ڪير آهي.
سوچن جي دنيا مان ٻاهر نڪري هن ڇوڪريءَ کان پڇيم
ته، محترمه توهان ڪير آهيو ۽ هتي ڪنهن سان ملڻو
آهي.
هن جواب ۾ وراڻيو ته: منهنجو نالو راحيلا آهي ۽
آءٌ ڪراچي مان آئي آهيان، هُوءَ ڪجهه گهڙيون خاموش
ٿي وئي.
مون کيس خاموش ڏسي چيو: محترمه راحيلا صاحبه سوچن
جي دنيا مان ٻاهر نڪري اچو ۽ اهو ٻڌايو ته هتي
ڪنهن سان ملڻ آيا آهيو.“
راحيلا جواب ۾ چيو: ”ساحل سان ملڻ آئي آهيان.“
جڏهن مون پنهنجو نالو راحيلا جي واتان ٻڌو ته هڪ
ڀيرو ٻيهر سوچن جي دنيا ۾ غرق ٿي ويس ۽ سوچڻ لڳس
ته هيءَ راحيلا ڪير آهي ۽ مون کان ئي منهنجي پڇا
ڪري رهي آهي، آخر هيءَ چاهي ڇا ٿي!
مون پڇيومانس: ”ڇا تون ساحل کي سڃاڻين ٿي.“
”نه بلڪل نه، مون ته اڄ تائين هن کي ڏٺو به ناهي.“
هن چيو:
پوءِ هڪ اڻڄاڻ ماڻهوءَ کي ڳولڻ ۽ ان جي پُڇا ڪرڻ
جو مطلب.“ مون چيو.
هن وراڻيو ته: ”آءٌ ساحل جون ڪهاڻيون اخبارن ۽
رسالن ۾ پڙهندي آهيان، ساحل جون ڪهاڻيون مون کي
سُٺيون لڳنديون آهن، ڪمال جو ليکڪ آهي، ڪافي وقت
کان اها خواهش هئي ته اهڙي عظيم ڪهاڻيڪار سان
ملجي، پر مون کي ايڊريس جي خبر نه هئي، تازو ٽيون
ڏينهن واري اخبار ۾ ڪهاڻيءَ سان گڏ سندس ايڊريس به
شايع ٿيل هئي ۽ ايڊريس ته هتي جي هئي هن چيو.
”اها ايڊريس غلطيءَ سان ڇپجي وئي هئي ۽ ها اهو
توکي ٻڌاءِ ڇڏيان ته آءٌ ساحل کي نٿو سڃاڻان.“ مون
هن کي چيو.
”ڇا تون واقعي ساحل کي نٿو سڃاڻين؟ ڪٿي ڀوڳ ته
ڪونه پيو ڪرين“ هن چيو.
”مون کي ڪهڙي ضرورت آهي ڀوڳ ڪرڻ جي سو به هڪ عورت
ذات سان.“ مون هن کي چيو.
”تون مون کي غير ٿو سمجهين ۽ ساحل کي به نٿو
سڃاڻين، ۽ پوءِ پل کن ترسي هن مون کان منهنجو نالو
پڇيو.“
”اتفاق سان منهنجو به نالو ساحل آهي، پر آءٌ اهو
ساحل نه آهيان جنهن جي پويان تون ڪراچيءَ مان هتي
آئي آهين.“
”ٺيڪ آهي ساحل صاحب ٺيڪ آهي جيڪڏهن تون اهو ساحل
نه آهين ته نه سهي، پر هاڻ مون کي چانهه جو ڪوپ ته
پيار.“ راحيلا جي زبان تان منهنجو نالو ائين بي
تڪلف ٿي نڪتو ڄڻ ته هُوءَ مون کي ورهين کان
سڃاڻندي هجي.
مون راحيلا کي چيو، ”محترمه توهان ته اچڻ شرط مون
کي چيو هو، چانهه بلڪل نه پيئندس، نيرن هوٽل تان
ڪري آئي آهيان پوءِ چانهه پيئڻ جو سبب؟“ جواب ۾
چيائين.
”بس چانهه پيئڻ جو موڊ ٿي پيو آهي جي نٿا پياريو
ته کڻي نه پياريو.“
”نه نه اها ڳالهه ناهي چانهه جا توهان کي مڻ
پياريان پر آءٌ ساحل کي نٿو سڃاڻان.“ مون هن کي
چيو.
راحيلا هڪ ڀيرو ٻيهر بي تڪلف ٿيندي چيو: ”ساحل
باقي ڳالهيون پوءِ ڪنداسين، پر پهرين چانهه
پيئنداسين، ۽ چانهه سان گڏ سٺا بسڪيٽ به
کائينداسين.“
آءٌ چانهه ٺاهڻ لاءِ رڌڻي ڏانهن ويس ۽ اوچتو مون
نظر ڦيرائي پوئتي ڏٺو ته راحيلا غائب هئي ۽ مون
رڌڻي مان ٻاهر نڪري نظرون هيڏانهن هوڏانهن
ڦيرائيندي ڏٺو ته راحيلا مون کي ڪٿي به نظر نه
آئي.
آءٌ ڏاڍو پريشان ٿيس ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سوچن ۽
فڪرمنديءَ جي دنيا ۾ لُڙهي ۽ غرق ٿي ويس.
آخر هيءَ راحيلا ڪير آهي ۽ مون کان ڇا ٿي چاهي ۽
اجايو مون کي پريشان ڪري غائب ٿيڻ جو سبب ته مون
کي بلڪل سمجهه ۾ نٿو اچي. آءٌ واپس رڌڻي ۾ چانهه
پيئڻ لاءِ ويس ته مون چانهه جو ڪوپ ٺاهي اڃان چپن
تي مس رکيو ته اوچتو وري به دروازي تي زوردار ڌڪ
لڳو ۽ انهيءَ اوچتي ڌڪ لڳڻ سبب مون کان ٿورو ڇِرڪ
نڪري ويو ۽ چانهه تمام گرم هئي تنهن منهنجا چپ ئي
ساڙي ڇڏيا، خير آءٌ رڌڻي مان نڪري ٻاهر وڃڻ لڳس ته
اڃان دروازي تي پهتو ئي ڪونه هئس ته اوچتو رڌڻي
مان ٿانوَ ٽُٽڻ ۽ ڌِڪن جا آواز اچڻ لڳا. آءٌ
پريشان ٿي ويس ۽ ٿورو مون کي ڀئو به ٿيڻ لڳو ۽ مون
کي ائين پئي محسوس ٿيو ته ڄڻ اندر رڌڻي ۾ ڪو ماڻهو
هجي ۽ هُو مون کي مارڻ چاهيندو هجي ۽ آءٌ هوريان
هوريان هيسيل بي پهچ ماڻهو جيان رڌڻي ڏانهن وڌيس
ته اندران اوچتو ٻِلو ٽِپ ڏيئي ٻاهر نڪتو، ٻِلي کي
ڏسي مس منهنجي پيٽ ۾ ڪجهه ساهه پيو ۽ آءٌ ٿڌا
شوڪارا ڀريندي کٽ تي ويهي رهيس. وري به در تي زور
سان ڌڪ لڳو ۽ آءٌ تڪڙو تڪڙو دروازي ڏانهن وڌيس ۽
دروازو کولي ڏٺم ته سامهون راحيلا هئي ۽ ڪاوڙ ۾
دروازو بند ڪري ڇڏيم. پر وري به ڪجهه گهڙين کان
پوءِ دروازو کوليم ته راحيلا گهر جي سامهون بيٺل
وڻ جي ٿُڙ کي ٽيڪ ڏيو بيٺي هئي ۽ مون جيئن دروازو
کوليو ته هُو بنا ڪنهن تڪلف جي هڪڙي ڊوڙ ۾ اندر
هلي آئي ۽ اچڻ شرط چيائين:
”دروازو ڇو بند ڪيو هئوَ هن بي تڪلف ٿي چيو؟“
چيم: ”جيڪڏهن آءٌ دروازو نه کوليان ها ته پوءِ؟“
”جيڪڏهن تون دروازو نه کولين ها ته آءٌ اتي ئي
تنهنجي در اڳيان مري پوان ها“، هن چيو.
ڪاوڙ ۾ چيومانس ته: ”آخر تون ڪير آهين ۽ مون کان
ڇا ٿي چاهين، مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو
اجايو کڻي مون مسڪين ماڻهوءَ کي پريشان ڪيو اٿئي.“
هن مون کي چيو: ”تون ڪهڙي قسم جو مرد آهين هڪڙي
اڪيلي ۽ خوبصورت جوان ڇوڪري تنهنجي گهر ۾ آهي ۽
تون ان مان ايڏو پريشان آهين.“
”مون هن جو جملو ڪٽيندي چيو: اڳتي هڪڙو لفظ به نه
ڪڇجانءِ، عورت ڪلهه به منهنجي لاءِ قابلِ احترام
هئي ۽ اڄ به قابلِ احترام آهي. ۽ سدائين عورت
منهنجي لاءِ قابلِ احترام رهندي ۽ مون سدائين عورت
جي عزت ۽ احترام ڪيو آهي. مون کي ۽ توکي به جنم هڪ
عورت ئي ڏنو آهي، آءٌ توکي ماءُ ۽ ڀيڻ جو درجو ته
نٿو ڏئي سگهان. تون به هڪ عورت آهين ۽ انهيءَ
حوالي سان منهنجي لاءِ قابلِ احترام ۽ قابلِ عزت
آهين. مون هميشه عورت ذات جي عزت ڪئي آهي ۽ تون
ڪهڙي قسم جي عورت آهين جو توکي پنهنجي عزت جو ذرو
به خيال ڪونهي، آخر تون آهين ڪير؟“
”هن مون کي تمام گرم ۽ تِکي لهجي ۾ چيو: پهرين تون
ٻڌاءِ ته تون اهو ساڳيو ساحل آهين جنهن جي پويان
آءٌ ڪراچيءَ مان هتي پهتي آهيان.“
ڪاوڙ ۾ اچي چيومانس: ”ها مان اهو ساڳيو ساحل آهيان
جنهن جون تون هر روز اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪهاڻيون
پڙهندي آهين، منهنجي ڪهاڻين جي ته سڄي دنيا ديواني
آهي پر تون ڪير آهين؟“
”آءٌ راحيلا آهيان راحيلا“، هن چيو.
”اوهو اها ته مون کي به خبر پئجي چڪي آهي ته تون
راحيلا آهين پر چاهين ڇا ٿي؟“
آزمائش چاهيان ٿي سڀني اديبن جي، هن چيو.
”آزمائش چاهين ٿي هر اديب جي پر ڇو؟“
”ڏسان ٿي ته ڪير ڪيتري پاڻي ۾ آهي.“ هن چيو.
”هر اديب ساحل جهڙو ناهي هوندو راحيلا جيڪڏهن تون
اها حرڪت ڪنهن ٻي سان ڪرين ها ته شايد ڪونه ڪو
نقصان ضرور ٿي پوي ها.“
مون هن کي چيو ۽ وري به ڪاوڙ ۾ هن سان مخاطب ٿيندي
چيم، ”ڏس مِس راحيلا تون هِتان هلي وڃ شرافت
انهيءَ ۾ اٿئي جي نٿي وڃين ته پوءِ مون کي مجبور
ٿي پوليس جو سهارو وٺڻو پوندو.“
راحيلا تمام نرم ۽ ٿڌي لهجي ۾ مون کي چيو: ”ايتري
گهڻي گرمي صحت لاءِ سٺي ناهي هوندي، ساحل صاحب
جيتري گهڻي گرمي کائيندين نقصان اوتروئي تنهنجو
ٿيندو منهنجو جو نه؟“
مون راحيلا کي چيو: ”ڏس مِس راحيلا مون ته توکي
پنهنجي باري ۾ ٻڌائي ڇڏيو آهي ته آءٌ اهو ساڳيو ئي
ساحل آهيان جنهن جي پويان تون ڪراچيءَ مان هتي آئي
آهين، آخر تون ڪير آهين ۽ مون کان ڇا ٿي چاهين،
خدا جي واسطي وڃ هِتان.“
”ساحل صاحب اڃان ڪجهه ٿيوئي ناهي، اجايو تنهنجي
پريشاني پگهر جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهي آهي“ هن چيو.
مون کي ڪاوڙ به گهڻي آئي ۽ پاسي پيل لٺ ۾ هٿ
وجهندي چيومانس: ”هِتان وڃين ٿي يا ڪريائين پورو.“
”تون چاهي ڪجهه به ڪري وٺ پر ايترو آسانيءَ سان
توکي ڇڏي وڃڻ واري ناهيان، مسٽر ساحل صاحب.“ هن
مون کي چيو.
مون پنهنجي پاڪ پروردگار اڳيان فريادي ٿي چيو:
”منهنجا سهڻا رب پاڪ مون اهڙي ڪهڙي خطا ڪئي آهي
تون مون کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏئي رهيو آهين، مون
ته ڪڏهن به ڪنهن عورت ڏانهن ميري اک سان ناهي ڏٺو
۽ نه ڪنهن کي ڪو ايذاءُ رسايو آهي پوءِ هيءُ مون
سان ڇا ٿي رهيو آهي ۽ آءٌ روئي پيس.“
مون کي روئندو ڏسي راحيلا کان به پنهنجا لڙڪ جهليا
نه ٿيا ۽ هُوءَ به روئي پئي.
هن جي اکين مان لڙڪ ائين وهڻ لڳا جيئن سانوڻ رُت
جي برسات پنهنجي ڀرپور جوڀن ۽ جوش سان وسي رهي
هجي.
هن کي روئندو ڏسي، مون کي پنهنجا لڙڪ اُگهڻ وسري
ويا ۽ مون هن جا لڙڪ اُگهندي چيو: ”آخر تون ڪير
آهين ڇا ٿي چاهين، تنهنجي هتي اچڻ جو مقصد ڇاهي؟
ڪجهه گهڙيون اڳ ته مون کي تو پئي روئاريو ۽ هاڻ
پاڻ پئي روئين پڇي سگهان ٿو ڇو؟“
هن روئندي چيو:
”مون کي افسوس آهي تنهنجي سڃاڻپ تي ته اڃا مون کي
سڃاڻي ناهين سگهيو.“
”ساحل صاحب ٺيڪ آهي کڻي نه سڃاڻ پر منهنجي وڃڻ کان
پوءِ تون روئندين ضرور.“
”آخر تو مون کي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندينءَ ته توکي
سڃاڻندس ائين مون کي ڪهڙي خبر ته تون ڪير آهين،
ڪٿان آئي آهين ۽ ڇا ٿي چاهين.“ هن هڪ ڀيرو ٻيهر
روئندي مون کي چيو.
”جيڪڏهن تنهنجي ياداشت ڪمزور نه هجي ته پوءِ هن
ننڍڙي اشاري مان مون کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪر ساحل.“
”آءٌ اها ڇوڪري آهيان جنهن کي گهڻو وقت اڳ هڪ
لاکاٽ ٻڪريءَ جي ننڍڙي ڇيلي ڏني هئي ۽ تو مون کي
هي لفظ پڻ چيا هئا: هي لاکاٽ ٻڪريءَ جي لاکاٽ ڇيلي
ته مون کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ عزيز آهي، ائين
کڻي سمجهي ڇڏ ته آءٌ پنهنجي جان تحفي ۾ ڏئي رهيو
آهيان ۽ تو هيءُ لفظ به چيا هئا: ”هيءُ ڀوريون،
ڪاريون، جهريون، ٽاپريون ۽ لاکاٽ ٻڪريون ته
منهنجون مائون به اهي ته ابو به اهي ته ڀيڻيون به
اهي آهن.“ اهي لفظ جڏهن مون راحيلا جي زبان ۽
واتان نڪرندي ٻڌا ته آءٌ پنهنجي وڃايل ماضيءَ ۾
ائين گُم ٿي ويس ڄڻ ته آءٌ هن دنيا ۾ ئي نه هجان.
مون روئندي ۽ خوش ٿيندي هن کي چيو.
”جيڪڏهن تون اها ساڳي ڇوڪري آهين ته پوءِ تنهنجو
نالو رحمت هئڻ گهرجي.“
”ها آءٌ اها ئي رحمت آهيان تنهنجو ننڍي هوندي وارو
پيار ۽ تنهنجي پيار جو نالو رحمت آهي، تون ته
پنهنجي پيار رحمت کي وساري ويٺو هئين، پر آءٌ اڄ
ڏينهن تائين تنهنجي ملڻ جي اوسيئڙي ۾ پنهنجو پاڻ
کي ٻاريندي ۽ ميڻ جيان ڳاريندي اچان ۽ تو ڪڏهن پٺ
تي لوڻو ورائي به ڪونه ڏٺو ته تنهنجي رحمت ڪهڙي
حال ۾ آهي، ها ساحل آءٌ اها ساڳي رحمت آهيان، جيڪا
ننڍي هوندي پنهنجي پيءَ جي مار جي پرواهه نه ڪندي
تنهنجي پويان سڄو سڄو ڏينهن گڏ ٻَڪرين ۾، جهرجهنگ
اُڃين بُکي پئي رُلندي هئس ۽ تون انهي رحمت کي
پويان واڳوئن جي وات اڇلي هليو آئين، ڇو تو ائين
ڪيو؟“
رحمت جي اکين مان لڙڪ سنڌوءَ جي ڇولين جيان ائين
ڇوليون هڻندا وسي رهيا هئا، جيئن سانوڻ رُت جي
برسات پنهنجي ڀرپور مستي ۽ جوڀن سان وسي رهي هجي.
”مون توکي ناهي وساريو رحمت توکي ناهي وساريو.“ پر
مون کيس روئندي چيو.
آءٌ جڏهن رحمت کي ٻانهن مان جهلي پنهنجي گهر اندر
هڪ ڪمري ۾ وٺي ويس ۽ رحمت کي چيم: ”رحمت هن ڪمري ۾
ڏس ته ڇا ڇا پيل ۽ رکيل آهي.“
رحمت سڄي ڪمري ۾ نظرون ڦيرائي ڏٺو هن کي ڪمري ۾
صرف ۽ صرف هڪ ننڍڙي پيتي پيل نظر آئي.
رحمت مون کي چيو: ”هن ڪمري ۾ ته صرف هڪ ننڍڙي پيتي
پيل آهي.“
چيومانس: ”رحمت سڃاڻين ٿي ته هيءَ تصوير ڪنهن جي
آهي.“
جواب ۾ هن وراڻي ڏني: ”هيءَ منهنجي ننڍپڻ جي تصوير
آهي.“
مون کيس روئندي چيو: ”هن جنهن پيتي مان تنهنجي
تصوير نڪتي آهي اها پيتي، پيتي نه پر منهنجي دل
آهي دل، جنهن شخص تنهنجي تصوير کي پنهنجي ساهه کان
به وڌيڪ سانڍي پنهنجي دل ۾ سانڍي ۽ سنڀالي رکي
هجي، سو شخص توکي ڪيئن ٿو وساري سگهي.“
ها هيءَ اها رحمت آهي جنهن جي چاچي گلڻ پنهنجي سڳي
ڀاءُ يعني رحمت جي پيءُ کي دولت جي نشي ۽ حوص ۾
اچي ڏاڍو بي درديءَ سان قتل ڪرائي ڇڏيو هو ۽
پنهنجي گلڙن جهڙي چنڊ کان به وڌيڪ سهڻي پياري
ڀائيٽي کي يتيم ڪري ڇڏيو.
گُلڻ پنهنجي ڀاءُ کي انهيءَ ڪري مارايو هو ته متان
هُو هن کان مائيٽاڻي ملڪيت جو حصو نه گهري، ان ڊپ
مان گلڻ حيوان جو روپ اختيار ڪري پنهنجي ڀاءُ کي
مارائي ڇڏيو.
رحمت کي ته ان وقت پنهنجي ماءُ جي ممتا به نصيب
ڪانه ٿي هئي، رحمت ان وقت ڇهن مهينن جي به ڪانه
هئي.
اوچتو رحمت مون کي ٻانهن مان جهلي لوڏو ڏيندي چيو:
”ڪهڙي دنيا ۾ گُم آهين ساحل ڇا پيو سوچين؟“
رحمت جيڪا ڪجهه گهڙيون اڳ منهنجي اڳيان راحيلا جي
روپ ۾ آئي هئي، سا راحيلا، راحيلا نه پر منهنجو
ننڍي هوندي جو پيار رحمت هئي.
رحمت جنهن محل ٻانهن مان جهلي مون کي لوڏو ڏنو هو،
ان وقت مون ائين محسوس ڪيو ڄڻ آءٌ ڪنهن اونهي
اونداهي واري کاهيءَ ۾ ڪِريل هئس، جنهن کاهيءَ مان
مون کي ٻانهن مان جهلي ڪنهن ڪڍيو هجي.
رحمت هڪ ڀيرو ٻيهر مون کي ٻانهن مان جهلي زوردار
لوڏو ڏيندي چيو: ”ڪهڙي دنيا ۾ گُم آهين، ساحل ڇا
پيو سوچين؟!“
رحمت جي انهي زوردار لوڏي مون کي ڇِرڪائي ڇڏيو هوش
۾ ايندي ئي مون کيس چيو: ”رحمت ننڍي هوندي ته تون
رحمت هئينءَ پوءِ هيءُ راحيلا جو نالو توسان ڪيئن
جڙيو ۽ تون ڪراچي ڪيئن پهتينءَ، تون ته ڳوٺ ۾
رهندي هئينءَ جتي اسين سڀ گڏ رهندا هئاسين.“
”رحمت تمام تِکي ۽ گرم لهجي ۾ مون کي چيو، آءٌ اڄ
به اهائي ساڳي رحمت آهيان، جيڪا اڳي هئس، پنهنجو
پاڻ کي ڪراچي جو سڏائڻ پنهنجو نالو راحيلا ٻڌائڻ ۽
توسان غلط ڳالهيون ۽ غلط حرڪتون ڪري مون تنهنجي
آزمائش پئي ورتي جيڪا مون ورتي.“
چيومانس: ”منهنجي آزمائش وٺڻ مان توکي ڇا مليو؟“
چيائين: ”مون کي منهنجو ساحل مليو آهي، مون کي اڄ
خبر پئي اهي ته ساحل ڪالهه به منهنجو هو ۽ اڄ به
منهنجو آهي.“
”اهو ته ٺيڪ آهي رحمت پر هتي مون وٽ تون حيدرآباد
ڪيئن پهتينءَ؟“
چيائين: ”چاچي گلڻ مون کي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي.“
”چاچي گلڻ توکي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي پر ڇو؟“ مون هن
کي چيو.
”چاچي گلڻ دولت جي حوس ۽ نشي ۾ بابا کي ته مارائي
ڇڏيو ۽ هاڻي سڄي ملڪيت هڙپ ڪرڻ لاءِ مون کي ان ڪري
گهران ڪڍيو اٿس ته متان آءٌ مائٽياڻي ملڪيت جو حصو
نه گهران، ان ڊپ ۾ اچي چاچي مون کي چيو ته آءٌ هن
جي پٽ ..... پنهنجي سـؤٽ سان شادي ڪريان، جيڪو
منهنجو سئوٽ چريو آهي ۽ جيڪڏهن منهنجو سئوٽ سڄو
سارو به هجي ها تڌهن به آءٌ هن سان شادي نه ڪريان
ها.“
”پر ڇو شادي ڪونه ڪرين ها“، مون هن کي چيو.
”منهنجي ننڍپڻ جو پيار تون هئين ۽ مون ئي اهو
فيصلو ڪيو هو، جيڪڏهن شادي ڪئي ته صرف ۽ صرف توسان
ڪندس، ڪنهن ٻي سان نه ڪنديس، ساحل صاحب جيڪڏهن
توسان شادي نه ڪري سگهيس ته زهر کائي مري وينديس
پر ڪنهن ٻي سان هرگز شادي نه ڪنديس.“
چيومانس: ”مرن تنهنجا دشمن رحمت تون ڇو مرندينءَ
پنهنجو ننڍي هوندي وارو پيار سچو هو جيڪو اڄ جوان
ٿي چڪو آهي.“
”ها تون سچ ٿو چوين، ساحل پنهنجو ننڍي هوندي وارو
پيار واقعي سچو هو، جيڪو اڄ جوان ٿي چڪو آهي، انهي
جوان ۽ سچي پيار کي زندگيءَ ڀر لاءِ هڪ ٿيڻو
پوندو، ٽيون ڏينهن واري اخبار ۾ تنهنجي ڪهاڻيءَ
سان گڏ تنهنجي هتي حيدرآباد جي ايڊريس به ڇپيل
هئي، اها ايڊريس پڙهي ياد ڪري چاچي گلڻ جي قيدخاني
مان باغي ٿي سڌو ڳولي اچي توکي هٿ ڪيم، پر تو ته
پنهنجي باري ۾ ڪجهه ٻڌايوئي ڪونهي ته تون سائينداد
مان ڦري ساحل ڪيئن بڻيو آهين؟“
”بس رحمت زماني جي بيرحم تيز ۽ طوفاني هوائن ۽
غربت کان تنگ ٿي اچي حيدرآباد پهتس ۽ اتي ئي اچي
محنت مزدوري شروع ڪيم. توکي ته خبر آهي رحمت ته
مون کي ننڍي هوندي کان ئي لکڻ ۽ پڙهڻ جو تمام گهڻو
شوق هوندو هو. مائٽن جي گذاري وڃڻ کان پوءِ مون
پنهنجو ساهه ڳوٺ ۾ مُنجهندڙ ۽ گهٽجندڙ محسوس ڪيو ۽
ڳوٺ ۾ منهنجي دل نه لڳي، بس ائين کڻي سمجهه ته
مون کي حيدرآباد نصيبن ۾ لکيل هئي جتي اڄ آءٌ رهان
پيو ۽ مون پنهنجو ادبي نالو ساحل رکيو. ٿڌو ساهه
کڻي آءٌ ڪجهه لمحا خاموشيءَ جي دنيا ۾ هليو ويس ۽
کٽ تي ويٺي ويٺي مونکي ننڊ اچي وئي، جڏهن رحمت مون
کي خاموش ڏٺو، هن سمجهيو ته شايد آءٌ ڄاڻي ڪري
خاموش ٿيو آهيان ۽ جنهن مهل هن مون سان ڳالهائڻ جي
ڪوشش ڪئي ته ڏٺائين آءٌ ته ننڊ پيو هئس ۽ هن مون
کي جاڳائڻ جي همت نه ڪئي ۽ پاڻ ٻي پاسي واري کٽ تي
سُمهي پئي.
ڪافي دير کان پوءِ منهنجي اک کُلي ۽ ڏٺم ته رحمت
زارو قطار روئي رهي هئي، سندس اکين مان لڙڪ ائين
وهي رهيا هئا جيئن سانوڻ رُت جي برسات پنهنجي
ڀرپور زور ۽ جوڀن سان وسي رهي هجي، جڏهن مون رحمت
کان سندس روئڻ جو سبب پڇيو ته چيائين: ”تنهنجي ڪري
مون پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏيا ۽ تنهنجي ڪري ئي مون
پنهنجي سئوٽ سان شادي ڪانه ڪئي ۽ هاڻي سوچيان پئي
ته تون مون سان شادي ڪندين يا اڪيلوئي رِڻ ۾ رولي
هليو ويندين.“
چيومانس: ”آءٌ ته پنهنجي پاڪ پروردگار کان اهائي
دعا گهرندو هئس، من ڪٿان مون کي رحمت ملي ۽ جڏهن
تون ملي آهين ته توکي روليندس ڪيئن ها، آءٌ توسان
ضرور شادي ڪندس.“
”پر خبر ناهي تون مون سان ڪڏهن شادي ڪندين، تڏهن
جڏهن منهنجا وار ڪارن مان ڦري اڇا ٿيندا.“
رحمت اهي لفظ جڏهن روئندي مون کي چيا، تڏهن مون
جواب ۾ چيو: ”پاڻ صبح جو سويرو ڪورٽ هلنداسين، اتي
هڪ وڪيل منهنجو دوست آهي، ان سان صلاح ڪري پوءِ
پاڻ ڪورٽ ميرج ڪنداسين.“
آءٌ ٻي ڏينهن رحمت کي وٺي وڪيل دوست جي آفيس پهتس
ته اتي منهنجي وڪيل دوست منهنجي شاديءَ جون
سموريون تياريون مڪمل ڪري ورتيون ڄڻ اسان جي پهچڻ
جي دير هئي.
پهچڻ شرط اسان جو نڪاح ٿيو ۽ آءٌ پنهنجي جان کان
وڌ پياري رحمت کي ڪار ذريعي وٺي گهر اچي رهيو هئس
ته اوچتو منهنجي ڪار جي هڪ ٽرڪ سان زوردار ٽڪر ٿي
پيو ان ٽڪر جي نتيجي ۾ چنڊ کان به سهڻي ۽ گلڙن کان
به پياري رحمت مون کان هميشه جي لاءِ ايترو ته پري
ايترو ته پري وٺي وئي جتان چاهيندي به اڄ ڏينهن
تائين ڪوبه انسان واپس ناهي موٽيو.
بس آءٌ گلڙن سان سجيل ڪار جي ٽٽل ڦٽل ڍانچي کي ان
ٽرڪ کي ۽ جان کان وڌ پياري رحمت کي ڏسندو هن نيري
آڪاش هيٺ تنها ۽ اڪيلو روئندو رهجي ويس. |