سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2023ع

باب:

صفحو:16 

 

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف سمون  (قسط 2)

راڄو ڳوٺ- سال

 

 

 

ڪراچي ون يونٽ کان اڳ ۽ پوءِ

 

هيءُ مضمون ۽ ڪراچي وارو دؤر هڪ قسط ته هلي چڪي آهي، پر يادون ۽ ڪراچيءَ جو ماحول اڃان اڻکٽ آهي، ڪراچيءَ جي پراڻن ماڳن ۽ وچ شهر ۾ لسٻيلو، گارڊن باغيچو، رڻڇوڙ لائن، رام سوامي پراڻا ماڳ هئا ۽ آهن. پراڻا سنڌي انهن علائقن ۾ اڌ اردو اڌ سنڌي ڳالهائيندي نظر ايندا هئا. سندن ٻوليءَ تي گهڻو اثر مڪرانين جي ٻولي، ميمڻ گجراتين جو ۽ گڏوگڏ اردوءَ جو اثر نمايان نظر ٿي آيو، 1971ع تي اليڪشن جو اعلان ٿيو اسان جي به طالب علميءَ وارو زمانو هو، هر چوٿين پنجين ڏينهن تي ڪونه ڪو نشتر پارڪ ۾ سياسي جلسو هوندو هو ۽ اسان جي حاضري پڪي هوندي. ان حوالي سان ملڪ جي مشرقي پاڪستان ۽ مغربي پاڪستان جي سڀني ليڊرن جو تقريرون ۽ جلسا ڏٺا. خبر پيئي اڄ شيخ مجيب الرحمٰن جو جلسو آهي، جنهن جا ان وقت 6 نڪتا وڏا مشهور هئا کيس باقي ليڊرن جي حيثيت سان وڏي شهرت مليل هئي سو اسان وڃي جلسي ۾ شريڪ ٿياسين. جلسي ۾ تعداد ماڻهن جو مناسب هو، پر گهڻو نه. جلسي جي شروع ۾ ئي هڪ پاسي کان هنگامو ٿيڻ لڳو ۽ جلسي کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، مون کي اها به خبر نه هئي ته اسٽيج تي شيخ مجيب سان ڪهڙا ڪهڙا ليڊر ويٺل هئا ۽ نه ئي انهن کي سڃاڻندو هئس اها خبر پوءِ پيئي ته شيخ مجيب الرحمٰن کان اڳ جي.ايم.سيد تقرير ڪري چڪو هو ته آئون ان وقت پهتس، جڏهن شيخ مجيب جو خطاب شروع ٿيو. البت شيخ مجيب الرحمٰن جي نالي کان واقف هئس، پر منهنجو ذهن صرف شيخ مجيب جي تقرير طرف هو، ويهه فيصد کن سنڌي ماڻهو به جلسي ۾ نظر آيا، جن تي خود مون کي ان وقت به حيرت ٿي. هنگامي جي شروع ۾ ئي شيخ مجيب تقرير کي روڪي هيءُ لفظ چيا جلسي ۾ هنگامو نه ڪريو نه ته چانگام جي پلٽن ميدان ۾ مغربي پاڪستان جو ڪو به ليڊر تقرير نه ڪري سگهندو. گهڻو پوءِ خبر پيئي ته جيئن هتي نشتر پارڪ جلسن جو اڏو آهي ته مشرقي پاڪستان ۾ پلٽن ميدان وڏو اڏو ۽ مرڪز هو.

جلسو ختم ٿيو آئون بي خبر هاڻي جلسي کان ٻاهر نڪري وڃڻ لڳس ته هڪ بنگلي جي گيٽ وٽ پوليس ۽ ڪجهه سنڌي ماڻهن کي مزاحمت ڪرڻ سان گڏ شيخ مجيب الرحمٰن کي ڏٺم، تيئن ويجهو کيس ڏسان ته پوليس هڪ شخص کي گرفتار ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهي هئي، پوڙهو مڙس مڇيون ڪُنڍل رنگ جو ڳورو اکين ۾ ڪاوڙ جو اظهار پاسي ۾ جي.ايم.سيد، شيخ مجيب الرحمٰن، سيد ظفر علي شاهه ڊڀري وارو ۽ ڪجهه ٻيا هئا، پوليس نيٺ مزاحمت جي باوجود صرف ان هڪ کي گرفتار ڪري ورتو ۽ جي.ايم.سيد جا اهي لفظ جيڪي هُن مجيب الرحمٰن کي چيا، شيخ صاحب اوهان حالتن کي خود ڏسو. صبح جو جنگ اخبار ۾ پڙهيم ته حيدربخش جتوئي گرفتار ٿي ويو پوءِ خبر پيئي ته اهو بنگلو حيدر منزل هو.

1969ع ڌاري منهنجو هڪ دوست جيڪو مون سان گڏ پڙهندو هو، قاري فيض الرحمٰن پٺاڻ هو. لائٽ هائوس بندر روڊ تي ان علائقي ۾ ميمڻ آبادي آهي، پر پوري محلي کي ٺٽائي ڪمپائونڊ چوندا آهن يعني ٺٽي وارن جو ڪمپائونڊ. شام جو مغرب نماز پڙهي فارغ ٿيس آئون ۽ اُهو امام مولانا فيض الرحمٰن جيڪو اڃان مدرسي جو طالب العلم هو ان سان ماڻهو ملي رهيا هئا. آئون به ساڻس گڏ هئس ته هڪ پوڙهو اَڀرو ڪمزور ان هٿ ملايو تڏهن مون واري دوست کيس چيو سائين هيءُ به سنڌي ماڻهو آهي. پوڙهي وڏي محبت سان مون سان نه صرف ڳالهايو، پر ڄڻ مون کي جهلي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آئون کانئس ڇڏائي هلڻ لڳس. پوڙهي صرف ايترو چيو ته بابا آئون به سنڌي آهيان اوهان ڪير ڪٿي جا آهيو، پر مون کيس نه صرف جواب پر ڳالهائڻ به پسند نه ڪيو ۽ هو محبت ڀرئي جذبي سان ليلائيندو رهيو ڇو ته ان علائقي ۾ اڄ به ڪو سنڌي نه آهي. مسجد جي پويان هڪ وڏو مناسب علائقو هو جنهن ۾ سندس مناسب گهر هو جيڪو مون پوءِ ڏٺو. خير آئون پنهنجي دوست سان گهمڻ ڦرڻ هليو ويس. هيءَ 1969 جي جي ڳالهه آهي ٻن ڏينهن کانپوءِ ان مولوي صاحب مونکي ٻڌايو ته سائين اُهو پوڙهو وڏو ماڻهو آهي ته چيائين اُهو نماز پڙهڻ لاءِ نڪتو پوءِ گم ٿي ويو آهي. ريڊيو ۽ ٽي.ويءَ تان بار بار اعلان پيو ٿئي ته جنهن کي به ملي هن مسجد ۾ کيس پڄايو وڃي انهن ڏينهن ۾ ريڊيو زياده ٻڌو ويندو هو. ٽي.وي نه هجڻ جي برابر هئي. ريڊيو کوليم ته اعلان ٿي رهيو هو ته تحريڪ آزادي ۽ تحريڪ خلافت جو عظيم رهنما شيخ عبدالمجيد سنڌي ذهني عدم توازن جي ڪري گم تي ويو آهي. پيريءَ ۽ وڏي عمر جي ڪري هن کان رستو گم ٿي ويو آهي. جيئن ته منهنجي سياسي ۽ تاريخي ڄاڻ نه هئڻ جي برابر هئي اڄ سوچيان ٿو ڪهڙي وڏي عظيم شخصيت هئي افسوس جو ان سان رهاڻ نه ڪري سگهيس نه ته منهنجو روز ان طرف وڃڻ ٿيندو هو. چند مهينن کانپوءِ ڪراچيءَ جي نشرپارڪ ۾ خان عبدالولي خان جو جلسو هو جنهن ۾ ولي خان پنهنجي خطاب ۾ اُٿندي چيو ته اڄ مونکي فخر آهي جو آئون شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي صدارت ۾ جلسي کي خطاب ڪري رهيو آهيان. شيخ عبدالمجيد خود به بهترين تقرير ڪئي جڏهن ته تمام ضعيف ۽ پوڙهو ٿي چڪو هو. جلسو تمام وڏو هو پٺاڻ پٺاڻ جي ذات لٿل هئي، مون کي ياد آهي ته شيخ عبدالمجيد شروع ۾ ٽي هيءُ لفظ ادا ڪيا. اڄ هن عظيم جلسي کي ڏسي مونکي تحريڪ خلافت جو زمانو ۽ اُهي جلسا ياد اچي رهيا آهن تڏهن مون کي خبر پئي ته هيءُ ڪو وڏو شخص آهي. ياد رکڻ گهرجي ته شيخ عبدالمجيد ولد ليلارام نئون مسلمان ٿيو. ٺٽي جو رهاڪو هو. شاهنواز ڀٽي کي لاڙڪاڻي مان شڪست ڏنائين. ڊاڪٽر بلوچ، عبدالحميد جتوئي سندس پولنگ ايجنٽ هئا. خير بحيثيت طالب العلم جي ڪراچي جي نه پر پوري هند پاڪ جي علمي دنيا جي مشهور مدرسه مظهرالعلوم ۾ وڃي دوره حديث ۾ داخلا ورتي. ڪراچيءَ جي پراڻي آبادين ۾ کڏي مارڪيٽ کي وڏي اهميت حاصل آهي. مولانا محمد صادق جي والد پوءِ ٺٽي جي ڪجهه سنڌي عالمن گڏجي هن مدرسي جو بنياد رکيو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي مدرسي جي پاسي ۾ يتيم خانو آهي انوقت يتيم خاني جي وڏي عمارت ۾ يتيم ٻارن جي پرورش تعليم ۽ سار سنڀال ٿيندي هئي، هن يتيم خاني جو باني ملڪ جو وڏو سيٺ تحريڪ پاڪستان جو باني مباني سر عبدالله هارون هو، جيڪو ملڪ جو وڏو مخير سرمايدار ميمڻ ڪميونٽي جو فرد هو. موجوده عبدالله حسين هارون جو ڏاڏو هو. ڪراچيءَ جو وڏو انڊسٽريلسٽ هو. يتيم خاني پاسي ۾ عبدالله هارون وڏو ڪاليج آهي جيڪو ان وقت پرائيويٽ هو، جنهن جي يتيم خاني جو خرچ به هارون فيملي ڀريندي هئي. ياد رکڻ گهرجي ته لينن ايوارڊ يافته فيض احمد فيض به هن ڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو ان جي پاسي هڪ وڏي عيدگاهه هئي ۽ آهي گويا هيءُ چار ئي عمارتون ۽ جايون ڪراچيءَ جو ماضي ۽ تعارف آهن، جيڪي اڄ تائين قائم آهن ۽ وڏن اڪابرن جي ياد ڏياري رهيون آهن.

مدرسو مظهرالعلوم برصغير جو اهو مدرسو آهي، جيڪو تحريڪ آزادي ريشمي رومال تحريڪ ۽ تحريڪِ خلافت جو مرڪز رهيو آهي جمعيةالعلماءِ هند ڪانگريس جي ليڊرن جو مرڪز رهيو. هن مدرسي ۾ مهاتما گانڌي، ابوالڪلام آزاد، حسرت موهاني، مولانا امروٽي، پيررشيد الدين راشدي، عبيدالله سنڌي، دين محمد وفائي، جي.ايم.سيد، پير علي محمد راشدي ۽ اهڙيءَ طرح هندستان جي ڪيترن عالمن ۽ سياستدانن جي ميزباني ڪري چڪو آهي. ان کانسواءِ نه ڄاڻي اهي سربراهه ڪيتريون گڏجاڻيون ڪري چڪا آهن جن جو تاريخي ريڪارڊ نه صرف ڪتابن ۾ پر مدرسي جي ريڪارڊ ۽ لائبريريءَ ۾ به موجود آهي. مدرسي جو مولانا محمد صادق کڏي وارو هو جيڪو شيخ الهند جو مايه ناز شاگرد هو. جنهن جي نالي سان ”الصادق“ رسالو سندس پوٽي محمود حسن جي ادارت ۾ اڄ تائين نڪرندو آهي، مولانا محمد صادق ريشمي رومال تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ جنود ربانيه جو اهم عهديدار هو ۽ انگريز سرڪار کي گهربل هو. سندس متعلق ڪجهه ريڪارڊ انڊيا آفيس لائبريري ۾ به آهي، هيءُ مدرسو گهڻي حد تائين مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي فڪر ۽ سوچ جو امين آهي. حالتن جي ڪري اهو ماحول ته نه رهيو آهي، پر هيءُ بزرگ اڃان ان فڪر جي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا، ليمارڪيٽ، چاڪيواڙو، نانگا لائن، ڪلري، کڏو مارڪيٽ، ڪنڀار واڙا، آگره تاج، موسيٰ لين ۾ مڪراني بلوچن جو وڏو زور هو، پر ڪراچيءَ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ جي ڪري اُهو ٺاٺ ٺوٺ هاڻي محدود ٿي ويو آهي. مهاجرن ۽ پٺاڻن جي آمد جي اڻ کٽ سلسلي ڪراچيءَ جو رخ سونهن سوڀيا، ڪلچر، امن سڀ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ايتريقدر جو ڪيتريون مسجدون پراڻن سنڌين جي نالن تي هيون انهن جا نالا به هاڻي تبديل ٿي ويا آهن. آئون مدرسي مظهرالعلوم کڏي ۾ پڙهندو هئس، پر رهائش لسٻيلي ۾ هوندي هئي، لسٻيلي مان مراد بلوچستان وارو لسٻيلو نه پر ڪراچيءَ جو مشهور علائقو گارڊن باغيچي کان پهريائين چون ٿا ته هتي لسٻيلي جي نواب جو بنگلو هو 1968ع ۾ به هو ان لاءِ ان نالي سان اهو علائقو مشهور ٿي ويو.

مدرسي جي طالب العلم جي حيثيت سان ديني رحجان گهڻو هو. عالمن جي زيارت ٿيندي رهندي هئي سياست سان نه شوق نه شغف ۽ نه ئي ڪا ڄاڻ سڃاڻ، ها پر آئون ڪنهن حد تائين اخبارن جي پڙهڻ ڪري نالن ۽ جماعتن کان واقف هئس. ان لاءِ چند عالمن جو ذڪر جيڪي ان وقت حيات هئا هاڻي ته سڀ ويچارا دارالبقاء ۾ آباد آهن.

مولانا محمد يوسف بنوريؒ شيخ الحديث جامعه اسلاميه بنوري ٽائون اهل علم محدث هو. مولانا انور شاهه ڪشميريءَ جو شاگرد هو جيڪو برصغير جو وڏو محدث عالم هو. سنڌ جو پير سرهندي، حضرت پير غلام رسول جان سرهنديؒ به محدث انورشاهه ڪشميريءَ جو شاگرد هو.

اهڙيءَ طرح مفتي اعظم مفتي محمد شفيع مفسر معارف القرآن جن به قيدِ حيات هئا اسان جو استاد حافظ محمد اسماعيل صاحبزادو مولانا محمد صادق وڏو ذهين عالم هو اهڙي طرح مولانا عبيدالله چانڊيو پوليس لائن ۾ خطيب هو ۽ کڏي واري مدرسي ۾ استاد حديث هو. مولانا الهه ورايو بروهي ٺٽي ڇتي چند جو رهاڪو هو. مدرسي جو ناظم هو گڏوگڏ بهترين صحافي هو. تازو ڪراچيءَ مان ”الصادق“ رسالي وارن مولانا الهه ورايو بروهي نمبر شايع ڪيو آهي جنهن ۾ هن احقر جو به مضمون آهي گويا ان وقت ڪراچيءَ ۾ ڄاتل سڃاتل صرف هڪ عالم هو جڏهن اردو ۽ پشتو ڳالهائڻ مٿين بزرگن کانسواءِ به تمام گهڻا هئا جن جو ذڪر ضروري نه ٿو سمجهان. اهڙي طرح بريلوي مڪتبه فڪر وارن جو به شهر ۾ عام ماڻهن تي مذهبي اثر تمام گهڻو هو. ايتريقدر جو 1970 واريءُ اليڪشن ۾ ڪراچيءَ مان 7- يا 8 سيٽون مهاجر کڻي ويا، پي.پيءَ جي حصي ۾ صرف ٻه سيٽون آيون هڪ ڀٽو صاحب خود ٻيو عبدالحفيظ پيرزادو باقي سيٽون مهاجر کڻي ويا. جن جو سربراه مولانا شاهه احمد نوراني هو. مولانا نوراني هڪ وضعدار مهان نواز عالم هو. ڪيترا ڀيرا ساڻس نه صرف ملاقات، پر گڏ خُرد و نوش جو به موقعو مليو. مولانا غير متعصب سنڌين سان محبت ڪرڻ وارو عالم ۽ مبلغ هو- 1970ع واري اسيمبليءَ ۾ حزب اختلاف جي طرف اسيمبليءَ جو وزير اعظم جو اميدوار هو. اپوزيشن کيس ووٽ ڪيو. مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي کي بنا مقابلي جي ڪامياب ٿيڻ جو موقعو نه ڏنائون. ياد رکڻ گهرجي ته انوقت اپوزيشن ليڊر ولي خان بن بادشاهه خان هو. سندس جماعت جو نالو جميعة العلماء پاڪستان هو. پوءِ اها سندس حياتي ۾ ئي ٻن ڌڙن ۾ تقسيم ٿي ويئي.

اهڙي طرح علامه عبدالمصطفيٰ ازهري، (ميمبر قومي اسيمبلي) مفتي سيد شجاعت علي قادري مولانا محمد حسن حقاني سڀ پارليامينٽ جا ميمبر هئا.

مولانا سيد شجاعت علي قادري دارالعلوم امجديه ۾ استاد هو مون به کانئس فيض پرايو. پوءِ پاڻ جلدي نظرياتي ڪائونسل جو ميمبر ۽ شريعت ڪورٽ جا جج ٿي ويا، هڪ سرڪاري وفد ۾ نمائندگي ڪرڻ لاءِ ملائيشا ويل هئا جتي سندس انتقال ٿي ويو. 11 صديءَ جي سنڌي عالمن تي ڪراچي جامعه مان مقالو لکي سنڌ جي خدمت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيو. اصل رامپور انڊيا جو رهاڪو هو. اسلامي شريعت ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي شرعي حيثيت بابت فيصلو سيد شجاعت علي قادري تحرير ڪيو هو.

ڪراچيءَ وارن ڏينهن ۾ عالمن بزرگن کي ڏسڻ وائسڻ شريڪ مجلس ٿيڻ جو وڏو موقعو مليو ڇو ته مدرسي سان وابستگي هئي. ڪراچي وارن انهن ڏينهن ۾ يعني 1970 کانپوءِ مدرسي مان فارغ التحصيل ٿيڻ سان گڏ مئٽرڪ، انٽر، ۽ بي.اي جو امتحان ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيم. اهو سمورو رحجان ڪراچي ۽ پنهنجن استادن مان مليو. خاص طور چار پنج عالم قومي اسيمبليءَ جا ميمبر ٿيا. ست- اَٺ صوبائي جا ميمبر ٿيا. ديني رحجان وڌڻ لڳو پيپلزپارٽي سان مهاجرن کي نفرت هئي ۽ نه ئي سندن ووٽ هو.

اهڙيءَ طرح چار جماعت اسلامي جا ميمبر متخب ٿيا اهو ائين ٿيو ته ڪراچيءَ وارن پيپلز پارٽيءَ جي مقابلي ۾ مهاجرن يا غير سنڌي ماڻهن کي خاص طور تي مذهبي ماڻهن کي منتخب ڪيو اها روايت ڪراچيءَ جي اڃان تائين جاري وساري آهي. ڪراچيءَ وارن ڏينهن ۾ جيئن ته منهنجو تعلق به مذهبي طبقي سان هو اُن ڪري عالمن جي جلسن ۾ اچڻ وڃڻ گهڻو ٿيندو هو جن عالمن جي تقريرن ٻڌڻ جو موقعو مليو آهي بالڪل نه صرف ڪراچي بلڪ پوري پاڪستان جا وڏا عالم هئا. گرومندر کان سينٽرل جيل ڪراچي واري روڊ جو نالو جمشيد روڊ آهي. جمشيد سروانجي 1922ع ۾ ڪراچيءَ جو شايد پهريون ميئر هو، جنهنجي نالي تي اهو روڊ آهي. انگريز عهد جو هڪ وڏو بنگلو هو جنهن تي هڪ بورڊ لڳل نظر ايندو هو جنهن تي صرف نالو لکيل هو ”حسام الدين“ خبر پئي ته هيءُ پير حسام الدين راشدي مرحوم جو بنگلو آهي اهڙي طرح گرومندر جي بالڪل پاسي ۾ هڪ سوسائٽي آهي جنهن کي ان وقت شڪارپور ڪالوني چوندا هئا. جتي شڪارپور جي سومرن جا ٻه چار بنگلا هئا، جن ۾ هڪ ۾ شهيد الهه بخش سومري جو پٽ رهندو هو جنهن سان هڪ دفعي ملاقات به ٿي. غرض اهو ته 1970ع ۾ اليڪشن ٿي پاڪستان ۾ پيپلزپارٽي کٽي ويئي ۽ مشرقي پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمٰن جي جماعت عوامي ليگ کٽي ويئي، آخر نتيجو وڃي ملڪ جي تقسيم تي پهتو جهن جي ٽٽڻ جو ڪراچيءَ جي مهاجرن کي ڪافي ڏک ٿيو جن ۾ اسان به شريڪ هئاسين.

 

 (هلندڙ)

 

امير علي فقير

حيدرآباد

 

 

 

مخدوم نويدالزمان جون يادگيريون

 

سائين مخدوم نويدالزمان ’نويد‘ صاحب (1965- 2014ع) پنهنجي ڀرپور سماجي زندگي گذاري نه وڃڻ جي ڄمار ۾ اسان کان جدا ٿي ويا. مخدوم خاندان جي هن نونهار شهزادي جي ڪردار ۾ نه صرف مخدوم خاندان جا سڀ گُڻ موجود هئا، جن ۾ مخدومي ادب شاعري موسيقي مهمانوازي ۽ سياسي  شعر اهم آهن، پر سندس ڪردار مان سنڌ سان ۽ سنڌي سماج سان پيار جا انمول موتي به ڇلڪيا ٿي. لباس کان وٺي، روايتن تائين پاڻ سنڌي سماج جو هڪ معتبر ڪردار هو، الله پاڪ سندن اڳئين جهان ۾ به حامي ۽ ناصر هجي.

        هن مضمون جو ليکڪ محترم فقير امير علي ولد رمضان علي ولد خانصاحب خيرمحمد خان علمِ موسيقي جي جهان جو ڄاتل سڃاتل نالو آهي، خانصاحب خير محمد عرف خيرو خان، سنڌي ڪلاسيڪي گائڪي ۽ خاص طرح ’ڪافي‘ ڳائڻ واري گوين ۾ پنهنجي دؤر جو ڄڻ ته بي تاج بادشاهه هو، سندس شاگردن جي لسٽ تمام وڏي آهي، پر جڏهن نالو ايندو ”جيوڻي ٻائي“ جو، استاد شادي فقير حويلي/ڇور واري جو يا خانصاحب دين محمد مڱڻهار جو ته پوءِ هڪ هڪ جي ذڪر لاءِ گهڻو وقت گهرجي، شادي فقير سان ته مختلف محفلن ۽ ڪچهرين کانسواءِ اسان جي اوطاق تي ڪيئي راتيون راڳ ٻڌندي گذريون ۽ شفيع فقير جهڙو ڀلوڙ راڳي سندس تسلسل آهي، اهڙي طرح خانصاحب دين محمد مڱڻهار پڻ ڪيترا دفعا سندس فرزند لياقت پلي سان گڏ مهرباني ڪري اچي اسان وٽ رهاڻيون رچايون. استاد دين محمد جڏهن ’جڀيا تان‘ هڻندو هو، ته حيرت جي حد ئي رهندي هئي. موسيقي جي هن آباد گلستان ۾ ٽڙي، ڦولارجي مهڪ ڏيندڙ استاد امير علي سندس والد ۽ سندس ڏاڏي سائينءَ جون سڪون لاهڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، هو گائڪ ۽ موسيقار ته آهي ئي پر بهترين ’ٽريننگ ماسٽر‘ پڻ آهي، موسيقي جي جهان ۾ ڪيترائي سهڻا شاگرد پڻ تيار ڪيا اٿس.

        حضرت منٺار فقير جي ڪافين موسيقيءَ جي علم موجب ڪتاب ’منٺار سُرتار‘ ۽ قبله سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين جي ڪتاب ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘ جو موسيقيءَ جي سُرن، ڌُنن تي پڻ هڪ مڪمل ڪتاب تيار ڪيو اٿائين.

        استاد امير علي گهڻو وقت سائين نويدالزمان جي خدمت ۾ رهيو، قبله سائين شاعر ته هئا ئي، پر علم موسيقي سان سندن خاص شوق ۽ شغف هو، سندن خدمت ۾ ڪافي فنڪار رهيا، انهن مان امير علي پنهنجون يادون تحرير ڪري اداره ’مهراڻ‘ کي موڪليون آهن، هنن يادگيرين جي خاص ڳالهه سادگي، سچائي ۽ منظرنگاري وارو پهلو آهي، جنهن مان ليکڪ جو مخدوم صاحب جن عشق ۽ عقيدت بکن ٿا، امير عليءَ هيءُ يادگيريون لکي پنهنجي محسن سان وفادريءَ جو حق نباهيو آهي.

هن کان اڳ ۾ اسين’مهراڻ‘ (1/2022ع) ۾ سائين نويدالزمان ’نويد‘ جي شخصيت تي هڪ تعارفي مضمون شايع ڪري چڪا آهين. (اسد جمال)

(1) ڪچهريءَ جو احوال:

1982ع ۾ منهنجي پهرين ملاقات اسان جي گهر شاگرد پپو شيديءَ جيڪو مخدوم سائينءَ جن جي خاص حاضريءَ جو خادم. اُنهي مرحوم حضرت نويدالزمان المعروف نوح سائين جن سان ڪرائي. هيءُ زمانو سنڌ ۾ راڳ جو هڪ وڏو جنون تاري هو. پهرين مُلاقات هالا شهر ۾ ٿي. پوءِ پاڻ اسان کي گاڏي ۾ گڏ ويهاري ۽ هالا حويلي واري دروازي سان لڳ پهريدارن واري ڪوٺيءَ سان لڳ نوحؒ سائين جن جي اوتاري ۾ وٺي آيا. هن اوتاري ۾ ڏاڍا خوبصورت نسلي گهوڙا ۽ نسلي ڪُتا، مور ۽ ڪجهه پرندا رکيل هئا. اهو ديدار ڪرائي پوءِ پاڻ اَٺاس واري بنگلي ۾ پاڻ سان گڏ وٺي آيا. اَٺاس بنگلي ۾ داخل ٿيندي ئي ساڄي هٿ سان وڏن سائين حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جو بنگلو هو ۽ کاٻي هٿ تي لائن ۾ ٺهيل ڪمرا تن مان سڀ کان اوريون بنگلو حضرت مخدوم نويد سائين اُن جي پاسي کان مرحوم مخدوم شفيق الزمان ۽ مخدوم سعيدالزمان جن جو بنگلو هو. اسان نويد سائينءَ جن جي ڪمري ۾ وڃي ويٺاسين ۽ ڪجهه دير کانپوءِ نوڪرن سائين جن جي حڪم سان 2 هارمُونيم اچي رکيا. ٻئي هارمونيم خرج ميل جا هئا، هڪ هارمونيم ناسي ڪلر ۾ ٻيو هارمونيم سائز ۾ عام هارمُونيم ۾ سڀ کان وڏو ۽ تمام خوبصورت ٺهيل هو پوءِ پاڻ ٻڌايائون ته هي وڏو ۽ ڪارو هارمُونيم حضرت مخدوم طالب الموليٰ جن خاص بمبئي مان آرڊر ڏئي ٺهرائي وٺي آيا هئا ۽ آخر ۾ هي هارمُونيم نويد سائين جن کي گفٽ طور ڏنو هو. انهيءَ دؤر ۾ هالا خيبرائي پيٽرول پمپ تي مرحوم عبدالڪريم ميمڻ مرحوم ساقي ابڙي ۽ غلام هالائي جي تعاون سان راڳ سکيا لاءِ هڪ ادارو کوليو ويو هو، ’لئي سُرتال‘ جي نالي سان پوءِ انهيءَ ميوزيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ ڪڏهن ڪڏهن نويد سائين پکا پير تي ايندي ويندي اسان وٽ اچي ويهندا هئا ۽ انهيءَ دؤر ۾ نويد سائين جن کي مون هارمونيم جي تربيت ڏيڻ شروع ڪئي ۽ پوءِ ته قصو تمام وڌي ويو ۽ سائين جن گهڻو وقت اسان جي اداري ۾ صرف ڪرڻ لڳا. ڪڏهن ڪڏهن مرحوم سيد علي احمد شاهه، سيد محمد شاهه ۽ خاص ڪري سائين جن جو خاص خادم هوت فقير، جيڪو پڻ سائين جن جو خاص ڊائيور هو. ۽ پپو شيدي ڏينهن جا ڏينهن راتين جون راتيون ڪڏهن سائين جن اسان جي هلندڙ اداري ۾ ته ڪڏهن اسان راتين جون راتيون سائين جي بنگلي تي حاضري ۾ پيا هلندا هئاسون. سائين نويد جن انهيءَ عرصي ۾ هارمُونيم تي وڏي مهارت پڻ حاصل ڪري چُڪا هئا. هڪ ڏينهن اُستاد معراج حسين المعروف راجو خان ڪٿڪ، پپو شيدي،  هوت فقير اسان کي گڏ ڪري پاڻ مرحوم پير مخدوم اعجاز سائين جن وٽ وٺي ويا. مخدوم اعجاز سائين (مخدوم پير بدر حسين جو والد محترم) وٽ هُن دؤر ۾ هڪ ميوزيڪل لائبري هئي. مخدوم اعجاز سائين به تمام خوبصورت شخصيت جا پڻ مالڪ هئا، کين هاف آستين واري شرٽ نما قميص ۽ هيٺ شلوار پاتل هئي ۽ ڪچهري ڪندي نويد سائين جن اعجاز سائين جن کي منهنجو مڪمل تعارف ڪرايو ۽ پوءِ اعجاز سائين ڪيسٽ لڳائي ۽ مون کان پڇيو ته لتا جو هي ڳايل گانو ڪهڙي راڳ ۾ آهي. منهنجي صحيح جواب ڏيڻ تي تمام گهڻو خوش ٿيا ۽ راڳ جي محفل شروع ڪرايائين ۽ پاڻ مونسان گڏ گهاگهرو وڄائي محفل مچائي ڇڏي. انهيءَ وقت مخدوم اعجاز سائينءَ جو وڏو فرزند مرحوم مخدوم مٺو سائين ۽ مخدوم پير بدرالمعروف پپو سائين جن به ننڍا هئا. محفل جي آخر ۾ مرحوم نويد سائين جن پڻ هارمُونيم جي سولو وڄٽ ڪري وڏو داد حاصل ڪيو. پوءِ محفل جي اختتام تي مرحوم اعجاز سائين مون کي هلندڙ اداري لاءِ هڪ آڪارڊيين. هڪ طبلي جي جوڙي ۽ هڪ پڪواز تحفي طور ڏيڻ جي عنايت ڪري ٿورائيتو ڪيو. هلندڙ محفل جي وچ ۾ مرحوم اعجاز سازن جو آواز ٻڌايو ۽ مون کان پڇيائون ته هي آواز ڪنهن جو آهي. سڃاڻين ٿو. مون بي ساخته چيو ته هي آواز شايد مهدي حسن خانصاحب جو آهي تنهن تي پاڻ ٽهڪ ڏيندي وراڻيو ته هيءُ آواز وڏي سائين حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو آهي. مون کي وڏي خوشي به ٿي ۽ سوچن ۾ ٻُڏي ويس ته وڏن سائين جو اهڙو اُتم آواز آهي. خيرن جو محفل ڪري واپس آٺاس واري بنگلي تي اچي محفل مچائينداسون.

(2) هڪ دلچسپ واقعو:

قبلا نويد سائين جن کي هارمُونيم سان گڏ علم موسيقيءَ جو هڪ ڏکيئي ۾ ڏکيو (Subject) علم ڳڻپڪاري ۾ هڪ سال جي اندر اندر پاڻ وڏي مهارت حاصل ڪري چڪا هئا. اسانجون ڪچهريون تن ۾، ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون گذري وينديون هيون. هڪ رات نويد سائين جي ڪمري ۾ محفل متل هئي ته اوچتو مرحوم شفيق الزمان صاحب جي حاضري واري نوڪر حاضر ٿي ۽ نويد سائين جن کي عرض ڪيو ته اوهان جي هُن محفل جو لُطف وٺڻ لاءِ قبلا شفيق سائين جن اچڻ چاهين ٿا تنهن تي نويد سائين جن کي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ پاڻ فرمايائون ته اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي ۽ اسين انتظار ۾ آهيون ڪجهه گهڙيون گذرڻ کانپوءِ قبلا سائين شفيق سائين جن جنهن مهل محفل ۾ آيا ته سڀئي سائين جن جي احترام ۾ اُٿي بيهي رهياسون. اُنهن ئي ڏينهن ۾ 500 سؤ ۽ هزار جا نوٽ متعارف ٿي چُڪا هئا. سائين قبلا شفيق سائين جن اُنهن ڏينهن ۾ هلندڙ هڪ مشهور اُردو گيت ”نئے کپڑے بدل کر جاؤں کہاں، اور بال بناؤں کس کے لئے ٻڌڻ جي فرمائش ڪيائون. پاڻ ويٺا ڪونه بيٺي چيائين ته هيءُ گيت ٻڌايو. مون سندن فرمائش جو احترام ڪندي هيءُ غزل ڳايو. گيت ٻڌڻ کان پوءِ پاڻ هٿ هلائيندي ۽ پنهنجي بيٺڪ ڏي واپس اُسري ويا ۽ اسان پنهنجي محفل وري شروع ڪري ڏني ٿوري  ئي دير ۾ قبلا سائين مخدوم شفيق الزمان صاحب جن جو خاص خادم آيو ۽ نويد سائين جن کي وڏي ادب ۽ احترام سان عرض ڪيائون ته محترم شفيق الزمان صاحب جن اُستاد امير علي لاءِ هيءُ انعام طور لفافو موڪليو آهي جڏهن اُهو لفافو مون کولي ڏٺو ته هُن ۾ منهنجي حوصله افزائي لاءِ 10 نوٽ 5،5 سؤ جا 5000 انعام طور سائين جن موڪليو. اهڙي طرح اها قدر شناسائي ۽ سامهون راڳ پيش ڪرڻ جي مون کي سعادت نصيب ٿي.

(3) خوبصورت اڳڪٿي:

انهيءَ زماني ۾ قبلا نويد سائين ۽ منهنجي ايتري ته ويجهڙائي ٿي پئي جو جهڙو روزانو نويد سائين جن کان سواءِ منهجي به ڪانه سرندي هئي جيڪڏهن مان حيدرآباد گهر ڏي اچي ويندو هوس ته گهران گهرائڻ لاءِ سائين جو ڊرائيور مرحوم هوت گاڏي ۾ ويهاري سائين جن آڏو پيش ڪري ڇڏيندو هو. جيڪڏهن سائين جن حيدرآباد ايندا هئا ته هُن زماني ۾ سائين جن جو بنگلو لطيف آباد 2 نمبر تي هوندو هو پوءِ ڪڏهن هالا ته ڪڏهن حيدرآباد واري بنگلي ۾ پيون محفلون سجنديون هيون، هن محفل ۾ گهڻو ڪري. مرحوم اُستاد رشيد خان، اُستاد مرحوم نصرت حسين، مرحوم اُستاد منور علي خان (طبله نواز) مرحوم ڌڻي بخش مڱڻهار، عاشق علي مگسي امان الله مڱڻهار، اُستاد محمد خان ڍولڪ نواز، مرحوم اُستاد علي نواز خان (سولو هارمُونيم) نواز ۽ ٻيا به موسيقي وارا گهڻي ڀاڱي ڪچهرين ۾ موجود رهندا هئا. حيدرآباد واري بنگلي ۾ هلندڙ محفل بند ڪري ۽ حڪم فرمايائون ته يار سجي کائڻ جو موڊ ٿي پيو آهي. پاڻ اهڙي طرح نئين ورتل پيجارو جيپ ۾ اچي ويٺا پوءِ سائين جن سان گڏ ڊرائيور هوت عاشق مگسي، حسين فقير مگڻهار ۽ مان گاڏي ۾ ويٺاسين ته اوچتو سائين جن هوت ڊرائيور کي حڪم ڏنو ته اڄ گاڏي مان پاڻ هلائيندس ۽ موذي به ماري اينداسين. اهڙي طرح سائين مون کي حڪم ڏنو ته اُستاد توهان مونسان گڏ اچي ويهو. سائين گاڏيءَ وڏي اسپيڊ سان ڊوڙائي خيبر کان ٽنڊي آدم واري روڊ تي 120 جي اسپيڊ ۾ اوچتو بريڪ هڻي چيو ته بلا. وري هڪ سيڪنڊ ۾ گاڏي پوئتي ڪري ٻه ٽي دفعه گاڏي اڳتي پوئتي ڪري گاڏيءَ مان هيٺ لٿا ڏسون ته ٽائرن هيٺيان هڪ بلا جنهن جو پورو جسم چيپاٽجي ويو، پر وات کليل هو. اوچتو مون کي چيائون ته اهڙي ڪا شيءِ کڻون جنهن سان هن بلا جو منهن ڀڃي سگهون. مان به پنهنجا جهڙا حواص وڃائي ويهي رهيو هوس ته مون ڇا ڪيو، جو هڪ صفا ننڍڙي ۽ نازڪ ڪاٺيءَ وارو ڪانو سائينءَ جن کي ڏنو. سائينءَ جن کلندي فرمايو ته هي ڪاٺيءَ سان بلا جو مُنهن ته ڪونه ڀڃندو باقي هن ڪانو کڻي هُن بلا کي کارائي ٿا ڇڏيون پوءِ ته اچي ٿا سڀ کلن. پاڻ کلندي کلندي چيو ته اهو هو مُوذي هاڻ جلدي گاڏي ۾ ويهون. پوءِ گاڏيءَ جي ٽائرن سان کڻي مُنهن چيپاٽيون ٿا. اهڙي طرح نويد سائين جن جي ڪيل اڳڪٿي يعني اڄ هلي موذي ٿا ماريون. سا اکين سان ڏٺيسون.

(4) ديدار حضرت مخدوم محمد زمان طالب موليٰ:

منهنجي گهراڻي جو علم موسيقيءَ واري لحاظ کان وڏڙن جو تعلق وڏين وڏين راڄ ڌانين جي رڄواڙن سان رهيو هو. اسان جا بزرگ گائڪ  راڳي ۽ وڏا وڏا وڄوتڪار ننڍين ۽ وڏين رياستن جي راجائن وٽ پڻ ملازم رهيا پوءِ انهن راڄواڙن جي ادب ۽ آداب جا قصا پڻ ننڍي هوندي کان ٻڌندا آياسين، پر اکين سان اُنهن جي تصوير هالا ۾ ڏٺي ۽ ٻڌي سون هالا شريف جي حويلي واري ڪوٽ ۾ سواءِ مخدوم صاحبن جي اُتي آيل مريد خادمن عقيدتمندن ۽ ان کان علاوه ڪوٽ جي دروازي ۾ داخل ٿيندڙن جا مٿا اُگهاڙا نه، پر مٿن تي ٽوپيون يا رومال ٽوال سان مٿو ڍڪي داخل ٿيندا هئا. اُنهي زماني ۾ اسان پنهنجي سائين مخدوم نويد سان گڏ موجود هئاسين ته اوچتو خبر پئي ته اڄ فوجي ڊڪٽيٽر ضياءالحق  قبلا مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سان ملاقات لاءِ هالا حويلي اچي رهيو آهي، پر انهي آمر سان وڏا قبلا سائين جن مُلاقات جو شرف هن چيف آرمي اسٽاپ کي نه ڏنائون، ۽ اهڙي طرح ڪجهه دير کانپوءِ هي آمر فوجي ڊڪٽيٽر پنهنجي قافلي سان واپس روانو ٿي ويو.

وڏن سائين جن جي دؤر ۾ اولاد جو صبح شام سلامي وارو رواج ۽ خاص ڪري آچر واري ڏينهن تي نمبر وائيز فرزندان سلامي تي حاضر ٿيندا هئا. هڪ ڏينهن نويد سائين جن مون کي سائين جن جي ديدار شريف لاءِ ٽائيم وٺي آيا. اهڙي طرح مخدوم نويدالزمان ۽ مان ٻئي گڏجي اٺاس واري بنگلي ۾ داخل ٿياسين، اندر سائين جن جي فرشي نشست ۽ پاسي واري ڪنڊن تي سيد علي احمد شاهه مرحوم ۽ سائين جن جو خاص حاضري دار حاجن ۽ ٻه ٽي ٻيا وڏي ادب واري روپ ۾ ويٺل نظر آيا. مخدوم قبلا حضرت طالب الموليٰ جن جي حُسن نگاهن جو مون تي اهڙو اثر پيو ڪجهه گهڙين لاءِ جهڙو منهنجا حواس مون کان موڪلائي ويا، اوچتو سائين جن جي قدم بوسي ڪري ڪجهه فاصلي تي باادب ٿي ويٺس ته سائين جن پنهنجا لب چوريندي چيائين ته: ”تون پُٽ اُستاد خانصاحب خيري خان وارن مان ته ناهين؟“ مان اڳئي ئي ٻڏل ويٺو هوس ۽ پهرئين روبرو ديدار جو شرف مليو هو. ٻڏتر ۾ ويس هليو ته منهنجي قبلا سائين جن وٽ زندگيءَ ۾ پهرين دفعو حاضري لڳي ۽ سائين جن منهنجي ڏاڏا سائين مرحوم کي منهنجي شڪل مان ڪيئن سڃاڻي ورتو، مان قبلا سائين جن جي نظر ڪيميائي اثر جو تمام گهڻو وڌيڪ قائل ٿي پيس. مٿان سائين جن جي ڪچهري ۾ ويٺل اُنهن چئني ڄڻن کان مخاطب ٿيندي ٻڌايائين ته آئون جڏهن ننڍڙي ڄمار جو هوس تڏهن هن راڳي امير علي  جو ڏاڏا مرحوم خان صاحب حاجي  خير محمد خان منهنجي والد بزگوار مخدوم غلام محمد صاحب، قبلا مرحوم جن گهرائي ۽ پاڻ سان گڏ کيرٿر جبل شڪار تي وٺي ويا هئا. پوءِ ڏينهن جو شڪار ۽ رات جو هن جي ڏاڏاي مرحوم خير محمد خان جو ويٺا راڳ ٻُڌندا هئا ۽ مرحوم خان صاحب جهڙو خوبصورت گلوڪار سنڌ جي راڳين ۾ پڻ جهڙو مهان گلو هو. ائين ڳالهائيندي ڳالهائيندي وڏن سائين مخدوم نويد سائينءَ لاءِ چيو ته: ”نويد سائين جن تي راڳ جي سکيا جو وڏو اثر آهي، پر نويد سائين جن کي توهان جي هلندڙ اداري ۾ نه پر سندس بنگلي تي ڀلي سکيا وارو درس ڏيوس ۽ انهيءَ بنگلي ۾ سندن جاءِ تي اچي سيکاريوس. ائين ڳالهه ٻولهه ڪندي سائين جن مون کي ٻُڌڻ کانسواءِ پاڻ فرمايائون ته توهان ريڊيو، ٽي.وي تي ڪڏهن پرفارمينس ڪئي آهي ته مون سائين جن کي عرض ڪيو ته قبلا سائين ٽي.وي تي ڳائڻ لاءِ بنا سفارش جي پروگرام ملڻ تمام گهڻو مشڪل آهي. پاڻ حاجن کي حڪم فرمايائون ته هڪ خط مرحوم ممتاز مرزا پي.ٽي.وي پروڊيوسر کي هن خانداني گائڪ راڳي لاءِ لکيس ۽ اهڙي طرح آخر ۾ سائين جن هُن تاريخي خط تي پنهنجي دستخط مبارڪ ڪري ۽ مون کي ڪراچي پي.ٽي.وي تي موڪليائون. منهنجي زندگيءَ جو هيءُ پي.ٽي.وي تي پهريون پروگرام هو. جڏهن هي خط مرحوم ممتاز مرزا کي ڏنم ته هن انهي خط کي اکين سان چميو ۽ اهڙي طرح اُنهي وقت منهنجي ريڪارڊنگ جو اريجمنٽ ڪيو. هي پروگرام هو ’سنڌ سينگار‘ مون کي اها تاريخي سعادت ملي جو مرحوم قبلا وڏن سائين ۽ مرحوم مخدوم نويد الزمان جي ڪري زندگيءَ جي پهرين ريڪارڊنگ جو شرف حاصل ٿيو.

(5) نويد سائينءَ جي شادي مبارڪ:

حضرت مخدوم نوريد الزمان المعروف نوح جن جي شادي خانه آبادي واري تقريب هونئن ته سائين جن جي شاديءَ کان 10،12 ڏينهن اڳ ۾ ئي جهڙين محفلن جي خوشين ۾ وڏا راڳ رس ۽ رهاڻين خوشين ۾ مُرڪن ۽ جهمرين جا جهرمٽ پنهنجي عروج تي هلي رهيا هئا. مخدوم نويد سائين جن جي شاديءَ جا ڏينهن ٻڌجڻ کان اڳ ۾ سائين جن جو نئون بنگلو جيڪو فقير دوست علي مرحوم جي بيٺڪ کان ٿورو اڳ ۾ سائين جن جي حويلي ۾ ٺهيل (12) دري جتي غازي عباس علمدار وارو علم به لڳل آهي بلڪل اُن جي سامهون ۽ حويلي جي داخلي گيٽ جنهن جو رستو هالا واري شاهي بازار ۾ نڪري ٿو اُنهي بنگلي جي اڏاوت وارو ڪم شروع ٿي چُڪو هو. اَٺاس واري ۽ انهيءَ بنگلي ۾ پڻ زور شور سان محفلون جاري رهيون ۽ مخدوم نويد نوح سائين جي وليمي جو پروگرام حيدرآباد جي عباس ڀائي پارڪ ۾ اهتمام رکيو ويو جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا سڀ نالي وارا مُک سرواڻ اچي گڏ ٿيا. نويد سائين جن جي انهي خوشين ڀري وِهانءَ ۾ سچ پچ ته اسان جا پير زمين تي جهڙا هئا ئي ڪونه. دلي خوشين جو انت هو ئي ڪونه. آخر خوش خيرافيتن سان هي تاريخي وهانءُ اختتام پذير ٿيو، پر اسان سڀني راڳين جي طرفان ڪيترن ئي ڏينهن تائين هلندو رهيو. قبلا نويد سائين جن جي روحاني ڪيفيت اها رهي ته حويلي پاڪ مان وڏي ادب واحترام سان آيل ڪئين قسمن جي کاڌن واري ڊش مان پاڻ صرف مختصر کائيندا هئا باقي سڄو لنگر اسان راڳين جي حوالي ڪري ڇڏيندا هئا سندن خوراڪ تمام گهٽ  هوندي هئي.

(6) مخدوم نويد الزمان سان گڏجي گذاريل گهڙين جو احوال:

قبلا مخدوم طالب الموليٰ جن جي فاني جهان مان لاڏاڻو ۽ جنهن مهل تدفين حضرت نوح جي درٻار ۾ ٿي ته نويد سائين جن تي انهي انتقال جو اهڙو اثر ٿيو جو پاڻ صفا تنهائي پسند ٿي ويا ۽ ڪيتروئي وقت پاڻ تنهائيءَ وارن لمحن ۾ گوش نشين ٿي ويا. ٻن ٽن مهينن کانپوءِ نويد سائين جن سان وري ملاقات جو شرف مليو، پاڻ حڪم فرمايائون ته اڄ مون کي ڪا اهڙي محفل ٻڌايو، جنهن سان اندر جا سور ۽ اُڌماءِ تن کي راحت ۽ سڪون ملي سگهي پوءِ ته ڪجهه راڳين کي گهرائي ورتم. تن مان منهنجو ننڍو ڀاءُ حيدر علي خان، مرحوم منهنجو چاچا مرحوم رجب علي رضا، اُستاد رشيد خان ۽ مرحوم منور علي خان طلبه نواز. انهن کي ٻڌڻ کان پوءِ منهنجي لاءِ حڪم ڪيائون ته اُستاد توهان جي مرحوم ڏاڏا خان صاحب حاجي خير محمد خان جي ڳايل يادگار ۽ ڪافي ”دلبرا لاتو توسان نينهن“ جيڪا راڳ مالڪوس ۾ ڳايل آهي اُها ’ڪافي‘ توهان ۽ توهان جو ننڍو ڀاءُ حيدر علي خان گڏجي ٻڌايو اهڙي طرح محفل جو سماع ٺهڪي ڪافي بيهي رهيو ۽ سائين گهڻو مطمئن هئا.

(7) نويد سائين جن جي ٻنيءَ تي مچايل يادگار محفل جو خوبصورت واقعو:

2003ع جي هيپي نيويئير واري رات هڪ محفل جو اهتمام سائين جن جي سعيدآباد ڀرپاسي ۾ ٻنيءَ واري اوطاق تي ڪيو ويو. ميوزيڪل ارينجمينٽ منهنجي حوالي ڪيو ويو. هن يادگار ۽ خوبصورت پروگرام ۾ سائين جن جا ڪلاس ميٽ ۽ گهرا دوست تن مان خاص ڪري انجنيئر اياز ميمڻ، آغا امان الله ۽ ڪجهه دوستن جا نالا مون کي وسري ويا آهن اهي ڪي 40 کن دوست اچي گڏ ٿيا. هن محفل ۾ مرحوم موسيقار فيروز گل، مرحوم امانت گل شاهد علي ستار نواز، مرحوم (اُستاد منور علي خان) (طبله نواز)، مرحوم نصرت حسين (طبله نواز)، مرحوم سڄڻ فقير وارو سُگ ۽ منهنجو والد مرحوم اُستاد رمضان علي خان راڳ پيش ڪيو. مرحوم نويد سائين جن طبيعت جا به پڻ شوخ ۽ چنچل به هئا، پر ڪلاسيڪل واري انداز ۾ مزاج به ڪندا هئا. سو پاڻ پنهنجي هن متل محفل ۾ سڀني لاءِ هڪ حڪم جاري ڪري ڇڏيو ته محفل ۾ جيسيتائين ڏينهن ختم ٿئي تيسيتائين منهنجو ڪو به دوست يا ڪو به راڳي سمهي ننڊ نه ڪندو. سڄي محفل سائين جن جي هن شرط تي آمادگي ڪري ورتي، جڏهن فجر جو ٽائيم ٿيو ته سڀ ئي دوست ۽ آيل راڳي ننڊ ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا ۽ هاڻ وڃي سائين پاڻ ۽ هڪ ٻه خاص خادم اک ٻُوٽي نه سگهيا پوءِ ته سائين نوڪرن خادمن کي حڪم ڪيو ته انهن سڀني واعده خلافي ڪئي آهي ۽ هاڻ هن بٺُ سياري ۾ پاڻيءَ جا جڳ ڀري اچو ۽ هڪ هڪ جڳ انهن سڀني سُتلن مٿان پاڻي هاري ۽ سياري جي مُند جو احساس ڪرائڻ گهرجي، جيئن سائين جن هڪ هڪ تي سياري جي مُند ۾ پاڻيءَ جا جڳ مٿائن ڪنگهاريا ته سڄي محفل ۾ عجيب کلبلي مچي پئي ۽ سڀئي سيءَ جي ڪري رڦجي پيا پوءِ ته سڀئي وڃي مچ تي گهيرو ڪري ويهي رهيا. ۽ جيئن سج جو ڪرڻو ظاهر ٿيو ته وري گڏجي هالا پهتا.

(8) مخدوم نويدالزمان سائين جن سان گڏجي سنڌ جي ڪجهه ميلن ملاکڙن ۾ گهمڻ وارو شرف:

مخدوم نويد سائين جن کي ڀلن گهوڙن ۽ ڪجهه خاص پکين تن مان مور، ڊيل، طوطو، باز وغيره وغيره جو پڻ گهڻو شوق رهيو. سندن هڪ گهوڙو ناچُو نالي سان کين تمام گهڻو پسند هو. جنهن جي گهڻي سار سنڀال سندن گاديءَ واري مُريدن مان مرحوم حاجي حيات هڱورجو مرحوم حاجي نور محمد هڱورجو جي حوالي هوندي هئي ۽ انهن ٻنهي جي ڊيوٽي سنڌ جي مشهور ميلن ملاکڙن ۾ گهوڙن جي ڊوڙ ڪرائڻ واري تقريبن تي ٻڌل هئي ۽ ڪجهه ميلن ۾ لڳندڙ موسيقيءَ واري ڪانفرنس ۾ پڻ پنهجي شخصيت کي ظاهر نه ڪرڻ ۽ ڪٿي لڪ ڇپُ ۾ ويهي ۽ ڪٿي ورلي پنهجي شان شوڪت واري انداز ۾ به ويهڪ ٿيندي هئي. ظاهري روپ وارن ڪانفرنس يا لعل شهباز ڪانفرنس ۽ خاص ڪري. سندن گاديءِ واري نامور مُريد حضرت منٺار فقير راڄڙ يا بهرام نري ۽ هڪ دفعو حضرت ڄام ڏاتار واري تقريب ۾ گڏجي وڃڻ واري سعادت مليل آهي. هڪ دفعو سندن بنگلي تي ويٺل هئاسين. اوچتو ڊرائيور هوت فقير کي حڪم ڏنائون ته اڄ رات سيد ڏنل شاهه جيلاني ڊُٺڙي واري جو ميلو آهي ۽ پاڻ سادگيءَ ۾ اڄ رات ميلو گهمي ۽ ميلي جو لطف وٺي ٿا اچون. اسان  ڊُٺڙي شريف لڳ شهداد پور پهتاسين ۽ گهمندي گهمندي هڪ هوٽل ۾ منهن کي ڪپڙو ويڙهي ۽ عام طرح سان ويهي ۽ اُتي هلندڙ راڳ ٻُڌڻ لاءِ پنهنجو پاڻ لڪائي ويهي رهيا ۽ مون کي اوچتو الائي ڇا ٿيو جو اُتان اُٿي ۽ سيد مرحوم نور شاهه جيلانيءَ واري بنگلي تي پهتس. ڏٺم ته نور شاهه جن وٽ محفل هلي رهي آهي. تنهن ۾ مرحوم سهراب فقير وارو سُنگ ۽ شمن علي ميرالي ۽ سندس ڀاءُ همت علي ميرالي ۽ هُن دؤر ۾ هيءُ ٻئي ڀائر چپڙي ۽ يڪتاري تي ڳائيندا هئا ۽ اُن سان گڏوگڏ مرحوم اُستاد محمد طفيل خان ۽ پڻ ٻيا ڪيترائي راڳي پنهنجي ايندڙ واري جو پڻ انتظار ڪري رهيا هئا. منهنجي سيد نور شاهه ۽ جُڙيل شاهه وارن سان چڱي طرح شناسائي هئي سو مون وڃي سيد نور شاهه جي ڪن ۾ ٻڌايو ته توهان جي هن ميلي ۾ مخدوم نويدالزمان جن به آيا آهن ته اوچتو نور شاهه ڇرڪ ڀريو  ۽ مون کي چيائين ته مخدوم نوح سائين آيا آهن ته ڪٿي آهن مون ٻڌايو ته منهنجو نالو نه کڻجو باقي هلو ته توهان کي ملايان. نور شاهه جُڙيل شاهه عنايت شاهه ۽ اُن محفل ۾ ويٺل ڪامل  هڱورو ۽ سڄي محفل ۾ ويٺل ماڻهو سڄو پنڊال نويد سائين جن کي وٺي اچڻ لاءِ هلي پهتا، منهنجي به اهائي خواهش هئي. ايترن ماڻهن کي ڏسي سائين جن سمجهي ويا ته ڪم منهنجي اُستاد امير علي جو ئي آهي. پاڻ گهُوري منهنجي جي مُنهن کي ڏٺائون ۽ وري مُسڪرائي آيل ماڻهن سان گڏجي هلي نورشاهه جي محفل ۾ ويٺا پوءِ ته محفل سائين جن جي ئي حڪم مطابق هلائي وئي ۽ انهي محفل ۾ چِٽو ڏينهن ڪري واپس هالا پهتاسين.

(9) يادگار خوبصورت ڪچهري:

هلندڙ هالا واري نئين بنگلي ۾ راڳ واري ڪچهريءَ ۾ پاڻ فرمايائون ته اُستاد امير علي منهنجي دلي طرح سان هڪ خواهش آهي. قبلا مرحوم بابا سائين (حضرت مخدوم طالب الموليٰ) قبلا وڏا سائين (حضرت مخدوم امين فهيم) قبلا مخدوم خليق الزمان سائين ۽ منهنجي لکيل ڪجهه ڪلامن جو گڏائي هڪ راڳ مالها واري روپ ۾ گلدستو ٺاهه. حضرت مخدوم طالب الموليٰ جي ٻن ڪافين (1) اسان لاءِ ڪافي فضيلت فقيري (2) تنهجو دنيا ۾ محبوب نه مٽ ان سان گڏ مرحوم قبلا امين فهيم سائين جن جي غزلن تن مان (1) بُت پرستي مان ئي آخر هڪ خدا حاصل ڪيم. اهڙي طرح ٻه غزل گيت مرحوم مخدوم خليق الزمان ۽ (2) گيت غزل مخدوم نويد الزمان سائين جن جا پنهنجا. اسان سائين جن جي مرضي مطابق ٺاهي تيار ڪياسون انهي دؤر ۾ مان پهريون دفعو اسانجي گهر جي شاگرد شفيع فقير کي سائين جن وٽ حاضر ڪيم ته سائين هي اسانجي گهراڻي جو سُريلو شاگرد آهي ۽ انشاءالله هي فقير منش گائڪ سنڌ ۾ وڏو نالو ڪمائيندو، پوءِ اسان سائينءَ واري بنگلي تي آياسين ۽ جڏهن نويد سائين جن هن فقير گائڪ کي ٻڌو ته خوش ٿيا ۽ چيائين ته واقعي هيءُ توهان جي گهراڻي جو شاگرد توهانجي گهراڻي جو وڌيڪ نالو ڪمائي ڏيندو. سائين جن اهڙي طرح شفيع فقير جي سڪرنڊ جئه ڪشن واري اسٽوڊيو ۾ پڻ اردو غزلن جي پنهنجي ڪمپوزيشن ۾ ڪيسٽ به تيار ڪرائي ورتي هئي، مخدوم نويد الزمان سائين جن جي سرپرستيءَ ٺهندڙ ”گلدسته مخدوم“ تيار ڪرائڻ لاءِ اسان هالا ۾ سائين واري نئين بنگلي ۾ ريهرسل لاءِ منهجي طرفان ڪيل اهتمام هيٺ آيل فنڪارن مان حميرا چنا، حيدر علي خان، امبر مهڪ، صائمه منظور ۽ حسين بخش خان گلو کي به گهرائي ٻُڌڻ جو اعزاز بخشيائون. مرحوم قبلا مخدوم امين فهيم سائين جن جي ڪلام جي ٺاهيل نئين طرز راڳ ڪرواني ۾ حضرت مخدوم نوح جي لڳندڙ هر مهيني جي سائي سومر واري رات سندن يعني حضرت قبلا امين فهيم واري بنگلي تي سندن سامهون نويد الزمان جي ڪاوشن کانپوءِ پيش ڪرڻ جي سعادت ماڻي سگهيم ۽ قبلا امين فهيم سائين تمام گهڻو خوش ٿي ۽ ڪجهه انعام اڪرام سان به نوازيو. اهڙي وقتن به وقتن هرهڪ مخدوم صاحبن جي ننڍن وڏن سائين سامهون سُرن جي آلاپن ۾ گلدستو پيش ڪرڻ جي پڻ سعادت ملندي رهي. هڪ دفعو قبلا مخدوم حبيب الله، مخدوم نجيب الله ۽ مخدوم عقيل سائين جن سان به ديدار شريف حاصل رهيو ۽ مخدوم عقيل صاحب جن پهرين ملاقات تي مون کي هڪ تمام خوبصورت ۽ روح کي مهڪائيندڙ پرفيوم گفٽ ڪئي ۽ پڻ حيدرآباد تائين وٺي اچڻ جي سعادت بخشي. افسوس ته مرحوم مخدوم نويد الزمان سائين جن جو گڏيل شاعراڻي روپ وارو نئين ڌنن سان سجايل سُرن وارو گلدستو مخدوم وارو سپنو ساڀيان نه ٿي سگهيو، پر سندن دؤر ۾ شروع ڪيل سُر سنگيت ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘ کي سندن برادر قبلا مخدوم سعيد الزمان عاطف صاحب جن جي زيرنگراني هيٺ سُرن سان ڪمپوز ڪيل لکت وسيلي تاريخ موسيقيءَ ۾ ڪئي صدين کانپوءِ حضرت مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جي شاعراڻي پيغام کي مخدوم سعيد الزمان عاطف سائين جن قدر شناس نگاهن وسيلي ڪتابي روپ ۾ سنگيت ۽ ڪلامن ڪافين جون آڊيو ريڪارڊنگس ايندڙ نسلن تائين محفوظ ڪرائڻ لاءِ مان سائين مخدوم صاحب جن جو دلي شڪر گذار آهيان.

(10) حضرت مخدوم نويد الزمان المعروف نوح جي سخاوت جا واقعا:

هڪ دفعو مخدوم سائين نويد سائين جن جي سعيدآباد وٽ ٻنيءَ تي محفل موسيقي جو پروگرام رٿيو ويو تنهن ۾ مرحوم اُستاد گلزار علي خان، مرحوم رشيد خان (اُردو غزل گائڪ) مرحوم سڄڻ فقير ۽ پڻ ٻيا ڪجهه راڳي سُرن کي آلاپڻ لاءِ محفل ۾ اچي پهتا، سڄي رات راڳ جي محفل متل رهي. راڳين کي چانهه جي ضرورت گهڻي ڀاڱي رهندي آهي، سو چانهه جو به دؤر بار بار هلي رهيو هو. پراڻي چوڻي به آهي ته راڳ پڪل هانڊي ۽ پڳ ڪڏهن ڪڏهن ٺهي بيهندي آهي. سو اُنهي رات سائين مخدوم صاحب جن جي نگرانيءَ هيٺ گلدستهء مخدوم ٺاهي رهيو هوس. هن گلدستي ۾ مرحوم قبلا حضرت مخدوم محمد زمان طالب موليٰ، مخدوم قبلا مرحوم امين فهيم، حضرت مخدوم قبلا جميل الزمان صاحب ۽ مخدوم نويد الزمان جي شاعراڻي پيغامن کي سُرن سان سجائي نيون ڌنون ٺاهي پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو هوس. ڪلامن جو رنگ اثرائيتو ۽ راڳ جي شڪل ۾ ٺهيل نيون ڌنون ۽ اُن جي اثرائتي ڪيفيت وارو رنگ مچي پيو. پاڻ هلندڙ محفل ۾ سندن ڪمدار ڀنڀرو ۽ هڪ ڏاهري تن کي حڪم ڏنو ته هڪ مينهن اُستاد کي انعام طور ڏبي ۽ مون کي پاڻ چيائون ته اڄوڪي محفل توهان جياري ڇڏي آهي، تنهن جي عيوض توهان کي هيءَ مينهن انعام طور ڏئي رهيو آهيان. هن مينهن جو کير پنهنجن ٻچن کي وڃي پياريو ۽ مون کي دعائن ۾ هميشه ياد رکجو. حڪم جي تعميل ٿي ۽ مينهن مون کي گهر تائين سندن نوڪر خادمن حيدرآباد رسائي ڏني.

(11) سخاوت وارو ٻيو واقعو:

هالا حويليءَ واري بنگلي تي هڪ محفل متل هئي ۽ تنهن ۾ لاهور کان آيل فنڪار مرحوم سلامت، حسين بخش خان گلو، حميرا چنا، صائمه منظور، حيدر علي خان، امبر مهڪ ۽ مان (امير علي) نمبر سان سڀئي پنهجون راڳ وسيلي خدمتون پيش ڪري رهيا هئاسين ته اوچتو پاڻ کي (مخدوم نويد الزمان) کي ڳچيءَ ۾ سوني زنجير پاتل هُئي اُها زنجير گچيءَ مان لاهي امبر مهڪ کي انعام طور ڏني.

حضرت نوح نويد الزمان جن کي هارمُونيم تي پڻ دسترس حاصل هئي ان کان علاوه علم موسيقيءَ جي هڪ تمام ڏکي (Subject) علم گينتڪاري تي پاڻ کي وڏو عبور حاصل هو ۽ تال جي ٻڌل ماترائن جي ٺيڪن جي به وڏي ڄاڻ هئي. مخدوم صاحب تال تي ڪچهري ڪرڻ لاءِ پنجاب ۽ سنڌ جا مشهور ڳڻپڪار طبله نوازن کي گهرائي پڻ ڪچهريون ڪندا هئا ۽ اُهي وڄوتڪار ساهيءَ مهل ٻاهر ويهي بيساختگيءَ کان چوندا هئا ته هن وقت تال جي ماهرن ۾ ورلي ڪو ايترو علم مخدوم نويدالزمان سائين برابر ڄاڻيندو هجي. سائين جن جي انهيءَ ڪچهرين ۾ وڏن وڄوتڪارن جا پگهر نڪري ويندا هئا، جڏهن پاڻ ڪوتالن بابت سوال ڪندا هئا. سائين جن گهڻي ڀاڱي پاڪستان جي نامور طبله نواز ۽ ڪوروگرافر(ڪٿڪ) اُستاد راجو سمراٽ کي پسند ڪندا هئا ۽ هن سان علم تي ڪچهريون ڪري لطف وٺندا هئا. اهڙي طرح سنڌ ڌرتيءَ جو هيءُ وڏو علم موسيقيءَ جو جانبڪار اسان وٽان هيءَ تاريخي ڪچهري ڪندي هن فاني جهان مان تاريخ .... 2014ع تي راهه رباني ٿيا.

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org