معمور يوسفاڻي
عمرڪوٽ
فقير حاجي محمد صوفيرحه
سنڌ جي سرزمين تي، سومرا قوم مان جيڪي مشاهير ٿي
گذريا آهن، تن ۾ صوفي صديق فقير ”صادقؒ “ جو اسم
گرامي نهايت عزت سان ورتو وڃي ٿو، صوفي صديق
فقيرؒ، سومرن جي دوداڻي خاندان مان هو، جيڪو هڪ ئي
وقت وڏو صوفي، وڏو درويش ۽ وڏو شاعر پڻ هو. جنهن
جي ’بيتن‘ ۽ ’واين‘ جو مجموعو، سُرن تي مشتمل آهي،
جيڪي شاهه صاحب جي ڪلام سان گڏ راڳنامي جي شڪل ۾،
جهوڪ شريف (ميران پور) ۽ صوفي فقير جي ميلن ۾
باقاعدي ڳايا ويندا آهن.
صوفي صديق فقير کانپوءِ، سندس اولاد ۾ فقيري، توڙي
شاعري ورثي طور قائم رهيون، ۽ هن وقت به اها بوءِ
باقي آهي.
سندس اولاد مان جيڪي فقير ۽ درويش ٿي گذريا آهن،
تن ۾ سندس پوٽي، فقير حاجي محمد صوفيؒ جو نالو به
شامل آهي، جنهن کي مرشد ۽ رهبر هئڻ ڪري، عام طرح
”هادي سائين“ سڏيندا هئا.
فقير حاجي محمد صوفيؒ ولد صوفي نظام الدينؒ جي
ولادت 1866ع ڌاري، پنهنجي اباڻي ڳوٺ ”اهر شريف“ ۾
ٿي، جنهن کي هن وقت، ڳوٺ ”صوفي فقير“ سڏيو وڃي ٿو.
صوفي حاجي محمدؒ جي تربيت، سندن خانداني روايتن
موجب بلڪل فقيرانه طريقي سان ٿي، جنهن ۾ کيس ننڍي
هوندي کان ئي اهو ڪجهه حاصل ٿي ويو، جيڪو اڪثر
بزرگن کي وڏي هوندي، مجاهدن بعد مس حاصل ٿيندو
آهي.
صوفي صاحب کي روحاني فيض مان ته ننڍي هوندي کان ئي
ورڇون ملنديون رهيون، پر ڪن سببن ڪري، پاڻ ظاهري
تعليم کان مستفيض ٿي نه سگهيا هئا. ان هوندي به
پاڻ وڏن جي صحبت ۽ عالمن جي قرب سبب اهو سمورو علم
حاصل ڪري ورتائون، جنهن لاءِ مدرسن ۽ اسڪولن ۾
سالن جا سال نور نچوئڻو پوي ٿو.
فقير صاحب جي مجلس جو رنگ، گفتگو جو نمونو، مجلسن
۾ هلندڙ علمي بحث ۽ انهن تي راءِ ڏيڻ وغيره، ڏسڻ ۽
ٻڌڻ کان پوءِ هر اڻواقف اهو چوندو هو ته، ”هي شخص
وڏو ڪو عالم آهي.“
صوفي صاحب بابت سندن لائق فرزند صوفي روشن الدين
مرحوم پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ اجهو هينئن لکڻ فرمايو
آهي:
”منهنجو والد صاحب سنڌ جي وڏن ۽ قديم معزز خاندانن
مان هڪ هو، هو پير صاحبن ۾ پير صاحب هو، وڏن
زميندارن مان هڪ وڏو زميندار هو، قوم ۽ راڄن جو
سردار هو، سرڪار ۾ وڏي عزت وارو ۽ ڪمشنر صاحب جي
مٿين درٻارين مان هڪ هو. کيس ڪيترن به هٿيارن کڻڻ
جي اجازت هئي ۽ سندس نوڪرن ۽ خدمتگارن کي به
ڪيترائي پروانا مليل هئا.
سندس قد پورو پنو، سنئون ۽ وزنائتو، گردن اوچو،
سينو ڪشادو، ڪرايون ۽ بازو گول ۽ وٽيل، بدن مضبوط
۽ طاقت وارو، رنگ وچولو ڳورو، جيڪو آخري وقت،
بيمارين سبب سانورو به ڏسڻ ۾ ايندو هو. منهن تمام
گهڻو ڪشادو ۽ گول، نڪ ڪُنڍو ۽ ڊگهو، چپ پورا ۽
رسيلا، ڏند گهاٽا ۽ موتين جهڙا، مٿو پورو پنو ۽
پيشاني وچولي، اکيون ننڍيون ۽ حشمت واريون،
سونهاري مبارڪ گهاٽي ۽ پوري پني، شهپر سنت تي ورتل
۽ چهرو رعب وارو هو.
سندس آواز رسيلو ۽ وڻندڙ، گفتگو بيباڪي ۽ جرئت
واري ۽ سندس ڳالهه ۽ سمجهاڻي تاثير واري هوندي
هئي.
کيس پهلوانيءَ جي ڪمن ڏانهن شوق، شڪار ڪرڻ ۽
سواريءَ جو ذوق، ڪسرت ۽ ورزش سان دل، جرئت ۽ همت
وارن ڪارنامن سان چاهه هوندو هو. ان سان گڏ کيس
فقرائي ڪمن سان گهڻي دلچسپي، علم لاءِ گهڻو چاهه ۽
عالمن جي صحبت جو نهايت گهڻو شوق هوندو هو. منجهس
خدا پرستي ۽ ديانتداريءَ جا اڻ ميا ڳڻ ۽ وفاداري ۽
دليريءَ جون بي انداز خاصيتون موجود هيون.
پاڻ ڌڻي پاڪ جي وحدانيت جو پڪو پوڄاري، ايماندار ۽
ايماندارن کي پسند ڪندڙ، بي ريا ۽ سچو، سچ چوندڙ ۽
سچن کي پسند ڪندڙ، بهادر ۽ دلير، تڪليف ۽ آزمائش
جي وقت ۾ نهايت صابر ۽ شاڪر، دل جو تمام صاف ۽ پڪو
صوفي، سڀڪنهن نشي ۽ علت کان آزاد، هر بدعت ۽
برائيءَ کان بچيل، هر انسان لاءِ ڀلو چاهيندڙ ۽ هر
مظلوم جو مددگار هو.
چورن ۽ بدمعاشن جون پاڙن پٽيندڙ، دغابازن ۽ ٺڳن کي
مسمار ڪندڙ، دشمنن لاءِ سخت، مگر زير ڪيل دشمنن تي
مهربان ۽ عام طرح دشمنن لاءِ داغ هو.
کيس چلن ۽ مجاهدن سان چاهه، ذڪر ۽ فڪر جو شوق، ورد
۽ وظيفي سان دل، ڀلائيءَ جي ڪمن سان دلچسپي ۽ نيڪ
عملن سان نهايت ذوق هوندو هو. پاڻ رات جاڳندڙ،
مراقبي جو شائق ۽ لوڪ کان لڪي عبادت ڪندڙ بزرگ هو.
کيس ڏاهپ ۽ سياڻپ ڄڻ ورثي ۾ مليل هئي.
سندس ڪچهري اڪبري دربار جو نمونو هئي، جنهن ۾ هر
قسم جا ماڻهو موجود رهندا هئا، جن ۾ عالم، اڪابر،
فنڪار، سُگهڙ، ڏاها، ويڄ، موسيقار، سنگيتڪار،
پهلوان، ملهه ۽ ڏاڍا جوان ته سدائين ڏسبا هئا.
سندس ڪچهري پٽ تي ٿيندي هئي، جنهن ۾ نمبر وار هر
ڪنهن کي ڳالهائڻ جو موقعو ملندو هو ۽ هرڪو ماڻهو
پنهنجي ماجرا آزاديءَ سان بيان ڪري سگهندو هو.
ڪچهريءَ ۾ هڪ نشست فيصلن لاءِ هوندي، جنهن ۾
مظلومن جي دادرسي سڀ کان اول ٿيندي هئي ۽ اتي جو
اتي مظلوم کي پنهنجو حق ملي ويندو هو، ان دور جي
ڪنهن به ڏاڍي کان ڏاڍي جوان کي، اها همت ڪونه
ٿيندي هئي، جو ڪنهن غلط ڳالهه تي ضد ڪري.
فيصلي هلندي، توڙي فيصلي کانپوءِ، ڪو ماڻهو اگر
ڪنهن کان انڪار ڪندو هو يا ڪنهن راءِ سان اختلاف
ظاهر ڪندو هو ته ان کي مناسب موقعو ملندو هو، ته
اهو ڀلي پنهنجي طرفان ڪي ثبوت يا شاهد پيش ڪري.
ان دور ۾ ڪوبه چور يا ڏاڍو جوان، ڪو ڏوهه ڪرڻ
کانپوءِ ڪٿي، ڪنهن ڏوراهين علائقي ۾ هليو ويندو
هو، ته به پاڻ پنهنجي اثر رسوخ جي ڪري، ان کي
اُتان به گهرائي يا پڪڙائي وٺندو هو.
صوفي حاجي محمدؒ انهن مثالي ماڻهن مان هو، جن جون
ڳالهيون ڪارناما اڄ به سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڳائجن پيا.
’ناري‘ ۽ ’ٿر‘ جا ڪيترائي ماڻهو ڪا ڳالهه ڪندي
ڪندي، فقير صاحب جو نالو مثال طور ضرور ڪم آڻيندا
آهن. ڪٿي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي ڪارنامن جو ذڪر
نڪرندو آهي ته ڪيترا ماڻهو هڪدم ائين چئي ڏيندا
آهن ته ”اهو ٿورو ڪو صوفي حاجي محمد آهي، جو ائين
ڪري سگهندو.“
صوفي صاحب جي اوطاق هڪ ئي وقت، درٻار، عدالت،
مهمان سراء ۽ انجمن هوندي هئي، جنهن ۾ ’علمي بحث‘،
’فيصلا‘، ’خبرون چارون‘، ’ڏي وٺ‘، ’حڪم احڪام‘ ۽
راڳ رنگ هلندڙ هوندو هو.
پاڻ بحث مباحثي ۽ مناظرن جو تمام گهڻو شوقين هوندو
هو ۽ وٽس عالمن جا مباحثا ۽ مناظرا سدائين جاري
هوندا هئا، جن ۾ پاڻ به حصو وٺندو هو.
انگريز حڪومت طرفان، سردار خان نالي هڪ وڏو پادري
وٽس پورا ويهه سال رهيو ۽ ڪوشش ڪيائين ته ڪنهن طرح
فقير صاحب کي عيسائي بنايان، پر هو بلڪل بُري طرح
ناڪام رهيو.
هن جڏهن کُلي طرح فقير صاحب کي عيسائي ٿيڻ لاءِ
دعوت ڏني، جيڪا ٻڌي فقير صاحب کيس چيو ته اوهين
اگر هتي جن مسلمان عالمن سان بحث ڪري انهن کي شڪست
ڏيندا ته آءٌ اوهان سان ٿيندس.
صوفي صاحب جي طرفان اهو فيصلو ٻڌي، هو تمام خوش
ٿيو ۽ هن ائين ڀانيو هو ته هن ايراضيءَ جا سادا
سودا مسلمان عالم، ساڻس ڪهڙو بحث ڪندا، سو مناظري
جي تاريخ مقرر ڪري تيار ٿي ويو. مناظري جي تاريخ
مقرر ٿيڻ بعد فقير صاحب، مولانا محمد عثمان ’قراني
ؒ ‘ کي دعوت ڏني. آخر مناظري واري ڏينهن ڪئين
مسلمان توڙي عيسائي عالم ۽ وڏا وڏا ماڻهو اچي گڏ
ٿيا ۽ جيئن مناظرو شروع ٿيو ته سردار خان پادري،
مولانا ’قرانيؒ ‘ آڏو، هڪ ٻن سوالن کان پوءِ اڳتي
هلي نه سگهيو ۽ شڪست قبول ڪيائين ۽ ٻئي ڏينهن
بسترو ٻڌي روانو ٿيو.
واسطا ۽ لاڳاپا:
صوفي صاحب جا واسطا لاڳا تمام وسيع ۽ انوکا هئا،
جنهن ۾ هر قسم جا ماڻهو سندن واسطيدار هئا. جن ۾
امير، غريب، سردار، نواب، راجا، رئيس، خان، پٽيل،
وڏيرا، سکر، فنڪار، توبچي، شڪاري، عالم، فقير،
درويش، ملنگ، پير، مير، سرڪاري عملدار، سيٺيون،
راڄن جا چڱا مڙس وغيره شامل هئا، جن مان ڪجهه
حضراتن جا نالا هيٺين طرح آهن:
وڏيرو عبدالحڪيم پلي
(M.B.E)،
وڏيرو حاجي وليداد پلي، وڏيرو حاجي سالڪ پلي،
وڏيرو محمد عالم پلي، وڏيرو ڪانڀو خان ڇورو، رئيس
حاجي سهراب خان مري، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي،
رئيس جان محمد خان ڀرڳڙي، ونگي جا ارباب، راجستان
جا ٺاڪر، هزهائينس مير عبدالحسين خان سانگي،
هزهائينس مير فيض محمد خان ٽالپر، هزهائينس نواب
شير محمد والئ رياست پالڻپور، مهاراجا سمير سنگهه،
والئ رياست جوڌپور، مهاراجا اميد سنگهه، مهاراجا
پرتاب سنگهه، مهاراجا ڪشمير، برصغير جي رياستن جا
والي، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر جا سردار، راڻي
پور، گنبٽ ۽ خيرپور جا پير، مٽياري، ٽکڙ، هالا،
بڪار ۽ روهڙيءَ جا سيد، ڪنڊڙي، ميران پور، ڍير ۽
ٻين مرڪزن جا فقير وغيره.
مٿين لاڳاپن جي سلسلي ۾ نوابن ۽ راجائن کان کين
تمام گهڻيون بندوقون، رائيفلون، روالور، پستول،
تلوارون، خلوتون، ڪنگڻ، ڪڙولا، گهوڙا، اُٺ وغيره
تمام گهڻي تعداد ۾ تحفي طور مليل هئا. ٻئي طرف پاڻ
به لڳ ڀڳ ايترو ئي سامان انهن کي تحفي ۾ ڏنو
هئائون. سندس ديرينه ۽ گهري واسطي جي ڪري جوڌپور
جي راجا طرفان فقير صاحب کي خاص پروانو مليل هو،
جنهن جي ذريعي پاڻ جوڌپور ريلوي
(JR)
جي ڪابه گاڏي، ڪٿي به بيهاريو سگهيا ٿي، اهو
پروانو پاڪستان ٿيڻ تائين قائم رهيو.
سير ۽ سفر:
کين سير ۽ سفر جو ننڍپڻ کان ئي شوق هو، ان ڪري پاڻ
جيئن پاڻ ڀرا ٿيا ته مختلف هنڌن طرف سفر ڪري، اهي
هنڌ وڃي ڏٺائون. اهڙن هنڌن ۾ سنڌ، مارواڙ، جيپور،
پالڻپور، ڪشمير، دهلي، آگري، اجمير ۽ ٻين ڏسڻ جهڙن
هنڌن جو ڪيترائي دفعا سير ڪيو هئائون ۽ اتي جن
سڄاڻ ماڻهن سان ملاقات ڪري، انهن جاين بابت تمام
سٺي ڄاڻ حاصل ڪئي هئائون.
شڪار:
فقير صاحب کي جتي سير سفر جو شوق هو، اتي شڪار جو
به بيحد خفت هئن ۽ انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ پکين، مڇين
هلڪن جانورن ۽ وڏن جانورن جي شڪار سان گڏ شينهن جو
شڪار به ڪيو هئائون.
شڪار جي سلسلي ۾ پاڻ خشڪيءَ پاڻيءَ جا هر قسم جا
پکي، ڪارا ۽ ڳاڙها هرڻ، روجهه، ڦاڙها، سامبر،
سَرَهه، رڇ، چراغ ۽ شينهن تمام گهڻي تعداد ۾ شڪار
ڪيا هئائون.
سندن شڪار جو اهو شوق آخري وقت تائين قائم رهيو ۽
پاڻ وفات کان چند ڏينهن اڳ آخري شڪار ڪري آيا هئا.
سندن شڪار جو مفصل احوال ”شڪارنامه“ نالي ڪتاب ۾
آهي، جيڪو ڪتاب، سندن هڪ مريد محمد علي لغاريءَ جو
لکيل آهي ۽ اهو غيرمطبوعه مشڪل ۾، سندن پوين وٽ
موجود آهي.
ڪرامتي مڻڪو ملڻ:
هڪ دفعي هرڻن جو شڪار ڪندي، پاڻ هڪ سفيد هرڻ
ڏٺائون، ان جي پويان گهوڙو ڊوڙائيندي ڪافي ڌڪ
هنيائون، پر ڪوبه ڪونه لڳو. اهو تماشو ڏسي، سندن
هڪ ساٿي شڪاري، ڀيل کين چيو ته ”سائين: مهرباني
ڪري بلڪل اگهاڙا ٿي، ڌڪ هڻو ته هرڻ ڪِرندو“ ان بعد
پاڻ ٻين همراهن کي پري وڃڻ لاءِ چئي، ڀيل جي چوڻ
موجب، اگهاڙو ٿي، ڌڪ هنيائون ته اهو لڳو ۽ لڳڻ سان
هرڻ ڪِري پيو. حلال ڪرڻ کان پوءِ ڏٺائون ته ان هرڻ
جي دُن ۾ کٿوريءَ جو ٻيڙو هو ۽ اوجهريءَ مان هڪ
وڏو ’مڻڪو‘ (مڻيون) نڪتو، جيڪو اهڙو ته بااثر هو،
جو نانگ کي سامهون آڻڻ سان نانگ هڪدم انڌو ٿي
پوندو هو ۽ نانگ کاڌل کي ان جي استعمال سان آرام
ملندو هو.
پاڻ بندوق هلائڻ کانسواءِ، گز گمان، ڏڦي ۽ ٻين
هٿيارن سان شڪار ڪندا هئا ۽ ڇترين سان مڇيون به
ماريندا هئا.
پاڻ جڏهن به شڪار تي ويندا هئا، ته کاڌي پيتي جو
تمام گهڻو سامان کڻائي روانا ٿيندا هئا ۽ جتي به
منزل ڪندا هئا، اتي جي رهاڪن کي به پاڻ کارائيندا
هئا، ٻئي طرف هر سال برصغير جا ڪيترا راجا، نواب،
سردار، پير، مير ۽ انگريز عملدار وٽن اچي مهمان
ٿيندا هئا، جن کي پاڻ پنهنجي ايراضيءَ ۾ تِترن،
تلورن، هرڻن ۽ پاڻيءَ جي پکين جي شڪار جو بندوبست
ڪرائي ڏيندا هئا.
پاڻ جڏهن به شڪار تان موٽندا هئا، ته ڪيترائي اُٺ
شڪار جي کلن ۽ تازي شڪار سان ڀرائي آڻيندا هئا.
راڳ ۽ سنگيت:
پاڻ راڳ ۽ سنگيت جا وڏا ڄاڻو ۽ ڪوڏيا هوندا هئا
خاص طرح نڙ وڄائڻ ۾ بيمثال استاد هئا ۽ سنڌ جا
مشهور نڙائي پيارو ۽ بخشڻ چانڊيو به سندن شاگرد
هئا.
هونئن ته پاڻ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جا به ماهر هئا، پر
سندن پسند جو راڳ، ’صوفياڻو سماع‘ هو، جيڪو ’جهوڪ‘
۽ ’اهر‘ ۾ بنا سازن جي ٿيندو هو ۽ اڄ به رائج آهي.
خدمتون ۽ ڪارناما:
صوفي صاحب جي سموري زندگي ۽ سندن ڪيل ڪم، انساني
عمل جا بهترين ڪارناما آهن، جن مان وڏو ڪم اهو هو
ته:
وٽن ذات پات جو فرق ڪونه هو، پاڻ سدائين غريبن ۽
مسڪينن جي مدد ڪيائون، جنهن جا ڪئين مثال موجود
آهن.
پاڻ ٿر وارن تي خاص طرح مهربان هئا، اهو انڪري جو
ٿر اهڙو علائقو آهي، جتي هڪ سال سُڪار آهي ته ٻئي
سال ڏُڪار به اچيو پهچي ۽ ڏڪار، ٿر وارن لاءِ هڪ
وڏي مصيبت مثل هوندو آهي، جنهن ماڻهن جي مسئلن کي
منهن ڏيڻ سان گڏ چوپائي مال جي بچاءَ ۽ سنڀال جا
به ڪئين مسئلا سامهون اچن ٿا. انڪري فقير صاحب جن،
تڪليف جي نجات خاطر، هر سال ٻه خرار ٻاجهري وٺي
رکندا هئا ۽ وسڪاري جي موسم ۾ جڏهن ٿر جا ماڻهو،
ناري مان پورهيو ڪري، پوئتي موٽندا هئا ته انهن کي
في گهر جي حساب سان، پنج سير ٻاجهري ۽ پنج رپيا
روڪ خرچ لاءِ ڏيندو هو.
هڪ دفعي فقير صاحب، محمد هاشم سومري جي دعوت تي
’سونپور‘ ۾ ويو، جتي سندس زمين به هئي. پاڻ جيئن
محمد هاشم ڏي ويندي، پنهنجي زمين جي هڪ سارين جي
کري ويجهو لنگهيا، ته ڏٺائون ته کري جي ويجهو غريب
ٿرين جا لڏا لٿل هئا، اهو ڏسي پاڻ کري ڏي ويا ۽
کري جو سمورو اَن انهن غريبن ٿرين کي ڏيئي
ڇڏيائون.
1918ع واري وڏي بيماري، جنهن کي ”لوس“ يا وڏي
بيماري سڏيو وڃي ٿو، سا ايترو ته سخت هئي، جو هر
ڳوٺ مان روزانو سوين لاشا نڪرندا هئا، انهيءَ
بيماريءَ ۾ صوفي صاحب، جيڪا پنهنجي علائقي جي غريب
عوام جي خدمت ڪئي، سا بيمثال هئي، جيئن ته ان دور
۾ ماڻهو لاش رستن تي ڇڏي هليا ويندا هئا، تنهن
لاءِ صوفي صاحب گهوڙي تي چڙهي روزانو رستن ۽ گسن
تي ڪئين چڪر ڏيندو هو، ۽ واٽن تي پيل لاش کڻي اچي
مقام ڀيڙا ڪندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ته ٻه ٻه لاش گڏ به
کڻي ايندو هو. ان کان سواءِ لاشن کي دفن ڪرائڻ
لاءِ پاڻ ويهه ماڻهو مقرر ڪيائون، جن مان ڏهه رات
جو ۽ ڏهه ڏينهن جون قبرون کوٽيندا هئا. اهڙي طرح
پاڻ پاڙي ۽ ڳوٺ جي مريضن کي دوائون پهچائڻ، انهن
لاءِ رٻ رڌي کڻي وڃڻ ۽ لاوارثن کي پاڻي پيارڻ ۽
وهنجارڻ جو ڪم به سرانجام ڏيندا هئا.
ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن سال اگر گهڻي برسات پوڻ ڪري غريبن
جون جهوپڙيون ڪِري پونديون هيون، ته پاڻ انهن کي
وٺي اچي پنهنجي اوطاق واري بنگلي ۾ رهائيندا هئا،
هڪ دفعي اهڙي حالت ۾ وڌيڪ وقت رهڻ ڪري، بنگلو گهڻو
خراب ٿي ويو ۽ ان مان بدبو اچڻ لڳي، جيڪا ڏسي سندن
وڏي فرزند صوفي قلندر بخش ٿوري شڪايت ڪئي ته پاڻ
چيائون ته، بابا! هتي رهڻ جا هينئر هي غريب، اسان
کان وڌيڪ حقدار آهن.
فقير صاحب جو اهو به هڪ عام دستور هو ته، سندن ڳوٺ
۾ يا واسطيداريءَ ۾ اگر ڪنهن غريب جي شادي ٿيندي
هئي يا ڪنهن جو عزيز فوت ٿي ويندو هو ته پاڻ ان جي
پرڻي توڙي مرڻي جو سمورو خرچ خدا ڪارڻ، پنهنجي
هڙان وڙان ڪندو هو.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته پاڻ ڪنهن سرڪاري تقريب ۾
شرڪت لاءِ عمرڪوٽ پئي ويو ته واٽ ۾ هڪ اهڙو مريض
ڏٺائون، جنهن جو سارو بدن ۽ ڪپڙا قئ ۽ اسهالن سبب
خراب ٿيل هئا، پاڻ ان ئي وقت ان کي گهوڙي تي کڻي
ڳوٺ آيا ۽ ان جي تيمارداريءَ جو مڪمل بندوبست ڪري،
پوءِ وهنجي ۽ صاف ڪپڙا پائي تقريب ۾ ويا.
صوفي صاحب جا هونئن ته ڪئين ڪارناما آهن، پر سندن
اهو ڪارنامو به سنڀالڻ جهڙو آهي، جو پاڻ اڻپڙهيل
هوندي به پنهنجي اولاد کي ڳوٺ جي مدرسي پٿوري
مدرسي ۽ سنڌ مدرسـﺔ الاسلام ڪراچي ۾ تعليم
ڏياريائون.
ڪرامتون:
فقير صاحب جا جيئن ڪارناما بي انداز آهن، تيئن
ڪرامتون به ڪافي آهن، جن مان ڪجهه هن طرح آهن:
1918ع واري بيماريءَ ۾ جڏهن ماڻهن ڌڙا ڌڙ هڪٻئي
پويان مري رهيا هئا، تڏهن چيائون ته هينئر اسان جي
وڃڻ جو به وارو هو پر خلق جي خدمت خاطر رب کي سوال
ڪيوسون، سو مهلت ملي آهي، باقي مٿئين سال بعد پاڻ
هليا وينداسون، آخر ٿيو به ائين پاڻ 1919ع وارو
سال خير سان پورو ڪري 1920ع جي شروع ۾ لاڏاڻو ڪري
ويا.
پاڻ پنهنجي وفات کان 15 ڏينهن اڳ، سڄي شهر کي
گهرائي چيائون ته اسين فلاڻي تاريخ تي هتان هليا
وينداسون. اهڙي طرح وفات کان ٻه ڏينهن اڳ، کين
جيڪي پڇڻ وارا آيا هئا، انهن ڏي چوائي موڪيائون ته
اوهان ترسو، آءٌ ٺيڪ آهيان، سڀاڻي آرام ڪري، پريئن
اوهان کي منهن ڏيکاريندس.“ ٿيو به ائين جو پاڻ ان
ڏينهن لاڏاڻو ڪيائون ۽ سڀني ماڻهن غسل، ڪفن بعد
سندن منهن ڏٺو.
پاڻ وٽن ويٺل خاص نوڪرن کي وفات جو ٽائيم به ٻڌايو
هئائون ۽ کين منع ڪئي هئائون ته ”روئجو متان.“
پاڻ ڪڏهن ڪڏهن ويٺي ويٺي الله چئي، ڇرڪ کائي ويندا
هئا ۽ ٿوري دير بعد ٻڌائيندا هئا ته اڄ پنهنجو
فلاڻو يار گذاري ويو.
هڪ دفعي درازن جي طرف جي ملنگن جو هڪ ٽولو آيو،
جيڪو اوطاق ۾ پٽ تي ويٺو هو،. پاڻ جڏهن انهن سان
ملڻ ويا ته انهن مان هڪ نوجوان کي ڏسندي چيائون
ته، ”سائين! توهين ته مهرباني ڪري مٿي ويهو!“ اهو
ڇوڪرو راشدي خاندان جو سيد هو، جيڪو مائٽن کان
ڪاوڙجي اچي ملنگن سان گڏيو هو، جڏهن اهو ڇوڪرو
واپس ويو ۽ مائٽن کي اها خبر ٻڌايائين ته ان وقت
جي گادي نشين، پير پاڳاري، فقير صاحب کي شڪريي جو
خط لکيو، جو پوين وٽ محفوظ آهي.
هڪ دفعي سندن نياڻيءَ کين چيو ته، ”بابا! اسان ڳڙا
ڪونه ڏٺا آهن، الاجي ڪڏهن وسندا ته اسين ڏسون،
فقير صاحب فرمايو ته، ”ابا! خدا پاڪ جي حڪم سان
سڀاڻي وسندا، پر اهي ننڍا هوندا، ڇو جو اگر الله
پاڪ وڏا وسايا ته انبن کي نقصان ٿيندو.“ ٻئي ڏينهن
برابر ننڍن ڳڙن جي برسات پئي، جيڪا سڀني ڏٺي.
سندن هڪ ڪرامت اها به هئي جو ڪنهن فيصلي کان اڳ
ڏوهاري ۽ ان جي ڏوهه طرف اشارو ڪري ڇڏيندا هئا،
اهڙا ڪئين فيصلا صحيح ثابت ٿيا، جيڪي پاڻ اڳ ۾
ٻڌايا هئائون.
مذهب ۽ طريقو:
پاڻ اهلِ سنت و الجماعت طريقي جا پيروڪار ۽ قادري
طريقي جا صوفي هئا، کين ذڪر پنهنجي وڏن کان هو،
جيڪي جهوڪ (ميران پور) جي گاديءَ مان فضل الله
شاهه صوفي عرف شاهه قلندر جا خليفا هئا.
پاڻ صوفي طريقي موجب تمام گهڻا ڏها ۽ چاليها ڪڍندا
هئا ۽ عبادت هميشه لوڪ کان لِڪي ڪندا هئا. سندن
عادت هوندي هئي ته پاڻ سدائين 4 بجي مهل، اسر جو
اُٿي، اوطاق تي پهچي، مچ تي ويهي مراقبو ڪڍندا هئا
۽ ڪلاڪ کن کان پوءِ سندن ڏاڏي صوفي صديق فقير جي
درگاهه طرف ويندا هئا، اتي وڏن کي ختمون بخشي،
ڪافي ويهي پڙهندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن رات جو 1-2 بجي
مهل اُٿي، سندن ڏاڏي جي عبادتگاهه واري هنڌ تي
(جنهن کي اولياء صاحب جو ٿلهو چوندا آهن، جيڪو
درگاهه جي ڏکڻ طرف، هاڪڙي جي اڀرندين ڪپ تي آهي.)
وڃي ويهي عبادت ڪندا هئا ۽ زارو زار روئندا هئا.
روئندي روئندي ڪڏهن ڪڏهن وڏيون اوڇنگارون به ڏيندا
هئا.
جيئن ته پاڻ وڏي درجي جا صوفي بزرگ هئا، انڪري
وٽانئن به ڪيترن ئي ماڻهن ذڪر ورتو هو ۽ تلقين
حاصل ڪئي هئي، جن ۾ ٻين فقيرن کان علاوه سندن ٻئي
فرزند صوفي قلندر بخش شهيد ۽ صوفي روشن الدين روشن
به شامل هئا.
وفات:
پاڻ پنهنجي آخري وقت، يعني وفات کان اڳ پنهنجي
زندگيءَ جو آخري شڪار ڪري پهتا هئا ۽ ان شڪار
دوران ’نيڙ‘ ۾ پنهنجي هڪ ساٿي ۽ دوست مرحوم گل
محمد کوسي جي قبر تي ويا ۽ ختمون بخشڻ بعد چيائون
ته ”يار! هي اسان جي آخر گهوئي آهي.“ جيئن ئي شڪار
تان موٽي ڳوٺ پهتا ته سندن طبيعت خراب ٿي ۽ پاڻ 15
ڏينهن کن بيمار رهيا. ان عرصي ۾ جيڪي به دوست کين
پڇڻ آيا، تن کي فقط اهو ٿي چيائون ته، ”ميوو پچي
اچي تيار ٿيو آهي!“ ان بيماريءَ دوران ڪئين ڊاڪٽر
۽ حڪيم آندا ويا، پر پاڻ انهن کان مليل دوا ڪونه
استعمال ڪيائون ۽ اهو چيائون ته ”اسان کي هاڻي
دارالبقا ڏي هلڻ جو حڪم ملي چڪو آهي، دوا ڪونه
وٺنداسون.“
وفات کان ٻه ڏينهن اڳ 500 کن ماڻهو کين پڇڻ آيا،
جن ۾ ’ڪانڀو خان ڇورو‘ ۽ ’خليفو سليمان ڀنڀرو‘
سندن خاص دوستن مان هئا. پاڻ انهن کي چوائي
موڪليائون ته ”اڄ ڇنڇر آهي، پنهنجي سومر ڏينهن
ملاقات ٿيندي، آءٌ اتي ٻاهر اوطاق تي ايندس.“
سومر جي رات، پنهنجي هڪ نوڪر ”سڀاڳي شيديءَ“ کي
چيائون ته منهنجي موڪلائڻ بعد رڙيون نه ڪجو!“ پوءِ
پاڻ ڪلمون شريف پڙهندا رهيا ۽ 5 بجي مهل اسر جو،
وڏي آواز سان چيائون ته السلام عليڪم! ۽ سندن روح
پرواز ڪري ويو. اِنالِله واِنا اليـﮧ راجعون.
وصيت:
پاڻ وفات کان 4-5 روز اڳ، سڄي شهر جي ماڻهن ۽
پئنچات کي گهرائي، چيائون ته ”ادا! چيو، چايو معاف
ڪجو، پاڻ دنيا ۾ فقير ٿي آياسون ۽ فقير ٿي پيا
وڃون. هن وقت هڙ ۾ فقط ويهه موجود اٿئون ۽ ٻيو سڀ
خير! پوءِ منشيءَ کي سڏي زمين لاءِ وصيت لکيائون،
جنهن ۾ آراڙي جي زمين 60 ايڪڙ ۽ سنجهوري جي زمين 4
بلاڪ، سندن وڏي فرزند صوفي قلندر بخش کي وڌيڪ
ڏنائون، ۽ باقي زمين ٻنهي پٽن ۾ اڌو اڌ ورهائي
ڏنائون، ۽ پوءِ ان تي پاڻ صحيح وجهي، سڄي شهر ۽
پئنچات جي مکيه ماڻهن کان صحيح وجهائي، قلندر بخش
جي حوالي ڪيائون.
اولاد:
کين اولاد فقط ٻه فرزند: صوفي قلندربخش ۽ صوفي
روشن الدين ٿيا، جيڪي ٻئي اديب، شاعر، علم دوست،
سُگهڙ ۽ اعليٰ ذهانت جا مالڪ ٿي گذريا آهن، جن جو
ذڪر سنڌ جي عالمن ۽ اديبن پنهنجن ڪتابن، رسالن ۽
اخبارن ۾ ڪيو آهي.
صوفي قلندر بخش جو هڪ فرزند بدرالحق صغير سني ۾
فوت ٿي ويو ۽ ٻيو فرزند صوفي شمس الحق جوانيءَ ۾
پهچندي، هڪ نياڻي ڇڏي دارالبقا ڏي هليو ويو ۽ صوفي
روشن الدين کي به هڪ فرزند صوفي ذوالفقار علي ٿيو،
جيڪو جوانيءَ کي رسندي مجذوب فقير بنجي ويو ۽ کيس
چار فرزند آهن، جن مان سندن وڏو فرزند صوفي فتح
علي علم دوست، اديب ۽ پنهنجي علائقي جو بااثر ۽
سپوت زميندار آهي، ٻيو نمبر فرزند صوفي شمس الحق
عرس سڪندر علي وفات ڪري ويو آهي ۽ ننڍا فرزند،
صوفي محمد رفيع ۽ صوفي محمد اسلم سپوٽ صالح ۽
تعليم يافته آهن.
صوفي حاجي محمد ۽ شاعر:
جهڙي طرح قديم طور ۾ سنڌ جا شاعر، ڪن شخصيتن کي،
سندن ڪن ڪارنامن ڪري ڳائيندا ۽ دعا ڪندا آيا آهن،
اهڙي طرح انهيءَ دور ۾، ٿر پارڪر جي ڪن شاعرن، ڪن
ڪارنامن سبب صوفي صاحب جو ذڪر به ڪيو آهي.
الف:
آراڙي جو جلال خان ڀرڳڙي، صوفي فقيرن جو مريد هو ۽
مرڻ کان اڳ وصيت ڪري ويو هو ته، ”منهنجي زمين
(3200 ايڪڙ) منهنجي وفات بعد صوفي فقير جي درگاهه
جي ڀانڊاري جي حوالي ڪئي وڃي.“
سندس وفات بعد رئيس غلام محمد خان ۽ ڪن ٻين
ڀرڳڙين، انهيءَ وصيت جي خلاف، زمين کان جواب ڏنو،
پوءِ هليو مقابلو، آخر اڌ زمين صوفين کي ۽ اڌ
مرحوم جلال خان جي زالن کي ملي، ان تڪرار وقت، تر
جا ڪي بلوچ زميندار، ظاهري طرح فقيرن جي طرف هلندا
هئا ۽ پر اندروني طرح اهي سڀئي ڀرڳڙين سان مليل
هئا ۽ صوفي صاحب جي طرف جون خبرون وڃي غلام محمد
خان کي ٻڌائيندا هئا، پاڙي وارن رئيس جي اها روش
ڏسي ڪيترن ماڻهن کي اچي ڳڻتي لڳي ته، الاجي ڇا
ٿيندو؟ پر صوفي صاحب جي هڪ خادم مريد، ٺاري فقير
خاصخيليءَ ان جي پرواهه نه ڪندي، ڪافي بيت چيا،
جيڪي دعائيه ۽ مذڪور واقعي سان وابسته آهن، جن مان
ٽي بيت هٿ آيا آهن، جيڪي هتي ڏجن ٿا:
(1)
جو موجون ڪري ٿو ملڪ ۾، تنهن کي الله ڏنو ايمان
خير ڪجان ’خاصخيلي‘ چئي، تنهنجو شافع رکجان شان
مڃينس مڙيئي ٿا، هندو ۽ مسلمان
اوهان کي اچي ٿيو آهي، اجايو ارمان
هجي حق، حساب اوهان جو، ته ڏي آن کي مرد سجان
نه ته اوهين مڙئي ماٺ ڪريو، ماريو کي شيطان
ڪريو محبت مرد سان، سڻي جڳ، جهان
جنهن
جو شافع رکيو آ شان، سو موجون ڪري ٿو
ملڪ ۾.
(2)
مر موجون ڪري ملڪ ۾، تنهنجا مدعي سڀ مرن،
دغا خور دشمنڙا، لڪيو ٿا وڙهن،
ڏيو دانهون ديوانن کي، ڪوڙا قسم کڻن،
اڳيان ان کي، پهچندي ٿا موچڙا ملن،
سي ڦڪا ٿيو فقير کي، اچيو پيش پون،
’حاجي محمد‘ تي رب راضي آ، ٻيا ڀلي کر کامن،
اهي منڪر سڀ مرن، جي مدعي منهنجي مرشد جا.
(3)
مدعي منهنجي مرشد جا مولا سڀ ماري،
اهي پليت پر هجن، ڏاتر نه ڏيکاري،
هلڻو آهن ديس مان، ويهه ڳالهه وساري،
ڪو ڪنهن جو ڪونه ڪو، محبت ٿي ماري،
ذات سبحان ساري، پڙهو ڪلمون ڪريم جو.
ب:
ٿر علائقي جو هڪ ’جکري‘ نالي، فقير صاحب جو مريد،
ڪالرا جي بيماريءَ ۾ قابو ٿي پيو، جيڪا بيماري
ساري علائقي کي به لپيٽي وئي وئي.
جکري غريب، بيماريءَ جي حالت ۾ پنهنجي مرشد صوفي
حاجي محمد کي ياد ڪري، دعا گهري ۽ هي جلد فيضياب
ٿي ويو، هُو جڏهن ٺيڪ ٿيو ته سڌو مرشد وٽ پهتو ۽
ڪچهريءَ ۾ حاضر ٿي، مرشد جي شان ۾ هڪ ڪافي چيائين،
جيڪا هن طرح آهي:
ڪافي
فقير حاجي محمد جوان، تنهنجو مولا وڌايو مان،
گهوڙا ڪڏڻا قيمتي، اُٺ ڏيين پيو ڏان-
فقير حاجي محمد.
انهيءَ پيرين اڳي هئا، جي صوفي هئا سلطان،
جهوڪ ڌڻين جا هٿ آهن، توتي راضي آهه رحمان،
فقير حاجي محمد.
’علي بحر‘ ٿو اوتون ڏي، ٿو موڪون ڪري مستان،
سونپور جي کرن ۾، اڄ آهن اَن گدام،
فقير حاجي محمد.
پدمن ۾ آهن پڌرا، تنهنجا گهوڙا گهڻي گهمسان،
شوق شينهن جي شڪار جو، قهري هڻين ٿو ڪان،
فقير حاجي محمد.
پيرين پيادو پنڌ ۾، هينئڙي منجهه حيران،
’جکرو‘ مڱڻهار چئي، من ملي امن ايمان،
فقير حاجي محمد.
ج:
ٿر جي ’پانڊي‘ ڏڪار ۾، صوفي صاحب ڳوٺ ’نيٻاري‘ جي
پٽيل ستار ڏني ٿيٻي جي دعوت تي ويو ۽ اتان پوءِ
’وڪڙئي‘ جي ڳوٺ گهمڻ ويو ۽ اتي وڃي ديڳ
چاڙهايائين، جتي هرڪو غريب غربو ماني کائيندو
رهيو، هن سفر ۾ ’ستار ڏني‘ جو پٽ عارب عرف عربي
ٿيٻو گڏ هو، هن اتي ڪن ٺڪرن جي واتان، ڪجهه فقير
صاحب جي ....... ٻڌي ۽ ڪاوڙجي پيو ۽ ان مهل ئي
شڪايت ڪندڙ همراهه کي وارن کان جهلي، تڙ تي وٺي
آيو ۽ اتي کيس ٻين جي چوڻ تي ڇڏي، ويٺو بيت چوڻ،
جيڪي هيٺين طرح آهن:
بيت
ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب رب ستار،
رحم سو رحمي ڪندو، مون تي ڏينهن جو ڏاتار،
اڄ سنڌ ملڪ جو سائين آيو، صوفي آه سردار،
قادر جي قدرت سان، اٿس جوڙ وڏو جنسار،
پر ماڻهو چون ٿا ’مست‘ آهي، ڪي چون ’غني‘ دنيادار،
انڌا آهن عربي چئي، ڪن ٿا ’وڪڙيي‘ تي ويچار،
پر سائين وڏي کي سمجهايو آه پاڪ پروردگار،
ڍولي آئي ڍٽ وٺو، ويا ڏينهن تان ڏڪار،
’رٻ‘ ويئي ڙي ٿي، پئي ڀليءَ تي ڀلڪار،
ٿر ملڪ ۾ ٿيٻو چئي، اچي لاٿائين اَنبن جا اَنبار،
سڳداسي اچي سوڙها ڪيا، صوفيءَ جوان سردار،
شل جيئي سو جڳيار، جو ٿو ڪنگالن ڪلون لهي.
---
ڪنگالن ڪلون لهي، ڪريو سڀئي سڪرانا(شڪرانا)
سائينءَ ايندي سهنج ٿيا، ڪيا مينهن مانڊاڻا،
وڌي گاهه وڏا ٿيا، ساوا ساماڻا،
ٿر ملڪ تي ٿيٻو چئي، ٿيا مکڻيون مانڌاڻا،
حاجي محمد حضوريءَ آئي، ٿاڪ وٺا ٿاڻا،
ڪيا مينهن مانڊاڻا، صوفيءَ آئي سهنج ٿيا،
صوفيءَ آئي سهنج ٿيا، ٿيا مولا مهربان،
ريس سان رب نه ملندو، متان ٿيو هو ڏهڻي حيران،
هن تي آهي مهر مولا جي ۽ مالڪ ڏنو اٿس مان،
ٿر ملڪ ۾ ٿيٻو چئي، آهه ظاهر منجهه زمان،
حاجي محمد حضوريءَ جو، آه شان وڌايو شان،
ڪيا آگي آهن احسان، صوفيءَ آئي سهنج ٿيا.
---
صوفيءَ آئي سهنج ٿيا، آه ڪيو واحد وسڪارو،
اُتر کان ٿي اُسهيو، برسي بر سارو،
قادر جي قدرت جو آهي پري پسارو،
ٿر ملڪ کي ٿيٻو چئي، آهه واحد ڏنو وارو،
جڏهن
ٿو ربّ راضي ٿئي، تڏهن ڪري آڙهڙ وسڪارو،
هي حرصيو چڙهي ٿو حڪم مان، ڏيو ڪلمو ڪرارو،
صوفي سوڀارو، نرمل اچي آهه نروار ٿيو.
---
نرمل اچي آه نروار ٿيو، ڪيهر کڻي ڪر،
وڏا ڀاڳ ڀٽن جا، وٺو ٿاريلن تي ٿر،
مالڪ آهي ملڪ جو، ناري اندر نر،
آهه صوفي مرد سڌر، جنهن کي مولا آهي مان ڏنو.
---
موليٰ اٿس مان ڏنو، ڪري حاڪم هاڪارو،
ويهي ڪچهريءَ وچ ۾ آه نر هنيو نعرو،
نمي ٿو تنهن نر کي، نوکنڊو نارو،
ٿيٻو چئي ٿر وارن جو ڪج محشر موچارو،
هوندو سدا سوڀارو، جو ملڪن ۾ مشهور آه.
ملڪن ۾ مشهور آه، جنهن جي هاڪ آهي هاڙهي،
پرس آهِ پيدا ٿيو، نر اندر ناري،
حاجي محمد حضوريءَ جي ٿو مولا پت پاري،
ٿيٻو چئي ٿر ڏي، تنهن جي شل واحد واڳ واري،
’عربي‘ چئي آڻي، شل وري واحد وسڪاري
کي.
اهڙيءَ طرح ڪن ٻين شاعرن جا به بيت چيل آهن، پر
اهي هٿ اچي نه سگهيا آهن. |