ميرزا دبير
ميرزا غلام حيدر بيگ قنبر
جي تاريخ گوئيءَ
جو فني جائزو
حيدرآباد شهر جي علمي خاندانن ۾ ٽنڊو آغا
جي ميرزا خاندان جي حيثيت مڃيل رهي آهي. هِن
خاندان جيڪي علمي، ادبي ۽ مذهبي خدمتون سرانجام
ڏنيون آهن، سي ڪنهن کان ڳُجھيون نه آهن ۽ انهن کان
سنڌ جو هر باشعور فرد چڱيءَ ريت واقف پڻ آهي. هِن
خاندان ۾ جنم وٺندڙ مانائتين شخصيتن مان ميرزا
غلام حيدر بيگ ’قنبر‘ به پنهنجي دؤر جي هڪ مڃيل،
بااخلاق ۽ باوقار شخصيت هو. جنهن نه فقط پنهنجي
اباڻي ورثي جي آبياري ڪئي، پر هُنَ پنهنجيءَ پَر
۾، سنڌي ٻوليءَ جو خاموش خدمتگذار بڻجي، ادب جي
خدمت به پئي ڪئي.
ميرزا
غلام حيدر بيگ ’قنبر‘ 12 رمضان المبارڪ 1249هه/ 23
جنوري 1834ع خيرپور ۾ تولد ٿيو. سندس والد جو نالو
ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ هو، جيڪو پنهنجي دؤر جو
مڃيل مرثيه گو شاعر ۽ مرثيه خوان هو. سندن وڏا
چغتائي مغل خاندان مان هئا ۽ سندن اصل وطن دهلي
هو، جتان پوءِ اچي ٺٽي ۾ رهيا. ميرزا غلام حيدر جو
ڏاڏو ميرزا مراد علي بيگ ’سائل‘ سٺو مرثيه گو شاعر
۽ مرثيه خوان هو، جنهن 1173ھ ڌاري سنڌي ٻوليءَ ۾
مرثيا چئي، سنڌي شاعريءَ ۾ مرثيي جي روايت قائم
ڪئي. سندس مرثيه خوانيءَ ۽ مذهبي خدمتن جي واکاڻ
ٻُڌندي، مير سهراب خان والئ خيرپور شيعت جي تبليغ
۽ مرثيه خواني ڪرڻ لاءِ کيس خيرپور ۾ اچي رهڻ لاءِ
آڇ ڪئي ۽ مير صاحب جي گھڻي اصرار تي پاڻ ٺٽي مان
خيرپور ۾ اچي هاڻوڪي محلي سيد علي رضا شاھ ۾ سڪونت
اختيار ڪيائون.
ميرزا مراد علي بيگ جي مرثيه خوانيءَ جي
واکاڻ جڏهن حيدرآباد جي ٽالپر حڪمرانن ٻُڌي، تڏهن
فاتح سنڌ مير فتح علي خان ٽالپر کين پنهنجي مجلسن
۾ مرثيه خواني جي دعوت ڏني، جتي پاڻ پنهنجي پُٽن ۽
عزيزن سان مخصوص مجلس ۾ مرثيه خواني ڪرڻ لڳو ۽
سندن وفات کانپوءِ به ميرزا صاحب جا فرزند
حيدرآباد ۾ ٽالپر بادشاهن جي قلعي واري پِڙَ ۽ مير
محمد خان واري پِڙَ ۾ مرثيه خواني ڪندا رهيا.
ٽالپر حڪمرانن وٽ مرثيه خواني جو سلسلو ايترو ته
مقبول ٿيو، جو انهن ميرزا صاحب جي ننڍي پُٽ ميرزا
فتح علي بيگ کي حيدرآباد ۾ اچي رهڻ جي آڇ ڪئي.
غالبن اِهو پنجين شهداداڻي ٽالپر بادشاهه مير نور
محمد خان ٽالپر جي حڪومت جو دؤر هو، جڏهن ميرزا
فتح علي بيگ اچي حيدرآباد ۾ سڪونت اختيار ڪئي.
ميرزا خاندان خيرپور مان حيدرآباد ۾ ڪهڙي
سن ۾ آيو، اُن متعلق ڪجھ مستند زباني روايتون ۽
ميرزا غلام رسول بيگ ’مقبل‘ ولد ميرزا فتح علي بيگ
جو هڪ تحريري بيان ملي ٿو، جيڪو پاڻ سال 1932ع ۾
ڊپٽي ڪليڪٽر هالا جي ڪورٽ ۾ ڏنو هو. جنهن ۾ هُو
ڄاڻائي ٿو:
”اسان هيٺ صحي ڪندڙن جا وڏا اصل خيرپورميرس جا ويٺل هوا،
جتان 85 سالن کان حيدرآباد ۾ لڏي اچي چاوڙيءَ جي
ڀرسان جايون خريد ڪري ويٺا.
حيدرآباد شهر ۾ سواءِ ٽنڊه آغا جي ٻي ڪنهن به هنڌ شيعه ڪونه
رهندڙ هوا، جو آغا جي ٽنڊه ۾ آغائي شيعه مذهب
رکندڙ هوا. جنهن ڪري اسان جا وڏا فوجداري جي ڀرسان
جيڪي جايون هيون سي وڪڻي اچي ٽنڊه آغا ۾ قلب علي
ٻروچ کان جايون پنهنجي پئسن سان وٺي هميشه جي
واسطي پڪي طرح سان رهڻ لڳا ۽ اڄ ڏينهن تائين اسين
هيٺ صحي ڪندڙ انهن جاين ۾ رهندڙ آهيون (پئرا نمبر
2 ۽ 4. 1932ع).“
باقي ڪن زباني روايتن موجب، اِهو معلوم
ٿئي ٿو ته، ميرزا فتح علي بيگ ٽالپرن جي آخري
ايامن ۾ يعني سال 39-1837ع ڌاري حيدرآباد ۾ اچي
سڪونت اختيار ڪئي. ان سلسلي ۾ پهرين چاوڙيءَ
(ڇوڏڪي گھٽي) جي ڀرسان ۽ پوءِ جمن شاهه جو پِڙ
محلي مرزا احمد ۾ اچي رهيا، جتان پوءِ سال ڏيڍ
اندر ئي پاڻ اچي ٽنڊي آغا ۾ مستقل رهائش اختيار
ڪيائون، جتي هِن وقت سندن اولاد رهي ٿو.
مٿي ڄاڻايل حوالن جي آڌار تي چئي سگھجي ٿو
ته، ميرزا غلام حيدر بيگ حيدرآباد ۾ پليو نپنو ۽
حيدرآباد ۾ ئي اُن وقت جي هلندڙ رواج موجب
حيدرآباد جي آخوندن وٽ ديني ۽ درسي تعليم حاصل
ڪئي. پاڻ پنهنجي والد کان علمٖ عروض جي سِکيا حاصل
ڪري حمد، نعت، قصيده، منقبت، سلام، نوحه، زاري،
مرثيه، مثنوي، رباعي ۽ تاريخي قطعات تي خوب طبع
آزمائي ڪئي ۽ سخن گوئيءَ جي ميدان ۾ پنهنجي طبع جا
جوهر پَسايا آهن. پاڻ نه فقط پنهنجي دؤر جو باڪمال
شاعر ۽ مرثيه خوان هو، پر
مصوريءَ جي ڪَلا ۾ به خاص مهارت رکندڙ هو ۽ ان
کانسواءِ ڪاغذ تي ٽُڪَ جو ڪم به تمام سهڻي انداز
سان ڪندو هو. اِهو ڪم پاڻ فاتح سنڌ مير فتح علي
خان ٽالپر جي ٺهرايل تعزيه تي نهايت ئي نفيس نموني
سان ڪيو، جنهن جا ڪجهه آثار سندس پونيئرن وٽ محفوظ
آهن.
ميرزا غلام حيدر،
هزهائينس مير حسين علي خان ٽالپر ۽ هزهائينس مير
حسن علي خان ٽالپر وٽ خاص مصاحب هو ۽ سندن وفات
بعد هزهائينس مير حاجي نور محمّد خان ٽالپر وٽ
آخري عمر تائين مصاحب خاص ٿي رهيو
(طالب الموليٰ. 1992ع. 66-67).
ٽنڊو آغا جي هِن باڪمال شاعر حيدرآباد ۾
تقريباً
72-1870ع ڌاري ”بزم
فتح“ طرفان سنڌي غزل جي مشاعرن جو به آغاز ڪرايو،
جنهن ۾ سيد غلام محمد شاه ’گدا‘،
آخوند محمد قاسم هالائي،
مير عبدالحسين خان ’سانگي‘، فضل محمد ماتم، آغا
نور محمد شاھ، فقير محمد عاجز،
ميان امام علي ’رهي‘، سيد غلام مرتضيٰ شاهه
’مرتضائي ٺٽوي‘،
ميون وڏل حيدري ۽ ٻيا شاعر شريڪ ٿيندا هئا.
اِهي غزلن جا مشاعرا ميرزا غلام حيدر جي اوطاق
جيڪا ٽنڊو آغا ۾ آغائي سيدن جي مسجد جي اُڀرندي
طرف هئي، اُن ۾ ٿيندا هئا
(فياض بيگ. 2012ع. ص:48 ۽ 49).
ميرزا غلام حيدر بيگ جو احوال ڪنهن ادبي
تاريخن يا تذڪرن ۾ نه ٿو ملي. پهريون ڀيرو سنڌ جي
هِن باڪمال شاعر جو احوال ۽ سندس غزل مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰ پنهنجي ڪتاب ”دُرِّ ناياب عرف
يادِ رفتگان“ (1994ع) ۾ ڏئي، کيس ادبي دنيا ۾
متعارف ڪرايو. ميرزا غلام حيدر بيگ جو ڪلام جيڪو
سندن اولاد وٽ محفوظ آهي، تنهن
جو تفصيل هِن ريت آهي:
هڪڙو بياض ميرزا غلام حيدر جي پوٽي ميرزا حامد علي
بيگ ولد ميرزا علي نواز بيگ جو نقل ڪيل آهي، جنهن
۾ ڪتابت جو سن 19 آگسٽ 1960ع ڄاڻايل آهي. اِهو
بياض ميرزا حامد علي جي وڏي پُٽ ميرزا فتح علي بيگ
وٽ محفوظ آهي.
هِن بياض ۾ سندس ڪلام مان سنڌيءَ ۾
04 مناجات، 03 نعت، 31 قصائد و مناقب، 15 سلام، 06
نوحا، 01 زاري، 17 مرثيا، 13 غزل، 05 رباعيون، 01
منظوم خط ۽ پنهنجي زندگيءَ جو احوال نظم ۾
۽ اردوءَ ۾ 01
حمد، 03 نعت، 05 قصيدا، 04 سلام، 01 مرثيو ۽ 04
غزل شامل آهن.
جڏهن ته سندن ڪجهه ڪلام انتهائي خسته حالت ۾ سندس
پڙَپوٽي ميرزا منظور علي بيگ ولد ميرزا حامد علي
بيگ کي ميرزا غلام عباس بيگ، جيڪو ميرزا صاحب جي
ننڍي ڀاءُ ميرزا غلام رسول بيگ جو پُٽ هو، اُن کان
مليو. ان ڪلام ۾ هڪ مثنوي
”فراق نامهء سيده فاطمه صغرا عه“، 13 تاريخي قطعات،
ابجد جي قاعدي بابت هڪ نظم، 07 مرثيا، 03 سلام ۽
12 رباعيون شامل آهن. اِهو ڪلام مخلتف پنن تي لکيل
آهي ۽ اِهي شاعر جا ئي هٿ اکر لکيل ڀانئجن ٿا. ان
۾ ڪٿي به ڪا تاريخ ڄاڻايل ناهي. اِهو ڪلام ميرزا
حامد علي واري نقل ڪيل بياض کان الڳ آهي. هِتي
ميرزا غلام حيدر بيگ ’قنبر‘ جي چيل قطعه تاريخن جو
جائزو هِتي پيش ڪجي ٿو:
سنڌي شاعريءَ جي صنفن مان قطعه تاريخ هڪ اهم صنف
آهي، جنهن ذريعي ڪنهن واقعي جي تاريخ کي لفظن ۾
محفوظ ڪيو وڃي ٿو. قطعه تاريخ جو فن شعر و سخن ۾
اهڙو ته انفراديت جو حامل آهي، جنهن جي ذريعي
تاريخ جي ڪيترن ئي گوشن کي محفوظ ڪري سگهجي ٿو.
شاعريءَ جي ٻين صنفن ۾ ته فقط احساس جو اظهار ٿي
سگهي ٿو. پر هن صنف ۾ احساس ۽ ادراڪ جو جيڪو
امتزاج آهي، سو پنهنجي نوعيت جو يگانو مثال آهي.
هن فن ذريعي اکرن جي مُلهه يا قيمت جي معلومات
حاصل ٿئي ٿي ۽ ان ۾ اهڙا فني ڳجهه به رکيا وڃن ٿا،
جو سواءِ ان فن جي ماهر جي، ٻيو ڪوبه اُن کي سمجهي
نه ٿو سگهي.
ابجد جا اکر عربي حروف تهجي مان ورتل آهن،
ان ڪري ان ۾ اُهي اکر شامل نه آهن، جيڪي سنڌي
الف-ب ۾ موجود آهن. سنڌيءَ ۾ تاريخ چوڻ لاءِ انهن
اکرن جو استعمال ٿئي ٿو، تنهنڪري انهن اکرن جا عدد
مقرر ڪرڻ ضروري هئا، جنهن ڪري فن جمل جي ماهرن
اِنهن اکرن کي آئيويٽا جي ترتيب مطابق، ابجد جي
اٺن لفظن ۾ آيل هر اکر جي عدد برابر ان کان پوءِ
واري اکر جا عدد مقرر ڪيا. مثال طور: ”ب“ کان پوءِ
وارن اکرن ”ٻ“، ”ڀ“ ۽ ”پ“ جا عدد ”ب“ جي عدد برابر
ٻه ٿيندا ۽ اهڙيءَ ريت ٻين اکرن جا به عدد مقرر
ڪيا ويا، جن کي
آخوند گل محمد هالائيءَ سال 1275هه/1858ع ڌاري
بمبئي ۾ ڇپايل پنهنجي ديوانَ ”ديوانٖ گُل“
جي منڍ ”چِٽائي“
جي
واٽ يارهين ۾ هُن پنهنجي ترتيب ڏنل آئيويٽا جي 55
اکرن جو مُلهه مقرر ڪري، سنڌي ابجد کي تشڪيلي صورت
ڏني. سندس مقرر ڪيل اکر جا مُلهه
هن ريت آهن:
چٽ اکرن ۽ انگن ۽ ڳڻتي مڙني اکرن سنڌي ۽ فارسي ۽
عربي جو مٿي ليکي ابجد جي
اکر |
انگ |
ڳَڻِتُو |
اکر |
انگ |
ڳَڻِتُو |
اکر |
انگ |
ڳَڻِتُو |
اء |
1 |
هِڪِڙو |
ڊ |
4 |
چار |
ڦ |
80 |
اسي |
ب |
2 |
ٻَه |
ڍ |
4 |
چار |
ق |
100 |
سو |
ٻ |
2 |
ٻَه |
ڌ |
4 |
چار |
ڪ |
20 |
ويهه |
پ |
2 |
ٻَه |
ڏ |
4 |
چار |
ک |
20 |
ويهه |
ڀ |
2 |
ٻَه |
ذ |
700 |
ست سؤ |
گ |
20 |
ويهه |
ت |
400 |
چار سؤ |
ر |
200 |
ٻه سؤ |
گھ |
20 |
ويهه |
ٺ |
400 |
چار سؤ |
رھ |
200 |
ٻه سؤ |
ڳ |
20 |
ويهه |
ٽ |
400 |
چار سؤ |
ڙ |
200 |
ٽي سؤ |
ڱ |
20 |
ويهه |
ٿ |
400 |
چار سؤ |
ز |
7 |
ست |
ل |
30 |
ٽيهه |
ث |
500 |
پنج سؤ |
ژ |
7 |
ست |
لھ |
30 |
ٽيهه |
ج |
3 |
ٽي |
س |
60 |
سَٺ |
م |
40 |
چار |
جھ |
3 |
ٽي |
ش |
300 |
ٽي سؤ |
ن |
50 |
پنجاهه |
ڄ |
3 |
ٽي |
ص |
90 |
نَـوّي |
نھ |
50 |
پنجاهه |
ڃ |
3 |
ٽي |
ض |
800 |
اٺ سؤ |
ڻ |
50 |
پنجاهه |
چ |
3 |
ٽي |
ط |
9 |
نَنوَ |
و |
6 |
ڇهه |
ڇ |
3 |
ٽي |
ظ |
900 |
نَنوَ سؤ |
هه |
5 |
پنج |
ح |
8 |
اٺ |
ع |
70 |
ستر |
ي |
10 |
ڏهه |
خ |
600 |
ڇهه سؤ |
غ |
1000 |
هزار |
|
|
|
د |
4 |
چار |
ف |
80 |
اسي |
|
(هالائي.1275هه.ص:10) |
ميرزا غلام حيدر ابجد جي اکرن ۽ عددن جي باهمي
ڳانڍاپي کي نظم ۾
هِن ريت بيان ڪري ٿو:
هڪ الف جو ٿيّو، ب جا ٻه عدد آهن ٿيا، |
ج جا ٽي ٿيا عدد، دال جا چار آهن بجا. |
ھ جا پنج، و جا ڇھ، ز جا ست بيشڪ، |
ح جا اَٺ، ط جا نَـوَ، ي جا ٿيّا ڏھ صاف صفا. |
ڪ جا ويھ عدد، ل جا ٿيا ٽيھ عدد، |
م جا چاليھ ۽ ن جا پنجاھ سدا. |
سَٺ ٿيا س جا ۽ ع جا ستر ٿيا عدد، |
اسّي ف جا ٿيا ۽ ص جا نوّي وھ وا. |
ق جا سؤ ٿيا ر جا ٻه سؤ آهن ته عدد، |
ش جا ٽي سؤ، چار سؤ ت جا، بجا. |
پنج سؤ ث جا ٿيا، خ جا ٿيا ڇھ سؤ خوب، |
ذ جا ست سؤ ۽ ض جا اَٺ سؤ ٿيا ادا. |
نو َ سؤ ظ جا ۽ غ جو ٿيو هڪڙو هزار، |
ماهرن علم جي هي عدد مقرر ئي ڪيا. |
مثل ب، ٻ ۽ پ ۽ ڀ جا عدد آهن ٻه، |
چ ۽ ڃ، ڇ ۽ جھ جا ٽي جيئن ٿين ج جا ٿا. |
د جيئن ڌ ۽ ڏ، ڊ ۽ ڍ جا چار عدد، |
ک ۽ گ، گھ ۽ ڳ، ڱ جا عدد ويھ سدا. |
ن جيئن ڻ جا پنجاھ، اسي ڦ جا جيئن ف، |
ٻه سؤ ڙ جا ۽
ژ
جا ٿيا آهن حقا. |
مثل ت، ٽ جا ۽ ٺ، ٿ جا عدد چار سؤ، |
ٿيا هِن ۾ نه ڪنهين شڪ جا نه ڪا شبھ جي جا. |
الف ممدوه جو ۽ همزه جو هڪ هڪ ٿيو عدد، |
قاعدو ياد هي ’قنبر‘ جي رکن، تن لئي دعا. |
|
(بياضِ قنبر) |
قديم زماني ۾ فنِ جمل جي ماهرن تاريخ گوئي جي فن ۾
بنيادي ڳالهه اِها قائم ڪئي، ته لفظن جي سمورن
اکرن مان سن نڪري ۽ اُن ئي اصول کي صحيح مڃيو ويو.
پوءِ تاريخ سڌي ۽ عام لفظن ۾ يا سادي نموني سان
چئي ويندي هئي. پر
جيئن جيئن
ڪو فن پنهنجا ارتقائي مرحلا طئي ڪندو ٿو وڃي، تيئن
تيئن اُن فن ۾ به نواڻ ۽ خيالن جي اظهار ڪرڻ جا
نادر نمونا تخليق ٿيندا وڃن ٿا.
شاعريءَ جي ٻين صنفن جيان هِن صنف ۾ به
ائين ئي ٿيو آهي
۽
قطعه تاريخ جي اهميت ۽ افاديت کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ،
هڪ عام ۽ سادي طريقيڪار کان وٺي مختلف صنعتن جي
استعمال تائين،
هر
تاريخ گو شاعر
پنهنجي پنهنجي فڪري صلاحيتن جي آڌار تي
شاعريءَ جي هِن منفرد صنف ۾
مختلف قسمن کي متعارف ڪرائي، پنهنجي شاعراڻي
بصارتن ۽ فڪري قوتن کي سميٽيندي، سوچ جي عميق ساگر
مان اهڙا ته انمول موتي ڳولي، هڪ بي بها مالها
جَڙي، جو ڇا ته ڳالهه ڪجي!
قطعه تاريخ جا بنيادي طرح هيءُ ٽي قسم عام مروج
آهن: (1) صوري، (2) معنوي ۽ (3) صوري معنوي. ”صوري
تاريخ“ جو قاعدهء جمل سان ڪو تعلق ناهي هوندو ۽
شاعر ظاهري لفظن ۾ ڪنهن واقعي جو سن، تاريخ يا
مهينو بيان ڪري ڇڏي ٿو. پر ”معنوي تاريخ“ جو
دارومدار قاعدهء جمل سان سَلهاڙيل آهي، جنهن ۾ جمل
جي قاعدي موجب هر هڪ لفظ جي اکرن جا عدد جمع ڪري،
تاريخ وضع ڪئي ويندي آهي. حقيقت ۾ اِهوئي تاريخ
گوئيءَ جو فن آهي ۽ هيءُ طريقو ئي تاريخ گوئي جي
فن ۾ سڀ کان گھڻو استعمال ٿئي ٿو. اهڙي ريت ”صوري
و معنوي تاريخ“ ۾ وري ظاهري لفظن ۽ انهن ئي لفظن
جي اکرن جي مجموعي مان يا وري ان کانسواءِ ٻين
لفظن جي اکرن مان گھربل سن اخذ ڪيو ويندو آهي.
انهن عام قسمن کانسواءِ، فنٖ تاريخ گوئيءَ جي
ماهرن صنعتن ۾ به تاريخون چيون آهن، پر تاريخ چوڻ
لاءِ فڪر جي بلنديءَ ۽ شاعراڻي صلاحيتن سان گڏوگڏ
تاريخ گوئيءَ جي اصولن سان واقفيت هئڻ به ضروري
آهي ۽ اهڙيون فني خوبيون ميرزا غلام حيدر بيگ جي
چيل قطعه تاريخن ۾ پَرکي سگھجن ٿيون، جن ۾ واقعا
نگاري، ندرت بياني ۽ تاريخي حقيقتون اهڙي طرح نظم
ڪيل آهن، جيئن سمونڊ سمايو بوند ۾.
ميرزا غلام حيدر جي مليل ڪلام مان جيڪي
تاريخي قطعات
مليا آهن، اُهي جملي
13
آهن. ان کانسواءِ پاڻ هڪ مثنوي
”فراق نامهء سيده فاطمه صغرا عه“
جي عنوان سان سال 1291ھ/1874ع ۾ تصنيف
ڪيائون. مثنويءَ جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
درد و غمَ جي ماجرا ٿي جانگذا |
سوئي ڄاڻي درد جنهن آهن سَٺا |
درد کي ڄاڻي هميشه دردمند |
درد کي ڇا سمجهندو ڪو خود پسند |
هم شبيھ فاطمه بنتِ رسول |
آهي سا شهزادي هم نامِ بتول |
اُمِ ليليٰ ماءُ، پيءُ آهي حسين |
ڀاءُ اڪبر ڀينرن جي دل جو چين |
مصطفيٰ نانو، علي ڏاڏو ٿيو |
ڏاڏي زهرا خلد جنهن کي رب ڏنو |
چاچو حسن المجتبيٰ سبزه قبا |
چاچو عباس علي ٿيو باوفا |
زينب و ڪلثوم، رقيه ٿيون پڦيون |
جي سدا قربان هِن تان پي ٿيون |
ميرزا صاحب هِن مثنويءَ جي پڄاڻي ۾ ڏَسائي ٿو، ته
پاڻ اِها مثنوي حشر جي ڏينهن يعني روز عاشور، 10
محرم الحرام 1291هه/27 فيبروري 1874ع تي، امام
بارگاھ علي آباد ۾ تعزيه وٽ ويهي تصنيف ڪيائون.
جنهن جي تصنيف جو سال بيبي فاطمه صغرا عه جي نالي
۾ سمايل آهي:
هِن بيان جو اڳتي هاڻي تاب ناه |
ٿا چون ٻُڌندڙ پِٽي سر هاءِ هاءِ |
حشر جي ڏينهن تعزيه وٽ مثنوي |
تو چئي رئندي پِٽي سر هاءِ هاءِ |
شڪر ڪر مقبول ڪيئي موليٰ حسين |
جنهن جي ماتم چئين ٿو هر هر هاءِ هاءِ |
نذرِ صغرا مثنوي ڪر، چو سروش
1291هه |
سر پِٽي چئو روئي ’قنبر‘ هاءِ هاءِ |
تاريخ گوئيءَ جي ان قسم کي ”تاريخ مرڪب“ چئجي ٿو.
تاريخ مرڪب هڪ يا هڪ کان وڌيڪ لفظن تي مشتمل هوندي
آهي، جنهن مان ڪنهن واقعي جو سن اُن واقعي سان
لاڳاپيل ڪنهن لفظ مان حاصل ڪيو ويندو آهي (عزيز
جنگ ولا. 1998ع. ص:117).
ميرزا غلام حيدر، اِها مثنوي پنهنجي والد ميرزا
فتح علي بيگ جي تعمير ڪرايل امام بارگاه علي آباد
۾ تصنيف ڪئي. اُن جي تعميرٖ نؤ جو سن هِن ريت رقم
ڪيو،
جيڪو معنوي اعتبار سان نهايت ئي موزون ۽ بي بدل
آهي:
هيءَ بارگاه آهي جا عين نگاهٖ حق |
سايه ڪيو انهيءَ تي ته شام و پِگاهٖ حق |
لاريب هيءَ ضريح مقدس ٿي قصر نور |
قربان هِن تان آهي سدا شمس و ماهٖ حق |
فتح علي ست ابن مراد علي مراد |
باني ضريح و بارگہ جو خير خواهٖ حق |
هاتف چيو ضريح مقدس هي ڏسندي ئي |
مداح اهل بيت رهين سال و ماهٖ حق |
’قنبر‘ غلامٖ حيدر ڪرار از ازل
رفعت امام بارگہ لک با پناهٖ حق |
1279هه |
سنڌي اساسي شاعريءَ جي سرموڙ شاعر شاهه
عبداللطيف ڀٽائي
بروز
آچر 14 صفرالمظفر 1165هه/02
جنوري 1752ع
تي وفات ڪئي.
ميرزا غلام حيدر، شاهه صاحب جي وفات جو هجري سن
قرآن مجيد جي
سورهء القمر جي پنجونجاهين آيت ”عِندَ
مَلِيڪ مُقتَدِر“
جي جزو کي شعر ۾ تضمين ڪري، هِن ريت وضع ڪيو آهي:
سيدٖ عالي نسب والا گوهر عبداللطيف |
نذرٖ حق ڪِيئن جان پنهنجي زندگي هئي مختصر |
عالمٖ اسلام جو بي مثل شاعر ذي شرف |
لفظ جي آڻي ڪتب سيد تي هو سڀ منحصر |
پنڌرهين ماھٖ صفر يارهن سؤ پنجهٺ سال هو |
اُن جي فرقت ۾ سڄڻ روئي وسائِن خاڪ سر |
سالٖ رحلت لاءِ ’قنبر‘ آهي هاتف جي ندا |
لِک غلامٖ حيدر ان پر سال آهي معتبر |
بيگمان و باليقين از فضل رب العالمين
آهي مطلوب علي عِندَ مَلِيڪ مُقتَدِر
1165هه
هيءُ تاريخ جو اُهو قسم آهي، جنهن ۾ تاريخ گو ڪنهن
واقعي جو سن قرآن مجيد جي آيت يا حديث شريف يا
ڪنهن
ٻئي
شاعر جي وسيع فڪر واري مصرع مان وضع ڪري. توڙي جو
اِن قسم جي تاريخ ۾ آيل مصرع وغيره تي مصنف کي
ملڪيت جو ڪو حق حاصل ناهي، پر اهڙي قسم جي تاريخ
کي هميشه ساراهيو ويو آهي، ته ٻئي جي ڪلام کي
پنهنجي شعر ۾ تضمين ڪري، اُن مان گھربل سن حاصل
ڪرڻ فني اِستعداد جو ڪمال آهي. عام طور تي اِهو
دستور رهيو آهي، ته ان مصرع جو تعلق جنهن سان هجي،
تنهن جو ذڪر ڪرڻ گھرجي، ته فلاڻي جي ڪلام مان
استفادو ڪري مادهء تاريخ جوڙي وئي آهي. اصل ڪلام
۾ عددن جو پورائو ڪرڻ لاءِ معمولي ڦيرگھير ڪرڻ کي
هِن جي ماهرن جائز قرار ڏنو آهي، پر شرط آهي ته،
انهيءَ ڦيرگھير کان پوءِ به پڙهڻ مهل خيال يڪدم
اصل ڪلام طرف مائل رهي
(عزيز جنگ ولا .1998ع.ص:126).
حيدرآباد جي شهداداڻي ٽالپر خاندان جو ڇهون شاعر
مير حسين علي خان ٽالپر ’حسين‘ ولد مير نورمحمد
خان ٽالپر
26 ربيع الاول 1295ھ/30 مارچ 1878ع تي وفات ڪئي.
سندن وفات تي ميرزا غلام حيدر قطعه تاريخ
چئي، جنهن ۾ مير صاحب جي وفات جو هجري سن معنوي
صورت ۾
قلمبند ڪيو:
صاحبٖ ذهنٖ رَسا بيشڪ حسين علي حسين |
تعزيه دار حسين ۽ هو عزادارٖ حسن |
ناگھان رحلت ڪري سو دار دنيا مان ويو |
اشڪ ريزان ان جي غم نورمحمد
سين حسن |
دوست ۽ احباب غمگين ٿو ڏسان هِت چار سُو |
نيڪ هن انسان جي غم خورد و ڪلان با صد محن |
زينتٖ باغ ارم ٿيو حڪم سين حسنين جي |
گلشن نورمحمد
مئون وڃي رشڪ چمن |
مومن ديندار جي هيئن سالٖ رحلت لئي سروش |
ڏئي ندا قنبر چيو، اي مدح خوان پنجتن |
حق ۾ فرمايو حسين علي جي هيئن حسنين پاڪ
ٿي رهي زيبٖ رياضٖ خُلد هي شيرين سخن |
1295هه |
ميرزا غلام حيدر جي والد ۽ معروف مرثيه گو
شاعر ۽ مرثيه خوان ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘
29 محرم الحرام 1301هه/30
نومبر 1883ع تي جمعي جي ڏينهن وفات ڪئي، جنهن
جي وفات جو عيسوي سن پاڻ
قرآن مجيد جي سورهء ”يٰسين“ جي پهرين اکر ”ي“
کي
سورهء زمر جي تيرهين آيت ”طِبتُم فَادخُلُوهَا
خٰلِدِينَ“
جي عددن سان ڳنڍي، هِن ريت وضع ڪيو:
مرثيه خوان مدح خوانِ اهل بيتِ طاهرين |
مومنِ ديندار جو فتحِ علي هو بااليقين |
بِن مراد علي بِنِ فاضل ثناخوانِ حسين |
ها غمِ فرقت ۾ اُن جي مومنين زار و حزين |
ناگهان رحلت ڪري هن دارِ فانيءَ مان ويّو |
آهي جو دارالبقا ڏي مدح خوانِ شاهِ دين |
سر تان والد جو سندم سايو لهي ويو اوچتو |
ٿي ويس تنها، اِنهيءَ ڏک کان ٿيّو آهيان غمين |
سالِ رحلت لئي چيو جبريل قنبر ڪر رقم
با سرِ يٰسين طبتم فاد خلوها خالدين |
10 + 1873
= 1883ھ |
ٻي تاريخ وفات وري ”صنعتِ
اهمال“ يعني
بنا نقطن وارن اکرن ۾ هِن ريت رقم ڪيل آهي:
ڪئي قضا فتح علي هَئي مومن ڪامِل اَلا |
مرثيه گوئي جو پيءُ ڏاڏي کان هو حامل اَلا |
صنعتِ اهمال ۾ ’قنبر‘ لکيو سالٖ وصال |
سرور و سردار اهلِ علم و هم عادل اَلا
1301ھ |
ميرزا غلام حيدر جي ڀاءُ ميرزا قاسم علي بيگ
’قاسم‘ 04 ذي الحج 1322ھ/06 فيبروري 1905ع تي
وفات ڪئي، جنهن جي وفات جو هجري سن معنوي صورت
۾ هيئن رقم ڪيو:
آهَه قاسم علي رحلت ڪئي ’قنبر‘ افسوس |
غم کان دل شق ٿي بيان جي نه ڪا آهي يارا |
سال رحلت ڏَسيو هاتف ته ٿيو جنت ۾ |
ابن فتح علي قاسم علي محفل آرا |
|
1322ھ |
وري صنعت تضاعُف ۾ ڏسو، ته ڪيئن وفات سن
قلمبند ڪيل آهي:
مرثيه گو مرثيه خوان نيڪ نيت نيڪ
نام |
دارٖ دنيا مان ويّو رحلت ڪري والا
مقام |
خلد ۾ قاسم علي کي ڏسندي چو ’قنبر‘ سروش |
ٿيو مضاعف آهي شانٖ شاعر شيرين ڪلام |
1322ھ |
1322ھ
=
2
x
661 |
صنعت تضاعُف
۾ مادهء تاريخ جي عددن کي ٻِٽو ڪرڻ يا 02 جي
عدد سان ضرب ڪرڻ سان گھربل سن حاصل ٿئي ٿو. ان
لاءِ قطعه تاريخ ۾ اهڙو اشارو پڻ ڏنو ويندو
آهي، ته جيئن پڙهندڙ بآساني گھربل سن اخذ ڪري
سگھي
(عزيز جنگ ولا.1998ع.ص:141).
سلطان سخن مير محمد حسن علي خان ٽالپر ’حسن‘
ولد مير نصير خان ٽالپر سنڌ جو وڏو مرثيه گو
شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن
15 ذوالحج 1324هه/30
جنوري 1907ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو.
سندن وفات تي ميرزا غلام حيدر ”صنعت
ذو تاريخين“ ۾
قطعه تاريخ رقم ڪئي، جنهن ۾ مير صاحب جي جنم ۽
وفات جا هجري سنَ سمايل آهن:
ويو جھان مان گذاري ’حسن‘ علي جو
غلام |
اُنهيءَ جي غم ۾ ته غمگين ڏسان ٿو
خاص عام |
لکيو هي سال ولادت وفات جو قنبر |
خديو تاجوري
شهنشاه شيرين ڪلام |
|
1240ھ |
1324ھ |
صنعت ذو تاريخين ۾
هڪ ئي مصرع مان ٻه تاريخون ظاهر ٿين.
هاڻي وري ”صنعت
تضارب“ ۾ چيل
ٻي تاريخ ۾
ميرزا غلام حيدر جي فڪر جي بلندي پَرکيو؛ جنهن
۾ لفظ ”اڄ“ جي عدد کي ”مومن صادق“ جي عددن سان
ضرب ڪري وفات جو سن ڪهڙي نه مهارت سان رقم ڪيو
آهي:
جنهن جي غم مغموم آهي اڄ ته ساري ڪائنات |
سو حسن، ’قنبر‘ هو بيشڪ شاعرِ عالي صفات |
سالِ رحلت هيئن تضارب ۾ ڏَسيو آهي سروش |
چار ڀيرا ”اڄ“ چئي، ڪئي ”مومن صادق“ وفات |
|
4
x
331 = 1324ھ |
صنعت تضارب ۾ هڪ اکر يا لفظ يا لفظن جي عددن
کي ڪنهن ٻي اکر يا لفظ يا لفظن جي عددن ۾ ضرب
ڪرڻ سان گهربل سن ظاهر ٿي
(عزيز جنگ ولا.1998ع.ص:143)
مير محمد حسن علي خان ٽالپر کي پهرين ته سندن
بنگلي ۾ امانت طور دفن ڪيو ويو. پوءِ تاريخ 19
ربيع الثاني 1330ھ/08 اپريل 1912ع ۾ مير صاحب
جو لاش ڪربلا معليٰ ۾ دفنائڻ لاءِ نِيو ويو
۽ سندن
تدفين
ڪربلا معليٰ ۾ حضرت امام حسينؑ
جي روضهء مبارڪ جي احاطي ۾
21 جمادي الاول 1330هه مطابق 09 مئي 1912ع تي
اُن
حجري ۾
ٿي،
جيڪو سندن ڀاڻيجي حاجي مير نور محمد خان ٽالپر
خريد ڪيو هو
(شاهد، 1995ع، ص: 41-46).
اِن سفر ۾ مير صاحب جي ڀاڻيجي
حاجي مير نور محمد خان ٽالپر سان سندن عزيزن
کانسواءِ ميرزا غلام حيدر ۽ سندس ٻه ڀائر
ميرزا غلام رسول بيگ ۽ ميرزا ٻڍل بيگ ساڻ هئا.
ميرزا غلام حيدر، مير صاحب جي وفات جي تاريخ ۽
ڪربلا ۾ تدفين جي تاريخ هِن ريت نظم چئي آهي:
جنهن جي فرقت کان فضا ڏسجي پئي اڄ سوگوار |
سو حسن هو دينٖ پيغمبر جو سنڌ ۾ پاسدار |
پنڌرهين ذي الحج سال تيرهن سئو چوويهه آيو شمار |
جنهن ۾ رحلت ڪئي جهان مان مير صاحب نامدار |
دفن بنگلي ۾ ٿيو هو عابدٖ شب زنده دار |
ڪربلا مدفن جي لئي هو روحُ ان جو بيقرار |
نيٺ منزل تي رسياسين مير جي ميت کڻي |
ساري منزل تي هئاسين ساڻ ميت اشڪبار |
نورديده اُن جو گڏ نورِ محمد خان امير |
قافله سالار ٿيو هي مردٖ مومن ديندار |
۽ معاون ٿيو ٻڍل اُن جو ته پهرين ڏينهن کان |
ڀاءُ منهنجو شاعرِ آلِ محمد ذي وقار |
مير صاحب پنهنجي پيسن سان ڪيو حجرو خريد |
قبر پيراندي شہٖ دين جي ڪرائي سون تيار |
قبر ۾ ميت رکي مون ۽ غلام رسول ڀاءُ |
اُن گهڙي ها مومن ديندار هر سُو اشڪبار |
نائين مئي اوڻيھ سؤ ٻارهن ڏينهن جا ٻارهن ٿيا |
شاعرٖ آلٖ محمد ٿيو جڏهن زيبٖ مزار |
شعر هي ’قنبر‘ لکيم موليٰ جي روضي ۾ جڏهن
ڪئي ندا هاتف ته آهي شعر بيشڪ آبدار
تاريخ گوئيءَ جي هِن قسم کي صوري چئجي ٿو،
جنهن ۾ ڪنهن واقعي جو سن، تاريخ يا مهينو لفظن
جي صورت ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو ۽ ظاهري لفظن ۾ ئي
تاريخ جو مادو بيان ڪيل هوندو آهي. صوري قسم
تمام رواجي آهي، جنهن ۾ جمل جي حساب جو ڪوبه
عمل دخل ناهي هوندو
(عزيز جنگ ولا.1998ع.ص:113).
ميرزا غلام حيدر، مير صاحب تي ”صنعتِ توشيح“ ۾
هڪ شعر چئي، سندن ڪربلا معليٰ ۾ تدفين جو سن
هِن ريت رقم ڪيو:
م- |
متاعِ حسن زيست جنهن جي ز آغاز |
ي- |
يقيناً هو شعرائي عالم ۾ ممتاز |
ر- |
رهيو طاعتِ حق ۾ مشغول هر دم |
ح- |
حمايت ڪيس پي جو شاھٖ حجاز |
س- |
سخن گو، سخنور، سخندان سخن سنج |
ن- |
نِڪُو نام، آزاد از حرص و آز |
ع- |
عطا جاءِ مرقد ڪيس جو حسينؑ |
ل- |
لحد ۾ ٿيو ساڪن محب با نياز |
ي- |
يگانه هو مومن رسيو سنڌ مان |
ح- |
حفاظت ۾ عباسؑ
جي نينوا باز |
س- |
سندس سال تدفين ’قنبر‘ لکيو |
ن- |
نمايان ٿيو مرثيه گو سرافراز |
|
|
|
1330هه |
توشيح جي لغوي معنيٰ سنوارڻ آهي. علم بيان جي
اصطلاح ۾ اُهو شعر جنهن جي مڙني مصرعن مان
پهريون اکر وٺڻ سان ڪنهن شخصيت يا شاعر جو
نالو ظاهر ٿي. مٿئين شعر جي هر مصرع جو پهريون
اکر کڻي ڌار لکبو، ته اُن مان مير صاحب جو
نالو ”مير حسن علي حسن“ وضع ٿيندو.
ميرزا غلام حيدر جي نوجوان پُٽ ميرزا حسين علي
بيگ ’حسين‘ 23 شعبان المعظم 1333ھ/07 جولائي
1915ع تي پنجويهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي،
جنهن جي داغ کيس نهوڙي وڌو؛ هڪ پيرسن ۽ ٻيو
وري جوان پُٽ جو گھاءُ! پنهنجي ان درد جي
داستان کي هن قطعه تاريخ ۾ رقم ڪري، وفات جو
سن ”صنعت ازدواج“ ۾ هِئين چيو:
فرزند جي رحلت کان ٿيو آهيان دل افگار |
ٿو ياد ۾ اُن جي رهان با ديدهء خونبار |
هو مرثيه خوان، شاعر و نقاش هنرمند |
دل تڙڦي ٿي اُن جا هي اکين سان ڏسي آثار |
دنيا مين پسر باپ کي زينت کا سبب هئي |
هي خوب دبيرِ سخن آرا ڪيو اظهار |
بازو ڪري خسته ٿو غمٖ قوتٖ بازو |
ٿو ياد ڪريان بس غمٖ عباسِ علمدار |
جا ازدواج آهي صنعت اُن ۾ لکان ٿو |
رحلت جو سندس سال پِٽي سر ڏئي اُڇنگار |
’قنبر‘ جي دُعا تنهنجو حبيب ايزد ئي
موليٰ علي ٿيئي سرور و سردار مددگار |
709
+
1206
= 1915ع |
صنعت ازدواج ۾
ڪنهن شعر جي پهرين مصرع مان حروف معجمه (نقطن
وارا اکر) جا عدد وٺي، پوءِ اُن عددن کي، ان
شعر يا ٻي شعر جي پهرين يا ٻي مصرع مان حروف
مهمله (بنا نقطن وارا اکر) جي عددن سان جوڙجن،
ته ان مان گھربل سن حاصل ٿي
(عزيز جنگ ولا.1998ع.ص:150).
ميرزا حسين علي بيگ جي وفات جو سن آخري شعر جي پهرين مصرع
”قنبر جي دُعا تنهنجو حبيب ايزد ئي“ جي نقطن
وارن اکرن ق، ن، ب، ج، ي، ت، ن، ن، ج، ب، ي،
ب، ي، ز ۽ ي
جي عددن
کي ٻي مصرع ”موليٰ علي ٿيئي سرور و سردار
مددگار“ جي بي نقط لفظن ”سرور و سردار مددگار“
جي عددن سان، پاڻ ۾ جوڙ ڪرڻ سان حاصل ٿيندو.
جوان پُٽ جي مرڻي جو زخم اڃا تازو ئي هو،
جو وري 12 ذيقعد 1334ھ/11 سيپٽمبر 1916ع تي
سندس ننڍو ڀاءُ ميرزا ٻڍل بيگ به وفات ڪري
ويو! جنهن جي وفات جو سن ”صنعت مضاغف“ ۾ رقم
ڪيو:
جو خاتمِ مرثيه سندو نقشِ نگين ٿيو |
اڄ سوگ ۾ اُن جي ته هر هڪ آهي غمين ٿيو |
رحلت سندو لک سال مضاعف ۾ اي قنبر |
افضال الٰهي
سان ٻڍل خلد مڪين ٿيو |
|
958
x
2
= 1916ع |
سنڌ جي هِن شاعر جي وفات 25 ربيع الثاني
1339هه/05
جنوري 1921ع تي حيدرآباد ۾ ٿي. سندن وفات تي
سندس ڀاءُ ميرزا غلام رسول بيگ ’مقبل‘، ميرزا
قربان علي بيگ ’قربان‘ ۽
مولانا سيد
علي
اصغر’ڪيف‘
تاريخي قطعات رقم ڪيا. جن مان
مولانا سيد
علي
اصغر
جي چيل قطعه تاريخ هِتي ڏجي ٿي:
صد افسوس ای
کیف
ناگاہ قنبر |
ز دنیا
ثناخوان آل عبا رفت |
پئی
سال رحلت ندا
داد
ہاتف |
بدرگاه مولیٰ بدارالبقا رفت |
|
1339ھ |
حوالا:
1)
بيگ، فياض علي، ميرزا. (مضمون). ”بزم خليل“.
(ٽماهي
مهراڻ 3/2012ع).
ڄام شورو:
سنڌي ادبي بورڊ.
ص: 48 ۽ 49.
2)
جنگ وَلا، نواب عزيز،
شمس العلماء. (1998ع). غَرائب الجمل. نئين
دهلي: قومي ڪونسل برائي فروغ ادب اردو زبان.
ص: 113، 117، 126، 141، 143، 150.
3)
سال 1932ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هالا جي ڪورٽ ۾ ڏنل
بيان جو نقل.
4)
شاهد،
فتح علي بيگ، ميرزا. (1995ع). نهرالبڪا.
حيدرآباد: زيب ادبي مرڪز. ص: 41، 42، 46.
5)
طالب الموليٰ،
مخدوم.
(1992ع).
دُر ناياب عرف ياد رفتگان.
ڄام شورو:
سنڌي ادبي بورڊ. ص:66-67
6)
قنبر، ميرزا غلام حيدر بيگ. (قلمي). بياض
قنبر. ملڪيت: ميرزا منظور علي بيگ.
7)
هاشمي،
عبدالقدوس: (1987ع). تقويم تاريخي (قاموس
تاريخي)، اسلام آباد: ادارهء تحقيقات اسلامي.
هالائي،
گل محمد،
خليفو.
(1275هه).
ديوان گل.
بمبئي.
ص:10.
|