نورنبي راهوجو
ڪوئي آهي!؟
تمام گهڻو ڏُور، سج پنهنجو سفر پورو ڪيو، هُو
آهستي آهستي، وڏن پهاڙن پويان، لِڪندو پئي ويو ۽
اونداهيءَ جا هلڪا هلڪا ڪڪر، پڻ آهستي آهستي گهرا
ٿيندا پئي ويا. هي يڪ ٽِڪ سج جي جهيڻن ۽ جَهڪن
ترورن ۽ گهري ٿيندڙ اونداهيءَ سان گڏ جبل جون
ننڍيون ٽڪريون جيڪي نظر کٽڻ تائين آهستي آهستي وڏن
پهاڙن سان ملنديون ڄڻ ته وڃي آسمان سان مليون ٿي،
تن کي به گُهوري رهيو هو.
عليءَ کي ان اڻڏٺل ۽ اڻواقف شهر ۾ آئي اڄ چوٿون
ڏينهن ٿيو هو. آسپاس گهري خاموشي ڇانيل هئي. رَکي
رَکي هاءِ وي تان ڪنهن وڏي گاڏيءَ جو آواز يا ڪنهن
مهل هارن، خاموشيءَ کي ٽوڙي رهيو هو، نه ته اهڙي
خاموشي هئي، شايد ڪنهن شهر خموشان ۾ به مشڪل هجي!
هونئن ته عليءَ کي ههڙي خاموشي ۽ ماحول ڏاڍو وڻندو
هو! ڇو ته ان ۽ اهڙي ماحول ۾ سندس ڏات جي ديوي
ساڻس همرڪاب ۽ هم ڪلام ٿيندي هئي ۽ هُو ڪيتريون ئي
ڪَوتائون، ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکي وٺندو هو، پر اڄ
سندس روح گهٻرائجي رهيو هو ۽ کيس مونجهه ۽ گهٻراهٽ
محسوس ٿي رهي هئي. هن هڪڙو ٿڌو شوڪارو ڀري ڀڻڪيو:
ڪاش...! ائين نه هجي ها!
رات جي اونداهي هاڻي تمام گهڻي گهري ٿي چڪي هئي.
سج پهاڙن پويان پنهنجو وجود وڃائي چڪو هو ۽ عليءَ
کي ڪجهه به نظر نه پئي آيو سواءِ آسمان ۾ ٽمڪندڙ
تارن ۽ پري تمام پري ڪنهن ڳوٺ جي گهرن ۾ ڏيئن جيان
ٽمڪندڙ بلبن جي. ان هوندي به علي ٽِڪ ٻڌيو پهاڙن
طرف مسلسل گُهوري رهيو هو. برساتي موسم جي ٿڌي هوا
جو ڪو آوارا جُهوٽو رَکي رَکي سندس جسم ۾ سياٽو
اڀاري رهيو هو، پر هي بادوميار ٿيو، ڪيترن ئي
ڪلاڪن کان ساڳي ڪيفيت ۾ ويٺو هو. هن وري ٿڌو ساهه
ڀري، ڀُڻڪيو:
هيءَ رات ڪيڏي نه ٺَري پئي آ،
پر منهنجي من ۾ باهه ٻَري پئي آ،
تون ڇا ڄاڻين؟ تون ڇا ڄاڻين؟
بند گلين جا رهواسي.
هن وري هڪ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ خود ڪلاميءَ جي انداز ۾
چوڻ لڳو: ”ائين ڇو آهي؟ ائين ڇو پيو ٿئي؟“ غم ۽
غصي سبب سندس مُٺيون ڀِڪوڙجي ويون ۽ سندس چهري تي
وحشت طاري ٿي وئي. هن جي ذهن ۾ پچندڙ لاوو ڄڻ ته
ڦاٽي پيو! ماضيءَ جون يادون ڪنهن مها ٻوڏ جيان
سندس ذهن کي ٻوڙي ۽ نهوڙي رهيون هيون. هڪ هڪ ڪري
اهي سمورا بيوسي، بيحسي، تنگدستي ۽ فاقه ڪشيءَ جا
منظر کيس ڏنگيندا رهيا. هن ڪرسيءَ تي ائين ئي
لاشعوري ۽ بيچينيءَ مان تڪڙا تڪڙا پاسا بدلايا ڄڻ
ته انهن ڏنگن کان پاڻ بچائيندو هجي!
عجيب بيوسي ۽ بيچيني هئي جيڪا عليءَ کي تڙپائي رهي
هئي...!
هن وري ٿڌو شوڪارو ڀريندي خودڪلامي ڪئي، پر......
منهنجو سج ڀي ته پنهنجي پوياڙي واري پهر تي رسي
چڪو آهي، تنگ دستي وجود کي وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي
وئي آهي. مان ڪري به ڇا ٿو سگهان!؟ مان به ته هڪ
اڻ لَکي اميد جي آسري هن اڻڄاتل شهر ۾ روزگار جي
تلاش ۾ آيو آهيان. مجبور، لاچار ۽ بيوس ٿي پنهنجي
اميدن، آسن، خواهشن، جذبن ۽ آدرشن جو گلو دٻائي!
ڇا هر سوچيندڙ، لوچيندڙ، ويساهه کي ساهه تي ترجيح
ڏيندڙ، ڪرپشن جو حصو نه ٿيندڙ سياسي ڪارڪنن ۽
فنڪارن جو انت ۽ انتها اها ئي آهي؟ هُو يا ته عامن
سندو عام ٿي وڃي يا بيوسي، تنگدستيءَ جي گمنام
غارن ۾ مري کپي وڃي!؟ يا سڀ سنگم ٽوڙي ڪناراڪش ٿي
وڃي؟ نه.....نه......ائين ٿيڻ نه گهرجي، ڄڻ ته هُن
هانءَ ڦاڙ رڙ ڪري اها جملا چيا هجن! هن هڪ ڀيرو
وري به ٿڌو شوڪارو ڀري چيو ”پر.....! ڪري به ڇا ٿو
سگهجي!؟“ هڪ عجيب بيوسي هئي جيڪا سندس وجود کي وڻ
ويڙهيءَ جيان وڪوڙي رهي هئي.
هي وري به يادن جي تيز وهڪرن ۽ گهرن ڪُنن ۾ گهيرجي
ٿو وڃي ۽ يادن جو اڻ کٽ سلسلو سندس ذهن تي ڊوڙڻ
لڳي ٿو.
اسلام آباد ۾ دامنِ ڪوهه جي پڪنڪ پوائنٽ تان علي
لهندڙ سج جي سونهري ڪرڻن جي ترورن ۾ اسلام آباد جي
پلازائن، ماڙين، محلن کي غور سان ڏسي رهيو هو ته
پاسي ۾ ڪنهن نوجوان جو آواز سندس خيالن جي سلسلي
کي ٽوڙي ڪنهن بي مهل ۽ اڻ وڻندڙ مهمان جيان سندس
ڪنن سان ٽڪرايو: ”چاچا توهان سنڌي آهيو؟“ هن چهري
تي هلڪي مرڪ آڻيندي، پر بيرخيءَ سان چيو: ’ها‘،
نوجوان وري چيو: ”چاچا توهان ڏٺل ٿا لڳو،“ نوجوان
ٽيون سوال به ڪنهن پٿر جيان عليءَ جي مٿي تي
ڦهڪائي ڏنو: ”توهان ڪڏهن موري آيا آهيو؟“
علي واقفيت جي وڌندڙ سلسلي کي محسوس ڪندي پاڻ کي
نارمل ڪندي چيو ته: ”ها چاچا ڪيترائي ڀيرا آيو
آهيان.“ نوجوان وري هڪ غير متوقع سوال ڦهڪائي ڏنو:
”ڪنهن وٽ؟“ ”بابا ڪامريڊ بادل وٽ. چاچا ڪامريڊ
بادل منهنجو والد هو،“ هن ٿڌو ساهه ڀري چيو ۽
ماٺڙي سان عليءَ جي سامهون پيل پٿر تي پلٿي هڻي
ائين ويهي رهيو ڄڻ ته جنم جنم کان اتي ئي ويٺو هو
۽ اڃا الائي ڪيترا جنم اتي ئي ويهڻو هجيس! ”ها
چاچا مان به چوان ته تڏهن ته روح سٽ کاڌي، پڪ سان
توهان کي بابا سائين وٽ ڏٺو هوندم،“ هن وري به ٿڌو
شوڪارو ڀريو ۽ عليءَ جواب بنا ئي خودڪلاميءَ جي
انداز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”سال ٻن کان هن بي مروت
۽ بيحس شهر ۾ محنت مزدوري ڪري پيٽ جي دوزخ کي ٻارڻ
پيو ڏيان. ڪڏهن ڪڏهن واندڪائيءَ ۾ هتي هليو ايندو
آهيان. هن شهر جا رنگ ۽ ڍنگ ڏسڻ!“
هو اهو چئي ٿورو رُڪيو ته عليءَ موقعي جو فائدو
وٺندي چيو: ”پٽ تون ائين ڇو چيو ته ڪامريڊ تنهنجو
بابا هو؟“ ها چاچا، هن وري به ٿڌو ساهه ڀريو ۽ چوڻ
شروع ڪيائين: ”بابا سائين ٻه اڍائي سال اڳ هن جهان
مان لاڏاڻو ڪري ويو، توهان کي ته خبر آهي ته هُو
محنت مزدوري ڪندو هو. هُو ساٿين سان گڏجي وطن ۽
عوام جي سياست به ڪندو هو، هُن پنهنجي اکين ۾
آئيندي جا سونهري خواب پوکيا هئا ۽ انهن خوابن جي
ساڀيان ماڻڻ جي دڳ تي هلائڻ لاءِ هُو اسان سڀني
گهر جي ڀاتين، اوڙي پاڙي، يارن دوست، مٽن مائٽن
توڙي تر جي ماڻهن کي سڏيندو، سڏ ڏيندو ۽ ساٿ سان
سلهاڙيندو رهندو هو، ڪي سڏ ورنائيندا هئا ۽ ڪي
ڪُترائيندا هئا، پر بابا پنهنجي ڪرت کي لڳو پيو
هوندو هو، نه ڏينهن جي، نه رات جي، نه ٿڌيءَ جي نه
گرم جي، نه لُڪ جي نه بُک ۽ بڙي برسات جي، ”جيئن
ڏينهن تتو، تيئن مڙس متو“ وانگر لڳو پيو هوندو هو.
چاچا سائين عمر ته آهي ئي اصلئون بيوفا! سو جيئن
جيئن بابا ويو جهونو ٿيندو، تيئن تيئن بک، بدحالي،
بيماري ۽ بيرخي سامهون ايندي وئي ۽ بابا جسماني
طور ڪمزور ٿيندو ويو ۽ نيٺ ڏاڍي ڪسمپرسيءَ ۾ گذاري
ويو. هڪ زندگيءَ جا پويان پهر، ٻيو بيماري، ٽيون
اڻهوند ۽ چوٿون ساٿين جي منهن موڙ، سو هڻي مڙس کي
هنڌان هنڌان ٽوڙي وِڌو. اسپتال جي ڏينهنِ ۾
بيماريءَ جي بستري تي ساٿين کي ڏاڍو ساريائين!
نياپا پڻ ڪيائين، ڪرايائين، پر ڪو مزاج پرسي،
درڪنار، ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ ته ٺهيو، پر ٻه قدم ڀري ڪو
همدردي ڪرڻ به ڪو نه آيو! چاچا اسان بابا سائين
پڄاڻا ڏاڍو ڀوڳيو آهي، ائين ڇو آهي؟ هن هلڪو ٿڌو
ساهه ڀريو ۽ وري ڳالهائيندي عليءَ جي مٿي تي سوال
ڦهڪائي ڏنائين ”چاچا توهان به بابا جا ساٿي آهيو
نه؟“ ”ها بابا“. عليءَ ڌيرج سان وراڻيو ۽ ان
اڻڄاڻائيءَ تي پاڻ کي قصوروار سمجهڻ لڳو. ”چاچا
بابا سائين جي وڇوڙي کان پوءِ مون کي هڪ وڏي حسرت
رهي آهي ته ڪاش! ڪو بابا سائينءَ جو ساٿي ملي، ته
کانئس هڪ سوال پڇان، ڇا مان توهان کان سوال پڇي
سگهان ٿو؟“ ”ها بابا بلڪل“، عليءَ مختصر جواب
ڏيندي نوجوان جي چهري جا وَرَن ۽ تاثرات ڏسڻ ۽
پڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو توڙي جو سج پنهنجي پوئين
پساهن ۾ هو تڏهن به نوجوان جي چهري تي آيل معصوميت
۽ پنهنجائپ سان گڏوگڏ عزت احترام بکي رهيو هو.
نوجوان ڄڻ ته ساهي پٽي وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”ڇو
چاچا ائين ڇو آهي؟ مون کي سمجهايو نه؟ خواب بابا
سائين ڏٺا، انهن لاءِ هڙان وڙان پاڻ ڏنائين، پر
ڀوڳيون اسان ٿا، اسان ته ڪنهن چڱي اسڪول ۾ به نه
پڙهي سگهياسين، نه ڪنهن فضيلت ڀرئي روزگار سان لڳي
سگهياسين، نه چڱو کائي، نه پهري سگهياسين، نه سندس
ساٿين جي سٿ ۾ شامل ٿي سگهياسين، مرڳو ئي سندس
مخالفتون ۽ دشمنيون ڳلي پئجي ويون، ڇو؟ اسان جو
ڏوهه ڪهڙو آ؟ ڏسيو نه چاچا؟“ ائين چوندي نوجوان جو
ڳلو ڀرجي آيو ۽ هُو وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو. عليءَ
نوجوان جي نيڻن ۾ نهاريو ته نوجوان جا نيڻ
سانوڻيءَ جي برسات وانگي وڏڦڙا وسائي رهيا هئا،
نوجوان جا نيرَ ڇا هئا ڄڻ ته گونگي برسات ڀريل ٻوڏ
هئي، جيڪا نوجوان سان گڏ علي کي به ٻوڙي ۽ جهوري
رهي هئي. عليءَ جا نيڻ به ڀِڄي پيا هئا، پر عمر جي
رک رکاءُ ۽ نوجوان کي آٿت ڏيڻ جي جذبي نيڻن کي
روڪي ڇڏيو توڙي جو سندس من به نئن گاج جيان گجگوڙ
ڪري ۽ ڌڌڪريون ڏئي روئڻ پئي چاهيو. کن پل لاءِ کيس
به ائين محسوس ٿيڻ لڳو هو ته ”جتي دل هئي اتي درد
ئي درد هو!“ علي زماني ساز مرڪ چهري تي آڻي
انتهائي پنهنجائپ، پيار ۽ پاٻوهه مان اڳتي وڌي
نوجوان کي ڳراٽڙي پائي پيشانيءَ تي چمي ڏئي، آهستي
آهستي ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”پٽ ان ئي سماجي ناانصافي
خلاف توهان جي بابا ۽ اسان جي جدوجهد هئي ۽ آهي.
اسان اهو ئي پئي چاهيو ته هي اڻبرابري وارو سماج
ٽوڙي مروڙي ڪو نئون برابريءَ وارو سماج اڏيون،
جنهن ۾ ڪا به ارهي اک نه هجي ۽ ڪو به لڙڪ نه لاڙي،
اهي ئي ته اسان جون خواهشون ۽ اهي ئي ته اسان جا
خواب هئا جن لاءِ پاڻ پتوڙيوسون ۽ رت ولوڙيوسون،
اهو ئي ته رشتو هو، جنهن کي سڀني رشتن تي مقدم
سمجهيوسون، پر بابل اسين اياڻا هئاسين، اڻڄاڻ ۽
جاهل هئاسين جو، جن کي رهبر سمجهيوسين، سي ئي رهزن
نڪتا ۽ اسان جا خواب لُٽجي ويا، برباد ٿي ويا،
ڪنهن رات جي اونداهيءَ ۾ نه پر چٽي پٽي ڏينهن ڏٺي
۾! زهر جا ڍڪ ڀري ”چور جي ماءُ روئي ڪنڊ ۾“ وانگر
ڪَڻو ڪَڻو ٿي وکري وياسين.!
”ڪا جا هن تسبيح ڇڳي، تارا سارا داڻا داڻا ها!
پنهنجا ڦٽ پراڻا ها، يا هو ويڄ اياڻا ها.“
عليءَ هلڪو ٿڌو ساهه ڀري جهٽ پل جي ساهي پٽي وري
ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”بابل اهو اسان جي تقدير ۾ لکيل
ئي نه هو ته ڪو اسان ظلم جي هن رات جي اونداهين
گهٽين ۾ گھُٽجي بي موت مري وڃون. اسين ته انڪاري
هئاسين، انهن فرسوده ۽ مدي خارج ريتن رسمن جا،
اسان ته وڏي واڪي للڪاريو هو، انهن ڪاري رات جي
رکوالن کي ۽ نئين فڪر ۽ سونهري خوابن جا ٻج کڻي
آيا هئاسين. هن دوزخ جهڙي زمين کي بهشت بنائڻ لاءِ
پر... يار پاڻ ڦرجي وياسين، لُٽجي وياسين!. هاڻ به
همت ڪيون ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا، ڪجهه يار ته
وري مڙي مُٺ پيا ٿين، چئي سڀني انقلابن جو پيش
خيمو ۽ هراول دستو تعليمي انقلاب آهي. اٿڪ ته سٺي
ڪئي اٿن اڳتي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي، ”ڪاڻي اک جو علاج
يا اڳين روشني به چٽ!“ ائين چئي علي ساهه کڻڻ لاءِ
رڪيو، ته نوجوان ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”پر چاچا هاڻي
توهان جو به ته وڃي پويون پهر بچيو آ، وري نئين سر
سندرو ٻڌي جي ميدان ۾ ٿا لهو ته ڇا ٿيندو.“ ”هائو
بابا سچ ٿو چئين، اسان جو سج به ڪڪرن جي گهيري ۾ آ
ڄڻ آيو ڪي آيو، پر پٽ ”هڪ سج ٻه پاڇا“ زندگيءَ جي
آخري هڏڪي مهل به ماڻهو درست دڳ تي هجي، اها وڏي
ڳالهه آ، هن عمر ۾ جيڪڏهن ٻيو ڪجهه نه به ڪري
سگهياسين رڳو ان سياسي ڏائڻ جو گهونگهٽ کولي
وڌوسون، ته اسان جو نئون نسل ٿاٻڙجڻ ۽ ڀٽڪڻ کان
بچي ويندو.“ ”هاها چاچا اهو ته آهي، پر جيڪڏهن
ائين ٿي پوي ته وهه واهه!“
رات جا اونداهان پاڇا هر طرف تيزيءَ سان وڌي ۽
وڌيڪ گهرا ٿي رهيا هئا. دامن ڪوهه جي پڪنڪ پوائنٽ
ميلي جي ميدان وانگر خالي ٿيڻ شروع ٿي هئي. نوجوان
۽ علي ان اونداهي ۽ ماٺ جي گهيري ۾ گهيربا ٿي ويا
جو نوجوان ان ماٺ کي ٽوڙيندي چيو ته: ”چاچا ڪافي
دير ٿي چڪي آهي، هاڻي اسان کي به هلڻ گهرجي.“ علي
پٿر تان اٿندي چيو ته ”صحيح ٿو چوين ٻچا، يار زنده
صحبت قائم وري گڏباسون پٽ.“ ائين چئي علي ٽيڪسي
اسٽينڊ ڏانهن تڪڙيون تڪڙيون وکون وڌائڻ لڳو.
نوجوان جي اوچتو ملاقات، سندس چُڀندڙ سوالن،
ڪامريڊ جي حال احوالن، عليءَ جي دل و دماغ ۾ وڏي
اٿل پٿل آڻي ڇڏي هئي. هن کي به پنهنجي گهر ڀاتين
جي ياد اچي وئي ۽ سندس اولاد جون شڪليون سندس اکين
اڳيان ڦرڻ لڳيون ۽ ڄڻ ته کيس چوڻ لڳيون: خواب تو
ڏٺا، اسان جو ڪهڙو ڏوهه! خواب تو ڏٺا، اسان جو
ڪهڙو ڏوهه!؟ خواب تو ڏٺا، اسان جو ڪهڙو ڏوهه!؟ هن
خيالن ئي خيالن ۾ ڪنڌ ڌوڻي انڪاري انداز ۾ ڀڻڪيو
ته پٽ نه، ٻچا هاڻي ائين نه ٿيندو. ٽيڪسيءَ واري
ڇرڪ ڀري علي کي چيو: ”سائين ڪهان چلنا هي؟“ ها ادا
تون صحيح دڳ تي آهين، ٽيڪسي ايوان دوستيءَ کان
ٿيندي پارليامينٽ هائوس، سپريم ڪورٽ، وزيراعظم
سيڪريٽريٽ، ايوان صدر کان ٿيندي پراڻي فيڊرلاج گيٽ
تي پهتي ته عليءَ ٽيڪسيءَ جو ڪرايو ڏئي، هاسٽل تي
وڃڻ بجاءِ، فيڊرلارج ۽ آب پارا جي پويون پاڪستان
سيڪريٽريٽ سان ملندڙ روڊ وٺي جهوپڙا هوٽل طرف وڌڻ
لڳو.
رافعه حسين
تڏهن ملنداسين
منهنجا کنڀ ڪپجي ويا!!
مان هن کي ڪڏهن نه ٻڌائي سگهندس.
آه…
ڪيتري نه تڪليف پئي ٿئي.
مون ته ڪڏهن نه ڀانيو ته اُڏام ملڻ کانپوءِ واپس
کسجي به سگهي ٿي؟
پر هوءَ چوندي رهندي هئي ته پنهنجي اُڏام جو قدر
ڪجانءِ.
ڇاڪاڻ ته هر نعمت جو حق آهي ته ان کي بهتر کان
بهتر انداز ۾ استعمال ڪجي.
نه زنگ سٺو، ۽ نه بد رنگ سٺو.
زنگ روڪي ڇڏيندو، ۽ بد رنگ موڙي ڇڏيندو!
ڪاش!
مان هن کان پڇي سگهان… ته هي زنگ چئجي يا بد رنگ
چئجي؟
فيروزي مخمل ۾ ڍڪيل ننڍڙي گول ميز.
ان تي رکيل هي سونهري سيخن وارو پڃرو.
سامهون کليل دريءَ مان لهندڙ سج جا پاڇولا نظر اچن
ٿا ۽ انهيءَ منظر ۾ وڌيڪ اُداسي ڀريندڙ…
پڃري ۾ قيد هي بي سُري ڪويل.
ها… مان هڪ بي سُري ڪويل آهيان، مان خزان…
هڪ بي سُري ڪويل آهيان.
خزان جيان خالي… بي رنگ اُجڙيل!
بهار منهنجي لاءِ هڪ بهترين نالي جي چونڊ ڪئي هئي.
مون کي ڪيتري ياد اچي ٿي… منهنجي دوستن… بهار!
هن کي آزادي پسند هئي ۽ مون کي… قيد…!
***
اُنهيءَ ڏينهن… مان پنهنجي پهرين اُڏام خاطر تيار
ڪيو ويو هئس. پوري جوش سان مان اڳتي وڌيس… ۽ جيئن
ئي مون اُڏامڻ شروع ڪيو ته اک ڇنڀ ۾ پنهنجي وجود
۾ ڌڪ کائڻ جي تڪليف محسوس پئي ڪيم.
مان ڪِري پيو هئس.
جيڪر مان هي کنڀ توکان اُڌارا وٺي سگهان ها…“
ائين چوندي هن مون کي واپس آکيري ۾ رکيو، ۽ پنهنجي
گهر ڏانهن وڃڻ لڳي.
منهنجو آکيرو هن جي گهر جي باغ ۾ ئي هڪ وڻ تي آهي.
مان سامهون کان ڏسي سگهان پيو.
”ڇا مان انهن پَرَن جي لائق ناهيان؟“
مون کي ڪاوڙ پئي آئي، پکين ۾ پڻ احساس ٿين ٿا!
ٻئي ڏينهن مون اُڏام ڀري هن جي گهر جو رُخ ڪيو ۽
هن جي ڪمري جي دريءَ مان اندر داخل ٿي ويس.
هوءَ دريءَ سان گڏ رکيل ميز ۽ ڪرسيءَ تي مٿو رکي
ويٺي هئي. بيوسي… حسد… ڪاوڙ ۽ تڪبر… منهنجا پهريان
احساس هئا، جڏهن مان هن سان مليو هئس.
جڏهن ته هن جي طرفان هڪ معصوم خواهش کان وڌيڪ ٻيو
ڪوبه جذبو نه هو.
مان ميز تي ويهي هن کي ڏسندو رهيس، ٿوريءَ دير ۾
هن اکيون کولي مون کي سڃاتو ۽ اُڏامڻ تي خوشيءَ جو
اظهار ڪيائين.
مون پڻ شڪريو ادا ڪرڻ گهريو، پر هوءَ منهنجي ڳالهه
نه سمجهي سگهي، مون کي ته هرهڪ لفظ سمجهه ۾ پئي
آيو. الائي ڇو؟ الائي ڪيئن؟
پنهنجي بي سُري آواز تي هن جو مايوس ۽ همدرديءَ
وارو تاثر پڻ سمجهي ويس.
”تُنهنجي آواز کي ڇا ٿيو؟ ڇا توهان کي به زڪام،
بخار ٿي پيو آهي؟“
زڪام، بخار انسانن جي هڪ عام وبا آهي، اهو ڄاڻان
پيو، انڪري مسڪرائي ڏنم.
هن کي سمجهائڻ گهريم ته منهنجو آواز باقي ڪويلن
کان منفرد آهي، بي سُرو آهي، ۽ مون کي بي سُرو ئي
ڪوٺيو وڃي ٿو.
” مان توکي خزان چوندس!“
خزان…؟ هوءَ ڇا پئي ڳالهائي؟ اهو ويچارڻ مون ضروري
نه ڄاتو، منهنجون نظرون ته پنهنجي ڀرسان رکيل پڃري
تي کُتل رهيون.
آکيري جهڙو پڃرو، جيڪو فيروزي رنگ جي ريشمي رسيءَ
سان سجايل هو، اندر کائڻ، پيئڻ جو سامان به رکيل
هو، مان اندر هليو ويس.
منهنجي گمان موجب داڻي پاڻي جي تلاش ئي ته اسان کي
اُڏام سيکاري ٿي ۽ مون کي داڻو پاڻي ملي ويو هو.
”خزان منهنجي پسنديده موسم، ۽ مان بهار آهيان.“
هوءَ ڳالهائيندي رهي، هن جي تاثر ڏسڻ ۾ دلچسپي نه
ورتم، مان بس داڻو چڳڻ لڳس.
”هيءُ منهنجي پهرين دوستن جو پڃرو آهي، هوءَ به هڪ
سريلي ڪويل!“
مان هن کي سونهن ڪوٺيندي هيس.
هن جي آواز ۾ ڏُک محسوس ڪري سگهان پيو.
”هڪ ڏينهن هوءَ اُڏامي وئي، شايد… هن کي به مون
وانگر آزادي پسند هئي، اُڏام پسند هئي.
هاڻي ڪٿي ڪنهن بهتر جڳهه تي هوندي.
هن پڃري کان بهتر هنڌ هوندي.
ان وقت مون هن سريلي ڪويل جي قسمت تي افسوس ڪيو
هو، جنهن کي ايترو خوبصورت پڃرو پسند نه آيو؟ جتي
آسانيءَ سان داڻو پاڻي ميسر هو؟
”توهان پکين وٽ اسان کان وڌيڪ توڪل هوندي آهي نه!“
بهار جي موسم چوي پئي، پر مان انهيءَ وقت توڪل کان
اڻڄاڻ هئس، ان پڃري مان نڪرڻ تي دل ئي نه چاهيو
پئي.
مان هتي ترسي پيس، جيستائين سڀئي داڻا کپائي نه
ڇڏيان.
***
”ڇا توکي اُڏام جو قدر ناهي؟“
هوءَ افسوس وچان چوندي رهندي هئي ۽ ڪڏهن پڃري جو
دروازو بند نه ڪيائين.
پر ڪڏهن داڻو رکڻ به نه ڇڏيائين.
هڪڙي ڏينهن هن جي گهر مهمان آيو، ڪنهن بهار وانگي
۽ خزان پاڻ اُجڙي وئي!
آه…
هڪ درد سڀئي ڏکڙا وساري ڇڏيا.
يادون به ڪهڙي نه عجب شيءِ آهن؟
ورهين جي اذيت هڪ لمحي ۾ اچي گذري به وڃي ٿي.
۽ انهيءَ هڪ لمحي ۾ پڻ ساڳيو درد ٿئي ٿو، جيڪو
ڪڏهن ورهين تائين سَٺو هيوسين.
هيءُ ماڻهو… ايندي ويندي مون کي ڇڙيءَ سان ڌڪُ ڇو
پيو هڻي؟
پَرَ ڪپجي ويا آهن، ساهه ته کڻان پيو، چرپر به
ڪيان ٿو، پوءِ ڀلا ڇا مسئلو اٿس؟
مان اُڏامندي اُڏامندي آخر ڪيئن هن جي هٿان شڪار
ٿي ويس؟
ها… تلاءَ وٽ پاڻي پيئڻ لاءِ ترسيو هئس…
اُتان کنڀي کڻي آيو.
اُف…
ڪيتري نه سهڻين يادن ۾ گُم هئس ۽ ورهين جي خوشي هڪ
لمحي ۾ ياد اچي تازا ڏک وسارائي ڇڏيا هئا.
بهار جو اَبو ورهيه بعد ڪنهن جوکم ڀري سياحت جي
تلاش کان پوءِ هڪ ڊگهي سفر تان گهر واپس وريو هو.
گهر ۾ هونئن ته ڪو خاص فرق محسوس ڪونه ٿيو، پر
بهار جي امڙ پهرين روزانو ٽيپ رڪارڊر هلائي ان ۾
عَلڻ فقير جو ڪلام ٻڌندي هئي، جيڪو بهار ۽ مون کي
پڻ پسند هو.
ٽِڙي پوندا ٽارئين
جڏهن ڳاڙها گل، الوميان
تڏهن ملنداسين…
تڏهن ملنداسين…
پر هاڻي امڙ اهو ڪلام ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪونه
هلايو. ان کان سواءِ ته امڙ بنهه پُرسڪون رهندي
هئي.
پر بهار… پنهنجي پيءُ سامهون ويندي ڪيٻائيندي رهي.
سرمد صاحب، انهيءَ نانءَ سان امڙ کيس ڪوٺيندي هئي.
مون ٻڌو هو، سرمد صاحب همٿ ڪندي پاڻ بهار جي ڪمري
۾ ايندو رهندو هو ۽ هن جي دلچسپي ۽ عادتون ڄاڻڻ جي
ڪوشش ڪندو رهندو هو.
خاص ڪري جنهن وقت هوءَ اسڪول هوندي هئي ته سرمد
صاحب هن جي ڪمري جو جائزو وٺندو هو.
”ڌيءَ راڻي… توهان کي ٽيلي پيٿيءَ ۾ دلچسپي آهي
نه؟“
سرمد صاحب جي ڳالهه تي هن ڇرڪ ڀري پنهنجي ڪمري تي
نظر ڦيرائي.
شيلف ۾ ٽيلي پيٿي جا ڪجهه ڪتاب، ٽيبل تي هڪ عدد
پڃري کان علاوه ميڻ بتي ۽ ماچيس ۽ هنڌ هنڌ شيشي جا
ننڍڙا بال، جيڪي هن کي هٿ ۾ ڦيرائڻ پسند آهن ۽
شيشي جي گلدانن ۾ سجايل آربيز…
باقي ڇا آهي ڪمري ۾ جيڪو ٽيلي پيٿي ڏانهن ڌيان
ڇِڪي سگهي؟
هن بعد ۾ اهو سڀ مون کان پڇيو هو.
”مون وٽ ڪجهه مشاهدا آهن، جيڪي مان پنهنجي هڪ
پراڻي سفرنامي ۾ لکيا هئا، هي پڙهي ڏسو. شايد
اوهان کي پسند اچن!“
سرمد صاحب هڪ ڪتاب هن کي ڏيئي موٽي ويو.
رات جي اونداهيءَ ۾ هوءَ ڪڏهن ميڻ بتي جي جوت تي
ڌيان رکندي هئي ته ڪڏهن ميڻ بتي جي سامهون ويهي
ڀِت تي پوندڙ پنهنجي پاڇي کي ڏسندي هئي. چوندي هئي
سونهن کي ڳوليندي، انهيءَ سان ڳالهائيندي، منهنجي
ڳالهه پڻ سمجهڻ لڳندي.
ڪڏهن ڪڏهن منهنجي اکين ۾ نهاريندي رهندي هئي ۽
مان… اکيون ڇنڀي نه سگهندو هئس.
آهستي آهستي مون کي هر خالي جڳهه ۾ بهار جو چهرو
نظر اچڻ لڳو.
منهنجي ناقص علم مطابق ته فقط ڪانءُ ئي اهڙو پکي
آهي جيڪو چهرا شناس آهي، شڪل ياد رکي سگهي ٿو، مان
ته هاڻي به اکيون ٻوٽيان ته هن جا نقش سامهون ترن
پيا. خير…
هڪ عام شڪل صورت واري چوڏهين ورهين جي بهار سرمد
کي پڻ جوکم پسند هئا.
پر سرمد صاحب جيان شهر شهر گهمڻ، ملڪ ملڪ ڏسڻ جو
نه، رازن جي دنيا جو سير جو جوکم!
”ابو! مون کي آسمان جي سير ڪرڻ جو شوق آهي، سمنڊ
جي تهه ۾ وڃڻ جو شوق آهي، ماڻهن جي اکين ۾ ڏسي دل
جو حال ڄاڻڻ گهران ٿي، ڇو ته دنيا ۾ ڳجهه کان وڌيڪ
ڪجهه به حسين ناهي.“
”راز… خوبصورت آهن ڇو ته هڪ راز کان وڌيڪ ڪشش ڪنهن
شيءِ ۾ ناهي هوندي.“
وقت سان گڏ هن جي پنهنجي پيءُ سان دوستي ٿي ويئي.
”بهار…! منهنجي ڌيءُ!“
سرمد صاحب سنجيده لڳي پيو.
”مون دنيا جا مختلف ماڳ مڪانَ گهميا آهن.“
ڪيئي خوبصورت واديون ڏٺيون اٿم، مشاهدو ڪيو آهي، ۽
خبر اٿئي…؟
خوبصورتي ڇا ڀانيم؟“
”ننڍپڻ!“
سرمد صاحب جي انڪشاف تي بهار کي اچرج ٿيو.
”دنيا ۾ جيڪڏهن ڪا خوبصورتي آهي ته اهو ’ننڍپڻ‘
آهي، هر ڪنهن جو ننڍپڻ دنيا جي سڀني کان خوبصورت ۽
جادوئي جڳهه آهي.“
مان ٿڪجڻ لڳو هئس، انهن جي ڳالهين سان جيڪي اڄ شدت
سان ياد ڪريان پيو.
”ٽيلي پيٿي تي ڌيان نه ڏيو ته بهتر آهي، توهان جي
عمر ناهي ان علم سکڻ جي.
ڇو نه اسين سڀئي گڏجي ڪنهن سفر تي هلون؟
اسان سڀئي گڏجي وڇوڙي کي الوداع چونداسين!
سرمد صاحب جوش وچان چيو هو ۽ منهنجي دل ٻڏندي وئي،
ڇا… هي سڀئي ڪيڏانهن هليا ويندا؟
منهنجو گهر؟
مان پنهنجي محفوظ پناه گاه کي ڇڏڻ جو سوچي نه پيو
سگهان، ۽ جڏهن مون هُن پڃري کان ٻاهر اُڏام ڀري ته
قيد جي گهُٽ ۽ ٻوسٽ جو احساس ٿيو هو.
ڪڏهن ڪڏهن اسين پاڻ کي ڪنهن قابل ناهيون سمجهندا،
غنيمت به جنگ جوٽڻ ۽ جنگ کٽڻ کانپوءِ حاصل ٿئي ٿي،
پوءِ اسين ڪهڙي آسانيءَ جا عادي آهيون؟
توڪل وارا بزدل نه ٿا ٿين!
۽ مان اُڏام ڀرڻ کان پوءِ توڪل جو مطلب سمجهيو.
ڪير به جاندار پنهنجي فطرت کان منهن موڙي مطمئن نه
ٿو رهي سگهي.
پنهنجي آکيري ۾ رهندي نسلن جي تربيت ڪرڻ انسان
لاءِ قدرت جو اصول آهي.
۽ پنهنجي اَن جي تلاش ۾ آکيرو ڇڏڻ، نسلن کي اُڏام
ڏيڻ پکين جي وصف آهي.
پکي قيد نه ٿو رهي سگهي، ۽ انسان دربدر نه ٿو ڦِري
سگهي، ردوبدل جو انجام ڏکيو آهي.
شايد انهيءَ ڪري ئي هڪ پکي ڪمزور ۽ انسان سڀ کان
مضبوط گهر ٺاهي ٿو.
سرمد صاحب گهمڻ جي شوق ۾ گهر کي وساري ڇڏيو، ۽ هاڻ
پنهنجي ئي گهر ۾ جڳهه ٺاهڻ لاءِ ڪوشان هو.
بهار جي موسم اڪثريت سان وڙهڻ لڳي هئي، هوءَ ماءُ
جي مڪمل توجهه جي عادي هئي، جيڪا توجهه هاڻ ونڊجي
ويئي.
هوءَ پيءُ جي توجهه جي عادي نه هئي، انهيءَ ڪري
مداخلت برداشت نه ڪري سگهي پئي.
گهڻي وقت کان پوءِ هاڻ هو ’دوست‘ بڻجڻ لڳا هئا،
نيٺ اولاد ۽ والد جو رشتو به جڳهه والاريندو.
منهنجي جڳهه گهٽجڻ لڳي هئي، جڏهن کان بهار جو ڌيان
ونڊجڻ لڳو ۽ هن جو وقت ورهائجي ويو ته پڃرو، پڃري
وانگي سوڙهو ٿيڻ لڳو هو.
”سڀاڻي منهنجو جنم ڏينهن آهي، خزان!“
ڪنهن مهل هوءَ داڻو پاڻي رکڻ ايندي هئي ته ڳالهه
ٻولهه ڪندي هئي.
”اَمي اَبو ڪنهن پهاڙي علائقي جي سير جو پروگرام
ٺاهي رهيا هئا، شايد… مون کي سرپرائيز ڏيندا.“
هن کي منهنجا تاثر نظر نه ٿي آيا.
ڇا مان خوشنصيب آهيان…؟ جيڪو روئي سگهي ٿو، اُداس
ٿي سگهي ٿو، ظاهر ٿي وڃڻ جي ڊپ بغير؟ مڪمل آزادي
سان؟
پر اها خوشنصيبي مون کي چُڀي رهي هئي.
”تون ڄاڻين ٿو نه، ته مون کي ’چيري بلاسم‘ گل پسند
آهن؟ بهار جي مُند آهي…“
شايد چيري گُل ڏيکارڻ جو سوچين پيا؟
”جاپان ۾ هر سال بهار ۾ چيري گُلن جو ميلو سجايو
وڃي ٿو، متان اسين اوڏانهن وڃون؟“
منهن هٿ تي رکي هوءَ سوچي مُرڪي رهي هئي.
ميز تي رکيل هن جي ٺونٺ تي چهنب هڻڻ جو ارمان ٿيو،
انسان به ڪيڏو نه عجيب آهي…؟
پنهنجو وقت ورهائي نه ٿو سگهي، ۽ پاڻ مڪمل توجهه
گهُري ٿو؟
پر پوءِ مون کي هڪ بهتر ’سرپرائيز‘ ڏيڻ جو خيال
آيو.
هي بيرحم ماڻهو گهڙي گهڙي اچي ڳائڻ جو اصرار ڪري
ٿو، ۽ پوءِ ڪيڏانهن هليو وڃي ٿو.
پاڻي به ڇڙيءَ جي ڌڪ سان پيرن ۾ ڇُلڪي پيو آهي، ۽
منهنجو گلو خشڪ ٿئي پيو.
سامهون دريءَ جي ٻاهران چيري بلاسم جو وڻ نظر اچي
ٿو، گُل ڦُٽي رهيا آهن.
انهن گلن جي ئي تلاش ۾ اُتر طرف نڪتو هئس.
سوچيان پيو هن کي هڪ چيري گُل آڻي ڏيندس تحفي ۾،
ته هوءَ خوش ٿي ويندي.
هاڻي هوءَ بدگمان نه ٿئي… ته هن جي پهرين ڪويل
سونهن جيان مان به آزادي خاطر اُڏامي ويس.
منهنجا ته پَرَ ئي ڪپجي ويا، اُڏام کسجي وئي. ساهه
به جهڪو ٿئي پيو.
آلين اکين ۾ به هن جو مُرڪندڙ چهرو چِٽو نظر اچي
پيو. شايد… ٽيلي پيٿيءَ سان مون وٽ پيغام پهچائڻ
گهريو هجي؟
مان زندگيءَ کان ڊنل رهيو آهيان، ۽ پنهنجي بي سُري
آواز کان به، ۽ زندگيءَ جي انت لمحن ۾…
مان ڳائي رهيو آهيان! پنهنجو ڏک… پنهنجي بيوسيءَ
کي…!! ۽ ڳائيندو رهندس.
انهيءَ بي سُري آواز ۾، هڪ خوبصورت ياد ۾، هن جي
پسنديده گلن کي ڏسندي.
هن جو پسنديده ڪلام، پرن سان نوازڻ واري مالڪ جي
نانءِ… هوءَ به اکين ۾ ساڻ ڳائي رهي آهي.
نئون ڪتاب
ڪتاب: پڙلاءُ
شاعر: ارباب علي ”عادل“ چوهاڻ
موضوع: شاعري
ڇاپو پهريون: اپريل 2019ع
قيمت: -/250 رپيا
ڇپائيندڙ: مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور |