پنهل چاڪراڻي
مينڊيٽ
هڪ ته سڄي رات مڇرن تپايو ٻيو جڏهن آگسٽ جي صبح جي
سج جا ڪرڻا ڳلن کان ٿيندا اکين سان لڳا ته شمس
تبريز جي ٻوٽي پچڻ جهڙي تپش محسوس ٿي. مان به
آرسيل، چادر کي جانٺو هڻي اولهه طرف پاسو ورائي
ليٽي پيس، ته ڪجهه گهڙين کان پوءِ امان جو آواز
ٻُريو.
”ابا مصور اُٿي!“ شايد امان مون کي اڳ ۾ ڪجهه سڏ
ڪيا هئا جيڪي ننڊ ۾ مون نه ٻڌا. ايتري ۾ بابا جو
آواز آيو.
”پٽ! اُٿي ڪاليج جو ٽائيم ٿي ويو آهي؟“ اِتي مان
ننڊائتي آواز ۾ جواب ڏنو. ”بابا اڄ ڪاليج ڪونه
ويندس.“ بابا جهٽ ۾ حاضر جواب ٿيندي پڇو.
”پٽ! ڇو ڪاليج اڄ نه کلندو ڇا؟“ مون چادر اڃا مٿي
سوري منهن ڍڪيو ڇو جو صبح جي گرمي وڌنڌي ٿي وئي.
چادر سوريندي جواب ڏنو سو به پاڻ کي بي قصور ثابت
ڪندي.
”بابا ڪاليج ته کليل آهي، پر موڪلن کان پوءِ اڄ
خميس جو ڏينهن آهي، انڪري مٿئين هفتي کان ڪلاس
هلندا ۽ بابا اوهان کي ته خبر آهي ته پهرين ڏينهنِ
۾ شاگرد توڙي استاد ڪاٿي ايندا آهن، اهو وڃي مٿيون
هفتو سنڀاريو.“
بابا پنهنجي اصلي خاصيت موجب منهنجي مڪمل ڳالهه
ٻڌي ۽ پوءِ اديءَ سان مخاطب ٿيندي پڇو.
”بابا نازش! توهان ته اسڪول ويندؤ نه.“ اديءَ جي
بجاءِ مون جلد جواب ڏنو.
”بابا جڏهن اسان ڇوڪرا ئي ڪونه ٿا وڃون ته هيءَ
ڇوڪري وڃي ڇا ڪندي.“ مون مس ڳالهائڻ بند ڪيو. ادي
مون سان سهمت ٿيندي چيو. ”بابا ادا ٺيڪ ٿو چوي،
مان به سومر کان اسڪول وينديس.“ ايتري ۾ بابا بغير
ڪجهه چوڻ جي باٿ روم ڏانهن وهنجڻ ويو ۽ اُتان ئي
بلند آواز سان امان کي چيائين:
”بلقيس نيرن جلدي ٺاهيو،“ هاڻي مان مان اٿڻ جي ڪري
رهيو هئس جو هاڻي هڪ ته گرمي ٻيو وري مٿان چادر،
رهندو وري بابا رات جو ٽين وڳي اليڪشن ڊيوٽيءَ تان
موٽڻ کان پوءِ صبح پنجين وڳي اُٿي اسڪول وڃڻ جي
تياري ڪري رهيو هو، پر مان اڃا تائين سُتو پيو
هئس. مون کي پهريان ته ڪجهه عجيب لڳو ڇو جو بابا
اديءَ کي اسڪول يا مون کي ڪاليج نه وڃڻ تي لفظ به
نه چيو جو سندس اها فطرت رهي آهي ته، هُو اسان کي
هميشه آزاد خيال رهڻ ۽ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي
سکيا ڏني آهي. سندن اهڙي رويي جي ڪري، اسان کي
ڪڏهن به بابا عام پيءُ وانگر پوليس وارو نه، پر
دوست محسوس ٿيو آهي.
کٽ تان اٿندي ئي وڏي اوٻاسي ڀري بيخوديءَ ۾ ئي ٻئي
هٿ مٿي ڪري آرس ڀڄندي کٽ جي ساڄي پاسي کان جُتي
ڏسڻ لڳس، کاٻي پاسي کان جهاتي پاتي پر جُتي جو ته
پاڇو به نظر نه آيو ۽ پوءِ ڪوريئڙي وانگر ڪوشش ڪري
کٽ جي پيرانديءَ وٽ به ڏٺم، پر جُتي نظر نه آئي.
آخر ۾ نيٺ بيزار ٿي چادر کي سٽ ڏئي لاٿو، لهندي ئي
منهنجي نظر سيرانديءَ جي سڄي پائي جي ڀر ۾ پيل
جُتيءَ تي پئي. فاتح وانگر جهٽ پٽ جتي پير ۾ پاتي
ته اوچتو بابا جي چيل ڳالهه ذهن تي تري آئي، جنهن
تي مان ڪڏهن به سنجيدگيءَ سان ڌيان نه ڏنو، ته
ڪابه شيءِ تيستائين جلدي نه لڀندي جيستائين اها
پنهنجي اصل جاءِ تي نه رکبي. انهن لفظن ۾ ايتري
سچائي هئي جو مان سوچيندي ئي سوچيندي سيرانديءَ
کان موبائل فون کڻي ڪمري ۾ پهچي ويس.
انهن خيالن جي ڪشمڪش دوران وڃي ٽي.وي جو سُئچ آن
ڪيو، جيستائين ٽي.وي مڪمل آنِ ٿئي، مان ڪمري ۾
چوڌاري نظر ڦيرائيندو رهيس. ڏسندي ئي ڏسندي ٽي.وي
آن ٿي، جنهن ۾ بريڪ فاسٽ شو هلي رهيو هو، اُن ۾
هميشه جيان اِليٽ ڪلاس جي کاڌن ۽ سندن زندگيءَ جي
رهڻي ڪهڻيءَ تي چرچا ئي هوندا آهن. رموٽ هٿ ڪري
چينل مٽايو، جنهن تي وري راتوڪو ٽاڪ شو رپيٽ ۾ هلي
رهيو هو. مان ته اڳي ئي انهن سياستدانن کان باغي،
پوءِ نيٺ وري به چئنل مٽايو. چئنل مٽائيندي ئي
ٽي.وي اسڪرين تي بريڪنگ نيوز لکجي آئي. مان بريڪنگ
نيوز جا لفظ پڙهڻ سان ئي چيو، ”يا خدا خير،“ ڇو جو
اسان جي ميڊيا جي بريڪنگ نيوز مطلب نوانوي پوائنٽ
نوانوي سيڪڙو خوفائتيون خبرون‘ جو چڱو ڀلو به دل
جو مريض ٿي پئي. بريڪنگ نيوز لفظن پٺيان ڪڙڪندڙ
آواز ۾ نيوز ڪاسٽر خبر پڙهندي چيو.
”ناظرين اسان اوهان کي بريڪنگ نيوز ڏئي رهيا آهيون
ته سنڌ جي صوبائي تڪ تي ٿيل ضمني چونڊن ۾ حڪومتي
پارٽيءَ جو اميدوار رئيس دلبر خان عوامي مينڊئيٽ
سان آزاد اميدوار ڊاڪٽر بشير احمد ۽ ٻين کي سندس
ئي تڪ ۾ شڪست ڏئي سندس خانداني سيٽ تي چوٿون ڀيرو
ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.“ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، لفظ
ڪنن تي پوڻ سان ئي مون رموٽ جي ڳاڙهي بٽڻ کي هٿ
هڻي ٽي.وي بند ڪئي.
مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ فطرت جو مانڊاڻ مون سان
ڪوڙ ڳالهائيندو هجي ۽ هن هار ۽ جيت جو فيصلو ڪندي
سوچيم.
هڪ اهڙو شخص ڊاڪٽر بشير احمد کي ڪيئن ٿو هارائي
سگهي، جنهن جا پڙڏاڏا ٻئي علائقي جا هوندي مسلسل
80 سالن کان هتي جمهوري حڪومت ڪري رهيا آهن، جن
سواءِ ذاتي ملڪيت ٺاهڻ جي ٻي ڪنهن به بنيادي ڪم
ڪرڻ جي به ڪڏهن تڪليف نه ڪئي هوندي.
هوڏانهن ڊاڪٽر بشير احمد فارين (ولايت) مان تعليم
حاصل ڪرڻ جي باوجود پنهنجي اباڻي تر جي خوشحاليءَ
لاءِ پاڻ کي ارپي ڇڏيو آهي. جنهن رات ڏينهن هڪ ڪري
حڪومت توڙي ٻين سماجي تنظيمن جي مدد وسيلي پنهنجي
بي پناهه ڪاوشن سان هن علائقي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ
۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪڏهن ڊگري
ڪاليج لاءِ بلڊنگ، ڪڏهن سول اسپتال جي گهُرَ، مطلب
هر انهيءَ عمل ۾ اڳڀرو رهيو آهي، جنهن سان عام
ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ خوشحالي اچي ته اهڙو شخص
ڪيئن ٿو هارائي سگهي. ڇا ايترو انڌير آهي؟ جو
ڊاڪٽر جهڙا انسان دوست سياستدان ڪڏهن به اسيمبلين
تائين نه پهچندا؟
انهيءَ فڪر دوران مون کي اوچتو بابا جي ياد آئي ڇو
جو بابا ڪالهه انهيءَ اليڪشن تي هو. ايتري ۾ بابا
به ڪمري ۾ پهچي ويو. بابا ڪمري ۾ پهچڻ سان ئي ڪٻٽ
۾ پيل ڪتابن ڏانهن ويندي منهنجي ڪياڙيءَ تي هلڪي
ٿڦڪي هڻي دوستاڻي انداز ۾ پڇيو.
”رئيس! خير ته آهي، ڪهڙن خيالن ۾ گم آهيو؟“ سوال
پوري ٿيندي ئي مان به ساڳئي ئي انداز ۾ ورايو.
”سائين! ڏسو دنيا دورنگي جا رنگ، ڪا ڳالهه سمجهه ۾
نٿي اچي.“ اڃا مان ڳالهه پوري ئي نه ڪئي، بابا وري
سوال ڪيو.
”اهڙو ڇا ٿيو آ جو توکي اچي دنيا جي فڪر ورتو آ“
بابا جي انهي ٻئي سوال منهنجي دوستاڻي انداز ۾ دخل
وجهي جذبات ۾ چوارايو.
”اهو پڇو ڇا نه ٿيو آ، ڇا اوهان کي خبر ناهي؟ سچي
خبر ڪيئن نه هوندي، اوهان پاڻ اليڪشن تي هئا
جو(؟)“ منهنجي ڳالهه وري به اڌ ۾ پر بابا ڪٻٽ مان
ٻه ڪتاب ڪڍي ٽيبل تي رکندي چيو.
”ها مان هئس پوءِ ان ۾ ڇا آهي؟“ بابا جي لفظن مون
کي وڌيڪ جذباتي ڪيو.
”اوهان ته هئا تڏهن ته پڇان ٿو ته ڊاڪٽر بشير احمد
ڪيئن هارايو؟“ بابا هڪ ٻيو ڪتاب ڪڍي ٽيبل تي رکيو
۽ ڪٻٽ ۾ ٻين ڪتابن ڏي نهاريندي چيو.
”جيئن هارائبو آ ائين.“ شايد بابا جي زبان ڪجهه
ٻيو چوڻ گهري ها جو بابا جا اهي لفظ وتائي فقير جي
چرچن کان گهٽ نه هئا. هونئن به مزاح اهڙي حقيقت جو
نالو آهي جيڪا سڌي طرح نه ٻڌائي سگهجي، پر بابا جي
هن ڀوڳ تي مون کي کلڻ بجاءِ ڏک ٿيو ۽ بي تڪلفيءَ ۾
چئجي ويو.
”بابا! ان جو مطلب ته اوهان به ڊاڪٽر جي شڪست تي
خوش آهيو؟“ بابا به پنهنجو ساڳئي انداز ۾ وراڻيو.
”مان ڇا سڀ خوش آهن،“ انهن لفظن جو منهنجي ڪنن تي
پوڻ سان تڪلف ڪاوڙ ۾ تبديل ٿيندو ويو.
”پوءِ ڇا ٿيندو؟“ منهنجي سوال بابا جي ستل سورن کي
جاڳائي وڌو ۽ مون کي منهنجي ئي لهجي ۾ چيائين:
”پٽ! ڇا ٿيندو مطلب، اسان جڏهن چاهيون ئي نٿا ته
ڪجهه ٿئي ته پوءِ ڇا ٿيندو ٻڌاءِ!“ بابا جي تکي
لهجي، منهنجي ڪاوڙ کي ٻنڊو ڏئي سوچڻ تي مجبور ڪيو،
جيستائين بابا به ڪتابن مان هٿ ڪڍي مون ڏانهن منهن
ڪري سڌو ٿي بيٺو، مان معصوميت منجهان پڇيو.
”بابا! اهو ڪيئن؟“ بابا به ڄڻ منهنجي سوال جو
انتظار ڪري رهيو هو ۽ سندس لهجو اڃا به تکو ٿيندو
ويو.
”پٽ! اهو ائين ته اليڪشن کان ڪجهه ڏينهن اڳ شايد
تو به ٻڌو هوندو ته سڀني جي زبان تي هڪ ئي رٽ هئي
ته ’رئيس دلبر خان هونئن به جيئن جو تيئن کٽي
ويندو، باقي اسان ڊاڪٽر بشير کي ووٽ ڏئي ڇو ڏٺا
ٿيون‘، ها! سڀ کان اهم ڳالهه اِها ته اسان جي هڪ
يا ٻن ووٽن سان ڪهڙو کٽندو.“ اتي بابا جو لهجو
انقلابي سياستدانن کان به جوشيلو ٿي لڳو، رهندو
جڏهن منهنجو اهو پڇڻ ته: ”ان سان ڇا ٿيندو؟ اهو ته
سڀ چئون پيا.“ منهنجي انهن لفظن بابا جي اندر جي
باهه تي گاسليٽ جو ڪم ڪيو.
”اڙي! سڄو اڇو منهن اتي ئي ته آهي، جو اسان کي ڪير
سمجهائي ته اسان کان سواءِ ٻيو ڪير به ووٽ ڏيڻ
ڪونه ويندو ۽ جڏهن اسان سڀني جي اهائي سوچ هجي ته
ڊاڪٽر جهڙي ماڻهن کي ووٽ ڪير ڏيندو، جڏهن آهيون ئي
اسان ۽ اسان ئي ٿا ووٽ ڏيون ته جنهن کي ڏينداسين
اهو ئي کٽندو ڇو ته اسان پيرن، ميرن، وڏيرن ۽
رئيسن جا ذهني غلام آهيون ۽ اها ذهني غلامي ئي
اسان جي جهالت جو سبب آهي ۽ جاهل ڪڏهن به ڊاڪٽر
جهڙن سياستدانن کي اسيمبلين ۾ ڪو نه موڪليندا،
هاڻي سمجهئي رئيس مصور خان!“
بابا جو اهو رويو جنهن مون کي رئيس مصور خان جي
فضيلت سان نوازيو، اهو جلدي سندس قابو ۾ اچي ويو ۽
پنهنجي ساڳئي ڪم سان لڳي ويو، جنهن لاءِ ڪمري ۾
آيو هو يعني وري ڪتاب ڳولڻ لڳو ته اتي مون کي بابا
جون جاهلن بابت ٻڌايل نشانيون ياد آيون ۽ بي
اختيار زبان مان نڪري ويو ته:
”جاهل سچ ۾ جاهل آهن جو هنن کي خبر ناهي ته سندن
طاقت ڇاهي، نه ئي سندن کي ذميواري جو ڪوئي احساس ۽
نه ئي هنن کي پنهنجي حق جي ڪا سُڌ آهي جو پنهنجي
پيرن تي بيهي پنهنجو مقدر بدلائي سگهن.“ منهنجي هن
جوش ۽ ولولي بابا تي ڪوبه اثر نه ڇڏيو ۽ بابا
آهستي آهستي ڪتابن کي ٿيلهي ۾ سهيڙڻ لڳو. مان
رهندو جذباتي ٿيندي چيو:
”ها بابا! اوهان بلڪل ٺيڪ آهيو، اهڙن جاهلن کي
ڊاڪٽر بشير جهڙن جو قدر ڇو ٿيندو، ڇو ته هنن کي
خادم نه پر حاڪم کپن جيڪي هنن تي ظلم ڪن، هنن جا
حق غضب ڪن ۽ هنن کي ذهني غلامي توڙي معاشي استحصال
جو شڪار بڻائين، سچ ته اهڙن جاهلن جو مقدر ڪڏهن به
نه مٽبو، جيستائين هُو پاڻ نه چاهيندا، هي ته
ڊاڪٽر آ ڀلي ڪو آسمان کان فرشتو اچي ته به هنن جي
قسمت نٿو بدلائي سگهي.“
مون کي ائين محسوس ٿيو بابا منهنجي ڳالهين تي ڪو
به ڌيان نه پيو ڏئي، شايد انهن ڳالهين ۾ رڳو
واويلا ئي محسوس ٿيس، هونءَ به ڏاهپ ان ۾ آهي ته
مسئلن تي اجائي بڪ بڪ بجاءِ ڪو مثبت حل تلاش ڪجي.
انهيءَ مهل بابا کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه هو جيڪو
مون کي اهو ٻڌائي ته هن مسئلي جو حل ڇا آهي. مان
بابا کان پڇڻ تي هئس ته بابا ڪمري کان در طرف قدم
وڌايا، تيستائين منهنجي خيالن جو پڙلاءُ منهنجي
زبان تي آيو ۽ جوشيلي آواز ۾ پڇيو:
”بابا! پوءِ انهيءَ جو حل ڇا آهي؟“ منهنجي سوال،
بابا جي پيرن ۾ زنجير وجهي ڇڏيا جو بابا جا قدم
اتي ئي ٽڪيا ۽ قدم به اڳتي نه هليا ۽ اتي ئي مان
سوال جو ٻيو حصو پڇيو:
”ڇا اهڙا وڏيرا اسان کي هميشه ذهني غلام ۽ ذليل
ڪندا رهندا، ڇا اسان جو مقدر اهو ئي آهي، ڇا اسان
جي تقدير بدلجڻ واري نه آهي، ته پوءِ ڇا ڪجي؟“
منهنجي سوال جي پڇڻ سان ئي بابا جي منهن تي ڪاوڙ
بجاءِ ڪنهن فتح جون نشانيون نظر آيون، سندس اهڙو
انداز ۽ لهجو مون ڪڏهن به نه ٻڌو هو ۽ سندس
ڪڙڪيدار آواز منهنجي ڪنن تي ڪجهه هيئن پيو:
”جيستائين اوهان جهڙا لکيل پڙهيل جاهل هوندا،
تيستائين توهان تي اهڙا حڪمران صديون ڇا تا قيامت
حاڪم رهندا.“ بابا جي اهڙي لهجي ۽ آواز تي ٻاهران
امان جو آواز آيو.
”ڇا ٿيو اٿوَ ڇو ٿا وڙهو؟“ بابا به امان کي اهڙي
ئي انداز ۾ چيو:
”ڪجهه به نه.“ ۽ پنهنجو مڪمل ڌيان مون ڏانهن ڪري
چوڻ لڳو ته:
”پٽ! تون ۽ تنهنجي ڪاليج وارن دوستن کان وڌيڪ ڪو
ٻيو جاهل ٿيندو، جو اوهان سڀ هنن جاهلن وانگر اهو
چئو ٿا ته هن هفتي ڪير ڪاليج ڪونه ايندو ڇو جو
اونهاري جي موڪلن کان بعد پهريان ڏينهن آهن. اڙي
انڌؤ اوهان کان سواءِ ٻيو ڪاليج ۾ ڪير آهي، اوهان
شاگرد، استاد ۽ کڻي ٻيو ٿورو گهڻو اسٽاف، ٻيو ڪير
آهي؟ اوهان سڀ يعني استاد، شاگرد ۽ اسٽاف وارا اهو
چوندؤ ته ڪاليج ڪير ڪونه ايندو ته جاهلو ڪير
ويندو. هاڻي ٻڌاءِ انهيءَ جهالت جو ڪهڙو علاج آهي،
هاڻي ڪير وڌيڪ جاهل آهي؟ اوهان يا هو ووٽرجن وڏيري
جي ڀوَ کان ان کي ووٽ ڏنا، پر اوهان سان ته اهڙو
ڪو مسئلو ڪونهي جو اوهان کي ڪو ڪاليج يا اسڪول وڃڻ
تي تشدد ڪري ته نه وڃو، ته پوءِ اوهان طاقت، حق ۽
ذميواريءَ جو مظاهرو ڇو نه ٿا ڪيو پٽ!“
پٽ چوندي بابا جو لهجو نرم ٿي ويو، باقي پهريان ته
منهنجو ساهه مُٺ ۾ هو، نرم لهجي ۾ بابا جا ڳالهايل
لفظ ياد آهن جيڪي هن ٿيلهي کي ڪُلهي تي سوريندي
چيا.
”جيسيتائين هرڪو پنهنجو ڪم ذميواري سان ڪرڻ بجاءِ
ٻين تي ٺٺوليون ڪندو تيستائين خدا به چاهي ته اسان
جي قسمت نٿو بدلائي سگهي، اهو فطري اصول آهي.“
بابا جا اهي لفظ سڄي ڪمري ۾ گونجڻ لڳا ۽ مان اتي
ئي بيٺو رهيس، پر بابا موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪري
پنهنجي اسڪول هليو ويو.
مير سجاد اختر ٽالپر (ٽنڊو جان محمد)
سُهائي
منهنجي پاڙي ۾ هنن کي ٻه مهينا ٿي چڪا هئا، هيترن
ڏينهن کان پوءِ هوءَ منهنجي گهر ۾ پهريون ڀيرو آئي
هئي. شايد امان کان اٽو وٺڻ آئي هئي، ڪاري وڳي ۾
هوءَ ڏاڍي خوبصورت ۽ معصوم لڳي رهي هئي.
مون امان کان پڇيو ته: ”امان هي ڪٿان آيا آهن؟“
امان اٽي وارا هٿ ڇنڊيندي وراڻي:
”ابا پنهنجو ڪراچي واري پاسي حب کان لڏي هتي آيا
آهن.“
مون وري پڇيو:
”ڇو امان لڏي هتي آيا آهن، اُتي ڇا ٿيو هُئنِ؟“
امان کٽ تي رلي وڇائيندي وراڻي:
”ابا پاڻ ۾ سڱاوتين جو ڪو جهيڙو هُئنِ سو اُنهيءَ
جهيڙي کان بچڻ لاءِ لڏي اچي هتي رهيا آهن.“
مون کي هُن سان ملڻ جو اشتياق ٿيو سو امان کان هنن
جي گهرڻ ڏانهن وڃڻ جي موڪل لاءِ چيم.
”امان، آءٌ راند ڪُڏڻ لاءِ هنن ڏانهن وڃان؟“
امان اجازت ڏيندي وراڻي:
”ڀل.... پر اچجانءِ جلدي.“
امان هائوڪار ڪئي ته آءٌ ڊوڙي هنن جي گهر هليو
ويس، هُن پريان ٿانوَ پئي سانڀيا، آءٌ سڌو هِن
ڏانهن هليو ويس ۽ چيومانس:
”مون سان راند ڪُڏندينءَ.....!“
هوءَ پهرين مون کي گُهوري ڏسندي رهي ۽ پوءِ
هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيائين، بس پوءِ منهنجو معمول ٿي
ويو ته شام جو هنن جي گهر وڃي، هِن سان راند ڪرڻ،
هوءَ گهڻو تڻو گُڏين راندي ڪندي هئي، انهي ڪري مان
به امان کان گُڏيون ٺهرائي ويو هئس.
هڪ ڏينهن راند ڪندي، هُن جي ڏاڏيءَ جي واتان هڪ
جملو ٻُڌم، جيڪا پنهنجي پُٽ کي چئي رهي هئي ته
”ابا؛ ڇوريءَ کي ڇُڙواڳ نه ڇڏ، اڳ ئي ڪاريءَ جي ته
ڌيءُ آهي.“ مون کي انهيءَ ڳالهه تي حيرت ٿي ڇو ته
هوءَ اڇي کير جهڙي هئي ته هن جي ماءُ ڪاري ڪيئن ٿي
ٿِي سگهي. ٻه ٽي ڏينهن ته انهيءَ سوال جي جواب جي
باري ۾ مان پاڻ سوچيندو رهيس، پر مون کي ڪجهه
سمجهه ۾ نه آيو ته نيٺ کانئس پڇيم:
”سُهائي تنهنجي ماءُ ڪاري هئي ڇا؟“
سُهائي وراڻي:
”الائي....!“
مون حيرت وچان پڇيو:
”توکي خبر ڪونهي ڇا!“
سُهائي چيو:
”نه ته....!“
مون وري چيو:
”ڏاڏيءَ کان ڪونه پڇيو اٿئي ڇا؟“
سُهائي وراڻي:
”پڇيو هئم.“
مون تجسس مان پڇيو:
”پوءِ.....!؟“
سُهائي وراڻي:
”مون کي ڏاڍي مار ڏنائين ۽ چيائين آئينده ماءُ جي
باري ۾ نه پُڇجانءِ.“
منهنجو تجسس ويتر وڌي ويو هو سو نيٺ وڃي امان کان
پڇيم:
”امان سُهائي ته اڇي آهي، پوءِ هن جي ماءُ ڪيئن
ڪاري ٿي ٿِي سگهي؟“
امان انهيءَ سوال پُڇڻ تي ٻه ٽي ٺاهوڪا چنبا
منهنجي پُٺي تي وهائي ڪڍيا ۽ دٻ پٽيندي چيائين:
”ڇورا پنهنجو وڃي ڪم ڪر، ڇو پر ائين ڳالهين ۾ اچي
پيو آهين، نڪر هِتان نه ته ٽنگون نه ڀڃانءِ....“
جواب، جواب جي ماڳ، اُلٽو مار کاڌم، هاڻي پُڇان ته
ڪنهن کان پُڇان ته سُهائيءَ جي ماءُ ڪاري ڪيئن
هئي؟ جڏهن ته سُهائي پاڻ چنڊ جهڙي سُهڻي هئي. هورا
کورا تهائين ويئي وڌندي، پر جواب ڪٿان به نه پئي
مليو، هڪ ڏينهن گُڏين راند ڪندي مون سُهائيءَ کي
چيو:
”تُنهنجي گُڏيءَ جو سڱ، مُنهنجي گُڏي لاءِ ڏي.“
چيائين:
”نه..... گُڏا سڀ خراب هوندا آهن.“
مون کي به ڪاوڙ لڳي، چيومانس:
”هَل ڙي... تُنهنجي انهيءَ ڦِٿل گُڏيءَ کان منهنجو
گُڏو هزار ڀيرا سهڻو آهي.“
هوءَ مون کي چِتائي چِتائي ڏسڻ لڳي، مون کي وڌيڪ
رؤنشو لڳو سو چيومانس:
”تُنهنجي اِها گُڏي، تُنهنجي ماءُ وانگر ڪاري آهي.
منهنجو گُڏو ته ليليٰ جهڙي سُهڻي پرڻبو.... ها!“
هُن هيٺ ڪنڌ ڪري چيو:
”گُڏا هوندا ئي مطلب پرست آهن.“
هاڻي ته اندر ۾ باهه لڳي ويم ته اسان مردن کي ٿي
مهڻا ڏي، چيومانس:
”گُڏيون وري ڪهڙا پٽڪا ٻڌرائينديون آهن، مجنون
ويچارو ليليٰ جي پويان ريگستان ۾ رُلي مئو. فرهاد،
شيرين جي پويان جبلن ۾ ٿاٻا کائيندو رهيو.....“
هُن مون ڏانهن ڏٺو ۽ وراڻي:
”تون انهن جي ڳالهه ڇو ٿو ڪرين، سهڻي ڏس، سهڻي ڏس،
نوري جي ڳالهه ڇو نٿو ڪرين، جنهن پنهنجون حياتيون
پنهنجن لاءِ ختم ڪري ڇڏيون...“
اها ڳالهه ٻُڌي هيڪر ته اهڙي ڪاوڙ چڙهيم جو هُن کي
وارن مان جهلي ٻه ٽي مُڪون وهائي ڪڍان، پر ڪاوڙ ۾
راند ڦِٽائي پنهنجي گهر هليو آيس. امان مون لاءِ
ماني کڻي آئي ته اَدي وڏي امان کي ٻڌايو ته
يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ سؤٽ منور آيو آهي، اهو ٻُڌي،
منهنجي ذهن ۾ ساڳيو سوال تري آيو ته دل ۾ پڪ ڄاتم
ته سؤٽ منور پڙهيل لکيل ۽ شهر ۾ رهندڙ آهي، اُن کي
پڪ سان خبر هوندي سو اڳيان رکيل ماني ڇڏي سؤٽ جي
گهر ڏانهن ڊوڙ پاتم ۽ سؤٽ کي ڳولڻ لاءِ، سؤٽ واري
ڪمري ٻاهران لياڪا پائڻ لڳس ته سؤٽ پڇيو:
”ڇا پيو ڳولين....؟“
چيومانس:
”سؤٽ توهان کي پيو ڳوليان....“
سؤٽ مون کان پڇيو:
”ڇو خير ته آهي، ڪو ڪم اٿئي ڇا؟“
سؤٽ ٽوال سان منهن اُگهندي چيو:
مون چيو:
”ها سؤٽ، توکان هڪڙي ڳالهه پُڇڻي اٿم؟“
سؤٽ کٽ تي ويهندي وراڻيو:
”ها ڳالهه ڪر.“
مون پنهنجي سوال پڇڻ کان اڳ ۾ تمهيد ٻڌندي چيو:
”سؤٽ توکي ته خبر آهي ته پنهنجي پاڙي ۾ سردار
بهليم خان وارا اچي رهيا آهن، (سؤٽ ڪنڌ سان
هائوڪار ڪئي) اُنهن ۾ سُهائي آهي نه (سؤٽ وري
هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو) ڏس سؤٽ اُها ڪيڏي نه سهڻي ۽
صاف سُٿري آهي (سؤٽ وڏي سڏ چيو ”ها ها“) پر چون ٿا
ته هُن جي ماءُ ڪاري هئي....؟“
سؤٽ منور مون ڏانهن دوڏا ڦاڙي ڪاوڙ مان نهاريندي
چيو:
”اڙي ڇورا تُنهنجي راند ڪرڻ جي عمر آهي، ڪي پرائين
معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ جي، تون وڃي پنهنجي راند ڪر،
ڪير ڪارو آهي ۽ ڪير اَڇو آهي، اُن ۾ تنهنجو ڇا
وڃي....؟“
مون ضد ٻڌندي چيو:
”سؤٽ آهين نه..... ڏِس سُهائي جو پيءُ ڪارو ته
ماءُ به ڪاري ته پوءِ سُهائي اهڙي اَڇي ڪيئن ٿي؟“
سؤٽ منور چماٽ اُلاريندي وراڻيو:
”ٽر هِتان، پراون معاملن ۾ تنهنجو ڇا وڃي ڙي، اهڙو
ڪُٽيندوسانءِ جو گهڻا ڏينهن ياد رکندين.“
اُنهيءَ دڙڪي کان پوءِ ڊپ ۾ وٺي گهر ڀڳس، ٻئي
ڏينهن سُهائي جي گهر رونق لڳي پئي هئي، سڄي اوڙي
پاڙي جي مائين جي اچ وڃ لڳي پئي هئي، امان به انهن
جي گهر ويل هئي، پاڙي جي ٻاهران اوطاق ڏانهن
فائرنگ جا آواز پئي آيا، مان به ڊوڙي سُهائيءَ
وارن جي گهر ويس ته وڃي سُهائي کان پُڇان ته ڪهڙي
پئي خوشي ملهائجي. سُهائي کي سڄي گهر ۾ ڳولي بيهي
رهيس، پر سُهائي ئي نه آئي، سو وڃي سُهائي جي
ڏاڏيءَ کان سُهائيءَ جي باري ۾ پُڇيم:
”ڏاڏي، ڏاڏي سُهائي ڪيڏانهن ويئي آهي!؟“
سُهائيءَ جي ڏاڏيءَ مون ڏانهن نهاري بغير وراڻي:
”سُهائيءَ جي اڄ شادي آهي، اڄ کانپوءِ هوءَ هِتي
ڪونه هوندي ۽ تون پنهنجي گهر وڃ، هتي گوڙ نه ڪر.“
اِهو ٻُڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ته سُهائي پنهنجي
گُڏيءَ جو سڱ، مُنهنجي گُڏي کي نه ڏنو هو ته
پنهنجي ئي شادي ٿي ويس. اها خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ
گهر ڊوڙي آيس ته اڃا امان ڪانه آئي هئي، اَدي وڏي
ڪمري ۾ ويٺي هئي سو ڊوڙي وڃي اَدي وڏي کي ٻُڌايم
ته سُهائيءَ جي اڄ شادي آهي.
اَدي وڏي مون کي ٻانهن مان جهلي کٽ تي پنهنجي ڀر ۾
ويهاريندي چيو:
”سارنگ تو پُڇيو پئي نه، ته سُهائي جي ماءُ ڪاري
ڪيئن هئي؟“
مون کي هڪدم پنهنجو سوال ياد اچي ويو سو رڙ ڪري
چيم:
”ها ها اَدي.... پر مون کي ڪير ٻُڌائي ڪونه ٿو!“
اَدي وڏي ڏک ڀرئي لهجي ۾ وراڻي:
”سارنگ، سُهائيءَ جي امان، سُهائي جيان اَڇي هئي،
هُن کي ته هُن جي پنهنجن ڪارو ڪيو هو، اڄ سُهائيءَ
جي جنهن سان شادي پئي ٿئي نه، سو سُهائيءَ جي ماءُ
جو مڱيندو آهي، سُهائيءَ جي جان بخشي به انهيءَ سڱ
عيوض ٿي آهي. مون اَدي وڏي جي ڳالهه نه سمجهندي
چيو:
”مطلب.....!!!!“
اَدي وڏي اُٿي ٻاهر ڏسڻ ويئي، هيڏانهن هوڏانهن
ڏسي، پوءِ کٽ کڻي ڪمري جي اُڀرندي پاسي رکيائين،
جتان گهر جو ٻاهريون دروازو صاف نظر اچي رهيو هو.
اَدي وڏي دروازي واري پاسي مُنهن ڪري کٽ تي ويٺي ۽
چيائين:
”سُهائيءَ جي امان جو مڱڻو، پنهنجي سؤٽ سان ٿيل هو
۽ سُهائيءَ جي امان ۽ سُهائي جي امان جي مامي جي
پٽ حلاج خان جو هڪٻئي سان نينهن هو، تنهنڪري جڏهن
سُهائي جي امان جا ڏينهن ٻڌاڻا ته سُهائيءَ جي
امان پنهنجي مامي جي پٽ حلاج خان سان گهران نڪري،
اُن سان وڃي شادي ڪئي ۽ پوءِ سڄي راڄ جي سامهون
راڄ جي سردارن هنن کي ڪارو ۽ ڪاري قرار ڏيئي ڇڏيو
۽ پوءِ اڪبر وارا انهن ٻنهي کي ڳولڻ لاءِ نڪري
پيا. علائقي جي ڪُنڊڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا، نيٺ ڪجهه
سالن کان پوءِ هنن جي وَر تي حلاج خان چڙهي ويو،
پهرئين گولي هڻي ماريائون ٿي، پر هن جي مرڻ کان
پوءِ هنن کي ڪاري ڪيئن ملي ها سو هِن کي مارڻ
بجاءِ پنهنجن سردارن وٽ کڻي آيا. انهن هن جي جان
بخشي، انهيءَ شرط تي ڪئي ته ڪاريءَ کي پنهنجن هٿن
سان ماريندو، ۽ پنهنجي ڌيءُ جو سڱ اڪبر وارن کي
ڏيندو ته سندس جان بخشي به ٿيندي ۽ رکيل رقم به
معاف ڪئي ويندي، جنهن تي حلاج خان راضي ٿي ويو ۽
اڪبر وارن سان گڏجي، حلاج خان، سُهائيءَ جي امان
وٽ پهتو ۽ اُن جي ڪڇ مان سُهائيءَ کي ڇڪي، دونالي
سندس سيني تي رکي. سُهائي جي امان اکيون ڦاڙي،
حلاج خان کي ڏسندي رهجي ويئي، جيڪو ساهه وانگر هن
کي ويجهو هو سو اڄ ڪوهين ڏور نظر پئي آيو. ڊبل
بيرل بندوق جي ٺڪاءَ سان ڪاري ڪِري پئي، هن جون
اکيون آسمان ۾ کُتل، هٿ ۾ سورة النساء وارو سيپارو
هو. اڄ هي لاڏو حلاج خان بيعزتي جو پٽڪو پائي،
پنهنجي معصوم ڌيءُ کي ستر سالن جي پوڙهي کي پرڻائي
پيو ڏي ۽ وري هڪ ٻيو خون بيدرديءَ سان ڪيو پيو
وڃي.“
اَدي وڏيءَ جا ڳوڙها ڪِرڻ لڳا. مون کي ائين لڳو،
اهي سڀ ڏوهه ڄڻ مون ڪيا آهن، منهنجي ڪنن ۾
سُهائيءَ جا لفظ گونجي رهيا هئا.
”سسئي ڏس، سهڻي ڏس ۽ نوريءَ جي ڳالهه ڇو نٿو ڪرين
جن پنهنجون حياتيون پنهنجن لاءِ ختم ڪري
ڇڏيون....!
نئون ڪتاب
ڪتاب: الرحيم
تحقيق ۽ تدوين: محمد شاهد حنيف
موضوع: تحقيق (تعارف ۽ ڏسڻي)
ڇاپو پهريون: 2019ع
قيمت: -/300 رپيا
ڇپائيندڙ: سيڪريٽري- علامه غلام مصطفيٰ قاسمي
چيئر، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو |