سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2020ع

باب:

صفحو:3 

تبصرو: اويسي ڊاڪٽر عبدالجبار ’عابد‘ لغاري

ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا

علم، ادب ۽ شخصيتون

مرتب: محمد ارشد بلوچ

هي ڪتاب، ڊبل ڪرائون سائيز ۾ ڊاڪٽر اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ فار هيريٽيج ريسرچ اداري طرفان سن 2012ع ۾ ڇپرايو ويو آهي. هي اهو ئي ادارو آهي جيڪو نوادرات کاتو حڪومت سنڌ طرفان آگسٽ سن 2009ع ۾ حيدرآباد ۾ قائم ڪيو ويو هو، جنهن جو افتتاح ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي حياتيءَ ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ جناب فضل الرحمان صاحب 26 سيپٽمبر 2009ع ۾ ڪيو هو. پهرين ڊائريڪٽر جناب گل محمد عمراڻي صاحب هن اداري جو تعارف اهڙي ته سهڻي ۽ پُراثر انگريزيءَ ۾ ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ساري عمر جي جاکوڙ ۽ علمي ادبي تاريخي ۽ لوڪ ادب توڙي لغت ۽ شاهه لطيف جي رسالي تي ڪيل ڏهن جلدن تي دل جي آواز سان ڳالهايو هو جو خود ڊاڪٽر بلوچ صاحب کيس تمام گهڻو واکاڻيو ۽ آيل اسڪالرن ۽ اهم شخصيتن جو شرڪت ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو هو.

هي اهو پهريون ادارو آهي جيڪو هر سال ايم.فل ۽ پي ايڇ.ڊي تي ٻه موضوعاتي اسڪالرشپون ڏيندو ۽ مُلڪ اندر يا دنيا ۾ ساڳِي نوعيت جي ٻين ادارن سان تحقيق جي سهڪاري رٿائن ۾ معاونت پڻ ڪندو. هي اهو ادارو آهي، جنهن جي لاءِ سنڌ يونيورسٽي وڏو پلاٽ اعزازي طور مهيا ڪيو آهي ۽ حڪومت سنڌ جي قديم نوادراتي کاتي طرفان بلڊنگ جي تعمير لاءِ پڻ عظيم رقم مهيا ڪئي آهي، جنهن جو افتتاح پڻ کاتي جي صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان صاحب ڪيو هو.

هن ڪتاب جي اشاعت تي تڏهوڪي ڊائريڪٽر حبيب الله صديقي صاحب اظهار تشڪر جو نوٽ لکندي الله جل شانہُ جا احسان مڃيا، جنهن سهڪاري ماڻهن ۽ اداري توڙي حڪومت جو مانُ مٿانهون ڪيو ۽ هي ڪتاب مرحوم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي پهرين ورسي 6- اپريل 2012ع تي هڪ ئي وقت چئن ڪتابن جي رونمائي ۾ شامل رهيو. ان موقعي تي مون يعني ڊاڪٽر عابد لغاري جو ڪتاب مرحوم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي سوانح ۽ علمي ادبي خدمتن تي ’ڄامن سند و ڄام‘ جي پڻ رونمائي ٿي هئي.

زيرِنظر ڪتاب ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي چاليهن کان مٿي مقالن تي مشتمل آهي جن ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب مختلف موضوعن تي پنهنجي قلم جا واهڙ وهايا ۽ ڪؤنتل ڪُڏايا آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ٻولي، اسلوب، تحقيق، تاريخ وغيره سڀ هڪ ئي وقت پڙهندڙن کي موهي ٿا وجهن. هر لفظ توريل تڪيل ائين ٿا لڳن جيئن شاعريءَ ۾ بحر وزنن ۾ مڪمل خيال رکيو ويندو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، جنهن سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب، توڙي تاريخ ۽ شخصيات، ابيات يا ملفوظات لاءِ پنهنجي زندگي موقف ڪري ڇڏي هئي، تنهن جي ڀيٽا ۾ هاڻي سنڌ ته ڇا، پاڪستان ته ڇا پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اتان جي علمي ادبي هيروز شيڪسپيئر، برنارڊشا جيان واکاڻيو پيو وڃي ۽ انسائيڪلوپيڊيا ۾ سندن حوالا سنڌ کي دنيا جي ملڪن ۾ هڪ علمي ادبي ۽ تاريخي شاهوڪار ملڪ جيان قيامت تائين ياد ڪيو ويندو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، حضرت پير سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) جي ملفوظات کي پنهنجي مقالي جي زينت بڻايو، جيڪو فارسي ۾ لکيل آهي، جنهن جو ترجمو سندن وڏي خليفي ۽ وقت جي وڏي عالم، وڏي عابد ۽ زاهد فقير محمود نظاماڻي ڪيو هو.

ملفوظات جي پهرين ستن بابن جو ترجمو مفتي محمد قاسم مشوري  رحه ڪيو ۽ باقي نون بابن جو ترجمو مفتي درمحمد سڪندري ڪيو ۽ بعد ۾ انهن سورهن ئي بابن کي گڏيل طور تي سن 2000ع ۾ اصل ۽ ترجمي سان درگاه شريف پير پاڳاري مان اشاعت ۾ آندو ويو.

ڊاڪٽر هن ملفوظات تي قلم کنيو ۽ ملفوظات جي تاريخ مرتب ڪري ڇڏي ۽ اهو ظاهر ڪيو ته سنڌ ۾ بيان العارفين کان پوءِ ٻئي نمبر تي هي ملفوظات تفصيلي آهي. هن ملفوظات ۾ پير سائين جي ذاتي فضيلت ۽ روحاني عظمت جا راز ۽ عرفاني مسلڪ ۽ طريقو نمايان ڪيل آهي. عارفن ۽ عالمن جي عزت ۽ انهن جي باري ۾ نيڪ نظر سان گڏ سندن باري ۾ ذاتي ۽ عرفاني عظمت کي ظاهر ڪيل آهي. توڪل سان گڏ مريدن ۽ معتقدن سان دلي محبت ۽ اسلامي برادري وارو ورتاءُ پڻ بيان ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن پير صاحب جي علمي ۽ ادبي حيثيت کي نمايان ظاهر ڪندي ڪيترائي مثال ڏنا آهن ۽ سنڌي لغت جي ڄاڻ ۽ پارکو تحت پڻ سندن ڄاڻ کي واکاڻيو آهي. پير صاحب جن ته فقط شگفته طبع هئا پر خوش طبعي جا پڻ ڪئين مثال ڏنا ويا آهن.

راڳ سان رغبت سازن سان ٻڌڻ کي ناجائز قرار ڏنائون. پر مولود کي بيحد پسند ڪندا هئا. پاڻ ذاتي طور تي مولود جا سٺا شاعر هئا.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ملفوظات مجمع الفيوضات کي سنڌ جي ثقافت جو آئينه دار قرار ڏنو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪيترائي تاريخي اهڃاڻ ۽ حوالا ملن ٿا. ان ۾ وقت جي عالمن، بزرگن ۽ انهن جي علمي ادبي روايتن کي شامل ڪيل آهي. نه فقط ايترو بلڪ مخدوم غلام محمد بگائي جي حال حقيقت شاهه عبداللطيف جي بيتن جو ذخيرو، ٻين ڪيترن معاصرانه شاعرن جا ابيات وغيره پڻ ملفوظات ۾ شامل آهن.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب نتيجي طور لکي ٿو ته هي ملفوظات پندرهين صدي هجري جي اوائلي يعني ٽالپرن واري دور ۾ سنڌ جي روحاني عظمت، تهذيب ۽ ثقافت جو آئينو آهي (ص: 11 کان 31).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو ٻيو مختصر ۽ جامع مقالو نه پر هڪ مهاڳ آهي، جيڪو ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب جي تحقيق ۽ تدوين ۽ تخريج بسلسله ڪتاب: ’منهاج المعرفت‘ مصنف شاهه لطف الله قادري تي 2009ع ۾ لکيل آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب حقيقت ۾ پنهنجي شاگرد رشيد کي واکاڻيندي لکيو آهي ته ”اڌ ڪتاب ٿُلهي ليکي مصنف جو آهي ته اڌ ڪتاب محقق طرفان مهاڳ ۽ مقدمي جو آهي (ص: 40 کان 41).

پيش لفظ ڪتاب ’مڪمل شرح ابيات‘ خواجه محمد زمان لواري واري جا بيت، جامع مڪمل عربي متن: تصنيف: شيخ عبدالرحيم گرهوڙي. تحقيق، ترجمو، مقدمو ۽ تعليقات، ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 2008ع، ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن سڄي محنت کي هنن لفظن سان ساراهيو آهي ته:

محقق عبدالغفار سومري صاحب مصنف، گرهوڙي صاحب جي ’شرع ابيات، سنڌي (عربي) کي موجوده دور جي تحقيقي ۽ تنقيدي تقاضائن مطابق، سنڌي ترجمي ۽ توضيع جي صورت ۾ سينگاريو آهي. سندس پنهنجي نظر ۾ ”سنڌي تصوف جي تاريخ ۾ هن ڪتاب جي غير معمولي اهميت آهي.“ ۽ وڌيڪ نه، ”سنڌ جي تصوف جو اهو هڪ اهڙو روشن باب آهي جنهن ذريعي تصوف جي ڳوڙهي فڪر جي استفادي ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو.“

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ابن عربي تي ٿيل تنقيد جو جائزو وٺڻ بعد ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب ساراهيندي لکيو آهي ته ”ڊاڪٽر عبدالغفار سومري وجدي فلسفي جون مٿيون فڪري نزاڪتون کولي سمجهايون آهن ۽ پڻ واضح ڪيو آهي ته باوجود اختلافي دليلن ۽ مثالن جي ڪن وڏي بصيرت وارن صوفين ’وحدت الوجود‘ ۽ ’وحدت الشهود‘ کي ساڳي توحيدي فڪر جا ٻه رُخ طور تسليم ڪيو آهي.“

ڊاڪٽر بلوچ صاحب مجدد الف ثاني، ابن عربي وغيره جي تاريخ ۽ نظرين تي پاڻ به نظر وڌي آهي ۽ دنيا ۾ جتي جتي انهن ٻنهي نظرين کي جلا ملي آهي، پاڻ انهن جو احاطو ڪيو اٿس. بقول ڊاڪٽر بلوچ صاحب، هي دستوري پيش لفظ اختصاري انداز کان وڌي ويل آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سومري صاحب جي تحقيق کي معياري قرار ڏنو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب جي ان خدمت کي به ساراهيو آهي ته ”مهاڳ ۾ اسلامي تصوف جي تعارف ۽ تاريخي جائزي کي اضافي کان وڌيڪ ’لزوم مالايلزم‘ قرار ڏنو آهي. يعني جيڪو مٿس لازم نه هو سو پاڻ تي لازم ڪيائين.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب اها اميد پڻ ظاهر ڪئي ته ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب پنهنجي علمي وسعت، تحقيقات  مهارت ۽ تنقيدي صلاحيت سان اڳتي هلي سنڌ ۾ اسلامي ”تصوف“ ۽ فلسفي جي تاريخ کي وڌيڪ تفصيل سان لکي پورو ڪندو (ص 42 کان 48).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، قاضي قادن جي ڪلام جو ناياب ذخيرو رروزانه عبرت 10- آڪٽوبر 1978ع جي شماري ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب هندستان جي نامياري سنڌي اديب هيري ٺڪر جو شڪريو ادا ڪيو، مبارڪون به ڏنيون جنهن قاضي قادن جا هڪ سؤ ٻارنهن بيت هڪ وڏي قلمي ذخيري مان ڪڍيا ۽ انهن جون پڙهڻيون قائم ڪيون ۽ انهن جون معنائون به لکيون آهن.

قاضي قادن جا پنج سو سال اڳي وارا ست اٺ بيت ڊاڪٽر عمر بن  محمد دائودپوٽي صاحب شاهه ڪريم جي بيان العارفين ۾ ڏنا هئا ۽ اِهو انگ اڳتي وڌيو ئي ڪونه ٿي، جڏهن هر عالم فاضل ۽ محقق کي اندازو هو ته بيت وڌيڪ هوندا پر اهي بنا نالي جي ٻين صوفياء ۽ شعراء ڪرام جي ڪلامن ۾ شامل ٿي ويل آهن، انهن کي الڳ ڪرڻ مشڪل آهي، پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان کوجنا کي تعريفي ڪارنامو چيو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، قاضي قادن جي حوالي سان محمد غوثي گجراتي مانڊوي، دادو ديال جي پوئلڳ ڀڳت هريداس جي ڪشالن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جتان انهيءَ ”مٺ“ مان يا پستڪ مان اهو ڪلام دستياب ٿيو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سلطان باهو ۽ سرائيڪيءَ ۾ سندس چيل بيتن تي مقالو لکيو، جيڪو اڻلڀ هو، اهو به هنن مقالن ۾ شامل ٿي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي محنت جي ساک ڀري ٿو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان جي حسب نسب، شخصيت ۽ شاعريءَ تي سير حاصل تحقيق ڪندي ٻڌائي ٿو ته سندن ابيات جو موضوع ڪهڙو آهي ۽ ان جا مثال سندن شاعريءَ مان پيش ڪري ٿو. باوجود انهيءَ جي ته مقالو مختصر آهي مگر ايڏو ته جامع آهي جو سنڌيءَ ۾ لفظ ”هُو“ جي تشريح ڪري چوي ته اهو ”الله هُو“ جي برابر آهي پر ڪٿي وزن جي پورائي به ڪري ٿو ۽ ڪٿي ته وزن کان ٻاهر پڻ آهي (ص: 51 کان 54)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي علم ادب، لوڪ ادب ۽ تاريخ تي هميشه گهري نظر رهي، ان ڪري پاڻ وس پڄندي اهڙو ڪو به موضوع ڪونه ڇڏيائون جنهن جي لاءِ تاريخ جو طالب علم ۽ اسڪالر پريشان رهيو هجي. جيئن فارسي زبان، هن پوري علائقي بلڪ برصغير هندو پاڪ جي درسي توڙي سياسي ٻولي رهي هئي، ان ڪري عربيءَ کانپوءِ هن ٻولي وڏي ترقي ڪئي ۽ پنهنجي ڌاڪ ويهاري.

پر سنڌ ۾ انگريز دور جي بلڪل اوائل ۾ ئي سنڌيءَ کي الف بي جي صورتخطيءَ سان نوازيو ويو ته سنڌي علم ادب کي تيزيءَ سان ترقي ملي ۽ اوتري ئي تيزيءَ سان فارسي جي تنزلي پڻ ٿي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب پڻ انهيءَ جي نشاندهي پنهنجي مقالي ’تڪملة التڪملة: سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ جو آخري دور‘ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي، جيڪو پاڻ مذڪوره ڪتاب جي مقدمي طور 2007ع ۾ لکيو هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب فارسي جي سڄي دور جو جائزو پيش ڪيو آهي ۽ ڪيترن ئي بياضن جو ذڪر ڪيو آهي. انهن ۾ جنگي اشعار جي بياضن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي جن ۾ خاص طور تي 15- بياضن جي لسٽ ڏني ويئي آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ’منتخب صوفي‘ نواب الهداد خان صوفي ولد سردار نواب ولي محمد خان لغاريءَ جو خاص ذڪر ڪري، جنهن ايران جي چوٽيءَ جي شاعرن جا چونڊ شعر ڏئي سنڌ جي شاعرن جا پڻ نمونا ڏئي آخر ۾ پنهنجو شعر ڏئي ٿو. انهن شاعرن جو تعداد سوا سو کن ڏيکاريل آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، مير عبدالحسين خان  سانگيءَ جو وضاحت سان ذڪر ڪندي ان وقت جي محفلن ۽ انجمنن جو پڻ ذڪر ڪري ٿو.

ساڳئي وقت ڊاڪٽر بلوچ صاحب مقالي ۾ انهن مراسلن جو پڻ ذڪر ڪري ٿو جيڪي شعراء ڪرام هڪ ٻئي کي ارسال ڪري جواب طلب ڪندا هئا. انهن جا نمونا پڻ ڏنا ويا آهن. جيئن ميهڙ جي شاعر رئيس شمس الدين ’بلبل‘ پنهنجي غزل جو مطلع خواجه محمد حسين سرهندي کي ٽکڙ (ٽنڊو محمد خان) ڏياري موڪليو.

غزل جو مطلع:

ماه تابي عجبي حسن شبابي عجبي،

لب عنابي ڪجبي رخ چو گلابي عجبي.

خواجه محمد حسين سرهندي ڊگهو غزل موڪلي ڏنو، جنهن جو مطلع هي آهي:

رخ گلابي عجبي زلف نقابي عجبي،

آفتابي عجبي زم سحابي عجبي.

ڊاڪٽر ساڳئي طرح مُوازنا موضوع ۾ پڻ انهيءَ انداز جي شاعري کي پنهنجي مقالي ۾ جاءِ ڏني آهي. خواجه عبدالرحمان سرهندي ٽکڙ جي وڏي عالم 1315هه ۾ وفات ڪئي ته سندس ڪيترن مريدن منظوم قطعات لکيا. اتان جي هڪ شاعر ۽ عالم اسدالله شاهه ’وفا‘
تاريخي قطعو 28 شعرن تي مشتمل لکيو ۽ ان ۾ هنرمندي اها هئي جو هر مصرع مان ابجد جي حساب مطابق 1315 جو انگ مليو ٿي. جيئن مطلع ڏسو:

آه از ته حيل آن حسن مآب 1315 برسپهر علم انور ماهتاب 1315

وري جديد شاعريءَ جو طويل قطعو الڳ لکيائين:

فضل داور بود عالي، خواجه کش سرهنديان

1244 (ولادت) 1315 (وفات)

اڃا به جدت کان ڪم وٺندي هي ڊگهو قطعو لکيو، جنهن ۾ هر مصرع ۾ عمر، وفات ۽ ولادت گڏ ظاهر پيا ٿين.

ها حزن آن مطلع سر ولارفت از جهان

71 (عمر) 1315 (وفات) 1244 / ولادت

ڊاڪٽر بلوچ صاحب شاعرن، شعر جي حسن ۽ داد ڏيڻ جي روايت کي پڻ لکيو آهي (ص: 55 کان 84). ڊاڪٽر بلوچ صاحب، مولوي عبدالقادر عبدي جي ڪتاب ’عبدي جو رسالو‘ تي جيڪو مقدمو لکيو، اهو پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، مولوي صاحب جي حسب، ذات پات ۽ شخصيت کي نکيرڻ کانپوءِ سندس شاعريءَ تي، جنهن ۾ ڪافيون پڻ شامل آهن ۽ حضرت پير سائين روضي ڌڻي ڏانهن منسوب آهن، انهن جا مثال ڏنا آهن.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن رسالي جي مرتب فقير لياقت علي جوڻيجي کي واکاڻيو آهي ته هن شاهه لطيف جي رسالي جي سٽاء تي هي رسالو پهرين سر، پوءِ بيت ۽ بعد ۾ ڪافيون رکيون آهن.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، خاص اسلوب بيان واري موضوع ۾ عبدي کي عالم شاعر چوي ٿو جيڪو قرآن شريف ورد زبان رهندي تصوف جي رازن ۽ سلوڪ جي منزلن ۽ معنائن جي پوري ڄاڻ رکي ٿو. سندس ڪافين جا ٿلهه انهيءَ انداز جا آهن:

* احدثون ’عبد‘ ٿئين تون ووسڄڻ ڪنهن سانگي

* جاڏي ڪاڏي محبوب ڏٺم، هولالٰہ الا الله هو الله

* وه قوس قزح توبسم الله، الف- لام- را زلف سياه

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان کي حقيقت سان گڏ معرفت واري منزل سڏي ٿو.

مولوي صاحب پاڳاري خاندان جي مريدن مان هو، ان ڪري هن جماعتي راڳ به ڪافين جي انداز ۾ چيا ۽ راڳڻين وارن خاص لفظن کي ووءِ ووءِ، الوڀلو، الوميان جا اچار اصلي انداز ۾ رکيل آهي. بقول ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاڻ عبدي جو ديوان فارسي ڏٺو ۽ مطالعو ڪيو هئائين.

ان مان ظاهر آهي ته هو فارسي ۽ سنڌي جو قادرالڪلام شاعر هو (ص: 84- 93).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ’ڪلينيڪل سرجري‘ جي مصنف سرجن علي بخش جتوئي جي ڪتاب تي ديباچو لکي نه فقط هن ڪتاب جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي پر سندس هن مقالن واري مجموعي ۾ شامل ڪري انسٽيٽيوٽ فارهيريٽيج ريسرچ پڻ سنڌي زبان ۽ سنڌ توڙي قوم تي ٿورو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هي درسي ڪتاب بقول ڊاڪٽر بلوچ صاحب ”سنڌي ۾ اعليٰ سائنسي تعليم جي ترقيءَ لاءِ نيڪ فال آهي. اڳتي هلي ڊاڪٽر بلوچ صاحب اهو پڻ ٻڌائي ٿو ته هن درسي ڪتاب جي لکجڻ سان ان تاريخي حقيقت جي تصديق ٿئي ٿي ته اعليٰ سطح تي تعليمي ذريعي بنجڻ جي سنڌي زبان ۾ پوري صلاحيت موجود آهي.“ ڊاڪٽر بلوچ صاحب اهو پڻ ٻڌائي ٿو ته ٽي سئو سال اڳي عربي ۽ فارسي ذريعه تعليم هئڻ جي باوجود ابتدائي تعليم ۾ ڏيڻ شروع ڪئي ۽ ان وقت فقه، حديثه، تفسير وغيره جي مسئلن کي سنڌيءَ ۾ سمجهايو ته اهو ڪم فارسي ۽ عربي ۾ موجود نه هو.

بقول ڊاڪٽر بلوچ صاحب مصنف هن پهرين جلد ۾ سکيا ۽ سمجهاڻي جا جيڪي طريقا اختيار ڪيا آهن، اهي بلڪل اثرائتا آهن (ص 64 کان 96).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، صحافي علي قاضي جي ڪتاب ’جمود پرستي خلاف مسلسل جهاد‘ تي مهاڳ تبديلي پسندن جو ڪتاب، جنهن ۾ قاضي صاحب ڪاوش اخبار ۾ شايع ٿيل مضمونن کي مجموعي ۾ آڻي شايع ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، قاضي صاحب جي خاندان جي علمي ڪاوش کي مختصر طور پيش ڪري لکي ٿو ته، اڄوڪي سياسي وايومنڊل، منظرنامي ۽ سماجي ماحول جي مايوسي واري ماٺار ۾ هڪ وڏو پٿر اڇلي سوچڻ تي آماده ڪيو آهي، پر سندس مقصد ڪو سياسي ناهي، هُو صحافي آهي ۽ پاڻ ان جو سرواڻ آهي. سندس تجويز آهي ته ”سماجي، سياسي توڙي غير سياسي تنظيمن جي لاءِ گڏجاڻي سڏائجي ۽ ڏهن ميمبرن جي ڪاميٽي مختلف شعبن لاءِ گائيڊ لائين جوڙي پر اُن تي عمل جو ڪم سياسي پارٽين ۽ سياستدانن جو هوندو. ”هي هڪ مسئلو آهي ته سياسي پارٽين ۽ سياستدانن کي ڪير سنئين راهه تي هلائيندو، قاضي صاحب انهن کي ”مائنس عوام“ سڏيو، (سندس سوچ موجب) عوام ئي مائنس عوام کي شڪست ڏئي سگهي ٿو.“ (ص 97 کان 99)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، محمد طالب لوهار جي نياڻي مائي زينب النساء کي گهڻو واکاڻيو آهي پنهنجي والد جي سوانح ۽ شاعريءَ کي ’پيرون چونڊيم پاند ۾‘ ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب محمد طالب سان پنهنجي ذاتي تعلق کي پڻ پيش ڪيو آهي. (ص 100 کان 102)

ٽه ماهي ’مهراڻ‘ رسالي طرفان ’سوانح نمبر‘
3-4/1956ع جو شمارو نهايت اهم آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ سنڌ جي نامياري عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي سندن سوانح سان گڏ علمي، ادبي خدمتون ۽ شاعري وغيره پيش ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان شماري تي جيڪو ادارتي نوٽ لکيو، جيڪو سندن هن مقالن جي ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اهو وڏي اهميت جو حامل آهي، ساڳئي سال ملتان جي هڪ پراڻي اهم رسالي ’بلوچي دنيا‘ ۾ سندن هڪ مضمون ’بلوچي زبان‘ تي آهي، جنهن ۾ هن زبان بابت تاريخي حقيقتون پيش ڪيون آهن ته هي ٻول هر لحاظ کان ايران جي جهونين ٻولين جهڙوڪ زند، پهلوي ۽ دري جي صف ۾ شامل آهي، هي ٻولي بلوچستان جي وچ واري علائقي يعني پسني ۾ سمايل آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ٻڌائي ٿو ته هي ٻولي سڄي پنجاب، سنڌي بلوچستان ۾ ڪٿي ڪٿي ڳالهائي وڃي ٿي، ۽ اُن ۾ پنهنجيون نراليون خوبيون ۽ خصوصيتون رائج آهن ۽ هر لحاظ کان انوکن لفظن، اصطلاحن ۽ محاورن سببان ممتاز آهي. هن ۾ مغربي توڙي مشرقي محاورن جون خصوصيتون موجود آهن، جن جي ڪري انهن جي لساني ڀيٽ علم اللغة جي لحاظ کان دلچسپ آهي ۽ چئن وسيع علائقن يعني مڪران، خاران، قلات ۽ چاغي ۾ ساڳئي رنگ ڍنگ سان ڳالهائي وڃي ٿي. منجهس فارسي لفظ وڌيڪ شامل آهن ۽ ڪيترائي لهجا مختلف علائقن ۾ مروج آهن. هن ۾ ڪيترائي سنڌي لفظ پڻ شامل آهن. پراڻي ٻولي هئڻ جي ڪري هن جو ادب به ڪافي آڳاٽو آهي. سندس شاعري انفراديت جي لحاظ کان خاص درجو رکي ٿي پر پاڪستان ۾ هي ٻولي رزميه شاعري سببان ممتاز حيثيت رکي ٿي. رند ۽ لاشار واري جنگ (1511-1498ع) يا رند ۽ دودائي (1520-1510ع) لڙائي جا اشعار، ڪلاسيڪي رزميه شاعريءَ جي حيثيت رکن ٿا. ”قومي يا قبائلي شاعري“ جو وجود هن ۾ ملي ٿو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب بلوچي نثر جا مذهبي کان وٺي عام لوڪ ڪهاڻين ۾ ڪيترائي عشقيه داستان پڻ ٻڌايا آهن. مقامي لوڪ گيتن ۾ عوامي احساسات ۽ جذبات جي دنيا سمايل آهي. پاڻ هيتورام جي ڪتاب ’بلوچي نامه‘ کي ڪافي ساراهي ٿو. ڊيمس جي ڪتاب ’بلوچن جي عام مقبول شاعري‘ غلام رسول خان قرائي، رحيمداد خان مولائي شيدائي ۽ بيدار بلوچ قوم جي تاريخ تي اردو ۽ سنڌي ۾ بلوچستان جي تاريخ کي ساراهيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ٻين به ڪيترن ئي ڪتابن جي اهميت کي پنهنجي مقالي جو حصو بنايو آهي. (ص 105 کان 110)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ’سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري‘ جي پهرين چيئرمين طور جيڪو وزيرِاعليٰ سيد عبدالله شاهه آڏو استقبالي خطبو 1- فيبروري 1994ع تي پيش ڪندي جيڪي تجويزون پيش ڪيون، اهي هن اعليٰ ۽ اهم اداري جي لاءِ رهنمائي جي حيثيت رکن ٿيون. هن ۾ سنڌي ٻولي جي سکيا، سنڌي ٻوليءَ جو فروغ، سنڌي ٻوليءَ جو استعمال وغيره جي مڙني تجويزن تي نه فقط پاڻ ابتدائي طور عمل ڪيائين پر هاڻي به انهن رهنما اصولن تي عمل جاري آهي، جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. (ص 111 کان 115)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ’سنڌي صورتخطي‘ جي تڪميل لاءِ وڏي عالم ميين ابوالحسن جي ڪامياب قدم‘ تي هڪ مقالو لکيو، اهو مهراڻ 1-2/2008ع ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ميين ابوالحسن سنڌي جي چئن ڪتابن: (1) تحفة الفرائض، (2) ڪفاره پنج روزا، (3) صلواة پياري حبيب جي، (4) مقدمة الصلواه سنڌي، انهن ڪتابن تي تفصيلي نظر وجهندي، ڪتابن جي اڪثر صفحن جا فوٽو ڏيندي عربي فارسي الف- ب وار حرف جيڪي نِج سنڌي اُچارن لاءِ ڪم اچن ٿا، انهن جا مثال ڏيندي ۽ نوان جوڙيل حرف، مطلب ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جيڪا محنت ۽ ڪاوش ڪئي آهي، اگر ڪوبه قاري فقط هي مقالو پڙهندو ته ميين ابوالحسن کي داد ڏيڻ بنا رهي نه سگهندو. سنڌي الف-ب ٺهڻ کان گهڻو اڳي اهي گس، پنڌ ۽ پيچرا واضح ڪري گهٽ ۽ گهيڙ ڏئي ڇڏيا هئا ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهن جي نشاندهي ڪري انهن کي سمجهڻ ۾ آساني پيدا ڪئي آهي. (ص 116 کان 151)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب 11- ڊسمبر 1985ع تي ’ٿر- ميلو، عمرڪوٽ‘ تي جيڪو صدارتي خطبو ڏنو ان ۾ ٿر جي تاريخي حيثيت، مارئي، مومل ۽ ٻين ڪيترن لوڪ داستانن جي حوالي سان هِتان جي مختلف علائقن وٽ، سامروٽي، پارڪر، ڪنٺو، ڍاٽ ۽ کاوڙ جو ذڪر ڪري ٿو. ساڳئي وقت هِتان جي کوهن جو خاص ذڪر ڪري ٿو ۽ وزيرِاعليٰ کي ڪي تجويزون پڻ ڏئي ٿو ته عمرڪوٽ ۽ ننگر کي سياحن لاءِ ريسٽ هائوس ڏجن، عمرڪوٽ کي ڊهڻ کان بچايو وڃي ۽ هِتان جي غريب عوام جي پرگهور تي توجهه ڏجي. (ص 152 کان 158)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، لوڪ ادب تي چاليهن کان مٿي ڪتاب ڏنا آهن، ان سلسلي ۾ پاڻ هڪ مقالو ’لوڪ ڪهاڻين جي اهميت‘ تي لکيائين جيڪو
’مهراڻ‘ 1/1963ع ۾ شايع ٿيو. ان ۾ ’لوڪ ڪهاڻين جي ابتدا‘ انهن جاڪردار ’ڏائڻيون‘، ’ڌوتيون‘ يا ’جانور‘
سان گڏ انهن جي ’تاريخي اوسر ۽ پس منظر‘ انهن جا ’تر ۽ بر‘، انهن جي سادي سٽاء ڳوڙهي سٽاء ۽ انهن جي کڻڻي ۽ پڄاڻي تي هو فني سٽاء جي انداز ۾ لکيو آهي، گڏوگڏ انهن جي روايت ۽ صحت تي عالمانه راءِ ڏني آهي، جيڪا پڙهندڙ جي ذهن ۾ هن ادب جي اهميت کي واضح ۽ نروار ڪري ٿي (ص 159 کان 177).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ناني لعلڻ خان لغاري جو ذڪر ’پارس کاڻ‘ جي عنوان سان هن مقالي ۾ ڪيو آهي، جيڪو ’مهراڻ گولڊن جوبلي نمبر‘
2006ع ۾ ڇپيو. ڊاڪٽر ٻڌائي ٿو ته اڻپڙهيل مگر وڏي داناء ڪهڙيءَ طرح سندس ذهني تربيت ڪئي ۽ ننڍڙي وهيءَ ۾ مون ۾ ادبي ذوق جاڳايو، هر نئين ڳالهه منهنجي لاءِ ڄڻ سوکڙي ٿي پئي، ان ڪري اها ياد ڪندو هئس يا لکي ڇڏيندو هئس.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي تعليمي دورن ۾ ڇا ڪيو، ڪيئن اڳتي وڌيو، ڪيترن ئي شاعرن ۽ سگهڙن سان محبت، سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان پيار ايڏو ته وڌيو جو 1943ع کان ’سنڌي عربي دور جي تاريخ‘ بابت سنڌ جو سفر اختيار ڪيو. جڏهن به موقعو مليو ته نڪري پوندو هو، سنڌ کي ڏسڻ ۾ ان کي سمجهڻ ۽ حقيقت جي تهه تائين پهچڻ لاءِ ڪشالا ڪڍڻ.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي سڄي جاکوڙ انهيءَ ’پارس کاڻ‘ جي حوالي سان نروار ڪندي فقط ’توحيد‘ جي وضاحت ۾ سنڌ ڪامل درويش ۽ صوفيا ڪرام جي درس کي واضح ڪري ٿو ته: حقيقت حمد ۽ وڏائي تنهن صاحب کي سونهين، جنهن جي عظمت ۽ قدرت جو يقين انسان کي انسانن جي غلاميءَ کان آجو ڪري ٿو ۽ ماڻهن کي سندن بنايل مڙني نئين پراڻن خواه نون، پٿرن توڙي جسمن، خواهش توڙي گروهن جي پوڄا کان بي نياز ڪري ٿو. پاڻ ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي شاعرن هميشه ڌڻيءَ جي ساراهه سان پنهنجا شعر شروع ڪيا ۽ ان لاءِ سبب به ڄاڻايا. اهوئي قرآني ڪردار آهي، ڇاڪاڻ ته قرآن ئي علم ۽ حڪمت جو سرچشمو آهي، ان لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪيترائي ابيات مختلف شاعرن جا مثال طور پيش ڪيا آهن. (ص 178 کان 193)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ’حضرت شاهه صدرالدين عليه رحمة‘ جي شخصيت ۽ سندس وڏن جي هجرت جيڪا مڪي شريف مان سڌوسنئون ڀڳي ٽوڙهي جبل ۽ درياء جي وچ واري سوڙهي لڪ (لڪيءَ) جي دامن ۾ بستي هئي، پوءِ انهيءَ لڪ جي حوالي سان اهي لڪياري سڏجڻ ۾ آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب وڏي تفصيل سان تحفة الڪرام جي حوالي شاهه صدرالدين جي ملفوظات ۽ فيوضيات جو احاطو ڪيو آهي. هي مقالو ڊاڪٽر بلوچ صاحب لڪي شاهه صدر ۾ عرس مبارڪ جي موقعي تي 1982ع ۾ پڙهيو هو (ص 194 کان 196).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ’حضرت پير سيد علي گوهر شاهه ’اصغر‘‘ بنگلي ڌڻي رحه تي مقالو لکيو جيڪو ماهوار ’الراشد‘ پير جي ڳوٺ ۾ مئي 2010ع ۾ شايع ٿيو. پير سائين جو تعلق لڪياري ساداتن سان آهي، جيڪو تصوف ۽ طريقت جي سلسلي ۾ پنهنجا روحاني فيض هر دور ۾ ڏيندا اچن ٿا. پاڻ سيد صبغة الله شاهه (اول) جي ٽئين پٽ هئڻ جي باوجود ۽ گهٽ عمر صرف 15 سال جي باوجود متفقه طور تي کين ٻئي پير پاڳاري طور سجاده نشين چونڊيو ويو. سندن ڪارنامن ۾: (1) نئين درگاهه جو بنياد وجهڻ، ان کي سينگارڻ ۽ آباد ڪرڻ تي توجهه ڏنو، (2) جماعت جي پوري پرگهور لهڻ، (3) علم جي پڻ آبياري ڪرڻ، (4) جماعت ۾ خودداري ۽ آزاديءَ جو روح ڦوڪڻ.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، انهن چئن ڪارنامن کي وڏي وضاحت سان نکيريو آهي. (ص 197 کان 205)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌ جي روايتي سورهيه سردار ’لاکي ڦلاڻي‘ تي پڻ قلم کنيو، جيڪو سنڌي ادب  شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي حوالي سان گهڻو ڳايو وڃي پيو. سندن اهو ناياب مونوگراف’سنڌي مجلس‘
شعبه سنڌي، سنڌ يونيورسٽي ۾ 1958ع ۾ ڇپيو هو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، لطيف سائين جي سٽن:

’لاکا لک سڄن، ڦلاڻيءَ ڦيريو‘ ۽ ’لاکا لک هُوا نون اڳوڻي کوءِ نه‘. ڪن لاکن جي نالن سان تعارف به ڪرايو آهي ۽ ’لاکي ڦلاڻي‘ جو نسب نامو، ڪڇ ۾ سڪونت جو زمانو، سندس خاندان سان گڏ لاکي ۽ مهر راڻي جي اصل ڪهاڻي مختصر طور بيان ڪندي، آخر مهر راڻي جا شرط پورا ڪري ان سان شادي ڪيائين ۽ پُراڻ جا پکي به ولر ڪري لاکي جي ڄڃ سان اُڏاڻا ته انهن تي نالو پئجي ويو ’لاکي ڄاڃي‘. ڪهاڻي ۾ آهي ته لاکي پنهنجي پسند جي مهر راڻي ان ڪري مڱڻهار کي ڏئي ڇڏيائين ته کيس اڳي ڪٽر ويٺل هو ته اُها ان سان محبت ڪري ٿي.

ان بعد لاکي ۽ اوڏڻ جو قصو پڻ بيان ڪري ٿو. لاکو ڦلاڻي نسب نامي مطابق سمي لاکي ڦل جو پٽ هو. هن جي ڄڃ جڏهن پراڻ جي هڪ آمري وڻ وٽ رات گذاري هئي ته وڻ جي ٽارين ۾ ڳهه ڳٺا، لال موتي ٻڌا ويا هئا ۽ جڏهن صبح جو اڳتي روانا ٿيا ته اهي هيرا موتي اتي ئي ڇڏيا هئائين. پاڻ پنهنجي ’ڪيرا ڪوٽ‘ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اوڏن جا راڄ گهرايا هئا. پاڻ غريب پرور ته اڳي مشهور هو. انڪري انهن ڪاسبين کي دل کولي اجرت ڏيندو هو. اوچتوئي هڪ ناز ڀري اوڏڻ تي نظر پيس جيڪا بيلي اوڏ جي ڌيءُ هئي، لاکي ڇوڪريءَ جو سڱ گهريو ۽ هنن ڄام کي سڱ ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪئي، هن اوڏڻ به ائين لاکي کي ناز ۽ نئڙت سان پنهنجو ڪيو جيئن ڄام تماچي کي مهاڻي نوريءَ نازن سان پنهنجو ڪيو هو، ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان باري ۾ ڪيترائي بيت ڏنا آهن، جيئن:

تماچي آندي مهاڻي لاکي آندي اوڏ،

سما پيا ڪوڏ، ذات نه پڇيائون جوءِ جي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، لاکي ۽ ريٻاري جي ڪهاڻي پڻ بيتن جي گهڻائي سان پيش ڪئي آهي، هن ڪهاڻي ۾ ريٻارڻ، لاکي کي پنهنجي مامي راءِ کنگهار هٿان مارائي پنهنجي ڪٽنب جي تباهه ڪرڻ وارو بدلو لاکي کان ورتو (ص 206 کان 218).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌ جي وڏي عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي سوانح حيات ۽ علميت بابت ڪي ويچار جي عنوان هيٺ مختصر مقالو لکيو جيڪو ’مهراڻ‘ 4/1985ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سندن سوانح ۽ علمي خدمتن تي لکيو. مخدوم صاحب حج تي ويو ته کيس نبي اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي روضي جي زيارت ڪئي، ۽ قرب حاصل ڪيائين. مخدوم صاحب جا ڪتاب هڪ سؤ پندرهن کان وڌيڪ آهن، جيڪي عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ آهن. انهن ۾ ڏهه ڪتاب سنڌي ۾ منظوم آهن. (ص 219 کان 221)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ’سنڌ جا سورهيه‘ مقالو لکيو جيڪو 14 سنڌي ادبي ڪانفرنس ڪراچي ۾ 1981ع پڙهيو هو ته تاريخ شاهد آهي، اصل سنڌ جي قومي اخلاق جون نمايان خصوصيتون سورهيائي، سخا ۽ سچائي هيون، ڇاڪاڻ ته سندن سردار ۽ پيشوا، اڳواڻ ۽ رهنما خود سورهيه سخي ۽ سچا هئا. هُو قومي ۽ ذهني آزاديءَ جا علمبردار هئا، جي حاڪم هئا ته غيرتمند ۽ عادل هئا، جي راڄن جا سردار هئا ته رڄ چڱا مڙس هئا، پنهنجي ماڻهن جا سچا همدرد ۽ انهن سان پورا وفادار هئا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب شاعرن ۽ سگهڙن جي بيتن جي مدد سان انهن مرد مٿيرن جو جائزو پيش ڪيو آهي. جيئن ته پاڻ تاريخ جو مطالعو رکندڙ هو، ان ڪري هندستان جي حمله آور بادشاهن جو سنڌ ۾  اچڻ ۽ هتان جي حاڪمن ۾ ردوبدل ڪرڻ، هڪڙن کي لاهڻ ٻين کي ويهارڻ ۽ ڌن وٺڻ کي پنهنجي لاءِ جائز قرار ڏنو. سلطان محمد تغلق، سلطان فيروز شاهه يا عبدالرحيم خان خانان جو هتي اچڻ ۽ ڪلهوڙن تي هٿ رکڻ جا تاريخي حوالا ڏيئي، ميان نورمحمد ڪلهوڙي ۽ نادر شاهه جو ذڪر پڻ انهيءَ حوالي سان ڪيو آهي ته هتان جي حاڪمن تيستائين ڪنهن جي آڻ نه مڃي، جيستائين انهن کي بيحد مجبور نه ڪيو. هن سڄي احوال ۾ ڄام تماچي ۽ مير بهرام خان جو خاص ذڪر ڪيو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ٽالپر حاڪمن جو خاص ذڪر ڪيو آهي ته دنيا ۾ هي وڏو مثال آهي ته چئن حاڪمن گڏجي راڄڌاني کي هلايو، سو به هڪ چوياري نه بلڪ ٻن چويارين جو وڏو مثال آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب کرڙي واري جنگ جي حوالي سان خليفه نبي بخش لغاري جا اهي طويل نظم پڻ پيش ڪيا آهن، جن ۾ سرڪرده ماڻهن کي خوب ساراهيو ويو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب مير شير محمد خان شيرِ سنڌ، هوش محمد شيدي ۽ حُر مجاهدن، بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير انگريزن کي ٽوٽا ڇپائي ڇڏيا هئا. مل محمود پلي جي نظمن جي آڌار تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهن سورهيه مردن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ لکي ٿو ته مرڻ ۽ مارڻ سورهين جو خاص شيوو آهي.

2. سچو سورهيه اهو جيڪو مقابلي ۾ مري موچارو ٿئي.

3. سچو سورهيه اهو آهي جيڪو مقابلي ۾ ميدان ماري، پاڻ سنڀالي ۽ ٻين کي سنڀالي. (ص 222 کان 281)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هن مجموعي ۾ خاص طور درويش راضي شاهه لڪياري تي مقالو آهي، جيڪو ’مهراڻ‘ 1/1956ع ۾ ڇپيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب راضي شاهه جي مڪمل شجري ڏيڻ، خانداني حال احوال ونڊڻ ۽ سندس شاعري کي پنهنجو موضوع بنايو آهي. راضي شاهه کي پنهنجن فقيرن جو گروهه هو. راضي شاهه جي ڪلام بابت ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته: موقعن جي مناسبت سان ڪيترائي دفعا هن في البديهه بيت چيا. عمداً ۽ ارادتاً، سُر وار ڪي ٿورا بيت چيائين، انهن ۾ سر مارئي، رامڪلي ۽ پورب جي سر ۾ جوڳين ۽ ڪاپرين کي گهڻو ڳايو آهي. (ص 232 کان 239)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي عربي زبان جي ماهر علم علي محمد مهيري رحه تي خاص مقالو پڻ هنن مقالن ۾ شامل آهي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب مهيري صاحب جي حسب نسب ۽ سندس ڪڙم قبيلي تي احاطو ڪيو آهي، جيئن ته مهيري صاحب عربي جو عالم هو ۽ شاعر پڻ سندس اعليٰ شاعري ۽ قصيده گوئي ئي لکيو ويو آهي (ص 240 کان 243).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، فقير نانڪ يوسف تي مقالو لکيو جيڪو اداره سنڌ شناسي سنڌ يونيورسٽي علمي آئينو 1973ع ۾ ڇپيو. فقير صاحب جو شجرو ڏيڻ ۽ مواد جي ڪيئن ۽ ڪٿان ملڻ جي احوال کي سميٽڻ کانپوءِ لکن ٿا ته فقير صاحب سان سندن ڏوهٽاڻ هميشه گڏ رهندو آيو آهي، جن ۾ ڪي ڪامل درويش پڻ ٿي گذريا آهن، انهن جو شجرو پڻ شامل ڪيل آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب فقير صاحب جي حالاتِ زندگيءَ جو سٺو احاطو ڪيو آهي. ولادت باسعادت کان ويندي حالات صغيري ۾ اهو پڻ شامل آهي ته ڪهڙيءَ طرح 15-16 سالن جي عمر ۾ هُو عربي ۽ فارسيءَ ۾ مولوين جي درجي تي پهچي ويو. سندس والد مولوي محمد هاشم پاڻ سندس دستاربندي ڪرائي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، فقير صاحب جي معاش جي ڳولا کان فيض جي ڳولا جو پڻ ذڪر ڪيو آهي ته پهريون چلو ڪڍڻ ۽ ان جي سفر ئي عامل هيئن رهيو ته جهل شهر جي ٻاهران هڪ واديءَ ۾ پنهنجي هٿن سان هڪ مڪان ٺاهيو ۽ سڀ تعلقات ٽوڙي اُتي ويهي چِلو ڪٽيائين. ان دوران ڪجهه به نه کائيندو، نه پيئندو هو. صرف الله جو نالو هو جتي کيس امر عنايت ٿيو، ته توکي فيض ملندو. اتي جتي منصوري دم هوندو. فقير صاحب ٻارهن مهينا سفر ڪندو رهيو، پر اها منزل مقصود کيس نه ملي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، فقير صاحب جي ٻئي چلي ڪاٽڻ ۽ پوءِ ٽئين چلي جو احوال پڻ ڏنو آهي، ته ڪهڙيءَ طرح درازن جي شهر پهتو، ڪهڙيءَ طرح سماع جي فقير کيس هڪ ڪنڊيءَ کي ٽيڪ ڏياري اتي ويهاري ڇڏيو، جتي کيس ٻارنهن مهينا گذري ويا ۽ رخ درگاهه طرف هئس. هڪ ڏينهن جڏهن سچل سائين اتان لانگهائو ٿيو، تنهن فقير کي پاڻ وٽ گهرايو. سچل جي سڏ تي ڄڻ منجهس ساهه پئجي ويو، کيس منزل ملڻ ۽ پوءِ وري جهل موٽي وڃڻ جو سڄو احوال ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڏنو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، فقير صاحب ۽ مير علي مراد خان جي دک درد جي دوا درمل جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. حضرت سچل جي حڪم هيٺ حيدرآبادي ميرن سان ملڻ ۽ پوءِ مرشد جي فيض سان هنديءَ ۾ شبد ۽ ٻاڻيون چوڻ کان پوءِ مرشد جي طرفان کيس نانڪ جو خطاب ملڻ ۽ امرتسر وڃڻ جو حڪم ٿيڻ. هي سڀ احوال، ڊاڪٽر بلوچ صاحب پيرائتو ڏنو آهي ته ڪيئن پاڻ گرونانڪ جي گادي تي ويهي هندن جي ائين رهنمائي ڪئي جيئن گرو ڪندو هو بلڪه انهن کي هي اهوئي نظر ايندو هو. کيس تيل جي ڪڙهائي ۾ اشنان ڪرايو ويو پر هي بزرگ هر آزمائش ۾ پاڻ پوندو رهيو، ان وقت سندس چپن تي آيل ڪلام به ڏنو آهي ته:

             ڌوپڙ ۾ ڌپو، سڄڻ ڌوپڙ ۾ ڌپو.

آخري بند: نانڪ يوسف منهڙو ڏس، نيڻ مرشد مڪو

 آئون پڻ گهوريان گهور تيئن تون، جا عاشق جو پتو.

اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر بلوچ صاحب فقير نانڪ جو موج مستيءَ جا ڪئين نظارا بيان ڪندي ٽنڊي مستيءَ جي وچ بازار ۾ وجد مان جيڪو ڪلام چيو، اهو پڻ ڏنو آهي ته:

واه واه ويکا هي اسرار،

بره بازار تماشا پل پل ڪا وه وا.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب فقير صاحب جي نعت ۽ سندس شعر تي عالمانه انداز ۾ جيڪا تصويرڪشي ڪئي آهي، اها هر عالم فاضل ماڻهو جي رهبري ۽ رهنمائي لاءِ ڪافي آهي. (ص 244 کان 272)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي اعليٰ پايي جي مقالن ۾ ’حافظ عبدالوهاب فاروقي‘ عرف سچل سائين تي لکيل مقالو پڻ وڏي اهميت جو حامل آهي، جيڪو نيشنل سيمينار نصرپور ۾ 7- مارچ 1982ع تي پيش ڪيو هئائون. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا ابتدائي الفاظ حضرت سچل سائين جي گوناگون شخصيت جي ساک هن طرح بيان ڪن ٿا ته ”شاعري علم ادب ۽ صوفيانه فڪر جي ميدان ۾ پنهنجي خاص مقام ۽ منفرد حيثيت جو مالڪ آهي.“

ڊاڪٽر بلوچ صاحب سوال ٿو پڇي ته ”چئن زبانن وارو يا هفت زبان شاعر“، ڊاڪٽر بلوچ صاحب ٻڌائي ٿو ته سچل سائين حقيقت ۾ ٻن ٻولين يعني سنڌي ۽ سرائڪي جو شاعر هو. باقي فارسي ۽ اردو ۾ نظم نگاري يا رسمي شاعري ڪئي آهي. پاڻ هفت زبان شاعر نه هو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب’سچل سائين يا سرمست‘ تي پڻ بحث ڪيو آهي ۽ چوي ٿو ته ’سچل سائين‘ وڌيڪ مناسب خطاب آهي، سندس وڏي ڏاڏي مخدوم عبدالوهاب جي نالي پٺيان ادب مان مائٽن کيس
’سچيڏنو‘ سڏيو. سچل يا سچو نالن ۾ نماڻائي ۽ نهٺائي سمايل آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سچل سائين کي’سرمست‘
سڏڻ جي ان بنياد تي مخالفت ڪئي آهي ته پاڻ نه ديوانو هو، نه مست يا مجذوب هو، بلڪ هو عاقل، ذهين، شاعر ۽ اديب هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته سچل بيشڪ عطار کي ئي پنهنجو رهنما مڃي ٿو پر مولانا رومي جي مرشد شمس تبريز بابت چوي ٿو:

”آسا ڏي جان ڪون لڳڙي هوا ئي شمس تبريزي.“

ڊاڪٽر بلوچ صاحب اهو به لکي ٿو ته (يعني سچل) ڪڏهن به مجذوب ڪونه هو. ڇاڪاڻ ته مجذوب هر وقت مجذوب آهي، نه ڪي هو يڪو استغراق ۽ بيخوديءَ ۾ پيو هوندو هو، پاڻ چوي ٿو:

يارو وچ بيخودي دي، ڪڏان ڪڏان آوندي هون.“

(ص 277، 273 کان 278)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي قديم بزرگ ’پير پٺو‘ تي شروعاتي ايامن ۾ قلم کنيو ۽ پي ايڇ.ڊي ڪرڻ بعد جيئن کين شروع ڪيائين ته ٺٽي ضلعي جي هن بزرگ جي مزار تي دوستن سان گڏ پهتو ۽ اتي جيڪو احوال کيس معلوم ٿيو ته اهو پنهنجي انداز ۾ لکيو ۽ الوحيد ۾ آيل مضمون
14- آگسٽ 1951ع جشن آزادي نمبر جي حوالي سان مرتب ڪيو. درگاهه جو ستونجاهون مجاور شيخ محمد عثمان ٻڌايو ته اولياءَ اصل بخارا جي طرف جو هو ۽ سيد نه آهي. ڪن جو چوڻ موجب پاڻ سلطان اڌهم جي نياڻيءَ جو پٽ آهي ۽ سندس لقب ’سلطان شاهه عالم‘ آهي، جيڪو مُهرن تي لڳل آهي ۽ اهي مهرون اڳين مجاورن جي وقت جون آهن. پاڻ هڪ قاضي وٽ پڙهيا ۽ وڏا عالم هئا. سندس وفات کي اَٺ سؤ ورهيه ٿيا آهن، جتي دفن ٿيل آهن، ان ٽڪريءَ جو نالو ’جبل آر‘ يا ’آر جي ٽڪري‘ چون ٿا، جيڪا مڪليءَ کان گهڻو اڳي مشهور ٿي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، مير علي شير قانع جي حوالي لکي ٿو ته: ’شيخ پته ديولي‘ سندس نالو حسين بن راڄپار بن ڳاهو بن لاکو بن سخيدو ذات جو اپلان والده جو نالو سلطاني بنت مراد بن شرفو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته شيخ بهاءُالدين ملتاني پنهنجي ڪرامت سان هن بزرگ کي گوشئه تنهائي مان اچي ڪڍيو. پاڻ 606هه ۾ وفات ڪئي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تاريخي تحقيق مان ظاهر ڪيو ويو ته پير پته جو مطلب پير پٺو پراڻو سنڌي نالو آهي ۽ سلطان محمد تغلق ۽ فيروزشاهه جي هتي اچڻ ۽ سومرن تي چڙهائي ڪرڻ ۽ سندس ناڪاميءَ بعد سنڌ جي لشڪر هي نعرو بلند ڪيو:

بابرڪت پير پٺو

هڪ مئو هڪ ڊٺو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب مختلف روايتن ۽ تاريخي حقيقتن کي سامهون رکندي تاريخي دستار مبارڪ جيڪا اَٺ سؤ سالن کان هلندي اچي، سجاده نشين مجاور 21 ڀيرا وهنجي نوان ڪپڙا ڍڪيندو آهي ۽ هٿن کي ڪپڙو ويڙهي پوءِ اها مٿي تي رکندو آهي. اها رسم سال ۾ ٽي ڀيرا 12 ربيع الاول، رمضان جي عيد ۽ ذوالحج جي عيد تي ٻاهر ڪڍي ويندي آهي، جيڪا چمڪندي پئي آهي. هڪ ڪمري ۾ محفوظ هوندي آهي، جنهن کي ’ڌئونرڙ‘ سڏين. ڪي ٻيا تبرڪات به آهن جن ۾ ڪشتا ۽ عصائون شامل آهن. ’تاڃي‘ نالي هڪ پٿر به آهي جيڪو فاقه ڪشيءَ ۾ پيٽ سان ٻڌو ويندو هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب مختلف انومانن مان حساب لڳائي ٻڌايو آهي ته بزرگ جي ولادت سنه 532هه ڌاري يا ان کان به اڳ جي آهي (ص 279 کان 282).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي اهو فڪر دامن گير رهيو ته اگر سنڌ جي سگهڙن ۽ شاعرن جي احوال کي سهيڙي سينگاري منظرِعام تي آڻبو ته ان سان سنڌ جي تاريخ، آسانيءَ سان مرتب ٿي سگهندي. پاڻ اها مهم هلايائون ۽ پاڻ به ان مهم جو حصو بڻيا.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، لاڙڪاڻي جي پندرهين سنڌي ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي ’ڇَتو فقير سانگي‘ تي سندس حال احوال ڪٺو ڪري، ٻالجتيءَ کان جوانيءَ تائين سوانح حيات کي مرتب ڪيو ته ڇتو فقير ڪهڙي طرح مال چاريندي مدرسي تائين پهتو. ڳوٺ پيٽهڙي لڳ ذڪريو مهيسر ضلع لاڙڪاڻي تي مجازي محبت جوانيءَ کان غالب رهي. شريعت جو به پابند رهيو، ڳوٺ تيرهن پور کي سندس دعا هميشه سُکيو سَتابو ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر بلوچ صاحب، فقير صاحب جي جيڪا سنڌي بيتن ۾ محبت ۽ مجاز کان ٿيندي سچا عاشق جي عنوان هيٺ مثال ڏيندي معرفت ۽ توحيد جا درس ڏيندي، دانائي ۽ حڪمت جا نُڪتا پيش ڪندي سارنگ جا ايترا ته بيت ڏنا آهن، جيئن حضور انور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي ظهور سان دنيا ۾ اسلام جي پيغام کي جيڪا پذيرائي ملي، ان جو اطهار انهن بيتن مان بخوبي ملي ٿو.

ڇتو فقير سرائڪي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي، بيت چيا، معشوق جي عنوان هيٺ سهڻا ٻول لکڻ ۽ مختلف سُرن ۾ ڪافين جو لکڻ، سر ڀيروي، ڪلياڻ، مانجهه، بروو، وهاڳ، بلاولي، راڻو ۽ جوڳ ۾ سهڻي شاعري پيش ڪئي آهي. هي سڀ ڪجهه هن طويل مقالي ۾ پڙهڻ سان ڇتي فقير کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملي ٿي. (ص 283 کان 303)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جيڪو علامه آءِ.آءِ قاضي جو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ساڄي هٿ وانگر معاون ۽ مددگار رهيو، نئين ڪئمپس ڄام شوري لاءِ سندس مشورن کي وڏي اهميت آهي. علامه صاحب جي وفات بعد پاڻ ان جي چيئر جا چيئرمن رهيا ۽ وفات بعد علامه صاحب جا مقبري جي پاسي ۾ مدفون رهيا. پاڻ علامه صاحب کي ڪيئن ڏٺائون، سندن علم ادراڪ، سوچ ۽ خطبا ڪيئن لڳن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب علامه صاحب تي هڪ ڀرپور مقالو ’سنڌ يونيورسٽيءَ جو محسن ۽ معمار‘
لکيو ۽ لطيف ڊائجسٽ اپريل 1976ع ۾ اهو ڇپيو. اهو مقالو هن مجموعي ۾ شامل ڪري پڙهندڙن تي وڏو احسان ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، علامه صاحب جي اعليٰ علمي لياقت ۽ فضيلت کان وٺي  يونيورسٽي جي تعمير ۽ خدمت تي تفصيل سان لکي ٻڌايو آهي ته پاڻ پنهنجي اهليه سان گڏ لنڊن جي آسائشن کي ترڪ ڪري 9- اپريل 1951ع تي ڪراچيءَ ۾ رسمي طور يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر جي چارج ورتي، جيڪا ان وقت فقط هڪ الحاقي ۽ امتحاني ادارو هو ۽ 16 ڪاليجن مان 5 ڪاليج ۽ 59 هاءِ اسڪول مان فقط 34 هاءِ اسڪول ان جي دائري اختيار ۾ وڃي بچيا. علامه صاحب 18- اپريل 1951ع تي هڪ نئين ڪفايت شعاري رٿا، جيڪا ان وقت ٻن ڪروڙ روپين تي مشتمل هئي، اها سنڌ حڪومت کي پيش ڪئي ۽ هڪ هفتي اندر سنڌ يونيورسٽي ڪراچي ڇڏي 4- مئي 1951ع تي حيدرآباد جي ’وديالا‘ هاءِ اسڪول ۾ اچي ٽپڙ لاٿا. ٻن چئن ٽرڪن تي ڪرسيون ميزون ۽ لائبريري لاءِ چار هزار کن ڪتاب ڪل سرمايو يونيورسٽي لاءِ هو. آفيس جي آفيسرن کي ٻي ڪابه جاءِ رهڻ لاءِ ڪانه ملي، سواءِ وديالا اسڪول ۾ مٿي لڪائڻ جو بندوبست ٿيو.

علامه صاحب ڪنهن به تڪليف کان همت ڪانه هاري. سنڌ حڪومت به يونيورسٽي کي حيدرآباد موڪلي ڄڻ مٿي جو سور لاهي ڇڏيو هو. مالي طور تي علامه صاحب کي اهڙا ته کُتا جواب مليا، جو اندر ئي سڙي ٿي ويو. اهي نهايت حيرت انگيز ۽ عبرت وارا هئا. سنڌ جي پنهنجن نمائندن طرفان يونيورسٽي لاءِ گرانٽ هڪ لک روپيه، جيڪا سنڌ مدرسي لاءِ هئي، ان کان مٿي ڪانه ٿي، پر علامه صاحب ڪڏهن به نااُميد ڪونه ٿيو. پاڻ پنهنجي لاءِ ڪار وٺڻ بدران وڪٽوريا بگي 75 روپيا تي ڪرائي تي رکيائين ۽ پنهنجي پگهار مان ڏنائين.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن لکن ٿا ته عوامي حڪومت جا نمائندا ڪنهن ڪم ڪونه آيا، البته جڏهن گورنري راڄ لاڳو ٿيو ۽ قلم 92 تحت گورنر دين محمد صاحب علامه صاحب جو خط پڙهيو، تنهن گرانٽ هڪ لک روپين مان وڌائي 5 لک روپيا ڪئي ۽ چئن سالن اندر يعني 1955ع تائين پڙهائي جا 24 شعبا قائم ٿي ويا. علامه صاحب جي ڪوششن سان درياء جي ٻي ڀر سرڪاري زمين حڪومت جي خرچ کانسواءِ حاصل ٿيڻ ۾ علامه صاحب دير ڪانه ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح فزڪس ۽ ڪيمسٽري جي شعبن جي اوائلي تعميرات سان ڄام شوري ۾ نئين ڪئمپس جو آغاز ٿيو. اڄ اها يونيورسٽي ڇا آهي، اهڙي پُرفضا ماحول ۽ وسيع رقبي تي يونيورسٽي خود هڪ شهر آهي، ۽ ائين چئي سگهجي ٿو ته ڄام شوري ضلعي جو بنياد فقط ئي فقط سنڌ جا اهي عظيم تعليمي ادارا، انهن جون هاسٽلون، انهن جا شعبا ۽ انهن جون ڪالونيون آهن (ص 306 کان 311).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب مولوي بهاءُالدين بن جلال الدين ڀاوناڻي (پتافي) سنڌ جي بهائي تي هڪ مقالو لکيو جيڪو ’مهراڻ‘ سوانح نمبر 3-4/1957ع ۾ ڇپيو. مولوي صاحب ڳوٺ نصير ڪوٺي لڳ گهوٽڪي ۾، 1239هه ۾ ڄائو. عربي ۽ فارسي جي تعليم وٺڻ بعد مسجد ۾ درس و تدريس ڪيائين ۽ 114 ورهين جي عمر ۾ 24 محرم 1352هه ۾ وفات ڪئي ۽ پنهنجي ئي قائم ڪيل ڳوٺ نزد داد لغاري ۾ مدفون ٿيو. مولوي صاحب ڪثير اولاد هو جيڪو پڻ عالم ۽ شاعر رهيو آهي ۽ ڪجهه ڪتابن جا مصنف پڻ آهن.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، مولوي صاحب جي همعصر عالمن جو بخوبي ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ مولوي عبدالغفور همايوني ۽ پير حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارو شامل آهن. پير سيد حزب الله شاهه پاڳارو، مرزا قليچ بيگ ۽ سردار گل محمد ’زيب‘ مگسي جن سندن خوب قدرداني ڪئي ۽ پاڻ به پنهنجي ديوان ۾ انهن جو ذڪر ڪيو اٿس. پاڻ ’بهائي‘ طريقت ۾ خواجه غلام فريد چاچڙان واري جو مريد هو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، مولوي صاحب جي ننڍين وڏين 18 تصنيفن جو ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ چار سنڌي ۽ باقي فارسي جون آهن. پير صاحب حضرت شاهه مردان شاهه کيس هڪ دستي پريس پڻ وٺي ڏني هئي، اها ’مطبع راشديه‘ جي نالي سان ڳوٺ سلطان (تعلقه ميرپورماٿيلو) ۾ قائم هئي. بعد ۾ اها سيلاب جي نذر ٿي ويئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب سڀني ڪتابن جا نالا پڻ ڏنا آهن ۽ بعد ۾ سندس شاعري تي ديوان منجهان گهڻو ڪجهه نموني طور پيش ڪيو آهي، پر اهو سڀ فارسي جو آهي (ص 312 کان 318).

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هن مقالن واري مجموعي ۾ آخوند فيض محمد روهڙوي 19 صدي جو شاعر ۽ اديب تي مقالو شامل آهي، جيڪو ’مهراڻ‘
3/1990ع ۾ ڇپيو. سندس سوانح، ادبي ۽ شاعرانه خدمتن جي اپٽار ڪئي ويئي آهي. گڏوگڏ خودنوشت سوانح (فارسي) جو ذڪر پڻ آهي. آخوند صاحب، شيخ سعدي جي ڪريما جي سٽن کي معنوي انداز ۾ هيئن پيش ڪيو:

سچا فيض محمد جي سڻ تون صدا،

ڪيم ناروا ڪم ڪوجها ڪچا،

کريما بخشائي بر حال ما،

که هستم اسير ڪمند هوا.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، آخوند فيض محمد جي شاعري تقريباً سڀني صنفن تي مشتمل سنڌي، اردو، سرائڪي، پنجابي، هندي ۽ فارسي ۾ آهي. انهن جا نمونا پڻ ڏنا ويا آهن. (ص 319 کان 331)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي علمي کاڻ مرزا قليچ بيگ تي هڪ مختصر مگر جامع مقالو لکيو، جيڪو ’مهراڻ، مرزا قليچ بيگ نمبر‘ 3-4/2000ع ۾ ڇپيو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، مرزا صاحب کي مؤدبانه  سلام پيش ڪندي لکيو ته هن فراغت وارو وقت سجايو ڪيو ۽ وڏو علمي ۽ ادبي ڪم ڪيو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکيو ته مرزا صاحب سڀني کان اڳ سنڌي ٻوليءَ سواءِ سنڌ جي جاگرافي ۽ تاريخ تي ڪتاب لکيا. ادب، شعر، لغت، ڊراما وغيره موضوعن تي سنڌيءَ صرف و نحو تي بنيادي ڪتاب لکيا، کيس ڌڻيءَ طرفان ڄڻ:

اِنَّآ اَعْطَيْنٰكَ الْكَوْثَرَ“ مان ورڇ ملي ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌ لاءِ گهڻي ۾ گهڻو مواد مهيا ڪيو ويو ته مرزا صاحب اهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو. (ص 332)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي خدمتگار، عوامي طرفدار پير الٰهي بخش تي پڻ مقالو لکيو، جيڪو سيد زوار نقوي ۽ دين محمد ڪلهوڙي پير صاحب تي ڪتاب مرتب ڪيو، ۽ سنڌي ادبي بورڊ سنه 2000ع ۾ ڇپيو، ان ۾ شامل هو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته پير صاحب استحصالي طبقي جو مخالف ۽ عوامي ترقيءَ جو علمبردار هو. هو انگريز سامراجي طبقي جو پڻ مخالف هو. کيس مسلمانن سان انگريزن جو مخالفانه رويو ۽ ناانصافين جو احساس هو ۽ انگريزن خلاف سياسي محاذ جو حامي هو. هن خلافتِ تحريڪ ۾ حصو ورتو. هن هندن جي مقابلي ۾ مسلمانن جي لاءِ اعليٰ تعليم جا دروازا کوليا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته شاگردي واري زماني ۾ آئون پاڻ سندس ثناخوان هئس. پاڻ به منهنجو مددگار رهيو. هُو ذاتي طور تي هر محتاج شاگرد جو مددگار ٿيندو هو.

پير صاحب پاڻ به ٻهراڙيءَ جو هو ۽ محنت ڪري ڪامياب ٿيو هو. پاڻ دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. ڀان شهر ۾ پڙهيو، خيرپور هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪئي، هن مولانا محمد علي جوهر جي مشوري تي جامعه مليه مدرسي ۾ داخلا ورتي. هن دادو مان هڪ اخبار ’شمشير الاسلام‘ جاري ڪئي ۽ رئيس جان محمد جوڻيجي سان گڏجي تحريڪِ خلافت کي زور وٺايو. پير صاحب 1927ع ۾ ٻيهر عليڳڙهه ۾ داخلا وٺي ايل.ايل.بي ڪئي ۽ دادو ۾ وفات ڪئي.

پير صاحب انهن پنجن ميمبرن ۾ شامل هو جن ’ون يونٽ‘ جي مخالفت ڪئي. هُو سنڌ ۾ مفت تعليم لاءِ ڪوشان رهيو ۽ بالغن جي تعليم تي زور ڏنو ۽ 47 تعلقا زوري مفت تعليم هيٺ اچي چڪا هئا. هن استادن جي ٽريننگ لاءِ ڪراچي ۾ ٽريننگ ڪاليج پڻ ٺهرايو، سنڌ مسلم ڪاليج قائم ڪيائين.

پير صاحب (مون تي) ڊاڪٽر بلوچ صاحب تي انتهائي زور ڀريو ته ’سنڌ مسلم ڪاليج‘ ۾ اچي ملازمت ڪريان (1945ع ۾). مون ڊاڪٽريءَ تان هٿ کنيو ۽ اچي ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿيس، پر بعد ۾ 1946ع ۾ دهلي ۾ چٽاڀيٽيءَ واري معيار ۾ ڪامياب ٿي گورنمينٽ آف انڊيا طرفان اعليٰ تعليم لاءِ اسڪالرشپ حاصل ڪئي ۽ آمريڪا وڃڻ کان اڳي پير صاحب سان فون تي ڳالهايم ۽ موڪلايم. خوشيءَ جو اظهار ڪيائين ۽ 26- سيپٽمبر 1946ع تي آمريڪا ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ ۾ داخلا ملي ۽ ايم.اي جي ڊگريءَ بعد 1947ع ۾ ڊاڪٽري لاءِ ’سنڌ ۾ نئين تعليمي نظام لاءِ استادن جي تعليم ۽ تربيت‘ منظور ڪرائي. 1948ع ۾ پير صاحب سنڌ جو چيف منسٽر هو، جنهن سان هڪ ٻه ڀيرا خط و ڪتابت پڻ ٿي هئي.

مون کي خوشي آهي جو اڄ 27- سيپٽمبر جي تاريخ آهي، پر سال 2016ع جو آهي جو مون ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هن مقالي تي رِويو لکي پورو ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي عوامي وزيرِاعليٰ پير الٰهي بخش تي لکيل ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مقالي کي آخر تائين پڙهيو اٿم ته ڪهڙيءَ طرح پير صاحب ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌ ۾ تعليم جي جاڳرتا لاءِ ڪوششون ورتيون هيون. (ص 333 کان 336)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي جڏهن به موقعو مليو ٿي ته هن پنهنجن پيارن جي لاءِ پنهنجون يادگيريون ضرور لکيون ٿي، جيئن قاضي فيض محمد جي ياد ۾ جيڪي پنهنجي مقالي ۾ جيڪو پاڻ سنڌ اسٽڊي سينٽر جو تحقيقي سلسلو جنوري 1985ع لاءِ لکيو هئائين، هُو لکي ٿو ته:

نهايت شريف، هردلعزيز، بلند اخلاق، آءٌ، واري خيال کان آجو، نهٺو ۽ نماڻو، ارادي جو پختو، اصول جو پڪو، خدمت ۽ قرباني جو قائل، سنڌ جي غريب عوام جو خيرخواه ملڪ ۽ قوم جو درد رکندڙ، دوستي نڀائيندڙ ۽ سڏ سان گڏ سڏ ڏيندڙ.

هنن سارين وصفن کي اگر هڪ هڪ ڪري کولبو ته ان مان جيڪا تصوير ٺهندي، اها قاضي فيض محمد مرحوم جي هوندي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جڏهن به جنهن شخصيت تي لکيو آهي، ته دل جي گهراين سان پيار ۽ محبت جي مس ۾ قلم ٻوڙي ان مس سان لکيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڄڻ ته پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي جنهن ۾ تعليمي ماحول، ڪراچيءَ جا حالات ۽ نوجوان دوستن سان گڏجي خاڪسار تحريڪ لاءِ ڪم ڪرڻ کي اُجاگر ڪيو اٿس، انهيءَ سڄي احوال ۾ قاضي فيض محمد کين سڀ کان وڌيڪ ويجهو ۽ پيارو دوست هو. هي مقالو پڙهندڙن لاءِ وڏي معلومات رکي ٿو. (ص 337 کان 345)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ انهيءَ ساڳي اتساهه، پيار ۽ محبت مان پنهنجي پياري دوست قاضي سچيڏني جي باري ۾ مقالو لکيو جيڪو پڻ ’مهراڻ‘
سرءُ 2004ع ۾ ڇپيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب قاضي صاحب جي هڪ ڊپٽي ڪمشنر طور ساڻس انهن تعلقات جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ دڙن برن ۽ کنڊرات کي گهمڻ ڏسڻ جا بهترين موقعا فراهم ڪيا. هو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مقالن کان متاثر هو جيڪي سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ پاڻ پيش ڪندو هو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب دل کولي پنهنجي استاد ۽ مربي مخدوم امير احمد تي پڻ مقالو لکيو جيڪو ’مهراڻ سوانح نمبر‘ 3-4/1957ع ۾ ڇپيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب سندن حسب نسب ۽ سوانح لکڻ سان گڏ سندس يادِ حافظ قرآن شريف جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جيڪو اَٺن مهينن ۾ ڪيو هئائين. سرڪاري اسڪولن ۾ عربيءَ جو استاد رهيو، 1945ع ۾ حيدرآباد  ۾ ’جامع عربيه‘ عربي يونيورسٽي قائم ڪئي ۽ 1946ع ۾ کيس پهريون پرنسيپال مقرر ڪيو ويو، هُو سنڌ اورينٽل ڪاليج جو پڻ پرنسيپال مقرر ٿيو. سندس ڪوششن سان حيدرآباد ۾ ڪيترائي اسڪول قائم ٿيا ۽ سنڌ يونيورسٽي جي سينيٽ ۽ سينڊيڪيٽ جو ميمبر پڻ رهيو. پاڻ ڪيترن ئي عربي ۽ فارسي ڪتابن جو سنڌي ۾ مترجم رهيو ۽ سندس ڪيترائي مضمون مختلف مخزنن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، مولوي عبدالله لغاري جا وڏا مداح رهيا، ان تي مقالو لکيائون، جيڪو ’مهراڻ سوانح نمبر‘ 3-4/1957ع ۾ ڇپيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، مولوي صاحب جي ٻڌايل حال احوال تي پنهنجو مقالو لکيو. هو مولانا عبيدالله سنڌي جو قريبي دوست هو. امروٽ ۾ انهن ٻنهي گڏجي پريس به هلائي. هي ٻئي پيرجهنڊي به آيا ۽ اتي مدرسو ’دارالرشاد‘ کوليو ويو، جلدئي هنن ٻنهي انگريزن کان بچي ڪابل پهچڻ جو سوچيو ۽ ڪوئٽا کان پيادل اهو سفر ڪري ڪابل پهتا، اتي جي حڪمرانن جو هنن سان ساٿ هو. مولوي عبدالله لغاري، مولانا عبيدالله لاءِ ڪابل ۽ هندستان وچ ۾ سفر ڪندو ۽ پيغام آڻيندو رهندو هو. ريشمي رومالن وارو سلسلو، بيعتن وارو احوال ۽ خطن جو پڪڙ مطلب اهو سڄو منظرنامو مولوي عبدالله جي زباني هن مقالي ۾ بيان ڪيل آهي. (ص 353 کان 860)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، شاعر ثناءُالله ’ثنائي‘ جي ياد ۾ مقالو لکيو، جيڪو ’السنڌ‘ رسالي جولاءِ 2007-2008ع ۾ ڇپيو. بقول ڊاڪٽر بلوچ صاحب ”گذريل 20 صدي جي وچ ڌاري ٻه عالم شاعر مولوي احمد ملاح ۽ ثناءُالله ’ثنائي‘ اخلاقي ۽ سماجي اوڻاين جا تنقيدنگار هئا ۽ نثر ۾ اهو ڪردار محمد عثمان ڏيپلائي ادا ڪيو.“

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ثنائي جي منظوم خط جو خاص ذڪر ڪيو آهي. (ص 360 کان 365)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، پنهنجي هڪ جگري دوست تي مقالو هن عنوان سان لکيو: ”منهنجو ساٿي ۽ سڄڻ، مرحوم محمد اسماعيل نُون“ به جيڪو ’مهراڻ‘ سيارو 2005ع ۾ ڇپيو. اهو نُون صاحب هو، جنهن جي همت ۽ دوستيءَ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب وڌ ۾ وڌ سگهڙن جون ڪچهريون رکي سنڌي ادب سموهيو ۽ سميٽيو. نُون صاحب جتي جتي اعليٰ عهدن تي فائز رهيو، اتي اتي ڊاڪٽر بلوچ صاحب لاءِ ميدان هموار هوندو هو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، خانبهادر علي نواز خان جمالي جهڙي دوست کي به ياد ڪيو جيڪو مير شاهنواز خان شاهلياڻي جو والد هو. شاهنواز خان سان منهنجي ملاقات پڻ 1965ع ۾ ٿي هئي ۽ هاڻي سندس پٽ غلام محمد خان سان اهو رستو آهي جيڪو منهنجي ننڍي ڀاءُ سان سهري جي ڪري قائم ٿيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب مير جعفر خان جمالي مطلب ته هن خاندان جو وڏو ذڪر ڪيو آهي. (ص 373)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، قاضي عبدالرؤف مورائي جي شجري ڏيڻ سان گڏ ان جي خطن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي. هي مضمون ’مهراڻ سوانح نمبر‘ 3-4/1957ع ۾ ڇپيو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، فولاد علي شر ۽ سندس اولاد جو ذڪر ’اڃا پڻ آهين.‘ جي عنوان سان ڪيو آهي. انهن جا احوال ڪير دل جهلي پڙهي سگهي ته واه، نه ته انهن لاءِ پڙهڻ به ڏکيو ڪم ٿيندو، انهن جي ڳالهين ۽ گفتگوئن تي رِويو لکڻ به اوکو ڪم لڳي ٿو. ڪنهن کي يقين نه اچي ته پاڻ پڙهي ڏسي. (ص 379 کان 388)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، جا هن مقالن جي مجموعي جا ٻه آخري مقالا حيدرآباد جي هڪ ئي خاندان مرزائن تي لکيل آهن. هڪ ممتاز مرزا جون يادگيريون ۽ ٻيو بلوچ مرزا عباس علي بيگ جي وفات تي تعزيتي بُڪ تي جيڪو نوٽ لکيائين. ممتاز مرزا سندس پيارن شاگردن مان هو، چار ماڻهو جيڪي اوج تي پهتا، انهن مان ٽن ۾ ڪجهه انانيت آئي پر مرزا ممتاز ۽ سندس اولاد ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ڄڻ ته پنهنجو مرشد ٿي ڄاتو. هُو جڏهن ڊي.جي ثقافت کاتو هو، آءٌ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان گڏ هئس ته هُو پيرين پئي کين مليو هو. ان جو سبب ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي يادگيرين مان بخوبي معلوم ٿيم. ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن کي جيئن ٽرينڊ ڪيو هو، ان ۾ سندس آئيڊيل رهيو. سگهڙن جي محفلن يا راڳ رنگ جي محفلن ۾ کيس ٽرينڊ ڪيو، لغت ۽ لوڪ ڪهاڻين جي تدوين ۾ جيئن گائيڊ ڪيو، تيئن هن ڪري ڏيکاريو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب مرزا صاحب جو هڪ خط پڻ مقالي ۾ ڏنو آهي. (ص 389 کان 395)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب عمرو بن بحر ’جا حظ‘ تي به مقالو لکيو، عنوان رکيائين: ’گول لاٽون چورس چڳهه‘ جنهن 255هه ۾ وفات ڪئي. هي مقالو ’مهراڻ‘
4/1990ع ۾ ڇپيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته هڪ طرف جا حظ جيڪڏهن علم جا درياءَ وهائي ڇڏيا ته ٻئي طرف سندس وقت ۾ احمقن به پنهنجي علم ۽ عقل جي ڏيوالي جا پڙها پئي ڏنا.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن دور جي اهڙن ڏيوالي جي اڪابرن تي لکي ذهن نشين ڪرايو آهي ته علم ۽ عقل ٻه الڳ شيون آهن، انهن جي گڏجي ڪم ڪرڻ سان ئي بهتر عمل ۽ نتيجو ملندو. هر مطالعي واري کي گهرجي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هن مضمون کي وري وري غور سان پڙهي ۽ پاڻ کي دانائيءَ جي درجي تي آڻي. (ص 397 کان 405)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org