وليم سڊني پورٽر، جنهن جو قلمي نالو
اوهينري آهي، مشهور آمريڪي ڪهاڻيڪار
ٿي گذريو آهي. هڪ ڀرپور تجسس ۽
حيرانيءَ تي ختم ٿيندڙ اوهينريءَ جي
ڪهاڻين کي سڄي دنيا ۾ وڏي مڃتا حاصل
پئي رهي آهي. پاڻ 11 سيپٽمبر 1862ع تي
گرين بورو، اتر ڪيرولينا، آمريڪا ۾
ڄائو ۽ سندس وفات 5 - جون 1910ع تي
ٿي.
’آخري پَنُ‘ اوهينريءَ جي اها ڪهاڻي
آهي. جنهن کي دنيا جي ڪهاڻين جي
’شهزادي‘ سڏيو ويو آهي. هيءَ ڪهاڻي
1907ع ۾ ڇپيل اوهينريءَ جي ڪهاڻين جي
مجموعي
"The Trimmed Lamp and other stories"
(اجهاميل ڏيئو ۽ ٻيون ڪهاڻيون) ۾ شامل
آهي. آخري پن گرين وچ نالي هڪ ڳوٺ ۾
نمونيا جي پکڙجڻ جي پس منظر ۾ لکي وئي
آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻن ساهيڙين ۽ هڪ
پوڙهي مصور جي ڳالهه ٿيل آهي. انهن
مان هڪ ساهيڙي نمونيا ۾ وٺجي وڃي ٿي ۽
مايوس ٿي موت جو انتظار ڪري ٿي، پر
پوڙهو مصور کيس همٿائي ٿو ۽ جيئڻ جو
حوصلو ڏئي ٿو، نيٺ هو پاڻ به مري وڃي
ٿو.
اوهينريءَ 600 ڪهاڻيون لکيون، جيڪي
دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي
چڪيون آهن. - سنڌيڪار) |
واشنگٽن جي ڀرسان ئي اولهه پاسي گرين وِچ نالي
هڪ ڳوٺ آهي. سڄي ڳوٺ جون گهٽيون بي ترتيب ۽
اِنگڙ وِنگڙ آهن. هڪ گِهٽي وڪڙ کائي پاڻ کي هڪ
ٻن هنڌن کان ڪاٽي اڳتي لنگهي ٿي. مصورن لاءِ
ان گهٽيءَ ۾ زبردست فنڪاراڻا امڪان موجود هئا،
تنهنڪري مصور ۽ فنڪار سَستي مسواڙ جي ڪري ان
نرالي ڳوٺ ۾ اچي پهتا. هوريان هوريان اهي ڇيڙ
شاهراهه جي بازار مان ٿانوَ ٿڦا ۽ ٻيو سيڌو
سامان وٺي اتي ئي آباد ٿي ويا. اهڙيءَ طرح اهو
ڳوٺ ڄڻ ته واشنگٽن جو ئي هڪ پاڙو بنجي ويو هو.
ان ئي ڳوٺ ۾ هڪ ڪشادي ٽه- ماڙ بلڊنگ جي مٿان
’سُو‘ ۽ ’جانسيءَ‘ پنهنجو تصوير خانو ٺاهيو،
جانسيءَ جو اصل نالو ’جون آنا‘ هو ۽ هوءَ ’مين
هيٽن‘ کان آئي هئي ۽ سُو جو تعلق ڪئليفورنيا
سان هو. روڊ نمبر- 8 جي هڪ عام هوٽل جي ميز تي
انهن جي هڪٻئي سان واقفيت ٿي هئي. ڳالهين ڪندي
کين خبر پئي ته لباس، کاڌ خوراڪ ۽ مصوريءَ ۾
ٻنهي جي پسند هڪجهڙي آهي. ان جو نتيجو اهو ٿيو
جو ٻنهي گڏجي ڪري هڪ گڏيل تصوير خانو قائم ڪري
ورتو.
اها نومبر مهيني جي ڳالهه آهي، جڏهن نمونيا
جهڙي بڇڙي ۽ بدبخت بيماريءَ ڪيترن ئي ماڻهن کي
ماري ڇڏيو. جانسيءَ جهڙي هلڪي ۽ هيڻي عورت به
ان بيماريءَ جي سَٽَ کان نه بچي سگهي. هوءَ
ويچاري اڳ ۾ ئي ڪئليفورنيا جي رت ڄمائيندڙ ٿڌ
۽ ٿڌين هَوائن جي ڪري اڌ مُئي ٿي چڪي هئي،
ويتر مٿان سيءَ به کيس سوڙهو ڪري ڇڏيو هو.
هاڻي ته هوءَ چُري پُري به ڪونه ٿي سگهي. هوءَ
پنهنجي بستري تي ليٽندي سڄو ڏينهن ننڍڙيءَ
محراب دار دريءَ جي شيشن مان نظر ايندڙ گهر جي
ديوار کي تڪيندي رهندي هئي.
هڪ صبح جو اڇن وارن واري ڊاڪٽر، سُوکي ورانڊي
۾ سڏيو. ”منهنجو خيال آهي ته جانسيءَ جي زنده
بچڻ جو امڪان ڏهه سيڪڙو آهي.“ ڊاڪٽر ٿرماميٽر
کي جهٽڪو ڏيندي ٻڌايو، ”۽ اهو امڪان به تڏهن
آهي، جيڪڏهن هوءَ پاڻ جيئري رهڻ جي ڪوشش ڪندي.
جيڪي ماڻهو جيئري رهڻ جي اميد ختم ڪري ڇڏيندا
آهن، تن لاءِ ڊاڪٽر جو علاج بيڪار آهي. تنهنجي
سهيليءَ به دل ۾ اهو سوچي ڇڏيو آهي ته هوءَ
ٺيڪ نه ٿي سگهندي. ها! اهو ٻڌاءِ ته ڀلا سندس
دل ۾ ڪا خواهش، ڪو ارمان آهي ڇا..!؟“
”اصل ۾ هوءَ خليج نيپلز جي تصوير ٺاهڻ چاهي
ٿي.“ سُو ٻڌايو.
”اڇا..... اڇا.... ٺيڪ! ڊاڪٽر چيو، ”بهرحال،
جيستائين منهنجي ڳالهه آهي ته مان تنهنجي
سهيليءَ کي بچائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندس، پر
جڏهن منهنجو مريض پنهنجي موت جي باري ۾ گهڻو
سوچڻ لڳندو آهي ته پوءِ مان دوائن جي اثر کي
اڌ سمجهندو آهيان. ها! جيڪڏهن تون ڪنهن نموني
هن کي سياري جي نئين فيشن جي ڪوٽ جي ٻانهن جي
باري ۾ هڪ سوال پڇڻ تي راضي ڪري سگهين ته پوءِ
مان پَڪ سان چئي سگهان ٿو ته سندس بچڻ جي اميد
ڏهه سيڪڙو بدران ويهه سيڪڙو ٿي ويندي.“
ڊاڪٽر جي وڃڻ کانپوءِ سُو تصوير خاني ۾ ويئي ۽
ڪينواس تيارڪرڻ لڳي. ڪجهه دير کانپوءِ هوءَ
ڊرائنگ بورڊ سميت سيٽي وڄائيندي جانسيءَ جي
ڪمري ۾ داخل ٿي. هوءَ بيحس ليٽيل حالت ۾ دريءَ
ڏانهن گُهوري رهي هئي. سُو سمجهيو ته شايد
هوءَ سُمهي پئي آهي، تنهنڪري هن هڪدم سيٽي
وڄائڻ بند ڪري ڇڏي.
هن پنهنجو بورڊ هڪ هنڌ ڄمائي رکيو ۽ هڪ رسالي
جي ڪهاڻيءَ لاءِ تصوير ٺاهڻ لڳي. انهن نوجوان
مصورن لاءِ، جيڪي مصوريءَ ۾ اڳتي وڌڻ جي خواهش
ٿا رکن. اهو ضروري آهي ته شروع شروع ۾ اُهي
ڪهاڻين جون تصويرون يا اسڪيچ ٺاهي پنهنجو رستو
گهڙين، ائين جيئن نوجوان اديب مٿانهون ادبي
مقام حاصل ڪرڻ لاءِ ننڍيون ننڍيون لکڻيون
سرجيندا آهن.
سُو پنهنجي هيري جي جسم تي رياست اَڊ اهو جي
ڌنارن جهڙي سُٿڻ ۽ هڪ شيشي جي عينڪ ٺاهڻ ۾
مصروف هئي. کيس ڪو جهيڻو آواز بار بار ٻڌڻ ۾
آيو. هوءَ هڪدم جانسيءَ جي بستري وٽ پهچي
ويئي.
جانسيءَ جو اکيون کليل هيون. هوءَ دريءَ کان
ٻاهر ڏسي رهي هئي ۽ ڪا ڳڻپ ڪري رهي هئي، اُبتي
ڳڻپ.
’ٻارنهن....‘ هن چيو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ،
’يارهن‘ ۽ وري هڪدم، ’ڏهه‘ وري، ’نَوَ‘،
’اَٺَ، سَت‘.
سُو وڏي ڌيان سان دريءَ جي ٻاهران ليئو پائي
ڏٺو، اتي اهڙي ڪهڙي شيءِ هئي، جنهن کي هوءَ
ڳڻي رهي هئي. کيس هڪ اڱڻ ۽ گهر جي ديوار کان
سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه آيو. ها! پر وڻ
ويڙهيءَ جي هڪ پُراڻي وَلِ کيس ديوار سان
چنبڙيل نظر ٿي آئي، اها وَل ڪومائجي چُڪي هئي
۽ ان جون پاڙون به ڳَري ويون هيون. سرءُ جي
تيز ۽ ٿڌين هوائن ان وَلِ جا اڪثر پَن ڪيرائي
ڇڏيا هئا ۽ هاڻي رڳو خالي ڏارَ ديوار سان
چنبڙيل هئا.
”ڇا ڳالهه آ پياري جانسي؟“ سُو پڇيو.
’ڇهه.....‘ جانسيءَ ڀُڻ ڀُڻ ڪئي. ”هاڻي اهي
جلدي جلدي ڪِري رهيا آهن. ٽي ڏينهن اڳ سَوَ جي
لڳ ڀڳ هئا، انهن کي ڳڻي ڳڻي منهنجو ته مَٿو ئي
ڦِري ويو هو، پر هاڻي ڳڻڻ سولو آهي... ها!
هڪڙو ٻيو به ڪِري پيو. هاڻي رڳو پنج وڃي بچيا
آهن.“
”پنج ڇا، پياري سهيلي؟ پنهنجي سُو کي ٻڌاءِ
نه!“
”پَنَ.... وڻ ويڙهيءَ جي وَل مان جڏهن آخري
پَنُ ڇڻي ويندو، ته پوءِ مان به مري وينديس.
ٽن ڏينهن کان مون کي ان ڳالهه جي خبر آهي.
توکي ڊاڪٽر ناهي ٻڌايو ڇا....؟“
”اُف.....! بڪواس نه ڪر ڇوڪري.... مان پنهنجي
زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اهڙي فضول ڳالهه ناهي
ٻُڌي... آئيندي اهڙي بَڪ نه ڪجانءِ..“ سُو کيس
پيار مان داٻو ڏيندي چيو. ” ڀلا، ان پراڻي وڻ
ويڙهيءَ جي وَل جو تُنهنجيءَ صحت سان ڪهڙو
تعلق؟ ۽ ها! توکي ته اها وَل ڏاڍي وڻندي هئي،
شرير ڪنهن جاءِ جي! تون ڊڄڻي نه ٿيءُ، ڳالهه
ٻڌ! اڄ صبح ئي ڊاڪٽر مون کي ٻڌايو آهي ته
تنهنجي تندرست ٿيڻ جو ڏهه سيڪڙو امڪان آهي. ٻڌ
ته! جڏهن اسان نيويارڪ ۾ ٽيڪسيءَ تي سير سپاٽو
ڪري رهيا هوندا آهيون يا وري ڪنهن نئين عمارت
وٽان لنگهي رهيا هوندا آهيون، تڏهن به اسان جي
زنده گهر پهچڻ جا امڪان به ڏهه سيڪڙو هوندا
آهن، ڳالهه کوپڙيءَ ۾ وئي؟ بس، هاڻي ٿورڙي
يخني پيءُ ۽ پنهنجي سوُ کي ڪم ڪرڻ ڏي ته جيئن
هوءَ تصويرن جي پئسن مان پنهنجي ۽ تُنهنجي پيٽ
لاءِ دال روٽيءَ جو بندوبست ڪري سگهي.“
”هاڻي تون منهنجي ڳڻتي نه ڪر.“ جانسيءَ پنهنجو
اکيون دريءَ کان ٻاهر ڄمائيندي چيو، ”آ....!
هڪ ٻيو پَن به ڪِري پيو... نه..... نه! مون کي
يخني نه گهرجي. مان نه ٿي پيئڻ چاهيان. هاڻي
رڳو چار پَن وڃي رهيا آهن. مان رات جي اوندهه
پکڙجڻ کان اڳ آخري پَن کي ڪِرندي ڏسڻ چاهيان
ٿي، پوءِ مان به مري وينديس.“
”جانسي! پياري جانسي!“ سُو مٿس جُهڪندي چيو، ”
جيستائين مان پنهنجو ڪم ختم ڪريان، تيستائين
تون پنهنجون اکيون بند ڪري نه ٿي سگهين؟ هي
تصويرون مون کي سڀاڻي تائين ڏيڻيون آهن. مون
کي روشنيءَ جي ضرورت هئي، نه ته مان دريءَ تي
پردو ڪيرائي ڇڏيان ها...“
”ڇا تون اهي تصويرون ٻئي ڪمري ۾ نه ٿي ٺاهي
سگهين؟“ جانسيءَ لاپرواهيءَ مان پڇيو.
”نه...! مان تو وٽ هجڻ چاهيان ٿي.“ سُو چيو، ۽
ٻيو اهو ته مان نه ٿي چاهيان ته تون هَروڀَرو
وڻ ويڙهيءَ جي وَلِ کي تڪيندي رهين.“
”چڱو، تون جڏهن پنهنجو ڪم ختم ڪرين ته پوءِ
مون کي ٻڌائجانءِ.“ جانسيءَ پنهنجون اکيون
ٻوٽيندي چيو، ”مان آخري پَن کي ڪِرندي ڏسڻ
چاهيان ٿي، مان انتظار ڪري ڪري ٿڪجي پئي
آهيان. سوچيندي سوچيندي بيزار ٿي ويئي آهيان.
مان هن دنيا کان آزاد ٿيڻ چاهيان ٿي ۽ انهن
ويچارن پَنن وانگر ڇَڻي وکري ختم ٿي وڃڻ
گهُران ٿي.“
”آرام ڪر... سمهڻ جي ڪوشش ڪر.“ سُو چيو،
”مان پوڙهي فقير جي تصوير ٺاهڻ لاءِ ’باحرمن‘
کي ماڊل بنائڻ چاهيان ٿي. مان کيس سڏڻ ٿي
وڃان. بس، هڪ منٽ ۾ موٽي آيس. تون منهنجي موٽي
اچڻ تائين بستري تان اٿڻ جي ڪوشش هرگز به نه
ڪجانءِ.“
پوڙهو باحرمن هڪ مصور هو، جيڪو ان ئي بلڊنگ جي
هيٺين ماڙ تي رهندو هو. سندس عمر سٺ سالن کان
به مٿي هئي. جسم مائيڪل اينجلو جي ٺاهيل مجسمي
’شيطان‘ جهڙو هئس. ڏاڙهي حضرت موسيٰ عليه
السلام جي مجسمن جهڙي ۽ ڪَنَ اساطير جهڙا.
باحرمن هڪ ناڪام مصور هو. گذريل چاليهن سالن
کان هُو بُرش وسيلي ڪاغذي چادرن تي رنگ ٿڦي
رهيو هو، پر هڪ پَن به ٺاهي ڪو نه سگهيو هو.
هُو سدائين هڪ شاهڪار ٺاهڻ جا سپنا ڏسندو
رهندو هو، پر ان شاهڪار کي ٺاهڻ شروع به نه
ڪيو هئائين. هُو ان ڳوٺ جي انهن سيکڙاٽ مصورن
جو ماڊل بنجي ڪجهه ڪمائي وٺندو هو، جيڪي ڪنهن
مناسب ماڊل جي في ڀرڻ جي سگهه نه رکندا هئا.
هُو سگريٽ ڏاڍا پيئندو هو ۽ اڪثر پنهنجي ايندڙ
شاهڪار جي باري ۾ وڏا وڏا حَوال ڪٽڻ لڳندو هو.
هو بلڊنگ جي تصوير خاني ۾ رهندڙ ٻن نوجوانڙين
يعني سُو ۽ جانسيءَ جي حفاظت ڪرڻ پنهنجو فرض
سمجهندو هو.
جڏهن سُو باحرمن وٽ پهتي ته هُو جونيپر ٻير جا
پَن سنگهي رهيو هو. هڪ ڪنڊ ۾ خالي ڪينواس
ايزلا تي رکيل هو. اهو ڪينواس پنجويهن سالن
کان شاهڪار جي پهرين لڪير جي اوسيئڙي ۾ هو.
سُو کيس جانسيءَ جي وهم جي باري ۾ سڀ ڪجهه
ٻڌائي ڇڏيو. سُو ڊڄي رهي هئي ته ويچاري جانسي
ڪنهن پَن وانگر هيڻي ته آهي ئي ۽ ڪٿي ائين نه
ٿئي جو دنيا مان بيزار ٿي، ٻِي دنيا ڏانهن هلي
پئي.
پوڙهو باحرمن ڳاڙهين اکين سان لاڳيتو سُو کي
تڪيندو رهيو ۽ جانسيءَ جي اهڙي بيوقوفاڻي سوچ
تي کلندو به رهيو.
”بيوقوفيءَ جي حد آ...!“ پوڙهي اوچتو وڏي آواز
۾ ڳالهايو، ”ڇا دنيا ۾ اهڙا ماڻهو به موجود
آهن، جيڪي بيڪار وَلين جي پَنن ڪِرڻ سان مري
ويندا هجن، مان ته ڪڏهن اهڙي ڪا ڳالهه ناهي
ٻُڌي. نه بابا نه! مان تنهنجي لاءِ پوڙهو فقير
ڪو نه ٿيندس. ڀلا تون جانسيءَ جي کوپڙيءَ ۾
اها چريائپ واري ڳالهه ڇو اچڻ ڏني؟ هاءِ!
ويچاري جانسي!“
”هوءَ گهڻو بيمار ۽ ڪمزور آهي.“ سُو ٻڌايو، ”۽
تيز بخار سندس دماغ کي عجيب ۽ غريب مريضاڻين
سوچن سان ڀري ڇڏيو آهي. اڇا باحرمن صاحب! تون
جيڪڏهن منهنجي لاءِ فقير جو ماڊل نه ٿو بنجڻ
چاهين ته نه بڻج، وڃي ڌُوڙ پاءِ... تون ڪنهن
به ڪم جو ناهين. هڪ بيڪار پوڙهو آهين.... رڳو
بَڙبَڙ ڪندو وتندو آهين.“
”تون به هڪ بيڪار عورت آهين!“ باحرمن وات ڦاڙي
چيو، ”مان اهو ڪڏهن چيو ته مان فقير جو ماڊل
نه ٿيندس؟ هل، مان تو سان گڏ ٿو هَلان. مان ته
اَڌ ڪلاڪ کان بَڪي رهيو آهيان ته مان ماڊل ٿيڻ
لاءِ تيار آهيان، تون ٻڌين ئي ڪو نه ٿي. هاءِ
ويچاري جانسي! ان کي ته بيمار نه رهڻ گهرجي.
هي اهو هنڌ ناهي جتي ڪو بيمار ٿي پوي. هڪ
ڏينهن مان پنهنجو شاهڪار ٺاهيندس. پوءِ اسان
هتان لڏي هلنداسين، ٺيڪ آنه؟“
جڏهن اهي ٻئي مٿي پهتا ته جانسي سُتي پئي هئي.
سُو دريءَ تي پردو ڪيرائي ڇڏيو ۽ باحرمن کي
ٻئي ڪمري ۾ اچڻ جو اشارو ڪيو. ٻئي ڪمري ۾ پهچي
پهرين هنن دريءَ مان ليئو پائي وڻ ويڙهيءَ جي
وَلِ کي خوف وچان ڏٺو ۽ پوءِ ڪجهه گهڙيون
هڪٻئي کي تڪيندا رهيا. هُو چاهيندي به هڪٻئي
سان ڳالهائي ڪونه سگهيا. ٻاهر تيز مِينهن وسي
رهيو هو ۽ برف به ڪِري رهي هئي. باحرمن نيري
رنگ جي پراڻي قميص پايو ڪاٺ جي هڪ اسٽول تي
فقير بنجي ويهي رهيو.
جڏهن سُو رات جو ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين سٺي ننڊ
ڪري صبح جو اُٿِي ته سندس نظر جانسيءَ تي پئي.
جانسي دريءَ جي ڪِريل پردي کي اداس نظرن سان
ڏسي رهي هئي.
”پردو هٽاءِ.... مان ڏسڻ چاهيان ٿي.“ جانسي
هلڪي آواز ۾ حڪم ڏيندي چيو.
سُو بيدليءَ مان پردو هٽائي ڇڏيو.
پر ڏسو ته سهي! ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي جو
سڄي رات مينهن وسندو رهيو ۽ تيز هَوا به
گهلندي رهي، پر سامهون ديوار سان گڏ وڻ
ويڙهيءَ جي وَلِ تي هڪ پَن اڃا به لڳل هو. اهو
وَلِ جو آخري پَن هو. ان جا ڏندائتا ڇيڙا
ڪومائجي هيڊا ٿي ويا هئا، پر اهو سنهڙي ٽاريءَ
وٽان اڃا تائين سائو هو ۽ زمين کان لڳ ڀڳ ويهه
فوٽ مٿي ديوار سان وَلِ جي شاخ تي لٽڪيل هو.
” اهو آخري پَن آهي.“ جانسيءَ ڳالهايو، ”مان
سمجهيو ٿي ته رات اهو پَڪ سان ڪِري چڪو هوندو.
رات ته ڏاڍي هَوا به گهُلي رهي هئي. خير، اهو
ضرور ڪِرندو ۽ پوءِ مان به مري وينديس.“
”منهنجي پياري سهيلي!“ سُو پنهنجو ٿَڪل چهرو
وهاڻي وٽ جُهڪائيندي چيو، ”اهڙيون ڳالهيون ته
نه ڪر، جيڪڏهن توکي پنهنجو خيال ناهي ته پوءِ
ڀلا منهنجو ئي خيال ڪر. مان توکان سواءِ جيئري
رهڻ جو سوچي به نه ٿي سگهان.“
پر جانسيءَ ڪا به ورندي نه ڏني. اهو روح، جيڪو
پنهنجي هڪ ڊگهي ۽ پُراسرار سفر جي تياريءَ ۾
مصروف هجي، دنيا جي سڀ کان وڌيڪ اڪيلي شيءِ
هوندو آهي. جانسيءَ کي هن دنيا سان لاڳاپو ۽
سُو سان دوستيءَ جو رشتو ڪمزور ٿيندي محسوس
ٿيو. جانسي خيالن جي دنيا ۾ گُم ٿيندي ويئي.
ڏينهن ختم ٿي ويو، پر شفق جي روشنيءَ ۾ وڻ
ويڙهيءَ جو اڪيلو پَن اڃا به اهڙيءَ طرح ئي
ديوار سان وَلِ تي چنبڙيل نظر اچي رهيو هو.
رات ايندي ئي برسات ۽ هَوا جو سلسلو وري شروع
ٿي ويو. اُتر جي تيز هَوا لاڳيتو گهُلي رهي
هئي ۽ مينهن جون بوندون درين جي شيشن تي ٽَپ
ٽَپ ڪري رهيون هيون.
ٻئي ڏينهن جڏهن اُسَ نڪتي ته جانسيءَ وري حڪم
ڏنو ته پردو هٽايو وڃي.
وڻ ويڙهيءَ جو پَن اڃا به موجود هو.
جانسي ڳچ دير تائين ان پن کي تڪيندي رهي ۽
پوءِ هُن سُو کي سڏ ڪيو، جيڪا پريان رڌڻي ۾
سندس لاءِ چڪن سوپ تيار ڪري رهي هئي.
”سُو! مان ڏاڍي خراب ڇوڪري آهيان.“ جانسيءَ
چيو، ”ڪنهن غيبي طاقت ان آخري پَن کي اُتي ئي
روڪي ڇڏيو آهي، ته جيئن مون کي خبر پئي ته مان
ڏاڍو بُرو سوچيو هو. مرڻ جي خواهش ڪرڻ ته
گناهه آهي. هاڻي ائين ڪر ته منهنجي مٿي ۽
پُٺيءَ کان ٻه- ٽي وهاڻا رک ته مان ٽيڪ ڏئي
ويهان ۽ توکي چڪن سوپ ٺاهيندي ڏسان.
سوپ پيئڻ کانپوءِ جانسيءَ چيو، ”سُو! مان ڪنهن
ڏينهن خليج نيپلز جي تصوير ٺاهينديس.“
منجهند جو ڊاڪٽر آيو ۽ جانسيءَ کي ڏٺائين.
سُو کيس ڇڏڻ ورانڊي تائين آئي.
”جانسيءَ جي طبعيت سڌرندڙ آهي.“ ڊاڪٽر ٻڌايو،
”جيڪڏهن تون ان جو گهڻو خيال رکندينءَ ته پوءِ
هوءَ زندگيءَ جي جنگ کٽي ويندي. مان هاڻي هيٺ
هڪ ٻئي مريض کي ڏسڻ پيو وڃان. ان جو نالو
باحرمن آهي ۽ هو به مصور آهي. ان ويچاري کي به
نمونيا ٿي ويئي آهي، پوڙهو ۽ ڪمزور ماڻهو آهي.
نمونيا جو حملو به شديد ٿيو اَٿس. سندس بچڻ جي
ڪا به اميد نظر نه ٿي اچي. پر مان اڄ کيس
اسپتال وٺي پيو وڃان ته جيئن اُتي کيس وڌيڪ
آرام ملي سگهي.“
ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر سُو کي ٻڌايو، ”تنهنجي
سهيليءَ جي حالت هاڻي خطري کان ٻاهر آهي. هوءَ
کٽي ويئي آهي. هاڻي ٿورڙي سٺي خوراڪ ۽ احتياط
جي ضرورت آهي، بس!“
ان ڏينهن ٽيپهريءَ جو سُو جانسيءَ جي ويجهو
آئي. سُو وڏي ڌيان سان بستر تي ليٽي نيري رنگن
جو سوئيٽر اُڻي رهي هئي. سُو سندس ڀرسان رکيل
وهاڻن کي پنهنجي ٻانهن ۾ جڪڙي ورتو ۽ وڏي اداس
لهجي ۾ ٻڌائڻ شروع ڪيو.
”باحرمن صاحب ويچارو اڄ اسپتال ۾ نمونيا وگهي
گذاري ويو. هُو رڳو ٻه ڏينهن بيمار رهيو.
چوڪيدار ٽيون ڏينهن کيس پنهنجي ڪمري ۾ هيڻي
حالت ۾ ڏٺو هو، سندس بوٽ ۽ ڪپڙا صفا آلا هئا ۽
ٿڌا پڻ، ماڻهو حيران هئا ته باحرمن آخر رات جو
ويو ڪيڏانهن هو؟ ماڻهن کي سندس ڪمري ۾ هڪ
لالٽين نظر آئي، جيڪا ٻَري رهي هئي ۽ هڪ ڏاڪڻ
به، جيڪا ڪيڏانهن گهِلي کنئي ويئي هئي ۽ ڪجهه
برش به، جيڪي هيڏي هوڏي وکريا پيا هئا. هڪ
تختو به جنهن تي سائو ۽ هيڊو رنگ ملايو ويو هو
۽.... ۽ منهنجي پياري سهيلي! ٿورو دريءَ کان
ٻاهر ديوار تي وڻ ويڙهيءَ جي آخري پَن کي
ڏس... ڇا توکي ان ڳالهه تي حيرت نه ٿي ٿئي ته
اهو پَن هَوا جي گهُلڻ سان لُڏي ڇو نه ٿو؟
منهنجي جان! اهو باحرمن جو شاهڪار آهي، جنهن
رات آخري پن ڪِريو هو، تنهن رات هن پَن جي اها
تصوير اُتي ٺاهي هئي.
جاويد عباسي
حــاجــاڻــي
هاڻي ويٺا پاڻ ئي مُرڪندا رهندؤ يا منهنجي
ڳالهه به ٻڌندؤ.
شازي چانهه جو ڪوپ منهنجي اڳيان ٽيبل تي رکي
ڀرسان ڪرسي تي ويهي رهي ۽ مون کي ڏسڻ لڳي.
زالن جو پيار، حيات جي پوئين پهر ۾ ئي سمجهه ۾
ايندو آهي.
”سائين، ڳالهه ٻڌايو ته ٻڌندس.“ مون چانهه جي
ڪوپ مان چُسڪي وٺندي چيو.
”ڏسو، علينا جي شاديءَ کي ڇهه مهينا ٿي ويا
آهن، اڃا اولادي ناهي ٿي. هڪ بيبيءَ جي مزار
آهي، چون ٿا ته اتي دعا گهرڻ سان نياڻين کي
اولاد ٿئي ٿو.“
علينا منهنجي هڪ ئي ڌيءَ هئي، جنهن جي ڇهه
مهينا اڳ شادي ڪرائي هئي، ماڻس کي الائي ڪهڙي
جلدي هئي ته بس علينا کي اولاد ٿئي.
”شازي، اڃا ڇهه مهينا مس ٿيا آهن، الله چاهيو
ته اولاد به ٿي ويندو.“
”پر الله وارن کان دعا پني سي ته ڇا ٿيندو.“
هوءَ پڪي ضدي هئي.
”چڱو هلنداسين.“
”نه، سڀاڻي ئي هلڻو آهي.“
”چڱو ڀلا، سڀاڻي ئي ٿا هلون، پر هلڻو ڪٿي
آهي؟“
”ڳوٺ ميسڙا، بيبي حاجاڻي جي مزار تي.“
”ڳوٺ ميسڙا…!“ مان پريشان ٿي ويس، نرڙ تي پگهر
اچي ويو.
”ڇا ٿيو، توهان ايڏو پريشان ڇو ٿي ويا آهيو،
نه ٿا هلون ڀلا.“ شازيءَ مون کي ٻانهن کان اچي
جهليو، مان کيس ٺيڪ هجڻ جو اشارو ڪيو ۽ سڀاڻي
هلڻ جو چيو.
ٻه ٽي ڏينهن ڇڏي وري ساڳِي بيٺڪ گهر ۾ لڳندي
هئي ۽ ڀيڻ جي شاديءَ جو مسئلو بحث هيٺ ايندو
هو، امان بابا کي چئن ٻارن جو اولاد هو، ان ۾
مون کان وڏا ٻه ڀائر ۽ سڀني کان ننڍي هڪ ڀيڻ،
راڻي. وڏو ادو محمد بخش زمينون سنڀاليندو هو،
۽ ٻيو نمبر ڀاءُ ڪريم حسين مال جي واڙي کي
مُنهن ڏيندو هو، ڀليون مينهون اسان جي واڙي ۾
هونديون هيون، جن جو کير شهر موڪلبو هو. مون
ميٽرڪ ڪئي هئي ۽ هاڻي شهر ۾ هڪ بورڊنگ اسڪول ۾
پڙهندو هئس. پئسي ڏوڪڙ جي پرواهه نه هئي، ڳوٺ
ميسڙا جا ننڍا زميندار هئاسون.
”بابا… ڀيڻ کي ڌارين ۾ نه ڏينداسين.“ ادو محمد
بخش ارڏو ۽ ضدي هوندو هو، وڏو هجڻ ڪري بابا به
هن جي ڳالهه رکندو هو.
”ابا، پنهنجن ۾ ڪهڙا رشتا بچيا آهن، هڪ ٻه آهن
به ته اهي ننڍا آهن.“
بابا، ادي محمد بخش کي سمجهائيندي چيو: نياڻين
جي رشتن جي حوالي کان اسان جي ڌپ واري سوچ اڃا
ناهي بدلي.
”ٺيڪ آ، ٻاهر ٿا ڪريون ته پوءِ ذات برادريءَ
وارا هجن.“ ائين چئي ادو محمد بخش ڪمري مان
نڪري ويندو هو ۽ مسئلو اُتي جو اُتي رهجي
ويندو هو. ڪيترن سالن کان ائين ئي پئي ٿيو.
ڀيڻ جي عمر چاليهن کان چڙهي هئي، هن به آسرو
لاهي، روزي نماز جو در ورتو هو، تمام گهٽ ڪنهن
سان ڳالهائيندي هئي، امان بابا پريشان رهندا
هئا، ڪجهه رشتا ذات برادريءَ وارن جا آيا ته
اهي ادي وارن کي نه وڻيا، ائين ڄڻ ڀيڻ ويهجي
وئي هئي.
ڳوٺاڻو ماحول هو، امان بابا، روزي نماز جا
پابند هئا، اسان ڀائر مڙئي جمعي تي مسجد ويندا
هئاسون. باقي راڻي، اسان جي ڀيڻ تهجد گذار
هئي، الله جي نيڪ ٻانهي هئي، ڪڏهن نه ڪُڇندي
هئي، بابا امان جي عمر به وڏي ٿي وئي هئي،
عُمري جو ارادو ڪيائون ۽ راڻيءَ کي به پاڻ سان
وٺي وڃڻ لڳا. هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ راڻيءَ جي
چهري تي رونق ڏٺي. هوءَ ڏاڍي خوش ٿي وئي. عمري
جي ادائگيءَ کانپوءِ سڀ واپس آيا ته بابا اڪثر
بيمار رهڻ لڳو، ڳوٺ وارا پڇڻ ايندا هئا. مايون
به اينديون هيون، اهي وري امان ۽ ڀيڻ سان
ويهنديون هيون. ائين بي اولادي مايون، راڻيءَ
کي اولاد واسطي دعا ڪرڻ لاءِ چونديون هيون ته
هوءَ به هٿ کڻي کين دعا ڏيندي هئي. جڏهن ڪجهه
دعائون اگهاميون ته پوءِ بس ماين جي رش وڌڻ
لڳي ۽ راڻيءَ کي به ڄڻ وندر ملي وئي.
بابو ڪجهه عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ گذاري ويو،
زندگي جو رُخ رواج بدلجڻ لڳو. ادي محمد بخش
گهر جون واڳون سنڀاليون، ان دوران ادي محمد
بخش شادي ڪئي، ادي ڪريم به شادي ڪئي، مان شهر
۾ پڙهائي مڪمل ڪري ورتي، پر اسان جي ڀيڻ راڻي
رهجي وئي، امان به گذاري وئي. امان کان پوءِ
گهر ڄڻ ڀوت گهر بڻجي ويو، راڻي ماين کي دعائون
۽ سڳا ڏيڻ ۾ مصروف ۽ ڀائر وري ڀاڄاين سان خوش،
پر ان خوشيءَ پويان هڪ تباهيءَ به ڪَرُ کنيو
هو، ادي ڪريم کي جوئا جي عادت پئجي وئي هئي ۽
ادو محمد بخش نشو ڪرڻ لڳو هو، ٻئي ڀائر اولادي
به ٿي ويا هئا، پر هو پنهنجي گهر وارين ۽
اولاد کي ڄڻ ڇڄڻ لڳا هئا، امان بابا هليا ويا،
ڪو دعا ڏيڻ وارو نه رهيو، اسان جو آباد گهراڻو
ڀُرڻ لڳو. ان ڏينهن ته حد ٿي وئي. ادي محمد
بخش ۽ ڀائو ڪريم مون کي ڪمري ۾ سڏايو، مان ويس
ته هُو ڪجهه پريشان ٿي لڳا، پگهريا پيا هئا،
مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو، مان مُوڙي تي
ويهي رهيس.
”ابا محمود، توسان ڳالهائڻو آهي.“ ادي محمد
بخش ابتدا ڪئي، مون کي هُو ان وقت به نشي ۾
لڳو.
”جي ادا، حڪم ڪريو.“ مان ڌيان ڪري کيس ٻڌڻ
لڳس، هن جا چپ خشڪ پئي ٿيا، هن ادي ڪريم ڏانهن
ڏٺو.
”ڀائو ڳالهه ڪرينس.“ ادي ڪريم بخش مُنهن تي
بوڇڻ ڦيري، پگهر اُگهندي وڌي ادي کي همت
ڏياري.
”محمود، اسان تنهنجي وڏن ڀائرن فيصلو ڪيو آهي
ته هاڻي مال ملڪيت پاڻ ۾ ورهائي کڻون ۽ پنهنجي
منهن زندگي گذاريون.“ ادي محمد بخش جلديءَ ۾
چيو. مان حيران ٿي ويس، بابا جي جوڙيل ملڪيت،
ٻني ٻارو ائين ڇو ورهايون، جڏهن ته معاملا سڀ
ٺيڪ پئي هليا.
”ان جي ڪهڙي ضرورت آهي ادا، سڀ ٺيڪ ته هلي
پيو، پاڻ ۾ خوش آهيون.“
”نه ابا، سڀ ٺيڪ ناهي، زمينن ۾ اها طاقت ناهي
رهي، واڙي واري ڪمائيءَ ۾ به ڪا بچت ناهي،
گڏجي هلڻ مشڪل آهي.“ ادي محمد بخش ڳالهايو ته
مان سمجهي ويس ته ٻئي وڏا ڀائر فيصلو ڪري چڪا
آهن.
”تون نه گهٻراءِ، اسان توکي خرچو ڏيندا
رهنداسين، جيستائين توکي نوڪري ملي.“ ادي ڪريم
منهنجي ڪُلهي تي هٿ رکيو.
”بس راڻيءَ جو مسئلو آهي.“ ادي محمد بخش چيو،
مون نه سمجهندي ڏانهس ڏٺو.
”ادا، مسئلو وري ڪهڙو آهي، هوءَ نياڻي آهي،
وڏي عمر جي ٿي وئي آهي، شادي ته ٿيندس ڪونه،
پوءِ حصو پتي وٺي ڇا ڪندي؟“ ادي ڪريم وڏي ڀاءُ
جي ڳالهه کڻي ورتي، مان ٻن وڏن ڀائرن جي وچ ۾
ويٺو ڪڏهن هِن کي ٿي ڏٺو، ڪڏهن هُن کي. مون کي
لڳو مان ٻن بگهڙن جي وچ ۾ ويٺو آهيان. مان
سمجهي ويس ته وڏي ادي کي پنهنجي نشي پتي لاءِ
زمينون گُهربيون هيون ۽ ننڍي ڀاءُ کي واڙو
گهربو هو ته جيئن جوئا ۾ اُڏائي سگهي. منهنجو
۽ راڻيءَ جو هنن کي ڪو اُلڪو نه هو. هُو مون
کي ۽ راڻيءَ کي ملڪيت تان ماري به سگهيا ٿي ۽
ٿيو به ائين ٻئي ڏينهن مان شهر هليو آيس. بئنڪ
جي نوڪريءَ لاءِ انٽرويو به هو. الله مهرباني
ڪئي، نوڪري ملي وئي، پوءِ مان واپس ڳوٺ نه
ويس. ان وچ ۾ هڪ ڏينهن اطلاع مليو ته رات جو
راڻي ساهه ٻوساٽجڻ سبب گذاري وئي، بگهڙن کيس
کائي ڇڏيو. ورهيه گذري ويا، نوڪري پڪي ٿي وئي،
گهر ورتم، شادي ڪيم، ننڍڙي علينا ڄائي، وڏي
ٿي، سندس شادي ڪرايم، وارن ۾ اڇاڻ اچي وئي، پر
وري ڳوٺ جو منهن نه ڪيم.
ڊگهي عرصي کان بعد پنهنجي ڳوٺ ميسڙا ۾ قدم
رکيو ته حيران ٿي ويس، اهو ڳوٺ جنهن جي سڃاڻپ
اُتان جون زمينون، کير مکڻ ۽ خوشحالي هوندي
هئي، هاڻي ان ڳوٺ جي سڃاڻپ ’بيبي حاجاڻي‘ جي
مزار سان هئي.
وڏي مقبري واري هڪ مزار ٺهيل هئي، جنهن ۾ فقط
عورتن کي وڃڻ جي اجازت هئي، مردن لاءِ ٻاهر
چبوترا ٺهيل هئا، ديڳيون پئي رڌيون، لنگر عام
جام هو، مجاورن جي فوج هئي، ڄڻ ميلو هجي.
مان شازي ۽ علينا کي دعا لاءِ اندر ڇڏي،
پنهنجن اباڻن ڪکن ڏانهن رخ ڪيم، ابول… ڀينگ
لڳي پئي هئي. زمينون ڪلراٺجي ويون هيون، گهر
ٽٽل هئا، واڙو ته نظر ئي نٿي آيو. سالن پڄاڻان
اڄ ڀڳل ٽٽل گهر جو دروازو کڙڪايو ته اندران
ڪمزور ۽ ٿيڙ کائيندو هڪ همراهه نڪتو، هُو
منهنجو وڏو ڀاءُ محمد بخش هو. ادي مون کي نه
سڃاتو، پر جڏهن ٻڌايومانسِ ته محمود آهيان ته
چنبڙي پيو. لُڙڪ اکين مان بيهنس ئي نه پيا،
اندر وٺي ويو ۽ هڪ ڇڳل کٽ تي ويهاريائين.
”ادا، هيءُ سڀ ڇا ٿي ويو آهي؟“ مون ڏک ۽
حيرانيءَ مان ادي جا هٿ جهليندي پڇيو ته هُو
اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو.
”ابا، محمود مون کي معاف ڪر ٻيلي، مان پنهنجي
ڪيئي جو لوڙيان ٿو، نشي پتي ۾ سڀ لائي کپائي
پورو ڪيم، تنهنجي ڀاڄائي ڏک سهي سهي گذاري
وئي، ٻئي ڀاڻيجا تنهنجا به موالي ٿي ويا،
حاجاڻيءَ جي درگاهه تي پيا هوندا آهن، اَبا
مون کي معاف ڪر.“ ادو وري روئڻ لڳو.
”ڀلا ڀائو ڪريم ڪٿي آهي؟“ مون پنهنجي ئي ڀاءُ
لاءِ پڇيو ته هُو وري سُڏڪن ۾ پئجي ويو.
”جوئا ۽ فراڊ جي ڏوهه ۾ جيل ۾ آهي، هڪ خون جو
الزام به لڳس، هاڻي جنم ٽيپ ٿو ڪاٽي، گهر واري
به ڇڏي ويس، اولاد هئس ڪونه.“
منهنجو مٿو چڪرائجي ويو، سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو،
امان بابا جي عمر جو جُڙيل گهر ائين تباهه ٿي
ويو.
”اَبا، مان تنهنجو ۽ راڻيءَ جو ڏوهاري آهيان،
راڻيءَ سان اسان ڏاڍو ظلم ڪيو، ان ظلم جي سزا
آهي، هوءَ مرڻ کان پوءِ به ماڻهن لاءِ دعاگو
آهي ۽ اسان زنده هوندي به برباد ٿي وياسون.“
”گهٻراءِ نه ادا، مان اچي ويو آهيان، مان
توهان جي مدد ڪندس، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، ٻارن سان
بيبي حاجاڻيءَ جي مزار تي آيو آهيان، کين وٺي
اچان.“
”بيبي… پر هوءَ بيبي ته ناهي.“ ادي حيرانيءَ
مان چيو.
”ڇا مطلب ادا؟“ ادو وري سُڏڪن ۾ پئجي ويو، مان
جيترو کيس پرچايم، هُو اوترو وڌيڪ سُڏڪڻ لڳو.
”ادا، پاڻ سنڀاليو…“ مون کيس ڀاڪر ۾ ورتو.
”محمود، اَبا… هيءَ بيبي حاجاڻي، تنهنجي ڀيڻ
راڻي آهي، ماڻهن سندس مقبرو ٺهرائي، بيبي
مشهور ڪري ڇڏيو آ.“ منهنجا تاڪ لڳي ويا.