انساني سماج، هن ڪائنات جو هڪ حيرت انگيز لقاءُ
آهي، جيتري هيءَ مادي ڪائنات وسيع، پيچيده ۽ عجب ۾
وجهندڙ آهي، اوتري ئي وُسعت ۽ گوناگونيت هن انساني
سماج ۾ به آهي. هن ڪائنات جي وهنوار ۾ انسان جي
سوچ ۽ عمل جو بنيادي هٿ نه آهي، انسان رڳو ان کي
سمجهي ۽ پروڙي سگهي ٿو. پر ڪائنات جا مادي قانون
تبديل نه ٿو ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته مادي ڪائنات
انساني شعور جي محتاج نه آهي، انڪري انسان جو ان
سان بنيادي تعلق خارجي آهي. اُها ٻي ڳالهه آهي ته
شاعرن، اديبن، فنڪارن ۽ صوفين هن ڪائنات ۽ فطرت
سان انسان جي احساساتي يا داخلي لاڳاپي کي هميشه
دريافت ڪرڻ ۽ تخليق ڪرڻ جي تخليقي ۽ وجداني ڪوشش
پئي ڪئي آهي. جنهن جي ڪري انسان جو فطرت ۽ ڪائنات
سان لاڳاپو خوف مان نڪري، حُسناڪيءَ، تجسس ۽ محبت
۾ تبديل ٿي ويو. رومي مفڪر افلاطينوس، هندي
ويدانت
جي مفڪر شنڪر آچاريه ۽ محي الدين ابن عربيءَ جي
وحدت الوجود جي تصور ته ويتر خدا جي تصور کي
ڪائنات جي فطري مظهرن ۾ تحليل ۽ تبديل ڪري ڇڏيو.
جيتوڻيڪ انساني سماج خالص انسان جي شعور ۽ عمل جي
متحرڪ تخليق آهي، پر ان باوجود انسان جو ان سان
لاڳاپو گهڻ طرفو ۽ ٻنهي معنائن ۾ آهي، يعني خارجي
به ۽ داخلي به. انساني سماج جيئن ته انساني شعور،
عمل، مفادن، تجربن جي اڻ ڳڻين مرحلن مان گذرندي
جُڙيو ۽ ارتقا پذير ٿيو آهي، انڪري ان جون
حُسناڪيون، ڪمزوريون، چئلينج، تخليقون ۽ تضاد به
مختلف مثبت ۽ منفي نوعيت جا آهن ۽ اهو عمل لڳاتار
جاري آهي، ڇاڪاڻ ته فطرت جيان انساني سماج جو
بنيادي جوهر پڻ تبديلي ۽ مسلسل تبديليءَ ۽ ارتقا
جو گهڻ طرفو عمل ۽ لقاءُ آهي ۽ اِهائي انساني سماج
جي وڏي ۾ وڏي سَگهه آهي.
جامي چانڊيو
ڪتاب: ’سنڌي سماج‘ تاريخي ۽ تنقيدي اڀياس
مقدمو، ص 11-12 تان ورتل
اوائلي انسان جون شروعاتي پناهه گاهون جبل ۽ غارون
رهيون آهن. انهن جابلو گڦائن ۾ انسان، پنهنجي
ابتدائي ڄمار جا ٽيهه لک سال زميني خطرن ۽ آسماني
آفتن کان لڪي گذاريا. غارن جي پُراسرار اونداهين ۽
ور وراڪن ۾ هن کي سڪون ۽ سانت جو احساس ٿيندو هو.
ان وحشي دور جي انسان جبلن ۽ گڦائن ۾ رهي موسمي
مصيبتن ۽ خونخوار جانورن سان مقابلي جا گُر ۽ باهه
ٻارڻ جو هنر سکيو.
ماڻهو ڪجهه سمجهه ڀريو ٿيو ته پهاڙن کي اُڀ سان
مٿو گسائيندڙ ۽ حشمت واري هستي سمجهي، انهن جي
چوٽين تي هن کي ڪنهن ڳُجهي طاقت جو وجود ۽ ديوتائن
جا آستانا نظر آيا. اڄ به مختلف مذهبن ۾ پهاڙن کي
وڏي مڃتا آهي. اهڙي طرح دنيا جي هر پنٿ سان ڪونه
ڪو پهاڙ ۽ غار منسوب آهي.
هونئن به دنيا جي هر خطي جا ماڻهو، پنهنجي جبلن ۽
ٽڪرن کي ديوتائن جيان مانُ ڏيندا آهن. اتان جي
جهنگلي جيوت انهن علائقن جي سڃاڻپ هوندي آهي. ساڳي
وقت فطرت جي شيدائين جا تفريح توڙي مهم جوئي ڪري
انهن پهاڙن تي پيچرا ٺهي ويندا آهن. اسان جي سنڌ
جي اولهه ۾ به آسمان کي ڇُهندڙ کيرٿر نالي هڪ
خوبصورت جابلو سلسلو آهي. پر افسوس جو ڪن سببن ڪري
سنڌ جا عام ماڻهو کيرٿر جي انهن دلڪش چوٽين ۽ من
موهيندڙ ماٿرين جي سونهن ڏسڻ کان محروم رهيا آهن.
اسان جا فقط چند ماڻهوئي اهي پُر پيچ پيچرا پار
ڪري ان جابلو چت تي پهتا آهن. جتي سرهن ۽ گَڊن جا
ٺينگ ٽپا ڏسڻ سان گڏ اتان جي قدرتي گلن ۽ ولڙين جو
واس ورتو آهي.
اشتياق انصاري
ڪتاب ’کيرٿر جو سفر‘
مهاڳ ص 11 تان ورتل |