فرزانه شاهين
غزل
سنڌ جي رڳ رڳ ڏُکاريءَ کان پڇو،
روڳ ڇاهي رات ڪاريءَ کان پڇو؟
جي نه ٿا مينهڙا وسن ڏاڍو ڏڪر،
تاس ٿر جي پوءِ واريءَ کان پڇو.
ڇا ڪيو هو ڏوهه تُنهنجو ڳيرڙن؟
هي هلي بي رحم ماريءَ کان پڇو.
ڪنهن ڪهاڙيءَ سان وڍي اُڇلي ڇڏي؟
سور وڻ جي ٽاري ٽاريءَ کان پڇو.
ڪيتري تڪليف ڏي ٿي زندگي؟
هت روايتن ماري ناريءَ کان پڇو.
ڇو نه ’شاهين‘ دل جو گهر ڇڏي؟
سانت ٿيندي بي قراريءَ کان پڇو.
نورنبي ناچيز
(رديف مَعمُور)
غزل
من خيال يار سان مستان ٿي مَعمُور ٿيو،
برقِ سوز دل اُٿي باران ٿي مَعمُور ٿيو.
فُرقَتن بي نوري ۽ يعقوب جيئن ديرو ڪيو،
چارسُو ظلمت سندو زندان ٿي مَعمُور ٿيو.
ديدَ تنهنجي دُئارَ جي آهي اندر ايڏي اُڪيرَ،
دردِ دِل جي دُئار تي دربان ٿي مَعمُور ٿيو.
ڪيئن ٿيو چاڪ گريبان عشق ۾ ڪَلَ ڪانَه پَئي،
هِي جنون چڙهندو ڪڏهن پروان ٿي مَعمُور ٿيو.
ڇا چوان راهِه جُنونِ عشق قِصهءِ مختصِر،
سِر چڙهي نيزي چڙهيو فرقان ٿي مَعمُور ٿيو.
رُوبَرو گر ڪينَ ٿيو خوابن خيالن ۾ سَهِي،
صُورتِ جانان ڏِسي نادان ٿي مَعمُور ٿِيو.
پريت جي آتش فشان ڪيڏا ڪيا هاڃا مگر،
ڪشتهءِ تيغِ وفا ڪوشان ٿي مَعمُور ٿيو.
ڪُوچهءِ دلدار جي درشن سندو روڳ آ لڳو،
ويڄ ٿي درشن اُهو درمان ٿي مَعمُور ٿيو.
ٿي قيامت ويندي برپا بعد تجريدِ حِجر،
دِل ڪري ’ناچيز‘ گر قربان ٿي مَعمُور ٿيو.
’جمال‘
مراد گبول
(ميرپورساڪرو)
(اي وَطن)
نظم
تو مٿان صدقي وڃان، منهنجا پيارا اي وَطن،
آهين ’ماکي‘ کان مِٺو، دلبر دُلارا اي وَطن.
خاڪ تنهنجي آ
’کٿوريءَ‘،
’مشڪ‘
’عنبر‘
کان مَٿي،
تنهنجا وڻ ٽڻ ٿا وڻن، ٻنيُون ۽ ٻارا اي وَطن.
ڪونَ ’لوئيءَ‘ کي لَڄايو، ’مارئُيءَ‘ ماڙيون ڏِسي،
ٿي وَهيس مارن جي لئه، نيڻن مان نارا اي وَطن.
سِڪ ’سَسئُيءَ‘ کي هُئي ’پنهل‘ جي، نينَهن ۾
نروار ٿي،
هوت خاطر ٿي ڏٺائين، ڏينهن ڏُکارا اي وَطن.
سر ڏنو
’دودي‘
سندس،
’هُوشوءَ‘
جو هاريو رَت هِتي،
تو ۾ ’دريا خان‘ هو، ساجن سُونهارا اي وَطن.
سنڌ جا ’عالم‘ سڳورا، ’صوفي‘ بزرگ ۽ ’شهيد‘،
’مورڙي‘ کي جَس ڏين ٿا، سڀ سگهارا اي وَطن.
ٿي مَزا ’مُومل‘ ڪيا سڀ، ويو رُسي ’راڻو‘ جڏهن،
لُڙڪ لارن جيئن وَٺا ٿي، سالَ سارا اي وَطن.
’هنجَ‘ اُڏامي ويا هَليا، ٻوليون ’ٻَگهن‘ جون
ٻُڌون،
توتي قابض ٿيا، تڏهن اڄ ’ڪانگ‘ ڪارا اي وَطن.
تُنهنجو کائي جي ’نَمڪ‘ ٿا، دُشمني توسان رکن،
شالَ موذي سي مَرن، دُشمن دغارا اي وَطن.
’کيرَ‘ ’ڏُڌَ‘ کائي وِرهائي، ڪن خُوشيون مارو
مِٺا،
خوش هجن سي سڀ سمَورا، مالَ وارا اي وَطن.
مينهَن وڏا تو ۾ وَسن، ’مهراڻ‘ جون موجودن ٿين،
اَن لُڻي سارين جا ڪن، لايُون لابارا اي وَطن.
تنهنجي ڪن تعريف ٿا سڀ، ’سنڌ‘ جا ’شاعر اَديب‘،
’ڀٽ ڌڻيءَ‘ آهن ڏنا، تنهنجا اِشارا اي وَطن.
’ٿَر‘، ’وچولو‘ ۽ ’اُتر‘ آ، ’لاڙ‘ ڀي تو ۾ سَڄو،
’ڄام شورو‘ ۽ ’سکر‘، ’ڪينجهر‘ ڪنارا اي وَطن.
ڪُل ’ڪراچي‘، ’ڪيٽي بندر‘،
’ساڪرو‘
۽ آ
’جمال‘،
تو ۾ ’مڪليءَ‘ جا سُٺا، نِرمل نظارا اي وَطن.
خادم حسين علوي
’همدم‘ سروري
حمد
جهان مون ڏٺو آ نيارو خدايا،
ڏُکن ۾ آ تنهنجو سهارو خدايا.
جيئڻ آ جهان ۾ ڏکيو پر ڪَرمَ سان،
تُنجو نانءُ جيءَ جو جيارو خدايا.
هتي هرڪو پنهنجي ٿو پَر ۾ گذاري،
ڏٺو مون جهان ۾ نظارو خدايا.
گناهن ۾ گذري حياتي ٿي هردم،
’وٺڻ نانءُ سان ٿيس اُجارو خدايا.‘
غمن جي ته ڪُنَ ۾ آن ڦاٿل مگر،
ڪَرَم سان مليو آ ڪنارو خدايا.
سدائين ته ’همدم‘ کي رحمت ٿي گُهرجي،
ڪيو رحمتن کي اشارو خدايا.
غزل
ڪي مُلاقاتون مٺا تون ياد ڪر،
تن جي صدقي دل سندم کي شاد ڪر.
هر گهڙي ظلم و ستم يَرَ ڪِيمَ ڪر،
دلربا دل کي نه تون ناشاد ڪر.
تون اَهين دل جو ڌڻي سُهڻا سڄڻ،
زندگي منهنجي نه تون برباد ڪر.
گُلستان دل جو مٺا اُجڙي ويو،
گُلستان منهنجي کي تون آباد ڪر.
خيالي گفتگو ناهي حقيقت صاف ظاهر آ،
’اسان جو حال ٿيو بي حال جانب جي جدائي ۾.‘
چوان ٿو برمَلا يارو برائي کان ڪجي پاسو،
سُڪون دل کي ملي ٿو هر گهڙي بيشڪ چڱائي ۾.
دلي جذبات کي هردم رکڻ پاڪيزه بهتر آ،
ڀلا ڇاهي رکيو دلبر ڪرڻ هردم بُرائي ۾.
الاجي ڇو صنم سهڻا رنجائڻ ٿو رکين جاري،
يقين ڪر ٿو ملي دل کي سڪون بلڪل ڀلائي ۾.
ٻُڌو هڪ ڳالهه ڪَنَ کولي چوي ٿو برمَلا ’همدم‘،
اُها بَدتر حياتي آ جا گُذري بي حيائي ۾.
انجم قاضي
وائي
منهنجي وهاڻي مٿان،
ڪير الائي گُل،
رات رکي وئي ننڊ ۾.
خاموشي ٽوڙي هوا،
ڪيڏا سارا هُلَ،
رات رکي وئي ننڊ ۾.
اوندهه جا تالا ڀَڃي،
چانڊوڪيءَ جا پَلَ،
رات رکي وئي ننڊ ۾.
اکڙين تي ڏيئي چُميون،
پنهنجا پيارَ اَمُلَ،
رات رکي وئي ننڊ ۾.
ٻاجهي لغاري
غزل
ڌَنُ ناهي ته دوست ناهي ڪو،
ڪيئن حياتيءَ سان پو نباهي ڪو.
ائين احساس خوف ۾ ورتل،
ڄڻ ٿو منهنجو وجود ڊاهي ڪو.
اڄ اڪيلائيءَ ۾ اچي مون وٽ،
دل تان من بار سارو لاهي ڪو.
ڇو ته ڪمري ۾ ٿا اچن ڪِرڻا،
گهر جي کڙڪي جي پويان آهي ڪو.
جيتري مون ڪئي وفا توسان،
ايترو شال توکي چاهي ڪو.
جيئند علي مهر
(شڪارپور)
وائي
مُنهنجي ڀاڳ جا سپنا،
تُنهنجي جهوليءَ ۾ سُتا هِن!
سالن کان سفر ۾ ٿڪجي،
شاعري، مهاڳُ، اَرپنا،
تُنهنجي جهوليءَ ۾ سُتا هِن!
جاڳي جاڳي پِرڀات تائين،
نيڻ مُنهنجا ڀِنا ڀِنا!
تُنهنجي جهوليءَ ۾ سُتا هِن!
اُميدُنِ جي راهُن تي هلي،
ڪتابَ، گُلَ، رچنا!
تُنهنجي جهوليءَ ۾ سُتا هِن!
تُنهنجي جهوليءَ ۾ سُتا هِن!
اياز ابڙو
(شڪارپور)
غزل
راهه ۾ رولي ويون تُنهنجون اکيون،
راز ڪي کولي ويون، تُنهنجون اکيون.
پاڻ کي ڏاڍو لڪايم لوڪ کان،
ميڙ ۾ ڳولي ويون، تُنهنجون اکيون.
مان هيس ڪنهن خواب گهري ۾ ٻڏل،
روح ڌانڌولي ويون، تُنهنجون اکيون.
عشق جا سڀ راز سمجهايئون پئي،
ٻول جي ٻولي ويون، تُنهنجون اکيون.
دل ۾ سانڍيل سڀ ڪهاڻيون ۽ قصا،
پل ۾ ڇاڇولي ويون، تُنهنجون اکيون.
غزل
عشق جو احسان ٿيندو ٿو وڃي،
درد ئي درمان، ٿيندو ٿو وڃي.
محب جي ماڻن کي سهندي هر گهڙي،
حوصلو حيران، ٿيندو ٿو وڃي.
وارَ تو ويڙهيا، ويس مان واسجي،
من منهنجو مستان، ٿيندو ٿو وڃي.
پيار ٿو دل ۾ جڏهن ديرا ڪري،
آدمي انسان، ٿيندو ٿو وڃي.
عاجز ڪريم پوري
واهَه واهَه! اجرڪ تنهنجو شان
واهَه واهَه! اَجرڪ تُنهنجو شانُ،
هرهنڌ آهي تُنهنجو مانُ.
تُنهنجي سهڻي آهي ثقافت،
اوڍڻ سان ٿي رسي راحت،
سمجهون توکي پنهنجو شانُ،
واهَه، واهَه! اَجرڪ تُنهنجو شانُ.
سهڻا تُنهنجا گُل چِٽ سارا،
ڄڻ ڪي آهن چنڊ ستارا،
ٿو پائي، خوش ٿي مهمانُ،
واهَه، واهَه! اَجرڪ تُنهنجو شانُ.
توکي هرڪو چاهي پيو ٿو،
سيني سڀ ڪو لائي پيو ٿو،
راضي توتي آ رحمٰنُ،
واهَه، واهَه! اَجرڪ تُنهنجو شانُ.
تُنهنجي در جو اُتم ۽ اعليٰ،
تُنهنجو رتبو بُلند ۽ بالا،
تُنهنجو عاشق آ انسانُ،
واهَه، واهَه! اَجرڪ تُنهنجو شانُ.
تون ته پسند آن پيغمبرؐ جي!
خوشبوءِ تو مان اچي عنبر جي،
تنهنجو سايو راحتِ جان،
واهَه، واهَه! اَجرڪ تُنهنجو شانُ.
دنيا ڀر ۾ تنهنجي عزت،
هر ڪنهن جي آ توسان رغبت،
تنهنجي صنعت آهي مهانُ،
واهَه، واهَه! اَجرڪ تُنهنجو شانُ.
مهمانن کي مانُ ٿي بخشين،
تون ته خوشيءَ جو آن اهڃاڻ،
واهَه، واهَه! اَجرڪ تُنهنجو شانُ.
تحفو سنڌ جو خاص تون آهين!
هرڪنهن روح کي راس تون آهين،
عظمت تنهنجي عاليشانُ،
واهَه، واهَه! اَجرڪ تُنهنجو شانُ.
شام نياڻين تان تُون پئجين،
لڄ سندن جو تحفظ بنجين،
آ تُنهنجو اهو احسانُ،
واهَه، واهَه! اَجرڪ تُنهنجو شانُ.
ٽوپي اَجرڪ جنهن آ پاتي،
لنئون سنڌ سان تنهن آ لاتي،
تُنهنجي ڪشش موهي خانُ،
واهَه، واهَه! اَجرڪ تُنهنجو شانُ.
خوشيءَ غميءَ ۾ تُنهنجي شرڪت،
اورِي ’عاجز‘ آهي حقيقت،
تون آن واقع! سنڌ جو آنُ،
واهَه، واهَه! اَجرڪ تُنهنجو شانُ.
سجاد ميراڻي
(پِريان لوءِ)
سنڌڙيءَ جو هو شانُ وتايو،
سنڌين جو هو مانُ وتايو.
ڏاهپ جو جنهن ڏانءُ هو پيتو،
عقلمند انسانُ وتايو.
سونهن سرت ساڃاهه پيڪر،
سچ جو هو سامانُ وتايو.
دانائيءَ جا درس ڏنا جنهن،
ڪين هيو نادانُ وتايو.
پيار پريت جو پورهيو جنهن جو،
سِڪ سندو سلطانُ وتايو.
جنت ڀي هِت دوزخ ڀي هِت،
اهو ڪيو اعلانُ وتايو.
ڏاهپ جا جنهن موتي آڇيا،
ڏاهپ جا ڌنوانُ وتايو.
ياسين بادل لغاري
غزل
همدم ڪري ڇڏين ها.
آئون هُيس جي تنها، البم ڪري ڇڏين ها،
ساٿي بڻائي پنهنجو، همدم ڪري ڇڏين ها.
منهنجي ته يار هرپل، تون ئي هُئين ڪا منزل،
چوڏس هئي اُماسي، ٽم ٽم ڪري ڇڏين ها.
تو جي ڪئي طوالت، مون ڀي ڪئي بغاوت،
شعلا هُيس ته ڇا ٿيو؟ شبنم ڪري ڇڏين ها.
آئون ڀلا جي بادل، مجرم هيس ته ڇا ٿيو!؟
نُقطو وڇائي هيڪر محرم ڪري ڇڏين ها.
ساقي ابڙو
غزل
ڇڏ
قلم
تون
۽
قلمڪاري
نه
ڪر،
يا
وڏيرن
جي
هي
ڪمداري
نه
ڪر.
قلم
آ
حق
سچّ
جو
هٿ
۾
عَلَمُ،
تنهنڪري
تون
تَنهن
کي
بازاري
نه
ڪر.
جي
نه
ٿو
ڄاڻين
تقدّس
قلم
جو،
خواه مخواھ پوءِ قلم جي خواري نه ڪر.
حقّ
جو
حامي
اگر
ٿئين
ڪو
نه
ٿو،
پر
هي
باطل
جي
طرفداري
نه
ڪر.
جيڪڏهن
آهين
صحافي
يا
اديب،
يار
ايڏي
پوءِ
ته
رياڪاري
نه
ڪر.
اٿ
اٿي
سر
گهور
’ساقي‘
سنڌ
تان،
سنڌڙيءَ
کان
جندڙي
پياري
نه
ڪر.
الهبچايو ’مشتاق‘ آريسر
غزل
اک سان ويئي اک اڙي، وعدا ٿيا ڏک سور جا،
چار چشمي بعد سودا، ٿي ويا اک پور جا!
ساهه کي سوگهو ڪري، دلڙي هٿن ۾ جن ڪئي،
تن سڀ ساري پڇو، حال هِن مجبور جا!
ڀل ستمگر خوش ٿين، شوقِ ستم جاري رکن،
سور جي دلڙي سَٺا، ٻڌ سي بيان رنجورَ جا!
دلربا ناز و ادا سان دل ڦري پنهنجي ڪئي،
هاڻي سر تي وار سهبا، ناز و مغرور جا!
دل کڻيو، دل کي لڀائن، دل مٽيو تا دل ڏين،
داستان ڪهڙا چوي دل دوست جي دستور جا.
طرح مصرع هيءَ ملي، معمور جي ديوان مان،
محبتي ميلا سڀئي اڄ ياد پيا معمور جا!
يار جو پرچڻ، رُسڻ، وعدا ڪري جَلدي ڦِرڻ،
جوڙ ڪٽ آسان پر، هي انگ ٿيا اڻپور جا!
اوڏڙا هيڪر ٿيو ۽ پوءِ وريو سِرڪيو وڃن،
رس رهاڻيون چس ڏئي، وانگِي ٿين وهلور جا!
اچ وري ’مشتاق‘ ڏي تون، دلربا دلڙي ڌتار،
سڀ وڃن لحظي ۾ وسري، ڏنجهه ڏوکا سور جا!
دين محمد سجاڳ
(پلي)
حمد شريف
امان جن وٽ ابو ناهي، خُدا تن کي بُه پاليندڙ،
ادي جن وٽ ادو ناهي، خُدا تن کي بُه پاليندڙ.
ٻني ۾ ٻج ويو جن جو سڙي سارو ثمر سُک جو،
ڦُٽو جن جو سَلو ناهي، خُدا تن کي بُه پاليندڙ.
ٻَني جن وٽ نڪو ٻارو ملي جن کي نه اوڌارو،
ڌنڌو جن جو لڳو ناهي، خُدا تن کي بُه پاليندڙ.
سموري سخت سردي ۾ مينهوڳي جي ايامن ۾،
سڄو جن جو ڳڀو ناهي، خُدا تن کي بُه پاليندڙ.
سگهن کي جو سنڀاليندڙ اگهن جو آسرو سو رَب،
بدن جن جو سَڄو ناهي، خُدا تن کي بُه پاليندڙ.
خطا پويان خطا کائين، اچي ٿي مَتِ نه جن کي ڪا،
عقل جن وٽ ذرو ناهي، خُدا تن کي بُه پاليندڙ.
’سُجاڳ‘ جن جا ڀرم ڀائُر نه رشتيدار، مٽ مائٽ،
سڄڻ همدرد ڪو ناهي، خُدا تن کي بُه پاليندڙ.
سرور نواز ٻگهيو
غزل
پُوري طرح مُون پَرکيو آهي، دوست وڏي وَٿُ آهن،
پرکيو آ مون، پُرجهيو آهي، دوست وڏي وَٿُ آهن.
ٻانهن جو ٻَل، ڇيهه جا سندرا دوست اسان جا آهن،
نيٺ وڃي مون سمجهيو آهي، دوست وڏي وَٿُ آهن.
هرڪا ڳالهه ڪجي ٿي تن سان، روح اندر جي کولي،
ڀائر جهڙو رشتو آهي، دوست وڏي وَٿُ آهن.
دوستن سان گڏ طاقت آهي، دوست بِنان دم ڪهڙو،
منهنجو هيءُ تجربو آهي، دوست وڏي وَٿُ آهن.
’سرور‘ سائين! خيال نئون پر، آهي حقيقت هيءَ،
وِک وِک تي مون، سوچيو آهي، دوست وڏي وَٿُ آهن.
شاهه مردان شاهه
(سوڀارو)
آهي فلڪ جي، هاڻ خصومت ٻه چار ڏينهن،
بازار ۾ آ باقي فروخت ٻه چار ڏينهن.
هرڪو مسافر آ، ڪنهن جو نه آ مڪان،
هوڏون هُڏيون هي حرص جي، حرڪت ٻه چار ڏينهن.
ڊڄ تون خدا جي ڊاءَ کان، سجدي ۾ سِر جهڪاءِ،
دنيا جو مان شان، هي دولت ٻه چار ڏينهن.
جلوو جواني جوت، اٿئي عارضي مڙيئي،
گل هي گلابي رنگ سان، صورت ٻه چار ڏينهن.
’مردان‘ هتان مَٽي ڪيئي مانجهي هليا ويا،
سامان ساز آ سلامت، ٻه چار ڏينهن.
غازي جمالي
غزل
عجب رنگ پئي ٿي ڏيکاري محبت،
پٿر دل کي پئي ٿي روئاري محبت.
ڇڏيو ڪن کي مجنون بڻائي محبت،
ٿي ڪِٿ ريج رت جا ڏياري محبت.
کسي ٽهڪ گلشن اُجاڙي خوشي جا،
ڏسو ڪيئن جئڙو ٿي ڳاري محبت.
ڪي طعنن ۽ ٽوڪن جي ور ٿا چڙهن پيا،
ستل سور سڀ ٿي اُٿاري محبت.
فضا چين آرام واري جي خوشبو،
ڪري دور من ٿي اُٻاري محبت.
۽ ڪن کي ڪناري تي ٻوڙي ڇڏي،
۽ وچ سِير ۾ ڪيئي تاري محبت.
ٻڌايان مان ڇا ڇا هي ’غازي جمالي‘،
ٿي پيالا ڏکن جا پياري محبت.
سعيد مڱڻهار
غزل
مٽيءَ جو هو اڳي هاڻي ٿيو انسانُ ڪپڙي جو،
وتايو سچ چئي ويو آ، اڄڪلهه مانُ ڪپڙي جو.
اڇا ڪردار ڀي ميرَن لَٽن ۾ ٿي ڏِسي ميرا،
اڄوڪي اک به ڪپڙي جي اڄوڪو ڌِيانُ ڪپڙي جو.
نه رشتن جي به گُلدستي ۾ اڄ خوشبو رهي ساڳي،
سُکن جا گل به ڪپڙي جا سڄو گُلدانُ ڪپڙي جو.
حَوس ۽ حرص جي ٿوري هوا تي ٿو پوي ڦڙڪيو،
ڪڏهن هوڙڪ جو ۽ اڄ ٿيو، ايمانُ ڪپڙي جو.
اگهاڙو انگ ڍڪڻ لئه وال، ڀي دل تان نٿو اُتري،
لِکي ڀِتِ تي ٽنگڻ لئه آ سمورو ٿانُ ڪپڙي جو.
اَميرن لئه خوشي باقي غريبن لئه پريشاني،
کڻي هر عيد ايندي آ، وڏو ارمانُ ڪپڙي جو.
نه ڪو آ هوش رِعايا کي، نڪو احساس حاڪم کي،
عوامي ووٽ ڪپڙي جو کٽيل سلطانُ ڪپڙي جو.
اڇي ڪالر جا پوڄاري نظر ٿوري ڪفن ڏي ڪر،
’سعيد‘ آخر مِٽي ٿِيڻو آ، سارو شانُ ڪپڙي جو.
ولي محمد ’ولي‘ هڱورو
ڪافي
نڪي توکان جاني پنهنجو منهن مَٽيون،
پري يَر اسان کان وڃين ڇو تون مَٽيون.
تنهنجي اچڻ لئه دلبر، باسيون مون باسون،
ڏيندس پَڙ پِيرن تي، ڀريندس پيو مَٽيون!
دلڙي جو سودو، دل تي ڪيو ٿم،
ڪوڙن سِڪن تي ڪڏهن ڪونه مَٽيون!
تون سارين نه سارين، منهنجي آ عبادت،
عبادت انهيءَ ۾ وڃن راتيون مَٽيون!
روزِ ازل کان ڪڏهن تنهنجي دَر جي،
’وَليّ‘ پاسو ڏيئي وڃي ڪونه مَٽيون!
مايا ساگر اوڏ
ٽنڊو الهيار
بيت
سِڪ ۾ سمجهي سامين، چاهت ڪَيَڙي چُور،
سَرسَ، رُڳي ها سُور، ڀوري تنهنجي ڀاڳ ۾.
سنڌ جيجل جي لڄ رکي، اوچو ڪيو ڳاٽ،
رهزن جا سڀ کاٽ، رولي ڇڏيا روپلي!!
من ڪوري ڪاغذ جيان، توڙي اُجرو يار،
سور ڏئي سنسار، هر جذبات اُٻاريو.
ڌرتي ڌوئي ڇڏيئي، روئي روئي رات،
چنڊ سان ڪهڙي بات، عشق اڌوري جي پرين.
جيون آهي جستجو، توسان هار به جيت،
صدين کان هي ريت، محبت مرڪي ماريو.
مُحبت من ۾ اوتيو، محبت مَنَ جو مانَ،
سوچي هر انسان، مايا هرهڪ جوڻ ۾.
تون نس نس ۾ ٿو رهين، توکي ڪهڙي خبر،
مون تي تنهنجو اثر، رهندو آهر جنم ۾!!
مايا! مُرڪون محبتون، هوتن هر دو هار،
پائي ناري نار، ’ساگر‘ سڀئي ساعتون.
بيت
اهڙي حالت ديس جي، ڪير نه ڄاڻي ڪار،
مارن تي آ مار، چور ٿيا هن ڀاڳيا،
چور ٿيا هن ڀاڳيا سڪيا سارا ساڌ،
ڏکڙا رهيا واڌ، ڪاٽو ٿيندا ڪينڪي!
جنم جنم کان آتما ڀٽڪي ٿي هر وار،
سور سڄو سنسار، ’ساگر‘ ڪاٿي ڳوليان.
اُلفت جا مون رنگ ڏٺا، رب جو جنهن ۾ نور،
وسرن سي نا مُور، قلب اٿوَ قربائتو!
اکين جي تون روشني، توبن آ اونداهه،
توسان ساهه پساهه، ’مايا ساگر اوڏ‘ جو.
اُڀ ۾ ڪهڙو فاصلو، توسان ٻنڌن تيئن،
چنڊ چڪور جيئن، ساگر توکي چاهيو.
چريون اٿئي چاهتون، ڪاوا ڪنڊا راهه،
ڏکيو هرهڪ ساهه، راڻا رهجانءِ روح ۾!
تنها تنها دل ٻري، مون کي برهه بخار،
درشن دل درڪار، مرض نه ڄاتو ويڄ تو!!
سيف الله خالد
يوسفاڻي
الاءِ ڪهڙي ڏنڊ ۾،
حياتي آهي جنڊ ۾.
اسان جو بخت آ رهيو،
سدائين روهه رنڊ ۾.
سوايا سور ڏک مليا،
اسان کي ورڇ ونڊ ۾.
اکيون اوهان جي آسري،
اُداس ۽ اُڪنڊ ۾.
ڇڏي وئين ڇورڙو،
منڊي اسان کي منڊ ۾.
حياتي جر جو بڙبڙو،
نه گهار سا گهنڊ ۾.
خدا کي ڳولڻ پاڻ ۾،
خدا نه آهي گهنڊ ۾.
عدو جي عمر آ وئي،
سڄي ڀنڻ ۽ ڀنڊ ۾.
نه ’سيف‘ وقت کي وڃاءِ،
اجائي ڦوڪ ڇنڊ ۾.
پير ثناءُالله ”ثنا“ سرهندي
(سامارو)
غزل
ڪٿان تير ڀالا، بڇائي ڇڏيا تو،
نظر گهور سان گهوٽ گهائي ڇڏيا تو!
نگاهن جا خنجر هڻي خون ڪَيئِي،
ڪُلهن ڪنڌ ڪوري ڪٽائي ڇڏيا تو.
سرِ راهه هلندي هٽائي حجاب،
قمر شمس لوڪان لڄائي ڇڏيا تو!
قدم قرب جا جت لهي ات بهشت،
زمين آسمان ٻئي مِلائي ڇڏيا تو!
چوان ڇا برهه بُت ڀسم پيو ڪري،
اُلا آڳ لونءَ لونءَ به لائي ڇڏيا تو!
ڏيان ڏوهه توکي يا قسمت ڏيان،
وفا جا وچن ڪيئن ڀُلائي ڇڏيا تو!
ڏٺم تنهنجو در، ٻي دنيا نه ڏٺم،
ازل کان پرين پيچ پائي ڇڏيا تو!
ٿيا اڄ به آباد مقتل وري،
جتي ڪالهه ڪونڌر ڪُهائي ڇڏيا تو!
’ثنا‘ جي اکين ۾ عمر ڀر عجيب،
اميدن جا سپنا سجائي ڇڏيا تو!
ادب، سان انسان کي شروع کان وٺي دلچسپيي رهي آهي،
ان جو سبب اهو آهي ته ادب ۾ جيڪي ڪجهه پيش ڪيل
هوندو آهي، تنهن جو انساني مسئلن سان سڌيءَ يا اڻ
سڌي طرح واسطو هوندو آهي، تنهنڪري ائين چوڻ غلط نه
ٿيندو ته انسان جي ادب سان دلچسپي دراصل خود
پنهنجي پاڻ سان دلچسپيءَ جي سبب کان آهي. انڪري ئي
چيو ويو آهي ته ادب ۽ زندگيءَ جو پاڻ ۾ چولي ۽
دامن جو لاڳاپو آهي. جيئن ته انساني زندگيءَ ۾
هميشه تغير آهي، تنهنڪري ادب پڻ فڪر توڙي فن جي
لحاظ کان هميشه بدلبو رهي ٿو. نت نوان ادبي قدر ۽
نيون ادبي صنفون وجود ۾ اينديون رهن ٿيون، انهن
مان جيڪي زندگي کي ويجهو آهن، سي دائمي جاءِ وٺي
بيهن ٿا ۽باقي آهستي آهستي مٽجي وڃن ٿا. هن وقت
ڏٺو ويندو ته دنيا جي هر ترقي يافته ٻوليءَ جي ادب
۾ مختصر افسانو هڪ خاص مقام حاصل ڪري چڪو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ پڻ مختصر افسانو، اڄ غير
معمولي مقبوليت حاصل ڪري چڪو آهي، انڪري اهم حيثيت
رکي ٿو.
ثميره زرين
ڪتاب: ’مهراڻ جون ڇوليون‘، مقدمو ص 1 تان کنيل
ماهتاب جو فن سندس ڳوڙهي مشاهدي، حساس طبيعت ۽
انساني همدرديءَ سان سرشار دل جو نتيجو آهي. سماج
جي هر طبقي ۽ تر جي اوڻاين، ڏاڍاين ۽ ماحول جو هن
گهرو مشاهدو ڪيو آهي. وٽس ڪڏهن به موضوع جي کوٽ نه
رهي آهي.
l
ماهتاب جي فن جي نمايان خوبي سندس ڪردار نگاري
آهي. پنهنجي ڪردار جي هر رخ ۽ ڪمزوريءَ کي ماهتاب
مخصوص طنزيه انداز ۾ پيش ڪرڻ تي مهارت رکي ٿي.
l
ماهتاب اکرن وسيلي هن جو اهڙو نقش ٿي چِٽي، جو
اُهو جيئرو جاڳندو چرندڙ پرندڙ انسان ٿو لڳي.
ڪردار جي پوري شخصيت، جذبن ۽ اُمنگن جي عڪاسيءَ ۾
ماهتاب پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
l
ماهتاب محبوب جي فن جي ٻي نمايان خوبي سندس سادگي
۽ سچائي آهي. هوءَ پنهنجي منشا ۽ مراد مقصد ۽ مطلب
سادي نموني سوليءَ سنڌي زبان ۾ بيان ڪري ٿي جو ۽
جيئن هو ڏسندي آهي، ۽ محسوس ڪندي آهي، سو ۽ تيئن
ئي عام فهم زبان ۽ ڪاغذ تي اُڪريندي آهي. نه هن جي
افساني ۾ ڏکيا ۽ دقيق فيلسوفاڻا نڪتا هوندا ۽ نه
ئي ناصحانه ۽ مبالغه فقرا
l
هن لاءِ ادب آئينو يا آرسي آهي، نه ڪي پرزم (بلور)
يا مئگنيفائنگ گلاس (آتشي شيشو) ان ڪري ئي سندس
ڪهاڻيون تصنع ۽ وڌاءُ کان صاف، سچ ۽ حقيقت لڳنديون
آهن.
رشيد ڀٽي
ڪتاب: ’لهر لهر زندگي‘ تان کنيل |