ڦُٽي باک
ڦُٽي باک ۽ دُور ٿئي ٿو انڌيرو،
وريو اڄ وطن ۾ سڀاڳو سويرو.
ورهين بعد سسئي رُلي روه بر ۾،
پنهل جو سُڃاتو وڃي نيٺ پيرو.
ايامن کان سانگي ستايا ويا ٿي،
وري ڀاڳ تن جو ٿيو آ ڀليرو.
جوانن ۽ جهور جي دم قدم سان،
اچي ٿو نظامِ تشدد ۾ ڦيرو.
سڄي اوچ نيچ هموار ٿيندي،
نه رهندو وڏيرو نه ڪوئي ننڍيرو.
جو کيڙي سو کائي سندو دور آيو،
لُٽيندو نه ڪُڙميءَ کي ڪوئي لُٽيرو.
ڪيو نيٺ ثابت هي سنڌي جوانن،
ته مزدور جو مرتبو آ مٿيرو.
ڪمال آ اديبو اوهان جي قلم جو!
عقابن سان اٽڪيو وڃي نيٺ ڳيرو!
ڀٽائيءَ جي ڌرتيءَ کي جنت بڻايو،
اڃا ٿوري همت جوانو، دليرو!
اجل شل ”گدائي“ اڳي ڪين ماري،
ڏسان ديس ۾ ڪوبه مارو نه ميرو.
اگر بخت بگڙيو سنواري ڇڏيوسين،
سڄو وقت کِلندي گذاري ڇڏيوسين.
نه وانجهي رکيو سون شرابِ محبت،
پياسو جي آيو، پياري ڇڏيوسين.
هئي زهد ۽ تقويٰ تي زاهد کي دعويٰ،
مگر کيس ڪنهن پر پياري ڇڏيوسين.
عبدالڪريم گدائي
اها طئي شده حقيقت آهي ته شاعري ڏات ۽ ڏانوَ جو
ميلاپ آهي. ڏات، جيڪا قدرت جي بخشش آهي ۽ ڏانوَ،
جيڪو پنهنجي ارتقائي ڏاڪڻين تان، ان دؤر جو عطا
هوندو آهي. سنڌي شاعريءَ ارتقا جو هڪ وڏو پنڌ ڪري،
موجوده دؤر ۾ پير پاتا آهن؛ جنهن دوران کوڙ سارين
تبديلين ۽ هيٺ مٿانهين سبب، جتي کيس ڪافي فڪري
تبديلين کي قبول ڪرڻو پيو آهي، اُتي کيس فني حوالي
سان پڻ کوڙ سارا چيلينجز قبول ڪرڻا پيا آهن-
پراڻيون صنفون پوئتي رهجي ويون آهن، ته وري نين
صنفن انهن جي جاءِ والارڻ شروع ڪئي آهي. اهڙين
بيشمار نين صنفن ۾ هڪ صنف، نثري نظم جي ارتقائي
صورت ۾، ”نئين ڪويتا“ طور سامهون آئي آهي. ”نئين
ڪويتا“ کي نظم، آزاد نظم ۽ نثري نظم جو هڪڙو
ارتقائي ڏاڪو چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نٿو لڳي. فني حوالي
سان ”نئين ڪويتا“ نظم ۽ نثري نظم جو حسين امتزاج
آهي. نظم ڇاهي؟ ڪنهن من موهيندڙ فڪر جو فني طور
ڪنهن مخصوص عروضي بحر سان مڪمل نباهه- آزاد نظم؟
ڪنهن فڪر کي فني طور مخصوص بحر ۾، آزاداڻي، يعني
ان بحر جي رڪنن جي گهٽ وڌائيءَ سان پيش ڪرڻ ۽ نئين
ڪويتا؟“ ڪنهن فڪر کي، ڪنهن به بحر وزن جي پابنديءَ
کانسواءِ نثر ۾ پيش ڪرڻ- ۽ ”نئين ڪويتا؟“ هن صنف
جي سموري سُونهن، سندس فڪر ۾ سمايل هجي ٿي، پر فني
طور ”نئين ڪويتا“ جون سٽون ساڳي وقت نثر به
هونديون آهن، ته منجهس مختلف بحرن جو امتزاج پڻ
هوندو آهي. بظاهر ته اها شاعريءَ جهڙي نفيس صنف
سان هڪ قسم جي ڏاڍائي ٿي ڀاسي، پر فڪر، جذبن ۽
احساسن کي ضايع ٿي وڃڻ کان بچائڻ خاطر، ان اسلوبِ
تحرير جو سهارو وٺڻ نه رڳو وقتائتو، پر ڏاهپ به
آهي.
آسي زميني
ڪتاب: ”درد جو ڇو انت نه آ“
ص 14-15 تان کنيل
امداد حسيني
سنٻنڌُ
ٻِج جو سِج سان
سِج جو ٻِج سان
ڪهڙو سَڱ آهي؟
مٽيءَ جي گُل سان
گُل جي مِٽيءَ سان
ڪهڙي
مِٽي آهي؟
پَنڌَ جو پانڌيئڙي سان
پانڌيئڙي جو پَنڌَ سان
ڪهڙو سُنٻنڌُ آهي؟
شاعر جو لفظن سان
لفظن جو معنيٰ سان
ڪهڙو ناتو آهي؟
سو اڄ توڻي ڪنهن ڄاتو آهي!
دلبرن جا شهر
دلبرن جا شهر اي نيروُن ڪوٽَ
دوستن جا شهر اي نيرُون ڪوٽَ اي حيدرآباد
اڄ وري تنهنجون گهِٽيون گُهمندي
اکين سان
جيءَ وانگي ئي جُهريل جاين کي
چُمندي
ڪنءَ الائي اوچتوئي اوچتو
شاهه سائينءَ جو فقير
”ڊاڪٽر الياس عشقي“ ياد اچي ويو
اَڻَ کُٽ ساروڻين جو هانوَ ۾
ميڙو مچي ويو!
اياز گل
غزل
سڄَڻ جو ساءُ حيراني!
وَٺي جو واءُ حيراني؟
دَٻيل آ برفَ هيٺان ڄَڻُ،
تتيءَ جو تاءُ حيراني!
رُسامو يارَ سان حيرت!
رُسِي، پرچاءُ حيراني!
وڇوڙو ويو ڇڏي پويان،
رُڳو پڇتاءُ، حيراني!
ڪري وَڃُ ڌارَ دنيا کان،
ڏئي وڃُ آءٌ حيراني!
اسان جهڙا به پالي ٿي!
هي ڌرتي ماءُ حيراني!
سدائين سنڌُ جو سودو!
امڙِ تي داءُ حيراني!!
هَنيو هُنَ گُلُ کڻي هو، پر،
انهيءَ جو گهاءُ حيراني!
ڪيڏا قُربَ حياتيءَ جا،
گهاوَ ڳڻياسي ڇاتيءَ جا.
ڇا ٿو سوچين دنيا تي،
ڪهڙا رشتا ڪاتيءَ جا.
مينهن وَساڙي ۾ جو آئي،
ڀاڳَ کُليا برساتيءَ جا.
چهرو هو چانڊوڪيءَ جهڙو،
پارَ هُيا پرڀاتيءَ جا.
مَٽ اُپٽيا پيا ها ڄڻ ڪي،
چَپڙن ۾ مَڌُ ماتيءَ جا.
ڪر نه حساب اسان سان سهڻا!
عيب نه ڳَڻِ اَڌِ- راتيءَ جا.
گهاوَ سدا سنڌ جي سيني تي،
سازش ڪنهن محلاتيءَ جا.
غزل
خيالن ساڻُ هوري ڪَرِ،
ڀلي جي ڳالهه ٿوري ڪَرِ.
سُجاڳي ٿي کَپي سُهڻا!،
نه پنهنجا گيتَ لوري ڪَرِ.
اُڏامڻ ڏي فضائن ۾،
ڍري سوچُن جي ڏور ڪَرِ،
ڪڏهن ته ٿي اسان جي ڀي،
اسان جي ڳالهه ڳوري ڪَر،
چُيئه ڪنهن؟ خوابَ ڪر اغوا؟
اسان جي ننڊَ چوري ڪَرِ!
اڙي سرڪار! ٿِي سياڻي،
صَفا ايڏي نه زوري ڪَرِ.
وائي
ملندو ملندو ماڳُ،
رستا ٿيندا روشني!
سُتو سونهين ڪينَ ٿو،
ها بَس ٿورو جاڳُ،
رستا ٿيندا روشني!
چهرن تي ڏِسُ چاندني،
ڀاڪُرَ ۾ هي ڀاڳُ،
رستا ٿيندا روشني!
اندر آسون ائين جيئن،
هڪڙو سمنڊُ اجهاڳُ،
رستا ٿيندا روشني!
هاريو جي تو حوصلو،
جيون هڪڙو داڳُ،
رستا ٿيندا روشني!
خليل عارف سومرو
بيت
مٽيءَ جا ماڻهو اسين، مٽي پنهنجو مانُ،
ڪُڏون ڇا لئه ڪُوڙ تي، جُوٺو هي جهانُ.
خليل ٿي خاڪ ويا، شاهي سارا شان،
عارف سي انسانَ، من ۾ جَن جي ماڻهپو.
سجدا سدا سونهن کي، خلقي خلقڻ هار،
دعويٰ نه ٻئي دين جي، پنهنجو مذهب پيار،
سارو هي سنسار، عارف طابع عشق جي.
جياريو جهانَ ۾، عارف کي الله،
پنهنجن کي پرواهه، ڪڏهن مُنهنجي ڪانه ٿي.
سُري کاڌي سماج ۾، رَوين جي رُڃَ،
سُجهي رُڳي سُڃ، ماڻهپو مري وَيو.
سڳنڌ عارف سنڌ جي، نينهن نياپو،
جيءُ جياپو، مٽيءَ جي مهڪار سان.
پاڻي ۾ ٻُڏل هئا، پايل وارا پير،
ڀَري بيٺِي ڪير، گاج مان گاگهريُون.
ڪونهي ڪو درياهه ۾، اکين ۾ پاڻي،
هِي ڄاڻِي واڻِي، سِتم آهي سِنڌ ۾.
ٺاهي سگهيس ڪينَ ڪي، پنهنجي سُڃاڻپ،
مُنهنجي هِي ڏاهپ، ڪهڙي عارف ڪم جي.
وائي
آڏو سفر اجهاڳ،
پير سدائين پنڌ ۾.
هلندا اڳتي ٿا هلون، ڀلا آهن ڀاڳ،
پير سدائين پنڌ ۾.
آڏو آهي ڀِٽ ڌڻي، هٿ ۾ جنهن جي واڳ،
پير سدائين پنڌ ۾.
ڪنڊا ڪاوا پيچرا، آڏو توڙي آڳ،
پير سدائين پنڌ ۾.
”عارف“ ملندو آجپو، ملڻو آهي ماڳ،
پير سدائين پنڌ ۾.
غزل
سنڌ تُنهنجي مٽي مَنجهان آهيان،
مان جُڙيل روشني مَنجهان آهيان.
ڪنهن نبي کي ڄڻيو نه مون آهي،
ها مگر مان نبي منجهان آهيان.
دل جي ڪيفيت عجيب هوندي آ،
لنگهندو تنهنجي گهٽي منجهان آهيان.
رانجهو فرهاد مجنون مون مان ها،
مان اُنهن جي ڪَڙي منجهان آهيان.
اڄ به تنهنجو ئي عڪس هن ۾ آ،
خوش ٿيو آرسي منجهان آهيان.
درد مون کي سُڪون بخشي ٿو،
تنگ ”عارف“ خوشي منجهان آهيان.
غزل
عارفاڻو آستانو، چاهتن جو آشيانو،
دهشت جي ديس ۾ هو، پيارئي پنهنجو ترانو.
ڪيترا بيڏوهه ماڻهو، حالتن جا ٿيا نشانو،
ڇو جُدا ٿيون، هيڪلا ٿيون، ڪيئنءَ هلندو ڪارخانو.
اورتي ٿي ويهه ٿورو، ڇڏ کڻي هاڻي بهانو،
ڇڏ تڪبر ۽ وڏائي، ڇڏ رَويو جاهلانو.
صوفياڻي سوچ آهي، دهريت جو هڻ نه طعنو،
ڇڏايا ماڻهو مٽي جا ڏينهن هڪ ٿيندين روانو.
بي وفائي جو نه آهي، منهنجي دل ۾ ڪوبه خانو،
روز ”عارف“ کي ڏُکن سان، آزمائي ٿو زمانو.
رحيمداد جوڳي
۽ هڪڙي تون آهين
چاٻيون
گاڏيءَ جون هجن
گهرَ جون
يا خوابن جي شيلف جون
جڏهن به وڃايون آهن
ڳولڻ سان لڀي ويون آهن
۽ هڪڙي تون آهين!
جو ڄاڻي واڻي
وري ڪڏهن ملي ناهين!
ايڏو ڳوليو آهي توکي
جو هاڻي
پاڻ وڃائجي ويو آهيان!!
مان دراوڙ آهيان
جڏهن
مان روڊ تان گذريو هوندس
ڇا
هُن شهري ڇوڪريءَ
مون کي
کڙڪيءَ مان ڏٺو هوندو؟
جڏهن
مان سمنڊ تي ويو هوندس
ته پاڻيءَ
منهنجا پير سڃاتا هوندا
ته
مان دراوڙ آهيان!؟
وائي
اوري اڏي-
گوڏو گڏي-
مون ساڻ ويٺا ها پرين!
سا مينهن جي موسم هئي،
واڪي وَڏي-
گوڏو گڏي-
مون ساڻ ويٺا ها پرين!
ڪاڏي وڃان ها ٻيو ڀلا،
تن کي ڇڏي-
گوڏو گڏي-
مون ساڻ ويٺا ها پرين!
ڪو هِجرَ جو رستو پَريان،
ٿَڪِيو سڏي-
گوڏو گڏي-
مون ساڻ ويٺا ها پرين!
مون ساڻ ويٺا ها پرين!
وائي
تيز هَوا سان-
بادلُ بَرسي-
هيکل وياڪل ويٺو آهيان!
ٽاڪَ منجهند جو-
ڪويلِ ڪُوڪي-
هيکل وياڪل ويٺو آهيان!
ڦُول کَڻي هوءَ-
ايندي مون ڏي-
هيکل وياڪل ويٺو آهيان!
وَهندڙ سنڌو-
چنڊُ ٿو مُرڪي-
هيکل وياڪل ويٺو آهيان!
هيکل وياڪل ويٺو آهيان!
خالد احمداڻي
نئين سال جي آمد
غزل
جيئن شروع نئون ڪو سال ٿيندو آهي،
خوب جڳ ۾ تنهن جو استقبال ٿيندو آ!
هڪ هجي ته ڏيان جواب کڻي،
سوال تي نئون سوال ٿيندو آ!!
هڪ سهي ڪونه ٿو سگهان ۽ ٻيو،
تو وٽان غم ارسال ٿيندو آ!
درد سختيون ۽ سور، توکان پوءِ،
تون ڇا ڄاڻين ڇا حال ٿيندو آ!؟
سنڌ سرهي ٿئي ٿي ويل انهي،
گهوٽ جنهن پل ڪو لال ٿيندو آ!!
تون آن سادي ۽ جڳ حرامي آ،
مون کي تنهنجو خيال ٿيندو آ!!
هوش سارا وڃائي ويهندو آن،
توسان هر ساهه بحال ٿيندو آ!
سنڌ تنهنجا سپوت جاڳن ٿا،
هر ٻچو تنهنجي ڍال ٿيندو آ!!
تو پڄاڻان وڌي ٿي ڌڙڪن ۽،
دل جو هر بند وال ٿيندو آ!!
”خالد“ آهي طوبيٰ،
فهد
تي فدا،
جن سان روشن عيال ٿيندو آ!!
غزل
رکندين ڪيسين خار هلي آ،
گذري ويندي بهار هلي آ.
سال نئين جا سج کڻي تون،
خوشين جا انبار کڻي هلي آ.
عاشق هان منصور جي سچ جو،
سوريءَ ڏين يا دار هلي آ!
چنڊ بکيا ٻاگهُل جا رب،
ڪونه ملي اوڌار هلي آ!
ڪهڙيون توبن عيدون ساجن،
دلين جا دلدار هلي آ!
دروازا سڀ دل جا کليل،
ٻانهون ٿينديون هار هلي آ!
|