سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2019ع

باب:

صفحو:11 

نورالهديٰ شاهه

 

 

 

ڪـــربـــلا

پتڪڙو هئس، تڏهن اسڪول ويندو هئس ڦاٽل ڳوٿريءَ ۾ ڪتاب وجهي. رات جو جڏهن امان کان ماني گهرندو هئس، تڏهن امان مون کي ماني ڏيڻ بدران آسمان تي تارا ڏيکاريندي هئي.

هُو ڏس ڀٽون- هُو آهي ٽيڙو- ۽ هوءَ کٽ آهي.

ايئن تارا تڪيندي تڪيندي، نڄاڻ ڪهڙي مهل اک لڳي ويندي هئم. صبح جو چوندي هئي ته تون اسڪول هل، آءٌ کنيو ٿي اچان ماني. آءٌ سڄو وقت در ۾ اکيون اٽڪايو ويٺو هوندو هئس. منهنجي پيٽ ۾ ڄڻ ٻليون پيون وڙهنديون هيون، پر امان ڪانه ايندي هئي. منهنجي اکين م لڙڪ اچي ويندا هئا ۽ آءٌ انهن کي لڪائڻ لاءِ اکين آڏو ڏئي ڇڏيندو هئس ڦاٽل- ساٽل ڪتاب.

منهنجي هڪ وڏي ڀيڻ به هوندي هئي. سڄو وقت نڄاڻ ڇا پئي سوچيندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي سوچيندي اکين ۾ لڙڪ اچي ويندا هئس. شايد امان انهيءَ کي به مون وانگر مانيءَ جا آسرا ڏيندي هوندي. ٻيو هڪڙو پتڪڙو ڀاءُ به هوندو هئم. ڇنل کٽ جي جهول ۾ پيو هوندو هو. هن جي تن تي ڄڻ ماس هوندو ئي ڪونه هو. بيمار هوندو هو، شايد. مون کي ياد آهي ته هن جي وات تي سدائين مکين جا ميڙ هوندا هئا. هُو انهن ڀڻ ڀڻ ڪندڙ مکين سان ڳالهائيندو هو شايد، آغون- آغون ڪري بابا صبح ساڻ نڪرندو هو گهران ۽ لوڪ سُتي موٽندو هو. امان ڳل تي هٿ رکيو پئي بابا جو اوسيئڙو ڪندي هئي. نڄاڻ ڇا پئي ڀڻڪندي هئي ۽ روئندي ويندي هئي ۽ جڏهن بابا موٽندو هو، تڏهن هوءَ ڄڻ سڏڪن ۾ پئجي ويندي هئي. آءٌ پنهنجي مٿان پيل ڦاٽل ڳوڻ جي ڳڙک مان پيو ڏسندو هئس. بابا ڀت تي ڪنڌ لاڙي اکيون پُوري ڇڏيندو هو ۽ هوءَ سڏڪندي ويندي هئي، ڳالهائيندي ويندي هئي. نڄاڻ ڇا ڇا پئي چوندي هئي. پر هن جون ڳالهيون ٻڌي ڳوڻ اندر منهنجون اکيون به لڙڪن سان ڀرجي وينديون هيون. نيٺ بابا به سڏڪي پوندو هو. ٻئي هٿ کڻي امان آڏو جوڙيندو هو. چوندو هو: ”جنت! تون روز روز ڇو ٿي منهنجن ڦٽن تي لوڻ ٻرڪين. آءٌ ڀلا ڇا ڪريان، ڪيڏانهن وڃان- منهنجي پيرن ۾ ته لڦون پئجي ويون آهن هاڻي- ڪٿي به روزگار نٿو ملي، تون سمجهين ٿي منهنجو هانءُ نٿو ڪري سگهان جنت! نه ته خدا شاهد آهي- جيئن ڪاڻ دل نٿي چوي.“ ايئن چئي هو سڏڪن ۾ پئجي ويندو هو، بلڪل امان وانگر. منهنجي دل چوندي هئي ته آءٌ بابا جا لڙڪ وڃي اگهان، پر آءٌ چپ چاپ بيستو پيو هوندو هئس ڦاٽل ڳوڻ جي اندر ۽ بک جو احساس تهائين وڌي ويندو هو.

اسان جو گهر هڪ اونداهين بدبودار گهٽيءَ جي ڇيڙي تي هوندو هو. بيحد پراڻو، سوڙهو ۽ اونداهو ڪمرو، جنهن ۾ ڪا به دري ڪانه هوندي هئي. امان چوندي هئي: ”هيءُ گهر ٿورو ئي آهي- هيءُ ته جيل جي کولي آهي- انهيءَ کان به ابتر.“ هڪڙو ننڍڙو اڱڻ به، جنهن جي هڪڙي ڪنڊ ۾ رڌڻو (جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ئي آباد ٿيندو هو) ٻي ڪنڊ ۾ ڪاڪوس ۽ ٽين ڪنڊ ۾ وهنجڻ جي جاءِ (جتي پاڻيءَ جي بي پناهه کوٽ جي ڪري ڪير وهنجندو به ڪونه هو) ڏاڍي بانس هوندي هئي اسان جي گهر ۾. اهڙا انيڪ گهر  هوندا هئا پاڙي ۾. شام ٿيندي هئي ته اسان پاڙي جا ٻار گهٽيءَ ۾ ڦهليل اونداهيءَ ۾ لِڪ لڪوٽي راند رهندا هئاسون. اسان جن گهرن جي پويان پڪو پختو ڏامر جو ڪارو روڊ هو ۽ روڊ جي هن پار نڄاڻ ڇا جو ڪارخانو هو، جنهن جو ڪارو دونهون سڄو ڏينهن رات پيو اسان جي گهرن مٿان لنگهندو هو..... پاڙي جا گهڻي ڀاڱي مڙد انهيءَ ڪارخاني ۾ مزدور هئا. تڏهن اسان ٻه ويلا ماني کائيندا هئاسون. پوءِ هڪ ڀيرو انهيءَ ڪارخاني ۾ ڏاڍو گوڙ ٿيو هو. ماڻهن جو هجوم هو، جيڪو ٻاهران لهرائي لهرائي رڙيون ڪري رهيو هو. انهن جا منهن تپي ٽامو ٿي ويا هئا ۽ انهن سڀني جي اڳيان اڳيان هو منهنجو بابا. هن جي هٿ ۾ ڪارو جهنڊو هو ۽ هُو ڪجهه ڳالهائي رهيو هو. انهيءَ ڏينهن کان پوءِ بابا ڪڏهن به ڪارخاني ڪونه ويو. سندس نوڪري ختم ٿي وئي هئي. بس اهو ڏينهن هو، جڏهن کان اسان ٻه ٻه ڏينهن ماني کائڻ ڇڏي ڏني هئي. شروع شروع ۾ آءٌ ۽ ڀيڻ ڏاڍو روئندا هئاسون، پر پوءِ اسان کي عادت پئجي وئي هئي، انهيءَ بک جي. جيڪڏهن بک لڳندي به هئي ته تارا ڳڻڻ لڳندا هئاسون. ايئن اک لڳي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن امان ٻُڪ کڻي انهيءَ ڪارخاني کي پٽيندي هئي: ”شل باهه لڳي انهيءَ ڪارخاني کي.“ پر باهه نه لڳي هئي انهيءَ کي.

انهن ئي ڏينهنِ ۾ امان جو پيٽ مٽ وانگر ڀرجڻ لڳو هو. آءٌ ڀيڻ کان پڇندو هئس: ”ڀيڻ! امان جي پيٽ م ڇا آهي؟“ ڀيڻ ڏاڍي عقل واري هوندي هئي. ڪي کن سوچي پوءِ چوندي هئي: ”ڀاءُ آهي امان جي پيٽ ۾“ پر امان کي ڪا به خوشي ڪانه هئي پيٽ ۾ ڀاءُ جي. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن هوءَ بابا سان گهڻو اٽڪندي هئي، تڏهن پيٽ تي مڪون هڻندي ويندي هئي ۽ چوندي ويندي هئي: ’انهيءَ مصيبت کي به هينئر اچڻو هو. آهي کائڻ لاءِ ڪڻو به ڪونه، هيءُ ڪيئن پلبو!‘ موٽ ۾ بابا گهٻرائجي چوندو هو؛ ”نه- نه- جنت! هرڪو پنهنجو روز پاڻ ساڻ ٿو آڻي. نه هڻ پيٽ تي مڪون، ڇو ٿي پاپ ڪرين.“ بس انهيءَ ڳالهه تي امان مچ ٿي ويندي هئي- رڙ ڪري چوندي هئي: ”اسان ڪهڙو پنهنجو روز پاڻ ساڻ آندو جو هيءُ به آڻيندو.“

بابا چپ ٿي ويندو هو. هُو ڪڏهن به امان سان پُڄي نه سگهيو. هڪ صبح جڏهن آءٌ ننڊ مان اُٿيو هئس ته امان جي ڀر ۾ ڀاءُ پيو هو. بيحد پتڪڙو، ڪمزور ۽ هيڊو، بابا جي پراڻي گوڏ ۾ ويڙهيل. هن اکيون ڇنڀي مون کي ڏٺو، کن پل لاءِ ۽ پوءِ پوري ڇڏيون هئائين. ٻليءَ جي پونگڙي جهڙيون هيون هن جون اکيون. مون کي ته ڏاڍو وڻيو هو. سڄو سڄو ڏينهن پيو ڏسندو هوسانس. هُو ڇنل کٽ تي جهول ۾ پيو رڙندو هو- مکين جا ميڙا هوندا هئا مٿس، پر امان مڙي به نه نهاريندي هئي ڏانهس بس ڀيڻ پئي ڪڇ تي گهليندي هيس… بابا ايندو هو ته ڪاوڙبو هو امان تي ’تون کير ڇو نٿي ڏين هن کي!‘ امان سدائين جيان مچ ٿي ويندي هئي، ’ڪٿان آڻيان کير؟ بک ۾ پاهه پئي ٿيان- کير اچيم ته ڏيانس.‘ بابا ٿڌو شوڪارو ڀري ڀاءُ ڏانهن نهاريندو ۽ اکيون پوري ڇڏيندو هو. امان، بابا کي سدائين چوندي هئي ته اسان جو هيءُ حال تنهنجي ڪري ٿيو آهي، نه ڪرائين ها ڪارخاني ۾ گوڙ ته ڇو اڄ اسين بک مرون ها.

ڀيڻ ته ڪجهه ڳالهائيندي ئي ڪانه هئي. سڄو وقت ماٺ ماٺ ۾ هوندي هئي. ڀيڻ کي شيشي جون چوڙيون ڏاڍيون وڻنديون هيون، پر ڪڏهن به اهي چوڙيون وٺي نه سگهي هئي. آءٌ گند جي دڙن تان هن کي ڀڳل چوڙين جا ٽڪر ڳولهي آڻي ڏيندو هئس. هن وٽ هڪڙي کولي ۾ ڍڳ کن گڏ ٿي ويو هو. ڀڳل چوڙين جي ٽڪرن جو. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ اهو کوکو کولي ويهندي هئي. هرڪو رنگ ڌار ڪندي ويندي هئي ۽ اکين ۾ لڙڪ گڏ ٿيندا ويندا هئس ۽ جڏهن لڙڪ ڳلن تي لڙي ايندا هئس، تڏهن هوءَ کوکو بند ڪري ڇڏيندي هئي. هوءَ ڪانه ڳالهائيندي هئي، پر آءٌ ساڻس ڳالهائيندو ويندو هئس. هوءَ هون… هان ۾ پئي جواب ڏيندي هئي، شايد بک کان ڳالهائي ڪا نه سگهندي هئي.

هڪ ڏينهن اسڪول کان موٽندي گند جي دڙن تي ڀيڻ لاءِ چوڙين جا ٽڪر ڳولهڻ لڳو هئس، جو نظر پئجي وئي هئم دڙي تي هاريل پاروٿي ڀت تي. ڪتو سونگهي رهيو هو انهيءَ ڀت کي، ڪتي کي سروٽو اڇلي ڀڄائي ڪڍيو هئم ۽ جهوليءَ ۾ ميڙي، سيڙي کڻي آيو هئس اهو ڀت. جڏهن گهر ۾ گهڙيس ته بابا ويٺو هو. انهيءَ ڏينهن نڄاڻ بابا ڪيئن جلدي موٽي آيو هو.

”جهوليءَ ۾ ڇا اٿئي؟“ بابا پڇيو هو.

”ڀت!“ ڊڄندي ڊڄندي وراڻي ڏني هئم.

”ڪٿان آندو اٿئي؟“

”گند جي دڙي تان.“ آءٌ ڪوڙ ڳالهائي نه سگهيو هئس. پوءِ ته بابا ڄڻ سڃاتو ئي نه پئي. ڳچيءَ مان اچي پڪڙيو هئائون مون کي. ايڏو ماريو هئائين جو اڌ مئو ٿي پيو هئس. ڀت پٽ تي ڪِري پيو هو. آءٌ ڪنڊ ۾ ويهي روئڻ لڳس ۽ سدائين جيان امان اچي بابا کي ورايو هو. پريان ويٺل ڀيڻ ٽڪ ٻڌي پٽ تي پيل ڀَت کي ڏسندي رهي هئي. بابا سڏڪندي رڙ ڪئي هئي؛ ”منهنجو هانءُ ٿو جهُري جنت! هن جو گند جي دڙي تان ڀت آندو آهي.“ پوءِ الاءِ ڇا ٿيو هو جو هٿ جي پٺ سان لڙڪ اگهندي مون کي سڏ ڪيو هئائين- آءٌ ڊڄندو ڊڄندو ويجهو اچي بيٺو هوسانس.

”بک گهڻي لڳي اٿئي ڇا؟“

موٽ ۾ منهنجي اکين مان لڙڪ ڪِري پيا هئا. مون کي ٻانهن کان جهلي پٽ تي ويهاريو هئائين ۽ چوڻ لڳو: چڱو ويهه کاءُ هي ڀت.“ مون ڊنل نظرن سان ڏانهس نهاريو- اعتبار ئي نه پئي آيم.

”ها-ها- ڀلي کاءُ ڀت.“

آءٌ لڙڪ اگهي پٽ تي پيل ڀت کائڻ لڳس. ڀرسان ويٺل ڀيڻ به اٿي آئي هئي.

”امان! تون به اچ نه.“ مون امان کي سڏڪيو.

بابا کي چوڻ جي ڪنهن به سگهه ڪا نه پئي ساري، ڪي کن هُو اسان کي ڀت کائيندو ڏسندو رهيو، پوءِ چوڻ لڳو؛ ”اڙي! مون کي به ته ڀت کارايو.“ ايئن چيو هئائين، ڄڻ روئندو هجي. هُو به ڀت کائڻ لڳو ۽ ساڻ ساڻ روئندو ٿي ويو. ڏاڍي بانس هئي انهيءَ ڀت ۾، پر اسان سڀ کائي ويا هئاسون.

ٻئي ڏينهن جڏهن آءٌ اسڪول مان موٽيو هئس ۽ در تي پير رکيو هئم ته اڱڻ ۾ ويٺل ڀيڻ ڇرڪي نهاريو هو، منهنجي خالي جهوليءَ ۾. کن کان پوءِ امان اندران نڪتي هئي. بي اختيار ٿي پڇيو هئائين؛ ”ڀت آندو اٿئي ڇا؟“ مون ته ڪجهه به نه آندو هو. چپ چاپ بيٺو رهيس. انهيءَ رات بابا جڏهن آڌيءَ مهل موٽيو هو. آءٌ ڳوڻ ۾ ويڙهيو پيو هئس. امان کان سرٻاٽ ڪري پڇيو هئائين؛ ”ڪاڪي ڀت ڪونهي آندو اڄ؟“

”نه“ امان جو آواز ڏاڍو جهيڻو هو.

”اڇا!!“ ۽ پٽ تي ليٽي پيو هو بابا.

مون ۽ ڀيڻ انب جو ڪوئلو پوکيو هو اڱڻ ۾ روز ننڊ مان اٿي انهيءَ ڪنڊ جو رخ ڪندا هئاسون. سوچيندو هئس ته جڏهن انب جو وڻ وڏو ٿيندو ۽ انب ڏيندو. تڏهن اسين ڪڏهن به بک ڪونه مرنداسون. ڀيڻ به شايد ايئن سوچيندي هئي. هڪ ڏينهن زمين مان منهن ڪڍيو هو انب جي ٻوٽي.

پوءِ هوريان هوريان وڌڻ لڳو هو اهو ٻوٽو. آءٌ هاڻ آسمان تي تارا ڳڻڻ بدران پهريون جا پهر انهيءَ ٻوٽي کي پيو تڪيندو هئس.

هڪ ڏينهن بابا آيو ته ساڻ آندا هئائين پنجاهه روپيا. بلڪل ايئن، جيئن اوچتو عيد جو چنڊ ڏسي وٺجي. ڪٿان آيا هئا اهي پنجاهه روپيا… انهيءَ جي ته ڪنهن کي به ڪَل ڪا نه هئي، پر انهيءَ ڏانهن اسان ڍوَ تي ماني کاڌي هئي. بابا نڄاڻ ڇو سمورو وقت چپ چاپ اکيون پوريو پيو هو. ڪجهه به ته نه پئي ڳالهايائين.

انهيءَ ڏينهن پهريون ڀيرو امان پيار منجهان بابا  کان پڇيو هو؛ ”ڇو ايئن پيو آهين؟ چاق ته آهين نه؟“

بابا کن لاءِ اکيون پٽي امان کي ڏٺو ۽ پوءِ وري اکيون پوري ڇڏيون هئائين. ”ماني نه کائيندين؟“ امان بابا جي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي وري پڇڻ لڳي: ”نه“. بابا ٻئي هٿ کڻي اکين تي رکيا هئا.

”ڇو؟“

”مٿو پيو ڦريم.“ بابا جا هٿ هوريان هوريان ڏڪي رهيا هئا.

ڪم ڪهڙو ڪري آيو آهين؟“ امان جو آواز تهائين مٺو ٿيندو ٿي ويو.

”ڇا ٻڌي ڪندينءَ جنت! تو ته اڄ ڍوَ تي ماني کاڌي آهي نه!“

”امان ڪا به ورندي ڪا نه ڏني هئي.

”جنت!“ اکين تان هٿ لاهي بابا امان ڏانهن اکيون پٽي نهاريو.

”چئو!“

”آءٌ پنهنجي رت جي بوتل وڪڻي آيو آهيان.“ بابا وري کڻي اکين تي هٿ رکيا هئا، پر مون پريان کان ئي بابا جي اکين ۾ ڪجهه جرڪندو ڏسي ورتو هو. لڙڪ هئا شايد ۽ بابا جي ڳالهه ٻڌي اسين سڀ ڇرڪي پيا هئاسون. آءٌ ته سمجهي به نه سگهيو هئس بابا جي ڳالهه، ها امان ۽ ڀيڻ کي نانگ سونگهي ويو هو ڄڻ. امان ته ڪيتري دير گوڏي تي مٿو رکيو بابا کي ڏسندي رهي هئي. لڙڪ نه ها امان جي اکين ۾، پر مون کي ايئن لڳو هو، ڄڻ اجهو- هينئر امان روئي پوندي. ڀيڻ چلهه ٻارڻ ۾ لڳي وئي هئي، ڀاءُ ڇنل کٽ جي جهول ۾ پيو هو. اڄ انهيءَ به ڍوَ تي کير پيتو هو- انهيءَ ڪري هُو به ڏاڍي گهري ننڊ ۾ ستو پيو هو.

”جنت!“ بابا، امان کي چوڻ لڳو. ”ماٺ ڇو ٿي وئي آهين جنت؟“

امان ڪا به ورندي ڪا نه ڏني هئي- هوءَ بس ٽڪ ٻڌي ڏسندي رهي هئي بابا کي.

پوءِ ٿيو ايئن جو بابا ويو ٿي ڪمزور ٿيندو. هن جو سانورو رنگ هيڊو پوندو ٿي ويو. اکين هيٺ ڪارا دائرا پوندا ٿي ويس. بلڪل هڏن جو پڃرو لڳندو هو.

پر هُو اڪثر ساڻ پنجاهه روپيا آڻيندو هو ۽ اسان ٻه ويلا ماني کائڻ لڳا هئاسون. بابا کي مٿي ۾ سور ۽ ڦيري ٿيڻ لڳي هئي. هاڻ ته هُو ٻاهر به ڪونه نڪرندو هو- سڄو ڏينهن ڀت جي پاڙ ۾ پيو هوندو هو. اٿندو هو ته ٻه وکون کڻي ڪِري پوندو هو. چوندو هو ته منهنجين اکين اڳيان اونداهي ٿي اچي. امان زوريءَ ڪڻس مانيءَ جا گرهه وات ۾ وجهندي هئي. بابا کائيندو ئي  ڪونه هو ماني. امان چوندي هئي؛ ”ماني نه کائيندين ته هيڪاري ڳرندو ويندين. ڪيئن منجهئي رت ٿيندو.“ ۽ ايئن چوندي امان جون اکيون نِمي وينديون هيون. بابا ڇرڪي نهاريندو هو امان ڏانهن. سندس اکين ۾ نڄاڻ ڇا هوندو هو، جو انهيءَ پل آءٌ به ڏانهس نهاري نه سگهندو هئس. ايئن کلي چوندو هو؛ (ڄڻ روئندو هجي) ”ڏاڍي خود غرض آهين، جنت!“ ۽ امان جون اکيون هيڪاري نمي وينديون هيون.

بابا ڳرندو ٿي ويو- ايترو، جو ڪڻس ڏسي ڊپ ٿيندو هو- هڪ ڏينهن ويو، پر ساڻ پنجاهه روپيا نه آندا هئائين.

”ڇو- اڄ ايئن پيو اچين؟“ سندس خالي هٿ ڏسي امان پڇيو هو. چلهه ۾ باهه ٻاريندي ڀيڻ جا هٿ بيهي رهيا هئا. بابا ساڻو ٿي اچي ڪِريو هو ڀت جي پاڙ ۾ .

”جنت!“

امان اٿي ويجهي اچي ويٺي هيس.

”ڇا ٿيو؟؟“

”ڊاڪٽر چون ٿا هاڻ تومان رت نه ڪڍنداسين- نه ته مري پوندين ۽ خون پوندو اسان جي ڳچيءَ ۾.“

امان جي نراڙ تي گهنڊ پئجي ويو هو.

”ٻڌئي جنت! هاڻ ته رت به کٽي ويو آهي مون مان.“ ايئن چئي بابا اوڇنگارن ۾ پئجي ويو هو. ڄڻ ڪو مري ويو هجي. امان چپ چاپ ڏسندي رهي هئي بابا کي.

ٻئي ڏينهن بابا ٿڙندو ٿاٻڙندو نڪري ويو هو روزگار جي ڳولها ۾. ٻيو ڏينهن اچي ٿيو، پر بابا نه وريو. امان وري نڄاڻ ڇا ڀڻڪڻ لڳي هئي ۽ ساڻ ساڻ روئندي ٿي وئي. انهيءَ رات آءٌ ڪيتري دير ڦاٽل ڳوڻ جي ڳڙک مان در ڏانهن ڏسندو رهيو هئس.

ٽين ڏينهن پاڙي وارو ڪو ماڻهو آيو هو، ٻڌائڻ لاءِ ته بابا اسپتال ۾ پيو آهي. ڪني پاڻيءَ جي نالي ۾ بيهوش پيو هو جو ماڻهو کڻي ويا هئس اسپتال. اسين ويا هئاسون بابا کي ڏسڻ لاءِ پلنگن جي قطار ۾ هڪڙو اڇو اجرو پلنگ بابا جو به هو. ڇت ۾ اکيون اٽڪايو چپ چاپ پيو هو. اسان سڀني کي ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهيو، ڪجهه به ته نه ڳالهايو هئائين.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بابا اسپتال مان موٽي آيو.

انهن ڏينهن جڏهن بابا اسپتال ۾ هو، امان روزگار لاءِ ٻاهر نڪري ويندي هئي. پر جڏهن بابا موٽيو ته امان وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو ۽ اسان کي به منع ڪري ڇڏيو هئائين بابا کي ٻڌائڻ کان. نڄاڻ ايئن ڇو ڪيو هئائين، نه ته بابا اسان کي ٻه ٻه ويلا ڪڏهن ڪڏهن کارائيندو هو، پر امان ٽي ويلا کارائيندي هئي. شايد امان ۾ بابا کان جهجهو رت هوندو. بابا آيو ته اسين وري ڪيترا ڪيترا ويلا لنگهڻ ڪاٽڻ لڳاسين.

بابا اهو ئي پيو روزگار لاءِ ڀٽڪندو هو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن بابا کي روزگار ملي ويو. بابا فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو. انهيءَ ڏينهن بابا نما شام مهل ئي موٽي آيو هو. ڳالهه ڳالهه تي ٿي ٽهڪ ڏنائين. اسين سڀ حيران ٿي بابا کي ڏسندا رهيا هئاسون ته ڇو ٿو کلي بابا!! رات جو بابا اوچتو ٻڌايو ته هُو فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو آهي. آءٌ ڏاڍو خوش ٿيو هئس. مون کي فوجي ڏاڍا وڻندا هئا. بندوق ڪلهي تي، مٿي تي لوهي ٽوپ ۽ پيرن ۾ ٺڪ ٺڪ ڪندڙ ڪارو بوٽ. مون ته بابا کي سدائين ڦاٽل ڪپڙن ۾ ڏٺو هو. خوشيءَ منجهان مون بابا کي کڻي ڀاڪر پاتو هو. ڀيڻ مرڪي پئي هئي- هوءَ جڏهن خوش ٿيندي هئي ته بس مرڪي ڏيندي هئي ۽ امان- اها ته بابا کان به وڏا ٽهڪ ڏئي رهي هئي. سڄو پاڙو آيو هو مبارڪون ڏيڻ. اسان ته ڪڏهن ماڻهن وانگيان عيد ملهائي ئي ڪا نه هئي، پر انهيءَ ڏينهن ڄڻ عيد اچي وئي. جيتوڻيڪ انهيءَ رات به اسان ماني ڪانه کاڌي هئي، پر خوشيءَ مان اسين سڄي رات جاڳندا رهيا هئاسون. وچ ۾ بابا ويٺو هو ۽ انهيءَ جي چوڌاري آءٌ، ڀيڻ ۽ امان. ڪيترن ڏينهن کان پوءِ امان، ڀاءُ کي ڪڇ ۾ کنيو ويٺي هئي.

”بابا! هاڻ ته ٽئي ويلا ماني ملندي نه؟“ مون پڇيو هو. بابا کڻي ڀاڪر پاتو هو مون کي.

”اڙي ها منهنجا راجا! هاڻي سمجهه ته وڏو ماڻهو ٿي ويو آهين تون.“

”بابا! تون هت ئي رهندين نه؟“ ڀيڻ پڇيو هو. کن لاءِ بابا چپ ٿي ويو هو.

پوءِ چيو هئائين: ”نه پر هاڻ اوهين بک ڪو نه ڪاٽيندا. هاڻ ڦاٽل ڳوڻ ۾ ڪونه سمهندا. هاڻ اهڙي گهر ۾ ڪونه رهندا.“ بابا اسان کي ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو.

”بابا! آءٌ نوان ڪتاب وٺندس.“ مون چيو هو.

”اڙي! توکي انهيءَ خيراتي اسڪول مان ڪڍائي ڪنهن سٺي اسڪول ۾ ويهاريندس. هاڻ ته پڪ ئي پڪ تون ڊاڪٽر ٿي ويندين.“

”بابا! آءٌ ريشمي ڪپڙا ۽ چوڙيون وٺنديس.“ ڀيڻ چيو هو.

بابا پنهنجي ٻانهن سان ڀيڻ کي ڀاڪر پائيندي چيو هو: ”توکي ته آءٌ ڪنوار ڪندس.“ آءٌ ٽهڪ ڏئي کلي پيو هئس ۽ ڀيڻ کي چيڙائڻ لاءِ چوڻ لڳس: ”ڀيڻ! هاڻ تنهنجي شادي ٿيندي. تنهنجي ڄڃ ايندين- نون ڪنوار ٿينديئن.“ ڀيڻ شرمائجي بابا جي پويان لڪي وئي هئي.

امان ته بس گوڏن تي ڪنڌ لاڙيو اسان سڀني کي ڏسي مرڪندي رهي هئي. نڄاڻ ڇاڇا سوچيندي رهي هئي. سندس ڪڇ ۾ ڀاءُ ستو پيو هو ۽ ننڊ ۾ مرڪي رهيو هو. شايد اسان جي ڳالهين تي.

پوءِ بابا هليو ويو، اسين ٻه ويلا ماني کائڻ لڳاسون. مون اسڪول جا ڪجهه نوان ڪتاب ورتا هئا. ڀيڻ چوڙيون ورتيون هيون. امان هاڻ ڀاءُ کي شيشيءَ ۾ کير وجهي ڏينهن ۾ ٻه ٽي ڀيرا پيارڻ لڳي هئي. بابا کي وئي ڪيترا ڏينهن ٿي ويا هئا. اڱڻ ۾ لڳل انب جو ٻوٽو ڪجهه اڃا به اُڀري آيو هو. پر هاڻ آءٌ يا ڀيڻ گهٽ انهيءَ جي سار سنڀال لهندا هئاسون. امان روز صبح جو اُٿي مون لاءِ نيرن ٺاهيندي هئي. اسڪول مان موٽندو هئس ته ماني تيار رکي هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن کٽ تي ليٽي تارا ڳڻيندو هئس ۽ امان رڙ ڪري چوندي هئي: ”ڇورا! نه ڳڻ تارا- مٿي ۾ سور پوندئي.“

۽ مون تارا به ڳڻڻ ڇڏي ڏنا هئا. هاڻ ته آءٌ گند جي دڙي تان ڀيڻ لاءِ ڀڳل چوڙين جا ٽڪر به نه ڳولهيندو هئس. هاڻ ته ڀيڻ چوڙيون گڏ ڪرڻ لڳي هئي ۽ سندس ٻنهي ٻانهن ۾ ڳاڙهيون سايون چوڙيون پيون جرڪنديون هيون.

هڪ ڏينهن بابا جو پهريون خط آيو هو. لفافي ۾ بند خط کڻي آءٌ اڱڻ ۾ نچڻ لڳو هئس ۽ امان ۽ ڀيڻ منهنجي پويان پويان ٿي ڊوڙيون خط وٺڻ لاءِ. انهيءَ خط ۾ بابا لکيو هو. ”آءٌ اوهان کي ڏاڍو ياد ٿو ڪريان، پر في الحال اچي نه سگهندس. ڏاڍي سخت ٽريننگ آهي.“ موٽ ۾ اسان به بابا کي خط لکيو هو. پوءِ ايئن بابا جا خط ۽ پيسا ايندا رهيا، جنهن ڏينهن پيسا ايندا هئا، اهو ڏينهن عيد جو هوندو هو. امان پيسا گڏ ڪري ڀاءُ لاءِ ننڍڙو پينگهو ورتو هو. هاڻ ڀاءُ انهيءَ پينگهي ۾ سمهندو هو. هاڻ هُو ٿلهو ٿيندو ٿي ويو. ڀيڻ به هاڻ کلڻ ۽ ڳالهائڻ لڳي هئي. گهر به هاڻ صاف سٿرو هوندو هو.

هڪ نما شام جو بابا اچي نڪتو هو. بابا جي پويان پويان پاڙي جي ٻارن جو ميڙ هو. بابا ته سڃاڻپ ۾ ئي نه پي آيو. بدن ۾ ڀريل ڳاڙهو ڳٽول فوجي ورديءَ ۾، مٿي تي لوهي ٽوپ، ڪلهن تي بندوق ۽ پيرن ۾ ٺڪ ٺڪ ڪندڙ ڀاري بوٽ. بابا دروازي تي بيهي مون کي سليوٽ ڪيو هو ۽ منهنجو وات ڦاٽي ويو هو بابا کي ڏسي. امان ته بابا جي ڇاتيءَ تي مٿو رکي سڏڪن ۾ پئجي وئي هئي. بابا گهر جو نئون رنگ ڏسي مرڪي پيو هو: ”ته چئبو ته مزي ۾ آهيو.“ اسان سڀني بابا کي اهي ننڍڙيون شيون به ڏيکاريون، جيڪي اسان بابا کان پرپٺ ورتيون هيون.

بابا هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات هو. سڄو پاڙو آيو هو ساڻس ملڻ لاءِ، انهيءَ ڏينهن بابا جون اکيون ڏاڍيون پئي چمڪيون.

بابا هليو ويو. ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو ته ساڻ ڄڻ عيد کنيو ايندو هو. آءٌ پڇندو هو سانس، ”بابا! تنهنجو ڪم ڪهڙو آهي؟“

”منهنجو ڪم! منهنجو ڪم آهي ملڪ جي حفاظت ڪرڻ.“

”ملڪ جي حفاظت ڪيئن ٿيندي آهي بابا؟“ آءٌ سمجهي نه سگهندو هئس.

”جڏهن به هن ملڪ ۾ جنگ لڳندي، تڏهن آءٌ وڙهندس.“ بابا جا هٿ بندوق جي ناليءَ تي مضبوط پئجي ويندا هئا. مون جنگ جو نانءُ جڏهن کان ياد ٿو پويم، تڏهن کان ٻڌو هئم. جنگ ڇا ٿيندي آهي، اها ته سڌ ئي نه هئم. بابا ٻڌائيندو هو ته ڪيئن جنگ ۾ حملا ٿيندا آهن. ماڻهو مرندا آهن. بم ڪِرندا آهن. بندوقون، گوليون، موت، رت، تباهه ٿيندڙ شهر، ڳوٺ، گهر، بليڪ آئوٽ، آءٌ سڄو سراپجي ويندو هئس. منهنجين اکين ۾ نڄاڻ ڇا اچي ويندو هو جو بابا کڻي ڀاڪر پائيندو هئم. مون کي ياد آهي. چلهه وٽ ويٺل امان جا هٿ ڏڪڻ لڳندا هئا ۽ ڀيڻ اٿي هلي ويندي هئي.

”بابا!“ منهنجو آواز نڙيءَ ۾ گهٽجڻ لڳندو هو.

”جيءُ بابا؟“ بابا جو ڀاڪر هيڪاري تنگ ٿي ويندو هو.

”بابا! تون ته چوندو آهين ته ماڻهو مارڻ گناهه آهي. ها نه. بابا!!؟“ ڀوَ کان آءٌ بابا جي ٻانهن جي گهيري ۾ لڪندو ويندو هئس. بابا چپ ٿي ويندو هو. ڪا به ورندي نه ڏيندو هو.

انهن ئي ڏينهن ۾ مون کي سڄيون سڄيون راتيون ننڊ نه ايندي هئي. آءٌ بستري ۾ پئي پئي سوچيندو هئس، جيڪڏهن جنگ لڳي ته ڇا اسين سڀ مري وينداسون؟ اسان جو گهر، جنهن جي اڱڻ ۾ پوکيل انب جو ٻوٽو گهڻو اُڀري آيو هو، جنهن جي ديوارن تي بابا تازو گلابي رنگ ڪرايو هو، جنهن کي هاڻ امان جيل جي کوليءَ جو نانءُ نه ڏيندي هئي. آءٌ سوچيندو هئس ڇا آءٌ به مري ويندس. ڀيڻ به، جيڪا هاڻ هر وقت پئي ڳالهائيندي هئي ۽ کلندي هئي. ڀاءُ به. جيڪو هاڻ سرڻ لڳو هو. ڳالهه ڳالهه تي پيو ٽهڪ ڏيندو هو. آءٌ چپ چپ رهڻ لڳو هئس.

بابا جڏهن به ايندو هو، منهنجو اندر سراپجي ويندو هو.

رات جو اڱڻ  ۾ پيل کٽ تي بابا جي ڀر ۾ اچي ليٽندو هئس. مٿي آسمان تي تارا پيا جرڪندا هئا. بابا اُتي جون ڳالهيون پيو ٻڌائيندو هو، جتي هاڻ هُو رهندو هو.

آءٌ ڀوَ کان بابا جي ڀاڪرن ۾ گهڙندو ويندو هئس.

”بابا! جنگ ڇو لڳندي آهي؟ ڏس نه بابا- ايئن ته سڀ ماڻهو مري ويندا نه!“

بابا چپ ٿي ويندو هو شايد جواب پيو سوچيندو هو. مون کي خبر هئي ته بابا کي منهنجي ڪنهن به سوال جو جواب نٿو اچي.

”بابا! تون به ماڻهو ماريندين ڇا؟ تون نه مارجئين بابا! ته ته انهيءَ ماڻهوءَ جا ٻار روئندا. ڪونه ماريندين. نه؟“ آءٌ اميدن مان بابا ڏانهن نهاريندو هئس ۽  بابا اکيون پوري ڇڏيندو هو. الاءِ ڇو!!!

”بابا! تون به ماڻهن جي گهرن تي بم ڪيرائيندين ڇا؟“

”بابا! ڇا اسان جن گهرن تي به بم ڪِرندا؟“

”مون کي ڊپ ٿو ٿئي بابا!“

آءٌ بابا جي ڀاڪرن ۾ پيو هوريان هوريان ڏڪندو هئس. بابا نڄاڻ ڇا پيو سوچيندو هو. ڪڇندو ئي ڪونه هو. امان رڙ ڪري چوندي هئي، ”چپ نٿو ڪرين ڇورا! مرڳو هانءُ ئي ڪڍيو رکين.“

آءٌ چپ ته ٿي ويندو هئس، پر منهنجو ڊپ ويندو هو وڌندو.

بابا واپس هليو ويندو هو، پر آءٌ پيو سوچيندو هئس. گهر جي هڪ هڪ شيءِ کي ايئن پيو تڪيندو هئس، ڄڻ ڦرجڻ واريون هجن مون کان. امان، ڀيڻ ۽ ڀاءُ به ڄڻ ڦُرجڻ وارا هجن مون کان.

بابا جا خط پيا ايندا هئا. امان اهي خط ڪاٺ جي هڪ پراڻيءَ پيٽيءَ ۾ سانڍيو پئي رکندي هئي.

هڪ ڀيرو گهڻن گهڻن ڏينهن کان پوءِ بابا آيو. چپ چپ هو، نه ته اڳي ايندو هو ته بابا جون ڳالهيون ۽ ٽهڪ ئي نه کٽندا هئا. مون ڪيترو ڳالهائڻ چاهيو هو، پر بابا ڳالهايو ئي نه. نڄاڻ ڪهڙي ڳالهه تي رٺل هو. آءٌ سوچيندو هئس.

بابا جي وڃڻ ۾ ٻه ڏينهن هئا باقي. هڪ صبح ساجهر بستري ۾ پيو هئس اڃا. بابا چلهه جي اڳيان امان وٽ چانهه جو ڪوپ هٿن ۾ جهليو ويٺو هو. امان ڳالهائي رهي هئي:

”هاڻ وري ڪڏهن ايندين تون؟“ امان پڇيو هو.

”الاءِ“ بابا جهيڻي آواز ۾ ڀڻڪيو هو. ڪي کن ٻئي چپ چاپ ويٺا رهيا. بابا هٿن ۾ ڪوپ جهليو نڄاڻ ڇا سوچيندو رهيو.

”جنت!“ بستري ۾ پئي پئي بابا جو ڀڻڪو ٻڌو هئم.

”جنت! جنگ لڳڻ واري آهي. نڄاڻ وري ڪڏهن اچڻ ٿئي! ٿي سگهي ٿو ته هي پاڻ آخري ڀيرو ملندا هجون.“

امان جي هٿن مان ڪو ٿانءُ ڇڏائجي ويو هو شايد- هوءَ ٽڪ ٻڌي ڏسندي رهي هئي بابا کي. رليءَ مان سِير ڪري مون ڏٺو. امان جي اکين ۾ هوريان هوريان جيڪو پاڻي گڏبو ٿي ويو، سو سندس ڳلن تي لڙي آيو هو.

”روئين ڇو ٿي چري! مرڻ ته هونئن به هر ڪنهن جي مٿان رکيو آهي.“ بابا کلي چيو هو، پر الاءِ ڇو مون کي بابا جي کل ڪا نه وڻي هئي. بابا سدائين ايئن ٿورو ئي ڪو کلندو هو.

”جنت!“

”هون.“

”جي آءٌ موٽي نه آيس ته اوهان کي حڪومت ٿورا گهڻا پيسا پئي ڏيندي ڪاڪي کي به مُڇن جي ساوڪ بيٺي آهي. ڪنهن ڪم تي لڳرائي ڇڏجانس. پڙهڻ نه ڇڏرائجانس. منهنجو پٽ آفيسر ٿيندو.“ هن ڀيري به بابا کليو هو، پر هن ڀيري به مون کي بابا جي کل ڪا نه وڻي هئي. امان ڪا به ته ورندي ڪا نه ڏني هئي. انهيءَ صبح جڏهن آءٌ بستري مان اٿيو هئس ته سڄو پگهر ۾ شل هئس ۽ منهنجو بدن هوريان هوريان ڏڪي رهيو هو.

امان مون کي اسڪول لاءِ اٿاريو هو. الاءِ ڇو آءٌ روئي پيو هئس. سڏڪندي چيو هئم، ”اڄ آءٌ اسڪول ڪو نه ويندس امان!“

الاءِ ڇو امان سدائين وانگر اها ڳالهه ٻڌي دڙڪو نه ڏنو هو مون کي- بس ايترو پڇيو هئائيم ته. ”ڇو اسڪول نه ويندين؟“

”نه- اڄ آءٌ اسڪول ڪو نه ويندس- اڄ آءٌ بابا سان ڳالهيون ڪندس.“

منهنجي ٻانهن تان امان جو هٿ ڍرو پئجي ويو هو.

”اڙي ڇو اڄ اسڪول ڪونه ويندين؟“ پريان کان بابا رڙ ڪئي هئي.

”اڄ آءٌ توسان ڳالهيون ڪندس بابا!“

”ڇو؟!! آءٌ ڀڄيو ٿو وڃان ڇا؟“

”الاءِ“ منهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هو ۽ نڄاڻ ڇو امان به پوتي اکين تي رکي روئڻ لڳي هئي.

انهيءَ ڏينهن آءٌ اسڪول ڪونه ويو هئس. انهيءَ ڏينهن مون کي بابا ڀر ۾ ليٽائي ڪيتريون ئي آکاڻيون ٻڌايون هيون، بهادر ڇوڪرن جون.

نڄاڻ ڪهڙيون آکاڻيون هيون- آءٌ ته بس بابا کي ڏسندو رهيو هئس. ڀاءُ کي به کڻي پيٽ تي ويهاريو هئائين. پوءِ جيترو وقت به بابا هو، مون امان کي سڀني کان لڪي ڪنڊن پاسن ۾ روئيندي ڏٺو هو.

هڪ شام بابا هليو ويو. وڃڻ مهل امان اوڇنگارون ڏئي رني هئي. ڀيڻ به سڏڪي سڏڪي رني هئي. بابا ڀاءُ کي ڪڇ تي کڻي سندس نرڙ چميو هو. مون کي ۽ ڀيڻ کي ڀاڪر پاتو هئائين. امان ڏانهن نهاريو هئائين. ته ڏٺو هئم شايد لڙڪ هئا بابا جي اکين ۾.

ڪيترا ڏينهن لنگهي ويا هئا بابا کي وئي. امان سڄو سڄو ڏينهن پئي ٽپاليءَ جو انتظار ڪندي هئي. ڪو خط ئي نه آيو هو بابا جو. هڪ اونداهين رات جو ننڊ مان اک پٽجي پئي هئم، عجيب قسم جي شور کان. مون کي ايئن لڳو، ڄڻ زمين ڌٻي رهي هجي.

گُگهُو وڄي رهيا هئا.

کٽ تي امان گوڏن ۾ مُنهن لڪائي رني ٿي شايد! امان جي ڀر ۾ ويٺي هئي. گهور اونداهيءَ ۾ هو مون کي ڪنهن پاڇولي وانگر ٿي نظر آيون. آءٌ به کٽ تان لهي امان جي کٽ تي وڃي ويٺو هئس. مون کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ اسان جا بدن هوريان هوريان ڏڪي رهيا هئا.

”امان!“

”امان! هيءُ ڇا پيو ٿئي؟“ آءٌ روئي پيو هئس.

”جنگ لڳي آهي.“ امان جو آواز به ڏڪي رهيو هو. آءٌ سڄو سراپجي ويو هئس ڀوَ کان.

”هاڻ ڇا ٿيندو امان!“ هن ڀيري ڀيڻ سڏڪي هئي.

”امان! هاڻ پاڻ مري وينداسون؟ پنهنجو گهر به ڊهي پوندو؟ بابا هاڻ ڪڏهن به نه ايندو ڇا؟ تون ڳالهائين ڇو نٿي امان؟.!“ موٽ ۾ امان پنهنجو هٿ کڻي منهنجي وات تي رکيو هو.

رکي رکي ٿي ٺڪاءُ ٿيا.

سڄي رات اسان ايئن کٽ تي ويهي گذاري هئي.

ايئن لنگهڻ لڳا هئا ڏينهن هوريان هوريان

بابا جو خط ئي نه پئي آيو.

ڀيڻ سڄو سڄو ڏينهن انب جي انهيءَ اڀرندڙ ٻوٽي کي ڏسيو نڄاڻ ڇا پئي سوچيندي هئي! ڪنهن ڪنهن مهل ڪٻٽ ۾ رکي کوکي مان چوڙيون ڪڍي پئي ٻانهن ۾ لاهيندي چاڙهيندي هئي. امان نڄاڻ ڇو ٽڪ ٻڌي گهر جي هر شيءِ کي پئي ڏسندي هئي. ڀاءُ کي ته ڪل ئي نه هئي ڪنهن ڳالهه جي.

سج لهندو هو ته اونداهي ڦهلجي ويندي هئي. آءٌ بتي ٻارڻ چاهيندو هئس پر امان ٻارڻ نه ڏيندي هئي ۽ مون کي اونداهيءَ ۾ ڊپ ٿيندو هو. کٽ تان هيٺ لهندو ئي نه هئس. گهر جي پويان جيڪو ميدان هو، اتي خندقون کوٽجي ويون هيون. گُگهو وڄندو هو ته پاڙي جا ڪيترا ماڻهو انهن ۾ وڃي لڪندا هئا. اسان جي گهرن مٿان جهاز زوزاٽ ڪندا لنگهندا هئا. منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳندي هئي. سوچيندو هئس، اجهو هي جهاز بم ڪيرائيندو ۽ اسين سڀ مري وينداسون. بابا جي ڪا خبر ڪانه هئي. آءٌ سوچيندو هئس بابا کي ڪيڏو نه گناهه ٿيندو، جو هُو ماڻهو ماريندو هوندو. ماڻهو، ماڻهوءَ کي ڇو ماريندو آهي!؟ مون کي سمجهه ۾ ڪونه ايندو هو. سوچيندو هئس آخر اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو ٻي ملڪ وارا اسان کي مارڻ ٿا چاهين. آءٌ ته ٻي ملڪ وارن کي سڃاڻندو به ڪونه هئس. مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو هوندو! گهٽ ۾ گهٽ منهنجي گهر مٿان ته نه بم ڪيرائينِ. مون کي ته نه مارينِ، پر شايد بابا ڪو ڏوهه ڪيو هوندو! ڪنهن جو پيءُ پڪ ماريو هوندو. پڪ ڪنهن جي گهر مٿان بم ڪيرايو هوندو، تڏهن ته هُو زوزاٽ ڪندا لنگهندا هئا اسان جي گهر جي مٿان کان.

هڪ صبح سرڪاري تار آئي هئي اسان جي گهر، انگريزي ۾ هئي. ٽپاليءَ امان کي پڙهي ٻڌائي هئي. بابا جنگ ۾ وڙهندي مارجي ويو هو. مون کي ياد آهي. امان گهٽيءَ ۾ بيهي پار ڪڍي رهي هئي. مٿي ۾ ڌوڙ ڀري ڇڏي هئائين. ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪيا هئائين. پاڙو سڄو اچي مٿانس گڏ ٿيو هو. آءٌ چپ چاپ در تي بيٺو رهيس. ڪيتريون ئي ڳالهيون سوچيندو رهيو هئس. انهيءَ پل گُگهو وڳو هو. امان جي چوڌاري گڏ ٿيل ماڻهو ڊوڙي وڃي خندقن ۾ لڪا هئا. گهٽيءَ ۾ امان اڪيلي رهجي وئي هئي ۽ مٿان جنگي جهاز زوزاٽ ڪندا لنگهيا هئا. امان ڪنڌ کڻي انهن کي ڏسندي رهي هئي. سڪل ٺوٺ اکين سان چوڻ لڳي، ’آه- ڪهڙو ظلم ڪيو اٿوَ مون تي، منهنجا هيڏڙا پسون يتيم ڪري ڇڏيوَ!- اڙي! مون کي نڌڻڪو ڪري ڇڏيوَ ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو مون اوهان جو؟؟‘ جهاز بنا ڪا وراڻي ڏيڻ جي لنگهي ويا هئا.

انهيءَ شام ڀيڻ اڱڻ ۾ ويهي پٿر سان ٻانهن ۾ پيل ڳاڙهيون سايون چوڙيون ڀڃي ڀور ڪيون هيون. امان سڄو ڏينهن پار ڪڍي رُني هئي. سندس چوڌاري پاڙي جي عورتن جا ميڙا هئا.

پر امان ته ڄڻ پاڳل ٿي پئي هئي. ڀيڻ جي اکين ۾ لڙڪ ئي نه هئا. هوءَ ته بس چپ چاپ اکيون ڦاڙي سڀني کي ڏسندي رهي هئي. مون کي بابا ٻڌايو هو ته جنگ ۾ مرڻ وارا شهيد ٿيندا آهن ۽ شهيد مرندا ناهن، جيئرا هوندا آهن. بس ٻين کي نظر نه ايندا آهن.

انهيءَ رات، جڏهن امان پٽ ۾ پئي شوڪارا ڀريندي رهي هئي. ڪوٺيءَ ۾ ڪنهن ڪنهن مهل ڀيڻ جو سڏڪو ٿي ٻڌڻ ۾ آيو ۽ آءٌ سڄي رات جاڳي بابا جو، اکيون پٽي انتظار ڪندو رهيو هئس. بابا شايد سچ پچ مري ويو هو، تڏهن ته نه آيو هو. مري نه ها ته ضرور اچي ها امان کي ايئن روئندو ڏسي.

بابا نه آيو-

ٻي ڏينهن به نه آيو-

امان کي شايد پڪ هئي ته بابا ڪونه ايندو. تڏهن ته هوءَ روز صبح جو ايئن پار ڪڍي روئندي هئي ڄڻ بابا اڄ مئو هجي.

مون کي ياد آهي بليڪ آئوٽ جي اُها اونداهين رات- ڪجهه به نه رڌو هو اسان جي گهر. امان گذريل ڪيترين راتين جيان پٽ ۾ پئي هئي. سندس شوڪارا ۽ سڏڪا اونداهيءَ ڪوٺيءَ ۾ پئي گونجيا. ڀيڻ کٽ تي اونڌو ڪنڌ ڪيو پئي هئي. سندس چوڙين کان ٻُٽي ٻانهن کٽ کان هيٺ لٽڪي رهي هئي، ڀاءُ پينگهي ۾ پيو هو.

آءٌ اونداهيءَ ۾ اکيون ڦاڙيو ويٺو هئس. شايد بابا مئو نه هجي ۽ ڪنهن مهل اچي نڪري. ننڊ منهنجي اکين ۾ مرچ ڀري ڇڏيا هئا ڄڻ، پر اکيون نه پوريون هئم تڏهن به.

انهيءَ لمحي گُگهو وڳو هو گهٽيءَ ۾ ماڻهن جي ڊوڙڻ جا آواز اچڻ لڳا هئا. شايد خندقن ۾ لڪڻ ٿي ويا. نڄاڻ ڇو منهنجي دل چئي رهي هئي ته اسين به خندقن ۾ وڃي لڪون. امان کي چيو هئم: ”مون کي ڊپ ٿو ٿئي امان! هل پاڻ به هلي خندقن ۾ ليٽون- هل نه امان!“ موٽ ۾ امان هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه ڀريو هو. ڄڻ سڏڪندي هجي. چوڻ لڳي، ”هاڻ ڪهڙا ڊپ- جنهن ساڻ جيئڻ هئا سوئي ويو هليو.“

ماٺ ڇانئجي ويئي هئي چوڌاري ۽ انهيءَ ماٺ ۾ جنگي جهاز زوزاٽ ڪندا لنگهيا هئا اسان جي گهرن جي مٿان کان.

ياد اٿم مون کٽ تان لڙڪندڙ ڀيڻ جي ٻي ٻانهن پڪڙي ورتي هئم. انهيءَ لمحي جڏهن ايڏو زبردست ٺڪاءُ ٿيو هو. ڄڻ زمين ڦاٽي پئي هجي ۽ هر شيءِ منهنجي مٿان اچي ڪِري هجي. مون رڙيون ڪري پڪارڻ چاهيو هو سڀني کي، نڄاڻ ڇا ٿيو جو ڪنهن به ورندي نه ڏني هئي مون کي.

نڄاڻ ڪنهن مهل اکيون پٽيون هئم. ڄڻ قبر ۾ پيو هئس. سوچيو هو مري ويو آهيان شايد- مون کي روئڻ اچي ويو هو. سوچيم هئم ڇو مئو آهيان آءٌ - مون کي ته اڃا جيئڻو هو نه- وڏو آفيسر بڻجڻو هو- وڏو ٿي مون کي ته اڃا سڄي دنيا مان جنگ بند ڪرائڻي هئي. ڇا ڇا نه ڪرڻو هو مون کي- پر مون ايئن محسوس ڪيو هو ڄڻ آءٌ مري ويو آهيان- ڀيڻ به شايد انهيءَ قبر ۾ هئي- جو سندس ٻانهن اڃا تائين منهنجي هٿ ۾ هئي.

”ڀيڻ!“ مون قبر جي اونداهيءَ ۾ ڀيڻ کي سڏ ڪرڻ چاهيو- ڀيڻ ڳالهايو ئي نه- شايد هوءَ به سوچيندي هوندي ته آءٌ ڇو مري وئي آهيان؟!

نڄاڻ ڪهڙي مهل هئي- جو قبر جي ٻاهران مشينن جو آواز ۽ ماڻهن جو آواز اچڻ لڳو. الائي ڪيتريون قبرون هيون منهنجي قبر جي پاسي ۾- مشينن جو آواز ڇا جو هو؟ ڇا قبرن اندر به جنگ لڳندي آهي؟؟ ڀوَ کان اکيون پوري ڇڏيون هئم.

منهنجي مٿان قبر جي مٽي هٽڻ لڳي هئي. ماڻهن جا ۽ مشينن جا آواز ويا ٿي اوچا ۽ ويجها ٿيندا. مون کي ڏسي ڪنهن رڙ ڪئي هئي، ”اڙي! هي ته جيئرو آهي.“ مون کي ڇڪي قبر مان ڪڍيو ويو- ڀيڻ جي ٻانهن منهنجي هٿ مان ڇڏائجي وئي. ۽ آءٌ جيئرو هئس. ڀيڻ اندر قبر ۾ رهجي وئي هئي.

”اندر- منهنجي ڀيڻ به آهي.“ ڀر ۾ بيٺل فوجيءَ کي رڙ ڪري چيو هئم- هو قبرون کوٽڻ لڳا- پر اُهي قبرون ته نه هيون- گهر هُو منهنجو- مٽيءَ جو دڙو ڪجهه دير کان پوءِ هنن ڀيڻ کي ڇڪي ڪڍيو هو. پٽ تي پئي هئي مون نهاريو اُها ڀيڻ نه هئي.

ڀيڻ جي ٻانهن هئي- ڪپيل- ۽ ٻُسي.

ڀاءُ جو صرف پينگهو نڪتو هو- ڀڳل- ڀور ڀور ٿيل ڪاٺيون.

۽ امان- سا ته نڄاڻ ڪيڏانهن گم ٿي وئي هئي. بس سندس پوتي پئي هئي دڙي اندر- اڇي ڦاٽل پوتي.

(”ڪيڏارو“، تان ورتل(

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org