پروفيسر رستم خاصخيلي
پشو پتي مُهر جي ڀاڃ ۽ راڳ
(Decipherment of “Pashupati” Seal & Melody)
آرڪيالاجي ماهر- اِي.جي.ايڇ. ميڪائي
(E.J.H Meckay)
29-1928ع ۾ موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ دوران، دڙي جي
ڏکڻ واري حصي مان 3.9 ميٽرن جي اونهائي تي، هڪ مهر
ڳولي لڌي، جنهن جي ماپ 3.56 ۽ 3.53 چورس سينٽي
ميٽر صورت ۾ هئي. ان مُهر جي باري ۾ آرڪيالاجي
ماهرن جي راءِ آهي ته: اها مُهر
2350-2000BC
جي قديم دور جي آهي. 38-1937ع ۾ سر جان مارشل ان
مُهر کي ”پشو پتي“ نالو ۽ سيريل نمبر 420 ڏنو.“
سر جان مارشل ابتدائي طور انهيءَ مُهر جي ڀاڃ ڪندي
ٻڌايو ته: مهر تي انساني تصوير ’شِو‘ ديوتا
(Shiva)
جي آهي. اُن لاءِ هن چار دليل ڏنا آهن:
1-
مُهر تي ڏنل تصوير کي ٽي منهن آهن ۽ ديو شِوا کي
به ٽي منهن هوندا هئا.
2-
تصوير کي مٿي تي ڏاند جي سڱن جو تاج آهي. ان جو
لاڳاپو’شِو‘ ديوتا سان ڳنڍيل آهي.
3-
تصوير ۾ ويٺل ماڻهو يوگا جي روپ ۾ آهي ۽ ديوتا
’شِو‘ مها يوگي هو.
4-
تصوير جي چوڌاري جانور ويٺل آهن ۽ ’شِوا ديوتا‘
جانورن جو بادشاهه يا ’پشو پتي‘ هو.
پر ڪيترن ئي آرڪيالاجي ماهرن سر جان مارشل جي ان
ڀاڃ کي مڃيو ناهي ۽ ڏنل دليلن سان اختلاف پڻ رکيو
آهي.
آرڪيالاجسٽ
Dirissrimivason
چوي ٿو، تصوير کي ٽي منهن ناهن ۽ نڪي يوگا جي روپ
۾ ويٺل آهي ۽ ويدڪ
(Vedic)
ادب ۾ رودا
(Ruda)
جهنگلي جانورن جي حفاظت ڪندڙ نه هو.
هربرٽ سليوان
(Herbert Sullivan)
سر جان مارشل جي ڏنل دليلن کي رد ڪندي چوي ٿو ته:
مهر تي ڏنل تصوير مرد جي پر، تصوير عورت جي آهي.
Yogi Baba Prens
ڪيترن ماهرن جو حوالو ڏيندي چيو
آهي ته: مهر واري لکت ۽ سنسڪرت جو پاڻ ۾ گهرو
ڳانڍاپو آهي، ان ڪري، سر جان مارشل جي ڏنل دليلن
تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي. يوگي بابا جي ڏنل تنقيدي
راءِ جي حمايت جي-آر-هنٽر
(J.R Hunter)
۽ سڀاش ڪاڪ
(Sabhashkak)
به ڪئي آهي. پنهنجي راءِ ڏيندي هو چون ٿا ته: مهر
جي ڀاڃ، هندومت جي تعليم واري حساب سان ڪيل آهي،
جيڪا لکت واري دائري ۾ نٿي اچي.
ڊيوڊفرالي
(David Frawlay)
پنهنجي ڪتاب
'Shiva'
۾ لکي ٿو ته:
”پشو پتي صرف جانورن جو اڳواڻ نه هو,
پر هو انسان ذات جو اڳواڻ پڻ هو، جيڪي اڃا تائين
آزادي حاصل ڪري سگهيا ناهن.“
راجا رام
(Raja
Ram)
آرڪيالاجي جو وڏو ماهر آهي. هن به پشو پتي مهر جي
ڀاڃ هيٺ ڏنل طريقي سان ڪري، اِي. ميل ذريعي مائيڪل
ويٽزل ڏانهن موڪلي ڏني.
Ishadyattamara
Mara tamed by isha OR Iiza–udyatto–Merau
The lord with his up (residing) on Mt Meru
مائيڪل ويٽزل اِن ڀاڃ جي باري ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي
لکي ٿو ته:
”راجا رام ايڏو وڏو آرڪيالاجيءَ جو ماهر ٿي اهڙي
ڪمزور ڀاڃ ڏني آهي. مون کي ان ۾ اهڙي اميد ڪانه
هئي.
عطا محمد ڀنڀري صاحب پنهنجي ڪتاب ”انڊس اسڪرپٽ“ جي
صفحي نمبر 663 ۽ 493، مهر نمبر 100101-4023 جي ڀاڃ
هن ريت ڪئي آهي ته:
”مٿي ڄاڻايل ماهرن کان سواءِ آرڪيالاجي جي ٻين
ماهرن به ان مهر جي لکت کي ڀاڃ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي. اُن ڪوشش ۾ مون به پنهنجو حصو ملايو آهي.
ڪيتري قدر صحيح يا غلط آهي؟ ان جو فيصلو پڙهندڙن
تي آهي. براهمي اسڪرپٽ جي مدد سان مهر جي ڀاڃ ڪئي
آهي. ان ڀاڃ ۾ ڪوبه سائنسي طريقو شامل ناهي. صرف
ٻوليءَ
جي لکت وارا اصول ڪم آڻيندي، مهر جي ڀاڃ ڪئي وئي
آهي. مهر تي ڏنل سنڌو لکت جا لفظ رومن انگريزي ۽
براهمي ۾ ترجمو ڪيا آهن.
attamohdbhanbharo
پشو پتي مهر جي ڀاڃ
1- سُريلو راڳ
(Rasa raga):
راڳ آوازي ترتيب ڏنل نظام آهي. اُن آوازي نظام ۾
آلاپ
(Alaap)
۽ گائڪي راڳ جا اهم حصا آهن. آلاپ هلڪي آواز سان
شروع ۾ ڪڍيو ويندو آهي ۽ گائڪي ۾ سُر ۽ ترنم جو
وڌيڪ خيال رکيو ويندو آهي. ڪڏهن مٿي وارو سُر ته
ڪڏهن هيٺ وارو سُر. ڳائڻو پنهنجي حساب سان راڳ ۾
ميٺاJ
۽ ذائقو پيدا ڪندو آهي. گائڪي$
جي ان روپ کي راسا
(Rasa)
چون ٿا.
سنڌو ماٿريءَ ۾ ڳائڻ وڄائڻ جو سلسلو ايترو قديم
آهي، جيتري انساني تاريخ قديم آهي. موهن جي دڙي
واري قديم لکت مان معلوم ٿيو آهي، ته اُتان جا
رهندڙ ماڻهو گائڪي$
جي بنيادي سُرن کان واقف هئا ۽ اُهي ساڳيا سُرَ هن
وقت به سنڌوماٿريءَ جي مختلف علائقن ۾ ڳايا وڃن
ٿا. جهڙي ريت:
1-
راڳ آسا
2-
راڳ سنڌو ڀيروي
3-
راڳ پارس
4-
راڳ گؤري
5-
راڳ ملهار
6-
راڳ مارواڙي
ان کان علاوه سنڌو لکت مان اها به ڄاڻ ملي آهي ته
اُن دؤر جا ماڻهو ناچ جي ڄاڻ به رکندا هئا ۽ مختلف
قسمن جا ناچ به ڪندا هئا. جهڙي ريت پچتا ناچ
(Pachata
dance)
۽ پجگا ناچ
(Pajaga
Dance)
آهن.
ملر ۽ وليم
(Miller and William)
چون ٿا راڳ، ڏک يا خوشي جو اظهار آهي، جيڪو ٻڌندڙ
تي غم يا خوشيءَ جو اثر وجهي ٿو.
2- مرما
(Marama):
’مرما‘ لفظ جي باري ۾ جيڪا ڄاڻ ملي آهي، ان مطابق
’مرما‘ لفظ، عورت ۽ مرد جي نالن لاءِ ڪم ايندڙ
آهي.
ٽي- مرما
(Te- Marama)
جي لاءِ وِڪي پيڊيا لکي ٿي ته:
”ٽي- مرما هڪ عورت آهي، جنهن جو تعلق مائوري عورتن
سان آهي. هيءَ مائوري عورتن مان اهم عورت هئي،
جنهن ويٽانگي
(Waitangi)
معاهدو صحي ڪيو هو. مائوري قوم گهڻو ڪري نيوزي
لينڊ ۾ رهندڙ آهي. وڌيڪ ڄاڻ لاءِ پڙهو ”مرما“
وزارت ثقافت ۽ ورثو، 2- مئي 2016ع جي عنوان سان
ڇپيل ڪتاب.
ڪُڪ- آءِ لينڊ ميٿالاجي ۾ ”مرما“ هڪ مرد ديوتا
آهي، جيڪو حِنا ديويءَ سان پيار ڪندو هو. حِنا
ديوي روشنيءَ جي ديوي هئي. حِنا ديوي ”مرما“ سان
شادي ڪئي. هوءَ ڏينهن جو آسمان ۾ رهندي هئي ۽ رات
جو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي مڙس سان ملڻ ايندي هئي.
حوالو: ”مائوري مذهب ۽ ميٿالاجي (حصو ٻيو)“ گوگل
وِڪي پيڊيا.
مرما لفظ جو ذڪر ٽو- ٽي- رنگي- مرما
(Tu- Te- Rangi–Marama)
جي صورت ۾ ”مائوري قوم جو بنيادي گهر“ جي نالي سان
هڪ ڪتاب ۾ پڻ ملي ٿو. اَتيا- ٽي- ورنگا- نوئي
(Atia- Te- Varinga- nui)
جي سرزمين تي
450- BC
کان ٽو- ٽي- رنگي مرما حڪومت ڪندو هو، جنهن ٻارهن
منزلن وارو مندر به ٺهرايو هو. جنهن جو نالو ڪُرو
ٽاٽيني رکيو هو. جتي ديوتا ۽ عام ماڻهو گڏجاڻي
ڪندا هئا. ٽو- ٽي- رنگي مرما جي حڪومت 15 خاندانن
تائين جاري رهي ۽ 375 سالن جي ڊگهي عرصي کان پوءِ
ختم ٿي. آتيا لفظ انڊيا لاءِ ڪم ايندڙ آهي ۽
مائوري قوم بنيادي طور تي هوائڪي جي رهاڪو هئي.
’مرما‘ کي روشنيءَ جو پٽ به چيو وڃي ٿو جيڪو گهري
سمنڊ ۾ سفر ڪندڙ ماڻهن کي روشني ڏيندو هو ۽ انهن
جي سنڀال به ڪندو هو. مائوري قوم مرما جي آجيان،
گيتن سان ڪندي هئي ڇو
ته مائوري قوم تمام گهڻا سامونڊي
سفر ڪيا هئا، انهن جي شاعريءَ ۾ مرما جو ذڪر به
موجود آهي.
If, O my son! the warriors of Pu-te-uru
And Sons of Maru and Tu-te-ngana-hau
Perform their sacred ceremonies o'er their
weapons
On the ocean-shore at Rurutu
Where man to man in open combat fought
The battles Mou-rangi-wheke and Uru-rangi-papa
Where e'en that inland chief Te-horihori fell
Then shall the din of war re-echo o'er the land
And rending earth shall sound thy power and fame
But if they ask thee from above, make answer
thus:
“I of Te-ngako am, and Marama-te-ihonga,
And Tutaki-ao.” Then rest in conscious
power.
Then say, “I am of lordly line, and god's
offspring,
And am of highest branch of noblest tree
That stands, and seen from far, at
Tawhiti-nui.”
[tHE ANCIENT HISTORY OF THE MAORI, HIS MYTHOLOGY
AND TRADITIONS: by TAI-NUI. [VOL. IV]
انهن بيتن ۾ مارو
(Maru) جو ذڪر پڻ آهي.
’مارو‘ ميٿالاجي ۾ مارو کي مائوري جنگي ديوتا سڏيو
وڃي ٿو، جيڪو ڏکڻ نيوزي لينڊ ۾ مشهور آهي. مارو
دنگيهور جو پٽ ۽ مائوئي (Maui)
جو پوٽو هو.
[R.D Graig Dictionary of Polynesian Press New
Yark 1989.]
3- اروڙا
(Arora)
اروڙا قوم بنيادي طور تي اروڙ شهر جي رهاڪو هئي.
اروڙ شهر سنڌو درياء جي ڀرسان، سنڌ ۾ روهڙي ۽ سکر
شهرن جي ويجهو موجود هو. قدرتي آفتن ۽ جنگين جي
ڪري اهو شهر برباد ۽ ويران ٿي ويو. پر، اڃا به
اُتي ڪي تاريخي قديمي آثار موجود آهن. اِن ڪري
اروڙا قوم پنهنجو اصلي ماڳ ڇڏي، محفوظ جڳهن ڏانهن
لڏ پلاڻ ڪري وئي. برصغير جي ورهاست کان پوءِ ڪيترا
ئي اروڙا 1947ع ۾ روهڙي، سکر ۽ ملتان کان هجرت ڪري
لاهور هليا ويا ۽ لاهور کان پوءِ امرتسر ’انڊيا‘ ۾
وڃي آباد ٿيا. هن وقت اُهي پاڻ کي پنجابي اروڙا
سڏائن ٿا.
اروڙ شهر کي الور يا ارهڙ ڪوٽ به سڏيو وڃي ٿو.
اروڙ شهر ڪيترين ئي صدين تائين سنڌ جو گادي وارو
هنڌ به رهيو هو.
450- BC
کان روڙ
(Ror)
خاندان جي حڪمراني شروع ٿي. انهن جي حڪمرانيءَ ۾
اروڙ گادي وارو هنڌ رهيو ۽ سندن حڪمراني وڏي پکيڙ
تي هئي، جنهن ۾ موجوده سنڌ جو سمورو علائقو ۽ اُتر
اولهه انڊيا جا علائقا به شامل هئا. ڌاڄ روڙ ڪمار
ان علائقي تي حڪمراني ڪندو هو. روهڙي، سکر ۽ اروڙ
شهر ڌاڄ روڙ ڪمار جا اڏايل هئا. ڌاڄ روڙ ڪمار کي
راءِ ڏياچ
(RaiDiyach)
به سڏيندا هئا.
450- BC
کان
489-AD
تائين روڙ خاندان جي حڪمراني رهي. ان سموري دؤر ۾
41 حڪمران هڪٻئي پٺيان ايندا ۽ ويندا رهيا. اها
حڪمراني ڌاڄ روڙ ڪمار کان شروع ٿي داد روڙ ڪمار تي
ختم ٿِي.
وِڪي پيڊيا لکي ٿي ته: ”راءِ خاندان جو دؤر
524-AD کان شروع ٿي
644-AD ۾ ختم
ٿيو. برصغير ۾ اهو حڪمرانيءَ جو سونهري دؤر مڃيو
وڃي ٿو. راءِ خاندان جي حڪومت 600000 چورس ميلن جي
پکيڙ تي هئي. انڊيا جا اُتر اولهه وارا علائقا،
اوڀر ۾ ڪشمير، اولهه ۾ مڪران ۽ ديبل بندر، ڏکڻ ۾
سورات بندر ۽ اُتر ۾ قنڌار شامل هئا. راءِ خاندان
143 سالن تائين حڪمراني ڪئي. راءِ گهراڻي جو آخري
حڪمران راءِ سهاسي هو.
راءِ سهاسي بيماريءَ جي وقت پنهنجي وزير کي حڪومت
جو
وهنوار سنڀالڻ لاءِ چيو ۽ سندس وزير وري چچ کي
انتظامي ڪم سنڀالڻ لاءِ چيو. چچ، راڻي سُهاندي سان
پيار جو ناتو ڳنڍي راءِ سهاسي کي قتل ڪري ڇڏيو ۽
راڻي سُهاندي سان شادي ڪري ڇڏي. اهڙي ريت
632- AD کان چچ جي
حڪومت قائم ٿي. چَچُ، برهمڻ خاندان جو پهريون
حڪمران هو ۽ راجا ڏاهر برهمڻ خاندان جو آخري
حڪمران هو، جنهن 679 کان 712ع تائين ملڪ جون واڳون
سنڀاليون ۽ مسلمان حڪمران محمد بن قاسم سان وڙهندي
شهيد ٿي ويو. ان دوران به اروڙ سنڌوماٿريءَ جو
گادي وارو هنڌ رهيو.
ANCIENT CITY
OF ARROR
SINDH PAKISTAN
Handbook of the
Punjab, Western Rajputana, Kashmir, and Upper
Sindh. John
Murray.
1883. p. 293. Retrieved ]
["Where
the city of Aror once stood in glory".
Dawn.
Retrieved 19
December 2017
[Alor or Aror of the Muslims is really Al Ror
which is the same as Roruka or Roruva, the name
of the ancient Sauvira capital", Page 45,
History of the Punjab, Volume 1 by Fauja Singh,
Published by the Department of Punjab Historical
Studies, Punjabi University, 1977
ان کان سواءِ
'Aurora'
لفظ روشنيءَ جي لاءِ ڪم ايندڙ به آهي.
'Aurora'
لفظ جي معنيٰ وڪي پيڊيا ۾ هن ريت ظاهر ڪيل آهي:
'Aurora'
لفظ لاطيني زبان جي لفظ
“Dawn”
مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ صبح جي روشني آهي.
اروڙا جو تعلق پولر لائيٽ، اُتراهين روشني يا
ڏاکڻي روشني سان آهي. ’اروڙا‘ تي الياس لوميس
(Elias Loomis)
1860ع ۾، هرمن فريتز
(Herman Fritaz)
1881ع ۾، ۽ ايس.ٽرو هولٽ 1882ع ۾ تحقيقات ڪري چيو
ته: ’اروڙا‘ گهڻو ڪري ’اروڙا زون‘ ۾ ظاهر ٿئي ٿو.
يونان جي ماهر
'Semenca'
پنهنجي ڪتاب
'Naturales Questions'
۾ لکيو آهي ته ’اروڙا‘ ڪڪرن جي هيٺان يا مٿان
هوندو آهي. ’اروڙا‘ پورٽ سٽي
'Ostia'
جي مٿان آهي. اُن جي روشني ايتري ڳاڙهي ۽ تيز آهي
جو اتي آرمي باهه جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مقرر
ڪئي وئي آهي.
’اروڙا‘ زميني آسمان ۾ روشني پيدا ڪندڙ آهي، جنهن
تي ڪيترن ئي سائنسدانن تحقيقاتون ڪيون آهن، انهن
سائنسدانن جي لکيل ڪتابن مان ٻن جا حوالا هيٺ ڏجن
ٿا:
[“Aurora Borealis” depep org Retrieved 16 August
2015
[Dryant A.D Evidance for Velocity Dispersion is
Auroral electrons]
- پجاگا
(Pajaga):
پجاگا روايتي ڪلاسيڪل ناچ جو هڪڙو قسم آهي، جيڪو
گهڻو ڪري ڪنهن خاص گڏجاڻيءَ يا ڪنهن اهم شخصيت جي
آجيان دوران ڪيو ويندو آهي. ان ناچ ۾ ثقافتي ۽
تهذيبي رنگ ڀريل هوندا آهن.
برصغير ۾ ناچ ۽ گانو ڪيترن ئي نمونن ۾ ادا ڪيو
ويندو آهي. انڊيا ۾ ناچ گاني جي قديم تاريخ آهي.
ڪجهه ليکڪن جو چوڻ آهي ته پاڻڻي
(Panini) سنسڪرت جو
گرامر 500-BC ۾
لکيو هو، اُن گرامر ۾ ناچ جو ذڪر نتاسوترا
(Nata sutra) ۾ ڄاڻايل
آهي. براهما ناچ تي نتيا وِدا (Natya Veda)
جي نالي سان 200-CE–200-BC
۾ ڪتاب لکيو هو، جنهن لاءِ هن لفظ رِگودا (Rigveda)
مان ورتا هئا. ’ميلودي‘ لفظ ’سمودا‘ مان... ’ممي‘
لفظ ’ياجوودا‘ مان... ۽ اِموشن لفظ اٿروا ودامان
ورتا هئا. ان ڪتاب جي 36 بابن ۾ 6000 اصول ناچ جي
باري ۾ ڏنل آهن.
Williams 2004,
pp. 83-84,
the other major classical Indian dances
James G. Lochtefeld (2002). The
Illustrated Encyclopedia of Hinduism: N-Z.
The Rosen Publishing Group. p. 467. ISBN 978-0-8239-3180-4., Quote: "the
Natyashastra remains the ultimate authority for
any dance form that claims to be 'classical'
dance, rather than 'folk' dance"
5- اَئو
(AO):
اَئو جي باري ۾ وِڪي پيڊيا لکي ٿي ته:
”جاپاني زبان ۾ ’اَئو‘ لفظ رنگ جي لاءِ ڪم اچي ٿو.
جهڙي ريت ٽريفڪ جي سنگلن جو رنگ سائو هوندو آهي،
جنهن کي جاپاني زبان ۾ ”اَئو شنگو“ چون ٿا.
’اَئو‘ لفظ ٻوليءَ لاءِ به ڪم ايندڙ آهي. تبتاني
ماڻهو ’اَئو‘ ٻولي ڳالهائن ٿا جيڪي انڊيا جي اُتر
اوڀر واري علائقي ۾ رهن ٿا. ’اَئو‘ اهم ناگا قبيلو
آهي جيڪو ناگا لينڊ ۾ رهي ٿو. اُهو پهريون قبيلو
هو، جنهن عيسائي مذهب اختيار ڪيو هو.
مائوري ميٿالاجي ۾ ’اَئو‘ هڪ ديوتا آهي، جيڪو ڪنهن
مان ڄائو ناهي. ’اَئو‘ روشنيءَ جي علامت آهي، جيڪو
اونداهي جي خلاف آهي. هي اونداهي جي زور کي گهٽائي
ٿو.
[E.R. Tregear, Maori-Polynesian
Comparative Dictionary (Lyon
and
Blair:
Lambton Quay), 18914.]
1- = rasa raga thatha
'Thatha'
هڪ ڪپڙي جو ٽڪر آهي جيڪو سِک پنهنجي ڏاڙهيءَ کي
سنواري خوشبوءِ لڳائي مٿان ڪپڙو ٻڌي ڇڏيندا آهن.
'Thatha'
گائڪي ۾ هڪ سُرَ جو نالو پڻ آهي
.
[Wikipedia, the free encyclopedia]
2-
= rasa raga maa
'Raga Ma'
ماروا راڳ آهي جيڪو سنڌوماٿريءَ ۾ ڀيروي(Bhairve)
سُر ۾ ڳايو وڃي ٿو، ان کي ڪلاسيڪل ڀيروي راڳ به
سڏجي ٿو.
.
https://en.wikipedia.org/wiki/Marva_(raga)
3- = rasa raga paa
کي سنڌي ڀيروي راڳ چئجي ٿو. جيڪو سنڌوماٿريءَ ۾
ڪلاسيڪل راڳ جي صورت ۾ ڳايو وڃي ٿو.
'Raga paa'
[https://en.wikipedia.org/wiki/Bhairavi_(Hindustani)]
4- = rasa raga aava
'Raga Ava'
ڪلاسيڪل راڳ آهي، جنهن کي راڳ رِواتِي
(Revati)
چيو وڃي ٿو، جيڪو سنڌوماٿريءَ جي ڏکڻ واري علائقي
۾ گھڻو ڳائجي ٿو
[
www.ancestry.com/1940-census/usa/Missouri/Ava-Raga-Wheeler]
5- =radha rasa raga dhara
'Radha'
هندو مذهب جي ديوي
(goddess)
جو نالو آهي، جيڪا ڪرشنا ديوَ
(god)
سان پيار ڪندي هئي. راڌا ديويءَ جي پوڄا بنگال،
آسام، مني پور ۽ اوڙيسا ۾ ڪئي وڃي ٿي. سنسڪرت ۾
’راڌا‘ جو مطلب ڪاميابي آهي.
'Rasa'
جي معنيٰ رَسُ(Juice)
ذائقو
(Taste)آهي.
انڊيا ۾ ڳائڻ وڄائڻ سان جيڪو جوش جذبو ۽ رس پيدا
ٿئي ٿو، ان کي به
'Rasa'
سڏيو وڃي ٿو.
'Rasa'
لفظ جو ذڪر
'Rigveda'
۾ پاڻياٺ يا ذائقي دار شيءِ کي ظاهر ڪندڙ آهي.
'Raga'
سنڌوماٿريءَ جي ڪلاسيڪل گائڪي جي آوازن ۽ سرن کي
ظاهر ڪري ٿو. بهترين لفظن جي ميلاپ ۽ بهترين راڳ
جي سرن جو جوڙجڪ ٻڌندڙن تي جنون طاري ڪري ڇڏي ٿو.
'Dhara'
لفظ جي سنسڪرت ۾ معنيٰ نديءَ جي وهڻ يا پاڻي جي
ڪرڻ کي سڏجي ٿو.
Dhara
راڳ جو سُر پڻ آهي.
Dhara (deity),
an earthgod in Hinduism.
6-
= gauri raga
'Gauri' سنڌوماٿريءَ جو
راڳ آهي. سنڌوماٿريءَ جي اُتر واري علائقي ۾ سِکَ
پنهنجي ريتن رسمن ۾ ڳائين ٿا، سِکَن جي ڪتاب
'The Sikh Holy Granth'
۾ 31 راڳن جي جوڙجڪ جو ذڪر ٿيل آهي. هن راڳ تي 196
صفحا لکيل آهن جيڪي ڪتاب جي 151 صفحي کان شروع ٿي
374 صفحي تي ختم ٿين ٿا . گوري راڳ گرونانڪ ،
گروامرداس ۽ گرو رام داس ڳائيندا هئا، گوري راڳ جا
ڪيترا ئي قسم آهن، جهڙي ريت گوري مالا ، گوري سورٺ
۽ گوري مانجهه.
Aroh- Sa Re Ga Re Ma Pa Ni Sa
Avroh-Sa Ni Dha Ma Pa, Dha Pa Ma Ga, Ga Re Sa Ni
Sa
Vadi-Re
Samvadi-Pa
[
Ragas in the Guru Granth Sahib
7- = asa raga
'Asa' راڳ سنڌو ماٿري
جي اتر واري علائقي ۾ سِکَ برادري ڳائي ٿي.
Asa راڳ جو ذڪر سکن جي
ڪتاب 'The Sikh Holy Granth'
۾ 142 صفحن تي ٿيل آهي، جيڪي 347 صفحي کان شروع ٿي
489 صفحي تي ختم ٿين ٿا. اهميت جي لحاظ سان ڪتاب ۾
ڏنل 31 راڳن جي فهرست ۾ هن راڳ جو چوٿون نمبر آهي.
هن راڳ ٻڌڻ سان همٿون ۽ اميدون وڌن ٿيون.
["GurbaniRaag:
Asa". Search
Gurbani.
Retrieved 8
July 2013]
8- = Paras Raga
راڳ پارس کي راڳ
Pharaju پڻ سڏيو وڃي
ٿو. راڳ پارس گهڻو ڪري عبادت طور ڳايو ويندو آهي ۽
ان راڳ جي اها خوبي آهي ته ڪهڙي وقت به ڳائي سگهجي
ٿو.
Aarohanam: S G3 M1 P D1 N3 S
Avarohanam: S N3 D1 P M1 G3 R1 S
[ Bhajan by MS Subbalakshmi in this raga-
DeenDayal Gopal Hare]
9- = rain raga /malhar raga
ملهار راڳ، سنڌوماٿريءَ جو راڳ آهي، جنهن جو مينهن
وسائڻ سان گهرو تعلق آهي، راڳ جي وڏن وڏن گوين ۽
استادن جو چوڻ آهي ته: ملهار راڳ ايترو طاقتور آهي
جو ڳائڻ سان مينهن وسڻ شروع ٿيندو آهي. راڳ جي
ماهرن کان روايت آهي ته مغل شهنشاهه اڪبر پنهنجي
درٻار ۾ ڳائيندڙ ڳائڻي
'Tansen' کي فرمائش ڪئي
ته مون کي ديپڪ راڳ ٻڌاءِ. ان راڳ ڳائڻ سان درٻار
جو سموريون بتيون از خود ٻري ويون ۽ 'Tansen'
جو بدن ايترو گرم ٿي ويو جو هو پاڻ کي ٿڌي ڪرڻ
لاءِ ندي ۾ ڪاهي پيو، ندي جو پاڻي به اٻرڻ لڳو،
'Tansen' گرمائش
ختم ڪرڻ لاءِ ٻن ڀينرن Tara
۽
Riri کي ملهار
راڳ ڳائڻ لاءِ منٿ ڪئي ٻنهيءَ ڀينرن جي گڏجي ملهار
راڳ ڳائڻ سان مينهن پيو ۽ ’تانسين‘ جي گرمائش ختم
ٿي.
Reference -- Bannerjee,
Dr. Geeta (2000). RaagMalhar
Darshan.
SAWF
10- = ahiriragam
اَهيري يا اٿيري سُرُ، وَهيري ڀيروي راڳ هندستان
ڪلاسيڪل راڳ آهي. گائڪي جي لحاظ کان اِهو سُرُ
تمام پراڻي دؤر جو آهي، پر هن وقت اهو راڳ، تمام
گهٽ ڳايو وڃي ٿو. اَهيري يا ڀيروي مليل جليل ڪافي
راڳ جي صورت ۾ ڳايو وَڃي ٿو.
پڙهو گوگل وِڪي پيڊيا جي ويب سائيٽ:
Raganidhi by
P. Subba Rao, Pub. 1964, The Music Academy of
Madras]
[ Ragas
in Carnatic music by
Dr. S. Bhagyalekshmy, Pub. 1990, CBH
Publications]
’پشو پتي‘ مهر جو موهن جي دڙي مان ملڻ هڪ وڏي
تاريخي ثابتي آهي، جيڪا ظاهر ڪري ٿي ته
سنڌوماٿريءَ جا ماڻهو پڙهيل لکيل هئا. انهن وٽ لکت
جو مضبوط نظام هو.
پشو پتي مهر جي ڀاڃ سر جان مارشل فلاسافي طريقي
سان ڪئي آهي ۽ راجا رام ٻوليءَ جي لکت واري اصولن
سان ڪئي آهي، پر ٻنهي ماهرن جي ڀاڃ کي آخري ڀاڃ
واري مڃتا ناهي ملي. مون کي يوگي بابا جو خيال
وڌيڪ سٺو لڳو، جنهن چيو آهي ته: پشو پتي مهر جو
سنسڪرت لکت سان گهرو تعلق آهي. مهر تي سنڌو لکت جا
ڇهه لفظ آهن جن جو تعلق سنسڪرت ٻوليءَ سان آهي ۽
سنسڪرت ٻولي سنڌو ماٿري جي قديم ٻولي آهي. انهن
لفظن جي معنيٰ ۽ مطلب ۾ به سنڌو ماٿري جي تاريخ
سمايل آهي جنهن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي.
مهر جي ٻي نمبر تي لفظ مرما
(Marama) آهي. ’مرما‘
لفظ نالن ۽ ذات لاءِ ڪم ايندڙ آهي. ان کان علاوه
’مرما‘ جو تعلق مائوري قوم سان ڳنڍيل آهي ۽ مائوري
قوم سنڌوماٿريءَ جي رهواسي هئي. انهن جي اباڻي
زمين هوائڪي (Hawaiki)
هئي. هوائڪي برصغير ۾ آهي. مرما ديوتا به هو، جنهن
کي مائوري قوم پنهنجو ديوتا مڃيندي هئي. ’مرما‘
بادشاهه به ٿي گذريا آهن، جن ڪيترا ئي سال حڪومت
ڪئي هئي.
مهر جي ٽين نمبر تي ’اروڙا‘ لفظ لکيل آهي. ’اروڙا‘
سنڌو ماٿريءَ ۾ رهندڙ هڪ قوم هئي. ’اروڙا‘ قوم جي
نالي سان روهڙي ۽ سکر جي ڀرسان ’اروڙا‘ شهر هو،
جيڪو هن وقت تباهه ٿي چڪو آهي. اهو ڦٽل شهر
450-BC کان
712-AD تائين سنڌ جو
گادي وارو هنڌ رهيو.
مهر جي چوٿين نمبر جي ڊانس جي معنيٰ ظاهر ڪندڙ لفظ
آهي. ناچ ۽ گاني سان هتان جا ماڻهو مذهبي پوڄا
ڪندا هئا ۽ ثقافتي ميلن، ملاکڙن تي ناچ گانو ٿيندو
هو. ’اَئو‘
(AO) لفظ به مهر تي
موجود آهي. ’اَئو‘ کي روشنيءَ جو ديوتا سڏيو وڃي
ٿو.
مٿي ڏنل لکت مان ڄاڻ ملي ٿي ته ان دؤر جا ماڻهو
ديوتائين ۾ يقين رکندا هئا. اُنڪري ’پشو پتي‘ واري
مهر تي روشنيءَ ڏيندڙ ديوتائن جو ذڪر موجود آهي.
لکت کان سواءِ ’پشو پتي‘ مهر تي هڪ انساني تصوير
به آهي. ان تصوير سان گڏ پنجن جانورن جي تصوير به
موجود آهي. چار طاقتور جانور آهن جيڪي لڙائيءَ ۾
حصو وٺندڙ آهن ۽ هڪ ڪمزور هرڻ جي تصوير به آهي.
انساني تصوير جي لاءِ فيصلو ڪرڻ ته اها ڪنهن جي
تصوير آهي سو مونجهاري وارو فيصلو آهي. ڇوته مهر
تي مرما، اروڙا ۽ اَئو نالا موجود آهن. انهن مان
ڪوبه ٿي سگهي ٿو. مهر جو ڏيک دنيا جو قدرتي منظر
ظاهر ڪري ٿو.
’پشو پتي‘ مهر جي ڀاڃ براهمي اسڪرپٽ کان پوءِ جيڪي
لفظ مليا آهن، انهن لفظن جو مفهوم سنڌو ماٿري جي
تاريخ، ثقافت، مذهب ۽ ٻوليءَ کي چٽو ظاهر ڪري ٿو.
ان ڪري اهو چوڻ درست ٿيندو ته سنڌو لکت تي براهمي
اسڪرپٽ سان ڀاڃ ڪرڻ جو درست طريقو آهي. سنڌو لکت
جون ٻيون مهرون به براهمي اسڪرپٽ سان ڀاڃ ڪري
سگهجن ٿيون. اُن لاءِ وسيلا ۽ وقت درڪار آهي. سڀني
مهرن جي ڀاڃ کان پوءِ وڏي تاريخي ڄاڻ ملي سگهي ٿي،
جنهن سان پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ٿيندو.
ڪاش! محب وطن ان طرف ڌيان ڏين.
حوالا ۽ مددي ويبسائيٽون:
References of pashupati seal
The Journal of the Music Academy, Madras -
Volume 62 -1991 - Page 157
-India's Kathak Dance Past, Present, Future: -
Page 28 |