سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2019ع

باب:

صفحو:6 

استاد لغاري

 

 

 

درسگاهه سريواري

خلاصو:

(سن 1100ھ يا ان کان ٿورڙو بعد ۾، سن 1110هجريءَ ڌاري، تعلقي سانگھڙ ۾، سريواريءَ ماڳ تي، مخدوم ميين محسن ڪيريو رحه هڪ ديني درسگاھ قائم ڪئي، جيڪا پوءِ اڳتي هلي، مخدوم ميان تاج محمد ڪيريو رحه جي دور ۾، پنهنجي عروج تي پهتي. هن درسگاھ جو علمي درجو، ڪاليجي سطح کان به مٿي، يعني يونيورسٽيءَ جي درجي برابر هوندو هو، جتي عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين کان سواءِ، ٻين مشرقي ٻولين جو علم به پڙهايو ويندو هو. هتي ابجد، اخلاقيات، خطاطي، طب، حڪمت، فقه، فلسفي ۽ ٻين علمن تي پورو پورو ڌيان ڏنو ويندو هو.

هن درسگاھ ۾، شاھه عبداللطيف ڀٽائي رحه، شمس العارفين سيد محمد بقا شاھ (شهيد) پٽ ڌڻي رحه، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي رحه، امام العارفين مجدد العصر سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحه، سيد حزب الله شاھ ”مسڪين“ تخت ڌڻي رحه ۽ پاڳارا خاندان جا ٻيا چشم و چراغ پير صاحبان، عظيم بزرگ ۽ اولياءَ ايندا رهيا. درسگاھه جي ڪتب خاني ۾، قيمتي قلمي نسخا، ڪتاب ۽ بياض، خوبصورت رسم الخط ۾، هٿن سان لکيا ويندا هئا. هيءُ درسگاھه انگريزن جي دور ۾، حُر تحريڪن دوران، زوال پذيريءَ جو شڪار ٿي ويئي. آخري ايامن ۾، مخدوم ميان حبيب الله ڪيريو رحه ۽ مخدوم ميان ولي محمد ڪيريو رحه درسگاھ جا مهتمم ۽ سنڀاليندڙ رهيا. هن وقت، هتي هڪ عدد ڀُريل، جُھريل ۽ شهيد ٿيل مسجد شريف جي عمارت موجود آهي، جنهن کي محقق ۽ تاريخدان ڏسي، عبرت جو اظهار ڪن ٿا.)

درسگاھه جو تعارف:

ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور کي، سنڌ ۾ علم و ادب جو سونهري دور سڏجي ٿو. هنن اميرن جي ادوار ۾، سنڌ ۾ ڪيتريون ئي علمي ۽ ديني درسگاهون قائم ٿيون، جن جو رتبو، ڪاليجي سطح کان ڪنهن به صورت ۾ گھٽ نه هوندو هو. اهڙين عظيم الشان درسگاهن ۾، هڪ درسگاھ اهڙي به موجود هوندي هئي، جنهن کي ڪاليجي سطح کان به مٿي، يعني يونيورسٽيءَ جي درجي تي تسليم ڪيو ويندو هو. سانگھڙ تعلقي ۾ قائم ڪيل، ان عظيم علمي درسگاھ جو نالو هو ”درسگاھ سريواري“. هن درسگاھ جا ڀُرندڙ آثار، اڄ به سُڏڪي سُڏڪي ساھه کڻي رهيا آهن ۽ روبرو ڏسڻ جي لائق آهن.

هن درسگاھ ۾، سنڌي، عربي، فارسي ۽ ٻين مشرقي ٻولين جو علم پڙهايو ويندو هو، جنهن ۾ آلجبرا، ابجد، ادب، اخلاقيات ۽ طبعيات، تصنيف ۽ تاليف، خطاطي، طب ۽ حڪمت، علم نجوم، علم منطق، علم لسان، علم ڪيميا، فقه ۽ فلڪيات، فلسفي ۽ قانونسازيءَ جي علم تي، پورو پورو ڌيان ڏنو ويندو هو. هن درسگاھ مان فارغ التحصيل ٿيل طالب علم، وڏن عالمانه عهدن ۽ رتبن تي پهتا. سُلوڪ جا صاحب، فڪر، فلسفي، فيض ۽ روحاني رمزن جا رهبر، اڳواڻ ۽ علمبردار ٿيا.

درسگاھه جو هنڌ:

سانگھڙ شهر کان اندازاً 40 ڪلوميٽر اوڀر طرف، چوٽياريون ۽ ٽنڊي مٺا خان کان اڃا اڳتي، بس اسٽاپ سريواري اچي ٿو. اهڙيءَ ريت، کِپري شهر کان اندازاً 20 ڪلوميٽر اولھ اتر طرف، لوڻ کاڻ کان اڃا اڳتي، ٽنڊي مٺا خان روڊ سان، ساڳيو بس اسٽاپ سريواري اچي ٿو. بس اسٽاپ سريواريءَ کان ٻه ڪلوميٽر اتر طرف، هاڻوڪي نارا ڪئنال (ڍوري) جي لڳ اُلهندان، ڳُجھڙي ٻيلي جي اندر، پُراڻي هاڪڙي يا ڦٽل ڪاري ناري جي اُترينءَ ڪنڌيءَ تي، درسگاھ سريواريءَ جو ماڳ مڪان موجود آهي.

معلومات گڏ ڪرڻ وارو مرحلو:

”درسگاھه سريواري“ بابت، بنيادي معلومات گڏ ڪرڻ جي لاءِ، سريواريءَ جي موجوده ميان ڪيريا بزرگن ۽ صاحبن سان ملاقاتون ڪيون ويون ۽ ڪيترائي ڪتاب پڻ مطالعي هيٺ آندا ويا. درسگاھ جي بنيادي احوال بابت نوٽس وٺي، جڏهن انهن کي ترتيب سان لکڻ وارو مرحلو سامهون آيو، ته ٻه ڳالهيون ڏسڻ ۾ آيون. هڪ عقيدتمنديءَ وارو روايتن تي آڌاريل احوال ۽ ٻيو تحقيقي احوال. جيستائين عقيدتمنديءَ واري احوال جو تعلق آهي، ته ان لاءِ، هر اها ڳالھ جائز ۽ مڃڻ جوڳي هوندي آهي، جيڪا ماڻهوءَ جي عقيدي ۽ محبت سان منسلڪ ۽ واڳيل هوندي آهي، ليڪن تحقيق اها شئي آهي، جيڪا سنن جي آڌار تي، بلڪل سڌي سفر ڪندي آهي. ان ۾ ڪنهن به ور وڪڙ جي گنجائش باقي نه هوندي آهي. راقم الحروف تمام گھڻي ڪوشش ڪئي آهي، ته هن معلومات کي، تحقيق جي بنيادي اصولن مطابق پيش ڪري سگھي، پر پوءِ به، هِن تحقيق ۽ تاريخي احوال ۾، ڪافي جھول نظر اچن ٿا. جن جو بنيادي سبب، سَنن جو دستياب نه هجڻ آهي. سريواريءَ جي موجوده ڪيريا بزرگن ميون ڏاڏا پير محمد ڪيريو صاحب ۽ سندس فرزند ميون جلال الدين ڪيريو صاحب جي تمام گھڻي مهرباني، جن پنهنجو انتهائي قيمتي وقت ڪڍيو، اسان سان گڏ ويٺا ۽ مطلوبه مواد ۽ معلومات تائين رسائيءَ لاءِ، اسان جي هر ممڪن مدد ڪرڻ فرمائي.

سَنن جي عدم دستيابيءَ جو افسوس:

جيستائين درسگاھ سريواريءَ بابت، بنيادي ڄاڻ جو سوال آهي، ته راقم الحروف هن معلومات ۾، امڪان جي حد تائين، هرهڪ پهلوءَ تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. البت درسگاھ جي قائم ٿيڻ يا بزرگن جي ڄمڻ ۽ انتقال ڪري وڃڻ بابت، حقيقي ۽ بلڪل درست سال يا سن وغيره دستياب ٿي نه سگھيا آهن.  جنهن جو بيحد افسوس آهي. صرف هڪ مزار مبارڪ، جنهن جي ڪتبي تي لکيل هوندو هو ته: ”مخدوم ميان علي محمد بن مخدوم ميان محمد علي، درگاھ سريواري شريف. انتقال جو سال، سن 1162ھ“. (هاڻي ته هي سال به ڊهي چڪو آهي)

هن ڪتبي جي آخر ۾، هڪ عدد فارسي شعر لکيل هوندو هو، جيڪو پڻ هن وقت، ڀُري، ڊهي ۽ گھڻي ڀاڱي ميسارجي چڪو آهي. هيءَ سموري معلومات، فقط ان هڪڙي سن جي آڌار تي قائم ڪئي ويئي آهي. هن ڄاڻايل معلومات بابت، جيڪڏهن ڪو به محقق، روايتن کان هٽي ڪري، بنيادي ثبوتن سان، لکت وارين تحريرن جي آڌار تي، اختلافِ راءِ جو اظهار ڪندو، ته اسان ان جي به دل جي گهراين سان آجيان ڪنداسين. ڇو جو ان سان وڌيڪ تحقيق جا دروازا کلندا. في الوقت ”جهڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پريان“.

سريواريءَ جي ڪيريا بزرگن جو شجرو:

سريواريءَ جي ڪيريا بزرگن جو شجرو، ميان حسين کان شروع ٿئي ٿو، جنهن جي هڪ فرزند جو نالو ميان اوڀايو هو. ميان اوڀايي کي ٻه پٽ هئا، هڪ ميان مجاهد ۽ ٻيو ميان محسن. هي ٻيئي وڏا عالم، ديندار ۽ عبادت گذار ٿيا. ڪتاب ”سنڌ جا ڪتبخانا“ ۾ لکيل آهي ته: ”اوڀايي يا اڃا مٿي، زفر جي اولاد مان عالم پيدا ٿيا. چوٽياريءَ ۽ سريواريءَ وارا ميان پاڻ ۾ عزيز آهن ۽ مٿي وڏي ڏاڏي ۾ گڏجن ٿا(1). سريواريءَ جي ڪيريا بزرگن جو شجرو موجوده صورت ۾ هيٺينءَ ريت آهي. ميون جلال الدين، بن ميون پير محمد، بن ميون جلال الدين (عرف ميون منٺار)، بن ميون پير محمد، بن ميون عزيزالله، بن ميون ولي محمد، بن ميون حبيب الله، بن ميون تاج محمد، بن ميون علي محمد، بن ميون محمد علي، بن ميون محسن، بن ميون اوڀايو، بن ميون حسين.

ڪتاب ”سنڌ جا ڪتب خانا“ ۾ لکيل آهي ته:

”سمن جي آخري دور کان وٺي، ”ٻرند“ سمن، ”صاحب“ سمن، ڏاهرين ۽ ڪيرين مان ڪي گھراڻا، علم ۽ تعليم جا علمبردار ٿيا. هنن درسگاهون قائم ڪيون، جيڪي پوءِ ڪلهوڙن ۽ خاص ڪري ٽالپرن جي دور ۾ اوج کي پهتيون. علم ۽ تعليم جي مشغلي ۽ طريقت جي فيض سببان، اهي گھراڻا پوءِ عزت ۽ احترام سان، ”ميان ڪيريا“ سڏجڻ لڳا“(2). ساڳئي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته: ”مخدوم ميين محمد مبين ڪيريي رحه جن جي هٿ اکرن سان ڪتاب ”دلائل الخيرات“ ۾ لکيل آهي، ته ”مالڪه اولا مخدوم محمد مبين ساند پوره“ ٿي سگھي ٿو ته آخري لفظ ”ساند بوتره“ هجي. يعني ته وڏي ”ملا ساند جو اولاد“(3).. لفظ ”ساند پوٽا“ جي تصديق ڪتاب ”راحت الروح“ ڪري ٿو، جنهن ۾ لکيل آهي ته: ”حضرت مخدوم سرور نوح رحه جن جي جنازي نماز پڙهائڻ وارو عالم، ملا سعد جو فرزند ميان عبدو فقيرساند پوٽو هو(4).“

ڪيريا بزرگن جون ديني، علمي ۽ فڪري خدمتون:

سريواريءَ ۽ چوٽياريءَ جا ڪِيريا بزرگ، پنهنجن وڏن کان وٺي، عالي مرتبة بزرگن ۽ اوليائن جا مريد ۽ خليفا رهندا آيا آهن ۽ اهي، ديني، علمي ۽ فڪري خدمتون پڻ سر انجام ڏيندا رهيا آهن. هي ڪيريا بزرگ، مخدوم بلاول شهيد رحه (متوفي: 929ھ)، مخدوم سرور نوح رحه (متوفي: 998ھ)، حضرت خواجه ابوالقاسم نقشبندي ٺٽوي رحه (متوفي: 1138ھ)، سيد محمد بقا شاھ قدس سره رحه (متوفي: 1198ھ) ۽ امام العارفين مجددالعصر سيد محمد راشد روضي ڌڻي قدس سره رحه (متوفي: 1234ھ) جن جا خليفا ۽ خدمتگار پڻ رهي چڪا آهن. درسگاھ سريواريءَ جي باني مخدوم ميان محسن وٽان، سندن طريقت جو سلسلو تبديل ٿيو. پاڻ پهريان سهروردي سلسلي جا بزرگ هئا، پر پوءِ نقشبندي مجددي طريقو اختيار ڪيائون. هيءُ سلسلو ابوالقاسم نقشبندي ٺٽوي رحه جن وٽان حاصل ڪيائون.

مخدوم سعدالله (عرف ملا ساند، متوفي...؟) مخدوم بلاول شهيد رحه جن جو شاگرد هو. سندس درسگاھ، موجوده نواب شاھ ضلعي ۽ تعلقي سڪرنڊ ۾ هوندي هئي. جتي هن وقت، سندس مقام ۽ مزار آهي(5). ان بزرگ بابت، ڪتاب ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“ ۾ لکيل آهي، ته ”هي مخدوم بلاول جو سچو سرويچ ساٿي، عقيدتمند ۽ خليفو هو(6).“ سندس تعلق سماٽ قبيلي جي ساند شاخ سان هو(7). ڪتاب ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته: ”هن مرد مجاهد، بلاولي تحريڪ ۾ وڏو ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو. هيءُ بزرگ پنهنجن پٽن، پوٽن ۽ عقيدت مندن توڙي مريدن سان گڏجي، ظالم ارغون حڪمرانن سان وڙهيو، انهن جون مَتيون مُنجھائي ڇڏيائين. پاڻ پڇاڙيءَ تائين، مخدوم بلاول جو فرمانبردار ساٿي رهيو(8).“

روايت آهي ته ملا سعد رحه جن کي، مخدوم بلاول شهيد رحه، پنهنجي حياتيءَ ۾، هڪ روحاني امانت ڏني. کيس فرمايائين ته: ”اڳتي هلي، زماني جو هڪ غوث پيدا ٿيندو، توهان ان سان علمي اختلاف هرگز نه ڪجو، پر اسان جي هيءَ امانت ان بزرگ وٽ پهچائجو. روايت آهي ته: ’حضرت مخدوم سرور نوح رحه جن جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ، ملا سعد ان وٽ ويو ۽ کيس اها امانت ڏنائين‘. ملا سعد پنهنجي پٽ عبدو فقير ڪيريو رحه کي، مخدوم سرور نوح رحه جن جو طالب ڪيو. ان کان پوءِ، عبدو فقير ڪيريو رحه، مخدوم سرور نوح رحه جن وٽ رهيو ۽ علمي ۽ فڪري تعليم به اتان حاصل ڪيائين(9).“ ٻي روايت آهي ته مخدوم سرور نوح رحه جن وصيت فرمائي هئي ته: ”منهنجي جنازي جي نماز عبدو نالي هڪ فقير اچي پڙهائيندو ۽ هن جو اچڻ بلڪل اوچتو ٿيندو(10).. پوءِ صبح جي نماز وقت، اهو شخص اچي ظاهر ٿيو. جيتوڻيڪ جماعت مان ان کي، ماڻهو ڪونه سڃاڻندا هئا، پر جڏهن ان صاحب، تاڪيد سان جنازي جي تدفين بابت ڪم شروع ڪيو، تڏهن فراست ۽ تخميني سان سڃاتو ويو ته اهو فقير عبدو نالي، ذات ”ساند پوٽو“ آهي(11).

اهڙيءَ ريت، مخدوم سرور نوح رحه جن جي جنازي نماز ان بزرگ پڙهائي. مخدوم ميان محسن ڪيريو رحه ( متوفي....؟) جيڪو درسگاھ سريواريءَ جو باني مباني هو، ان جي فرزند جو نالو هو مخدوم ميان محمد علي ڪيريو رحه. ميان محمد علي ڪيريو رحه (متوفي....؟) کي، فقط هڪڙو ئي فرزند عطا ٿيو، جنهن جو اسمِ گرامي هو، مخدوم ميان علي محمد ڪيريو رحه (متوفي: 1162ھ). جيڪو پنهنجي والد صاحب کان پوءِ، درسگاھ جو مهتمم ۽ سنڀاليندڙ مقرر هو. ان بعد، يعني سن 1162 هجريءَ کان پوءِ، سندس فرزند، مخدوم ميان تاج محمد ڪيريو رحه هن درسگاھ جو سمورو اهتمام سنڀاليو ۽ ان کي عروج تي پهچايو.

ڪيريا بزرگن جو سانگھڙ واري علائقي ۾ اچڻ:

بزرگ ملا سعد ۽ ان جي خاندان وارا، سن 929 هجري کان پوءِ، ٽلٽيءَ مان لڏي، اچي سعيد آباد ۾ ويٺا. ان بعد هنن بزرگن جا وڏا، اندازاً 998 هجريءَ ڌاري، سعيد آباد مان لڏي، اچي کنياريءَ شريف ۾ ويٺا، جتي اڳ ۾ ئي ميان محمد يوسف ڪيريو رحه جن رهندا هئا ۽ پاڻ طريقت ۾، سهروردي سلسلي جا بزرگ هئا. ميان محمد يوسف ڪيريو رحه جن جو پوٽو ميان اوڀايو، جيڪو ميان حسين ڪيريو رحه جن جو فرزند هو(12)، اهو ۽ ان جا ڪجھ ٻيا مائٽ، کنياريءَ شريف مان لڏي، اچي تعلقي سانگھڙ ۾، جوڳين واريءَ ڀٽ تي ويٺا. ميان اوڀايي جو ٻيو نمبر فرزند، ميان محسن ڪيريو رحه ۽ سندس ڪجھ ٻيا عزيز قريب، اندازاً 1100 هجريءَ ڌاري، جوڳين واريءَ ڀٽ کان لڏي، اچي سريواريءَ واري ماڳ تي ويٺا ۽ اتي دائمي سڪونت اختيار ڪيائون(13).

تعلقي سانگھڙ ۾ ٻن عظيم ديني درسگاهن جو قائم ٿيڻ:

اندازاً سن 1100 ھ يا ان کان ٿورو بعد ۾، سن 1110 هجريءَ ڌاري، موجوده تعلقي سانگھڙ ۾، ميين اوڀايي ڪيريي رحه جي ٻن پٽن، ميين مُجاهد ۽ ميين مُحسن، ٻه ديني درسگاهون قائم ڪيون. ميين مُجاهد رحه جيڪا درسگاھ قائم ڪئي، ان جو نالو ”چوٽياريءَ“، يعني چوٽيءَ واري ۽ ميين مُحسن رحه جيڪا درسگاھ قائم ڪئي، ان جو نالو ”سريواريءَ“، يعني سِري + واريءَ رکيو. سِري يا سِر جي معنيٰ به ساڳي آهي، يعني مٿو يا چوٽيءَ. هي نالو بعد ۾ بگڙي، سِرينواريءَ يا سِرن واريءَ ٿي ويو، جيڪو صحي ناهي. درسگاھ چوٽياريءَ ان وقت عروج کي پهتي، جڏهن درسگاھ جي باني، ميين مجاهد ڪيريو رحه، پنهنجي فرزند مخدوم ميين محمد مبين ڪيريو رحه کي، سن 1135 هجريءَ ڌاري، هن درسگاھ جو مهتمم ۽ سنڀاليندڙ مقرر ڪيو. ڪتاب ”سنڌ جا ڪتب خانا“ ۾ لکيل آهي ته: ”1135 يا 1140 هجريءَ واري عرصي ۾، ميين محمد مبين چوٽياريءَ ۾، تعليمي درسگاھ جو بنياد وڌو ۽ گوڏو ڀڃي ويهي، ايندڙ پنجاھ پنجونجاھ سال کن اتي تعليم ڏنائين(14). البت اهو فقرو هن ريت درست ٿيندو ته: ”درسگاھ چوٽياريءَ سڀ کان اول، ميان مجاهد ڪيريو رحه، اندازاً سن 1100 يا 1110 هجريءَ ڌاري قائم ڪئي، جنهن کي پوءِ، سن 1135 يا 1140 هجريءَ ڌاري، ميين محمد مبين ڪيريو رحه، پنهنجين عالمانه صلاحيتن سبب عروج تي پهچايو ۽ ايندڙ پنجاھ پنجونجاھ سال کن اتي تعليم ڏنائين“. درسگاھ سريواريءَ ان وقت پنهنجي عروج کي پهتي،  جڏهن درسگاھ جي باني مخدوم ميان محسن ڪيريورحه جن جو پڙپوٽو، مخدوم ميان تاج محمد ڪيريو رحه، هن درسگاھ جو مهتمم ۽ سنڀاليندڙ مقرر ٿيو.

درسگاھه سريواريءَ جو قائم ٿيڻ:

مخدوم ميان محسن ڪيريي رحه، اندازاً 1100 هجري يا ان کان ٿورڙو بعد ۾، سن 1110 هجريءَ ڌاري، سريواريءَ واري ماڳ تي، هڪ ديني مدرسو قائم ڪيو، جيڪو اڳتي هلي، ”درسگاھ سريواريءَ“ جي نالي سان گھڻو مشهور ٿيو. مخدوم ميان محسن ڪيريو رحه اهو پهريون بزرگ ۽ عالم آهي، جنهن کي درسگاھ سريواريءَ جو باني مباني سڏيو وڃي ٿو. هي درسگاھ ڪاري ناري جي اُتر طرف کان، ڳُجھڙي ٻيلي ۾ قائم ٿي. ڪاري ناري جو اصل نالو ”هاڪڙو“ آهي، جنهن کي ”سَئُو نارو“ به سڏيو ويندو هو.ان جي وهڪري جا نشان ۽ پراڻا ڍورا، (ننڍين وڏين ڍنڍن جي صورت ۾) اڄ به هن ڦٽل ماڳ مڪان جي آسپاس ۾ موجود آهن، جن جو سلسلو، ور وڪڙ کائيندو، اتر کان ڏکڻ ۽ پوءِ اولھ کان اوڀر طرف هليو وڃي ٿو.

درسگاھه جا عالم فاضل استاد:

جڏهن مخدوم ميين محسن ڪيريي رحه سريواريءَ واري ماڳ تي، مدرسو قائم ڪري، درس و تدريس جو سلسلو جاري ڪيو، ته سڀ کان پهريان، پنهنجن پٽن، پوٽن ۽ پاڙي وارن جي ٻارن کي پڙهائڻ شروع ڪيائين. انهن کي طب ۽ علم حڪمت ۾ به ڀڙ ۽ هوشيار ڪيائين. اڳتي هلي، اهي ساڳيا طالب علم، هن درسگاھ جا عالم، فاضل استاد بڻيا، جيڪي پوءِ پري پري کان پڙهڻ لاءِ ايندڙ مسافر ٻارڙن کي پڙهائيندا به هئا ۽ ٻين ٻولين جو علم به سيکاريندا هئا. اهڙيءَ ريت، هيءُ درسگاھ پنهنجي مدد پاڻ جي اصولن موجب اڳتي وڌي ۽ وڏي درجي تي پهتي. اهڙن عالمن ۽ استادن ۾، جيڪي ماڻهو گھڻو مشهور ٿيا، انهن مان ڪن جا نالا هيٺينءَ ريت آهن:

1 : ميان محمد علي بن ميان محسن ڪيريو رح

هيءُ بزرگ، درسگاھ جي باني مخدوم ميان محسن ڪيريو رحه جن جو فرزند هو، جيڪو پهريان پاڻ پنهنجي والد صاحب جن وٽ پڙهيو ۽ ان بعد هن درسگاھ جو استاد، مهتمم ۽ سنڀاليندڙ مقرر ٿيو.

2 : ميان علي محمد بن ميان محمد علي ڪيريو رح:

          هيءُ بزرگ، ميان محمد علي ڪيريو رحه جن جو اڪيلو فرزند هو. جيڪو اڳتي هلي، وڏو عالم فاضل استاد ۽ درسگاھ جو مهتمم مقرر ٿيو. هن بزرگ سان ڀٽائي رحه جن جي، سن 1160 هجريءَ ۾ ملاقات ۽ قرب ڪچهري ٿي. هيءُ بزرگ صاحبِ بصيرت ۽ صاحبِ حقيقت انسان هو. هي هن درسگاھ جو اڪيلو بزرگ آهي، جنهن جي مزار واري ڪتبي تي، وصال وارو سال، 1162 هجري لکيل هوندو هو. جنهن کي راقم پاڻ پڙهيو ۽ نوٽ ڪيو. موجوده مقالو، صرف اُنهيءَ هڪڙي ئي سن جي آڌار تي، شروع کان وٺي آخر تائين مڪمل ڪيو ويو آهي.

3 : ميان تاج محمد بن ميان علي محمد ڪيريو رح:

ميان علي محمد رحه جن کي، ٽي فرزند عطا ٿيا، جن ۾ ميان تاج محمد سڀني کان وڏو هو. هيءُ بزرگ صاحبِ شريعت، صاحبِ طريقت، صاحبِ حقيقت ۽ صاحبِ معرفت انسان هو. هن بزرگ کي، پنهنجي والد صاحب، درسگاھ سريواريءَ سنڀالڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ڀٽائيءَ صاحب درسگاھ سريواريءَ ۾ آيو، ته مخدوم ميان تاج محمد، پنهنجي والد صاحب سان گڏجي، ان محفل ۾ ويٺو. هن بزرگ جي دور ۾، درسگاھ سريواري پنهنجي عروج تي پهتي. هن بزرگ جي زماني ۾، شمس العارفين سيد محمد بقا شاھ قدس سره ۽ امام العارفين مجدد العصر سيد محمد راشد روضي ڌڻي قدس سره جن هتي تشريف فرما ٿيا. درسگاھ چوٽياريءَ جي مشهور بزرگ مخدوم ميان محمد مبين ڪيريو”ٿرائي رحه“ وانگر، سريواريءَ جي بزرگن ۾، سندس نالو ۽ رتبو، ٻين مڙني بزرگن ۽ عالمن کان مٿانهون ۽ اعليٰ شمار ڪيو وڃي ٿو.

4 : ميان عبد المجيد بن ميان علي محمد ڪيريو رح

هيءُ بزرگ، مخدوم ميان علي محمد رحه جن جو ٻيو نمبر فرزند هو. هن بزرگ کي، ڳوٺ ميان جي مسجد، لڳ معروف ڏاهري، تعلقي شهداد پور ۾، ديني ۽ علمي خدمتن واسطي مقرر ڪيو ويو(15).

5 : ميان عبد الڪريم بن ميان علي محمد ڪيريو رح

هيءُ بزرگ، ميان علي محمد رحه جن جو ٽيون نمبر فرزند هو. جنهن کي ديني ۽ علمي خدمتن واسطي،  ڳوٺ ڀاڄي موريءَ تعلقي شهداد پور ۾ مقرر ڪيو ويو(16).

6 : ميان حبيب الله بن ميان تاج محمد ڪيريو رح:

هيءُ بزرگ، تمام وڏو عالم فاضل استاد هو، جنهن ميان تاج محمد کان پوءِ، درسگاھ ۾ پڙهندڙ طالب علمن جي، تمام وڏي ديني ۽ علمي خدمت ڪئي. هيءُ بزرگ، مخدوم ميان تاج محمد کان پوءِ، پڳدار ۽ گادي نشين ٿي رهيو.

7 : ميان عبد الحق بن ميان تاج محمد ڪيريو رح:

هيءُ بزرگ، درسگاھ جو عالم فاضل استاد ٿي رهيو. هن بزرگ جا هٿ اکر ڏاڍا سهڻا هوندا هئا. پاڻ ڪيترائي خوبصورت قلمي نسخا لکيائون. جيڪي ٻين درسگاهن، مدرسن، اوليائن ۽ بزرگن کي سوکڙيون ڪري ڏنا ويا.

8 : ميان عبد الباسط بن ميان تاج محمد ڪيريو رح:

هن بزرگ جون ديني ۽ علمي خدمتون تمام گھڻيون ۽ تاريخ جو حصو رهيون آهن. پاڻ هن درسگاھ جا قابلِ قدر استاد ۽ عالم هئا. درسگاھ جي طالب علمن کي، طب، علم حڪمت ۽ علم ڪيميا جا تجربا به ڪرائيندا هئا.

9 : محمد عبدالنعيم بن ميان تاج محمد ڪيريو رح:

هيءُ بزرگ درسگاھ جو استاد نه هو، البت زماني جو وڏو ابدال ٿي گذريو آهي، جنهن جي ابدالي نسبت، اڃا تائين سريواريءَ جي ڪيريا خاندان ۾، ايندي رهي ٿي. هن بزرگ 100 سال عمر ماڻي.

10 : ميان ولي محمد بن ميان حبيب الله ڪيريو رح؛

هيءُ بزرگ 1844ع تائين زنده هو. وڏو عالم فاضل استاد به هوندو هو. هيءُ بزرگ پير صاحب پاڳارا جن جو خليفو به ٿي رهيو.

11 : ميان جان محمد بن ميان عبد الباسط:

هيءُ بزرگ وڏو عالم ۽ فاضل استاد هو. ليڪن هن بزرگ جي پنهنجي، هڪ الڳ درسگاھ عمر ڪوٽ ۾ موجود هوندي هئي.

12 : سيد طاهر شاھ رح:

هيءُ بزرگ اصل کان وٺي، هن ڳوٺ جو رهاڪو هو. پهريان هن درسگاھ ۾ پاڻ پڙهيو ۽ ان بعد عالمانه صلاحيتن جي ڪري، درسگاھ جو استاد به ٿي رهيو(17). هن بزرگ جي مزار، اترين وڏي برانڊي ۾، مخدوم ميين تاج محمد رحه ۽ ميين عبد الباسط رحه جي وچ ۾ موجود آهي.

درسگاھ ۽ مسجد شريف جون جوڙايل عمارتون:

هيءُ درسگاھ ۽ ان سان متصل جوڙايل مسجد شريف، سڀ کان اول ڪچي مٽيءَ سان تعمير ٿيل هونديون هيون. ڪلهوڙا دور ۾، جڏهن سماج سڌارڪ عورت مائي ڄامان، علمي درسگاهن تي، تاريخي مسجدون جوڙايون، ته پاڻ هتي جي عالمن کي به، هڪ عدد عاليشان مسجد شريف جوڙائي ڏيڻ لاءِ عرض ڪيائين. هتي جي عالمن، مائي ڄامان کان، مسجد شريف جي جوڙائڻ بابت، صرف معاونت قبول ڪئي. مائي ڄامان پنهنجي خرچ تي، هتي هڪ عدد مٺي پاڻيءَ جو کوھ کوٽايو ۽ مسافر خانو به تعمير ڪرائي ڏنو. باقي مسجد شريف جو سمورو ڪم، ڪيريا بزرگن پنهنجي نظرداريءَ هيٺ، ”پنهنجي مدد پاڻ“ جي اصول موجب مڪمل ڪرايو.

روايت آهي ته هتي جي عالمن، ڪاريگر رازن ( مسترين ) کي چيو، ته ”اسان کي مسجد شريف اهڙيءَ طرح پڪي جوڙي ڏيو، جو اها قيامت جي ڏينهن تائين قائم رهي(18).“. ڳوٺ کان اتر طرف، هڪ ميل جي مفاصلي تي، ٻه عدد بٺا تيار ڪري، انهن ۾ سِرون پچايون وينديون هيون. اهي پڪل سرون، گڏهن ۽ خچرن تي کڻي، تعميرات واري ماڳ تي پهچايون وينديون هيون. مسجد شريف جي اوساريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ مسالحو، اڇي چُن، چيڪي مٽي ۽ ٻوريءَ جي ڪُتر کي پاڻ ۾ ملائي، ان مان تيار ڪيو ويندو هو. اهڙي مسالحي کي ”نيرو پلَستر“ به چئبو آهي. هن مسجد شريف جي عمارت جو ڪم ڪافي عرصو هليو. چون ٿا ته: ”مسترين ۽ مزدورن کي، روزانه جي بنياد تي مزدوري ڏني ويندي هئي. عالم سڳورو تنوريءَ جي ڪُنڊ اٿلائيندو هو ۽ مزدورن کي چوندو هو ته توهان پنهنجي مزدوري، پنهنجن هٿن سان کڻي وٺو. مزدور انهن سڪن (پئسن) مان، جھوليون ڀري کڻندا هئا(19).“ (والله اعلم)

هن مسجد شريف جي ڊيگھ، اتر کان ڏکڻ 72 فوٽ آهي ۽ ويڪر، اولھ کان اوڀر 22 فوٽ آهي. ديوار جي بنيادي اوساري سائيز ساڍا چار فوٽ ويڪري آهي. تعميرات ۾ استعمال ٿيل، هرهڪ پڪل سر جي ماپ، ڊيگھ ۾ ساڍا نَو انچ، ويڪر ۾ ست انچ ۽ ٿولھ ۾ صرف ڏيڍ انچ آهي. هيءُ پتليون سرون، ڪلهوڙا دور جي نشاندهي ڪن ٿيون. مسجد شريف جي ڇت، ٽن گنبذن سان ڍڪيل هوندي هئي. اتريون ۽ ڏاکڻيون گنبذ، بلڪل گول هئا، ليڪن وچون گنبذ، مستطيل وانگر ڊگھو گول هو. هن وچين گنبذ کي، اتران ۽ ڏکڻان، گولائي وارا ونگ ڏيئي، پوءِ اندازاً 40 فوٽ ڊيگھ ۾ تعمير ڪيو ويو، جيڪو ڪاريگريءَ جو ڪمال ۽ انمول نمونو هو. اهوئي سبب آهي، جو اتريون ۽ ڏکڻيون گول گنبذ، اڃا تائين ته صحيح سلامت ۽ برقرار بيٺل آهن، ليڪن وچون مستطيل وانگر ڊگھو گول گنبذ ڪري چڪو آهي. هن مستطيل وانگر ڊگھي گول گنبذ کي، مون (راقم) 1980ع واري ڏهاڪي ۾، صحيح سلامت حالت ۾ بيٺل ڏٺو هو. درسگاھ واري عمارت ۽ حجرو، هن وقت مڪمل ميسارجي چڪا آهن، جن جي متعلق صرف اها ڄاڻ ملي ٿي، ته اهي ٻيئي عمارتون، موجوده مسجد شريف کان اتر اوڀر طرف کان هونديون هيون(20).

درسگاھ جو ذڪر ڪتابن ۾ ڇو نٿو ملي؟

درسگاھ سريواريءَ جي تاريخي احوال ۽ بيان کي قلمبند ڪرڻ بابت، موجوده محققن کان ڪوتاهي ٿي آهي. حالانڪه درسگاھ سريواريءَ ۽ ان جي عالمن جو علمي، فڪري ۽ سماجي رتبو، هن علائقي ۾، چوٽياريءَ جي عالمن جي برابر، يا انهن کان به اڃا به وڌيڪ وڏو رهيو آهي. ڪتاب سجاڳ سانگھڙ(21) ۽ سانگھڙ سووينيئر(22) ۾، درسگاھ چوٽياريءَ جو ذڪر ته پڙهڻ لاءِ ملي ٿو، پر درسگاھ سريواريءَ جي ذڪر بابت، هي ڪتاب خاموش آهن. اهڙيءَ ريت شاھ جي رسالي(23) ۽ ڪتاب ”سنڌ جا ڪتب خانا“(24) ۾ به، سريواريءَ جو سربستو احوال شامل ناهي. انگريز اسڪالر سر رچرڊ برٽن، جنهن 1851ع ۾، سنڌ جا سمورا مدرسا، درسگاهون ۽ ڪتب خانا گھمي ڏٺا. ان سيوهڻ، ٽرپٽ، کهڙا، مٽياري، ولهار ۽ چوٽياريءَ جي درسگاهن کي، انگلينڊ جي تعليمي نظام جي لحاظ سان، ڪاليجي حيثيت سان تسليم ڪيو(25)، سو به پاڳارا خاندان سان، انگريزن جي اختلافن سبب، هتي ڪونه آيو. نه ته هيءُ درسگاھ به ڪاليجي سطح کان، ڪنهن به صورت ۾ گھٽ نه هئي.

اهڙيءَ ريت، ڪتاب ”سانگھڙ سووينيئر“، جيڪو سال 1974ع ۾، سياسي مقصدن کي سامهون رکي شايع ڪيو ويو، ان ۾ مٺي فقير جو ڍير، منٺار فقير راڄڙ، شهيد عبدالرحيم گرهوڙي، چوٽياريون، برهمڻ آباد، منصوره، رتوڪوٽ، قبا مير شهداد، ڪوٽ بجار، ڪوٽ چاڪر خان ۽ پير حسن بخش شاھ جيلاني رحه جهڙن بزرگن ۽ درگاهن جو احوال ته با تصوير شامل آهي، پر ”درسگاھ سريواريءَ“ جي احوال کي، ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو ويو.

ڀٽائيءَ صاحب جو عالمن کي آزمائڻ وارو طريقو:

          روايت آهي ته، شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه، عام رواجي ويس مٽائي، فقيراڻو لباس پائي، ڳچيءَ ۾ وڏن مڻڪن واري مالها وجھي، نراڙ تي تلڪ لڳائي، دنبورو ۽ ٻيا ساز و سامان کڻي، بزرگن ۽ عالمن جي ڳولا ۽ آزمائش خاطر نڪري پوندا هئا. سندس خيال هوندو هو ته: ”جيڪڏهن ڪو بزرگ يا عالم سڳورو، روحاني بصيرت وارو هوندو، ته اهو اسان کي سڃاڻي وٺندو. اگر صاحبِ بصيرت نه هوندو ته اهو اسان کي سڃاڻي ڪو نه سگھندو(26).

ڀٽائيءَ صاحب جو چوٽياريءَ کان کنڀري ڏانهن وڃڻ:

ڀٽائيءَ صاحب، اندازاً سن 1160 هجريءَ ۾، چوٽياريءَ جي وڏي عالم، ميين محمد مبين ڪيريو رحه جن وٽ آخري ڀيرو آيو. جتان ميان صاحب کان موڪلائي، کنڀري (تعلقي کپري) ڏانهن روانو ٿي ويو(27). چون ٿا ته ڀٽائي صاحب فقيراڻو لباس پائي، دنبورن ۽ ٻين ساز و سامانن سوڌو، کنڀري واري درسگاھ جي اندر داخل ٿي وڃي ويٺو، ته اتي جي عالمن کيس ڪونه سڃاتو. انهن ڀٽائيءَ رحه کي چيو ته، ”اسين ظاهري شريعت پاڪ جا پورا پورا پابند ماڻهو آهيون. هيءُ ساز ۽ راڳ وغيره، شريعت ۾ جائز نه آهن، لهاذا توهان درسگاھ کان ٻاهر نڪري وڃو“. پر ڀٽائيءَ رحه، منهن مونن ۾ پايو، ماٺ ميٺ ۾، مسڪرائيندو ويٺو رهيو. تنهن تي اتي جي عالمن ۽ شاگردن، کيس اتان زوريءَ ڪڍي، پري هڪ پاڻيءَ واري ڍنڍ جي ڪناري تي وڃي ڇڏيو(28). چون ٿا ته ڀٽائيءَ صاحب، هتان کان روانگيءَ مهل ڪجھ بيت چيا، جيڪي روايتن ۾ گھڻا مشهور آهن. ڪي بيت ته هن وقت شاھ جي رسالن ۾ به شامل ٿي ويا آهن. البت اهي بيت، سگھڙن جا جوڙيل آهن، جن جو ڀٽائيءَ رحه جي ڪلام ۽ شاعريءَ سان ڪوبه تعلق ڪونهي. اهڙا چند بيت هيٺ ڏيکارجن ٿا.

1 : مُلان مُلان مَ چئو، مُلان ڪانڊي ڪَنڊ

مٿي وظيفن ونڊ، ڌڻيءَ ڌُتاري ڇڏيا(29).

 

2 : مُلان مُلان مَ چئو، آخوند سڀ انڌا

لاهي ڇڏ لطيف چئي، کاڻين جا کنڌا،

سڙي سڀ سنڌا، ويا طمع ۾ تن جا(30).

 

3 : مُلان مُلان مَ چئو، هي آهيڙي آهين

مرونءَ سندي ماھ تي، ٿا ماڻڪ مٽائين،

اهڙا ئي آهين، لعنتي لطيف چئي(31).

 

4 : مُلان مُلان مَ چئو، هي اوتڙ پيا آهين،

حرف جو هدايت جو، ٻيءَ ڀَتِ ٻُڌائين،

هُو اِنهيءَ ۾ آهين، جا گمراهيءَ گس جي(32).

 

5 : مُلان! مُٺئي ماءُ، پِتو ڦٿو پيٽ ۾

سُڃاڻي الله، ٽُٻي ڏنئي ڌُوڙ ۾(33).

 

6 : مُلان مسيتن ۾، ماري ڪجن مُڃَّ

ڀٽن پاسي ڀينگ ڪري، ڪجي سورهين

ڪوهين سُڃَّ،

آخوندن جي اُڃَّ، لهي ڪين لطيف چئي(34).

 

7 : ڏهرجن کان ڏُور، رھ ته راحت پِرائيين،

پڙهن تسبيون پاپ جون، اُٿيو آڌيءَ رات اَسُور(35)،

 

8 : ڳاها بي راها ٿيا، واڻيا سندن پير

ڏيئي وٽيون کير، ڌڻيءَ ڌُتاري ڇڏيا(36).

 

هاڻي ڀٽائيءَ صاحب، هتان کان اولھ طرف، ”درسگاھه سريواريءَ“ ڏانهن سفر شروع ڪيو، جنهن جو احوال اڳتي شامل ڪيو ويو آهي.

ڀٽائي صاحب جو درسگاهه سريواريءَ ڏانهن اچڻ:

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه، چوٽياريءَ جي وڏي عالم مخدوم ميان محمد مبين ڪيريو ”ٿرائي رحه“ جن وٽ اڪثر ايندا رهندا هئا(37). هڪ ڀيري چوٽياريءَ کان کنڀري (تعلقي کپري) ۽ ان کان پوءِ، درسگاھ سريواريءَ ۾ آيا، ته هتي اچي ڪجھ ڏينهن قيام ڪيائون(38). ان وقت درسگاھ سريواريءَ جو مهتمم ۽ سنڀاليندڙ، مخدوم ميون علي محمد ڪيريو رحه جن هوندا هئا. (نوٽ: اسان هن کان اڳ ۾، سه ماهي مهراڻ 2010ع شمارو 4، صفحي نمبر 149 تي، مخدوم ميان تاج محمد ڪيريو رحه جن جو نالو لکي آيا آهيون، پر هيءَ ملاقات، مخدوم ميان علي محمد ڪيريو رحه جن سان ٿي هئي، جنهن کي درست ڪرڻ فرمائيندا.)

ڀٽائي صاحب جڏهن فقيراڻو لباس پهري، درسگاھ جي اندر داخل ٿي ويهي رهيو، ته طالبِ علمن کيس ڪو غير مسلم يا سامي فقير سمجھي، درسگاھ منجھان ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ زور ڀريو، پر پاڻ منهن مونن ۾ هڻي، مسڪرائيندو ويٺو رهيو ۽ زور ڀرڻ جي باوجود ٻاهر ڪونه نڪتو. جڏهن اهڙو اطلاع درسگاھ جي مهتمم، مخدوم ميان علي محمد ڪيريو رحه جن کي ڏنو ويو، ته پاڻ جلدي جلدي درسگاھ جي اندر پهتو ۽ اهڙي ويس واري مسافر کي ڏسي، فڪري ۽ روحاني بصيرت وسيلي، کين يڪدم سڃاتائون ۽ هي بيت ڏنائون: ”ڪُوڙو تُون ڪُفر سِين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ ، هندو هڏ نه آهيين، جڻيو تو نه جڳاءِ ، تلڪ تني کي لاءِ، سچا جي شرڪ سِين(39) ته ڀٽائيءَ صاحب مسڪرائي، وراڻيءَ ۾ هي ٻه بيت ڏنا : ”ڪافر ٿيءُ ته اُبهين، باب شرع جا ڇڏ ، من مشرڪن گڏ، ته ويجھو ٿين وصال کي(40).“. ”آذرُ ٿيءُ ته اُبهين، ڪٽا جيئن ڪافر، ته سندي ڏينهن حشر، ويجھو ٿين وصال کي(41).“ اهڙيءَ ريت، ڀٽائيءَ صاحب ۽ ميون صاحب، پاڻ ۾ ڀاڪر پائي مليا ۽ هڪٻئي سان حال احوال اوريائون(42).“

ڀٽائي صاحب ۽ ميان بزرگن جي قرب ڪچهري:

ڀٽائي رحه درسگاھ سريواريءَ ۾ اچڻ کان پوءِ، هتي ڪجھ عرصو قيام فرمايو. انهيءَ دوران، ڀٽائي رحه ۽ ميين صاحبن جون، پاڻ ۾ قرب ڪچهريون ٿينديون رهيون. ڀٽائيءَ صاحب، ميان بزرگن کان معلوم ڪيو ته: ”توهان جو هن وقت مرشد ڪير آهي؟“ ميين صاحبن فرمايو ته: ”اسين حضور اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم  جن جي شريعت پاڪ جا، پورا پورا پائبند ماڻهو آهيون، ان ڪري مرشد ڪرڻ بابت اسان جو ارادو ۽ خيال ڪڏهن ڪونهي ويو ته ڀٽائيءَ صاحب کين فرمايو ته: ”توهان مرشد ڪريو، ڇو جو سلسله طريقت به حضور اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن وٽان هلندو اچي ٿو“. تڏهن ميين صاحبن کين فرمايو ته: ”اسان جا وڏا، يعني بابا سائين ۽ ڏاڏو، هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري چڪا آهن، اسين هن وقت الله پاڪ جي محبت ۾، ڪنهن الله واري اولياءَ ۽ بزرگ جي انتظار ۾ ويٺل آهيون. جيئن ته توهان سيد ۽ اهل بيت آهيو، تنهنڪري مهرباني فرمائي، اسان کي پنهنجي هٿ تي، تلقين ۽ بيعت ڏيڻ فرمايو(43).“ ڀٽائي رحه کين چيو ته: ”اسان جو دور ۽ زمانو هاڻي ختم ٿيڻ وارو آهي. هن صديءَ جو قادري سلسلي جو، هڪ مجدد اولياءَ ظاهر ٿيڻ وارو آهي، آءٌ هن سرزمين تي، ان بزرگ جو فيض ۽ انوارات ڏسي رهيو آهيان، توهان ان جا مريد ۽ طالب ٿيندا ۽ کانئن روحاني فيض حاصل ڪندا، نه فقط ايترو، پر ان اولياءَ ۽ بزرگ کي، هن علائقي ۽ خطي ۾، متعارف ڪرائڻ وارا به توهان ئي ٿيندا(44).“

ڀٽائيءَ صاحب جو ڏندڻ:

مشهور روايت آهي ته: ”هتي ڪجھ عرصو قيام ڪرڻ وقت، ڀٽائيءَ رحه ڄار جي ٽاريءَ جو ڏندڻ ڏنو. (ڪي ڪرڙ جي ٽاريءَ جو ڏندڻ به چون ٿا) جيڪو آخر ۾، مسجد شريف جي الهنديءَ ديوار ۾، ٻاهرين پاسي، ادب جي لحاظ کان، داخل ڪري بيهاريائين. سانوڻ جي موسم هئي، انڪري اهو ڏندڻ سُڪي وڃڻ بدران سائو رهيو ۽ اتي ڦوٽهڙو ڪري، ٽاريءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿي بيٺو(45).“ جڏهن عام ماڻهن کي، انهيءَ ڏندڻ جي ڦٽڻ جي خبر پيئي، ته خير ۽ برڪت جي خيال کان، ماڻهو ان ٽاريءَ جا پن، ڇوڏا، ٽاريون ۽ ڪاٺيون به ذرو ذرو ڪري پٽي کڻي ويا. ان ڏندڻ جي پاڙ( مُنڍ ) جو نشان، اڄ به انهيءَ ديوار ۾ موجود آهي، جنهن جي زيارت خاطر، ماڻهو مسجد شريف جي ٻاهرين پاسي کان ڦِرِي، ڏسڻ ويندا آهن ۽ ان کي هٿ ڦيريندا آهن.

ڀٽائيءَ رحه جي طرفان ميين صاحبن کي سوکڙيون ڏيڻ:

ڀٽائي رحه درسگاھ سريواريءَ ۾، ڪجھ ڏينهن قيام ڪرڻ کان پوءِ، جڏهن اڃا اڳتي ”واگھين واري ڀٽ“ ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو ۽ ميين صاحبن کان موڪلائڻ لڳا، ته ان وقت ميين صاحبن کي چار سوکڙيون ڏنائون. هڪ: مخدوم علي محمد ڪيريو رحه ۽ ٻين ڪيريا بزرگن کي، ”ميان“ جو لقب عطا فرمايائون. ٻيو: پنهنجي تسبيح انهن کي تحفي طور ڏنائون، جيڪا ڳاڙهي عقيق جي پٿرن مان تراشي جوڙيل آهي. واضح هجي ته، هن تسبيح جي ٻانگي واري وڏي مڻيي جي چوٽيءَ تي، مُهر اُڪريل آهي، جيڪا ڪنهن خاص تحرير تي ثبت ڪئي ويندي هئي. ٽيون: هي تشڪيل ڏنائون ته، ”هتي زماني جو هڪ مجدد اولياءَ ايندو، توهان ان وٽان روحاني فيض حاصل ڪندا“. چوٿون: فرمايائون ته ”ڏيئي جي وٽ ڀلي ڪيتري به سنهي هجي، پر سريواريءَ ۾، علم ۽ عرفان جي لاٽ قيامت تائين ٻَرندي رهندي(46).“

واضح هجي ته، انهيءَ ڏيئي جي وٽ واري ڳالھ بابت، ڪتاب ”سنڌ جا ڪتب خانا“ ۾ لکيل آهي ته: ”مخدوم ميان محمد مبين ڪيريو رحه، جڏهن علم جي تحصيل لاءِ، ٺٽي ڏانهن ويندو رهندو هو، ته نصرپور ۾، حضرت ميين شاھ عنات رضوي رحه جن وٽان، قرب جا قدم ڀريندو ويندو هو. هڪ ڀيري ميين شاھ عنات نماز ويٺي پڙهي ۽ سجدو آڏو رکيل هڪ وڏي پٿر تي پئي ڏنائين. ملاقات مهل، ميين محمد مبين ڪيريو رحه جن کي چيائين ته: ”ابا! هاڻي ايترو جھور پوڙهو ٿي ويو آهيان، جو نِوڙي سجدو نٿو ڏيئي سگھان. پوءِ ميين محمد مبين، کڏ مان مٽيءَ ڪڍي، وڏو پيڙهو ٺاهيو ۽ هڪ ٻه ڏينهن اُس ۾ رکي، ان کي سُڪايائين. تنهن بعد اهو پيڙهو کڻي، ميين شاھ عنات رحه جن کي، نماز پڙهڻ لاءِ سَولو ڪري رکي ڏنائين. ميين شاھ عنات نماز پڙهي چيو ته: ”ابا! هاڻي سجدو سَولو ڏيئي ٿو سگھان(47). تڏهن ميان محمد مبين ڪيريو رحه اڳتي وڃڻ لاءِ موڪلايو ۽ کانئس دعا لاءِ عرض به ڪيائين. ميين شاھ عنات رحه جن دعا ڏيندي چيو ته: ”ابا! ڏيئو ٻَرندو رهندو ۽ جي وٽ سنهي ٿي ته به اُجھامندو ڪونه(48).“ ڊاڪٽر بلوچ صاحب هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”ميين عبدالحڪيم چيو ته، اسان اها ڳالھ، پنهنجي والد ميين حاجي محمد کان ٻُڌي، پر اها روايت وڏن کان هلندي اچي ۽ بلڪل صحيح آهي“. ولهار جي قلمي ذخيري ۾ پڻ هيءَ روايت قلمبند ٿيل ملي. ٻي هڪ روايت ۾، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه جن جو ذڪر آهي، پر شاھ عنات وارو ذڪر وڌيڪ صحيح آهي(49).“

ڀٽائي رحه جو  واگھين واريءَ ڀٽ ڏانهن وڃڻ:

ڀٽائي رحه، سريواريءَ جي بزرگن کي دعائون ۽ سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي، پنهنجي اڳينءَ منزل ”واگھين واريءَ ڀٽ“ ڏانهن اُسهيا. جيڪا سريواريءَ کان سَر اولھ طرف، اندازاً چئن ميلن جي مفاصلي تي موجود آهي. ڀٽائي رحه هتي هڪ گھاٽي کٻڙ جي وڻ اندر، مراقبي ۾ ويهي عبادت ڪئي. هتي ڀٽائي رحه جو هڪ مشهور تڪيو موجود آهي. هن ڀٽ کي ”تڪيي واري ڀٽ“ به سڏجي ٿو. واگھين واري ڀٽ تي، سيدن جو هڪ ڳوٺ آباد آهي. انهن سيدن جي وڏي جو نالو ”حاجي شاھ“ هو. حاجي شاھ هڪ بهترين شاھ جو راڳي هو. جنهن جو راڳ اسان روبرو ٻُڌو. شاھ جي راڳ ۾، ساڻس سنگت گُوندرو فقير خاصخيلي ڪندو هو. جيڪو سريواريءَ جو ويٺل هو. مرحوم حاجي شاھ جي فرزندن ۾، سيد حاجي پيرل شاھ، سيد قاسم علي شاھ ۽ سيد امير علي شاھ وڏا خدمتگار ٿي گذريا آهن. هن وقت سيد انعام علي شاھ، واگھين واري ڀٽ جي تڪيي جي سار سنڀار لهي ٿو ۽ هر جمعي جي رات باقاعدگيءَ سان، شاھ جي راڳ جي محفل ڪرائيندو آهي.

ميان تاج محمد جو شيخ (مرشد) جي ڳولا ۾ نڪرڻ:

ڀٽائي رحه، سن 1160 هجريءَ ڌاري، تعلقي سانگھڙ ۽ تعلقي کپري وارن علائقن جو سير و سفر مڪمل ڪري، خير سلامتيءَ سان، واپس ڀٽ شاھ پهچي ويا. سن 1162 هجريءَ ۾، مخدوم ميان علي محمد ڪيريو رحه جن انتقال فرمائي ويا. هاڻي ميون تاج محمد ڪيريو رحه، ڀٽائي صاحب جي دعا ۽ ارشادات کي آڏو رکندي، شيخ (مرشد) جي انتظار ۾ بيحد بيقرار ٿيڻ لڳا. پاڻ بزرگ مراقبو گھڻو ڪندا هئا، ته هڪ رات مراقبي ۾ کين اشارو ٿيو، ته ”هاڻي وقت اچي ويو آهي، ته توهان کي شيخ (مرشد) ملي. ان سلسلي ۾ توهان پنهنجي سفر تي نڪرو“. اهڙيءَ ريت، سن 1163 هجريءَ، يا ان کان ٿورو بعد ۾، مخدوم ميان تاج محمد ڪيريو رحه ۽ سندس ڪجھ ٻيا بزرگ ساٿي، ان عظيم هستي ۽ اولياءَ، يعني زماني جي شيخ جي ڳولا ۾ نڪري پيا. پاڻ جڏهن خيرپورضلعي جي، ڳوٺ شيخ طيب وٽ پهتا(50)، ته ساڻن ملاقات سيد محمد بقا شاھ رحه جن سان ٿي، جيڪي ان وقت ڳئون چاري رهيا هئا(51). واضح هجي ته سيد محمد بقا شاھ رحه جن سان، جڏهن شاھ عبداللطيف ڀٽائيرحه جن جي ملاقات ٿي هئي، تڏهن به پاڻ ساڳئي ئي ڳوٺ جي ڀرسان، ڳئون (مال) چاري رهيا هئا(52).

مخدوم ميون تاج محمد ڪيريو رحه وڏي بصيرت ۽ نگاھ وارا بزرگ هئا، جن ڀٽائيءَ صاحب کي به، پنهنجي والد صاحب سان گڏ، پهرينءَ ئي نظر ۾ سڃاتو هو، لهاذا هن سفر ۾، سيد محمد بقا شاھ رحه جن سان، جڏهن پهرين ملاقات ٿي، تڏهن پاڻ دل سان مطمئن ٿي ويا، ته هي ئي اُهي شيخ (مرشد) آهن، جن ڏانهن رجوع ڪرڻ جي لاءِ، ڀٽائي صاحب جن جو ارشاد فرمايل آهي. ان بعد، پاڻ هڪٻئي سان ويهي حال احوال اوريائون. مخدوم ميان تاج محمد رحه جن وٽ، جيڪا به جمع پونجي کنيل هئي، اُها سيد محمد بقا شاھ رحه جن جي حضور ۾، نذراني طور رکيائون. اهڙيءَ ريت، حضرت جن کي مال چارڻ واري عمل کان فارغ ڪري، کين پنهنجي علمي آماجگاھ درسگاھ سريواريءَ ۾، دعوت ڪري ڳنهي آيا(53).

سيد محمد بقا شاهه رحه جن جو سريواريءَ ۾ اچڻ:

سيد محمد بقا شاھ رحه جن کي، درسگاھ سريواريءَ جا ميان بزرگ دعوت ڪري، سريواريءَ ۾ ڳنهي آيا، ته حضرت جن هتي ڪجھ عرصو قيام فرمايو. سيد محمد بقا شاھ رحه جن، ڪنهن ڪنهن خاص ماڻهوءَ کي، سلسلئه طريقت ۾ تلقين ڪرڻ فرمائيندا هئا. انڪري سريواريءَ ۾ اچڻ بعد، صرف مخدوم ميان تاج محمد ڪيريو رحه جن کي ئي، طريقت ۾ تلقين فرمائي، پنهنجي سلسلي قادري نقشبندي ۾ شامل ڪرڻ فرمايائون. اهڙيءَ ريت، سندن درميان پيري ۽ مريديءَ وارو سلسلو قائم ٿي ويو(54).

حضرت روضي ڌڻي رحه جن جو سريواريءَ ۾ اچڻ:

سن 1198هجريءَ ۾، جڏهن سيد محمد بقا شاھ رحه جن شهادت جو پيالو پي ويا ۽ امام العارفين مجدد العصر سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحه قدس سره جن کي گادي نشين بنايو ويو(55)، تڏهن درسگاھ سريواريءَ جو بزرگ، مخدوم ميان تاج محمد ڪيريو رحه، پهرين ئي فرصت ۾، سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحه جن کي، سريواريءَ ۾ دعوت ڪري وٺي آيا. هتي پهچڻ شرط، حضرت جن، مخدوم ميان تاج محمد ڪيريو رحه کي، پنهنجي خليفي جو درجو ڏيڻ فرمايو. سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحه جن جو سريواريءَ ۾ اچڻ جو ٻڌي، ڪيترين ئي ذاتين جا ماڻهو، جيڪي اڳيئي ڪيريا بزرگن جا عقيدت مند هئا، اهي زيارت خاطر ۽ سلسلئه طريقت ۾ شامل ٿيڻ واسطي، سريواريءَ ۾ اچي گڏ ٿيا. اهڙين ذاتين ۾، ابڙا، جوڻيجا، خاصخيلي، راڄڙ، ڪيريا، مري، مڱريا، نظاماڻي، هڱورا، هڱورجا ۽ هندن ۾ واڻيا وغيره به اچي سندن مريد ٿيا(56).

هاڻي امام العارفين مجدد العصر سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحه قدس سره جن جي اچڻ وڃڻ جو سلسلو، درسگاھ سريواريءَ سان گھڻو منسلڪ ٿي ويو، جنهنڪري پاڻ ٻين علائقن ڏانهن، روحاني سفر جي شروعات به گھڻو ڪري، هتان کان ئي شروع ڪندا هئا. پاڻ پنهنجن مريدن ۽ عقيدت مندن کي اهو به فرمايائون، ته: ”جيڪو به اسان جو مريد، درگاھ شريف (پير جو ڳوٺ، ضلعي خيرپور) پهچي نه سگھي، ته اهو سريواريءَ ۾ اچي، درسگاھ جي زيارت ڪري وڃي، ته اهو ڄڻ اسان جي درگاھ شريف تي آيو“. هتان کان ٻين علائقن ڏانهن جيڪي روحاني سفر ٿيندا هئا، انهن ۾ اجمير شريف، اڇڙو ٿر، بدين، جيسلمير، راڙ، ڪڇ ۽ ڪڙيوگهنور وغيره شامل هوندا هئا(57).

خليفن ۽ خطن جو ذڪر:

پير سائين سيد محمد راشد روضي ڌڻي قدس سره جن جي خليفن جو تعداد، اندازاً تيرنهن سَو ٻڌايو وڃي ٿو(58). البت انهن ۾، جيڪي مُک ۽ مشهور خليفا هئا، انهن ۾ خليفو سيد محمد حسن شاھ جيلاني، خليفو محمود فقير نظاماڻي، خليفو نبي بخش ”قاسم“ لغاري، خليفو سارنگ فقير ڪلهوڙو، خليفو ميان الھ رکيو ۽ خليفو سيد جان محمد شاھ بخاري رحه جن جا نالا قابلِ ذڪر آهن(59). البت ڪافي ڪتابن جي اٿل پٿل ڪرڻ کان پوءِ به، خليفي مخدوم ميان تاج محمد ڪيريو رحه جن جو اسمِ گرامي پڙهڻ لاءِ ڪونه مليو.

          اهڙيءَ ريت، وري جڏهن مڪتوبات شريف ۾ شامل خطن جي متن تي نظر وجھون ٿا، تڏهن به انهن ۾، اُن خط مبارڪ جو متن يا حوالو وغيره شامل ڪونه آهي، جيڪو حضرت روضي ڌڻي رحه جن، پنهنجي خليفي مخدوم ميان تاج محمد ڪيريو رحه جن ڏانهن، ڪنهن بياض جي حصول واسطي لکيو هو. هي خط سن 1199 هجريءَ جو لکيل آهي، جنهن جو نقل اسان کي حاجي محمد بخش ڪُٻر عفي عنه جن جي هٿ اکرن سان لکيل، شهيد عبد الرحيم گرهوڙيءَ رحه واري قلمي نسخي مان دستياب ٿيو(60).

حضرت روضي ڌڻي رحه جن جو لکيل خط مبارڪ:

امام العارفين مجدد العصر سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحه قدس سره جن، پنهنجي خليفي ۽ درسگاھ سريواريءَ جي مهتمم، مخدوم ميان تاج محمد ڪيريو رحه جن کي، هڪ خط مبارڪ لکيو. هتي ان خط مبارڪ جو متن ۽ ترجمو پيش ڪجي ٿو.

بِسمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيمِ

حَامد وَ مُصَلّيِا: اَما بَعد فَهٰذا مَڪتُوب مِن الفَقير الحَقير حفظ الحفيظ اَخوي مِيان تَاج مُحمَّد الي العفي الڪريم اليٰ عُمده العلماء وَ اَسوه صلحاء. وصيت آن ڪهِ دم را بغير اسم دم آفرين بر نيايد آورد پس از سي سال اين معنيٰ محقق شُد بخاقاني ڪهِ يڪ دم با خرابودن به از مُلڪ سليماني. زياده والسلام.

مگر آن ڪهِ اگر بياض مفروغ با شُد چند روز بطريقِ عاريه عنايت فرمايند. چِيزي ازان اخذ نموده خواهم فرستاد. انشاءَ الله تعاليٰ.

(ترجمو: الله رب العزت جو حمد ۽ نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم تي صلواتون. اما بعد، هيءُ خط، فقير حقير جي طرفان، جنهن کي الله تعاليٰ حفاظت ۾ رکي، منهنجي ڀاءُ ميان تاج محمد ڏانهن، جيڪو سڀني عالمن مان بهترين ۽ صالحن بزرگن جي نشاني آهي. توهان کي هي نصيحت ۽ وصيت ڪجي ٿي ته: ”هڪ ساھ به، ساھ پيدا ڪندڙ جي نالي کان سواءِ نه کڻڻ گھرجي“. ٽيهن سالن کان بعد، هيءَ حقيقت خاقاني (شاعر جو نالو) تي کُلي آهي ته: ”هڪ گھڙيءَ الله جي ياد ۾ گذارڻ، حضرت سليمان عليہ السلام جي بادشاهيءَ کين بهتر آهي“. خاص ڳالھ هيءَ ته ”جيڪڏهن توهان وٽ بياض (هٿ سان لکيل قلمي نسخو) واندو ٿيل هجي، ته ڪجھ ڏينهن لاءِ، اُڌاري طور ڏيڻ جي عنايت فرمائيندا. ڪجھ ان بياض مان فائدو حاصل ڪري، توهان کي موڪلي ڏينداسون. انشاءَ الله تعاليٰ!“)

مُهر..سن 1199 هجري(61).

هن خط جي نقل واري متن ۾، هڪ عدد سنڌي بيت به شامل ڪيل آهي. ڪافي دوستن جو خيال آهي، ته اهو بيت، حضرت سيد روضي ڌڻي رحه جن جو پنهنجو چيل آهي. البت هن بيت سان ملندڙ جلندڙ، هڪ بيت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جن جو به چيل آهي. پڙهندڙن جي تحقيق ۽ دلچسپيءَ خاطر، اُهي ٻيئي بيت هتي پيش ڪجن ٿا:

خط ۾ شامل بيت:

جان پُڄي تان پُورِ، نا ته پُڄڻ هوءِ نه پِرينءَ کي،

ڏورينديَنِ ڪنان ڏُورِ، هوتُ هڏهين نه  ٿئي.

شاھ جي رسالي ۾ شامل بيت:

پُڇيوءِ تان پُورِ ، نا ته پُڇڻ هوءِ مَ پِرينءَ کي،

ڏورڻ واريون ڏُورِ، هَڏِ نه  آهنِ هوتَ  کي(62).

 

درسگاهه جو ڪُتبخانو:

مٿي لکي آيا آهيون، ته درسگاھ سريواريءَ ۾، سنڌ جا وڏا عالم ۽ ڪاتب موجود هوندا هئا. انهن عالمن ۽ ڪاتبن جا هٿ اکر، بيحد سهڻا، ۽ انتهائيءَ خوبصورت هئا. سندن سهڻي صورتخطي ۽ تحرير ڏسي، ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون. هتي جي عالمن قرآن شريف، احاديث مبارڪه، فقه، ديني ڪتابن ۽ ٻين ٻولين جا، سوين خوبصورت قلمي نسخا، پنهنجن هٿن سان لکيا. اهي قلمي نسخا، سنڌ جي ٻين مشهور درسگاهن ۽ عالمن ڏانهن، حديتن ۽ تحفتن اماڻيا به ويندا هئا. ڪتاب ”سنڌ جا ڪتبخانا“ ۾ لکيل آهي ته: ”چوٽياريءَ جي عالم ميين عبد الرسول ڪي ڪتاب سريواريءَ جي بزرگن کان ورتا. قرآن الڪريم قلمي جو پويون جُز، (سوره ياسين کان آخر تائين) سريواريءَ جي ميين عبد الحق بن ميان تاج محمد بن ميان علي محمد کان ورتائين. هن ڪتاب جي آڏو ورقن تي، سن 1272 هجري، سندس هٿ اکرين تحرير نظر مان گذري(63).

جڏهن درسگاھ پنهنجي زوال پذيريءَ کي وڃي پهتي، ته هتان جا عالم سڳورا ۽ ٻيا ماڻهو، پنهنجا سِر بچائي، نقل مڪاني ڪري هليا ويا. پاڻ سان گڏ قلمي نسخا ۽ ٻيا قيمتي ڪتاب کڻي ڪونه سگھيا. اهي نسخا ۽ ڪتاب درسگاھ جي ڪتبخاني ۾، غير محفوظ رهجي ويا. انهن مان ڪجھ ڪتاب، انگريز سرڪار جي ڪامورن کنيا ۽ ڪجھ اُڏوهيءَ کاڌا. مقدس ڪتابن جي بيحرمتيءَ واري حالت ڏسي، هڪ اڻپڙهيل اوٺار کي رحم آيو، جنهن بقايا ڪتاب اٺن تي سٿيا ۽ کڻي وڃي پير جھنڊي واري مدرسي ۾ جمع ڪرايا(64). جڏهن ملڪ ۾ امن امان وارو ماحول موٽي آيو، ته ڪيريا بزرگن جا ڪجھ گھراڻا، وري واپس سريواريءَ موٽي آيا. جن پراڻو (درسگاھ وارو) ڳوٺ ڇڏي، ڪاري ناري ( هاڪڙي ) جي ڏاکڻي ڪپ تي، نئون ڳوٺ ٻڌو، جيڪو اڄ تائين آباد آهي.

1960ع واري ڏهاڪي ۾، لغاري قبيلي جي وڏي عالم ۽ مفتي، مولوي عبد القادرلغاري، ڪيريا بزرگن ڏانهن پيغام اماڻيو، ته ”درسگاھه سريواريءَ جا ڪجھ ڪتاب ۽ قيمتي قلمي نسخا، پير جھنڊي واري مدرسي ۾ موجود آهن، اگر ڪنهن به ڪيريا بزرگ کي طلب هجي، ته اهي اتان حاصل  ڪري سگھجن ٿا“. چون ٿا ته ڪو مناسب جواب يا اشاري نه ملڻ سبب، اهي نسخا، وري اڃا اڳتي، ڪراچيءَ جي ڪنهن ڪتبخاني ۾ جمع ڪرايا ويا(65). اهڙيءَ ريت، درسگاھ سريواريءَ جا قيمتي قلمي نسخا، ڪتاب ۽ ٻيا بياض، باالآخر هتان کان هميشه هميشه جي لاءِ هليا ويا.

سريواريءَ جي ڪتبخاني جا مشهور ڪاتب:

درسگاھ سريواريءَ جا، جيڪي مشهور ڪاتب هئا ۽ تمام سهڻن اکرن سان قلمي نسخا ۽ بياض تحرير ڪندا هئا، انهن ۾ ميان علي محمد ڪيريو رحه، ميان تاج محمد ڪيريو رحه، ميان عبد الحق ڪيريو رحه ۽ ميان ولي محمد ڪيريو رحه جن جا نالا قابلِ ذڪر آهن. انهن ڪاتبن جا هٿ اکر، انتهائيءَ خوشخط ۽ موتين جهڙا سهڻا هوندا هئا. گھڻو ڪري پنو يا ڪاغذ پنهنجن هٿن سان، مسالحي جي ذريعي تيار ڪيو ويندو هو. پنو سُڪڻ کان پوءِ، ان کي مستطيل ڪتري، ڪاري ۽ ڳاڙهيءَ مس هٿ سان ٺاهي، مس ڪُپڙيءَ ۾ وجھي، گوڏو ڀڃي ويهي لکبو هو. ان هٿرادو مس سان لکيل اکر، گھڻو ڪري پاڻيءَ سان به ڪو نه ڊهندا هئا. ڪاتب انهيءَ مس ۾، مُشڪ عنبر ملائي پوءِ لکندا هئا، ته جيئن ڪتاب کُلڻ سان، ماڻهوءَ کي معطر خوشبوءِ محسوس ٿئي. مٿي ڄاڻايل ڪاتبن، ڪيترا ئي قيمتي ڪتاب ۽ قلمي نسخا تحرير ڪيا، جن جو ذڪر تاريخ جي ورقن ۾ سدائين ٿيندو رهندو.

ڳوٺ اسماعيل ڪنڀار جو ڪتبخانو:

سال 2005ع ڌاري، آءٌ (راقم) ۽ مرحوم عزيز الله ڪُٻر صاحب، هڱورني لڳ، ڳوٺ محمد اسماعيل ڪنڀار ۾، ڪتب خاني جي زيارت خاطر وياسين. هڪ دوست، جيڪو ذات جو ڪنڀار هو، ان چند ڪتاب کاٻي ٻانهن تي رکي، اسان کي ٻاهر اچي ڏيکاريا. ڪنهن ذاتي مصروفيات يا مجبوريءَ سببان، اسان کي ڪتب خاني جي زيارت ڪرائي ڪونه سگھيو. اوطاق تي آندل ڪتابن ۾، عربي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل ٻه ٽي ڪتاب هئا، جن جا اڳيان ۽ پويان پنا ڦاٽل هئا. انهن مان هڪ ڪتاب، هٿ سان ٺاهيل پني تي تحرير ٿيل هو. ان ڪنڀار دوست ٻڌايو، ته هي ڪتاب مخدوم ميان محمد مبين ڪيريو رحه جن جي درسگاھ چوٽياريءَ مان آندل آهن. جيڪي ميين صاحب جي پونيرن اسان کي عنايت فرمايا، اتي درسگاھ سريواريءَ جو ذڪر به نڪتو، پر پاڻ فرمايائون ته اهڙن قيمتي قلمي نسخن ۽ ڪتابن جو، اسان جي ڪتب خاني ۾، ڪوبه ناياب نسخو موجود ڪونهي.

آخري ايامن ۾ درسگاهه جا سنڀاليندڙ:

مخدوم ميان تاج محمد ڪيريو رحه (متوفي....؟) واري زماني کان پوءِ، مخدوم ميان حبيب الله ڪيريو رحه ( متوفي....؟) درسگاھ کي سنڀاليو ۽ ان جي عروج ۾ ڪمي اچڻ ڪونه ڏني. جڏهن سيد حزب الله شاھ ”مسڪين“ تخت ڌڻي رحه ( جنم: 1255ھ وفات: 1308ھ) جن جي دور ۾، ٻي حر تحريڪ زور ورتو، تڏهن درسگاھ جا سنڀاليندڙ، مخدوم ميان عبد الحق رحه (متوفي....؟) ۽ مخدوم ميان ولي محمد ڪيريو رحه (متوفي....؟ ) هئا. جن گھڻي ڪوشش ڪئي ته درسگاھ جي عروج کي قائم رکجي، ليڪن ماڻهن جي لڏ پلاڻ، افراتفري ۽ انگريز سامراج جي بربريت واري رويي، هن درسگاھ تي خراب اثر ڇڏيا، انڪري هتي درس و تدريس وارو عمل ختم ٿي ويو.

درسگاهه جي زوال پذيريءَ جا اسباب:

درسگاھ سريواريءَ ۾، پاڳارا خاندان جي پيرن، خليفن، اميرن ۽ فقيرن جي اچڻ وڃڻ جو سلسلو، شمس العارفين سيد محمد بقا شاھ پٽ ڌڻي رحه ۽ امام العارفين مجدد العصر سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحه جن کان وٺي، هلندو ايندو هو. سيد صبغت الله شاھ (اول) تجر ڌڻي رحه (جنم: 1193 ھ وفات: 1246هه) جن جي دور ۾، پهرين حُر تحريڪ شروع ٿي. پير صاحب انگريز حاڪمن ۽ ڌارئي سامراج خلاف، سيد احمد ۽ شاھ اسماعيل جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو (66). ٻي حر تحريڪ سيد حزب الله شاھ مسڪين تخت ڌڻي رحه (جنم: 1255ھ وفات: 1308ھ) جن جي دور ۾ شروع ٿي. جڏهن بچو بادشاھ ۽ پيرو وزير، سنڌ جي ڪجھ علائقن تي آزاد حڪومت جو اعلان ڪيو (67). ٽين حر تحريڪ حضرت سيد صبغت الله شاھ (ثاني) پڳ ڌڻي رحه (شهيد سورهيه بادشاھ، جنم: 1328ھ وفات: 1943ع) جن جي دور ۾ شروع ٿي. پير صاحب پاڳارا جي خاندان کي، انگريزن خلاف نفرت ۽ بغاوت ورثي ۾ ملندي رهي. جنهن جو سڌو سنئون اثر، هن درسگاھ تي به پوندو رهيو. اپريل: 1942ع ۾، انگريزن حر تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ، سنڌ ۾ ”حر ايڪٽ“ پاس ڪيو. جنهن موجب، حرن جون سموريون جائدادون ۽ ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. جون 1942ع ۾، سنڌ ۾ مارشلا نافذ ڪيو ويو. انگريز سرڪار مليٽري جي مدد سان، بربريت جو طوفان ٻاري ڏنو (68). انهيءَ ظلم ۽ بربريت جو اثر، ٻين علائقن سان گڏوگڏ، درسگاھ سريواريءَ تي به پيو. حالانڪهِ ٻي حر تحريڪ کان پوءِ، هن درسگاھ تي، زوال پذيريءَ جا اثرات ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا. پهرينءَ حر تحريڪ کان وٺي، هن درسگاھ تي ڪَرڙي نظر رکي ويئي. اهڙيءَ ريت، انگريزن جي دور ۾، پير صاحب پاڳارا جي مريدن کي گرفتار ڪري، جيلن ۾ وجھڻ جو سلسلو شروع ٿيو، ته ماڻهن سريواريءَ مان به لڏپلاڻ شروع ڪري ڏني. درسگاھ جا عالم سڳورا ۽ مولوي صاحبان، روپوشي اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا. ڪي بزرگ مديني منوره ڏانهن هجرت ڪري هليا ويا، ته ڪن وڃي سنڌ جا ٻيا شهر وسايا. انڪري درسگاھ جو اوج ۽ عروج تمام گھڻو متاثر ٿيو.

وري جڏهن امن امان جو دور موٽي آيو، ته ڪيريا بزرگن جا پونير، ساڳي درسگاھ جي ڀر ۾، ڍوري (ڪاري ناري يا هاڪڙي ) جي ڏاکڻين پاسي کان، نئون ڳوٺ ٻڌي ويٺا، جتي اڄ به انهن جو  هڪ عاليشان ڳوٺ آباد آهي. البت درسگاھ سريواريءَ وارو اڳوڻو ڳوٺ ۽ علائقو، وري ٻيهر آباد ڪونه ٿيو. هن وقت درسگاھ واري ماڳ تي، مشهور عالمن جون ڪجھ مزارون ۽ مسجد شريف جي هڪ عدد ڀُريل ۽ شهيد ٿيل عمارت موجود آهي، جنهن کي ڏسي ماڻهو موٽي وڃن ٿا.

درسگاھه تي موجود مزارن جي صورتحال:

درسگاھ تي موجود، مسجد شريف جي اوڀر طرف کان، ٻه عدد ورانڊا تعمير ڪرايل آهن، جن جي اندر، بزرگن جون ڪجھ مزارون موجود آهن. انهن جي صورتحال هن ريت آهي: پهريون وڏو ورانڊو: هن ۾ ڇھ عدد مزارون موجود آهن. اوڀر کان پهرين مزار مخدوم ميان عبد الحق ولد مخدوم ميان تاج محمد جي آهي. ٻي مزار، مخدوم ميان عبد الباسط ولد مخدوم ميان تاج محمد. ٽين تي لکيل آهي سيد طاهر شاھ. چوٿين مخدوم ميان تاج محمد ولد مخدوم ميان علي محمد. پنجين مخدوم ميان علي محمد ولد مخدوم ميان محمد علي تي لکيل آهي، خدمتگار آدم خان مري بلوچ. ٻئي ننڍي (ڏاکڻي) ورانڊي ۾، صرف هڪڙي مزار موجود آهي، جنهن جي ڪتبي تي لکيل آهي: ”مخدوم ميان حبيب الله بن تاج محمد ڪيريو رحه“.

واضح هجي ته، درسگاھ جي باني مخدوم ميان محسن بن اوڀايو ۽ مخدوم ميان محمد علي بن مخدوم ميان محسن رحه جن جون مزارون، چوٽياري شريف ۾، مخدوم ميان محمد مبين ڪيريو ”ٿرائي“واري قبرستان ۾ موجود آهن. جن کي سندن وصيت موجب، پنهنجن عزيزن قريبن واري قبرستان ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو، جتي اهي ابدي آرامي آهن.

سريواريءَ ۾ رکيل بزرگن جي ڪتبن تي لکيل اکر، گھڻي ڀاڱي ميسارجي چڪا آهن. هنن ڪتبن تي ڪوبه سن وغيره لکيل ڪونه آهي، جو انهن مان ادوار جي سچي ۽ حقيقي معلومات ملي سگھي ها. صرف مخدوم ميان علي محمد رحه جن جي ڪتبي تي، وفات جو سال 1162 هجري لکيل هوندو هو، جيڪو راقم پاڻ پڙهيو ۽ نوٽ به ڪيو، البت هي سن به هاڻي ڊهي چڪو آهي.

تبرڪات جون زيارتون:

موجوده ڪيريا بزرگ ميان پير محمد صاحب ۽ ان جي فرزند ميان جلال الدين ڪيريو صاحب، هن تحقيق ۾ اسان جي ڀرپور مدد ۽ معاونت ڪرڻ فرمائي. جن بعد ۾ ڪجھ تبرڪات وغيره جون زيارتون به ڪرايون. اهڙين المبارڪ ۽ خوبصورت شين ۾، هڪ عدد قرآن الڪريم جو رنگين قلمي نسخو به ڏيکاريو ويو. 676 صفحن تي آڌاريل هن قرآن الڪريم جا پنا، هٿ سان تيار ڪيل هئا، جنهن تي لکجڻ جو سال ۽ ڪاتب جو نالو درج ڪيل ڪو نه هو. ان وقت جا عالم سڳورا، گھڻو ڪري نيڪيءَ جا ڪم لڪائيندا هئا، يعني مخفي رکندا هئا. سندن خيال هوندو هو ته: ”اُن جو اُجورو، فقط الله تبارڪ و تعاليٰ جي ذات با برڪات ئي ڏيئي سگھي ٿي. جنهن کي ظاهر ڪرڻ، نمائش جي ذمري ۾ اچي ويندو“. هڪ عدد دلائل الخيرات جي زيارت به ٿي. هي رنگين قلمي نسخو، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه جن جي هٿ اکرين لکيل هو. هڪ عدد عصا ( لٺ ) جي زيارت به نصيب ٿي. هي عصا مبارڪ مخدوم ميان تاج محمد ڪيريو رحه جن جي هٿ استعمال ۾ هوندي هئي. اهڙيءَ ريت، هڪ تسبيح مبارڪ، جيڪا عقيق جي ڳاڙهن وڏن تي مڻڪن تي آڌاريل ۽ پوتل هئي، ان جي به زيارت ڪرائي ويئي. هي تسبيح مبارڪ شاھ عبد اللطيف ڀٽائيءَ رحه، مخدوم ميان علي محمد ڪيريو رحه جن کي، سوکڙي ڪري ڏني هئي، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي.

آخري نتيجو:

”درسگاھ سريواريءَ“ سن 1100 ھ کان 1110 هجريءَ جي درميان قائم ٿي. هن درسگاھ جو باني مباني مخدوم ميان محسن بن اوڀايو رحه هو. هن درسگاھ کي، مخدوم ميان تاج محمد بن مخدوم ميان علي محمد ڪيريو رحه، پنهنجي علمي ڪماليت ۽ روحاني بصيرت وسيلي عروج تي پهچايو. هتي سنڌ ۽ هند جا هزارين طالب، علم جي فيض مان سيراب ٿيا. هتي نه فقط ظاهري ديني علمن جو سبق پڙهايو ۽ سيکاريو ويندو هو، پر روحاني صفتن تي آڌاريل، طريقت، حقيقت ۽ معرفت جا درياءَ پڻ موجزن هوندا هئا.

هن درسگاھه ۾، شمس العالمين حضرت سيد محمد بقا شاھ (شهيد) ”ڀٽ ڌڻي رحه“، شاھ عبداللطيف ”ڀٽائي رحه“، حضرت مخدوم ميون عبد الرحيم ”گرهوڙي رحه“، امام العارفين مجدد العصر سيد محمد راشد ”روضي ڌڻي رحه“، حضرت سيد صبغت الله شاھ (اول) ”تجر ڌڻي رحه“، امام العاشقين سيد علي گوهر شاھ (اول) اصغر سائين ”بنگلي ڌڻي رحه“ ۽ حضرت سيد حزب الله شاھ (مسڪين) ”تخت ڌڻي رحه“ جهڙا وڏا ڪامل، ولي، پير، بزرگ، اولياءَ ۽ زماني جا قطب تشريف فرما ٿيندا رهيا. جتان کان علم، فيض ۽ فڪر جا سرچشما ڦٽي نڪتا.

اُها درسگاھه، هن وقت پوين پساهن ۾، ڳجھڙي ٻيلي ۾ ساھ کڻي رهي آهي. اُن جي باقي بچيل ٻن اڌورن گنبذن جي غفائن ۾، چمڙا ”چِي چِي“ جو شور مچائي رهيا آهن. هي درسگاھه هن وقت ڏسندڙن جي لاءِ، صرف عبرت جو مقام آهي. جنهن کي ڏسي، عروج کي زوال ۽ زوال کي ”فنا“ جو تصور اڀري اچي ٿو ۽ ڏسڻ سان لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا.

تجويزون:

هن ڀُرندڙ ۽ جُهرندڙ درسگاھ جِي، باقي بچيل عمارت کي بچائڻ خاطر، تمام تڪڙا اُپاءَ ورتا وڃن. هن درسگاھ تائين پهچڻ لاءِ پڪو رستو ۽ رات رهڻ جي لاءِ، هڪ عدد مسافر خانو پڻ تعمير ڪرايو وڃي، ته جيئن مسافرن، محققن ۽ سياحن کي، رات رهڻ ۽ آرام ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. اسان جو ايندڙ نسل، تاريخ جا پيرا کڻي، هنن عالمن ۽ بزرگن جي ڪيل خدمتن جو جائزو وٺي، ان مان فائدو ۽ لاڀ حاصل ڪري سگھي. پيئڻ جي صاف پاڻي، وهنجڻ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ جي لاءِ حوض ٺهرائي، ايندڙ زيارتين لاءِ، جوڳو بندوبست ڪيو وڃي.

حوالا، واڌارا ۽ وضاحتون:

1 : قادري، عبدالرسول، ڊاڪٽر، سنڌ جا ڪتبخانا، ص 113، شڪارپور: مهراڻ اڪيڊمي، (ڇاپو پهريون)، سال 2008ع.

2 : ايضاً، ص 112

3 : ايضاً، ص 114

4 : وفائي، دين محمد، مولانا، راحت الروح، ص 136، ڄام شورو سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو پهريون، سال 2006ع

5 : ڏسو حوالو نمبر 1. ص 113.

6 : آريسر، عبد الواحد، سچ وڏو ڏوهاري آهي، ص 41، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن، ڇاپو پهريون، سال 2007ع

7 ۽ 8 : ايضاً

9 : روايت. هي ڳالھ ميان جلال الدين ڪيريو صاحب ٻڌائي ۽ چيائين ته وڏن کان هلندي اچي

10 : ايضاً

11 : ڏسو حوالو نمبر 4،  136

12 : ڏسو حوالو نمبر 9

13 : ايضاً

14 : ڏسو حوالو نمبر 1، ص 116

15.، 16، 17 ۽ 18 لاءِ، ڏسو حوالو نمبر 9.

19 : هي روايت مون (راقم) پنهنجن وڏن کان ٻڌي

20 : هي روايت، درسگاھ جي موجوده ٻُهاريدار، ميين محمد دائود ڪيريي صاحب نوٽ ڪرائي

21 : حيدري شمشير، سجاڳ سانگھڙ، ص 58، ڇپائيندڙ: سانگھڙ ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن، ڇاپو پهريون، سال 1974ع

22 : محمد شريف، سانگھڙ سووينيئر، ص 35، ڇپائيندڙ: سانگھڙ: ثقافتي ڪاميٽي، ڇاپو پهريون، سال 1984ع

23 : بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، شاھه جو رسالو، ص 36، حڪومت سنڌ: ثقافت ۽ سياحت کاتو، ڇاپو پهريون، سال 2009ع

24 : ڏسو حوالو نمبر 1، ص 111

25 : ايضاً

26 : هي مشهور روايت آهي، جيڪا اسان ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ سگھڙن کان ٻڌي آهي

27 : هي مشهور روايت آهي

28 : هي مشهور روايت آهي، جيڪا وري تفصيل سان، سيد دلاور شاھ ٽنڊي مٺا خان واري ٻُڌائي

29 : جنجھي الھ داد خان سگھڙ حاجي، شاھه جو گنج، ص 52، حيدرآباد: ڪويتا پبلشرز، وڌايل ڪلام سان گڏ، (ڇاپو پهريون)، سال2008ع

30.، 31، 32 ۽ 33 ايضا

34 : هي بيت، منجيري جعفر خان ولد ميان جي حاجي حسين فقير لغاري پنيريءَ واري ٻُڌايو ۽ چيائين ته مون سگھڙن کان ٻُڌو آهي

35 : هي بيت، حافظ اميد علي راڄڙ صاحب، مهتمم مدرسه صبغت النور کپري واري ٻُڌايو ۽ چيائين ته، اهڙا بيت مرحوم حاجي عبد القدوس راڄڙ صاحب اسان کي ٻُڌائيندو هو.

36 : ايضاً

37 : ڏسو حوالو نمبر23، ص 36

38 : ڏسو حوالو نمبر9

39 : ڏسو حوالو نمبر23، ص 54

40 : ايضاً

41 : بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، شاھه جو رسالو، رسالي جو ڪلام، جلد ڏهون، ص 155، ڇپائيندڙ: علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد سنڌ: ڇاپو پهريون سال 1996ع.

42 : هي مشهور روايت آهي

43 : ڏسو حوالو نمبر28

44 : ڏسو حوالو نمبر9

45 : هي مشهور روايت آهي

46 : ڏسو حوالو نمبر9

47 : ڏسو حوالو نمبر1، ص 115

48 : ايضاً

49 : ڏسو حوالو نمبر1، ص 116

50 : سڪندري، نذر حسين، ڊاڪٽر، مڪتوبات شريف روضي ڌڻي رحه، ص 42، سانگھڙ سنڌ: مدرسه صبغت الهديٰ، نيو ڪالوني شاهپور چاڪر

51 ۽ 52 : ايضاً

53 : ڏسو حوالو نمبر9

54 : ايضاً

55 : ڏسو حوالو نمبر50، ص 68

56 : ڏسو حوالو نمبر9

57 : ايضاً

58 : ڏسو حوالو نمبر50، ص 123

59 : ايضاً

60 : ڪُٻر محمد بخش حاجي، ڪلام گرهوڙيءَ جو هٿ سان لکيل قلمي نسخو، ابتدائي پنا، لکت وارو سال 1360 هجري

61 : هن فارسي خط جو ترجمو، مولوي احمد علي شر سڪندري صاحب، عربي ٽيچر، نيشنل اسلاميه هاءِ اسڪول کپرو جن ڪري ڏنو.

62 : ڏسو حوالو نمبر23، ص .242

63 : ڏسو حوالو نمبر1، ص 130

64 : هي روايت، منجيري جعفر خان ولد ميان جي حاجي حسين فقير لغاري پنيريءَ واري نوٽ ڪرائي ۽ چيائين ته اسان پنهنجن وڏن کان ٻُڌي آهي.

65 : ايضاً

66 : فهميده حسين پروفيسر، ڊاڪٽر، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ص 336، حيدرآباد سنڌ:  سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، ڇاپو پهريون، سال 2012ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org