سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2019ع

باب:

صفحو:8 

نذير ’شاڪر‘ بروهي 

 

 

 

آغا بدر عالم دُراني

    (سياسي، سماجي ۽ ادبي ڪارناما)

 

خانداني پسمنظر:

آغا بدرالدين احمد خان بارڪزئي دراني المعروف آغا بدر عالم درانيءَ جا وڏا، احمد شاهه ابداليءَ (1747ع- 1773ع) جي ڏينهن ۾ شڪارپور (سنڌ) ۾ آيا، جڏهن احمد شاهه ابداليءَ سنڌ جي حڪومت ميان محمد مرادياب ڪلهوڙي جي حوالي ڪري باقي سمورو شڪارپور جو علائقو، افغان حڪومت سان ملايو(1). جڏهن شڪارپور درانين جي سلطنت جو حصو بڻجي ويو ته هن علائقي تي درانين پاران گورنر مقرر ٿيڻ لڳا. موجوده دور ۾ جيڪي به پٺاڻ قبيلا، ذاتي يا نکون شڪارپور ۽ آس پاس موجود آهن، اُهي ان دور ۾ فوجي، روينيو ۽ ٻين حڪومتي انتظامن کي سنڀالڻ وارن جا پونئير آهن. انهن ۾ ڪجهه شاهي خاندان سان تعلق رکندڙ به آهن. ڳڙهي ياسين ۾ موجود بارڪزئي درانين جو تعلق به سابق شهنشاهه دوست محمد جي شاهي خاندان سان آهي(2). هن شاهي خاندان مان سردار رحيمداد خان جيڪو تيمور شاه دراني جي حڪومت 1773ع- 1793ع ۾ فوجي ڪاردار هو، ان کان بعد سندس پُٽ عبدالله خان پهريون (86-1785ع) فوجي ڪاردار سان گڏ سياسي ۽ جاگيردار طور سندس حيثيت تاريخ ۾ نمايان آهي. هن پنهنجي شاهي جاگير، جيڪا ڳڙهي ياسين کان ڇهه ڪلوميٽر اتر طرف ديهه ٻانبيهڙ ۾ هئي. هڪ وڏو ڪوٽ پنهنجي نالي ”عبدالله ڪوٽ“ جي نالي سان جوڙائي، پنهنجي خاندان، مائٽن، ملازمن ۽ هارين سان گڏ رهڻ لڳو.

هن جو پُٽ جمع خان جنهن جي نالي سان شڪارپور شهر ۾ ”جمع خان جي مَڏي“ علائقو مشهور آهي سو به سياسي حوالي سان وڏي اهميت جي حامل شخصيت هو. هن ڳڙهي ياسين شهر ۾ ”ڪوٽ دُراني“ جي نالي سان عليحده ڪوٽ جوڙايو.

جڏهن 1824ع ۾ ميرڪرم علي خان ٽالپر، مختلف سردارن معرفت شڪارپور تي قبضي ڪرڻ جي نيت سان چڙهائي ڪئي، ته مير رستم خان ۽ مير مراد علي خان به فوجون وٺي آيا. شڪارپور تي انهن ڏينهنِ ۾ افغانن پاران نواب منصور علي خان گورنر حڪومت ڪندو هو. نواب ولي محمد خان لغاري، جمع خان بارڪزئيءَ معرفت نواب منصورعلي خان کي سمجهايو ته بغير جنگ جي شڪارپور شهر جون واڳون ٽالپرن جي حوالي ڪري ڇڏِ. باالآخر جمع خان بارڪزئي جي سفارتڪاري ڪم آئي ۽ نواب منصورعلي خان شهر جون ڪنجيون نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي حوالي ڪيون ۽ پاڻ شڪارپور کان نڪري ويو(3). هن پهريائين ڳڙهي ياسين ۾ جمع خان جي نئين اڏايل ڪوٽ دُراني ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ پوءِ اتان ڪابل لاءِ روانو ٿي ويو.

جمع خان جو پٽ عبدالله خان (ٻيو) پڻ سياسي، سماجي ۽ جاگيردار طور پنهنجي حيثيت پاڻ مڃائي. هن 1843ع ۾ سنڌ تي انگريزن جي تسلط بعد ڳڙهي ياسين شهر کي انگريزن جي ڦرلٽ کان بچائڻ لاءِ سَتَ هزار روپيا ڏَنُ ڏيئي، شهر کي تباهي کان بچائي ورتائين. اهڙي طرح هن پنهنجي سياسي، سماجي ۽ جاگيرداري حيثيت مڃائي ورتي. عبدالله خان کي جيڪا 8/3 ڍل ميرن جي صاحبيءَ جي دور کان ملندي هئي تنهن کي انگريزن بحال رکيو(4). عبدالله خان (ٻئي) جو پٽ ڪبير خان، ان جو پٽ شمس الدين خان پڻ هندستان جي اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن جو ملڪ ٿي گذريو آهي.

آغا شمس الدين خان جو وڏو پٽ آغا بدرالدين احمد المعروف بدرعالم دراني وڏو سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيت جو مالڪ ٿي گذريو آهي.

سَره بن ولد شرجنون ولد ترين ولد اَودل ولد رجڙ ولد عيسيٰ ولد سليمان زيرڪ ولد بارڪ ولد نورالدين زئي ولد سَيپل ولد دارو ولد نيڪ ولد اسمٰعيل ولد خضرخان ولد عمر خان واد محمد ولد اختيار خان ولد محمد يعقوب خان ولد محمد سرور خان ولد حاجي يوسف ولد حاجي جمال خان ولد سردار رحيمداد خان ولد عبدالله خان (پهريون) ولد جمع خان ولد عبدالله خان (ٻيو) ولد ڪبيرخان ولد شمس الدين خان ولد آغا بدرالدين احمد دراني المعروف آغا بدر عالم دراني(5).

آغا بدر عالم درانيءَ جي زندگيءَ جا ٽي اهم دور آهن. جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.

1. پهريون دور:

هن دور ۾ سندس پيدائش 1912ع کان وٺي سنڌ جي بمبئي پريزيڊنسي کان 1935ع ۾ عليحدگي تائين، چوويهن سالن جو دور اچي وڃي ٿو، جنهن ۾ هن تعليم حاصل ڪئي. تعلقي ليول تي سماجي تنظيمون قائم ڪري پنهنجي شخصيت جي پيڙهه پُختي ڪئي.

2. ٻيون دور:

هن دور ۾ هن پهرين ليجسليٽو اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾ پنهنجي والد جي اليڪشن مهم هلائي ۽ ان دور ۾ پاڻ اسپيڪر جي عهدي تي پهتو. هن اصولي سياست ۽ سماجي انصاف جون حدون اورانگهي پنهنجي شخصيت کي لافاني بڻايائين. هن دور ۾ هن صحافت ذريعي علم و ادب ۾ پير پڻ پاتا.

3 ٽيون دور:

هن دور ۾ مارشل لا لڳڻ بعد گوشه نشيني اختيار ڪيائين. ٻيهر ڳڙهي ياسين ۾ سماجي تنظيمون قائم ڪري عوام کي هڪ پليٽ فارم تي آندائين. هن دور ۾ ’جناة المبارڪ‘ نالي باغ جو بنياد وڌائين، جنهن ۾ اهم علمي ۽ ادبي ڪچهرين جا دور هليا.

هيٺ اسان آغا بدرعالم درانيءَ جي زندگيءَ جي انهن ٽنهي دورن تي قلم کڻون ٿا ته جيئن سندس زندگيءَ جي هر گوشي متعلق معلومات فراهم ٿئي.

1. پهريون دور:

آغا بدر عالم دراني، شمس الدين خان بارڪزئي جي گهر 23 مارچ 1912ع بروز ڇنڇر تي پيدا ٿيو(6). سندس نالو 26 مارچ 1912ع تي مولانا عبدالغفور همايونيءَ جي صلاح سان ”بدرالدين“ رکيو ويو(7). آغا بدر جي عمر جڏهن پنج سال ٿي يعني 1917ع ۾ کيس والدين ڳڙهي ياسين جي مشهور
”هاشميه مدرسه“ ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويهاريو(8). تقريباً 1920ع ۾ کيس مين پرائمري اسڪول ڳڙهي ياسين ۾ ابتدائي سنڌي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويهاريو ويو. آغا صاحب هتان 1925ع ۾ فارغ التحصيل ٿي، انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ان وقت جي مشهور انگريزي اسڪول ”گرو نانڪ اڪيڊمي“ ۾ داخل ٿيو، جتي 1925ع کان 1928ع تائين ٽي سال پڙهيو. ان کان بعد 1928ع جي آخر ۾ سنڌ مدرسةالاسلام ۾ ميٽرڪ مڪمل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو. جتي 1930ع  تائين ميٽرڪ مڪمل ڪري فارغ التحصيل ٿيو. 1930ع کان بعد ڪجهه عرصو ڳڙهي ياسين ۽ ڪراچيءَ ۾ وقت جي سياسي۽ سماجي حالتن جو جائزو وٺندو رهيو. آخر وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 26 سيپٽمبر 1931ع بروز ڇنڇر تي عليڳڙهه روانو ٿيو. مگر ڪجهه مجبورين جي ڪري تعليم اڌ ۾ ڇڏي 23 مارچ 1932ع بروز ڇنڇر تي واپس وريو(9).

آغابدر عالم، جڏهن عليڳڙهه مان واپس وريو ته عليڳڙهه جي سياسي، ادبي ۽ سماجي ماحول مان گهڻو اَثر پرايو. ان دور مان سموري هند ۽ سنڌ ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ واري تحريڪ مسلم ليگ کي سنڌ ۾ طاقتور پارٽيءَ طور اُڀارڻ ۽ انهي توسط سان مسلمانن ۾ سياسي شعور وڌائڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ، مسلمانن جي مالي حالتن کي مدِنظر رکي ڪري، انهن کي حل ڪرڻ ۽ مسلمانن لاءِ عليحده وطن حاصل ڪرڻ لاءِ جهڙن عظيم سياسي مقصدن تي هلچل لڳي پئي هئي. انهن عظيم سياسي هلچلن ۾ خصوصاً عليڳڙهه وڏو ڪردار ادا ڪري رهيو هو. آغا صاحب، جنهن جو ذهن هڪ جاگيرداراڻو ذهن هو. تنهن عليڳڙهه ۾ قيام دوران هڪ اهم سياسي ۽ سماجي خدمتن جا مقصد کڻي واپس وريو. ان دوران هن پاڻ عوامي خدمت ڪرڻ، عوام جي طاقت سان اڳتي وڌڻ، مسلمانن جي ڀرپور آواز کي اڳتي پيش ڪرڻ جي اهميت ۽ افاديت کي سمجهيو. عليڳڙهه مان واپس ورڻ بعد پاڻ هر قسم جا ڪتاب پڙهڻ لڳو ۽ عوامي خدمتن ۾ وقت صرف ڪرڻ لڳو. تڏهن سندس والد بزرگوار عريضي نويس کي گهرائي، سموري جائيداد ۽ زمين آغا بدر جي نالي لکرائي دستاويز سندس حوالي ڪري ڇڏيا. پوءِ هن سڀ بي فائدي وارا ڪم ۽ گڻ ڇڏي صرف سياسي، ادبي ۽ زمينداري ڪمن ۾ مصروف رهيو. جڏهن عبدالله هارون هڪ خط آغا بدر جي پيءُ آغا شمس الدين کي لکيو. اُهو خط هن جي زندگيءَ ۾ وڏو انقلاب برپا ڪري ڇڏيو.

1930ع ۾ عبدالله هارون ”آل انڊيا مسلم تنظيم ڪانفرنس“ الهه آباد ۾ ڪوٺائي، جنهن ۾ مسلمانن جي تنظيم نو، سماجي سڌاري لاءِ ڪيتريون مفيد تجويزون پيش ڪيون(10). ان عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هن عملي طور 1931ع ۾ پاڻمرادو تڏهوڪي پنهنجي پيارن سياسي رفيقن، دوستن، همدردن، وڏيرن ۽ جاگيردارن کي مسلمانن جي ڀلائيءَ لاءِ کين تجويزون لکي موڪليون. اهڙو هڪ خط آغا شمس الدين خان بارڪزئي کي به لکيو. ان خط جو متن ڪجهه هن ريت آهي.

عيد مبارڪ

عيد جي خوشي ملهائڻ وقت پنهنجي پٺتي پيل قوم کي ياد رکڻ کپي. ان لاءِ ڪي تجويزون پيش ڪريان ٿو.

الف: ڳوٺ ۾ انجمنون قائم ڪجن جي خيرات ۽ صدقو گڏ ڪن؛

ب: اِهي پئسا، انجمن جي معرفت، ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ خرچ ڪيا وڃن؛

ج: اِهي جماعتون مسلمانن کي قرضن کان بچائڻ لاءِ ڪوشش وٺن؛

د: مسلمانن جا دڪان کولائجن؛

ر: شادي ۽ غميءَ جي موقعي تي فضول خرچن کان بچاءُ ڪيو وڃي؛

س: تڪرارن ۽ فسادن کي خانگيءَ طرح ختم ڪيو وڃي؛

ص: ڪوآپريٽو سوسائٽيون قائم ڪيون وڃن؛

ط: ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ انتظام ڪيو وڃي؛

ع: وڏن جي تعليم لاءِ نائيٽ اسڪول کوليا وڃن، انهيءَ کانسواءِ:

1: پاڻ مان اختلافن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي؛

2: آمدنيءَ کان خرچ گهٽ ڪيو وڃي؛

(3) ڳوٺ جي سمجهدار ماڻهن کي هر روز شام جو، مسجد يا ڪنهن ٻئي جاءِ تي گڏجي ، اخبارون پڙهڻ ۽ ڳوٺ جي بهتريءَ لاءِ صلاح مصلحت ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن منهنجي مٿئين عرضداشت تي عمل ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو.

                             مهرباني.

مؤرخه 18 فيبروري 1931ع

جڏهن آغا بدر عالم، عبدالله هارون جو اِهو اصلاح پسندانه تجويزن وارو خط پڙهيو، ته هن پنهنجي زندگيءَ جو نصيب العين غريبن جي مدد ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو. هن ان خط تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو. هن جڏهن ڳڙهي ياسين شهر تي نظر ڦيرائي ته کيس خط ۾ ساڳيون لکيل تجويزون، اڳيئي سک ۽ هندو سماج ۾ موجود هيون. ڳڙهي ياسين شهر اندر ٻه پئنچائتيون هرهڪ ’پوڄ پئنچائت‘، جنهن ۾ ٽيهه مُکي هودا هئا. ٻي ’سيوا ڌاري پئنچائت‘ جنهن ۾ يارنهن مُکي هوندا هئا(11). آغا صاحب، عبدالله هارون جي اصلاح پسند تجويزن ۽ ڳڙهي ياسين ۾ موجود پئنچائتن کي سامهون رکي پنهنجي طور طريقن سان شهر ۾ انجمنون قائم ڪرڻ جي عظيم مقصد ۾ هٿ وڌا.

ڳڙهي ياسمين شهر کي 1870ع ۾ ميونسپل جو درجو ڏنو ويو(12)، ۽ ان کي چئن وارڊن ۾ تقسيم ڪيو ويو، جيڪي هن ريت آهن.

الف: ڊکڻ وارڊ

ب: ڪنڀر وارڊ

ج: بابڙ وارڊ

د: ڀُٽا وارڊ

آغا صاحب انهن وارڊن تي اسلامي وضع ۽ قطع جي طريقي سان اپريل 1935ع ۾ (13)، نالا رکي، انهن لاءِ سٺا ۽ ڪارآمد ماڻهو مقرر ڪيا، جيڪي هن ريت آهن.

الف: ڊکڻ وارڊ تي فخراسلام نالو رکيائين ۽ ان جو صدر عبدالرحمٰن سومرو مقرر ڪيائين.

ب: ڪنڀر وارڊ تي نوراسلام نالو رکيائين ۽ ان جو صدر محمد يعقوب ڀٽي مقرر ڪيائين.

ج: بابڙ وارڊ تي حمايت اسلام نالو رکيائين ۽ ان جو صدر حاجي احمد خان بابڙ مقرر ڪيائين.

د: ڀُٽا وارڊ تي تعمير اسلام نالو رکيائين ۽ ان جو صدر حاجي محمود ڀٽو مقرر ڪيائين (14).

هرهڪ وارڊ ۾ انهن انجمنن جي قائم ٿيڻ بعد، انهن جا مقرر ڪيل صدر ۽ ميمبر پنهنجي وارڊن يعني محلن ۾ جڳهڙن جهٽن جو تصفيو، شادي ۽ غمي جي حوالي سان غريبن جي مدد ڪرڻ لڳا ۽ هر مهيني جي هڪ ڏينهن تي هر هڪ وارڊ جي جامع مسجدن ۾ عيد ميلادالنبي ۽ مولودن جي مهل يا علماءِ ڪرام کي گهرائي مسلمانن ۾ مذهبي، ديني ۽ سياسي شعور ڏيڻ واريون تقريرون ڪرائڻ لڳا. هر هڪ انجمن لاءِ هرهڪ پاڙي ۾ هڪ آفيس قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ ديڳيون، تنبو، ٺڪر جا ٿانو، لائوڊ اسپيڪر ۽ ٻيون ضروري شيون محفوظ پيون هونديون هيون. انجمنن جا سرڪردا انهن سامانن کي ڏيڻ وٺڻ لاءِ باقاعده رڪارڊ پڻ رکندا هئا.

اِهي اَنجمنون پڻ پنهنجي محلن ۾ غريبن، بي سهارا ۽ يتيم مسلمانن جي مالي سهائتا ڪري کين وَس آهر مانڊليون، دڪان ۽ تجارتي سرگرميون مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ مالي سهائتا ڪنديون هيون. انهيءَ وجهه کان آغا بدر عالم جي سياسي ۽ سماجي همدردين جي ڪري عوام جي دلين ۾ سندن عزت وڌي ۽ هرهڪ عوامي ماڻهو آغا جي حڪم تي سر ڪپائڻ لاءِ به تيار ٿيڻ لڳو.

انجمنن جي ڪم وڌي وڃڻ جي ڪري انجمنن کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو مسئلو ٿي پيو. ان لاءِ آغا بدر عالم هڪ ”مرڪزي انجمن“ جي قائم ڪرڻ لاء هٿ پير هنيا. ان سلسلي ۾ آغا بدر عالم هر هڪ انجمنن جي صدر ۽ سيڪريٽرين جا ووٽ ڪري 1936ع ۾ ”مرڪزي انجمن اسلام“ نالي سان هڪ نئين سماجي تنظيم جو بنياد وڌائين، جنهن جو صدر پاڻ ٿيو. هيءَ انجمن، باقي انجمنن جي نظرداري ڪندي رهي.

شهر ۾ سماجي ڪم ڪرڻ کان بعد آغا بدر عالم سموري تعلقي ۾ سماجي خدمت ڪرڻ جو شعور ڏيڻ لاءِ هٿ پير هئڻ لڳو. ان لاءِ هن 1936ع جي آخر ۾ ڳڙهي ياسين شهر اندر هڪ عظيم الشان
”نوجوان ڪانفرنس“ ڪوٺائي، جنهن ۾ محمد هارون، قاسم هوت، احسن الهاشمي، انعام ميمڻ ۽ ٻين مسلم ليگي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو مقصد، نوجوانن ۾ سياسي شعور ۽ سماجي ڪمن ڪارين ۾ وڌيڪ حصو وٺڻ لاءِ سندن منجهه اُتساهه پيدا ڪرڻ هو. جڏهن هيءُ ڪانفرنس منعقد ڪيائين ته هندو پريس واويلا مچائي ته آغا بدر عالم هن ڪانفرنس ذريعي مسلم نوجوانن ۾ تشد پيدا ڪرڻ گهري ٿو ۽ هندن خلاف مسلمانن ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جون ڪوششون پيو ڪري. ڪانفرنس کان بعد تعلقي ۾ هميشه مسلمان ۽ هندن ۾ چپقلشون وڌنديون رهيون. ان دوران آغابدر عالم کي پريس جي اهميت ۽ افاديت جي خبر پئجي وئي. ان لاءِ هن هڪ پنهنجي ذاتي اخبار جاري ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ شروع ڪيون.

1843ع ۾ انگريز فوج جنرل نيپئر جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ انگريز سرڪار ان کي ئي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ سنڌ جو پهريون گورنر مقرر ڪيو. برطانيا جي گورنر جنرل، سنڌ جي صوبائي حيثيت کي ختم ٿي ڪرڻ گهريو. هن بورڊ آف ڊائريڪٽرس کي خط لکيو ته سنڌ جي گورنر واري عهدي کي ختم ڪري، اِن بدران ليفٽيننٽ گورنر يا ڪمشنر جو عهدو رکيو وڃي ۽ سنڌ کي بمبئيءَ سان شامل ڪيو وڃي. اها تجويز اڃا زير غور هئي ته گورنر جنرل بمبئيءَ جي سر جارج ڪلارڪ کي حڪم ڏنو ته سنڌ لاءِ ڪمشنر مقرر ڪري. سن 1847ع ۾ مسٽر آر.ڪي.پنگل کي سنڌ جو پهريون ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. اهڙي طرح سنڌ کي بمبئي سان ڳنڍيو ويو(15).

1924ع کان وٺي آل انڊيا مسلم ليگ جي بنيادي مطالبن مان هڪ سنڌ جي بمبئي پريزيڊنسي کان عليحدگيءَ وارو اهم سوال به هو. 1932ع کان وٺي سنڌي مسلمانن، سنڌ جي عليحدگي جي مسئلي ۾ ڏاڍي سنجيدگي ۽ سرگرمي ڏيکاري. انهن سياسي سرگرمين ۽ ڪوششن جي وجهه کان 1932ع ۽ 1933ع جي وچ ڌاري انگريز سرڪار پڻ سياسي خيال کان مناسب سمجهيو ته سنڌ جي عليحدگيءَ کي قبول ڪيو وڃي. انگريز سرڪار شايد محسوس ڪيو ته مسلمانن جي ڪن مطالبن مڃڻ ڪري گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1930ع جي آئيني سڌارن جي سلسلي ۾ مسلمان ساڻن سهڪار ڪندا. تڏهن هندستان جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ پهريون ڀيرو ظاهر ڪيو ته حڪومت جي مرضي آهي ته سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان جدا ڪيو وڃي(16). قانون حڪومت هند مجريه 1935ع، شق 46 هيٺ، سنڌ صوبي قائم ڪرڻ لاءِ آرڊر- اِن- ڪائونسل جو مسودو 23 جنوري 1936ع ۾ پڌرو ٿيو، جنهن موجب 1- اپريل 1936ع کان سنڌ کي جدا صوبو تسليم ڪيو ويو. جيستائين نين چونڊن کان پوءِ سنڌ جي آئيني حڪومت وجود ۾ اچي، تيستائين هڪ سال لاءِ گورنر مقرر ڪري کيس سموريون اختياريون سونپيون ويون ۽ کيس ٽي صلاحڪار هرهڪ شاهنوار ڀٽو، سرغلام حسين هدايت الله، ديوان هيرانند ۽ پنجويهن ماڻهن جي صلاحڪاري ڪائونسل تشڪيل ڏني وئي. پهريون گورنر سرلانسسلاٽ گرهام مقرر ٿيو، جيڪو پهرين اپريل 1936ع تي بمبئيءَ کان ڪراچي پهتو(17).

ٻيون دور:

آغا بدر عالم جيئن ته عليڳڙهه کان واپسيءَ بعد هميشه سماجي خدمت کي سياسي خدمت کان وڌيڪ ترجيح ڏيندڙ رهيو. انهيءَ اهم ڪمن جي ڪري عوام کين وڏي موٽ ڏني. جڏهن سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ بعد پهريون دفعو سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جون چونڊون 7 فيبروري 1937ع تي ٿيون ته تَڪَ تي ئي سندس والد بزرگوار آغاشمس الدين خان دراني اُميدوار هو. جڏهن عوام کي خبر پئي ته سندن هڏڏوکي رهبر جو پيءُ اميدوار آهي ته سموري تَڪَ جو عوام دراني ڪوٽ ڳڙهي ياسين پهتو ۽ سموري اليڪشن جو بندوبست سنڀاليائون. آغا بدرعالم دراني سَٺ گهوڙن ۽ چاليهه اُٺن تي هڪ قافلو ٺاهي، پنهنجي ساٿين جي گهر گهر وڃي سندن شڪريو ادا ڪيو. اهڙي طرح ان اليڪشن ۾ آغا بدر جي ڪوششن سان سندس والد بزرگوار ڪاميابي ماڻي. آغا بدر جي سياسي زندگيءَ ۾ هيءُ پهرين انمول ۽ لاثاني ڪاميابي هئي.

1936ع ۾ ”نوجوان ڪانفرنس“ کان بعد آغا بدر هميشه هڪ اخبار جاري ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ مصروف رهيو، آخرڳڙهي ياسين مان هڪ هفتيسوار ”پيغام صلح“ نالي اخبار جاري ڪيائين. هن اخبار هي جاري ٿيڻ متعلق سنڌي ادب جي محققن ۽ مؤرخن ۾ وڏو اختلاف موجود آهي. مثلاً: ڊاڪٽر عزيزالرحمٰن ٻڳهيو لکي ٿو ته:

”1935ع ۾ ........ آغا بدرالدين مرحوم جي سرپرستيءَ ۾ هفتيوار ”پيغامِ صلح“ جاري ٿيو. آغا بدرالدين دراني ڳڙهي ياسين مان ”آشيانه ادب“ نالي هڪ رسالو پڻ جاري ڪيو............(18).“

مولائي شيدائي تحرير ڪري ٿو ته:

”هن صاحب 1945ع ۾ ڳڙهي ياسين مان
”آشيانه ادب“ ماهوار رسالو جاري ڪيائين ۽ 1937ع ۾ هفتيوار اخبار ”پيغامِ صلح“ جاري ڪيائين......(19).“

ڊاڪٽر خان محمد پنهور قمطراز آهي ته:

”1935ع ۾ ”آشيانه ادب“ نالي سان رسالو ڳڙهي ياسين مان نڪتو. 1936ع ۾ الاصلاح نڪتي......(20).“

غلام محمد گرامي پنهنجي هڪ مقالي ۾ ”پيغام صلح“ جي جاري ٿيڻ جو سن 1937ع قرار ڏنو آهي(21).

سيد محبوب علي شاهه بخاري تحرير ڪري ٿو ته: ”آغابدرالدين مرحوم ڳڙهي ياسين واري هفتيوار اخبار ”آشيانه ادب“ (؟) ۽ پوءِ پيغام صلح جي نالي سان 1935ع ۾ جاري ڪرائي.........(22).“

سنڌ جي مٿين نامور مؤرخن ۽ محققن جي مٿين بيانن کي پڙهندي اهو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن عالمن ”پيغام صلح“ کي صحيح نظر سان ڏٺو ئي نه آهي. ڇو ته هنن ”پيغام صلح“ جي جاري ٿيڻ جا جيڪي سندن 37- 36- 1935ع ڏنا اٿئون، اِهي سڀ بي بنياد آهن. ڇو ته ”پيغام صلح“ نالي هفتيوار اخبار پهريون دفعو 1- جنوري 1938ع تي پهريون پرچو، وڏي جهازي سائيز جي ٻارنهن صفحن تي ”ياسين پرنٽنگ پريس ڳڙهي ياسين“ مان جاري ٿي. ان جو ايڊيٽر ابوالظفر اُويسي هو. پهرين پرچي جي سرورق تي ڳڙهي ياسين هاشميه مدرسي جي تڏهوڪي مهتمم فڪر رشحات مولانا نجم الدين احمد صاحب ”نجم“ جو هي هيٺيون شعر، اخبار جي اجراءَ جي خوشيءَ ۾ ڏنو ويو هو(23).

ٿي رسائي ڪوبڪو بادِصبا پيغامِ صلح،

آ بڻائي سنڌ جي سرهي فضا پيغامِ صلح.

امت اسلامي جي خاطر چئي الصلح خير،

مصلح اول ڏنو آهي سدا پيغامِ صلح.

اصلحواجي حڪم کي قرآن مان سمجهي ڏسو،

پنهنجي بندن ڏي مڪو آ خود خدا پيغامِ صلح.

باغ جي سرون گلابي گلبنن جي سر مٿان،

آ چڪورن عندليبن جي نوا پيغام صلح.

سنڌ ۾ آهن سوين سڀ رنگ اخبارون مگر،

ڪين پرچو ٿو وڻي ڪنهن کي سوا پيغام صلح.

لفظ رنگين حسن معنيٰ جي تجليءَ ساڻ ٿي،

روشن وتابان مثل بدر سما پيغام صلح.

اي مريضِ ملڪ ملت ڪين ٿي مايوس تون،

قوم جي هر درد جي آهي دوا پيغام صلح.

جلد فتانن جي فتسن جو اَچي ٿيو خاتمو،

ملڪ مان ڪڍندو سگهه جور و جفا پيغامِ صلح.

قوم جي همدرد خادم همت عالي ڪري،

زيب زينت سان رکيو بنياد آ پيغامِ صلح.

ختم ڪري هن نظم کي ”نجما“ دعاءِ نيڪ تي،

شل سدا گهلندي رهي سنڌ ۾ هوا پيغامِ صلح.

1938ع کان وٺي 1946ع تائين ”پيغام صلح“
اخبار نڪرندي ۽ بند ٿيندي رهي. آخر 1946ع کان بعد هميشه لاءِ بند ٿي وئي.

سنڌ جي تاريخ ۾ اجتماعي نوعيت جو سڀ کان پهريون هندو- مسلم فرقيوارانه فساد 1927ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيو، جنهن جا شعلا سموريءَ سنڌ ۾ پکڙجي ويا. 1935ع تائين سکر، هندو- مسلم فساد جو مرڪز بڻجي ويو. آخر 9 نومبر 1939ع ۾ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ مسٽر ٽي ٽي ڪوٺاوالا جي سرڪاري طاقت جي زور تي اِهو فساد مڪمل طرح شروع ٿيو. جيڪو باهه جيان جهنگ جهر، شهر ۽ ڳوٺن ۾ ڦهلجي ويو. ڳڙهي ياسين شهر ۾ به ڪن لوفرن اهو هندو- مسلم فساد ڪرڻ لاءِ ڪن شرپسندانه ڪاروايون ڪيون، جن ۾ راءِ گوڪل سنگهه جي درٻار، گوڪل پورجي ڪوٽ مان سري گروگرنٿ جي چوري، ٻيو نارٿ ڪئنال بئراج جي مڙهيءَ کان چوري ڪرڻ ۽ 8 آگسٽ 1939ع تي وري ٻيو دفعو اتان چوري ٿيڻ جو واقعو ۽ اتي موجود ماڻهن کي زخمي ڪرڻ هو. ٽيون واقعو نوشهري ابڙي ۾ ڪن شرپسندن هندو ڀائيبندن جا گهر ۽ دڪان ڦريا ۽ هڪ نارو سنگهه کي شڪارپور کان واپس ايندي گهوڙي تي ويٺل ڪهاڙين ۽ لٺين جا وار ڪري قتل ڪيائون. آغا صاحب اِهو ٻڌي هڪدم هيرا سنگهه ۽ ٻين هزارين سک ۽ هندن سان گڏ نوشهرو ابڙي پهتو، لاش کڻائي، هندن کي نوشهري ابڙي مان لڏائي ڳڙهي ياسين ويهاريو(24)، ۽ پاڻ (آغا بدر عالم دراني) مسلمانن ۽ هندن سان گڏ سموري ڳڙهي ياسين ۾، ۽ پسگردائيءَ ۾ نڪري ”هندو- مسلم اتحاد“ جي تبليغ ۽ تر ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. تنهن تي عوام ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انگريز سرڪار سندس اهڙين ڪوششن جي اعتراف ۾ 7- جنوري 1941ع تي تڏهوڪي گورنر خانبهادر گرهام ۽ ليڊي گرهام پنهنجي هٿن سان کيس آفري نامو ۽ اعزازي ترار ڏنائونس.

آغا بدرعالم جيڪا پنهنجي ذاتي لائبريري ”بدر لائبريري“ قائم ڪئي هئائين، تنهن جي لاءِ عليحده بلڊنگ نه هئي. ان لاءِ هن لائبرريءَ لاءِ عليحده جڳهه ٺهرائي، جنهن ۾ بيڊ روم، ڊرائنگ روم، ڊريسنگ روم، ڪچن ۽ مهمان خانو پڻ موجود آهن. بعد ۾ هن ”بدرلائبرري“ جو دوستن جي صلاح سان ”آشيانه ادب“ نالو رکي، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر انعام الرحمٰن، آغا ممتاز خان دراني، شاهه محمد شاهه ۽ غلام مصطفيٰ ڀيو کان ان جو افتتاح 1940ع ۾ ڪرايو. هن وقت تائين هن ڪتبخاني ۾ اسلاميات، تاريخ، زراعت، لسانيات، لغت، شاعري ۽ ٻين موضوعن تي اردو، سنڌي، عربي، فارسي ۽ انگريزي ۾ تفريباً اٺ هزار ڪتاب موجود آهن، جنهن ۾ ويڊيو ڪيسٽ، اخبارون، رسالا ۽ فوٽو عليحده آهن. هتي ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته هيءَ لائبرري پاڪستان ۾ ٻي سنڌالاجي يا اتر سنڌ ۾ سنڌالاجي جي هڪ اهم شاخ آهي (25).

تقريباً 25 جولاءِ 1942ع ۾ سنڌو درياهه کي چڪ کان چئن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آرائين ۽ محمد آباد جي وچ تي کنڊ لڳو، جنهن ٻوڏ (ليٽ) جي صورت اختيار ڪئي. هن ليٽ اتر سنڌ کي ٻوڙي تباهه ڪيو. اها ٻوڏ اتر سنڌ ۾ قيامت کان گهٽ نه هئي. هن ٻوڏ جو پاڻي تيرنهن فوٽ اوچو ڪَرُ کنيو ٿي آيو، جيڪو شڪارپور جي ڪجهه علائقن، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ دادو ضلعن کي ٻوڙي تباهه ڪري ڇڏيو. جيڪي هن ٻوڏ ۾ شڪارپور جا ڳوٺ، وستيون ۽ واهڻ ٻڏي ويا، تن ۾ عبدو، هنباهه، محبوب ڳوٺ، سومر ڳوٺ، محمد باغ، دودو ڳوٺ، سنجراڻي، لشڪراڻي، نگراڻي جماڻي، باگڙجي، گوسٽرجي، مدئجي، ڊکڻ، بڊو، ڪنڊو واهڻ، ديهه جاگيراڻي، لکي، قاضي واهڻ، ماڪا، ميکا، پراڻو امروٽ شريف، نوشهرو ابڙو، حبيب سمون، داداڻي، ۽ ٻيا هئا(26) .

جڏهن ان ٻوڏ جي پاڻيءَ سنڌ واهه کي نوشهرو ابڙو ڳوٺ وٽان کنڊ هڻي، اچي منگر واهه کي جهليو ته ان وقت آغا بدر  عالم ۽ هيرا سنگهه شهر ۾ پڙهو گهمرائي سمورو شهر خالي ڪرايو ۽ پاڻ حڪومت جي پرواهه نه ڪندي هزارين ماڻهن سان گڏ بئراج کي ڳڙهي ياسين کان پرئين پاسي تي کنڊ هڻي ڳڙهي ياسين ۽ شڪارپور شهرن کي بچائي ورتو.

آغا بدرعالم نه صرف شهرن کي بچائي ورتو پر پاڻ سَون جي تعداد ۾ ماڻهن سان گڏ تباهه ٿيل ڳوٺن ۾ وڃي اتان جي ماڻهن کي ڪڍي پَڪي تي آندو ۽ کين طبعي، رهائشي ۽ راشن جي سهولتن کان پڻ نوازيو. آغا جي ان همدردانه ۽ عوامي خدمتن تي عوام سان گڏو گڏ ان وقت جي سرڪار پڻ خوش ٿي. انگريز سرڪار آغا بدرالدين جي ان عوامي خدمتن جي اعتراف ۾ تڏهوڪي سنڌ جي گورنر سر هيوگ ڊو ۽ ليڊي ڊو لاڙڪاڻي ۾ 6 فيبروري 1943ع ۾ عام درٻار ۾ کيس آفرين نامي سان گڏ اعزازي ترار کان به نوازيو.

26- فيبروري 1942ع جي ڏينهن سرڪار بنيادي جمهوريت  (بي.ڊي) جي چونڊن جو ڏينهن مقرر ڪيو. ان اليڪشن کان اڳ آغا بدر جي خاندان جي خلاف ڪجهه هندو ۽ سکن سازشون سَٽِيون ته ڳڙهي ياسين جي ميونسپل جي پريزيڊنٽي هميشه رهندي ٿي اچي. هاڻي اسان جو به حق آهي. ان لاءِ هندن ۽ سکن ڪجهه مسلمانن کي پاڻ سان شريڪ ڪري وڏي ڌام ڌوم سان تيارين ۾ مصروف ٿيا. ان دوران جڏهن آغا شمس الدين دراني ۽ آغابدر کي خبر پئي ته کين ڏاڍو ڏک پهتو. ان دوران آغا شمس الدين دراني جلدي ميونسپل جي ميٽنگ ڪوٺائي، ان ۾ چيو ته:

”ميونسپل جي ڪرسي اسان جي خاندان لاءِ باعث ترقي عزت جو ٿي نه ٿو سگهي جو اسين هروڀرو ان کي چنبڙي پئون. اسان ميونسپل ۾ ڪن ذاتي فرضن لاءِ نه آيا آهيون. مگر شهر جي ڀلي لاءِ، منهنجي اڳيان سڀ کان مقدم ترين شيءِ هندو- مسلم اتفاق آهي. موجوده حالتون مبادا ايندڙ اليڪشن جي ورڪ لاءِ متحمل نه ٿين يا مخالفين کي موقعو ملي غلط پروپيگنڊا ڪرڻ يا شهر ۾ نفاق جي ٻج ڇٽڻ جو، تنهنڪري اسان پارٽيءَ سميت مصمم ارادو ڪيو آهي ته ايندڙ ٽرم لاءِ اسين ميونسپل چونڊن ۾ ڪو به بهرو نه وٺنداسون........ (27).“

آغا بدرعالم انهن سموري سياسي ۽ سماجي حالتن جو چڱي ريت جائزو وٺي. هڪ نئين سياسي پارٽي ”آزاد پارٽي“ المعروف“ ليبر پارٽي“ جي نالي سان جوڙي، ان ۾ ٽانگي وارن، موچين، لوهرن ۽ نانوائين کي پريزيڊ نٽ ۽ ٻين کي ميمبر ڪيائين. آغا بدر عالم، هيرا سنگهه ۽ ٻين مهاشيه ۽ ڪانگريسين کي ٽوٽا چٻرائڻ لاءِ وڏي ڌام ڌوم سان ٽانگي وارن ۽ موچين پاران ورڪ شروع ڪرائي. انهيءَ وڏي ورڪ کي ڏسي سڀئي مهاشيه ۽ ڪانگريسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن گهرن ۾ لِڪي پيا ۽ پنهنجا نامينيشن فارم واپس ورتائون. اهڙي طرح آغا بدر جي ”آزاد پارٽي“ جي ڪابينا بنا مقابلي ڪاميابي حاصل ڪئي. جيڪي ميمبر ان اليڪيشن ۾ بنا مقابلي ۾ ڪامياب ٿيا، تن جا نالا هن ريت آهن.

1- سڪندر خان عرف سڪو ٽانگي وارو

2- سرائي اميربخش کوکر عرف اميرو کوکر

3- محمد سومر ميمبر عرف سومر نانوائي

4- عبدالمجيد لوهر عرف مجو لوهر

5- لعل بخش خان پٺاڻ عرف لالو پٺاڻ

6- لعل محمد مينگل عرف لالو بروهي

هندن مان جيڪي ميمبر بنا مقابلي ڪامياب ٿيا، انهن جا نالا هن ريت آهن.

1- هريرام

2- واپاري مل

3- اُتمچند ۽

4- ڄيٺومل

آغا بدر عالم طالب علمي جي زماني کان مسلم ليگ سان لاڳاپيل رهيو هو. عليڳڙهه کان واپسيءَ بعد جيئن ته سنڌ ۾ مسلم ليگ جي ڪائي شاخ قائم نه هئي، پر هيءُ هميشه مسلم ليگ جي نظرئي جي تبليغ ڪندو رهيو. اتر سنڌ ۾ 1938ع ۾ باقاعده مسلم ليگ هڪ متحرڪ جماعت طور قائم ٿي، جنهن جو صدر شيخ عبدالمجيد سنڌي هو. جيڪو بمبئيءَ وڃي قائداعظم سان ملي، اجازت وٺي آيو هو. شاخ قائم ٿيڻ بعد سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مسلم ليگ جا جلسا ٿيڻ لڳا. 8، 9، 10 ، 11 ۽ 12 آڪٽوبر 1938ع تي سنڌ مسلم ليگ پاران ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏي ڪانفرنس سڏائي وئي، جنهن جي صدارت قائداعظم محمد علي جناح ڪئي. هن ڪانفرنس کان بعد سنڌ جي لاءِ صوبائي عهديدارن جو اعلان ڪيو ويو، ان عهديدارن بعد حيدرآباد، خيرپور، نوابشاهه دادو، لاڙڪاڻو ۽ سکر ضلعي جا عهديدار منتخب ٿيا(28).

جڏهن قائداعظم محمد علي جناح اُتر سنڌ جي شهر جيڪب آباد ۾ پهتو ته کيس ڪن وڏيرن جوش جي جولانيءَ ۾ دعوت ڏني، پر مقرر ڏينهن تي جڏهن قافلو جيڪب آباد پهتو ته معلوم ٿيو ته پبلڪ ميٽنگ جو انتظام رکيل نه هو. الله بخش جي وزارت جي خوف ۽ جيڪب آباد اندر ڪانگريس جي زور سبب ميٽنگ محال سمجهي وئي هئي، پر پوءِ حاجي عبدالله هارون، جي وساطت (29)، ۽ سندس رفقاءِ ڪار جعفرخان جمالي، غلام نبي عليگ ۽ آغابدر عالم جي سرتوڙ ڪوششن سان پروگرام ٺهيو. اهڙي طرح ٻيو جلسو سکر شهر جي لڪس پارڪ ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ قائد اعظم محمد علي جناح، عبدالله هارون، راجه صاحب محمود آباد، مولانا جمال ميان فرنگي محل شامل هئا. سکر جي فضا مولانا عبدالحئي حقاني ايڊيٽر ڪراچيءَ جي مترنم آواز ۾ ترانه:

مسلم ہے تو مسلم لیگ میں آ

باطل پہ اُڑے ہیں کانگریسی

کرتے نہیں حق کی داد  رسی

کچھ اور اِن کے دل میں لیسی ہے(30)۔

گونجي اُٿيو. سکر شهر جي لڪس پارڪ ۾ اهو جلسو آغا بدر عالم ۽ ان جي مساعي حسنه ۽ سندس رفقاءِ عام آغا غلام نبي پٺاڻ ايڊيٽر سنڌ زميندار، نعمت الله قريشي، احمد علي عليگ جي سرتوڙ ڪوششن جو نتيجو هئي(31).

آغا بدرعالم اهڙن وڏن جلسن جي باري ۾ جڏهن اخبارن جي رپوٽنگ پڙهندو هو ته کيس ڏاڍو صدمو پهچندو هو، ڇو ته ان وقت هندن جون گهڻيون اخبارون نڪرنديون هيون، جن جو هر طرح سان صحافتي دنيا تي مڪمل ڪنٽرول هو. جيڪي اهڙن مسلمانن طرفان ڪوٺايل وڏن جلسن جي رپورٽنگ ڪانگريسي هجڻ جي ناتي غلط ڪندا هئا، ان لاءِ هن روزاني اخبار جاري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو. هن 1945ع (32) ۾ سکر جي ڪوئينس روڊ جي انقلاب پرنٽنگ پريس مان روزاني ”انقلاب“ جاري ڪيائين، جنهن جو ايڊيٽر ابوالظفر اويسي ۽ مئنيجر علي احمد بروهي هو. ابوالطفر اُويسي گهڻو پوڙهو هجڻ سبب سموري اخبار جو ڪاروبار علي احمد بروهيءَ جي هٿن ۾ هو. آغا بدر عالم جو هن اخبار ڪڍڻ جو مقصد اهو هو ته جيئن مسلمانن جي حق جي آواز کي سرڪار جي ايوانن تائين صحيح نموني پهچائي ۽ عوام ۾ سياسي شعور سان گڏ روزاني خبرن جي مڪمل صحيح رپورٽنگ عوام تائين پهچائي(33). هيءَ اخبار بعد ۾ ڪن سببن جي ڪري بند ٿي وئي ۽ وري ٻيهر 8 آگسٽ 1966ع بروز خميس تي روزاني ”نواءِ انقلاب“ جي نئين نالي سان انقلاب پرنٽنگ پريس، ڪوئينس روڊ سکر مان انعام الرحمٰن جي ايڊيٽريءَ ۾ نڪرڻ شروع ٿي، جيڪا اڃا تائين جاري آهي.

آغا بدر عالم صرف پاڻ کي سياسي، سماجي ۽ علمي ادبي ميدانن ۾ نه مڃرايو، پر هن ڊرامن جي ميدان ۾ به سڀني کان اڳتي هو. هن 1944ع (34) ۾ هڪ ڊراميٽيڪ سوسائٽيءَ جو بنياد وڌو، جنهن جو صدر پاڻ ٿيو ۽ ميمبرن ۾ سمندر خان تڏهوڪو لا ڪاليج جو پرنسپل، حڪيم حبيب الله بارڪزئي، آغا ممتاز حسين خان دراني، غفارخان پٺاڻ، غلام نبي دايو، لعل محمد ميمڻ، غلام نبي سومرو، عبدالواحد ٻرڙو، امام بخش دايو ۽ ٻيا شامل هئا. هن ڊراميٽڪ سوسائٽيءَ طرفان چار ڊراما پيش ڪيا ويا. هڪ آغا حميد ڪاشميريءَ جو ”صيد حوس“ ڀائي واري کڏ جي پلاٽ تي، ٻيو ”سسئي پنهون“ موجوده پراڻي ڪورٽ جي ميدان تي. هن ڊرامي ۾ حڪمت راءِ جيڪو آغا بدر جو ذاتي ڊرائيور به هو. ”سسئي“ جو ڪردار ادا ڪيو. ٽيون ڊرامو ”انارڪلي“ هو ۽ چوٿين جو نالو نه ملي سگهيو(35).

21 جنوري 1946ع تي سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگي بعد ٻيو دفعو ليجسليٽو اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون. آغا بدر عالم پنهنجي تَڪَ ۾ مسلم ليگ جي طرفان اميدوار ٿي بيٺو. سندس مخالفت ۾  علي شاهه محمود شاهه، پير غلام مجيد ضياءَ معصوم سرهندي ۽ راحم شاهه مردان شاهه هئا.

آغا بدر عالم پنهنجي سياسي ۽ سماجي خدمتن جي عيوض پنهنجي مخالفن کي شڪست ڏيئي، پهريون دفعو صوبائي سياست ۾ پير پاتو. اليڪشن کان بعد سر غلام حسين هدايت الله گورنر جي سڏ تي پنهنجي وزارت ٺاهي، پر ڪانگريس ۽ ان جي همنوا پارٽين ڪيترائي دفعا ان وزارت جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد پيش ڪيو، جيڪو هر دفعي ناڪام ويو. اهو سلسلو ڏسي گورنر سنڌ 192 الف قلم سنڌ ۾ لاڳو ڪري، سنڌ اسيمبلي ٽوڙي 9- ڊسمبر 1946ع تي ٻيهر چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. آغابدر عالم ٻيهر پنهنجي تڪ مان مسلم ليگ جي طرفان اميدوار ٿي بيٺو. سندس مخالفن کي پهرين چونڊن جي نتيجن کان بخوبي علم هو، تنهنڪري هن دفعي واري چونڊن ۾ سندس آڏو ڪو به اميدوار نه بيٺو. تنهنڪري آغا صاحب بنا مقابلي ڪامياب ٿيو(36). چونڊن کان بعد ٻيهر سر غلام حسين هدايت الله پنهنجي وزارت جوڙي (37).

سيد مير ان محمد شاهه جيڪو ان وقت سنڌ جو اسپيڪر هو. تنهن وزارت جو قلمدان سنڀالڻ خاطر سندس جاءِ تي 8 مارچ 1949ع تي اسپيڪر جي چونڊ ٿي. آغابدر عالم درانيءَ نامينيشن فارم ڀريو هو، پر سندس مخالفت ۾ ٻئي ڪنهن به فارم نه ڀرايو. ان لاءِ 8 مارچ 1949ع بروز اڱارو جي ڏينهن آغا صاحب بنا مقابلي سنڌ جو اسپيڪر چونڊجي ويو.

آغا بدر عالم دراني اسپيڪر چونڊجڻ بعد ميران محمد شاهه، محمد يوسف، عبدالله هارون، قاضي مجتبيٰ، حاجي علي محمد مري، خانبهادر مولابخش ۽ سيدعلي اڪبر شاهه کيس مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي آغا بدرعالم بحيثيت اسپيڪر جي خطاب ڪيائون ته:

”منهنجي آنريبل مهربان دوست اپيل ڪئي آهي ته مان اردو يا سنڌي ۾ پنهنجي جوابي تقرير پيش ڪيان. مان توهان سڀني صاحبن جو تهه دل سان شڪريو ادا ڪيان ٿو ۽ خدا کان دعا گهران ٿو ته خدا وند ڪريم مون کي توفيق ڏي ته جيترا Suggestions اوهان صاحبن مون کي ڏنا آهن، انهن تي مان پوري طرح سان عمل ڪيان........ (38).“

آغابدر عالم کي پاڪ جاين جي زيارتن جي ديدار ڪرڻ جي دل ۾ وڏي تمنا هئي. ان لاءِ هن 21 سيپٽمبر 1949ع تي پنهنجي چئن ساٿين هرهڪ محمد الياس، حافظ شاهه بخش جکرو، اميرعلي شاهه امروٽي ۽ آخوند رسول بخش سان گڏ حج ڪري 22 آڪٽوبر 1949ع تي واپس ڳڙهي ياسين پهتو (39). حج  جي سعادت حاصل ڪرڻ کان بعد گهر جا ڀاتي ۽ دوست احباب کيس ”حاجي بابا“ جي نالي سان سڏڻ لڳا. سندس هيءُ نالو اڃا تائين خلق جي زبان زد آهي.

سيپٽمبر 1950ع ۾ قاضي فضل الله جي سرڪار "High power executive committee for sindhi literature" سنڌي ادب لاءِ اختيار جي ڪاروباري ڪميٽي مقرر ڪئي. هن ڪميٽيءَ تحت مرڪزي بورڊ جيڪي سنڌي ادب يا واڌاري لاءِ رٿائون جوڙي، تن کي هيءَ ڪميٽي عمل ۾ آڻي. ان ڪميٽيءَ ۾ ڪل ست ميمبر هئا. آغابدر عالم کي به سندس علمي ۽ ادبي خدمتن تحت هن ڪميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو هو (40). ان کان بعد ڊسمبر 1951ع ۾ ٻيو دفعو ڊسمبر 1954ع ۾، ٽيون دفعو مارچ 1955ع ۾ ميمبر مقرر ڪندا رهيا (41).

5 اپريل 1946ع ۾ آغا بدرعالم سنڌ ۾ ”ڊائريڪٽ ايڪشن ڪميٽيءَ جو صدر منتخب ڪيو ويو. جڏهن 9 ۽ 10 اپريل تي دهليءَ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو ڪنوينشن مقرر ٿيو ته اُتي هي تقرير ڪيائين.

In the name of Allah, the beneficient, the merciful. i, Agha badaruddin durrani, member of the Muslim league party of the sukkur legislative, do hereby solemnly declared my firm conviction, that the safety and the security and the salvation and destiny of the muslim nation inhabiting the sub- continent of india Lie only in the achievement of pakistan which is the one equitable, honourable and just solution of the constitutional problem and which will bring peace, freedom and prosperity to the various nationalties and communities of the great sub- continent.

i most solmnly affirm that i shall willing and unfli chingly carry out all the directions and instructions which may be issued by the All India muslim league in pursuance of  any movement launched by it for the attainment of the cherished national goal of pakistan and, believing as I do in the rightness and the justice of my cause, i Pledge myself to undergo and Longer, trial or sacrifice which may be demanded of me." our lord! bestow on us endurance, and keep our step firm and help us against the disbelieving people," Amen! (42)

10 اپريل 1946ع جي ڏينهن پيش ڪيل قرارداد تي صحي رَتُ سان ڪيائين.

آغا بدر عالم دراني 1954ع ۾ سکر ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ منتخب ٿيو. پريزيڊنٽ مقرر ٿيڻ شرط هن سموري ضلعي ۾ تعليم مفت ڪرائي(43)، ۽ جولاءِ 1954ع ۾ ”دِي جسٽس حسن علي آغا لوڪلبورڊ لاڪاليج“ برپا ڪيائين. ان وقت جي سرڪار، اِن خدمت کان گهڻو مخالف رهيو. پر هن اِن طرف ڪو توجهه نه ڏنو ۽ لا ڪاليج جو اي.ڪي بروهيءَ کان افتتاح ڪرايائين. ان لا ڪاليج جو پهريون پرنسيپال مظهرعلي شاهه هو. مظهر علي شاهه بعد ۾ هڪ گورننگ باڊي جوڙيائين، جنهن جو آغا صاحب پڻ ميمبر ٿيو. بعد  ۾ هن لاڪاليج جو نالو مٽائي ”سيد مظهر علي شاهه لاڪاليج“ رکيو ويو(44). نئين ڪاليج جي جيڪا اڄ عمارت آهي، تنهن جو بنياد 1961ع ۾ تڏهوڪي وزير ذوالفقار علي رکيو (45). هاڻي هن لا ڪاليج جو نئون نالو ”آغا بدرعالم دراني گورنمينٽ لاءِ ڪاليج“ آهي (46).

آغا بدر عالم دراني کي پنهنجي علائقي ۾ هميشه تعليم عام ڪرڻ جو فڪر رهيو. هر زندگيءَ جي موڙ تي تعليم عام ڪرڻ لاءِ قدم کڻندو هو. انهي سلسلي ۾ هن مئي 1949ع ۾ ڳڙهي ياسين ۾ هڪ هاءِ اسڪول قائم ڪيو، جيڪو پهريائين موزون جاءِ نه هجڻ ڪري پراڻي گرونانڪ اڪيڊمي اسڪول ۾ عارضي طور کوليو ويو، پر پوءِ پنهنجي زمين الاٽ ڪري، ان جاءِ تي تقريباً اڍائي لک روپين جي ماليت سان هاءِ اسڪول جي عمارت ٺهرايائين. پوءِ ان جو افتتاح 12 جون 1955ع تي محمد ايوب کهڙي کان ڪرايائين(47)، ان بعد ان اسڪول جو نالو ”ايم- اي کهڙو لوڪلبورڊ هاءِ  اسڪول“ رکيائين(48). جڏهن 1972ع ۾ پاڪستان سرڪار سمورن لوڪلبورڊن جي اسڪولن کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ته هن هاءِ اسڪول جو نالو ”گورنمينٽ پراونشل هاءِ اسڪول ڳڙهي ياسين“ رکيو ويو. 23- سيپٽمبر 1996ع تي تڏهوڪي صوبائي سرڪار پنهنجي هڪ نوٽيفڪيشن 96/ 132-1 No. So (A.C.D1) تحت ان اسڪول جو نالو ”آغا بدرالدين خان دراني گورنمينٽ هائير اسڪول“ رکيو ويو، جيڪو اڃا تائين برقرار آهي. هن اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر شاهه محمد شاهه، جيڪو 2 مئي 1949ع کان 2 مئي 1958ع تائين رهيو هو.

25 مارچ 1951ع تي محمد ايوب کهڙو وزير اعليٰ ٿيو. سندس ڪابينا ۾ هيٺيان ماڻهو شامل هئا.

1- قاضي فضل الله - گهرو کاتو ، قانون ۽ انڊسٽري

2. ميربنده علي- روينيو

3- ميران محمد شاهه- پي ڊبليو ڊي

4- آغا غلام نبي- صحت، خوراڪ

بدبختيءَ سان کهڙي جي وزارت ۾ شامل وزيرن جو پاڻ ۾ سياسي مقرري ۽ ٻين ڳالهين تي تڪرار شروع ٿيو، جيڪو مسلسل اَٺَ مهينا يعني 25 مارچ کان 1- ڊسمبر تائين هليو. حڪومت جي ان اختلافن کي ختم ڪرڻ لاءِ آغا بدر عالم ٽياڪڙيءَ جو ڪردار ادا ڪيو. ان لاءِ پهرين ڊسمبر تي سنڌ ڪابينه جي مذڪوره وزيرن کي ”آشيانه ادب“ ۾ دعوت ڏنائين. آخر پهرين ڊسمبر کان ڇهين ڊسمبر جي منجهند تائين وڏي بحث مباحثي کان بعد 6 ڊسمبر 1951ع تي منجهند ڌاري آغا بدر عالم سڀني وزيرن کي هڪ ”صلح نامي“ ڪرائڻ تي راضي ڪيو. اِهو صلح نامو ٻارنهن شرطن تي مشتمل آهي، جيڪو هڪ قرآن شريف جي ٻاهرين سادي صفحي تي ٻن صفحن تي لکيل کونئر سان چنبڙيل آهي. اِهو قرآن مجيد جو نسخو هن وقت به ”آشيا نه ادب“ جي زينت بڻيل آهي.

وزيرن جي وچ ۾ قرآن شريف تي جيڪو صلح نامو ٿيو ان جو متن هيٺ ڏجي ٿو.

”اسين هيٺ صحي ڪندڙ قرآن مجيد فرقان حميد تي ايمان رکندي پنهنجي خوشيءَ سان اقرار ڪريون ته: اسان جن شرطن تي 6 ڊسمبر 1951ع جي، پاڻ ۾ ٺاهه ڪري ان جو تحريري دستخط ڪيل مسودو پنهنجي خير خواهه دوست آغا بدرالدين احمد وٽ امانت طور رکيو آهي. انهن ساڳين شرطن تي محڪم رهندي پنهنجا سڀ اختلاف وساري، پنهنجي ڪيل صلح کي پائدار، خاطرخواهه ۽ تسلي بخش ڪرڻ لاءِ هن قرآن شريف تي هي لکي پنهنجا دستخط ڪريون ٿا ۽ هي قرآن شريف پڻ آغا بدالرالدين وٽ بطور امانت رکون ٿا، ۽ خداوند ڪريم جي بارگاهه الاهيءَ ۾ دست بدعا آهيون ته اسان کي پنهنجي وعده  وفا ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري ۽ هدايت بخشي جيئن اسان سڀ پاڻ ۾ متفق ۽ متحد ٿي پنهنجي مادر وطن سنڌ ۽ سنڌي باشندن جي مفادن لاءِ صحيح نمائندگي جا فرائض، قومي خادم ۽ سچي پاڪستانيءَ جي حيثيت ۾ سَر انجام ڪندا رهون.“ (مؤرخه 9 ڊسمبر 1951ع)

ٽيون دور:

8 آڪٽوبر 1958ع ۾ ملڪ ۾ مارشل لا لڳو. جتي ٻيا سنجيده سياستدان، سياسي ميدان کان پاسيرو ٿي ويا، اُتي آغا بدر عالم دراني پڻ گوشه نشيني اختيار ڪئي. ان گوشه نشينيءَ دوران 21- ڊسمبر 1958ع ۾ ڳڙهي ياسين شهر کان ڇهه ڪلوميٽر اُتر طرف وهڻي ديهه ۾ جيڪا سندس جاگير هئي، ۾ ٻه سو ايڪڙن تي مشتمل هڪ عظيم الشان ”جنات البارڪ“ باغ جو بنياد وڌائين(49). جنهن ۾ انب، ليما، کجيون، نارنگيون، زيتون ۽ ٻين قيمتي ميون جا بهترين ناياب وڻ پوکايائين. ان باغ ۾ دنيا جي هر آسائش موجود هئي. حتيٰ ڪه باغ ۾ ڪم ايندڙ هر شيءِ مثلاً: پلنگ، کٽ، دلا، مَٽَ، گلاس، جڳ، ڪهاڙي، ڪوڏر، رنبو ۽ ٻين شين تي ”جنات البارڪ“ نالو اُڪريل نموني تحرير ٿيل هو.

آغا صاحب گوشه نشينيءَ دوران باغ ڏي توجهه ڏنو ۽ ٻئي طرف ”آشيانه ادب“ ۾ مطالعي ۾ وقت صرف ڪرڻ لڳو، پر جڏهن عوام جي بدحالي ۽ غير سماجي ڪمن ۾ مصروفيت کي ڏسي کيس ڏاڍو صدمو پهتس. ان لاءِ هن ٻيهر سماجي حوالي سان عوام کي منظم ڪرڻ جو سوچيو. ان سلسلي ۾ هن 9- مئي 1964ع بروز ڇنڇر جو 9 بجي ويهن ماڻهن تي مشتمل هڪ وفد جي ميٽنگ ڪوٺائي. ان ميٽنگ ۾ هڪ اهم سماجي تنظيم جي بنياد وجهڻ لاءِ غور ڪيو ويو. آخر اهڙن ٻن- ٽن ميٽنگن کان بعد "Public Internal yeomen and social association" يعني "PIYASA" (پياسا) جو بنياد وڌائين. پهرين هيءَ تنظيم تعلقي ليول تي قائم ڪئي وئي. 23- آگسٽ 1964ع بروز آچر تي ان تنظيم پاران ڳڙهي ياسين ۾ ”سوشل ورڪرس ڪنوينشن“ ڪوٺايو ويو، جنهن جي صدارت اي. ڪي بروهي صاحب ڪئي. ان ڪنوينشن دوران تنظيم جي قائم ڪرڻ بابت آغا صاحب چيو ته:

ڪنوينشن پنهنجي مستقبل جي لائحه عمل لاءِ چند اصول تجويز ڪيا آهن. جن جو لُبِ لباب حسب ذيل آهي.

1- بلا امتياز رنگ ونسل خدمت خلق.

2- سماجي براين جو سدباب.

3- مجاهدانه جذبي سان سماجي اصلاح آڻڻ.

4. امن و آشتي جو ماحول پيدا ڪرڻ.

5- رشته اخوت ومساوات کي مضبوط ڪرڻ

6- ساده زندگي بسر ڪرڻ.

7- باهمي اختلاف کي خوش اسلوبيءَ سان طئي ڪرڻ

8- سماجي ۽ معاشي استحڪام لاءِ ڪوشان رهڻ.

9- تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ طريقا سوچڻ.

10- سياسي قيادت لاءِ خدمت خلق کي مقرر ڪرڻ.

ان ڪنوينشن بعد هيءَ تنظيم، تعلقي ليول تي وڏي آب وتاب سان سياسي ۽ سماجي طور مٿي اُڀري. جڏهن ايوب خان جي سرڪار پهرين نومبر 1964ع تي بنيادي جمهوريت (بي- ڊي) جي چونڊن جو اعلان ڪيو ته پياسا تنظيم سموري ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ 87 يونٽن (678 کان 764 يونٽن تائين) تي پنهنجا اميدوار بيهاريا. نتيجي ۾ 87 يونٽن مان پياسا تنظيم جا 42 اميدوار بنا مقابلي منتخب ٿيا ۽ 33 اميدوار آسان مقابلي بعد ڪامياب ٿيا. ائين 87 يونٽن (سيٽن) مان 75 سيٽن تي پياسا تنظيم ڪاميابي ماڻي(50).

جڏهن آغا صاحب جي تنظيم مڪمل طور تي ڪاميابي ماڻي ته هن ايوب خان کان گهر ڪئي ته جلد از جلد ”ون يونٽ“ ٽوڙيو وڃي ۽ تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ رستن جي قريب ساريالي فصل ڪرڻ تان پابندي هٽائي وڃي. 2 جنوري 1965ع تي صدارتي اليڪشن جي تاريخ مقرر ڪئي وئي. هڪ طرف ايوب خان ته ٻئي طرف فاطمه جناح هڪٻئي جا مخالف هئا. آغابدر عالم دراني مسلم ليگ سان پراڻي وابستگيءَ خاطر فاطمه جناح جي حمايت جو اعلان ڪيو. ايوب خان کيس پنهنجي حمايت لاءِ تڏهوڪي وزير خارجه ذوالفقارعلي ڀٽي کي سندس ڏانهن روانو ڪيو، جنهن رات جو تقريباً هڪ وڳي ”آشيانه ادب“ ۾ ساڻس ملاقات ڪيائين، پر آغا صاحب پنهنجي اصولي ۽ عوامي سياست جي ڪري هڪ آمر جي حمايت ڪرڻ کان انڪار ڪيو. اهڙي طرح ذوالفقار علي ڀٽو ڏانهس ٻه ٽي دفعا وٽس ڪَهي آيو(51). ته ايوب خان جي حمايت ڪر، پر آغا صاحب ڪنهن به طاقت جي زور ۾ نه آيو. ذوالفقارعلي ڀٽي کي جڏهن ٽن چئن دفعن سان جواب نه ۾ مليو ته هن آغا کي سرڪاري وحشت ۽ فوجي گرفتاريءَ جو ڊپ ڏيکاريو، پر آغا پنهنجي فيصلي تي اَٽل رهيو. اليڪشن ڏينهن ايوب خان ۽ سندس ڪارندن هرممڪن ڪوشش ڪري نتيجا پنهنجي حق ۾ ڪڍيا. انهي ٺڳيءَ جي سياست ۽ سرڪاري مشنري جي غلط اقدامن جي سبب کيس ڏاڍو صدمو پهتو ۽ بيمار ٿي پيو، کيس عزيزن ڪراچيء جي جناح سينٽرل اسپتال جي ڪمري نمبر 47 ۾ داخل ڪرايو، 25- جنوري 1965ع سومر ڏينهن سندس طبعيت سڌري ته گهر جا ڀاتي ۽ ملازم ڏاڍو خوش ۽ سرها ٿيا. سانجهيءَ جو ساڻس ملاقات لاءِ اي.ڪي بروهي، پير حسام الدين راشدي، صدر الدين (سندس ڀاءُ)، آغا انور خان ۽ ٻيا آيا. آخر 26- جنوري 1965ع بروز اڱاري جو صبح جو 4 وڳي پاڪستان جي هِن اهم سياسي، علمي ۽ ادبي شخصيت ۽ ڳڙهي ياسين تعلقي جو شاهي خاندان جو فرد پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. سندس مَيت کي ڪراچيءَ کان ڳڙهي ياسين. آندو ويو ۽ کيس پنهنجي والد بزرگوار جي قريب دفن ڪيو ويو (52).

آغا بدرعالم جو دسترخوان هميشه ۽ هر ڪنهن لاءِ وڇايل هوندو هو، جنهن ۾ ڪنهن امير، نواب، غريب ۽ هاريءَ ۾ فرق نه رکيو ويندو هو. انهي اعليٰ خيالن ۽ هڪجهڙائيءَ جي اصولن تي سندس نوازيءَ جو هرهنڌ چرچو هلندو هو. هڪ اهڙو واقعو سنڌ جو نامور مؤرخ ۽ محقق اعجازالحق قدوسي هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:

”مان ۽ آغا صاحب گڏ ڪراچي ڪينٽ مان روانا ٿياسين، سموري رات ريل هلندي رهي ۽ اسان صبح جو شڪارپور پهتاسين.

آغا صاحب جي مهمان نوازيءَ جو هيءُ عالم هو ته هُو ريل بيهندي ئي پنهنجي دَٻي مان نڪري منهنجي دٻي جي سامهون آيو ۽ سڀ کان پهرين اهو پڇيو ته رات ڪيئن گذري؟

مان پنهنجي خيريت بيان ڪئي...... آغا بدرالدين دراني جي ميزباني ۾ وڏو لطف ايندو هو. هُو مهمانن کي کارائڻ کان نه ٿڪجندو هو ۽ اسان کائي کائي ٿڪبا هئاسين. هاڻي صبح جو نيرن آهي، ٻه ڪلاڪ نه گذريا ته منجهند جي ماني آهي، ٺيڪ ساڍي چئين وڳين ٽپهريءَ جو شام جي چانهه جو اهتمام ڪيو ويندو هو ۽ رات جو اٺين وڳين سمورن جو کاڌو لڳايو ويندو هو.

روح جي غذا لاءِ اُن جي شاندار لائبرري
”آشيانه ادب“ ۽ جسم جي غذا لاءِ هن جو دسترخوان جي مختلف مختلف ۽ قسمين قسمين کاڌا زندگيءَ جي گرم صحرا کي جنت بنائي رکيو هو(53).“

حاجي انور احمد خان مهر، آغا بدر عالم جي مهمانيءَ جو قصو ٻڌايو ته هڪ دفعي آغا بدر عالم دراني وٽ ڪو مهمان ٿي آيو. نوڪرن صبح جي ناشتي جي تياري ڪئي ۽ پليٽون صاف پئي ڪيائون. هڪ پليٽ تي ڪارو داغ لڳل هو، جو ڌوپجڻ کان رهجي ويو هو. لولائي ذات جي نوڪر ان کي ڪپڙي تي ٿُڪ هڻي صاف ڪيو ۽ اِها پليٽ مهمان اڳيان رکيائين. مهمان ان مَهَل هٿ ڌوئڻ ويو هو ته آغا بدر عالم مهمان جي غير موجودگيءَ جو فائدو وٺي اِها پليٽ يڪدم کڻي ان جي جاءِ تي پنهنجي صاف ڌوتل پليٽ رکيائين. ماني پوري ٿي وئي ۽ پوءِ ڪن دوستن پڇيس ته اِها ماجرا ڇا هئي، پوءِ آغا بدر عالم سموري نوڪر جو احوال ڪري ٻڌايائين ته ٿُڪ لڳل پليٽ مهمان اڳيان نوڪر رکي ويو جيڪا منهنجي طبعيت گوارا نه ڪئي ۽ مان اِها کڻي پنهنجي صاف ڌوتل پليٽ رکي. چوڻ جو مقصد ته آغابدر عالم جي مهمانوازي اعليٰ قسم جي ۽ شاندار نموني جي هئي(54).

آغا بدرعالم درانيءَ جا حسام الدين راشدي سان لاڳاپا هن جي والد بزرگوار آغا شمس الدين خان جي دور کان ٿيا. پر بعد ۾ هيءُ لاڳاپا گهري علمي ادبي ۽ دوستيءَ ۾ تبديل ٿي ويا. آغا بدر عالم، حسام الدين راشدي کي ”باباءِ سنڌي“ ۽ حسام الدين راشدي کيس ”بدرعالم“ جي پيارن نالن سان سڏيندا هئا. ان کان علاوه جوش مليح آبادي، رئيس امروهوي، اينيمري شمل (جرمني) ۽ ٻيا برک عالم ۽ اديب سياري جي موسم ۾ دوستن ۽ احبابن سان گڏ اچي ”جنات البارڪ“ باغ ۽ ”آشيانه ادب“ ۾ ڪچهرين جا دور هلائيندا هئا، جنهن ۾ مشاعرا ۽ علمي ادبي موضوعن تي وڏا بحث ڪندا هئا ۽ ان سان گڏوگڏ محفل موسيقيءَ جو دور به هلندو هو. آغا صاحب هڪ اهڙو واقعو پاڻ لکندي ٻڌائي ٿو ته:

”اڄ صبح جو يارهين وڳي پير حسام الدين، ڊاڪٽر اينيمري شمل سان گڏ آيو. شام جو چئين وڳي مهمانن سان گڏ شاهه محمد شاهه، ممتاز خان دراني ۽ آغا صدرالدين خان ڳائڻ وڄائڻ وارا راڳي خواهه خواهه مرلي وڄائڻ وارا فارم (باغ) تي پهتاسين. وڏو لطف رهيو، رات جو ساڍي نائين وڳي واپس ٿياسين، ماني کاڌي سين، مجلس ڪئي سين (55)، وڏي خوشي ٿي(56).

بحيثيت محقق ۽ اديب:

آغا بدرعالم دراني جي علمي ادبي ڪاوشن کي پرکيندي، ان چوڻ ۾ ڪا به گنجائش نه ٿي رهي ته هُو هڪ وڏو ناليوارو محقق، مؤرخ، دانشور، نقاد، سفرنامه نگار، ماهر لسانيات ۽ ڪمپوزر هو. راقم الحروف جي تحقيق مطابق آغا صاحب جي پهرين لکڻي 12 مارچ 1938ع ۾ هڪ مضمون جي صورت ۾ شايع ٿي. ان مان اِهو نتيجو نڪري ٿو ته پاڻ چوويهن سالن جي عمر ۾ قلم کنيو. راقم الحروف کي تحقيق ۽ جستجو بعد جيڪي ڇپيل مقالا مليا آهن، انهن جو تعداد ويهه آهي. انهن ۾ پندرهن سنڌي زبان ۾، چار اردو زبان ۾، ۽ هڪ انگريزي زبان ۾ آهي. اِهي سمورا مضمون ۽ مقالا ماهنامه نئين زندگي، روزاني جنگ ڪراچي، ماهنامه الرياض ڪراچي، ماهنامه تذڪره ڪراچي، الوحيد اخبار ۽ ٻين روزاني اخبارن۽ ماهانه رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.

ڪتابن جي حوالي سان آغا بدر عالم دراني اَٺن ڪتابن جو مصنف آهي. انهن اٺن ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:

1- مسافر حجاز: آغا صاحب جڏهن پاڪ جڳهن جي زيارتن لاءِ ويو ته واپسيءَ تي پنهنجي ان سفر جي روئداد لکيائين. جيڪو پهريون دفعو 1950ع ۾ انقلاب پرنٽنگ پريس سکر مان شايع ٿيو.

2- مسافر حجاز (اردو): مسافر حجاز ڪتاب جو پاڻ اردو ۾ ترجمو ڪيائين. جيڪو سندس لائبريريءَ ۾ 509 وڏي سائيز جي صفحن تي قلمي صورت ۾ موجود آهي. آغا صاحب هيءُ ترجمو 5 مارچ 1955ع ۾ ڪيو.

3- معاشيات (اردو): آغا صاحب هيءُ ڪتاب علم معاشيات جي افاديت تي لکيو آهي. هن ڪتاب جو سمورو قلمي نسخو راقم کي ملي نه سگهيو، شايد ضايع ٿي ويو آهي يا ڪنهن وٽ امانت طور پيو هوندو. هن ڪتاب جو هڪ باب ماهنامه الرياض ڪراچي ۾ ڇپيو آهي. آغا صاحب هيءُ ڪتاب 1955ع ۾ لکي پورو ڪيو.

4- تاريخ سنڌ: آغا صاحب جي دلي خواهش هئي ته تاريخ سنڌ کي گزيٽيئرن وانگي مرتب ڪري ڇپايان. ان لاءِ هن ان دور جي ڊپٽي ڪمشنرن، مختيارڪارن ۽ ٻين واسطيدار ڪامورن سان لکپڙهه ڪئي، ان حوالي سان جيڪو مواد ملي سگهيو، اُن کي مرتب ڪيائين. هيءُ ڪتاب لکڻ وقت سنڌ جي هر ضلعي جو عليحده فائيل ٺاهيائين ۽ ان فائيل ۾ واسطيدار ضلعي جي معلومات گڏ ڪندو ويو، پر پوءِ ڪامورن مدد نه ڪئي ۽ ائين هيءُ بيش بها ڪتاب اڻپورو رهجي ويو. آغا صاحب هيءُ ڪتاب آگسٽ 1959ع ۾ لکڻ شروع ڪيائين. هن وقت ان ڪتاب جا سمورا فائيل خالي آهن. شايد مواد ضايع ٿي ويو آهي.

5- تحفة الطاهرين (فارسي): آغا بدرعالم دراني، شيخ محمد اعظم ٻن محمد شفيع ٺٽوي جي 1190هه ۾ لکيل ”تحفة الطاهرين“ ڪتاب کي ايڊٽ ڪري ۽ هڪ بهترين مقدمو لکي 1956ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ مان فارسي ۾ شايع ڪيائين (57).

آغا صاحب هر ممڪن ڪوشش ڪري ڪتاب جي مصنف جي حالات زندگيءَ جي هر گوشي تي قلم کنيو، پر کائنس ڪي تحقيقي گوشا اوجهل رهيا. ان جي وجهه اِها هئي جو ڪتاب جي مصنف جي حالات زندگي کي رقم ڪرڻ وقت، آغا صاحب جي سامهون. ”تحفة الڪرام“ جو هڪ ناقص مطبوعه نسخو هو، جنهن کان هن مدد ورتي. انهي حوالي سان سندس علمي ادبي دوست پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته:

”منهنجي عزيز ۽ شفيق دوست، جناب بدر عالم کان احوال به حذف ٿي ويو آهي ۽ يقيناً اهوئي سبب آهي جو آغا صاحب موصوف ”تحفة الڪرام“ مان استعفادو ڪري ڪونه سگهيو آهي (58).“

هن فارسي ڪتاب جو بعد ۾ سنڌ جي نامور محقق ۽ مؤرخ عبدالرسول قادري بلوچ صاحب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري 1990ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ڪرايو (59).

6- دنيا جون زبانون: آغا صاحب کي لسانيات تي به وڏي دسترس حاصل هئي. هن هڪ اهڙو ڪتاب لکڻ ٿي گهريو، جنهن ۾ سنڌي زبان جي هڪ لفظ جي معنيٰ دنيا جي سمورن زبانن ۾ ڏنل هجي. ان لاءِ هن ان وقت جي دنيا جي سمورن علمي ادبي ۽ سرڪاري ادارن سان لکپڙهه ڪري، کائن ملڪن ۾ مروج زبانن متعلق مواد ورتو. هيءُ ڪتاب اڻپورو آهي، جيڪو ”آشيانه ادب“ ۾ قلمي صورت ۾ موجود آهي.

7- صلاح الدين ايوبي (سنڌي ترجمو): هي ڪتاب اسٽين لين پول جي ڪتاب ”سلاڊين“ يعني ”صلاح الدين“ جو سنڌي ترجمو آهي. جيڪو هن 1961ع ۾ پورو ڪيائين. هيءُ ڪتاب ڪل 78 صفحن تي مشتمل آهي. جيڪو سندس لائبريريءَ جي زينت بڻيل آهي. هن ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو ته:

”آءٌ پنهنجي مخلص دوست باباءِ سنڌي پيرحسام الدين راشدي جو سنڌي زبان، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي تهذيب جو مخلص ترين دلداده ۽ تاريخ سنڌ جو بي مثال عالم آهي، جو شڪريو ادا ڪرڻ به پنهنجو فرض تصور ڪريان ٿو. جڏهن هن ترجمي جي متعلق مون کي بعض قيمتي مشورن سان مستفيذ فرمايو.“

8- مقالن ۽ مضمونن جو مجموعو هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن تي مضمون ۽ مقالا شامل آهن. جن ۾ ڪي ترجما به شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ٽوٽل اَٺ مقالا ۽ مضمون شامل آهن. جنهن ۾ هڪ باسوءَ (Basu) جو مقالي "Extract from rise of christian power in india" the annexation of sind" جو ترجمو آهي. هن ڪتاب جي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته هي اڃان اڻپورو آهي. هي ڪتاب به ”آشيانه ادب“ جي زينت بڻيل آهي.

]نوٽ: هن مقالي لکڻ لاءِ مان آغا سراج خان دراني، آغا رفيع الدين خان دراني، آغا مسيح الدين خان دراني، مرحوم محمد يعقوب خان دراني، آغا وقارخان دراني، علي احمد بروهي، شاهه محمد شاهه، پروفيسر غلام محمد لاکي، فائق سومري، مولابخش قاصد سومري ۽ ٻين جو تهه دل سان شڪريو ادا ڪريان ٿو، جن مختلف نموني سان مواد ڏيڻ ۽ تحقيق دوران منهنجي مدد ڪئي. خاص طور آغا سراج خان دراني جو شڪر گذار آهيان جو ”آشيانه ادب“ منهنجي حوالي ڪري هن تحقيق ۾ سڀ کان وڌيڪ مدد ڪئي[.

حوالا حاشيا ۽ اضافا:

(1) شيدائي، مولائي رحيمداد، ”جنت السنڌ“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1985ع، ص. 529.

• سليم، آغا، ”پٺاڻ“، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1986ع، ص. 28، 29.

• بدوي لطف الله، ”تذڪره لطفي“، جلد 2، 1946ع، ص. 45، 20 .

(2) Pre-munity records of commissioner in sind- 1857, karachi, commissioner  printing press, 1931, p. uou.

(3) شيدائي، حوالو ڏنل آهي، ص. 651

(4) "Selection from records of the bombay government" edited by: hughes thomas, bombay educational society pross,1855, p- 690. and also see:

• موٽواڻي (ڪڪڙيجا)، ڀائي مناسنگهه سيتلداس، ”ڳڙهي ياسين درشن“، ڪانپور/ اُلهاس نگر، 1972ع، ص 17.

(5) "Memoirs of hereditary jagirdars, kharatdars, pattadars and hissadars in sind", 1888, p. 276. and also see.

• شڪارپوري، عطا محمد مرزا، منشي، ”تازه نواي معارڪ“ (فارسي)، تصحيح، حاشيو ۽ تعليق، عبدالحئي حبيبي افغاني، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص. 794 جي سامهون ڏنل شجرا.

(6) ”ڳڙهي ياسين درشن“ حوالو ڏنل آهي. جي مرتب ڪندڙ، آغا بدر عالم جي جنم جو سن 1909ع لکيو آهي، جيڪو تحقيقي نُڪتئه نگاهه کان صحيح نه آهي. ڇو ته سندس والد بزرگوار آغا شمس الدين خان دراني جي ذاتي ڊائريءَ مان اسان جي ڏنل سن جي تصديق ٿئي ٿي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو:

• مولابخش ’قاصر‘ سومرو، ”آغا بدرالدين دراني“ (مقالو)، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، مورخه 26- جنوري 1992ع، ۽ پڻ ساڳئي مصنف جو ٻيو مقالو ڏسو:

”روزاني نواءِ انقلاب“ سکر، ”بدر عالم خصوصي ايڊيشن.“

• 22. نومبر 1970ع، فرنٽ پيج جو ٻيو پاسو and also see biographical encyclopedia of pakistan, 1965, pp. 54. 255.

 Agha Sadaruddin durrani, Agha Badruddin ahmad durrani, (Article) Sindh Quarterly. karachi vol: xix, no: 2, 1991, p. 63.

(7) آغا شمس الدين خان جي ذاتي ڊائري، مؤرخه 26 مارچ 1912ع.

(8) تقريباً آغا بدر عالم جا سمورا سوانح نگار 1917ع ۾ آغا بدر کي پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مين پرائمري اسڪول ۾ داخل ڏيکاريو آهي، جيڪو صحيح نه آهي. ان مان اِها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته 1917ع کان وٺي 1930ع تائين آغا صاحب مئٽرڪ جي تعليم حاصل ڪيائين، پر آغا ديني تعليم ڪٿان ۽ ڪڏهن حاصل ڪئي، تنهن متعلق سوانح نگارن قلم نه کنيو آهي. راقم الحروف، آغا بدر جي والد جي ڊائرين مان سندس تعليم حاصل ڪرڻ واري دور جو چڱي طرح جائزو وٺي 1917ع کان 1920 تائين ٽن سالن جي عرصي کي ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيو آهي، جيڪو صحيح آهي. جن سوانح نگارن آغا بدر جي تعليم حاصل ڪرڻ جي دور ۾ اهم غلطيون ڪيون آهن، انهن ۾ Agha sadruddin durrani (Article). op. cit. p 63. مولا بخش ”قاصر“ سومرو (مقالو)، روزاني هلال پاڪستان، حوالو ڏنل آهي.

(9) آغا شمس الدين خان جي ذاتي ڊائري، مؤرخه 26 سيپٽمبر 1931ع، ۽ 23 مارچ 1932ع.

(10) عبدالله هارون پڻ هڪ اهڙو خط جي.ايم.سيد کي لکيو آهي. ان لاءِ ڏسو:

• جي.ايم.سيد، ”جنب گذاريم جن سين“ (جلد 2)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1979ع، ص. 52.

(11) ڳڙهي ياسين درشن“، حوالو ڏنل آهي، ص. 25، 23، 22.

(12) ”ڳڙهي ياسين درشن“ جي مرتب ڪندڙ ڳڙهي ياسين شهر کي 1919ع ۾ ميونسپل جو درجو ڏنل لکيو آهي. جيڪو صحيح نه آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو:

• اي.ڊبليو.هيوز، ”سنڌ گزيٽيئر“ سنڌي ترجمو: حسين بادشاهه، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، 2017ع، ص. 182 .

(13) محمد يعقوب ڀٽي، پريزيڊنٽ نور اسلام انجمن جو آغا مسيح الدين خان ڏي لکيل خط.

(14)مولابخش ”قاصر“ سومرو، ”آغا بدرالدين دراني“ (مقالو)، روزاني نواءِ انقلاب سکر، حوالو ڏنل آهي، انجمن جي حوالي سان وڌيڪ معلومات مولابخش ”قاصر“سومرو،
آغا وقار خان درانيءَ کان ورتي وئي. ان سان گڏ ڪراچيءَ مان فون ذريعي علي احمد بروهي کان پڻ مفصل حال ورتو ويو. تفصيل لاءِ ڏسو: علي احمد بروهي، ”ڪک پَن“ حيدرآباد، سنڌي ساهت گهر، ڇاپو ٽيون 1996ع، ص. 54.

(15) پنهور خان محمد، ڊاڪٽر، ”الوحيد جي سنڌ جي سياست ۽ علم و ادب ۾ حصو“، ڄام شورو، سنڌ يونيورسٽي، 1996ع ص. 195 ۽ پڻ ڏسو:

• سيد، جي.ايم، ”سنڌ جي بمبئي کان آزادي“، حيدرآباد سنڌ تحقيقي بورڊ 1989ع، ص. 4، 5.

(16) Agha Sadruddiu durrani, "Fifty years of sindh politics, unpublished- typed copy, p.u. and also see.

• فليمن ميٽسيڪ، ”سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائي“ (مقالو)، ترجمو: مراد علي مرزا، ٽه ماهي مهراڻ، نمبر 1- 2. حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1985ع، ص. 105.

(17) Agha Sadruddin durrani, op.cit.p.u.

• کهڙو حميده، ”محمد ايوب کهڙو: جراتمندانه سياسي زندگي،“ (ڀاڱو ٻيو)، ڪراچي، عاقل ٽرسٽ، 1999ع، ص. 20، 21 .

• خالد، ڪريم بخش، ”سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس 1938“، (مقالو)، ٽه ماهي مهراڻ، نمبر ا- 2، ڏسو حوالو نمبر 16، ص 140- 139.

• بدوي، لطف الله، ”شهيد الله بخش سومرو، سماجي ۽ سياسي ڪردار“ (مقالو)، ”شهيد الله بخش سومرو: شخصيت ۽ سياست،“ مرتب: آزاد قاضي، ڪراچي ساگر پبلشنگ هائوس، 2000ع، ص. 52.

• سيد، جي.ايم، ”جنب گذاريم جن سين“، (جلد 2)، حوالو ڏنل آهي، ص. 195.

(18) ٻگهيو، عزيزالرحمٰن، ڊاڪٽر، ”سنڌي صحافت جي ارتقائي تاريخ“، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1988ع، ص. 255.

(19) شيدائي، رحيمداد مولائي، مير ”تاريخ سکر“ حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ 1992ع، ص. 407.

(20) پنهور، خان محمد، ڊاڪٽر، ”الوحيد جي سنڌ جي سياست ۽ علم، ادب ۾ حصو“، ڄام شورو، سنڌ يونيورسٽي، 1994،ص. 20.

(21) گرامي غلام محمد، ”سنڌي ليٿو گراف: سنڌي رسم الخط ۽ اسلوب بيان جي ارتقاتي هڪ نظر“، (مقالو) ٽه ماهي مهراڻ، نمبر-1، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1964ع، ص. 177.

(22) بخاري، محبوب علي شاهه، سيد، ”سکر جون يادگيريون“، سکر هسٽاريڪل سوسائٽي، 2001ع، ص. 90.

(23) جن مؤرخن ۽ محققن اِهو لکيو آهي ته ”آشيانه ادب“ هڪ ماهوار رسالو، آغا بدرعالم دراني جاري ڪيو هو، اِهو غلط آهي. ڇو ته آغا بدر عالم دراني ان نالي سان ڪوبه رسالو جاري نه ڪيو هو. بلڪ اِهو سندس ذاتي لائبرريءَ جو نالو هو.

(24) تفصيل لاءِ ڏسو: ”ڳڙهي ياسين درشن“، حوالو ڏنل آهي، ص 56 ۽ پڻ ڏسو.

    آڏواڻي، ڀيرومل مهر چند، ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ حيدرآباد/ لاڙڪاڻو، گلشن پبليڪيشن، (ٻيو ڇاپو) 2000ع، ص. 120.

(25) A.R. Butt and g.a. soomro, "Ashiana adab library garhi yasin, (Article), weekly Tanzeem, shikarpur, saturday, june 1996, vol- 49, no: 9, pp. 5-6.

• علوي، امين الله علوي، پروفيسر، ”شڪارپور جا ڪتبخانا“ (مقالو)، ”شڪارپور صدين کان“، مرتب: ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو، معاون: نقش ناياب منگي، شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽي، ڇاپو پهريون 1988ع، ص. 329 کان 332 تائين.

(26) بخاري، محمود شاهه، ”سکر جون يادگيريون“، حوالو ڏنل آهي، ص. 84، 83.

(27) هفتيوار پيغام صلح، 7 فيبروري 1942ع، ص. 3.

(28) Agha Sadruddin durrani, op. cit. p. 13 and also see.

• خالد، ڪريم بخش، ”سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس“، 1938ع، حوالو ڏنل آهي، ص. 140-141 .

(29) راشدي، علي محمد پير، ”اُهي ڏينهن اُهي شينهن“ (جلد پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٽيون 1987ع، ص 278.

(30) ايضاً، (جلد ٻيون 1980ع)، ص154، 153.

(31) شاهه، محمد شاهه، ”الحاج آغا بدرالدين احمد دراني“ (مقالو)، روزاني نواءِ انقلاب سکر، آغا بدر عالم خصوصي ايڊيشن، 22 نومبر 1970ع، ص. 4.

(32) راقم الحروف کي هن اخبار جو پهريون پرچو نه ملي سگهيو، جو ان متعلق صحيح سن درج ڪري سگهون. عزيز الرحمٰن ٻگهيو هن اخبار جي جاري ٿيڻ جو سن 1945ع، ڊاڪٽر خان محمد پنهور 1945ع ۽ غلام محمد گرامي 1945ع جا سن ڏنا آهن، وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو:

• عزيز الرحمٰن ٻگهيو، حوالو ڏنل آهي، ص. 235.

• پنهور، خان محمد پنهور، ڊاڪٽر، حوالو ڏنل آهي، ص. 20، 21.

• غلام محمد گرامي، حوالو ڏنل آهي، ص. 177.

هتي هيءَ ڳالهه ذڪر لائق آهي ته ڊاڪٽرانور فگار هڪڙي پنهنجي تحقيقي مقالي ”سکر جي صحافت جي تاريخ (1860ع کان 1947ع تائين)“ ۾ روزاني انقلاب اخبار جو ذڪر نه ڪيو آهي، ان لاءِ ان ۾ شڪ آهي ته هيءَ اخبار 1945ع ۾ جاري نه ٿي هوندي ڇو ته جيڪڏهن هيءَ اخبار 1945ع ۾ جاري ٿي هجي ها ته ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو ان جو ذڪر ضرور ڪري ها.

(33) هيءَ معلومات، علي احمد بروهيءَ کان فون رستي ورتي وئي.

(34) سمندر خان، ”ماڻهو سڀ نه سهڻا“ (تاثر)، روزاني نواءِ انقلاب سکر، آغا بدر عالم دراني خصوصي ايڊيشن، 22 نومبر 1970ع، ص 6، 7.

(35) روبرو ورتل معلومات مولابخش قاصر“ سومرو، نندلعل، آغا وقار خان دراني، ۽ علي احمد بروهيءَ کان.

(36) مولابخش ”قاصر“ سومرو، ”آغابدر الدين احمد دراني“ (مقالو) حوالو ڏنل آهي، ص. 11

(37) شيدائي، رحيمداد مولائي، ”معمار سنڌ“ سکر، انقلاب پرنٽنگ پريس، ت، ن، ص. 24، 25، 26، 34.

(38) "Proceedings of the sind legislative Assembbly" official report, vol. v, book No: 2 Karachi, government press, 8th march 1949, pp. 2.3 and 17. and also see:

Muhammad Siddique g. memon, "sukkur then and now", karachi, university press, 2000,p. 25.

شمس الدين خان جي ذاتي ڊائري، مؤرخه 8 مارچ 1949ع.

• مولابخش ’قاصر‘ سومرو (مقالو) حوالو ڏنل آهي، ص. 30، ۾ لکيو آهي ته آغا بدرعالم دراني بحيثيت مسلم ليگ جي طرفان اميدوار هو ۽ جڏهن ته سندس مخالفت ۾ مائي ڄيٺلي سپاهيملاڻي ڪانگريس طرفان اميدوار هئي ۽ آغا بدر عالم پنهنجي مخالف کي شڪست ڏني.“ دراصل اِها ڳالهه ۽ مقابلي ڪرڻ يا ٿيڻ جو واقعو قطعاً غلط آهي.

(39) بدر عالم، ”مسافرحجاز“: ”سکر، انقلاب پرنٽنگ پريس 1950ع، ص. عرض حال ۽ وَ.

(40) ٽه ماهي مهراڻ، حصو ٻيو، ڏهه سال نمبر، نمبر 4-3 ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، جلد 16، 1965ع، ص. 20، 2، 20، 3.

(41) ايضاً، .............

(42) Agha Sadruddin durrani, op. cit. p. 66.

(43) مولابخش ”قاصر“ سومرو، (مقالو)، حوالو ڏنل آهي، ص 30.

(44) سمندرخان، (مقالو)، حوالو ڏنل آهي، ص. 7 .

Muhammad Siddique g. memon, op. cit. pp. 133. 134.

(45) شيدائي مولائي، ”تاريخ سکر“، حوالو ڏنل آهي، ص. 289، 290.

(46) Muhammad Siddique G. memon, op. cit. pp. 133. 134.

(47) مولا بخش ”قاصر“ سومرو، (مقالو)، حوالو ڏنل آهي، ص. 39.

(48) شاهه محمد شاهه کان روبرو انٽرويو ورتل. 25، 2، 02 20ع تي.

(49) مولانا بخش قاصر سومرو (مقالو) حوالو ڏنل آهي، ص. 53، شاهه محمد شاهه (مقالو)، حوالو ڏنل آهي، ص. 37.

(50) روزاني آزاد ڪراچي 9 نومبر 1964ع جي ايڊيشن ۾ 87 مان 79 سيٽن تي ’پياسا‘ تنظيم جي ڪاميابي ٻڌايو آهي ۽ روزاني مهراڻ 20 نومبر 1964ع جي ايڊيشن ۾ 87 مان 84 سيٽن تي ڪاميابي لکي آهي. اِهي ٻئي بي بنياد آهن ڇو ته راقم الحروف ان وقت جي اصل اليڪشن جي نتيجن متعلق رپورٽن کي سامهون رکي لکيو آهي. اِهي رپوٽون پياسا تنظيم جي رڪارڊ ۾  موجود آهن.

(51) Agha Sadruddin durrani, article, op. cit. pp. 6.8.

(52) Ibid, .............

مولابخش قاصد سومرو، (مقالو)، حوالو ڏنل آهي، ص. 32.

(53) اعجازالحق قدوسي، ”ميري زندگي کي پحهتر سال“ ڪراچي، 1988ع، ص. 179، 180، 181، 182.

(54) هي قصو حاجي انور احمد خان مهر صاحب روبرو سکر پنهنجي بنگلي تي 21 ۽ 20 آگسٽ جي رات ٻڌايو.

(55) بدرعالم جي ذاتي ڊائري 11 مارچ 1941ع.

(56) ايضاً، ....... 1 مارچ 1941ع.

(57) شيخ محمد اعظم بن محمد شفيع تتوي، ”تحفة الطاهرين“ (فارسي)، بتصحيح و تحشيه، بدر عالم دراني، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع.

(58) حسام الدين راشدي، ”تذڪره اميرخاني“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1941ع، ص. 329 کان 331 تائين.

(59) شيخ محمد اعظم بن محمد شفيع ٺٽوي ”تحفة الطاهرين“ سنڌي ترجمو: عبدالرسول قادري بلوچ، ڄام شورو/ حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ 1990ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org