سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2019ع

باب:

صفحو:2 

ڊاڪٽر آزاد قاضي

 

 

 

تاريخِ بزمِ صوفياءِ سنڌ

                            (ٽين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس)

سنڌ ثقافتي ڪانفرنس جي شروعات جيتوڻيڪ بزمِ صوفياءِ سنڌ جي نالي ۾ صوفي درويشن جي درگاهن کان ڪئي ويئي هئي. پر ان جو بنيادي مقصد عوام ۾ ثقافت جي حوالي سان سنڌ جي ساڃاهه پيدا ڪرائڻ هو، انڪري سمجهه ۽ شعور پيدا ڪرائيندڙ هيءُ پروگرام درگاهن کان هٽي ڪري ٻاهر پڻ ڪيا ويا. جنهن جو پهريون مثال ٽين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس ميرپور بٺورو هئي. علمي ادبي حوالي سان، بٺوري سان سائين جي.ايم.سيد جو پراڻو تعلق رهيو هو. سائين جي.ايم.سيد جي تقرير ”سنڌي ادب ڇو ۽ ڇا لاءِ“ جنهن ورهاڱي کان پوءِ واري جمود ڀريي ماحول ۾، ترقي پسندي ۽ قوم پرستانه سوچ کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو هو، اها تقرير به 1956ع ۾ بٺوري ۾ سڏايل ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي ڪئي ويئي هئي.

نواءِ سنڌ اخبار جي رپورٽ موجب:

”ميرپور بٺوري جي علم دوست، محبِ وطن نوجوانن جي دلچسپيءَ سان ثقافتي مرڪز ميرپوربٺوري پاران هيءَ ٽين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس 3 سيپٽمبر 1966ع تي احمد شاهه جي پڙ لڳ، پبلڪ پارڪ بٺوري ۾ منعقد ٿي. هن ثقافتي پروگرام کي نظر ۾ رکندي اسٽيج کي رلين، غاليچن، اجرڪن، پاٽِين، دِلين ۽ ڪاشيءَ جي پليٽن سان سجايو ويو. جن تي ”جي.ايم.سيد صاحب زندهه باد“ ”هيمون ڪالاڻي زندهه آباد“، ”دودو سومرو زندهه آباد“ ”مير شير محمد زنده آباد“ سنڌ جي غيور سپوتن جا نالا لکيل هئا.“ (13 سيپٽمبر 1966ع)

هن ڪانفرنس جا مکيه ورڪر ارباب نورمحمد پليجو، عبدالفتاح ’عبد‘، عبدالحميد شاهين، عبدالحيي پليجو ۽ غلام حسين رنگريز هئا.

ذڪر ڪيل ورڪرن کان سواءِ ان ڪم ۾ جيڪي دوست سندن ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا هئا، جن وڏي جانفشانيءَ سان پروگرام کي ڪامياب ڪيو، انهن ۾ محمد يوسف ’سيف‘، شمس پليجو، غلام رسول ’مسرور‘، ابراهيم شيخ، دلپت، امير بخش، غلام محمد ۽ خواجه حبيب سائل قابلِ ذڪر آهن.

ورڪرن پاران ڪيل محنت جي نتيجي ۾ هن ڪانفرنس ۾ 2 اڍائي هزار ماڻهن شرڪت ڪئي. پس گردائيءَ واري عام و خاص عوام کانسواءِ هن پروگرام ۾ سکر کان شيخ اياز، خيرپورميرس مان تنوير عباسي، ميرپورخاص کان غلام محمد لغاري حيدرآباد مان جمال ابڙو، جمال رند،  غلام رباني آگرو، مولانا غلام محمد گرامي، محمد عثمان ڏيپلائي، ابنِ حيات پنهور، شيخ علي محمد، پروانو ڀٽي، امداد حسيني ۽ پرڀو ناشاد شريڪ ٿيا. ڪراچيءَ مان مومن مليرائي پڻ شريڪ ٿيو. ان کانسواءِ ٻين مقامي شاعرن ۽ ادبي شخصيتن ۾ ’شمس جعفراڻي‘، ’عزيز جعفراڻي‘، ’ماستر احمد خان‘، ’محمد صالح مهيري‘، ’قلندرُ (شاهه) لڪياري‘، ’سرويچ سجاولي‘ ۽ ’محمد خان مجيدي‘، ’اڪبر شاهه‘، ’محسن عباسي‘، ’سائينداد نوحاڻي‘، ’رجب علي ’ضياءَ‘ اچي وڃن ٿا.

هن ڪانفرنس جي 7:00 وڳي شروعات ڪئي ويئي، اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض عبدالفتاح”عبد“
سرانجام ڏنا.

ڪانفرنس جي پهرين يعني مقالن واري نشست جي صدارت درگاهه جهوڪ شريف جي سجاده نشين کي ڪرڻي هئي. مگر سندن عدم موجودگيءَ ۾ مقالن ۽ مشاعري ٻنهي بيٺڪن جي صدارت محترم شيخ اياز ڪئي.“ (”مهراڻ“، 3-4/1966ع، ص 185)

پروگرام جي شروعات ۾ استقباليه ڪميٽيءَ جي چيئرمن هئڻ واري حيثيت ۾ ارباب نورمحمد پليجي آجيان ڪرڻ لاءِ استقباليه خطبو پڙهيو. ارباب صاحب اُن پُرمغز ۽ جامع الصفات خطبي جي شروعات ۾ ميرپوربٺوري تعلقي جي ڪنڊائتي هئڻ ڪري، معمولي اهميت جو حامل هئڻ طرف اشارو ڪندي، ان سرزمين جي شاندار تاريخي پسمنظر جو اظهار ڪيو. هُن سنڌ جي تاريخ ۾ سومرا گهراڻي وارن رومانوي داستانن جو تعلق ان سرزمين سان ظاهر ڪيو. ان کان سواءِ سنڌي شاعريءَ جي وهائو تاري شاهه ڪريم بلڙي واري جي خاندان ۽ 12 صديءَ جي صوفين جي سردار حضرت شاهه عنايت شهيد جي ڏنل وحدت مذاهب، اتحاد انساني ۽ حق لاءِ اپٽار ۽ قربانيءَ وارو جذبو پيدا ڪرائڻ طرف اشارو ڪندي، ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته:

”اسين انهيءَ مقدس سرزمين تي اڄ گڏ ٿي رهيا آهيون، اسان جو مقصد به معمولي نه آهي، اسان انهن بزرگن طرفان سنڌ جي ان عظيم پيغام کي نئين سر زندهه ڪري رهيا آهيون.“

گڏ ٿيڻ جي مقصدن جو اظهار ڪندي ارباب نورمحمد چيو ته:

”هن وقت جڏهن اسان جو قومي شيرازو خود مطلبي، نفاق ۽ نفرت، ڪمزوريءَ ۽ بزدلي ۽ قومي شعوري عدم موجودگيءَ سبب پرزا پرزا ٿي پيو آهي، تڏهن اسان انهن خامين کي دور ڪرڻ لاءِ هنن ڪانفرنسن ذريعي مخلص ڪارڪنن جو گروهه پيدا ڪري، سنڌ جي ان پيغام جي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ جو عزم رکون ٿا، جيڪو امن، انصاف ۽ آزاديءَ جو پيغام آهي. اڄ اسين انهيءَ ئي عظيم مقصد لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون.“ (سيد، 2013ع، ص 40)

سنڌ جي جنهن خاص پيغام طرف ارباب صاحب اشارو ڪيو، اڳتي هلي ان جا مکيه جزا هن ريت بيان ڪري ٿو:

1.         ”مذهب جي غلط تشريح ڪري، جا ايڪسپلائٽيشن (استعمال غرضي) جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ان کي دور ڪري اسان کي مذهبي رواداريءَ ۽ محبت جو سبق پکيڙڻو آهي.

2.        مذهب جي صحيح تعليم جي عدم موجودگيءَ ۾ اتحاد انساني ۽ امن عالم جو حصول ممڪن ٿي نه سگهندو ۽ ملڪ نفاق ۽ نفرت جو مرڪز بڻجي پوندو.

3.        اتحاد ۽ امن انسانيءَ جي غير موجودگيءَ ۾ دنيا ترقيءَ جي عيوض تباهيءَ ڏي وڌندي رهندي.

4.        اتحاد ۽ امن انسانيءَ جي عالمي مشن جي سرانجاميءَ جي سلسلي ۾ سرزمين سنڌ کي خاص رول ادا ڪرڻو آهي.

5.        ان پيغام جي پکيڙڻ لاءِ سنڌ جي اندروني خوداختياريءَ ۽ ذهني آزاديءَ جو حصول لازمي آهي.

6.        سنڌ جي اها خوداختياري ۽ آزادي، پاڪستان جي مضبوطيءَ ۽ حفاظت جي ضمانت ٿي سگهي ٿي.

7.        ايشيا ۽ آفريقا جي ملڪن جي آزادي، اتحاد، امن ۽ ترقيءَ لاءِ عالمي محبت جو پيغام پکيڙڻ ضروري آهي.

8.        ايشيا ۽ آفريقا جي ملڪن جي آزادي عالمي اتحاد ۽ امن عالم لاءِ هڪ مکيه منزل جو ڪم ڏيندي.

9.        انهن ڪمن جي سرانجاميءَ کي سنڌ جي صوفي سڳورن اسلام جي چوڏهن سؤ ورهين جي مشن جو بنيادي مقصد سمجهيو هو. اڄ اسين پڻ ان کي اينئن سمجهون ٿا.“ (سيد، 2013ع، ص 41)

مٿي ذڪر ڪيل مقصدن جي سرانجامي ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿي، ان ڳالهه طرف اشارو ڪندي چوي ٿو:

”انهن سڀني مقصدن جي حصول لاءِ اسان کي هيٺيان ڪم سرانجام ڏيڻا آهن:

(1) سياست عمليءَ جي جٿابندي ۽ خلفشارن کان علحده ٿي، ڪلچرل پليٽ فارم تان هن وقت ماڻهن جي نفسياتي اصلاح ۽ اخلاقي درستيءَ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.

(2) سنڌ جي صوفياءِ ڪرام ۽ مخلص قومي ڪارڪنن جي پيغام کي نئين زبان ۽ نئين انداز ۾ هر طرف پهچائڻو پوندو.

(3) سنڌ جي گوشي گوشي ۾ ڪانفرنسون ڪري، مٿئين پيغام ذريعي پنهنجن مقصدن جي تعليم ڏيئي، سنڌي عوام جي تربيت طرف متوجهه ٿيڻو آهي.

(4) مخلص ڪارڪنن جو گروهه پيدا ڪرڻو آهي جي مٿئين مشن لاءِ پاڻ وقف ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن.“ (سيد، 2003ع، ص 41)

اتحاد انساني، امن عالم، ترقيءَ بني آدم جهڙن وسيع خيالن واري مقصد جي نشاندهي ڪري، ان جي حاصلات وارن طور طريقن بيان ڪرڻ کان پوءِ محفل جي مورَ سائين جي.ايم.سيد کي عرض ڪيو ويو ته ”پاڻ هن مجلس جي افتتاح لاءِ پنهنجي خيالات جو اظهار ڪرڻ فرمائين.“ (سيد، 2013ع، ص 41)

سيد صاحب پنهنجي افتتاحي خطبي جي ابتدا ميرپوربٺوري سان پنهنجي پراڻي وابستگيءَ جو ذڪر ڪري گذريل چئن مهينن کان مسلسل ثقافتي سرگرمين ۾ مصروف رهڻ جو ذڪر ڪندي ان اُميد جو اظهار ڪيو ته:

”جيڪڏهن ادب ۽ ڪلچر جي خيرخواهن جي دلچسپيءَ جي ساڳي رفتار رهي ته ممڪن آهي ته ٿوري عرصي اندر سنڌ جي گوشي گوشي ۾ محبت، امن ۽ عوام جي خيرسگاليءَ جو پيغام پهچائي سگهون.“ (سيد، 2013ع، ص 42)

ان اُميد افزا اپيل بعد، سيد صاحب گذريل ڪانفرنس ۾ پيش ٿيل مواد کي، هاڻ پيش ٿيندڙ مواد جو بنياد ظاهر ڪندي سامعين کي عرض ڪيو ته،

”جيڪڏهن ڪنهن جون  اهي گذريل تقريرون ٻڌل ۽ پڙهيل نه هجن ته تڪليف وٺي انهن کي پڙهڻ گهرجين، نه ته قومي امڪان آهي ته هن تقرير ۾ ذڪر ڪيل ڪيترين ڳالهين جي سمجهڻ ۾ تڪليف ٿيندين.“ (سيد، 2013ع، ص 42)

انهن ابتدائي ڪلمات کانپوءِ سيد صاحب ٻي سنڌ ثقافتي ڪانفرنس جي موقعي تي بيان ڪيل سنڌين جي پست حاليءَ ۽ ڪمزوريءَ وارن مکيه چئن ڪارڻن (1) خودمطلبي ۽ خودي (2) قومي شعور جي عدم موجودگي (3) نفرت ۽ نفاق (4) بزدلي ۽ بي غيرتيءَ جي نشاندهي ڪري، انهن جي علاج بابت پيش ڪيل راءِ جي روشنيءَ ۾، نقطي نمبر ٽئين يعني ’نفرت ۽ نفاق‘ واري ڪمزوري کي هيٺ ذڪر ڪيل ٽن نقطن ۾ ورهائي بيان ڪرڻ جو ذڪر ڪندي، سائين جي.ايم.سيد ان ارادي جو اظهار ڪيو ته:

”جيئن ته هنن ڪانفرنسن جو مقصد ماڻهن جو نفسياتي ۽ اخلاقي ڪمزورين کي دور ڪرڻ لاءِ تعليم ۽ تربيت ڏيڻ آهي، انڪري مون ارادو ڪيو آهي ته آهستي آهستي ڪري جدا جدا مجلسن ۾ مٿي ذڪر ڪيل قومي ڪمزورين جي رفع ڪرڻ لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪندس.“ (سيد، 2013ع، ص 43)

اهڙي نيڪ ارادي جي روشنيءَ ۾ هن ٽين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس جي موقعي تي، ذڪر ڪيل نُڪتن مان ٽئين نُڪتي جي پهرئين ڪمزوري ’مذهب جي غلط تشريح‘ تي روشني وجهڻ جو ذڪر ڪيو ويو. ’مذهب جي غلط تشريح‘ کي سمجهڻ واري سلسلي جي شروعات انسان جي وجود ۾ اچڻ وارين نظرين، قديم وحشي/جهنگلي دور واري ماحول، گذرمعاش جي وسيلن ۽ انهن ۾ درپيش مشڪلاتن جي بيان ڪرڻ سان ڪئي ويئي.

ان سلسلي ۾ هيٺيان ٽي نُڪتا بيان ڪيا ويا:

1.      ”سماوي آفتون يعني سرديون، گرميون، طوفان، سخت بارشون، سيلاب، ڏُڪار، ڌرتين جو ڌُٻڻ  باهين جو لڳڻ.

2.     غيبي طاقتن ۽ جانورن جا خوف ۽ خطرا يعني ديو، جن ڀوت، شيطاني روحن وغيره کان هڪ طرف ته شينهن، هاٿين، گينڊن، رِڇن، نانگن واڳن وغيره جهڙن خطرناڪ جانورن کان ڊپ ٻئي طرف.

3.     اتفاقي حادثا: جن مان وچڙندڙ بيماريون، ٻين طاقتور ماڻهن جا حملا، گذرمعاش جي تنگي، اتفاقي موت، عورت ۽ کاڌي جي ڳالهين تان جهڳڙا، فساد وغيره هئا.“ (سيد، 2013ع، ص 44)

انساني زندگيءَ سان وابسته مٿي ذڪر ڪيل ٽئي نُڪتا اهڙا آهن جن جو انسان جي جياپي سان سڌي طرح واسطو آهي ۽ اهي نه رڳو انسان جي ٻاهرين، پر اندروني احساسن تي به اثرانداز ٿيندڙ هئا، انساني روح ۽ عمل سان وابسته انهن نُڪتن جي اهميت ۽ افاديت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته، اُهي سڌي يا اڻسڌي طرح موجوده دور تائين انساني زندگيءَ تي اثرانداز ٿيندي نظر اچن ٿا.

مٿي ذڪر ڪيل الاهي آفتون انسان کي ”وهم پرستيءَ ۽ هر وقت خوف خطري ۾ رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو.“ (سيد، 2013ع، ص 44)

بلآخر انساني عقل استعمال ٿيو ۽ حضرت انسان جو ذهن، ”انهن ڳالهين جي ڪارڻن ۽ بچاءَ طرف ڇڪيو، جنهن لاءِ هنن ٻه طريقا اختيار ڪيا: (1) هڪڙو جسماني حفاظت ۽ بچاءَ جو طريقو (2) ٻيو نفسياتي ۽ ذهني بچاءَ جو طريقو.

ٻئي يعنيٰ نفسياتي ۽ ذهني بچاءَ واري طريقي بابت ”هزارن ورهين جي عملي ڪارگذاري تجربا، بعد سندن ذهنن ۾ ڪي خيال ۽ وهم گمان گهر ڪري ويا هئا اهڙن پيدا ٿيل قديم قبائلي خيالن کي سيد صاحب هيٺين ٽن حصن ۾ ورهائي بيان ڪيو آهي:

”دنيا جي هرهڪ مادي شيءِ ۾ روح، آتما يا جوهري نفس آهي، جو انهن شين جي جيئري يا مُئي کان پوءِ به جدا هستي رکندو آيو ٿي، جيتوڻيڪ اهي روح کين ظاهري طور ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيا، ليڪن ڪن آثارن مان انهن جي وجود جو کين يقين ويهي ويل هو. سماوي آفتن، نامعلوم طاقتن، جانورن جي خوف ۽ اتفاقي حادثن جي هر نقصان لاءِ، هنن انهن روحن جي ڪاوڙ ۽ ناراضگيءَ کي جوابدار ٺهرايو ٿي.“ (سيد، 2003ع، ص 45)

انهيءَ اثر هيٺ قديم دور ۾ سج، چنڊ، ستارن جي پوڄا کان وٺي غيب ۽ جنن پرين کي راضي رکڻ لاءِ مختلف نوعيت کان حل ڳوليا ٿي ويا. اهو سلسلو اڄ تائين سڳي ڌاڳي، دعا ۽ منتر ۽ ٻين طريقن سان غيبات کي راضي رکڻ واري حوالي سان رائج العمل آهي.

ان ئي ساڳي تصور هيٺ سالها سال جي تجربي ۽ خون خوار توڙي گهريلو جانورن سان گڏ گذارڻ جي نتيجي ۾:

”جدا جدا قبيلن وٽ ڪي مادي شيون يا جانور سڀاڳا ۽ نڀاڳا شمار ٿيڻ لڳا هئا. ان مطابق هُو هر سڀاڳي شيءِ يا جانور کي بخت آور سمجهي اُن جي پوڄا ۽ احترام ڪرڻ لڳا هئا ۽ هر نڀاڳي شيءِ يا جانور کي بدبخت يا هاڃيڪار سمجهي خوف يا نفرت جي نگاهه سان ڏسي اُن جي مخالفت ڪرڻ جي پويان پيل هئا.“ (سيد، 2003ع، ص 46)

مٿين نوعيت واري وهمي تصور هيٺ ڪي پاڪ ته ڪي پليت جانور قرار ڏنا ويا اهو اثر پڻ موجوده دور تائين هلندو پيو اچي.

اهڙي نوعيت وارن وهمي ۽ تصوراتي ڳالهين کي ٽئين نُڪتي طور قبائلي دستور يا رواج قرار ڏيندي، سيد صاحب لکي ٿو ته:

”مختلف ڳالهين تان واقع ٿيندڙ باهمي جهڳڙن جي دفع ڪرڻ لاءِ صدين جي تجرباً بعد، هرهڪ قبيلي جي مکيه سمجهدار ماڻهن جي مشوري سان مٿين ذڪر ڪيل مسئلن جي حل لاءِ ڪي دستور يا رواج مقرر ڪيا. جن کي هُو روايات موجب پوتر ۽ ضروري سمجهڻ لڳا هئا.“ (سيد، 2013ع، ص 46)

مٿي ذڪر ڪيل وهمن وسوسن، ڪن شين ۽ ساهوارن جي نڀاڳي ۽ سڀاڳي هئڻ وارن تصورن، اختلافي مسئلن جي حل لاءِ ڪن شخصن پاران دستور يا رواج وارن نُڪتن جو تفصيلي ذڪر ڪرڻ بعد سيد صاحب لکيو ته:

”انهن سڀني ڳالهين گڏجي دنيا ۾ اڄوڪن مروج عالمگير يا ثانوي مذهبن جي ترڪيب ۽ جوڙجڪ لاءِ مواد پيدا ڪيو، جن جي بنياد تي انهن سندن موجوده ترڪيبي صورت اختيار ڪئي.“ (سيد، 2013ع، ص 47)

سيد صاحب دنيا اندر عالمگيريت واري اثر جو مالڪ جن مذهبن کي تصور ڪري ٿو، تن ۾ چار وڏا مذهب: (1) هندومت، (2) ٻڌمت، (3) عيسائيت، (4) اسلام اچي وڃن ٿا، جڏهن ته ٻيا مذهب جهڙوڪ: 1- جين مت، 2- زردشت، 3- اسرائيليت، 4- تائومت، 5- ڪنفيوشس، 6- شنتومت ننڍي مذهب طور شمار ٿين ٿا، مٿي ذڪر ڪيل مڙني مذهبن جي ابتدا ۽ اوسر جي سلسلي ۾ سيد جو خيال هئو ته:

”اُهي سڀئي مذهب گذريل پنجن هزار ورهين کان پوءِ جي، پيداوار آهن، ليڪن ماڻهو دنيا ۾ ڪيئي لک ورهن کان موجود هئا. انهن سڀني وٽ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪي عقيدا، دستور، ڪريا ڪرم، رسمون و رواج رهندا آيا هئا. تنهنڪري دنيا جي ارتقائي قانون موجب، جنهن کي جديد زبان ۾ دين فطرت (قانون فطرت) سڏي سگهجي ٿو، هيءُ مذهب انهيءَ ارتقائي قانون جا نتيجا آهن.“ (سيد، ص 47)

سيد جڏهن سڀني وجود ۾ آيل مذهبن کي دين فطرت ظاهر ڪري ٿو تڏهن پاڻ کي ڪنهن به هڪ مذهب تائين، محدود رهڻ بجاءِ، سڀ ۾ پرين پسڻ واري تصور هيٺ وحدت مذهب  واري تلقين ڪندي نظر اچي ٿو. اهڙي ريت مذهبن جي هڪجهڙائيءَ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:

”سڀني جي بنيادي پيدائش جا محرڪ جذبا خوف ۽ اميد هئا، ۽ سندن مقصد ماڻهن جو اتحاد، امن ۽ خوشحالي هو.“ (سيد، ص 47)

سچل سرمست فرمايو هو:

مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،

شيخي پيري بزرگي، بي حد ڀلايا،

ڪي نمازون نوڙي پڙهن، ڪن مندر وسايا،

اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق جي.

سچل واري شڪايت، ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان اڪثر صوفين کي پئي رهي آهي، ان جو بنيادي سبب مذهب جي دعويدارن پاران ان جي غلط تشريح ڪري، عوام کي گروهن ۾ ورهائڻ هو. اهڙو عمل اتحاد، امن ۽ خوشحاليءَ وارن خواهشن جي نفي هو، جنهن سان حضرت انسان جي وجود ۾ اچڻ وارو مقصد رفع دفع ٿي پئي ويو. جنهن جي حاصلات طرف نشاندهي ڪندي مولانا روم فرمائي ٿو:

تو براءِ وصل ڪردن آمدي، ني براءِ فضل ڪردن آمدي.

غور ڪري ڏسبو ته اها مذهبن جي من پسند تشريح ئي آهي جنهن موجوده سائنسي دور ۾ به اَفراتفريءَ وارو عالم پيدا ڪري ڇڏيو آهي. اهو سڀ ڪجهه اُنڪري ٿيو آهي، مذهب جي وسيع انساني فلاح واري فلسفي تي عمل ڪرڻ بجاءِ هر ڪنهن پنهنجي من پسند طاويلن کي سامراجي درجي تائين پهچائي ڇڏيو آهي. ان رجحان طرف اشارو ڪندي سيد صاحب لکي ٿو:

”مذهبي سامراج نظرياتي ۽ فوق العقل اَلهامي عقيدن روايتي ۽ قديم مذهبن جي بنياد تي قائم ڪيا ويا آهن. مٿي ذڪر ڪيل عالمگير مذهبن مان هرهڪ جي دعويٰ اهائي رهي آهي ته وٽن انسانذات جي جملي مسائل جي حل لاءِ طريقئه حيات جو مڪمل نمونو يا دستور موجود آهي ۽ ان مان ئي ماڻهن جي نجات ۽ ڇوٽڪارو حاصل ٿيڻ وارو آهي.“ (سيد، 2013ع، ص 48)

اهڙوئي ساڳيو انسانذات جي نجات ۽ ڇوٽڪاري واري دعويٰ ڀريو پروگرام اڳتي هلي 1917ع کان روسي سرزمين تان نکري نروار ٿيو، جنهن دنيا جي مختلف ملڪن کي لپيٽ ۾ آڻڻ شروع ڪيو، ايتريقدر جو ان کي عالمگير مذهب جيترو مقام ملڻ شروع ٿيو. انڪري سائين جي.ايم.سيد 1966ع ۾ مذهبن جي غلط تشريح سبب اختيار ڪيل سامراجي روپ طرف اشارو ڪندي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته:

”انهن نظرياتي سامراجن ۾ هڪ نئون اضافو ٿيو آهي، جنهن کي ڪميونزم جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. دعويٰ ان جي به ساڳي آهي ته انسانذات جي جملي مسئلن جو حل سندس ڏسيل طريقي مان حاصل ٿيڻ وارو آهي، تفاوت صرف اهو آهي ته هن جو بنياد ڪنهن فوق العقل الهامي اختياريءَ جي عيوض، مارڪس ۽ لينن جي ٻڌايل طريقن موجب عقل ۽ تاريخي ارتقا تي مادي قانونن جي ٻڌو وڃي ٿو.“ (سيد، 2013ع، ص 48)

ان دور ۾ دنيا اندر ڪميونسٽ بلاڪ جو هاواڻو هو. پاڪستان ۾ به ڪامريڊن جي رات هئي، عام طور تي ڪميونسٽن کي مذهب مخالف تصور ڪيو ويندو هو. اهڙي ماحول ۾ سيد صاحب، جيڪو مذهب جي فسطائي (جبر) طريقي ڪار جو مخالف هو. ان به اها ڳالهه الاعلان چئي ته:

”مذهبن مان به ڪيترن جو طريقو ماڻهن کي تسلط ۾ آڻڻ لاءِ جهاد ۽ تبليغ آهي، ڪميونزم جو هڪ گروهه به انهيءَ جهاد جي عقيدي ۾ اعتقاد رکي ٿو.“ (سيد، 2013ع، ص 48)

سيد جي ڪيل اها ڳالهه ان وقت ڪنهن کي سمجهه ۾ ڪانه پئي آئي، جيتوڻيڪ ڪميونزم واري خوني انقلاب جا دنيا ۾ ڪيئي مثال موجود هئا. اڳتي هلي ڪميونزم وارو اهو فڪر 1979ع ۾ روسين پاران افغانستان ۾ فوجون موڪلي زوريءَ قبضو ڪرڻ واري عمل مان نمايان طور ظاهر ٿي اڳيان آيو. انسان دوستيءَ واري فڪر جي آڙ ۾ ڪيل ان جارحاڻي عمل تي، سائين جي.ايم.سيد ان وقت تبصرو ڪندي چيو هو ته: ”اهڙي رويي جي ڪري سوويت يونين ٽُٽي ويندو.“ جيڪا ڳالهه اڳتي هلي صحيح ثابت ٿي. ڇاڪاڻ ته سيد جي خيال ۾ مذهب جي غلط تشريح ڪري، اختيار ڪيل فسطائي طريقا عالم انسانيت لاءِ نقصانڪار هئا ۽ اها ساڳي ڳالهه ڪميونسٽن سان به لاڳو پئي ٿي.

مذهب جي غلط تشريح ڪري پيدا ٿيل فسطائي لاڙن کي سمجهڻ لاءِ، سيد صاحب پهريان مذهب جا هيٺيان ترڪيبي جزا بيان ڪيا آهن: (1) الاهيات يا روحانيت، (2) طريقت، (3) عبادات، (4) فقهه قانون. انهن چئني صيغن يا ترڪيبي جزن جي ڪم، انهن جي مدارلمهان جي ڪارڪردگي ۽ انهن مٿان وقت جي حاڪمن جي پوندڙ اثر رسوخ جو ذڪر ڪرڻ کانپوءِ سيد صاحب لکي ٿو:

”بدقسمتيءَ سان برصغير هند پاڪ ۾ اسلام ۽ هندومت جو پرچار ۽ رهبري اهڙن ماڻهن جي هٿ ۾ آئي جي مٿي ذڪر ڪيل مذهب جي مختلف صيغن جي جدا افزائش منصبي کان اڻڄاڻ هئا يا پنهنجي طبقاتي مفادن خاطر ڄاڻي واڻي هنن صيغن کي گڏي ماڻهن کي گمراهه ڪري، پنهنجي تسلط هيٺ رکڻ گهريو ٿي.“ (سيد، ص 50)

اهڙن گروهن کان سواءِ ٻنهي مذهبن مان ڪي چند اهڙا فقير صفت شخص به پيدا ٿيا، جيڪي ويدانتي وحدت الوجودي ۽ صوفي سڏجڻ لڳا، انهن جو ذڪر ڪندي سيد صاحب چوي ٿو:

”اهي ڪنهن فرقي يا گروهه جا پابند نه هئا، اڄڪلهه جي زبان ۾ انهن کي نان الائيڊ (غير جانبدار) سڏيو وڃي ٿو… انهن جو ٻيائيءَ کي ٻک ڪونه پيل هو… هنن کي پتو هو ته مذهب ماڻهن لاءِ پيدا ٿيل هئا، نه ماڻهو مذهبن لاءِ، انهيءَ نقطي نگاهه کان صوفين وحدت مذاهب، اتحاد انساني  ۽ عالمي امن ۽ ترقيءَ کي پنهنجا بنيادي مقصد بڻائي پنهنجي سامهون رکيو هو.“ (سيد، 2013ع، ص 50-51)

برصغير هند- پاڪ جو به مٿي ذڪر ڪيل حال پئي رهيو آهي، جنهنڪري اڄ تائين مذهب جي نالي ۾ قتل و غارت گريءَ ايتريون ته پاڙون پختيون ڪيون آهن ۽ اهو رجحان ايترو ته وڌيو ويجهيو آهي، جو صوفياڻن مرڪزن ۾ به بدعتون گهر ڪري ويون آهن ۽ مذهبي انتهاپسندي ايتريون ته جڙون مضبوط ڪندي پيئي وڃي جو ڪائي به اهڙي جاءِ نظر ڪانه ٿي اچي، جيڪا دهشتگرديءَ کان آجي رهي سگهي، پر ٻاهرين دنيا جن مذهب جي غلط تشريح ڪري، مفاد پرستانه مفادن خاطر استعمال کان پاسو ڪيو، اتي، ”انساني معاشرو ترقي يافته ملڪن ۾ ان ارتقائي درجي تي پهتو آهي، جو مذهبن جي مٿي ذڪر ڪيل چئن صيغن جي جداگانه منصبي فرضن جي تميز پيدا ٿيڻ لڳي اٿن. اتي هرهڪ صيغي جو ڪم جدا ماهرن جي هٿ ۾ ايندو وڃي.“ (سيد، 2013ع، ص 51)

ايتري وضاحت بعد سيد پاران چئني صيغن جي دائري ڪار ۽ ان تي عمل پيرا ٿيندڙن بابت آگاهي ڏيندي ٻڌايو ويو ته:

(1) ان صيغي (الاهيات) جي حل لاءِ سائنسدان، ولي الله، يوگي، فيلسوف کوجنا ڪري رهيا آهن. (اهي) آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس هوندا.“ اوتارا ۽ اوطاقون خانقاهون ۽ آشرم، مڙهيون ۽ موناسٽريون اڄ خالي پيون آهن.“ ٻيو صيغو (طريقت) ”مسلمان ۾ صاحب طريقت صوفين جي حوالي رهيو آهي. ان ڪم کي اڄڪلهه ڪلچر ۽ ثقافت جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.“ (سيد، ص 51)

ٽيون صيغو عبادات، پادري ۽ ڀڳتن جي حوالي آهي ڇاڪاڻ ته عابد ۽ زاهد اڄڪلهه عنقا آهن. اهي پنهنجي سمجهه آهر عقيدتمندن ۽ معتقدن جي رهبري ڪري رهيا آهن.“

(سيد، ص 52)

چوٿون صيغو (فقهي قانون) ”ملڪي حڪومتن جي حوالي ۾ اچي ويو آهي، جي مختلف نظرين ۽ طريقي ڪار سان ملڪي، سماجي، اقتصادي عدالتي ۽ امن امان جي مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان نظر اچن ٿيون.“ (سيد، ص 52)

مٿي ذڪر ڪيل صيغن جي حوالي سان جيئن اڳ ذڪر ٿي آيو آهي ته، ترقي يافته ملڪ انهن صيغن جي ڌار ڌار فرائض منصبيءَ جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهن، ته اهي ترقي ڪندا رهن ٿا، پر پٺتي پيل ملڪن ۾، ملاءِ پنڊت، پنهنجي مذهب جي نالي ۾ جدا شرعي ۽ سماجي نظام قائم رکيو اچن، جيتوڻيڪ عملي طرح انهيءَ صيغي جي فرائض مان سندن هٿ ۾ ڪجهه به نه رهيو آهي ۽ نه آئيندي اچڻ جو امڪان اٿن، ليڪن عوام کي پنهنجي تسلط ۾ رکڻ لاءِ اڃا اهو راڳ اُچاريندا رهن ٿا.“ (سيد، ص 52)

اهائي ملائيت آهي جنهن سان مذهب ۽ سياست خلط ملت ٿي معاشري ۾ افراتفريءَ جو سبب بڻجي ٿي ۽ روز بروز مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي زور وٺي رهي آهي.

انڪري عالمي دنيا مذهب کي سياست کان بنهه ڌار ڪري هلائڻ واري مقصد تي عمل پيرا آهي.

مٿي ذڪر ڪيل صورتحال کي نظر ۾ رکندي سيد صاحب بزمِ صوفياءِ سنڌ جي هن ٽئين خطبي ۾ واضح ڪيو ته:

”اسان جي بزم جو مذهب جي ٻئي صيغي سان واسطو آهي. جنهن کي طريقت يا ڪلچر جي لفظن سان سڏيو وڃي ٿو. اسان پاڻ کي صوفي، ثقيف يا ڪلچرسٽ سڏائي سگهون ٿا. اسان جي ڪم جو دائرو مخصوص ۽ محدود آهي. اسان ڪنهن جي خلاف نه آهيون، نه ڪنهن جا پوئلڳ ٿي رهڻ گهرون ٿا. اسان جو نه صاحبِ شريعت مذهبي ماڻهن سان اختلاف آهي، نه ڪميونسٽ ڌُر سان، اسان حڪومت جي ڪمن يا پاليسيءَ ۾ ڪابه دست اندازي يا دَخل ڪرڻ نه ٿا گهرون… ’اسان کي پنهنجا رايا ۽ اعتقاد آهن، اوهان ڀلي پنهنجو رکو.‘… اسان پنهنجي سمجهه آهر چپ چاپ خدمت ڪرڻ گهرون ٿا.“ (سيد، 2003ع، ص 53)

انساني شعور کي تبديل ڪندڙ ان ثقافتي سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ ڪارڪنن لاءِ سيد صاحب ڪي بنيادي نُڪتا هن ريت بيان ڪري ٿو، جن لاءِ سندس چوڻ آهي ته:

”اسان جي گروهه ۾ ڪم ڪرڻ وارن کي هيٺين ڳالهين بابت ذهن صاف ڪرڻا پوندا.

(1)  ڪثرت مذاهب پويان دنيا جي وحدت کي مڃي مذهبن جي نالي ۾ انسانذات جي وچ ۾ کڙي ڪيل ديوارن کي ٽوڙڻو اٿئون.

(2) هر اها ڳالهه جا انسانذات ۾ نفاق ۽ نفرت پيدا ڪري ٿي، پوءِ ڇو نه اُها اسلام، خدا، رسول، ملڪ وغيره ۽ ٻين دلڪش نالن ۾ ظاهر ڪئي وڃي. اُن کان اسان کي پري رهڻو آهي.

(3) اسان جي ڪارڪنن جا ذهن انهيءَ معاملي ۾ صاف هئڻ گهرجن ته مذهبي شريعت جو سياسي معاملن سان واسطو ملڪي مفاد وٽان نه آهي.

(4) اسان عقيدن ۽ خيالن جي آزاديءَ جا حامي آهيون ۽ ان کي پنهنجي جنم جو حق سمجهون ٿا تنهنڪري ڌارين جي دست اندازيءَ يا اثر ڪري ان حق تان دست بردار نه ٿينداسون. اهڙي طرح اسان ٻين جي عقيدن ۽ خيالن ۾ دست اندازي ۽ دخل نٿا ڪرڻ گهرون، ساڳي اميد پنهنجي لاءِ ٻين مان به رکون ٿا.

(5) اسان عدم تشدد ۽ اهنا جا حامي آهيون، پنهنجي خيال ۽ عقيدي جو اظهار محدود دائري ۾ تاليف قلوب ۽ محبتي مام ذريعي ڪرڻ گهرون ٿا. زور زبردستيءَ ۽ ظاهري پروپيگنڊا ۾ اسان جو اعتبار نه آهي. مذهبي جهاد جا مخالف آهيون، نفس کي مارڻ کي جهاد اڪبر سمجهون ٿا.

(6) اسان جو اعتماد آهي ته سرِزمين سنڌ ۽ ان جي صوفياءِ ڪرام کي اتحاد انساني، امن عالم ۽ دنيا جي آباديءَ لاءِ خاص پيغام آهي. اسان ان مشن (سفارت) جا سفير آهيون.“ (سيد، 2003ع، ص 54)

سائين جي.ايم.سيد جي اهڙي بصيرت آميز ۽ معلوماتي افتتاحي خطبي کان پوءِ ”مولانا غلام محمد گرامي، علم ادب ۽ سنڌ جي تصوف تي روح پرور تقرير ڪئي.“ (مهراڻ، 3/1966ع، ص 185) غلام حسين رنگريز ’سرويچ سجاوليءَ جي شاعري‘ عنوان سان مقالو پڙهيو، جڏهن ته محمد خان مجيدي ”ٺٽي ضلعي جي ثقافت“ عنوان هيٺ مقالو پڙهيو ۽ عبدالفتاح ’عبد‘ ”سائينءَ سان رهاڻ“ سري سان مقالو پيش ڪيو.

مقالن جي نشست پوري ٿيڻ بعد ساڳي ئي صدرِ مجلس محترم شيخ اياز جي صدارت هيٺ مشاعري جي نشست شروع ڪرائي ويئي ته صدر مجلس ”مشاعري جي روايتن کي ٽوڙيندي پاڻ سڀني کان پهريان پنهنجو ڪلام پيش ڪيو.“ (انگريز، 1966ع، ص 3)

مشاعري جي روايتن موجب مشاعري جو صدر آخر ۾ شعر پيش ڪندو آهي. پر شيخ صاحب کي جيئن ته مشاعري جي اهميت  ابتداءِ ارتقا تي خيالن جو اطهار ڪرڻو هو، انڪري پاڻ شروعات ۾ ئي پنهنجو تازو ڪلام نظم ۽ وايون ٻڌايون. تنهن بعد مٿي ذڪر ٿي آيل نامور شاعرن پنهنجي پنهنجي ڪلام وسيلي محفل اڳيان ڪيئي، سنڌ جا ثقافتي رنگ نڇاور ڪيا. ان موقعي تي جمال رند پاران پيش ڪيل ’لولي‘ سامعين کي بي حد متاثر ڪيو.

مشاعري جي پڄاڻيءَ تي صدارتي تقرير ڪندي شيخ اياز مشاعري جي سنڌي سماج ۾ اهميت کي واضح ڪرڻ لاءِ، ان پروگرام کي مشاعري جي محفل چوڻ بجاءِ، بزمِ صوفياءِ سنڌ جي نشست قرار ڏيندي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته:

”مون کي مشاعرو لفظ ئي نه آئڙندو آهي، بلڙيءَ واري کان وٺي بيڪس سائينءَ تائين ڪنهن به مشاعري ۾ شرڪت نه ڪئي هئي ڇو ته مشاعرو اسان جي ثقافت جو حصو نه آهي… مشاعري جي روايات برصغير جي جاگيرداري دور سان وابسته آهي ۽ شاعر جي بيڪسيءَ، مضحڪ خيزيءَ ۽ ذلت جو عبرت انگريز داستان آهي.“

ان سلسلي ۾ سمجهاڻي ڏيندي اياز چيو:

”مشاعرا جاگيداري طبقي جي تفريح لاءِ ڪيا ويندا هئا، ۽ شاعر يا ته ان طبقي جا وظيفي خوار هوندا هئا يا تمنائي هوندا هئا. انهيءَ طوائف الملوڪيءَ جي دور ۾ شاعر کي اهو احساس نه هو ته هن جي شاعريءَ، بٽيربازيءَ، ڪبوتربازيءَ يا پتنگ بازيءَ ۾ ڪوئي فرق نه آهي ۽ اها فقط آقا جي تفريح جو ذريعو آهي ۽ وڌيڪ ڪجهه به نه آهي.“

(سيد، 2013ع، ص 56)

اياز مشاعري کي تخريبي مشغلو ظاهر ڪري، سنڌ ۾ ان جي رواج پوڻ جو سانگيءَ جي دور ڏانهن اشارو ڪندي ان ڳالهه جو فخريه اظهار ڪري ٿو ته:

”اسان جا ڪلاسيڪل شاعر مشاعري باز نه هئا، ڇو ته اهي بيحد خوددار انسان هئا ۽ هو ڪنهن جي آسڻ تي نه ويندا هئا، پر ڪوڙين انهن جي آسڻ تي اچي سلام ڪندا هئا.“

(سيد، ص 57)       

سنڌي ثقافت جي صوفياڻي خودداريءَ کي ساراهيندي هو ان ڳالهه جو به اظهار ڪري ٿو ته:

”اسان جي اڄ سنڌي ثقافت جي تحفظ ۽ تجديد لاءِ ڪٺا ٿيا آهيون، انهن مشاعرن جا وارث آهيون، جن انسانذات کي هڪ لازوال پيغام ڏنو آهي، امن ۽ انسانيت جو پيغام سپردگيءَ ۽ سرفروشيءَ جو پيغام، مذهبي تفرقي بازيءَ ۽ تعصب کان پرهيز جو پيغام، حب الوطنيءَ ۽ بين الاقوامي رواداريءَ جو پيغام، اسان ڀٽائيءَ ۽ درازيءَ جي روايت جا وارث آهيون.“

اهڙيون تاريخي حقيقتون بيان ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ثقافت جي جامع الصفات تصور بابت شيخ صاحب تفصيلي روشني وڌي، تنهن بعد هن مجلس ۾ موجود عام توڙي خاص کي اپيل ڪندي چيو ته:

”اچو ته اڄ سڀئي واعدو ڪريون ته اُها ثقافت جا ڀٽ ڌڻيءَ کان سن جي سائينءَ تائين ساهه سانڍي ويئي آهي جا ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين پکڙي پيئي آهي جا موهن جي دڙي ۽ اروڙ جي اتهاس ۾ جرڪي رهي آهي ۽ جنهن پوري برصغير جي تهذيب تي پنهنجا ترورا ڦهلائي، ان کي زندگي بخشي آهي، اها ثقافت اسان پنهنجي جند جان کان عزيز رکنداسين.“ (سيد، ص 59)

سنڌ جي ثقافتي روايت موجب محفل جي آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿي، جنهن ۾ فقير عبدالغفور، علي محمد سروري، ماستر علي محمد ۽ ٻين مقامي فنڪارن فن جو مظاهرو ڪيو.

اهڙيءَ ريت سنڌ جي ڪُنڊڪڙڇ مان ڪهي آيل عالمن، اديبن، شاعرن، فنڪارن، مقامي معزز شهرين، شاگردن توڙي هارين نارين جي هي ثقافتي محفل رات جو 12:00 وڳي پڄاڻيءَ تي پهتي.

ميرپوربٺوري جي باشعور ۽ محنتي ڪارڪنن جي ڪيل محنت جي نتيجي ۾ جنهن نوعيت جا سامعين هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا، انهن جي حاضري ۽ دلچسپيءَ شيخ اياز ۽ سائين جي.ايم.سيد کي بيحد متاثر ڪيو، پروگرام پوري ٿيڻ بعد سيد صاحب عبدالفتاح’عبد‘ ، عبدالحميد ’شاهين‘، عبدالحيي پليجو ۽ غلام حسين رنگريز سان ملاقات دوران خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته:

”هي ڪانفرنس اڳين ٻنهي (پهرين ۽ ٻين) ڪانفرنسن کان بهتر هئي.“

”درگاهن تي جيئن ته عام خلقت جام اچي ٿي انڪري بظاهر اتي ميڙاڪو دل پذير ٿئي ٿو، پر شعور ۽ سمجهه جو فقدان هوندو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ عام درگاهي ڪلچر کان هٽي ڪري عام و خاص جو ههڙو ميڙاڪو ٿيڻ يقيناً باعث فخر ۽ خوشيءَ جي ڳالهه هئي. اهڙي اُتساهه ڏياريندڙ رجحان طرف اشارو ڪندي، سيد صاحب نوجوانن جي وفد کي واضح لفظن ۾ چيو ته:

”حالانڪ عوام داد شهيد جي ڪانفرنس تي زياده هو، ليڪن اتي ٻڌڻ وارا زياده، سمجهڻ وارا گهٽ هئا، پر هن ڪانفرنس ۾ سمجهه وارا ماڻهو ڳچ هئا.“

اهڙي پروگرام پوري ٿيڻ کان پوءِ به سائين جي.ايم.سيد ٻن ڪلاڪن تائين ثقافت جي مختلف پهلوئن تي نوجوانن سان گفتگو ڪندو رهيو.

ببليوگرافي:

1.         سيد، جي.ايم، ”خطبات سيد“، 2013ع، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو

2.        ادارو، ”ٽين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس“ ٽه ماهي ”مهراڻ“ 3-4/1966ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد

3.        رنگريز، عبدالله، ميرپوربٺورو ۾ ”ٽين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس“ روزانه نواءِ سنڌ 13- سيپٽمبر 1966ع

4.        رنگريز غلام حسين، ”خانه بدوش روح ڪٿا“، عوامي آواز مئگزين، 17 جنوري 2016ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org