سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2019ع

باب:

صفحو:16 

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

 

 

 

 

پير حسام الدين راشدي

 

پير صاحب، پير علي محمد راشديءَ جو ٻيون نمبر ڀاءُ ۽ پير حامد شاهه جو فرزند هو. هي انهيءَ بختاور ڪٽنب مان آهي، جنهن ۾ هڪ والد جا ٻه فرزند هڪٻئي کان وڌيڪ امتيازي لياقتن جا مالڪ ٿيا. پير حسام الدين راشدي جو نالو پاڪستان جي چوٽيءَ وارن عالمن جي قطار ۾ سڃاتو وڃي ٿو، باوجود درسي تعليم گهٽ هوندي به، وڏي مطالعي ۽ محنت کين اهڙي مقام تي پهچايو جو تاريخ، ادب، تهذيب ۽ تمدن جي اپٽار ۾ هن تمام وڏو درجو حاصل ڪيو.

سيد حسام الدين 25 رمضان 1329هه مطابق 20 سيپٽمبر 1911ع تي راشدي پيرن جي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم مولوي محمد سومار ڊکڻ وٽ ورتي ۽ پوءِ لڪياريءَ جي مولوي سيد علي شاهه وٽ پڙهيو، ڪل چار درجا پڙهيائين ۽ فارسي تعليم سڪندر نامه تائين حاصل ڪيائين ۽ انگريزي خانگي طور نصرت ريلوي اسٽيشن جي ماستر وٽ پڙهيو، پنهنجي تعليم جي باري ۾ پڇيل سوال تي هڪ انٽرويو ۾ چيائين ته:

”منهنجي تعليم صرف مدرسن ۾ رهي سا به ابتدائي، تنهن زماني ۾ تعليم لاءِ ٻه دستور هئا، هڪ ته نوڪرين لاءِ تعليم ڏني ويندي هئي ۽ ٻي زميندار يا مٿيون طبقو فقط ديني (دستوري) تعليم پنهنجي ڳوٺ جي ڪنهن ملان وٽ يا ڪنهن مدرسي ۾ ڏياريندا هئا. مون کي به اها ئي نصيب ٿي، باقي ڪجهه پنهنجي محنت ۽ مطالعي مان پرايو اٿم.“ (1)

مطالعي جي حوالي سان جيڪڏهن پير حسام الدين جي سوانح ۽ لکيل ڪتابن جو مڪمل تحقيقي اڀياس ڪجي ته منهنجي نظر ۾ اها ڄاڻ پوندي ته سندس مطالعي ۾ وڏو هٿ ننڍپڻ کان اخبارون پابنديءَ سان پڙهڻ ۽ مختلف موضوعن ۽ ٻولين جي ناياب ڪتابن کي وٺڻ، پڙهڻ، سانڍڻ ۽ لائبريري قائم ڪرڻ هو (جنهن ۾ وڏو علمي ذخيرو آهي). جي.ايم.سيد، راشدي صاحب جي لائبريريءَ لاءِ لکيو آهي ته:

”سندس ڪتب خاني ۾ چونڊ ناياب ڪتابن جو ذخيرو ڪٺو ٿيل آهي. ڪي ڪتاب وٽس اهڙا به آهن جي ٻئي ڪنهن خانگي يا پبلڪ لائبريريءَ ۾ مشڪل سان ملي سگهندا.“ (2)

 

سيد حسام الدين وڏو تاريخدان هو، سندس مڪمل توجهه، ڪتابن جي تاليف، تدوين ۽ تاريخي کوجنا تي هو. انهيءَ ڪري هن بهترين ڪتاب جمع ڪرڻ ۽ پڙهڻ کي خاص اهميت ڏني. ڊاڪٽر تنوير عباسي، پير حسام الدين راشديءَ کان گهڻو متاثر هو، جنهن جي شروعات سندن لائبريري ڏسڻ کان ٿي هن لکيو آهي ته:

”فخرالدين شاهه راشدي (ميرل) کي خبر هئي ته مون کي ادب ۽ شعر سان دلچسپي آهي، هن مون کي ٻڌايو ته منهنجو مامو وڏو اديب آهي ۽ ان جي وڏي لائبريري آهي. هُو مون کي سندس لائبريريءَ ۾ وٺي ويو. ايڏي وڏي لائبريري ڏسي، منهنجون وايون بتال ٿي ويون، پوءِ منهنجي اصرار تي ميرل، پير صاحب جي لائبريريءَ جا ڪتاب مون کي پڙهائڻ شروع ڪيا. هُو پير صاحب کي خبر ڪرڻ بنا ڪتاب آڻي مون کي ڏيندو هو ۽ مان ڪتاب پڙهي ڏاڍيءَ اشرافت ۽ ايمانداريءَ سان ميرل کي موٽائيندو هيس. ميرل ڊڄندو به ڏاڍو هو پر مان پير صاحب جي ان سرچشمي مان سيراب ٿيندو رهيس. منهنجي اوائلي ادبي تربيت پير صاحب جي لائبريريءَ مان ٿي. ڪهڙو ڪتاب اتي ڪونه هو، جيڪو گهر سُو حاضر، ديوان گل، ديوان قاسم، ديوان فاضل، رهنماءِ شاعري، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جا ڪتاب، تان جو بهشتي زيور تائين پير صاحب جي لائبريريءَ مان پڙهيم.“ (3)

اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر تنوير موجب ته: اردوءَ جا ڪيترا عالم سندن آڳو پيڇو ڪندا قلمي نسخن، ڪتابن ۽ مهمانين ۽ ڪچهرين جي حوالي سان پيا ايندا هئا، جن ۾ خاص ممتاز حسن، شوڪت سبزواري، جميل الدين عالي، رئيس امرهوي ۽ ٻيا هئا ۽ ايئن ڊاڪٽر تنوير به سندن سِڪَ جي سڳي ۾ پوئجي ويو. سندس شخصيت جي شفقت، محبت ۽ پنهنجائپ کيس حياتيءَ ڀر ياد رهي.

پير حسام الدين پنهنجي علمي ۽ ادبي زندگيءَ جي شروعات صحافت سان ڪئي. ”جاڳڻ“،
”المنار“ ۽ ”پيغام“ ۾ ڪم ڪيائين ۽ پوءِ 1930ع کان 1934ع تائين پنهنجي وڏي ڀاءُ پير علي محمد راشديءَ سان گڏ هفتيوار ”ستاره سنڌ“ جاري ڪيائين، جنهن جو پاڻ ايڊيٽر پڻ رهيو. روزانه ”الوحيد“ ۽ ”قرباني“
اخبار ۾ ليک لکيائين پاڻ ڪيترن ادارن جيئن، ”اردو ڊولپمينٽ اٿارٽي“،”ڪراچي يونيورسٽي اڪيڊمڪ ڪائونسل“، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر، ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان ۽ ٻين ادارن جو ميمبر رهيو. ڪافي ملڪ جيئن عراق، مصر، ايران، شام، لبنان، لنڊن ۽ ٻيا گهميائين، جتي جي ڪتب خانن ۾ وڃي علم جي پياس اجهايائين، سندن خدمتن تي کين ڪيترا اوارڊ عطا ٿيا آهن، جن ۾ ”ستاره امتياز“ ۽ ايران جو سڀ کان وڏو اعزاز ”نشان سپاس درجه اول“ شامل آهن.

راشدي صاحب کي فارسي ٻوليءَ تي عبور حاصل هو. فارسي ادب جا ڪيترا ڪتاب جيڪي خود ايران جي عالمن کي به ڄاڻ نه هئي، پاڪستان ۾ موجود هئا. راشدي صاحب انهن ڪتابن کي ايران ۽ اهلِ سنڌ لاءِ سنڌيءَ ۾ متعارف ڪرايو. فارسي زبان ۽ ادب جي خدمت جي اعتراف ۾ کين تهران يونيورسٽيءَ طرفان ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني وئي. سندس ڪتابن جو ڳاڻيٽو 50 تائين آهي، جنهن ۾ لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب شامل آهن ۽ اهي سڀ سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ آهن.

پير حسام الدين شروع ۾ صحافت سان گڏ افسانه نويسيءَ ڏي رجحان رکيو ۽ چند افسانا جيئن، ”انار ڪلي“، ”پاڪدامن“، ”گلن واري ڇوڪري“، ”امانت“ لکيا ۽ هڪ ڊگهو افسانو”الزليخا“
لکيائين، جيڪو ننڍڙو ناوليٽ آهي ۽ ٻه دفعا الڳ ڇپجي چڪو آهي، پر پوءِ تاريخ ڏي لاڙو ٿيڻ بعد فڪشن لکڻ ڇڏي ڏنائين ۽ سندن مڪمل توجهه تاريخي ڪتابن پڙهڻ ۽ لکڻ ڏي ويو. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ جيڪو محمد قاسم ماڪا، طارق عالم ابڙي، ڊاڪٽر نوازعلي شوق، شمشيرالحيدري، نفيس احمد ناشاد ۽ خان محمد پنهور ورتو ۽ نئون نياپو نومبر 1980ع ۾ ڇپيو، ان ۾ چيائين ته:

”مان شعر به چيا، اخبار نويسي به ڪئي پر ڇاڪاڻ ته ذوق هوندو هو تاريخي ڪتابن پڙهڻ جو، تنهنڪري لامحاله تاريخ ڏي به توجهه  رهيو. بنيادي طرح سان مان افسانا نويس هئس ”سنڌ زميندار“
اخبار ۽ ٻين اخبارن ۾ منهنجي افسانا شايع ٿيندا هئا.“ (4)

ڪيترن ماڻهن کي خبر ڪونهي ته پير صاحب ”فدا“ جي تخلص سان ڪجهه شاعري به ڪئي، کيس ڏوهيڙو، بيت، ڪافي ۽ وائيءَ جون صنفون پسند هيون، کين ڪيتري سنڌي شاعري ياد هئي، پر سندن چيل شعر مقدار ۾ گهڻو نه آهي.

”راشدي صاحب جو، ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“، ڪتاب ادبي ۽ تاريخ حوالي سان هڪ وڏي وٿ قرار ڏنل ماخذ آهي. هن ڪتاب معرفت سنڌ جي علمي، ادبي، سماجي، مذهبي ۽ سياسي تاريخ کي آڻي هڪ ڪتاب ۾ گڏ ڪيو آهي. هيءَ هڪ قسم جي سنڌ جي هڪ دور جي سماجي ۽ ثقافتي آرسي آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي روزانه زندگي، انهن جي رهڻي ڪهڻي، تهذيب ۽ ڪلچر جي عڪس کي ڏسي سگهجي ٿو ۽ ان ذريعي انهن جي پوئتي پوڻ جي سببن تي پڻ روشني پوي ٿي.“ (5)

هو ڏوٿي هو ڏينهن، هو ڏونگر هو لڪيون،

ڪنهن جنهن لڌا نينهن، جيئن پيا لهسن لُڪ.

منيلا ۾ دل جي تڪليف ۽ علاج جي دوران هيءُ ڪتاب وڏي ڀاءُ پير علي محمد راشديءَ جي گهر رهائش وقت لکيو هئائين. ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“، هڪ ضخيم ڪتاب آهي جيڪو راشدي صاحب تمام تفصيلي ۽ بيماريءَ دوران لکيو ۽ ڇهن مهينن ۾ لکي ڇڏيائين. ڪتاب جي آخر ۾ شروع ڪرڻ جي تاريخ 8 فيبروري 1960ع ۽ ختم ڪرڻ جي 28 آگسٽ 1960ع منجهند جو ڏيڍ بجي لکيل آهي. ليکڪ هڪ هنڌ ڄاڻايو آهي ته هن کي ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ ۽ لکڻ جو ايترو ته جذبو هُو جو هو روزانه تيار ٿي بلڪ انگريزي لباس پينٽ شرٽ پائي فٽ ٿي ڪرسيءَ تي لاڳيتو ڪلاڪن جا ڪلاڪ لکندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ته هن 15 ڪلاڪن تائين مستقل لکيو هوندو، پر عام طور 25 يا 30 صفحا ته ڪيڏانهن ڪو نه ويا.

مٿئين ڪتاب ۾ انيڪ موضوعن جو احاطو ٿيل آهي، جيئن شروعات ڊاڪٽر نبي بخش جي خط سان ٿي، جنهن ۾ کين نياز مرحوم جو وفات جي اطلاع ڏنو هئائين. هن ڪتاب ۾ آيل موضوع هن ريت آهن: ”نياز هڪ عهد جي نشاني“، ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“، ”خانبهادر کهڙو“، ”مسلمان ڪامورا“،
”لاڙڪاڻي جو ادبي ماحول“، ”ڏوهيڙو“، ”شاهه جو رسالو“، ”پيرل فقير“، ”سچل جو ڪلام“، ”ڪافيون، طنز ۽ مزاح“، ”سنڌي غزل جو سنڌي روپ“، ”پنجاب جون اخبارون“، ”سکر جي جواڻي“، ”مولانا دين محمد وفائي“، ”توحيد رسالو“ ۽ ٻيا عنوان هن ڪتاب جو حصو آهن. ڪتاب جي شروعات، نوازعلي نياز جي وفات جي ذڪر سان ٿئي ٿي ۽ اختتام پڻ سندس خط ۽ چيل ڪافي (جيڪا راشدي صاحب کي تمام گهڻي پسند هئي) ”دل منهنجي دوست ڌتاري ڙي اديون“ تي ٿيل آهي، ڪتاب ۾ تحرير نويسي هن ريت آهي:

”سنڌ جي عاشق وٽ محبوب جي واعدي تي بي اعتباري ڪرڻ جو ڪو سوال ئي پيدا ڪو نه ٿيندو هو ۽ نه اچڻ جي يقين ٿيڻ تي عاشق کي مرڻ جو ئي خطرو هوندو هو. سنڌ جي سهڻيءَ جو مثال اسان جي سامهون آهي، نه ڪڪرن جي ڪارونڀار کيس روڪيو، نه بادلن جي برسڻ ۽ کنوڻين جي کجڻ سندس دڳ جهليو، نه ڪاريءَ رات جي دهشت ۽ اونداهه انڌوڪار کيس پليو، نه ندين ۽ نالن جي واهوندي ۽ وهڪري سندس راهه روڪي“. (6)

راشدي صاحب جو سنڌي نثر شسته، روان ۽ ميٺاڄ وارو آهي انهيءَ ڪري سندس ڪتاب، مقبول ٿيا آهن. سنڌيءَ ۾ سندس لکيل هيٺيان ڪتاب آهن.

”مهراڻ جون موجون“، ”تذڪره امير خاني“، ”ماڪ ڀنا رابيل“، ”مڪلي نامه“، ”ڏهين صديءَ هجريءَ جي سنڌ“، ”الزليخا“، ”اسلامي ڪتبخانا“،
”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“، (غلام محمد لاکو جو ترتيب ڏنل راشدي صاحب جي وفات کان پوءِ ڇپيو ۽ ”مير معصوم بکري“ آهن.

فارسي ڪتابن ۾ ديوان، بيرم خان، تذڪره شعراء ڪشمير، تذڪره روضة السلاطين، جواهر العجائب، تذڪره مشائخ سيوستان، رياض العارفين (2 جلد)، تاريخ مظهر شاهجهاني ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.

پير حسام الدين علم دوست انسان هئڻ سان گڏ طبعيت ۾ نئڙت وارو، گفتگو ۾ ميٺاڄ، مهذب ۽ محبت ڀريو ماڻهو هو. هُو عالم ماڻهن جي محبت ۾ وقت گذاريندو هو ۽ گهر ۾ پڻ هر وقت لکڻ، پڙهڻ ۾ دل وندرائيندو هو. زنده دل ۽ باغ بهار شخصيت جي مالڪ هن اديب سنڌي نوجوانن جي رهنمائي عطا ڪئي. کين پڙهڻ، لکڻ ۽ علمي ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏني. ممتاز مهر سندس وڏو مداح هو، ان جي چوڻ موجب ته:

”هُو پنهنجي گفتار ۾ بي ريا ۽ بيڊپو هوندو هو ۽ ڪنهن جي به ڪاڻ ڪونه ڪڍندو هو، پر ساڳئي وقت صحيح علمي ۽ ادبي ڪم ڪرڻ واري جو قدر ڪندو هو ۽ کين ساراهيندو رهندو هو. هن پنهنجي اعليٰ پايي جي علمي تحقيقي ۽ ڇنڊ ڇاڻ ذريعي سنڌ شناسيءَ کي اُجاگر ڪيو ۽ ڏيهه پرڏيهه ۾ سنڌ شناسيءَ جي علم کي پکيڙيو. هو نه رڳو هڪ وڏو محقق، پر مردم شناس به هو. سندس مردم شناسي ۽ زنده دليءَ جا ڀرپور عڪس هن جي شخصيات نگاريءَ واري ڪتاب، ’هُو ڏوٿي هُو ڏينهن‘، مان ملن ٿا.“ (7)

راشدي صاحب 10- اپريل 1982ع تي ڪينسر جي بيماريءَ وگهي وفات ڪئي.

حوالا:

(1) راشدي/ لاکو، غلام محمد، ڊاڪٽر (مرتب) ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون،“ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2007ع، ص- 304.

(2) سيد، جي.ايم، ”جنب گذاريم جن سين“، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص 338.

(3) عباسي، تنوير، ”منهن تنين مشعل“، نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد 1990ع، ص- 45.

(4) راشدي، حسام الدين، لاکوغلام محمد، ڊاڪٽر (مرتب) ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2007ع، ص 342.

(5) فهميده حسين، ڊاڪٽر، ”سيد حسام الدين راشدي“ (ٻاراڻو ادب)، ثقافت ۽ سياحت کاتو، ڪراچي 1990ع، ص، 18.

(6) راشدي، حسام الدين، پير، ”هُو ڏوٿي هُو ڏينهن“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1994ع، ص 78.

(7) مهر ممتاز، ”مرحوم پيرحسام الدين جي شخصيت، هڪ تاثر“، لطيف ڊائجسٽ، سول لائين ڪراچي، 1990ع - ص- 14.

ڀائو در محمد ٻرڙو

 

 

 

 

 

’خط‘ معصوم يادن جي مالها

 

اڄ اسان هڪ اهڙي تاريخي نفيس ۽ حساس پر وسريل صنف کي پهريون ڀيرو ڇيڙو آهي، جيڪا ڪنهن وقت وڏو درجو رکندي هئي. اڳ نياپي واري هن لکت ڀرئي پني جي تمام وڏي عظمت هئي. گهڻو اڳ شهنشاهه، بادشاهه، حڪمران پنهنجن دوستن، دشمنن، ماتحتن ۽ ٻين ملڪن جي بادشاهن، شهزادن، اميرن ۽ وزيرن، ڏانهن خطاط لاءِ سُٺا، چونڊ، ٻوليءَ جا ڄاڻو تجربيڪار خط لکندڙ مقرر ڪري رکندا هئا، جن جا اکر، لکت ۽ ٻولي تمام اعليٰ، نفاست ۽ دٻدٻي واري هوندي هئي. مطلب ته جهڙي ڪردار ڏانهن خط لکبو هو، اهڙي ئي گفتار لکت ۾ ڪبي هئي. پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙن کان واه واه نڪري ويندي هئي. لفظن ۾ دٻدٻو اهڙو جو ڪڏهن ڪڏهن ڪمزور ماڻهوءَ آڏو حڪمران به هٿيار ڦٽا ڪري شڪست قبوليندا هئا. تڏهن تمام وڏي طمطراق سان خط کڻبا هئا ۽ وڏي احترام، عزت ۽ حفاظت سان پهچائبا هئا.

هيءَ صنف به ڪالهه شاعري، پڪي راڳ ۽ فنونِ لطيفه جيئان، درٻارن جي سونهن ۽ سينگار جو حصو هئي، ڇو ته ان وقت جي شهنشاهن، بادشاهن ۽ حڪمرانن کي پنهنجي ماتحتن، حڪمرانن، عملدارن لاءِ حڪمنامه، نياپا، پروگرام، پيغام خط ذريعي ئي موڪلڻا پوندا هئا. خط پهچائيندڙ قاصد سان ٿيندڙ هلت مان خبر پوندي هئي ته ان خط يا قاصد مان ڪهڙو رويو رکيو ويو. ڪڏهن قاصد کي قيد ڪيو ويندو هو ته ڪڏهن خاطن/ قاصدن جا سِرَ قلم به ڪيا ويندا هئا.

خط اها طاقتور صنف آهي، جنهن ڪٿي تلوار ۽ فوج کان به وڌي چڙهي ڪم ڏيکاريو، ڪٿي ملڪ، ته ڪٿي دليون به فتح ڪيون. جيئن جيئن تعليم عام ٿي، تيئن تيئن خط به عام ٿيو. هر ڪنهن پنهنجي مائٽ، دوست، دلبر ڏانهن خط لکڻ شروع ڪيو. خط ۾ به گهڻيون خوبيون شاعريءَ جيئان آهن. جڏهن اهو محبوب ڏانهن لکيو ٿو وڃي ته ان ۾ اندازِ بيان تمام نماڻو، پيار ۽ ميٺاڄ سان ڀرپور ٿئي ٿو، جڏهن والدين يا وڏن ڏانهن لکجي ٿو ته تمام احترام وارو آهي ۽ جڏهن دوست ڏانهن لکجي ٿو ته ان ۾ دل کولي بيان ڪجي ٿو، ڪٿي به هٻڪ ۽ هوشياريءَ کان ڪم نه ٿو وٺجي، پر جڏهن اهو ئي خط ڪنهن دشمن يا ظالم انسان ڏانهن لکجي ٿو، تڏهن ان خط ۾ طاقتور لفظن ۽ جملن ۾ ڄڻ ته بم، بارود ۽ گوليون ڀرجن ٿيون، خط جيڪڏهن پاڻ کان وڏي ۽ احترام لائق ماڻهوءَ ڏانهن لکبو آهي ته ان ۾ پاڻ کي ننڍڙو، نهٺو، ۽ نوڙت ڀريو ڪري پيش ڪبو آهي.

مُلان مسجد ۾ روزانو جيڪا دعا گهري ٿو ته اهو خدا کي ڄڻ ته زباني خط ٿو لکي، جنهن وسيلي سندس وڏائيءَ کي ساراهي، پڪاري ٻڌائي ٿو ته: تون ئي سڀ ڪجهه آهين، آءٌ ڪجهه به ناهيان. بندو گندو آهي، ڪنهن نه هاڻو آهي، پاڻ وهيڻو، ڪمزور، نٻل انسان، توکان سواءِ ڪجهه به ناهي. تون ئي پنهنجي نظر رکيو اچ.

اهڙيءَ طرح سمورا ڪتاب خود ليکڪن پاران پڙهندڙن لاءِ پيغام آهن، هدايت آهن، انهن کي سچو سمجهندڙن لاءِ. منهنجيءَ نظر ۾ سمورن ليکڪن جا ڪتاب، پوءِ اهي شاعريءَ ۾ هجن يا نثر ۾، پر اهي ڪنهن نه ڪنهن لاءِ تفصيلي تجربن جو پيغام آهن.

جيڪا به لکت آهي، اها ڪنهن نه ڪنهن سان اندر جي اظهاريل اور آهي. اها وفا جي هجي يا بيوفا جي، پر آهي ته اندر جي وارتا ۽ اندر جو اظهار. گذريل يا ايندڙ واقعن جي احساساتي ڄاڻ کي سٺي نموني قلمبند ڪرڻ، ادب ۽ آرٽ آهي، پوءِ  اسان انهن کي سهوليت لاءِ ڌار ڌار صنفن ۾ شمار ڪريون ٿا. ”ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي“، شروع ۾ ماڻهوءَ اشارن سان پوءِ آوازن سان مختلف پيار ۽ خوف جا اظهار ڪيا. اڳتي هلي، شڪليون ٺاهي، شين، جانورن ۽ فصلن بابت هڪٻئي سان اظهار شروع ڪيو، پوءِ انهن جا نالا رکيا. خواهش، احساس ۽ ضرورت لاءِ لفظ ٺاهيا، مخصوص ماحول ۾ هر هڪ گروپ پنهنجي پنهنجي انداز ۾ اُچاريا ۽ بيان ڪيا. جنهنڪري ڌار ڌار ٻوليون وجود ۾ آيون. ٻولي، خود ضرورت لاءِ پڪاريل آوازن جي مخصوص بيان کي ئي چئجي ٿو.

خط، صنف ئي اهڙي آهي، جنهن ۾ مڪمل، مفصل پيغام، نياپي ۽ اندر جي اوڳر يا ضرورتن جو مڪمل بيان ڪرڻ اچي وڃي ٿو. اڄ به جِتي اسان جو زباني آواز نه ٿو پهچي، اتي اسان قلم ذريعي ئي پنهنجو آواز، نپايو پهچايون ٿا. اسان وٽ هن وقت جڏهن ته فون، فيڪس، انٽرنيٽ، ريڊيو، ٽي.وي، اخبارون ۽ رسالا آهن، پر پوءِ به خط لکون ٿا، ڇو ته خط جو پنهنجو نرالو انداز آهي.

خط ۾ هڪ مخصوص پنهنجائپ آهي. خط آهي ئي مخصوص بيان جو انداز لکندڙ، جنهن ڏانهن لکي ٿو ته ان جي تمهيد/ شروعات ڪيئن ۽ ڪهڙي ٿو ڪري. مختلف سماجن ۾ خط جي تمهيد طبقي آهر رهي آهي. خط به طبقاتي سماج ۾ ماحول ۽ مذهبي لاڙن جي رنگ ۾ رڱيل رهيو آهي. خطن تي هر طبقاتي سماج ۽ هر مذهب جو گهرو اثر رهيو آهي. منهنجو خيال آهي ته هر نياپو، چاهي اهو هڪ فوجيءَ جو پنهنجي ماتحت ڏانهن هجي يا آفيسر جو ماتحت يا مٿي/ بالا ڏانهن هجي. انگريزيءَ ۾ ليٽر (Letter) چئجي يا آرڊر (Order)، پر منهنجي خيال ۾ اهي سڀ نياپا آهن، جن کي اسان خط چئون ٿا.

اڄڪلهه دوستن ڏانهن لکيل چٺين ۽ محبوبائن ڏانهن لکيل احوال کي ئي خط چئجي ٿو، يا محبوبا جو لکيل احوال، محبوب لاءِ نياپو ۽ پيغام آهي، جنهن کي اسان خط چئون ٿا. ڪي نياپا اڌ پني جيترا يا ان کان به گهٽ ته ڪي وري هڪ بيت، غزل، وائي، نظم ۽ ڪهاڻيءَ جيترا ۽ ڪي وري رسالي ۽ قرآن پاڪ جيترا هوندا آهن. هر ماڻهو نياپو ٻڌندڙ به آهي ته پهچائيندڙ به، يا ڏيندڙ به آهي. ها، باقي اڳتي هلي ماڻهو خط لاءِ خاطو/ قاصد/ ٽپاليءَ جو اڄ جيترو انتظار نه ڪندو، پر پنهنجي ئي گهر ۾ رکيل فيڪس جي وات مان، ڪٿان به موڪليل خط وصول ڪري وٺندو ۽ پوسٽن ۽ قاصدن جي انتظار کان بچي پوندو. هاڻي به گهڻو تڻو، مٿئين ڪلاس ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جا احوال، پوسٽ واري خط رستي نه پر، فون جي نمبر ملائڻ سان ٿين ٿا. ڇو ته خط هٿ لکت آهي، هٿ لکت ڪٿي به هروقت، هر هنڌ سچو به ثابت ڪري سگهي ٿي ۽ بڇڙو به حد ڪمال جو ڪرائي سگهي ٿي. سائنسي ٽيڪنالاجي سان خطن/ نياپن ۾ فرق ضرور اچي ويو آهي.

ڪي نياپا صرف محبوبن لاءِ آهن، ڪي نياپا صرف مائٽن لاءِ آهن، ڪي نياپا شهر واسين ڏانهن، ته ڪي نياپا ملڪ واسين ڏانهن آهن. ڪي نياپا ڪنهن هڪ فرد لاءِ آهن ته ڪي وري سڄي دنيا يعني بين الاقوامي آهن. اهي سڀ جو سڀ نياپا پيغام آهن، جن کي اسان خط چئون ٿا.

***

خط لکت ۾ ڏنل احوال جي هڪ ذات آ،

خط قرب ۽ نفرت جي زمين ۾ پهرين جاٽ آ،

خط هڪ طلب آ، ۽ هڪ تات آ،

خط اڌ ملاقات آ، اندر اور بات ئي بات آ،

خط ڪٿ گُلن مٿان ماٽ آ،

خط ڪٿ ڏاڍو پيارو آ، ڪٿ مارو مارو آ،

خط ڪٿ نعرو آ، ڪٿ آخري سهارو آ،

خط ڪٿ فقير آ، ڪٿ ڏاڍو حقير آ،

خط هڪ تصوير آ، ۽ يادن جي زنجير آ،

خط ڪٿ چال آ، ته ڪٿ ڍال آ،

خط انتظار آ، گلدستو آ، ورتل نئون رستو آ،

خط لکندڙ پيارو محبوب آ ڪٿ دشمن ۽ رقيب آ،

خط پري وارن جي وڏو سهارو آ،

خط يادن جي آباد، زمين جو ٻارو آ،

خط ڪٿ سرڪش آ، نوڙت آ، ڪٿ دوکو آ،

خط يار جو احساس آ، پرديسيءَ جو واس آ،

خط هڪ راز آ، بياني انداز آ، پيارو ساز آ،

خط ڪٿ ڏولي آ، هولي آ، ڪٿ قرب جي جهولي آ،

خط تاريخ جو سڏ ۽ وقت جي زبان آ،

خط ڏکن ۾ آسرو ۽ ڪٿ دل جو ترجمان آ،

خط ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو پنو آ، ڪٿ بي گهر لاءِ ڇَنو آ،

خط ڪٿ شادي، ڪٿ بربادي آ، ڪٿ برف جي نادي آ،

خط لکڻ، پڙهڻ ۽ ٻڌڻ جو، هر باشعور انسان ٽي.وي ۽ ريڊيو آ،

خط اخبار، رسالو، ٽيليگرام، انٽرنيٽ، ڪٿ فون آ،

خط سونهن ڀريو سُرور به آ، اندر جي ورونهه به آ،

خط جذبن جو ججُ به آ، محبت جو آئينو ۽ حَج به آ،

خط ڪٿ زر آ، ته ڪٿ مَرُ آ، ڪٿ خوشي ڪٿ تعدي آ،

خط ڪٿ آزاد ، ڪٿ باندي آ، ڪٿ چور، ڪٿ راندي آ،

خط ڪٿ ميلاپ آ، ڪٿ جدائي، ڪٿ وصيت، ڪٿ وسيع وادي آ،

خط ڪٿ رهبر آ، ڪٿ رهزن ۽ ڪٿ منادي آ،

خط نوڪري ملڻ، بدلي ٿيڻ، ڪٿ نوڪري وڃڻ، ڪٿ خودڪشي، ڪٿ ماري آ،

خط جيل مان آزادي، ڪٿ جيل جو آرڊر، ڪٿ ڦاسي، ڪٿ ڦاسيءَ تان به معافي آ،

خط جو ڪوبه مذهب، رنگ، نسل نه آ، لکندڙ، لکجندڙ جو حال، مستقبل ۽ ماضي آ،

خط ڪٿ اونداه سان اٽڪي، ڪٿ ڪوڙا قسم کڻي ڪربلائون ڪرائي، خط وڏو قاضي آ،

خط ڪٿ زوري، ڪٿ راضي آ، ڪٿ شهيد، ڪٿ غازي آ،

خط پيغام، سنيهو، ناز ڀريو نياپو آ، ڪٿ هڪ انداز به آ،

خط ڪٿ حڪم آ، ڪٿ التجا ۽ عرض ڀري اپيل به آ،

خط ڪٿ سوال، ڪٿ جواب آ، ڪٿ نظريو، ڪٿ نفيل به آ،

خط ڪٿ خيال آ، ڪٿ چال آ، ڪٿ حال آ، ڪٿ ڍارو، ڪٿ وڪيل به آ،

خط ڪٿ ضرورت، اظهار جو ماپو آ، هڪ خاڪو آ، ڪٿ کيل به آ،

خط ڪٿ شاڪ آ، ڪٿ هاڪ آ، ڪٿ شاڪو آ، ڪٿ ڌاڪو آ،

خط ڪٿ باک آ، ڪٿ ساک آ، ڪٿ لاک آ، ڪٿ گل مٿان ماڪ آ،

خط ڪٿ شروعات آ، ڪٿ اِنڊ آ، ڪٿ جنگ جو نغارو آ، ڪٿ شاديءَ جي بئنڊ آ،

خط ڪٿ بهار آ، ڪٿ خزان آ، ڪٿ ماٺار آ، ڪٿ موج ۽ مستي آ،

خط هڪ هام آ، هڪ هستي آ، ڪٿ قرب آ، ڪٿ زبردستي آ،

خط محبت جي درياءَ ۾ الله توهار ڪري لاٿل، هڪ ڪمزور ڪشتي آ،

خط پري وارن لاءِ پل آ، دلبر جي هٿ ۾ ڄڻ دل آ،

خط نفيس جذبن جو اظهار آ، هڪ آواز، هڪ رنگ آ، ڪٿ چاهت جو چنگ آ،

خط سڀني رنگن جو سُرور آ، گهڻي انتظار کانپوءِ مليل سوکڙي ڀَرپور آ،

خط ڪٿ چمين ۾ آ، ڪٿ اکين تي، ڪٿ چاڪنگ، ڪٿ هِير، ڪٿ جهولو آ،

خط ڪٿ اونده اڌ رات، ڪٿ روشندان، ڪٿ باک ڦٽي، ڪٿ ته منگهه آ،

خط ڪٿ شرمساريءَ ۾ ڪنڌ لڪائي ٿو، ڪٿ ته گلن جا هار پائي ٿو،

خط ڪٿ ٺاهي ٿو، ڪٿ ڊاهي ٿو، مطلب ڪجهه نه ڪجهه چاهي ٿو،

خط مطلب خط ئي آ، جيڪو لکو سوئي پهچائي ٿو،

خط ڀَتَ نه آ، جو ڪوئي بکيو کائي، خط ته خط آ، جيڪو اندر جي بک اجهائي ٿو،

خط ٻوڏ آ، طوفان آ، زلزلو آ،

خط ڪٿ راحت ٰآ، فرحت آ، ڪٿ پيار جي سَنَدَ آ،

خط گل آ، ڪنڊو آ، ڪٿ جهنڊو آ، ڪٿ چڪور آ، ڪٿ چنڊ آ،

خط ڪنگ آ، ڪٿ ڏنگ آ، ڪٿ دنگ آ، ڪٿ چنگ، ڪٿ جهرجهنگ آ،

خط آٿت آ، ڪٿ آفت آ، ڪٿ نافت آ، ڪٿ حُج آ، ڪٿ ڌنڌو، ڪٿ صحبت آ،

خط تحفو به آ، گلدستو به آ، ڪٿ سڪ ڀريو احوال گهٽ، ڪٿ سربستو به آ،

خط هڪ نظريو آ، ڪٿ رائيٽ آ، ڪٿ رانگ آ، ڪٿ نوڙي آ، ڪٿ نانگ آ،

خط ۾ قرب آ ته لکيل وڏو خط به مختصر آ،

خط ۾ جي قرب ناهي ته مختصر خط به ڪانگ آ.

]22- نومبر 1998ع تي سنڌي ادبي سنگت قنبر پاران ڪوٺايل ”خط ويهڪ“ ۾ پڙهيل[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org