جيئن سنڌ ملڪان ملڪ پنهنجي شهرت رکي ٿي، تيئن
وري سنڌ جا شهر توڙي ڳوٺ ڪنهن نه ڪنهن طريقي
سان پنهنجي سڃاڻپ رکن ٿا. سنڌ جا ڪيترائي
پراڻا شهر، جن جي هرهنڌ هاڪ هوندي هئي، اهي
ڦِٽي ختم ٿي ويا. جن جا تاريخن ۾ رڳو نالا ملن
ٿا. ڪي وري آثارن جي صورت ۾ دڙن ۽ ڀِڙن جي شڪل
۾ پنهنجي شناخت ڪرائين ٿا.
ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري شڪارپور، حيدرآباد،
ڪراچي، خيرپور ۽ لاڙڪاڻو جهڙا ٻيا ڪافي شهر
جڏهن سنڌ جي سيني تي اُسريا ۽ وڌڻ لڳا، تڏهن
پراڻن شهرن جو وجود ختم ٿيندو ويو، جن ۾ الور،
منصوره، برهمڻ آباد، آمري، بکر، ديبل ۽ جَناني
(جوڻاڻي) وغيره شمار ڪري سگهجن ٿا.
مغلن ۽ ڪلهوڙن جي اوائلي ڏينهنِ ۾ سنڌ هڪ
خوشحال ۽ آسودو ملڪ تصور ڪيو ويندو هو. منجهس
ڪيئي وڏا ۽ وسندڙ شهر هئا. زراعت جي لحاظ کان
به سنڌ نهايت سکيو ستابو ملڪ ليکيو ويندو هو.
علم ادب جي ڪري ته ڪلهوڙن جي دور کي سونهري
دور چيو وڃي ٿو. وڻج واپار جي سبب کان به سنڌ
ڪماليت جي درجي تي پهتل هئي. ڇو ته سنڌ ۾
ڪلهوڙن جيڪو آبپاشيءَ جي لاءِ واهن جو ڄار
وڇايو هو، سو ڪنهن کان ڳجهو ڪين آهي. ميان
شاهل محمد کان گهڻو پوءِ ميان نور محمد
آبپاشيءَ کي نهايت وڏو زور وٺايو. منجهس
ڪيتريون ئي صلاحيتون موجود هيون. سندس وفات
(1755ع) کان پوءِ سندس پٽ ميان غلام شاهه سٺو
۽ بهترين صلاحيتن وارو حڪمران ثابت ٿيو. ميان
غلام شاهه سن 1768ع ۾ نئون شهر حيدرآباد
ٻَڌايو، ۽ کيس گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو. اهڙيءَ
طرح ٻيا به ڪيترائي نوان شهر قنبر، وارهه،
شهدادڪوٽ، خيرپور وغيره اُسريا، وڌيا ۽
ويجهيا. ڪن کي ضلعي جي حيثيت حاصل ٿي، ته وري
ڪن کي تعلقي جو درجو ڏنو ويو. ڪي وري اهڙا شهر
۽ ڳوٺ آهن، جن کي اڃا تائين پنهنجي پراڻي
حيثيت مليل آهي. اهڙن شهرن مان گاجي کهاوڙ به
هڪ آهي.
خان بهادر ڪريم بخش کهاوڙ
هيءُ شهر به ڪلهوڙن (يعني ميان نور محمد) جي
ايامڪاريءَ ۾ اُسريو هوندو؟ هن شهر بابت ڪو
اهڙو مستند احوال ڪو نه ٿو ملي. باقي مقامي
ماڻهو هن جي اوسر ۽ ارتقا کي ڪلهوڙن جي دور
سان ڳنڍين ٿا.
گاجيءَ جي ڳوٺ جو نالو هڪ دفعو تحفةالڪرام جي
صفحي نمبر 221 تي هن طرح آيو آهي ته:
”ميرابوالقاسم خان زمان ولد شاهه قاسم بيگلار،
پيءُ کان پوءِ ٽن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي ماءُ
راڻي ورسه جي ڀاڻيجيءَ سان پٽپن ۾ رهڻ لڳو.
اتفاقاً انهيءَ ديهه تي جوڻيجن حملو ڪيو ۽ هن
جنگ ۾ کيس منهن تي زخم رسيو. انهيءَ حالت ۾ هن
کي شاهه حسن وٽ وٺي آيا، جنهن سندس تربيت جي
ڏاڍي ڪوشش ورتي ۽ گاجيءَ جو ڳوٺ انعام ۾ ڏنو.“
(ميرعلي شير قانع- 1989ع)
هن ڳوٺ جو وڌيڪ احوال ڪو نه ٿو ملي ته اهو ڳوٺ
سنڌ جي ڪهڙي حصي تي هو. تحفة الڪرام جي مصنف
مذڪوره ڳوٺ جي ڪا به نشاندهي نه ڪئي آهي ته
هيءُ ڳوٺ ڪهڙي سن ۾ آباد ٿيو ۽ ڪنهن جو ٻَڌايل
آهي. اهڙي وڌيڪ ڪا به شاهدي ڪا نه ٿي ملي.
باقي اسان جي نظر ۾ ٽن گاجي ڳوٺن جا نالا
نمودار آهن. ”پهريون گاجي ديرو“ نالي ڳوٺ
تعلقي ڏوڪريءَ ۾ آهي. ٻيو ”گاجي شاهه“ نالي
تعلقي جوهيءَ ۾ آهي. ٽيون ڳوٺ ”گاجي کهاوڙ“
نالي تعلقي وارهه ۾ آهي ۽ يونين ڪائونسل پڻ
آهي. گاجي ديرو ڪڏهن ٻَڌو ۽ ڪهڙي سَن ۾ نروار
ٿيو. ان لاءِ ڪوبه ثبوت ڪونه ٿو ملي. گاجي
شاهه، ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ آباد
ٿيو. گاجي شاهه ميان وال تحريڪ جي رُڪنن يا
سپه سالارن مان هڪ هو. هن کي جنن جو پيرُ به
ڪري چوندا آهن. اهڙيءَ ريت گاجي شاهه جو ميلو
پڻ لڳندو آهي. باقي ٽيون آهي گاجيءَ جو ڳوٺ
جنهن بابت به ٺوس ثبوت ڪونه ٿو ملي. ڏسڻو اهو
آهي ته هيءُ ڳوٺ ڪڏهن ۽ ڪنهن ٻَڌو ۽ کهاوڙ ڪير
آهن ۽ انهن جو شمار ڪڏهن کان ڪيو ٿو وڃي. سو
بيان، قلندر بخش کهاوڙ (ڳوٺ گاجي کهاوڙ) جي
تحقيق ۽ لکيت مطابق هيٺ ڏجي ٿو، قلندر بخش لکي
ٿو:
”اوائلي تاريخ سنڌ مان احوال ملي ٿو ته جڏهن
سنڌ تي راجا دلوراءِ حڪمران هو ۽ سندس گاديءَ
جو هنڌ ڀنڀور هئو ۽ هن پنهنجي حڪومت ۾ اهو
قانون لڳايو ته جيڪو به ماڻهو شادي ڪندو،
انهيءَ جي ڪنوار پهرين رات راجا سان همسبتر
رهندي. انهيءَ قانون تي ٽن ڀائرن بغاوت ڪئي ۽
راجا سان جنگ جو اعلان ڪيائون. آخر جنگ لڳي،
جنهن ۾ هڪڙو ڀاءُ گهِل گهِل ڪري اتر سنڌ ڏانهن
ڀڳو ۽ ٻيو ڀاءُ به جنگ جا وسائل نه هئڻ ڪري
کُهجي پيو ۽ اچي ميربحرن وٽ پناهه ورتائين ۽
ٽيون ڀاءُ بلوچستان ڏانهن ڀڄي ويو. تاريخ جي
حوالن مان اهو معلوم ٿو ٿئي ته جنهن گهَل گهل
ڪئي، اهو ”گهلُو“ بڻجي ويو ۽ جيڪو جنگ ۾ کُهجي
پيو، اهو ”کهاوڙ“ سڏيو ويو. جيڪو بلوچستان ڀڄي
ويو انهيءَ کي ”ڇُٽو“ چيو پيو وڃي. انهيءَ
احوال مان ڪو کَڙُتيل ڪونه ٿو نڪري ته اهي اصل
۾ ٽيئي ڄڻا ڪير هئا؟ يا پاڻ ۾ حقيقي ڀائر به
هئا يا نه؟ ذاتيون ته انهن وصفن تي سڏيون وڃن
ٿيون. اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته اهي ٽيئي
ڀائر اصل ڪير هئا؟!“
درحقيقت اِن ڳالهه تي اسان جون تاريخون خاموش
آهن. اڃا اهڙي ڪا به وضاحت سامهون ڪا نه آئي
آهي، جنهن جي بنياد تي اهڙيون ڳالهيون ڪري
سگهجن. قلندر بخش وڌيڪ لکي ٿو ته:
”جڏهن افغانستان جي حاڪم ظهيرالدين محمد بابر
ڪابل مان مغلن جو لشڪر ڪَٺو ڪري هندستان تي
چڙهائي ڪئي. انهيءَ وقت هندستان جو حڪمران
ابراهيم لوڌي هو، جنهن بابر سان جنگ ڪئي، اها
لڙائي پاڻي پٽ ۾ لڳي، جنهن ۾ ابراهيم لوڌي
مارجي ويو ۽ بابر جي سوڀ ٿي، جيڪو دهليءَ جي
تخت تي قابض ٿي ويهي رهيو. پهريون ته
هندستانين جو اهو خيال هوندو هو ته پهريائين
مغل ايندا هئا ته ڦرلٽ ڪري موٽي هليا ويندا
هئا. مگر بابر ائين نه ڪيو. ڪابل مان تخت گاهه
کڻائي اچي دهليءَ تي تخت نشين ٿيو. ڪجهه وقت
کان بعدبابر وفات ڪئي ۽ سندس پٽ نصيرالدين
همايون تخت جو مالڪ بڻيو. انهيءَ زماني ۾
بنگال جي گورنر شيرخان پٺاڻ بغاوت ڪري دهليءَ
تي حملو ڪيو، جنهن ۾ همايون وٺي ڀڳو ۽ هندستان
تي شيرخان پٺاڻ قبضو ڪري، پاڻ کي شيرخان مان
”شيرشاهه“
جو لقب ڏيئي بادشاهه بڻيو.
همايون ڀڄندي اٽڪ کان اچي درياء سنڌ جو ڪنارو
ورتو. ڪنارو ڏيندي اچي عمرڪوٽ سنڌ پهتو.
همايون سان جرنيل به ساڻ هئا، پر هڪڙو جرنيل
گهڻو پوئتي رهجي ويو، سو انهيءَ پوئتي رهجي
وَيل جرنيل کي اچي شيرشاهه جو لشڪر سَڻائو ٿيو
۽ انهيءَ جرنيل کي وڌيڪ ڀڄڻ لاءِ ڪو به رستو
نه مليو. جڏهن بکر وٽ پهتو ته اتي درياءَ تي
ميربحرن مڇي ٿي ماري، تنهن تي ميربحرن کي
چيائين ته مون کي پناهه ڏيو، ڇو جو منهنجي
مارڻ لاءِ لشڪر اچي ٿو، جيڪو ٿوري دير ۾ هتي
پهچي ويندو. تڏهن ميربحرن ڪجهه ڄار هن جي مٿان
وجهي کيس لڪائي ڇڏيو. اتي لشڪر به گهڙي پل ۾
اچي پهتو. ميربحرن کان پڇا ڪيائون ته هتان ڪو
جرنيل اوهان ويندي ڏٺو. جنهن تي ميربحرن انڪار
۾ جواب ڏنو، وري ان لشڪر جي سالار پڇيو ته هنن
ڄارن ۾ ڇا آهي؟ هڪڙي ميربحر چيو ته انهن ڄارن
۾ منهنجي نياڻي آهي، جيڪا هٿ پير ٿي لهي.
(يعني ويم جون سنڀارون ٿيون اٿس). سالار کي
يقين اچي ويو ۽ لشڪر وٺي پوئتي موٽيو.
لشڪر جي واپس وڃڻ کانپوءِ ميربحر هن کي ڄارن
مان ٻاهر ڪڍيو ۽ هن جرنيل موڪلائڻ واري ڪئي،
جنهن تي کيس ميربحر چيو ته تون هِتان ڪاڏي به
نه ٿو وڃين سگهين! ڇو جو مون پنهنجي ڪنواري
نياڻيءَ کي گار ڏني آهي. جيڪڏهن انهيءَ سان
شادي ڪندين ته توکي ڇڏيو ويندو. لاچار ٿي هن
هائو ڪئي. جڏهن نڪاح جو وقت آيو ته ميربحر
پڇيس ته هاڻي ٻُڌاءِ ته تون ڪير آهين؟ ڪٿان
آيو آهين؟ ۽ ڪاڏي ويندين! تڏهن هن وراڻيو ته
مان ڪوه آور آهيان، جبل لتاڙيندو هتي پهتو
آهيان. مان شهنشاهه همايون جو جرنيل آهيان ۽
انهيءَ جي ڳولا ڪندو هتي پهتو آهيان ته دشمن
به مون کي اچي سوڙهو ڪيو ۽ اچي توهان وٽ پناهه
ورتم. وري به آئون شهنشاهه همايون ڏي ويندس،
جيڪو هينئر عمر ڪوٽ ۾ آهي.
شاديءَ کانپوءِ ڪجهه وقت رهي هن مير بحر کان
موڪلايو ته مان پنهنجي شهنشاهه کان سواءِ هِت
رهي نه ٿو سگهان. مون کي موڪل ڏيو، حياتي رهي
ته ٻيهر ضرور ايندس. ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ
شير شاهه وفات ڪئي ۽ سندس پٽ دهليءَ جي تخت تي
ويٺو، جيڪو ڏاڍو سست ۽ ضعيف هو. جڏهن همايون
کي خبر پئي ته شيرشاهه وفات ڪئي آهي، پوءِ
ايران جي بادشاهه کان مدد وٺي پنهنجو لشڪر گڏ
ڪري اچي دهليءَ تي ڪڙڪيو، جنهن ۾ شير شاهه جو
پٽ مارجي ويو ۽ همايون وري ٻيهر دهليءَ جي تخت
تي ويٺو. پوءِ هن لشڪر کي جاگيرون ڏيڻ شروع
ڪيون، انهيءَ جرنيل کي به جاگير ڏنائين، جنهن
اها مليل جاگير ميربحرن ۾ تقسيم ڪئي. ان جرنيل
کي انهيءَ زال مان پٽ ڄائو جيڪو بکر ۾ رهجي
ويو، جنهن جو اولاد آهستي آهستي ڪوه آور مان
بدلجي ’کهاوڙ‘ ٿي ويو، جو اِها رسم کهاوڙن ۾
اڄ تائين جاري آهي. جڏهن به ڪو ٻار ڄمندو اٿن
ته انهيءَ کي ڇَٺيءَ واريءَ رات مُنهن رَکيءَ
جي مٿان ڄاري وجهندا آهن.“
مون هيءُ بيان قلندر بخش کهاوڙ کان سندس ڳوٺ
گاجي کهاوڙ وڃي يارنهن نومبر 2007ع/ 29 شوال
الڪرام 1428هه تي غلام شبير چانڊئي جي توسط
سان ورتو هو. ان وقت سندس عمر اٽڪل 90 سال
هئي. هن وقت 2015ع ڌاري قلندر بخش گذاري ويو
آهي. مٿيون بيان سندس هٿ اکر لکيل مون پوٽو
ڪاپي ڪرائي رکيو آهي. سندس احوال ڪيترو مستند
آهي، ان لاءِ ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي.
سرائي قلندربخش کهاوڙ جي پهرينءَ تحقيق موجب
ڀنڀور تي راجا دلوراء حاڪم لکيو آهي، سو درست
نه ٿو چئي سگهجي. ڀنڀور تي حڪمران ڀنڀوراء هو،
جنهن جي نالي پٺيان ڀنڀور سڏجي ٿو. ان وقت
دلوراءِ الور تي حڪومت ڪندو هو. اهو دور
بنواميه خاندان جي خلافت وارو دور چيو وڃي ٿو.
ٻيو ٽن ڀائرن جو احوال لکيو اٿائين، پر انهن
جي نالن ٻُڌائڻ کان هُو قاصر نظر اچي ٿو ته
هنن ٽنهي ڀائرن جا نالا ڪهڙا هئا. ٻيءَ تحقيق
۾ همايون بادشاهه جي جرنيل جو نالو نه کڻي
مونجهاري ۾ وڌو اٿس. اگر ان کُهيل جرنيل جو
نالو کڻي ها ته ڪي قدر کهاوڙن متعلق مونجهارو
ختم ٿي وڃي ها، ۽ تحقيق جي تَرَ ۾ ڪنهن به
محقق کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو نه پوي ها.
قلندر بخش نه تاريخدان هو ۽ نه وري ڪو عالم
هو، هن سان منهنجي ڪچهري سال 2007ع جي نومبر
جي يارهين تاريخ تي ٿي، ان وقت غلام شبير
چانڊيو مون سان گڏ هو. هيءُ مٿيون احوال به
زباني طور ٻڌايائين، پر پنهنجي قلمبند ڪيل
احوال جا ٻه چار صفحا منهنجي حوالي ڪري وڏا وڙ
ڪيائين. ان سان گڏ ميان گاجيءَ جو شجرو پڻ
عنايت ڪيائين، جنهن جي آڌار تي مون پنهنجي هن
تحقيق کي بنياد بنايو آهي. تاريخون اهو به
ورجائين ٿيون ته سنڌ جي هرهڪ ڀاڱي کي پنهنجي
الڳ الڳ سڃاڻپ ۽ خاصيت حاصل رهي آهي. سنڌ جي
اولهه وارو حصو زياده تر جابلو آهي، جنهن جي
جبلن جون نهايت وڏيون چوٽيون سنڌ کي بلوچستان
کان ڌار ڪري بيهارين ٿيون. جيئن دنيا تبديلين
۽ ڦيرين گهيرين کان بچي نه سگهي آهي، تيئن وري
سنڌ ۾ پڻ هِڪ ڪَريون ۽ ساڳيون حالتون نه رهيون
آهن. تنهن هوندي به سنڌ ملڪ کي شاندار ۽
شاهوڪار ڪوٺيو ويو آهي. سنڌ ۾ ڪيترن نون شهرن،
پراڻن شهرن جي جاءِ ورتي، جن مان گاجي کهاوڙ
به هڪ آهي. ليڪن هن شهر جي باري ۾ ايترو مستند
احوال ڪونه ٿو ملي ۽ تاريخون خاموش نظر اچن
ٿيون. يعني هن شهر کي تاريخدانن وساري ڇڏيو
آهي. مٿس صدين کان وٺي ڪيترائي مٽيءَ جا تَههَ
چڙهيل نظر اچن ٿا. مون پنهنجي تحقيق ۽ تلاش
موجب هن شهر تان مٽيءَ جامَڻَ لاهڻ جي هڪڙي
ڪوشش ورتي آهي.
اهو بلڪل الم نشرح بيان آهي ته ميان گاجي
کهاوڙ، ميان نصير محمد جي دور ۾ ميان وال
تحريڪ جو اهم ڪارڪن هو. مگر ميان گاجي کهاوڙ
بابت هن چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته ميان صاحب
ميان وال تحريڪ ۾ پنهنجا جوهر نه ڏيکاريا هجن.
ميان وال تحريڪ جي باني ميان نصير محمد 35 سال
(يعني 1692ع کان 1657ع) حڪومت ڪئي. ڪلهوڙا
سرڪار طرفان پنهنجي مريدن کي خاص طور تي
”ميان“ جو لقب ڏنو ويندو هو. جهڙوڪ: ميان رتو
وغيره. ميان رتو، ڪلهوڙن جو خاص مريد هوندو
هو. هي ذات جو ماڇي هو. سندس مزار تعلقي وارهه
۾ موجود آهي. جنهن کي ”ميان رتو“ جي نالي سان
اڄ به ياد ڪيو وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت ڪلهوڙن،
کهاوڙن کي ’برخورداريءَ‘ ۽ ’ميان‘ جو لقب
عنايت ڪيو. کهاوڙ ڪَچي پڪي جا مالڪ بڻجي پيا
هئا. هن دور ۾ هيءُ سمورو علائقو نهايت شاداب
۽ خوشحال هو. ڪلهوڙن جي فوجي قيادت ۾ پڻ
واڌارو اچي چڪو هو. نوان نوان ڳوٺ پڻ اوسر ۽
ارتقا جا مرحلاطئي ڪندي نظر اچن ٿا. اهڙيء طرح
اُتر سنڌ سان گڏوگڏ سنڌ جو ڏاکڻيون حصو ڪڇ ڀُڄ
کان ويندي گجرات تائين ڪلهوڙن جي هٿ هيٺ اچي
چڪو هو، ۽ مغلن جي طاقت جو زور ختم ٿيڻ لڳو ۽
ڪلهوڙا خاندان زور وٺڻ لڳو. ائين ڪلهوڙن جو
غلبو پوريءَ سنڌ تي قائم ٿيو. ڪلهوڙن کي حڪومت
هلائڻ جو هر ڏانُ حاصل هو. هو هڪ ئي وقت
حڪمران به هئا ته فقير به هئا. دلير ۽ بهادر
به هئا ته جنگجو جهونجهار به هئا. هنن ۾ عالم
به هئا ته شاعر ۽ درويش به هئا. ميان صاحبن ۾
ماڻهن جو عقيدو ۽ پڪو ويساهه هو، هُو هنن تان
هر گهڙيءَ قربان پيا ويندا هئا. ميان نصير
محمد جا مشير ۽ صلاحڪار به سٺا ۽ سيبتا هوندا
هئا. سپهه سالار به اعليٰ صفتن سان مزين هئا.
هميشه ميان سان تعاون رکندڙ ۽ ميان جا تابعدار
پڻ هئا. ميان نصير محمد جي مشيرن ۽ صلاحڪارن
يا سپهه سالارن ۾ شاهه پنجو سلطان، ميان گاجي
شاهه، عبدالله شاهه گودڙيو، ميان گاجي کهاوڙ ۽
پير بخش لاکو وغيره جا نالا قابلِ شمار ڪيا
وڃن ٿا. پيربخش لاکي کي ميان نصير محمد فوجي
خدمتن عيوض شهدادڪوٽ جي ڀرسان گنداخه جي اتر
طرف ڪافي زمين جاگير طور ڏني هئي. اهڙيءَ ريت
ميان گاجي کهاوڙ کي پڻ وفاداري، نمڪ حلالي ۽
فوجي خدمتن وغيره جي صِلي ۾ ڪافي زمين انعام
طور ڏني، جتي پنهنجو ڳوٺ ٻَڌي ويهي رهيو. اهو
ڳوٺ سندس نالي پٺيان ’گاجي کهاوڙ‘ اڄ به
مشهورو معروف آهي. گاجي کهاوڙ ڳوٺ جي باري ۾
محقق دين محمد ڪلهوڙو پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو
ته:
’هيءُ شهر تعلقي وارهه سان نسبت رکي ٿو ۽
وارهه جي ڏکڻ ۾ ڇهن 6 ميلن جي پنڌ تي واقع
آهي. گاجي کهاوڙ تعلقي وارهه جو تاريخي شهر
آهي. هن شهر جي تاريخ، وارهه شهر جي تاريخ کان
به وڌيڪ نمايان رهي آهي. هيءُ شهر، ڪلهوڙن جي
دور ۾ ميان نصيرمحمد ڪلهوڙي جي فقير ميان گاجي
خان کهاوڙ ٻَڌو هو. ميان گاجي خان کهاوڙ،
شهداد ڪوٽ جي باني شهداد خان کهاوڙ ۽ قنبر
تعلقي جي غازي خان کهاوڙ جو ڀاءُ هو. هنن سڀني
جو وڏو چاڪرخان کهاوڙ هو، جو ميان شاهل محمد
جو معتمد جرنيل هو. سندس مقبرو، ميان شاهل
محمد ڪلهوڙي جي مقبري جي قريب واقع آهي. گاجي
کهاوڙ بابت محقق پروفيسر عبدالله مگسي پنهنجي
تصنيف ”سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو“ ۾ لکي ٿو
ته ’هيءُ پنهنجي قبيلي جو سردار ۽ ميان نصير
محمد ڪلهوڙي جو معتقد هو، موجوده ضلعي لاڙڪاڻي
۾ کيس زمين جاگير طور مليل هئي. جتي هن پنهنجي
پٺيان ”گاجي کهاوڙ“ ڳوٺ ٻَڌو، جيڪو اڄ به
تعلقي وارهه ۾ موجود آهي.‘
مٿي بيان ڪيل ڳالهيون اڄ به ماڻهن جي زبان ۽
دلين تي رقصان آهن. جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طريقي
سان مروج آهن. هن کان وڌيڪ ٻيو ڪو احوال
دستياب نه ٿيو آهي. ليڪن وڌيڪ مواد ملڻ جي ڪا
به ڳلي نظر نه ٿي اچي. هن ڏِس ۾ وري به محقق
دين محمد ڪلهوڙي جي مضمون مان مدد ملي ٿي. هُو
لکي ٿو ته:
’ڳوٺ غازي خان کهاوڙ‘ ميان نصير محمد ڪلهوڙي
(1692-1657ع) جي دور ۾ سنه 1660ع ڌاري غازي
خان کهاوڙآباد ڪيو. غازي خان ميان نصير محمد
ڪلهوڙي جو مريد هو. کيس هن طرفان موجوده قنبر
۾ زمين جاگير طور مليل هئي. هُو ڪيترن ئي
معرڪن ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي سان گڏ رهيو.
سنه 1686ع ڌاري غازي خان جي وفات ٿي، کيس ميان
شاهل محمد ڪلهوڙي جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.
غازي خان کي گاجي کهاوڙ ۽ شهداد خان نالي ٻه
ڀائر به هئا. ڪن جو خيال آهي ته شهداد خان
سندس ويجهو عزيز هو. هي ٻئي ميان نصير محمد جي
لشڪر جا بهادر جرنيل هئا. ميان شاهل محمد
ڪلهوڙي جي دور ۾ هن قبيلي جو هڪ وڏو چاڪر خان
کهاوڙ هو، جيڪو سنه 1630ع ڌاري چانڊڪا پرڳڻي
جي اترئين ڀاڱي جو ناظم مقرر هو. وڏو بهادر ۽
جنگجو ماڻهو هو، ڪيترين ئي جنگين ۾ ميان شاهل
محمد سان گڏ وڙهيو ۽ سوڀارو ٿيو. چاڪر خان
کهاوڙ موجوده قنبر، شهدادڪوٽ ۽ وارهه جي
کهاوڙن جو وڏو ٻڌايو وڃي ٿو. هن بزرگ جي مزار
جُهريل ۽ رحم جوڳي حالت ۾ آهي.“
ميان دين محمد ڪلهوڙي جي مٿئين بيان مان هيءَ
ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته جڏهن ميان نصيرمحمد جو
ميان گاجي کهاوڙ جرنيل ۽ سپهه سالار هو ته ان
جو ذڪر ڇو مبهم رکيو ويو آهي. جيئن ته شاهه
بهارو مشهور معروف جرنيل ۽ سپهه سالار جو نالو
اڄ به ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي، تيئن وري
ميان گاجي کهاوڙ تاريخ جي سرد خاني ۾ ڇو دٻيل
رهيو آهي، جنهن جي باري ۾ ڪوبه ذڪر جوڳو بيان
نظر نه ٿو اچي. تحفة الڪرام کان وٺي ڪنهن به
ڪتاب ۾ واضح ڪونه آهي ته ڪو ميان گاجي کهاوڙ
هيڏي وڏي درجي جو ماڻهو هو. باقي ٻُڌ سُڌ تي
جيڪي خبرون لکيون ويون آهن، تن جو به ڪو
مُستند حوالو پيش نه ڪيو ويو آهي. اهو بلڪل
درست آهي ته ميان گاجي کهاوڙ، ميان نصيرمحمد
جو معتقد مريد هو ۽ ميان وال تحريڪ جي فقيرن
جي سٿ ۾ شامل هو، کيس جاگير به ڏني وئي. مگر
جاگير انهن کي ڏني ويندي هئي، جيڪي پنهنجا
ڪارناما ۽ جوهر ڏيکاريندا هئا ۽ عسڪري قيادت
جي اڳواڻي ڪندا هئا. اِن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته
ڪو ميان گاجيءَ جوهر نه ڏيکاريا هجن! هيءُ به
الم نشرح آهي ته جيڪي به ڪلهوڙا حڪمران ٿي
گذريا آهن، سي هر معرڪي ۾ اول پاڻ پيش پيش
هوندا هئا ۽ پويان سندن سپاهه هوندو هو.
اهڙيءَ ريت پنهنجي جرنيلن کي به جيڏانهن
موڪلڻو هوندو هونِ ته انهن کي حڪم ڪندا هئا.
نه ته سڀ کان پهريان پاڻ ئي ميدان ۾ نعرو بلند
ڪندا هئا. اهڙيءَ ريت ميان گاجيءَ کي به فوجي
قيادت جي عيوض جاگير ڏني وئي هوندي.
ميان گاجي کهاوڙ ڪڏهن وفات ڪئي ۽ سندس ولادت
ڪڏهن ٿي. ان تي تاريخون پڻ خاموش آهن. ميان
گاجيءَ جي پيءُ جو نالو سلطان خان هو. ميان
گاجي کهاوڙ پنهنجي والدين جو اڪيلو پُٽ هو.
جيئن محقق دين محمد ڪلهوڙي لکيو آهي ته ميان
گاجي کهاوڙ کي ٽي ڀائر هئا. ان جي سَند هن ڪا
به پيش نه ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح سندس پوين وٽ
به گاجي کهاوڙ جي باري ۾ ڪا به معلومات ڪا نه
آهي. باقي قلندربخش کهاوڙ جو ترتيب ڏنل ميان
گاجيءَ جي متعلق شجرو آهي، جنهن مان معلوم ٿو
ٿئي ته ميان گاجيءَ کي ڪوبه ڀاءُ ڪونه هو.
جيڪو هن جي شجري مان ظاهر آهي. اگر ميان
گاجيءَ کي ٻه ٻيا ڀائر هجن ها ته ميان قلندر
بخش ضرور اهڙي روايت ڪري ها يا وري ميان
گاجيءَ جي ٻين ڀائرن جو شجرو قلمبند ڪري ها.
ميان قلندر بخش پنهنجي وڏڙن جي سُڌ ٻُڌ ۽
روايتن کي مدنظر رکي ميان گاجيءَ کان يارنهن
شجرا وٺي ترتيب ڏنا آهن. انهن مان ميان گاجيءَ
جو شجرو هن ريت آهي.
شجرو:
ميان قلندربخش، ميان گاجيءَ کان وٺي پنهنجي
خاندان جا اٽڪل يارنهن شجرا ترتيب ڏنا آهن. جن
مان ميان گاجي گهاوڙ جو شجرو ڏنو آهي ۽ بعد ۾
گل محمد کهاوڙ جو شجرو ڏنو ويندو، ته جيئن
ايندڙ محققن کي ڪنهن به قسم جي ڪا ڏکيائي ۽
اوکائي درپيش نه اچي.
ميان گاجيء جي هڪ مهر آهي جيڪا منڊيءَ وانگر
آهي، جنهن تي 1128هه لکيل آهي. هن ميان گاجيءَ
جي وفات جو سال 1215هه لکيو آهي. ليڪن ميان
صاحب جي ولادت جو سَن خبر ناهي ته ڪهڙو آهي،
ان لاءِ پَتو نه ٿو پوي ته ميان گاجيءَ جي
ولادت ڪهڙي سن ۾ ٿي ۽ سندس عمر ڪيتري هئي؟
ميان گاجيءَ کي ٽي پُٽ: ميان مبارڪ، ميان
سائينداد ۽ ميان رانجهو هئا. ميان گاجيءَ جيڪو
ڳوٺ (گاجي کهاوڙ) ٻَڌو، سو وارهه شهر کان ڏکڻ
طرف ٻارنهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي ۽
جوڻاڻي شريف کان اٺن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڏکڻ -
اوڀر ڪنڊ تي واقع آهي. هن شهر کان نصيرآباد
اوڀر طرف ٻارنهن ڪلوميٽرن جو فاصلو رکي ٿو.
جڏهن ته ميهڙ هن شهر کان ڏکڻ پاسي اٽڪل ويهن
ڪلوميٽرن تي آهي. ميان گاجيءَ کي جيڪا ڪلهوڙن
طرفان جاگير عطا ٿي، سا موجوده سنڌو درياء کان
وٺي اولهه ۾ جبل تائين هُئي، جنهن جي شاهدي اڄ
به مقامي ماڻهو ڏين ٿا. هيءُ شهر اڄ به پنهنجي
پراڻي ساک بحال رکيون ٿو اچي.
هن شهر جي باني ميان گاجي کهاوڙ جي نالي سان
قديمي قبرستان آهي، جيڪو گاجي کهاوڙ ڳوٺ کان
اتر طرف ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي جوڻاڻي شريف
جي روڊ جي اوڀر طرف آهي. هيءُ مقام پير شيخ
سمهابو جي مقبري جي ڏکڻ ۾ آهي. هتي پنج قبا
ٺهيل آهن، جن کي ميان گاجيءَ جا قبا يا بشارت
جا قبا سڏيو وڃي ٿو. انهن کي بشارت جا قبا ڇو
ٿو چيو وڃي، تنهن بابت مختصر روشني وجهندا
هلون ته بهتر ٿيندو.
ميان بشارت کهاوڙ، ميان گاجيءَ جو نانو هو
جيڪو نهايت مسڪين ۽ مالوند ماڻهو هو. ميان
گاجيءَ کيس ڪافي زمين ڏني، جتي پنهنجو ڳوٺ
ٻَڌي ويٺو، جيڪو بشارت کهاوڙ جي نالي سان
مشهور آهي. هن ئي نالي سان وارهه تعلقي ۾
’ديهه بشارت‘ آهي جتي ميان گاجي کهاوڙ جا قبا
آهن. هن مقام جي ايراضي اٽڪل رُوءِ ٽيهن جريبن
جي لڳ ڀڳ ٿيندي. ميان گاجيءَ جو قبو پنجن ئي
قبن ۾ وڏو آهي، جنهن کي ميان گاجيءَ جي پٽ
ميان مبارڪ ٺهرايو. جڏهن ميان مبارڪ رحلت ڪئي
تڏهن مٿس سندس ڀاءُ ميان سائينداد قبو جوڙايو.
ٽيون قبو سائينداد جو آهي. باقي ٻه قبا هڪ
منگو کوکر ۽ ٻيو سَدُو کوکر جا آهن. هنن قبن
بابت پڻ تاريخون خاموش آهن. باقي ڪلهوڙا
حڪمرانن جي قبن ۽ گاجيءَ جي قبن جي پڻ ساڳي
ساخت آهي. قبن اندر چٽسالي ۽ گلڪاريءَ جو عمدو
۽ سهڻو ڪم ٿيل آهي. ڪنهن به قبي تي ڪوڪَتبو
وغيره لکيل نه آهي.
گاجي کهاوڙ شهر جي لڳو لڳ اولهه ۾ هڪ مسجد آهي
جيڪا ڪلهوڙن جي دور جون سِڪون لاهي ٿي. هن
مسجد کي ٽي قبا آهن، جنهن ڪري ٽِه قبائين مسجد
جي نالي سان سڏجي ٿي. داخلي دروازي جي مٿان پڻ
قبو ٺهيل اٿس. مسجد اندر چٽساليءَ جو ڪم به
نهايت خوبصورت ٿيل آهي. مسجد کي ٻه دريون، هڪ
اتر ڏانهن ۽ ٻي ڏکڻ ڏانهن لڳل آهن ۽ ٻن ٻن
طاقن وارا ٽي دروازا اٿس. مسجد اندران ايڏي ته
ٿڌي آهي جو بجليءَ جي پکن جي ضرورت محسوس نه
ٿي ٿئي. هن کي اڇي مسجد پڻ سڏيو وڃي ٿو ڇو ته
مسجد جي گچ ۾ چُن ۽ ڏاچين جو کير استعمال ڪيو
ويو آهي. چون ٿا ته هيءَ مسجد سرائي گل محمد
کهاوڙ ٺهرائي هئي. ڪلهوڙا دور جي ڪاريگريءَ جو
هيءُ بهترين نمونو آهي. سنڌ ۾ جتي جتي به
ڪلهوڙن پنهنجا يادگار ۽ سندن معتقدن ۽ مريدن
پڻ يادگار جوڙايا سي نهايت تعمير جي فن جو
سهڻو مثال آهن.
هِتي هڪ وڏو پڪو ٺُل ٺهيل هو، جيڪو شهر جي
اترئين ڪُنڊ تي واقع هو. هيءُ ٺل اٽڪل ڏهه فوٽ
اوچو هو، جيڪو اسان پاڻ اکين سان وڃي ڏٺو هو.
هن وقت سمورو ٺُل ڊهي چڪو آهي. باقي سندس آثار
نمايان آهن. هن بابت مقامي ماڻهن جو خيال آهي
ته هيءُ ٻُڌ دور جو اسٽوپا آهي. وري ڪِن جو
رايو آهي ته هيءُ ٺل چنڊ ڏسڻ جي لاءِ جوڙايو
ويو هو. ليڪن هي سارسنڀال نه ٿيڻ ڪري ۽ مرمت
نه ٿيڻ سبب پنهنجو وجود وڃائي ويٺو. وڌيڪ هن
لاءِ ڪوبه ثبوت نه ٿو ملي ته هيءُ ٺُل ڇو ٺهيو
۽ ڪنهن ٺاهيو، ڪهڙي دور ۾ ٺهيو؟ والله اعلم!
ميان گاجي کهاوڙ کان پوءِ ڪلهوڙن جي آخري دور
۾ کهاوڙن جي ڪجهه فردن جا نالا ملن ٿا. اصل
کان وٺي کهاوڙ، ڪلهوڙا حڪمرانن طرفان جرنيل، ۽
سپهه سالار ٿيندا آيا آهن. ڇو ته کهاوڙ،
ڪلهوڙن جا هميشه معتقد ۽ مريد، پر وفاداريءَ ۾
به پنهنجو مٽ پاڻ رهيا آهن. هنن سدائين پنهنجي
آقائن سان پَئي نڀايو آهي. مرڻ گهڙيءَ تائين
ڪلهوڙن تان ساهه صدقي پَئي ڪيو آهي. ميان غلام
شاهه ڪلهوڙي جي عهد حڪومت ۾ محمد حسن کهاوڙ جو
نالو ملي ٿو. جيڪو ميان غلام شاهه هي جرنيلن
مان هڪ هو. انهن مشهور فوجي جرنيلن جا نالا
’تاريخ ڪلهوڙا‘ (جلد ٻئي) جي صفحي 838 تي هن
ريت ڏنا ويا آهن:
”بلاول، سلطان، خيرو، ڪمال ۽ ان جو پٽ ڀاڳت ۽
ٻه ڀائر، فتوحل، راڄو ليکي، بلاول ليکي، غلام
محمد کهاوڙ، تاجو ليکي، مراد ڪليري، جنهن کي
ڪن هنڌن تي مراد گنجو به لکيو ويو آهي. الله
بخش ليکي، الله بخش جنجهڻ، پيروز ڪليري، محمد
حسن کهاوڙ، محراب جتوئي، ڌڱاڻو جتوئي، پيروز
خان ٽالپور، مرزو فقير، باگوخان، ٻالڪرام،
ميرڪ محمد حسن، احسن شيخ الاسلام هو.“
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات کان پوءِ سندس
پٽ محمد سرفراز خان تخت نشين ٿيو. هيءُ ڪجهه
ڪَنن جو ڪچو هو، جنهنڪري سندس حڪومت ۾ ڏار پوڻ
شروع ٿيا. ليڪن ميان محمد سرفراز جي مسند
نشينيءَ وقت، مير بهرام، الله بخش جنجهڻ، راڄو
ليکي، ڄام فيروز، محمد حسن کهاوڙ، فريد
سامٽيو، سڌاري اوتيوان، روحل جويو ۽ روحل کوسو
لائق امير ۽ قابل ذڪر آهن. هنن اميرن ڪلهوڙن
سان عمر جي آخرين گهڙين تائين نڀايو، جن جو
بيان مختلف تاريخن ۾ ملي ٿو.
محمد حسن کهاوڙ، ميان غلام شاهه جي خاص ۽
معتبر اميرن مان هڪ هو. ميان محمد سرفراز جو
نهايت ويجهو ۽ نامور درٻاري ثابت ٿيو. ميان
غلام نبيءَ جي طرفان لانياريءَ جي جنگ ۾ خوب
جوهر ڏيکاريائين. بعد ۾ ميان عبدالنبيءَ کيس
لشڪر جو سپهه سالار مقرر ڪيو. ’جواهر عباسيه‘
جي حوالي سان غلام رسول مهر لکيو آهي ته:
”ميان عبدالنبيءَ پنهنجيءَ ماءُ جي مشوري
مطابق محمد حسن کهاوڙ کي حرمسراء جي دروازي تي
گهرايو ۽ وفاداريءَ جو وعدو وٺي، کيس ’امير
الامراء‘ جو خطاب، قيمتي خلعت ۽ ڪلنگي عطا
ڪئي“. (ص 775) ڪلهوڙن ۽ ميرن جي وچ ۾ هالاڻيءَ
جي جنگ سنه 1783ع موجب 1198هه ۾ لڳي، جنهن ۾
محمد حسن کهاوڙ ڏاڍي مردانگيءَ سان وڙهندي
خيري خان مريءَ جي هٿان مارجي ويو. کانئس پوءِ
سندس ڀاءُ محمد باقر کهاوڙ لشڪر جي اڳواڻي
ڪندي مارجي ويو. (ص 776). عظيم الدين ٺٽوي
پنهنجي ڪتاب ’فتح نامه‘ ۾ محمد حسن کهاوڙ جي
باري ۾ هن ريت بيان ڪري ٿو:
به جمعِ کهاور محمد حسن
برآمد زبنگاه نقاره زن. (ص 46)
در آن وقت اکثر سران سپاه،
که پهلو نمودند در رزم گاه،
الا بخش جهنجهن، محمد حسن،
چو محراب جتوئي چند تن.
رسيدند هريک بمجراي مير،
شدنداز سرِنو شناساي مير. (ص 48)
همان وقت سردار نواب جنگ،
روان کرد بشکستش آن عذرلنگ،
زعبدالنبي هم محمد حسن،
ببرده بصد عهدو پيمان سخن. (ص 91)
ميان عبدالنبي جا جيڪي به فوجي قيادت جا اڳواڻ
۽ سالار هئا، تن سڀني کي ميان عبدالنبيءَ جي
بيان ۾ ذڪر هيٺ آندو اٿس. جهڙوڪ: محمد حسن
کهاوڙ، ليکي، کوسه، راڄو، بلاول، الله بخش
جنجهڻ، ڌڱاڻو جتوئي، پيروز ڪليري وغيره. تن
مان هت محمد حسن جو بيان هيٺ ڏجي ٿو:
محمد حسن راسر افراز کرد،
بسالاري جيش ممتاز کرد،
برآمد بافواج بيش از بيان،
چه ليکهي چه کهوسه چه نهمرديان،
بفوج کهاور هم از غيرآن،
مقدم نمودش زسر لشکران. (ص 107)
مقامات پي هم چو برداشتند،
به هالاني آخر مقابل شدند. (ص 107)
بروئي زمين شد چو تيغش عَلم،
زتيغش به دزديد گردون شکم،
زفوج عدو هم محميد حسن،
مقابل بيامد به آن صف شکن،
محمد حسن جنگ مردانه کرد،
بميدان نبرد دليرانه کرد.
ولي ضرب شمشير ميرجهان،
کشيدش برون از زره استخوان،
شد آخربه شمشير آن فتحياب،
سرش غرق درياي خون چون حباب،
بيامد برادرش باقر نبام،
براه فنا شدبوي همزمام (ص 109)
هن مان ظاهر آهي ته محمد حسن کهاوڙ هالاڻيءَ
جي جنگ ۾ نهايت مردانگي ۽ بهادريءَ سان وڙهيو
۽ وڙهندي پنهنجي ڪلهوڙا خاندان جي حاڪم ميان
عبدالنبيءَ مٿان قربان ٿي ويو. اهڙيءَ طرح
سندس ڀاءُ باقر پڻ هن ئي فيصله ڪُن لڙائيءَ ۾
جان نثاريءَ سان وڙهندي شهادت جو جام پيتائين.
سيد ثابت علي شاهه ڪنهن به تعارف جو محتاج نه
آهي. پاڻ گهڻي کان گهڻا مرثيه لکيا. جنهنڪري
کيس مرثيه گوشاعر طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هن
هڪ ’ظفرنامه‘ جي نالي سان مثنوي لکي، جنهن ۾
عزت يار خان بن احمد يار خان بن نور محمد خان
(ڪلهوڙو) ۽ عبدالنبي خان جي وچ ۾ لکي ۽
شڪارپور جي وچ تي جنگ لڳي، ان جنگ جو نقشو هن
پنهنجي مثنويءَ ۾ چٽيو آهي. هن جنگ ۾ ميان
عبدالنبي سوڀارو ٿيو. ميان عبدالنبيءَ سان
جيڪي جرنيل ۽ سپهه سالار گڏ هئا، تن جو بيان
پڻ ڪيو اٿائين. انهن ۾ محمد حسن کهاوڙ جو
احوال به موجود آهي، جيڪو هن ريت آهي:
دگر شير دل ميرزا تالپور،
زبحرِ شجاعت چو يکدانه در،
محمد حسن معدنِ فيض و داد،
مبارک خصالي کهاوڙ نزاد. (ص 154)
محمد حسن ۽ سندس ڀاءُ محمد باقر کهاوڙ جي باري
۾ هو وڌيڪ هن ريت لکي ٿو:
کهاوڙ نزادان پرخاش جُويء،
همه نيک مرد وهمه نيک خوي،
به نيکي وناموس هر نيک مرد،
قرين گشت باغازيان نبرد،
محمد حسن همچو شيرِ زيان،
بناورد گه تاخت حمله کنان،
چنان زد به قلبِ عدو بيد رنگ،
که شد عرصئهِ رزم برخصم تنگ،
محمد لقب باقر نيک نام.
اميرِ فلک رتبه ذوالاحترام،
به ميدان شجاعت عديم المثل،
به علم و ادب فاضل بي بدل،
چو جو لان کنان سوئي ميدان دويد،
به قتلِ عدوچون اجل مي رسيد،
علم کَرد شمشير دشمن فگار،
قلم کرده سرهائي بس نامدار. (ص 165)
هي احوال آهي محمد حسن ۽ سندس ڀاءُ محمد باقر
جو جيڪي جنگ جي ميدان ۾ نهايت دليري ۽
مردانگيءَ سان دشمنن سان وڙهيا. هيءَ مٿين جنگ
محرم الحرام 1193هه/ 1779ع ۾ لڳي ۽ ٻي ويهين
صفر 1193هه تي نوشهري ۾ درياءَ جي ڪپ تي لڳي،
جنهن ۾ ميان عبدالنبيءَ کي سوڀ حاصل ٿي. هنن
جنگين جو احوال ”ظفرنامه“ مثنويءَ مان ملي ٿو.
هيءَ مثنوي سيد ثابت علي شاهه 1193هه ۾ لکي
پوري ڪئي. هن مثنويءَ جي پوري ٿيڻ جي تاريخ جو
سَنُ هن ريت ڪڍيو اٿس:
ظفر ياب شد چون شه کام جو،
’ظفرياب‘
شد سال تاريخ او. (ص 166)
1193هه
هيءَ مثنوي مرزا عباس علي بيگ پنهنجي تاليف
”خدايار خاني ميان سرفراز عباسيء“ ۾ ڏني آهي،
جنهن تان گهربل مواد هتي پيش ڪيو ويو آهي.
محمد حسن کهاوڙ جي باري ۾ وڌيڪ احوال ڪونه ٿو
ملي. سندس والد جو نالو به معلوم ٿي نه سگهيو
آهي. باقي اها معلومات حاصل ٿي آهي ته ڳوٺ
گاجي کهاوڙ ۾ جيڪي به کهاوڙ آهن، سي سندس
خاندان مان آهن، جن جو شجرو وڃي ميان گاجيءَ
تائين پهچي ٿو. کهاوڙن کي سِرائي به سڏيو
ويندو آهي. سِرائي ڪٿان آيا ۽ سرائي ڇو سڏيا
ويا، تنهن لاءِ شيخ صادق علي شيرعلي انصاري
پنهنجي ڪتاب ۾ هن ريت راءِ ڏئي ٿو:
”سِرو
(Siro)
جي رهاڪوءَ کي سِرائي چيو ويندو آهي. سِرو،
سنڌ جي اتر اوڀر ڇيڙي ۾ پنجاب جي سرحد سان ملي
ٿو. سِرائن جو وڏو تعداد پنجاب مان آيو ۽ سنڌ
۾ خاص طور تي ضلعي شڪارپور جي لاڙڪاڻو جي
ڊويزن ۾ رهائش اختيار ڪيائون. اها خبر نه پئجي
سگهي آهي ته هيءُ اصل ڪٿان جا رهاڪو آهن ۽
ڪڏهن اسلام قبول ڪيائون. هيءُ ماڻهو اڃا تائين
پنجابي زبان ڳالهائين ٿا، جا بهاولپور جي
علائقي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.“ هنن جون 63 شاخون
ٻڌائي ٿو، ۽ انهن سڀني کي سرائي ٻولي
ڳالهائيندڙن ۾ شمار ڪري ٿو، جن مان کهاوڙ به
هڪ آهن. کهاوڙ سرائڪي ٻولي ڳالهائين ٿا، پر ڪي
اهڙيون ذاتيون ٻڌائي ٿو، جن جو سرائڪي ٻوليءَ
سان پري جو به واسطو نه آهي. جهڙوڪ: چَن،
ديدڙ، ٻُوڪ، بُوهڙ، ڌُوڻ، مَسڻ، ٽڳڙ ۽ وگهامل
وغيره.
ڪتاب ’شاداب شهدادڪوٽ‘ ۾ کهاوڙن کي ڪوهه آور
يعني جبل کان آيل ڪري ڄاڻايو ويو آهي. جيئن
شروعات ۾ قلندر بخش کهاوڙ پڻ ’ڪوه آور‘
ٻڌايو آهي. پر محقق ميان دين محمد ڪلهوڙو،
کهاوڙ لفظ جي باري ۾ هيئن ٻڌائي ٿو ته:
”منهنجي تحقيق مطابق ’کهاوڙ‘ جو بنياد ’کوهه‘
آهي. ’کهاوڙ‘ اصل ڪلهوڙا خاندان جي مشهور شاخ
’کوهارو‘ جي هم زاد ذات آهي. ’کهاوڙ‘ معنيٰ
’کوهه تان آيل‘ ۽
’کوهارو‘ معنيٰ ’کوهه وارو‘. جيڪي ماڻهو کوهه
تي رهيا، اهي ’کوهارا‘ سڏيا ۽ جيڪي ’کوهه‘ کي
الوداع ڪري آيا، اهي ’کهاوڙ‘ سڏيا. کهاوڙ سِري
۾ ڪلهوڙن سان گڏ رهڻ ڪري ’سِرائي‘ سڏيا. هم
ذات ۾ اها خوبي فطري آهي جو ڏکئي وقت ۾ ماڻهو
پنهنجن تي ساهه ڇڏيندا آهن. کهاوڙ به آخر
تائين ڪلهوڙن جا مريد ۽ طرفدار بڻيا رهيا ۽
هالاڻيءَ جي جنگ ۾ (1783ع) ۾ ڪلهوڙن جي پاران
ٽالپر لشڪر سان نهايت دليري ۽ بهادريءَ سان
وڙهيا.“ (قنبر شهداد ڪوٽ ضلعو تاريخ جي وهڪري
۾، ص 81).
سڀ تاريخون اِن ڳالهه تي متفق آهن ته کهاوڙ،
ڪلهوڙن جا خاص مريد ۽ معتقد، جرنيل ۽ سپهه
سالار ۽ طرفدار آخر تائين رهيا. مَرندي مَري
ويا، پر پنهنجي وعدي تان نه هَٽيا. اهڙيءَ ريت
ڪلهوڙن تان ساهه صدقي ڪيائون. ميان دين محمد
ڪلهوڙي ’کهاوڙ‘ جي جيڪا معنيٰ ڏني آهي، ڪي قدر
ان سان متفق ٿي سگهجي ٿو. ڪنهن به محقق ۽ مؤرخ
اهڙي مستند راءِ ڪا نه ڏني آهي ته کهاوڙ
’ڪوهه آور‘ مان ڦِري کهاوڙ ٿيا آهن.
ٽالپرن جي عهد حڪومت ۾ کهاوڙن تي ظلم جا وڏا
پهاڙ ڪيرايا ويا، انهن کي طرحين طرحين جون
تڪليفون ۽ صعوبتون برداشت ڪرڻيون پيون. تنهن
هوندي به هُو پنهنجي پَير تي ثابت ۽ اَٽل
رهيا. محمد حسن کانپوءِ اسان کي ڳوٺ گاجي
کهاوڙجي ميان گل محمد کهاوڙ جو نالو ملي ٿو.
ڪلهوڙن جي حاڪميت ۾ باڊهه کي سرڪاري منزل گاهه
جي حيثيت حاصل هئي. مقامي ماڻهن کان مليل ڄاڻ
موجب ميان گاجيءَ جو مرڪز پڻ باڊهه جو شهر هو.
اُن وقت باڊهه شهر ماڻهن جي نقل وحرڪت ۽ اچ وڃ
جو خاص ذريعو هو. جيئن مٿي ذڪر ٿي آيو ته
ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ محمد حسن کهاوڙ ۽ سندس
ڀاءُ محمد باقر کهاوڙ جرنيل ۽ عسڪري قيادت جا
اڳواڻ هئا. جيڪي هالاڻيءَ جي جنگ ۾ مارجي ويا
هئا. کهاوڙن ۾ گل محمد کهاوڙ به نالي وارو ٿي
گذريو آهي. اهو معلوم نه ٿي سگهيو ته هيءُ
ميرن جي دور ۾ يا انگريزن جي اوائلي دور ۾ هو.
جيئن ڪلهوڙن جي دور ۾ جيڪي به واهه کوٽايا
ويا، تن تي ان وقت جي حاڪمن ۽ حاڪمن جي خاص
ماڻهن جا نالا ڏنا ويا آهن. مثال طور:
نورواهه، ڏاتوءَ جي ڪُور، ڪُور هاشم، مراد
واهه وغيره تيئن وري گل محمد واهه ۽ راڄ واهه
وغيره مشهور آهن. گل محمد واهه جي لاءِ عام
راءِ آهي ته اِهو واهه ميان گل محمد کهاوڙ
کڻايو هو. اهو واهه ناري کان کوٽائي علائقي جي
غيرآباد زمين کي آباديءَ هيٺ آندو ويو. هيءُ
واهه هن وقت ميهڙ تعلقي جي زمينن کي سيراب ڪري
ٿو، ۽ ميهڙ شهر جي اتر طرف ڪجهه فاصلي تي اوڀر
کان اولهه طرف وهي ٿو. تن ڏينهن ۾ به کهاوڙن
جي خاندان ۽ نسلي ڄاڻ مطابق ’باڊهه‘ ڳوٺ جي
حيثيت ۾ هوندي به ماڻهن جي محبتن جو مرڪز هو،
پر صاحبلوڪي هندن جي قائم هئي. هندو ميرن جي
صاحبيءَ ۾ فارسيءَ جا وڏا ماهر ۽ ڄاڻو هئا.
انگريزن جي دور ۾ پڻ کهاوڙن جي چڱ مڙسي قائم
رهي. انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي تڏهن ميرن جي
مخالفن کي پاڻ سان متفق ڪري کين جاگيرون
ڏنائون ۽ ميرن جي خلاف کين ڀڙڪائيندا رهيا. هن
دور ۾ کهاوڙن جو راڄ ڀاڳ باڊهه ۽ ڪَچي جي
ايراضيءَ تائين پکڙيل هو. اهڙيءَ طرح کهاوڙن
جو اوج عروج رهيو. ميان گاجيءَ کان وٺي گل
محمد تائين ۽ گل محمد کان وٺي سرائي ڪريم بخش
خان کهاوڙ (خانبهادر) تائين وڏي هاڪ ۽ ڌاڪ
هئي. سرائي لاڻوخان ۽ فيض محمد خان کهاوڙ
(گاجي کهاوڙ) کي مرزا قليچ بيگ پنهنجي معتبر ۽
مشهور دوستن ۾ شمار ڪري ٿو.
سرائي ڪريم بخش خان کهاوڙ جي والد جو نالو
سبزعلي خان ۽ ڏاڏي جو نالو لاڻو خان (لهڻو
خان) پڙڏاڏي جو نالو سرائي گل محمد خان کهاوڙ
هو. ڪريم بخش خان سال 1881ع ۾ ڄائو ۽ رانجهن
خان کهاوڙ جي هٿان سال 1943ع ۾ شهادت جو درجو
ماڻيائين. خانبهادر ڪريم بخش خان صرف پرائمري
تعليم حاصل ڪئي هئي. هن پنهنجي وقت ۾ چڱو نالو
ڪمايو. هن پنهنجي دور ۾ گاجي کهاوڙ ۾ سال
1939ع ۾ گرلس پرائمري اسڪول قائم ڪرايو. هن
کان گهڻو اڳ يعني ٽالپرن جي عهد حڪومت ۾ نَوَ
(09) مدرسا، مدرسو سرهيه پڌر لاڙڪاڻو، 1720ع،
خيرمحمد آريجا ڏوڪري 1722ع، ملا ابڙا ڏوڪري
1756ع، مدرسو گاجي کهاوڙ وارهه 1790ع، ميرو
ديرو لاڙڪاڻو 1802ع، ٻير شريف قنبر 1806ع،
سونو جتوئي لاڙڪاڻو 1822ع، ميرو خان 1827ع ۽
ديدڙ، قنبر 1842ع هئا.
لاڙڪاڻو ضلعو سنه 1901ع ۾ ٺهيو. ان وقت ضلعي
جو پهريون ڊپٽي ڪليڪٽر مسٽر ٽوپر
'Toper'
هو. ميونسپالٽيءَ جو ضلعي جي حيثيت سان پهريون
صدر مقرر ٿيو. لاڙڪاڻي ضلعي لوڪلبورڊ جو
پهريون چونڊيل صدر سر شاهنواز ڀٽو سال 1921ع
کان 1933ع تائين لاڳيتو رهيو، جنهن پنهنجي دور
۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ سٺا ڪم سرانجام ڏنا.
اهڙي ئي لحاظ کان خانبهادر ڪريم بخش خان کهاوڙ
لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو چيئرمين، صدر ۽
نائب صدر پڻ ٿيو. جڏهن سال 1938ع جي آڪٽوبر جي
18 تاريخ تي قائداعظم محمد علي جناح لاڙڪاڻي ۾
آيو ته ان وقت نبي بخش خان ڀٽو (ايم.ايل.اي)
صدر ۽ ڪريم بخش خان کهاوڙ نائب صدر هو. سرائي
ڪريم بخش خان کهاوڙ ضلعي لوڪلبورڊ طرفان وارهه
۾ سال 1931ع ۾ هڪ بلڊنگ ٺهرائي، جنهن تي ان
وقت جا ست هزار رپيا خرچ ٿيا. هيءَ بلڊنگ ڪريم
بخش خان کهاوڙ جي نالي سان سڏبي هئي. هن کي
ڪريم بخش خان کهاوڙ هال به چيو ويندو هو. هيءَ
بلڊنگ انگريزي اکر
( T )
جي شڪل ۾ آهي. هن جا ٽي ڪمرا آهن. وچيون ڪمرو
وڏو ۽ ويڪرو آهي. باقي پاسن وارا ٻئي ڪمرا هڪ
ئي ماپ جا لڳن ٿا. هن جي ورانڊي جي اندرين ڀت
تي ”ڪريم بخش خان کهاوڙ هال“ جو بورڊ پڻ نصب
ٿيل آهي، جيڪو سنگمرمر جو ٺهيل آهي. هن جي
وچين هال جي پويان هڪ ننڍڙو ڪمرو پڻ ٺهيل آهي.
هيءَ عمارت اڄ به ان پراڻيءَ حالت ۾ سالم صورت
۾ بيٺل آهي. جنهن ۾ هاير سيڪنڊري اسڪول وارهه
جي انتظاميه جون آفيسون آهن. هن عمارت جي ڀتين
کي ڪجهه سيڪ خراب ڪيو آهي. جيڪڏهن هِن عمارت
جي صحيح سار سنڀال ۽ حفاظت نه ڪئي وئي ته چند
سالن ۾ پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهندي.
تنهنڪري اعليٰ اختيارين کي گهُرجي ته هن عمارت
ڏانهن خاص ڌيان ڏئي، هن جي مرمت ڪري، سندس
وجود بچايو وڃي ته جيئن ايندڙ سئو سالن تائين
قائم رهي سگهي. هن عمارت جي مهاڙيءَ جي وچ تي
پٿر لڳل آهي، جنهن جي مٿان سال 1931ع اُڪريل
آهي.
سنڌ ۾ انگريزن ڪيترن ئي سرڪردن ۽ زميندارن کي
مختلف لقب القاب ۽ خطاب ڏيئي سندن مان مُرتبو
مٿانهون ڪيو. ڪن کي سر، خانبهادر، خانصاحب ته
ڪن کي وري نواب جي لقبن سان نوازيو. اهڙيءَ
ريت سرائي ڪريم بخش خان کهاوڙ کي پڻ خانبهادر
جو خطاب ڏيئي سندس عزت ۽ عظمت ۾ واڌارو
ڪيائون. ان اعليٰ خطاب ملڻ تي علامه محمد
هدايت علي نجفي تارڪ هن ريت طويل نظم لکي ماده
تاريخ ڪڍي آهي. علامه تارڪ هن طرح لکي ٿو:
قطعه تهنيت بمع تاريخ خطاب خان بهادر بجناب
والاشان سرائي ڪريم بخش خان کهاوڙ زميندار شهر
گاجي کهاوڙ.
خدا کے لطف نبی کے کرم سے خوب ہوا
جہان و اہل جہان شادمان و خوش و شاداں
بہار عیش ہے آیا چمن میں عالم کے
بنا ہے اس سے گلزار دلکش و خنداں
عجیب نشو و نما سے ہوا ہے ہر گلشن
کہلے انہوں میں گل سوسن و سمن و ریحاں
زمیں برونق اور آسماں ہوا خوشتر
ز جوش کثرت جلوۂ بہار اور باراں
گیا میں اٹھکے سحر گا بہر سیر چمن
کہ لائوں دامن پر از گل عجب بستان
تو اس دم آگئی اس جا نسیم یوں کہتی
مناؤ عیش و خوشی ساکنان باغ عیاں
کہ اب ہے یاور اقبال و بخت عزّ و شرف
’کریم بخش‘ کا بازیب و زین و عظمت و شاں
جو ہی امیر و معظم سرائی اک اعظم
وہ قوم کا ہے کہاوڑ عظیم خان وماں
وہ خاں بہادر سرکار انگلش سے ہوا
خطاب اس کو ملا یہ جو اس کے ہے شایاں
ہے پارٹی جو گارڈن ملی ہے وہ اس کو
نصیرآباد اس سے ہے خورّم و فرحاں
یہ پارٹی کا ہوا جشن در نصیرآباد
جو شہر خاص ہے اور بہتر بلاد جہاں
ازیں سبب ہیں بہت اہل شہر بھی خوشنود
بصد سرور ہیں پیر و جوان و خورد و کلاں
یہ سُن کے مزدۂ راحت فزا و جاں افروز
ہوا دعاگو تارک بہی آکر از دافع جاں
رجا ہی از کرم حضرت آں سرائی یہ
کرلے زجود دعاگو کی پرتہی داماں
مدام اس کو مطالب میں کامیاب کرلے
بناوے اس کو مقاصد میں کامران زماں
عطا کرے ہمہ اسباب از طرف اور عیش
دی ساقی و می و مطرب جو ہو بخوش الحاں
ہے التجاز خداوند و ذوالجلال مری
کرتا بعالم خورشید ومہ ہے ضو افشاں
رہے بفرو حشم یہ سرائی اکمل شاد
بعدل و علم و عطا بعمر جاویداں
اب اس خطاب کے ملنے کا سال لکھتا ہوں
ہوا جو حاصل اسکو زموسہت یزداں
سروش غیب سے پوچھا جو سال کا میں نے
کہ سال تاریخ اس کا بتاز رہ احساں
تو میری کان میں آکر کہا سروش نے یوں
عجیب مادۂ تاریخ خاص خوش برہان
تو لکہدے- صدر عالم غنیمت
اس
کا سال
1935ء
یہی ہو تجکو معلوم شاعر دوراں
جڏهن سرائي ڪريم بخش خان کهاوڙ کي ’خانبهادر‘
جي خطاب سان نصيرآباد ۾ نوازيو ٿي ويو، تڏهن
علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ اتي وڃي سمورو
احوال مٿئين شعر ۾ قلمبند ڪيو ۽ خانبهادر کي
پڻ دعا ڪئي، ته الله تعاليٰ توکي هر مقصد ۾
ڪامياب ۽ ڪامران ڪندو. خانبهادر کي خطاب ملڻ
جو سال 1935ع لکيائين. ليڪن تاريخ ۽ مهينو لکي
ها ته اڃا وڌيڪ آساني ٿي پوي ها.
خانبهادر سرائي ڪريم بخش خان کهاوڙ کانپوءِ
سندس پٽ سرائي قربان علي خان کهاوڙ سياست ۾
حصو وٺندو رهيو. مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن هو.
ضلعي لاڙڪاڻه لوڪلبورڊ جو پهريون صدر سر
شاهنواز خان ڀٽو ٿيو. هن کان پوءِ خانبهادر
علي حسن خان هڪڙو (آفيشئيٽنگ)، خانبهادر ڪريم
بخش خان کهاوڙ، نواب نبي بخش خان ڀٽو، فضل
الله قاضي، قربان علي خان کهاوڙ (گاجي کهاوڙ
27- 01-1953ع کان 28-8- 1953ع تائين،
(آفشئيٽنگ)، خانصاحب فقير محمد انڙ ۽ علي گوهر
کهڙو صدر هئا.
هن مان پڌرو آهي ته ڳوٺ گاجي کهاوڙ پاڻ
مڃرائيندو آيو آهي. هتان جي سياستدانن ۾ سيد
حبيب الله شاهه پ پ پ جو خاص ورڪر ۽ ڪارڪن هو.
عمر جي آخري گهڙين تائين پيپلز پارٽيءَ سان
ساٿ نڀايائين. هن وقت سندس پٽ حليم الله شاهه
سميت سندس خاندان پيپلزپارٽيءَ سان لاڳاپيل
آهي. هن خاندان مان هڪ درويش سيد صالح شاهه
نهايت مشهور آهي. معصوم ٻارن سان گهڻو پيار ۽
انس هوندو هوس ۽ ٻارن کي وندرائڻ خاص شغل
هوندو هوس. ماڻهن کان ملندڙ خيرات ٻارن ۾
ورهائي ڇڏيندو هو. هن جي مزار تان بينظير ڀٽو
صاحبه پڻ دعا گهُري وئي آهي. سيد صالح شاهه جي
مٿان ڪنهن عقيدتمند قبو جوڙايو آهي.
پير سيد صالح شاهه کان علاوه هڪ فقير هوندو
هو، جنهن جو نالو ڪوڙو هو. ليڪن ڪوڙو فقير
سڏيندا هُئس. ان تان هڪ محاورو ”ڪوڙي فقير
واري رنڊاڻ“ مشهور ٿيو. جيڪڏهن ڪنهن شخص يا
ڪنهن نوجوان ۽ ڪنهن ٻار ڪوڙي فقير جي پُٺيءَ
تي هٿ رکيو، ڄڻ ککر ۾ کڙو هنيائين. پاڻ به
جڏهن اهڙي ماڻهوءَ جي پُٺي تي رکندو هو ته
معاملو ڇڏي ڏيندو هو ۽ ڪاوڙ پڻ ختم ٿي ويندي
هئس، نه ته اُن ماڻهوءَ جي پويان سڄو ڏينهن
هلندي گذري ويندو هئس. جڏهن ان جي پُٺيءَ تي
هٿ رکي، تڏهن ٿڌو ٿيندو هو. ان تان ”ڪوڙي فقير
جي رنڊاڻ“ محاورو شروع ٿيو.
هن وقت شهر گاجي کهاوڙ کي وارهه تعلقي جو
’ٽائون‘ قرار ڏنو ويو آهي. سرائي قربان علي
خان کهاوڙ ۽ سندس پٽ گل محمد خان کهاوڙ سدائين
مسلم ليگ جا مڃيل ۽ سرگرم ڪارڪن رهندا آيا.
ليڪن 2015ع جي مڪاني چونڊن ۾ مسلم ليگ کي ڇڏي
پيپلز پارٽيءَ جي حمايت ڪيائون ۽ پيپلز
پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي چونڊ کٽيائون. سرائي گل
محمد خان کهاوڙ ۽ سندس پٽ ڪريم بخش خان (ثاني)
پيپلز پارٽيءَ ۾ چڱي خاصي حيثيت رکن ٿا. پرويز
مشرف جي دور ۾ سرائي گل محمد خان کهاوڙ جو پٽ
سرائي ڪريم بخش خان يوسي گاجي کهاوڙ جو ناظم
رهي چڪو آهي.
هن شهر جو صحافت ۾ به وڏو نالو آهي. فقير محمد
لاشاريءَ جو واسطو هن شهر سان هو. صحافت ۾ وڏو
نالو ڪمايائين. جاڳو اخبار جا ايڊيٽوريل فقير
محمد لکندو هو. هُو 1999ع ۾ فوت ٿي ويو. هو
پنهنجي صحافت جي حوالي سان سنڌ جو آواز بڻيل
رهيو.
هتان جي هندو خاندان مان سماج سڌارڪ سيٺ
ڪلياڻداس نهايت مشهور رهيو آهي. هيءُ هيڻن جو
همدرد ۽ غريبن جو غمخوار ۽ هڏ ڏوکي، مسڪينن جي
مدد ڪرڻ وارو، نياڻين جي ڏاج ڏيڻ ۽ بيروزگارن
کي روزگار ڏيارڻ وارن مان نهايت اڳرو هو. پاڻ
زميندار ۽ سيلر جو مالڪ هو. سندس پٽ پرڪاش
ڇڏيل ملڪيت سنڀالي رهيو آهي ۽ سندس وارث پڻ
آهي. سيٺ ڪلياڻداس کي ڀُنگ جي عيوض ڌاڙيلن
بيگناهه قتل ڪري وڌو. شهر گاجي کهاوڙ ۾ مٺو
پاڻي نه هئڻ ڪري، ڪلياڻ داس پنهنجي زمين ۾،
شهر گاجي کهاوڙ کان اتر طرف کوهه کڻايا ۽
پائيپ لائين وڇائي شهر کي مٺو پاڻي مهيا ڪري
ڏنو. اهڙيءَ ريت اَينشي رام جو کوهه اڄ تائين
مشهور آهي.
هن وقت گاجي کهاوڙ ۾ پرائمري اسڪول، مڊل بوائز
اسڪول، مڊل گرلس اسڪول ۽ هڪ بوائز هاءِ اسڪول
آهن، جن ۾ سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم جي
زيور سان آراسته ٿي رهيا آهن.
گاجي کهاوڙ ۾ سيد حبيب الله شاهه جي حويليءَ
جي لڳو لڳ اوڀر ۾ هڪ قديمي کڏ موجود آهي، جيڪا
اٽڪل ٽيهن جريبن جي ايراضيءَ تي مشتمل هئي، هن
وقت کڏ کي ڪافي سوڙهو ڪيو ويو آهي، ۽ شهر جو
گندو پاڻي هن ۾ ڇڏيو وڃي ٿو. جنهنڪري هن کڏ جي
خوبصورتيءَ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. کڏ جي اوڀر
۾ روڊ ۽ مقام آهي. اهڙيءَ ريت کڏ جي اُتر ۾ پڻ
قبرستان آهي. جڏهن کڏ ۾ مٺو پاڻي پوندو هو ته
کڏ جي رونق ڏسڻ وٽان هوندي هئي.
هن شهر ۾ کهاوڙن کان علاوه سيد، لاشاري،
سومرا، ابڙا، سولنگي، شابراڻي، شيخ، بروهي،
سانڀل، ڪوري، موچي، جلباڻي، چانڊيا، جوکيا ۽
ٻين ذاتين جا ماڻهو رهائش پذير آهن.
ميان گاجي کهاوڙ جي مُهر
مددي ڪتاب:
1. قانع، مير علي، شير (1989ع) تحفةالڪرام،
ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.
2. گاد، گل محمد (1984ع) لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو.
3. بيگ، مرزا قليچ (1981ع) قديم سنڌ، ان جا
مشهور شهر ۽ ماڻهو، حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.
4. شيخ، محمد اسلم (1992ع) شادابِ شهدادڪوٽ،
شهدادڪوٽ: اسلم شيخ اڪيڊمي.
5. انصاري، شيخ صادق علي، شيرعلي (2004ع) سنڌي
ترجمو: شاهه محمد بلوچ، حيدرآباد: گلشن
پبليڪيشن.
6. ٺٽوي، عظيم الدين (1966ع) فتح نامه
(فارسي).
7. بيگ مرزا عباس علي (1980ع) خدا يار خاني
ميان سرفراز خان عباسي، ڄام شورو: سنڌالاجي.
8. مهر، غلام رسول (1996ع) تاريخ سنڌ ڪلهوڙا
دور، (جلد ٻيو)، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.
9. ٻرڙو رياضت (2006ع) قنبر هڪ اڀياس، قنبر:
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي.
10. ڪلهوڙو، دين محمد (2011ع)، قنبر شهدادڪوٽ
ضلعو، تاريخ جي وهڪري ۾، قنبر شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ
هسٽاريڪل سوسائٽي قنبر.
11. الوحيد سنڌ، آزاد نمبر (1979ع) ڇاپو ٻيو،
حيدرآباد: سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت.
12. نجفي، علامه محمد هدايت علي تارڪ جو ديوان
تارڪ اردو ۽ ماده تاريخ (قلمي)، سيد واجد
گيلانيء جي ٿورن سان.
13. بيگ، مرزا قليچ (1965ع) سائو پن يا ڪارو
پنو، ڇاپو پهريون، حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.
14. بيگ، مرزا قليچ (1981ع) قديم سنڌ، ان جا
مشهور شهر ۽ ماڻهو، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.