سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1۽2/ 2018ع

باب:

صفحو:17 

ڊاڪٽر ريحانه نظير

 

 

 

رت ۾ ٻُڏل ٻه هٿ

 

فرش تي رت ۾ ٻڏل عورت دانهون ڪوڪون ڪري رهي هئي.

”مون توبهه ڪئي، منهنجي زاري، الله رسول جو واسطو اٿئي، مون کي نه مار، پنهنجي ٻچن جو قسم اٿئي.“

”ٻچن جو قسم اٿئي.“

”ڇو ڇو ڳالهاءِ نه.“

هن جي سهري جي وات مان گڦ ڳڙي رهي هئي، چلهه جو ٻرندڙ بنڊ هڻي هڻي هن جو هٿ ساڻو ٿي پيو هو. هن جي پاسي ۾ ڀڳل ڀت هئي، جنهن جون سرون بغير گاري جي ائين ئي رکيل هيون. هن جي سهري اتان سر کڻي هن جي مٿي ۾ هنئي، اهڙي رڙ ٿي جو ڄڻ آسمان ڦاٽي پيو هجي.

”الا! مري ويس نه کپي ڪجهه به نه کپي، مون توبهه ڪئي، منهنجي زاري.“ نبوءَ جي پيءُ هن کي جڏهن ٻي سر هنئي، تڏهن ڳالهائڻ جي هن ۾ همت ڪا نه هئي، هن صرف رت ۾ ٻڏل ٻه هٿ ٻڌي هن ڏي معافيءَ جي لاءِ وڌايا، پر هن جي آخري ڌڪ لڳڻ جي ڪري، اهي ٻڌل هٿ اتي ئي پَٽ رهجي ويا.

”حصو پيو کپيس، پڻس ٻني پوکي هئي سو حصو پئي وٺي، هاڻي وٺ حصو.“

”بس بس هاڻي گهڻو نه ڳالهاءِ.“

جوڻس جو سڄو ڌيان پاڙي وارين ماين تي هو ڇو ته روڄ راڙي جو آواز گهر کان ٻاهر ٻڌڻ ۾ پئي آيو، اوسي پاسي واريون مايون، ڪي ڀتين تي، ته ڪي وري در جي اوٽ وٺي وات تي ڪپڙو رکي اهو سمورو لقاءُ ڏسي رهيون هيون، جڏهن نوري مري ويئي، تڏهن سسڻس وٺي انهن ماڻهن کي ڏسي دانهون ڪري، ٻئي هٿ ڇاتيءَ تي رکي پٽڻ لڳي.

”ڪيڏو جهليو هو مانس ته سهري کي ورندي نه ڏي، بس ڪر گاريون نه ڏي، پر نه مڙي رن، آخر پنهنجو سر کنيو.“

نبوءَ جي پيءُ سهڪندي دلي مان پاڻي کڻي منهن تي هنيو ۽ تڪڙو ڪمري ۾ هليو ويو. نوريءَ جي سس ڏير ۽ ٽي نڻانون اتي ئي لاش جي پاسي ۾ بيهي رهيون. وحشت سڀني جي مٿان ڇانيل هئي ته هاڻي ڇا ٿيندو!

لاش مان هر هنڌان رت وهي رهيو، هُو نوريءَ جون اکيون وحشت مان ڦاٽل هيون ۽ هٿ معافي واري انداز ۾ ٻڌل هئا!

نوري هن جي وڏي پٽ نبوءَ جي زال ۽ وڏي ننهن هئي، هن کي ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي ڄائي هئي. هن جو مڙس نبو ٻنيءَ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ويو تڏهن هن کي نانگ ڪکيو هو، جيستائين هو اسپتال پهتا تيستائين نبو مري چڪو هو، نوريءَ کي الاءِ ڪيئن ساهرن عدت پوري ڪرڻ ڏني، جڏهن هوءَ عدت مان اٿي تڏهن کيس ٻارن سميت مائٽن ڏي موڪليو ويو، نوريءَ جو پيءُ پاڻ هاري هو، ٽي پٽ پرڻيل، انهن جا ٻار ۽ سندس ٻه ڌيئرون ٻيون به اڃا ويٺيون هيون، پر پوءِ به نياڻي کي رکو سکو پئي کارايائون، پر حالت ڏاڍي خراب هئنِ، ايتري ۾ نوريءَ جي مڙس جي ٻنيءَ جو لابارو ٿيو، ته نوريءَ سوچيو ته مان ته برابر پرائي ڌيءُ آهيان ۽ منهنجو ڪو به هنن تي حق هاڻي ڪونهي پر ٻار ته هنن جو پنهنجو رت آهن ڇو نه چاچي کي انهن ٻارن جو واسطو ڏئي ڪجهه ڪڻڪ وٺي اچان. اهو سوچي هوءَ ماءُ کان موڪلائي پنهنجي ساهراڻي گهر آئي هئي. هن اچي هنن کي منٿ ڪئي ته ٻار بک ٿا مرن، مون کي به پنهنجي ٻارن جو حصو ڏيو، جي حصو نٿا ڏيو ته ڏهن جريبن مان رڳو ڏهه مڻ ڪڻڪ ئي کڻي ڏيو.

هن جو اهو چوڻ ته سسڻس تپي باهه ٿي ويئي ۽ هن کي گاريون ڏيڻ لڳي، ان تي نوريءَ چيو ته:

”الله کان ڊڄو چاچي هي به توهان جا ئي ٻچا آهن، سڀاڻي مري ويا ته توهان کي ڏک ٿيندو.“

”نڀاڳي ڀاءَ جو ته سر کنيو اٿئي، هاڻي ٻارن جي پويان پئي آهين.“

اهو هن جي ڏير رسولي جو آواز هو.

”مون سر کنيو هو مانس يا توهان ماريس. آخري رات به ڪيڏو نه مٿي ۾ سور هئس، ڪيڏيون توکي منٿون ڪيون هئائين ته تون يا چاچو پاڻيءَ جي واري تي وڃن، پر توهان مان ڪير ڪو نه ويو جي وڃو هان ته اڄ جيڪو منهنجو حال آهي، اهو توهان جو هجي هان.“

”نڀاڳي هتي اچي اسان کي ٿي پٽين.“

هن جي ڏير هن کي وارن کان وٺي ٻاهرين در آڏو اڇلايو. هوءَ ڦهڪو ڪري وڃي ڪري هئي. هن شرم کان کڻي ڪنڌ زمين ۾ هنيو، هي سندس اهو لاڏلو ڏير هو، جنهن کي هن پنهنجي ٻارن سان گڏ سچي گيهه جون ڪُٽيون ڀوري کارايون هيون.

بي ليمڪا… ليمڪ جي مار پوئي، تون مون کي ٿو مارين.“

اهي لفظ چئي هوءَ اٿي ۽ پنهنجو پٽ تي ڪريل رئو کڻڻ لاءِ پوئتي ٻه قدم مس کنيا ته هن جو سهرو جيڪو ڪمري ۾ هو سو ٻاهر آيو ۽ هيڏي هوڏي نهاري ٻرندڙ چلهه مان اڌ ٻريل ۽ اڌ وساميل بنڊ ڪڍي هن ڏي وڌيو.

”هيءَ رن ائين نه ويندي، توکي حصو کپي نه، هلي مان ٿو توکي حصو ڏيان.“ هن جي وات مان گِگَ ڳڙڻ لڳي ۽ هن نوريءَ کي مارڻ شروع ڪيو ۽ گڏوگڏ کيس گاريون به ڏيندو رهيو.

”او چاچا! مون تي رحم ڪر، مون کي نه مار! رسول جو قسم اٿئي! پنهنجي مئل پٽ جو قسم اٿئي، او چاچا! مون کي نه مار، چاچِي! مون کي بچاءِ. رسولا! مون کي بچاءِ!

دانهون ڪوڪون هيون، روڄ راڙو هو، پر نبوءَ جي پيءُ هٿ نه روڪيو، جيستائين ٿڪجي نه پيو جو سڄو جسم رتو رت لڳو پيو هو. هڪڙو ساهه کڻي وري نبوءَ جي پيءُ پاسي واري ڀڳل ڀت جون ٻه سرون کڻي جيئن هن ڏي وڌيو تيئن مرده لاش ۾ حرڪت پيدا ٿي ۽ هن پنهنجا رت ۾ ٻڏل ٻه هٿ معافي وٺڻ لاءِ جيئن ڊگها ڪيا، تيئن هن جي سهري هڪ ٻئي پٺيان ٻئي سرون هن جي مٿي تي ڦهڪائي ڏنيون، جسم ۾ ٿوري دير لاءِ لرزش ٿي ۽ پوءِ جسم ٿڌو ساڪت ٿي ويو ۽ اکيون وحشت ۾ ڦاٽل ئي رهيون.

”بس بس ماري ڇڏيئين پرائي مائيءَ کي، هاڻي ڇا ٿيندو!؟“

هن جي سس وائڙن جيان هيڏي هوڏي نهارڻ لڳي. نبوءَ جو پيءُ هڪدم ڪوٺي ۾ هليو ويو، ماڻهو وٺي ڀڳا، ٻار ڊڪندا نوريءَ جي گهر اهو ٻڌائڻ لاءِ وٺي ڀڳا ته نوري مري ويئي.

نبوءَ جي پيءُ سڄي منهن تان پگهر اُگهيو ۽ سوچي رهيو هو ته هاڻي ڇا ڪجي.

”تون لاش کڻي ٻني تي اچ، مان جلدي ٻني تي کڏ کوٽي ٿو وٺان، جيستائين رسولو لاش کڻي ٻنيءَ تي ويو، تيستائين تڪڙ ۾ هن کڏ کوٽي ڇڏي هئي، بنا ڪفن جي نوريءَ کي لاوارثن جيان دفنايو ويو. نوري جي قسمت به عجيب هئي ٻني جو اناج ته کيس ڪونه مليو، پر ٻنيءَ جي هنج هن کي نصيب ٿي.

ٻنيءَ تان سڌوئي سڌو نوريءَ جو سهرو ٿاڻي تي پيش پيو ۽ هن بيان رڪارڊ ڪرايو. ٻئي ڏينهن اخبار ۾ خبر آئي ته سهري ڪارنهن جي الزام ۾ ننهن کي اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏسي جاءِ واردات يعني ٻنيءَ تي ئي ماري ڇڏيو ۽ لاش ٻنيءَ تي ئي دفن ڪري ڇڏيو ۽ ڪارو پنهنجي جان بچائي ڀڄي ويو…

جمن احمداڻي

ڦاهي گهاٽ تي اٽڪيل هڪ ڳالهه!

 

جڏهن هُو جلاد جي عهدي تان برطرف ٿي، رياستي جيل جي ڪمپائونڊ وال مان ٻاهر نڪتو ته کيس لڳو، ڦاهي کاڌل دهشتگرد جا روح هن جو پيڇو ڪري رهيا آهن. اُهي کيس گهُٽو ڏيئي ماري ڇڏيندا يا رستي جي ڪنهن موڙ تي هُو پاڻ به گولين جو کاڄ بڻجي ويندو.

هُو، جيل ۾ ڦاهي گهاٽ تي مقرر هو، جتي دهشتگرديءَ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا مليل ڏوهارين کي ڦاهي ڏيڻ لاءِ آندو ويندو هو.

دنيا ۾ رياست جو اُهو هڪ خطرناڪ جيل هو، جنهن جي مٿان ۽ آسپاس ڪنهن پکي کي پَر هڻڻ ته ڇا، پر آسمان تي ڊوڙندڙ بادلن کي ڇانءَ ڪري گذرڻ جي به اجازت نه هئي.

دنيا ۾ ايڪيهين صدي جي شروعات ٿي چڪي هئي. هزارين ورهين کان فريز ٿيل فرعونن جا لاش ٻيهر جيئرا ٿي پيا هئا. اهرامن مان اُٿي آيل فرعوني لشڪر دنيا تي پنهنجو قبضو ڄمائي ڌرتيءَ کي هڪ جيل ۾ بدلائي ڇڏيو هو، هُو به، انهن جو غلام بڻجي ويو هو.

غلاميءَ جو احساس کيس تڏهن ٿيو هو، جڏهن هن ڦاهي گهاٽ تي پهريون دفعو ليور ڇڪي جنهن دهشتگرد کي ڦاهي ڏني هئي؛ ان مٿان اهو الزام هو ته هن سڄي دنيا ۾ لئبررين، درسگاهن ۽ اسپتالن جو ڄار پکيڙي انساني دماغ جي پُرزن سان هَٿ چراند ڪئي هئي. اُن کان سواءِ به هن ائٽمي ذخيرن، جراثيمي بيماريون ڦهلائيندڙ ليبارٽرين ۽ رياستي حاڪمن لاءِ آڪسيجن پيدا ڪندڙ فيڪٽرين کي ڌماڪن سان اُڏائي تباهي پکيڙي هئي. ڦاهيءَ کان اڳ اُن دهشتگرد پنهنجي آخري خواهش ۾ اهو به ٻڌايو هو ته هُو هر وقت انهن جو پيڇو ڪندو رهندو. اُهي کيس ڦاهو ڏيئي ماري نٿا سگهن. هُن جي خواهش ۽ وصيت به اُها آهي ته هُو جڏهن به ڪنهن کي ڦاهو ڏيڻ لاءِ هن ڦاهي گهاٽ تي آندو وڃي ته سڀ کان اول اُن جي چهري ۽ اکين ۾ غور سان ڏٺو وڃي. جنهن مان کين پڪ ٿيندي ته هُو اهوئي ساڳيو دهشتگرد هوندو، جنهن کي بار بار ڦاسي تي لٽڪايو ويندو، هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه هن ڦاهي گهاٽ تي پهچي نه سگهندو!!

اُن ڳالهه تي هُو ڇرڪجي ويو هو، هُن جي دل نه پئي چاهيو ته هُو اُن کي ڦاهي ڏيئي پاڻ لاءِ هڪ نئين مصيبت پيدا ڪري؛ پر وقت جي فرعوني حاڪمن جو حڪم ٿُڏڻ، هن لاءِ ممڪن ئي نه هو. هن ڊپ وچان ڏڪندڙ هٿ وڌائي ليور ڇڪيو هو ۽ هڪ ئي جهٽڪي سان اُن جو جسم به ٿڌو ڪري ڇڏيو هوس. جيل جي ڊاڪٽر موت جي تصديق ڪئي هئي، لاش ٻاهر اُماڻيو ويو، پر کيس لڳو اهو دهشتگرد اڃا به جيئرو آهي ۽ ٻيهر واپس اچي هن کي گهُٽا ڏيئي قتل ڪري ڇڏيندو!

دهشتگرديءَ جي سنگين ڏوهن جي سزا ۾ ڦاهيءَ لاءِ ايندڙن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو ويو. هُو حيران هو ته اڃا تائين ڪو نئون چهرو کيس ڏسڻ ۾ نه آيو آهي، ساڳئي شڪل وارو هوبهو اهوئي پهريون شخص، هر ڀيري ڦاهيءَ تي لٽڪائيندي هاڻي هن جا حواس خطا ٿيڻ لڳا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته هُو ڦاهيءَ جو ڦندو سزا کائيندڙ جي ڳچيءَ ۾ وجهڻ بدران لاشعوري طور پنهنجي ڪنڌ ۾ وجهي ڇڏيندو هو. موقعي تي موجود عملدار رڙ ڪري کيس غلطي جو احساس ڏياريندا هئا. اهڙي غلطي ورجائڻ تي جيل سپرنٽنڊنٽ پنهنجي آفيس ۾ گهرائي کانئس وضاحت طلب ڪئي هئي. هُن ٻڌايو هو ته هر ڀيري ساڳي ئي شڪل جي ڏوهاريءَ کي ڦاهيءَ لاءِ موڪليو ويندو آهي. جيل جا ڊاڪٽر به کيس مئل قرار ڏيئي اُن جو لاش ٻاهر روانو ڪندا آهن، پر وري به ٻئي جي نالي ۾ ساڳي شخص کي ڦاهي گهاٽ تي پهچايو ويندو آهي!

”تون ذهني طور ائبنارمل ٿو لڳين، ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟!“ جيل سپرنٽنڊنٽ مٿس ڏمرجي پيو هو، پر هُو پنهنجي ڳالهه تي قائم رهي کيس ڀرپور يقين ڏيارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هئي.

اختيارن کيس ذهني مريض سمجهي جلاد جي عُهدي تان برطرف ڪري ڇڏيو هو.

رياستي جيل جي حدن مان نڪري هُو شهر جي مُک چوراهي تي پهتو ته محسوس ٿيس، جن کي هُن دهشتگرديءَ جي ڏوهه ۾ ڦاهيءَ تي لٽڪايو آهي، اُهي هاڻي سندس ڪَڍ پئجي ويا آهن. اُن کان اڳ، جو اُهي دهشتگرد سندس پيڇو ڪندي کيس گهُٽو ڏيئي قتل ڪري ڇڏين. هُن هڪدم گهر پهچڻ جو فيصلو ڪيو. هُو شهر جي مُک رستي تان ٿيندو گهٽيون بدلائيندو پنهنجي گهر ڏانهن هلي رهيو هو. کيس شهر جا ماڻهو ٽُٽل ۽ وکريل نظر آيا. سندن جسم جا عضوا ڪٽيل ۽ ڌار ڌار هئا. دڪاندار، مزدور، پورهيت سمورن کي هن ڀڳل عضون سان ڪم ڪندي ڏٺو.

هن اسڪول کان موٽندڙ ٻارن ڏانهن ڏٺو ته کيس لڳو، اُنهن جا جسماني عضوا به جائتا نه هئا. پُٺيءَ تي ٻڌل ڪتابي ٿيلهن کي زنجيرن سان جڪڙيو ويو آهي ۽ اُنهن مٿان مائرن جون اکيون سبيون ويون آهن.

هُو حيران ٿي ويو، روڊن ۽ چوراهن تي ڊپ ۽ هراس ڊوڙندي نظر آيس. گهٽين ۾ انساني  خون جي بوءِ محسوس ڪيائين. ڇا هيءُ سڀ نظر جو دوکو آهي يا هُو به ڦاهي جي سزا کائي مرڻ بعد ٻي جهان ۾ اچي پهتو آهي!

هاڻي واقعي ئي سندس حواس خطا ٿي چڪا هئا. هُو تڪڙيون وِکون کڻي گهر پهتو. محسوس ڪيائين سندس جسماني عضوا به ٽُٽي، وکري ۽ ڌڙ کان ڌار ٿي رهيا آهن. ڪمري ۾ داخل ٿي، قد آدم آئيني ۾ نهاريائين ته ڇِرڪ نڪري ويس. سندس شڪل هوبهو اُن دهشتگرد جهڙي آهي، جنهن کي هن پهريون ڀيرو ڦاهي تي لٽڪايو هو!

محمد يوسف جويو

 

 

 

 

 

هڪ ڪچهري ۽ هڪ آکاڻي

 

        منهنجي گهر جي سامهون ميدان تي روزانو شام جو صحبتين جي ڪچهري ٿيندي آهي، ان ڪچهريءَ ۾ مختلف دوست ايندا رهندا آهن، پر هن ڪچهريءَ جا اسان پنج پڪا ميمبر آهيون، جن ۾ مون سميت ٻيا ميمبر جن ۾ ڪليم، ڊاڪٽر ڪامراڻي، خدابخش ۽ محمد سليمان شامل آهن، اهي سڀ مطالعي ۽ مشاهدي جي چڱي سگهه رکن ٿا. هيءَ ڪچهري نج ادبي، سماجي ۽ علمي موضوعن تي ٿيندي آهي. هاڻ هن وقت هيءَ ڪچهري ڪجهه جَهڪِي ٿي چڪي آهي ڇو ته سڀ دوست پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ مصروف ٿي ويا آهن، نه ته هيءُ ڪچهريون زوران زور ٿينديون رهنديون هيون ۽ ان کي ليکڪ خدا بخش لکندو هو، وري ان لکيل مواد کي اسان جو پيارو دوست الطاف روزاني اخبار، ۾ ڇپيندو هو. اهڙيءَ طرح اِهي ڪچهريون رڪارڊ ٿي وينديون هيون ۽ سنڌي ادب ۽ تاريخ جو حصو بڻجنديون هيون. انهن ڪچهرين مان هڪ ڪچهريءَ جو هت ذڪر ڪريان ٿو جيڪا پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان هڪ منفرد ڪچهري هئي.

ان ڏينهن اسان جي ڪچهريءَ ۾ چاچو علڻ به آيو هو ۽ ڪچهري به خُوب مَچِي هئي. سنڌ ۽ سنڌي سماج جي موجوده صورتحال تي سڀئي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيا هئا. چاچو علڻ نِجُ پِجُ سنڌي ڳوٺاڻو، ڳالهين جو گَهيرُ، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، مٿي تي اڇو پَٽڪو ٻڌندو ۽ پٺيان وري پڇ وانگر طُرو به ڇڏيندو، اڇي چاپين سونهاري (ڏاڙهي) ۽ اکين ۾ سرمو ضرور پاتل هوندس، هن پَريي مڙس ۾ ڏيا ۽ رعب تاب هوندي به ڳالهائڻ جو مٺو ۽ سٻاجهڙو، بس هڪ ئي ملاقات ۾ ڄڻ پنهنجو مِٽُ مائٽ پيو لڳندو. سو اڄ هن ڪچهريءَ ۾ ڪانڀ ڪڍي اچي ويٺو، اسان جون ڳالهيون ٻڌي، ۽ کلندي کلندي ڪنهن وقت ڪو ٽوٽڪو به ٻڌائي يا ڪو چرچو به ڪري ڇڏي. سو گهڻي دير کان پوءِ اوچتو هن ڳالهائيندي چيو ته اڄ مان اوهان سڀني کي هڪ قصو يا آکاڻي ٿو ٻڌايان جيڪا ان موضوع مطابق آهي. اهو چئي هن آکاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي.

سنڌ ملڪ جي اوڀر ۾ هڪڙو بادشاهه پنهنجي ملڪ ۾ ڏاڍو خوش ۽ امن سان رهندو هو، جنهن کي هڪ ئي پٽ هوندو هو، تنهن ويچاري کي به اچي ڪنهن موذي مرض ورتو، جيڪو علاج ڪرائڻ سان تيئن پيو وڌي. سو نوجوان پٽ کي بيماريءَ هڻي هيڻو ڪري وڌو. بادشاهه گهڻائي وس ڪيا، ملڪ جا حڪيم طبيب، ڊاڪٽر سڀ جا سڀ آزمائي ڏٺا، پر ڪٿان به ڪو فائدو ڪو نه ٿيو. نيٺ هڪ ڏينهن ڪنهن جوڳيءَ فقير کي ڏيکاريو ويو. جوڳي فقير پنهنجو ڍارو ڪڍي، حساب ڪري بادشاهه کي ٻڌايو ته هن بيماريءَ جو علاج آهي، اُهو اِهو ته هن کي ڪنهن نوجوان ڇوڪري جي گرم رت سان وهنجاريو وڃي ته پوءِ هن جِي اِها بيماري ختم ٿي ويندي، ان کان سواءِ هن جو ٻيو ڪو به علاج ڪو نه آهي. بادشاهه سلامت اهو ٻڌي وڌيڪ پريشان ٿي ويو ته هاڻ ڇا ڪريان، نيٺ وزيرن مشيرن سان صلاحون ڪيائين، پر پوءِ به مطمئن نه ٿيو. نيٺ پنهنجي راڻيءَ کان صلاح ورتائين ته هُن چيسُ ”تون بادشاهه آهين، ملڪ ۾ پَڙهو ڏيار ته ڪو به ماڻهو هِنَ پارين پنهنجو ڇوڪرو کپائڻ چاهي ته بادشاهه سلامت ان کي خريد ڪندو....“ پوءِ سائين! پڙهو ڇا گهميو؟ ڄڻ سڄي ملڪ ۾ چؤٻول مچي ويو. اهو چؤٻول پورهيت پخالي سوڍل جي ڪن به پيو، تنهن وڃي پنهنجي زال کي چيو ته ”سڀاڳي! ٻڌو اٿئي؟ بادشاهه سلامت پڙهو ڏياريو آهي، جنهن ۾ چيو اٿس ته هن کي نئين نيٽي ڇوڪري جي ضرورت آهي، سو شايد بادشاهيءَ ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ نوڪر جي ضرورت هونديس! انڪري ڇوڪرو ملهه تي ٿو وٺي.“ ٿورو دم پٽي وري ڳالهائڻ لڳو؛ ”ته پنهنجا يار هن ٻار آهن، پالي ئي نه ٿا سگهون پوءِ ڇو نه هُو گونگو ڇوڪرو بادشاهه سلامت کي ڏيون، ڪجهه ڏوڪڙ به ملي پوندا ته ڇوڪرو به سکيو ٽڪر کائي پيٽ ڀري سگهندو.“ سڀاڳي آخر ماءُ هئي سو دل ۾ ڌڪ لڳي ويس! ۽ پٽ کي ڏيڻ کان ٺپ انڪار ڪيائين، پر مڙس جي سمجهائڻ ۽ گهر جي ٻين ٻارن جو ويلا ڪاٽڻ جو ڏسي، مڙئي هانوَ تي پٿر رکي مڙس سان ها، ڪيائين!

ٻئي ڏينهن پورهيت پخالي سوڍل  پنهنجي گونگي پٽ کي ساڻ ڪري بادشاهه جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ چيائين؛ ”حضور! مان هيءُ پنهنجو پٽ اوهان لاءِ وٺي آيو آهيان، هيءُ منهنجو پٽ سهڻو، ڏاهو ۽ صحتمند آهي. درٻار جو هر ڪم آسانيءَ سان ڪري ويندو. بس، رڳو هيءُ ڳالهائي نه ٿو سگهي! ڇو ته هيءُ ويچارو گونگو آهي. اوهان هن کي وٺڻ چاهيو ته حاضر آهي.“ اهو چئي پخالي سوڍل چپ ٿي ويو. بادشاهه اهو ٻڌي پهرين پخاليءَ سوڍل کي ڏٺو، پوءِ پوري درٻار کي ڏٺو ۽ آخر ۾ ڇوڪري تي نظر کُپائي بيهي رهيو. تيرهنِ چوڏهنِ ورهينِ جو هيءُ معصوم ٻار پوري درٻار کي اکيون ڦاڙي هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رهيو هو ۽ ڪنهن اڻڄاتل خوف ۽ حيرت سبب وڌيڪ معصوم، هيسيل نظر اچي رهيو هو. بادشاهه سلامت پخالي سوڍل سان مخاطب ٿيندي چيو ته: ”ٻڌاءِ ته توکي گهڻا ڏوڪڙ کپن، پر ان کان اڳ ٻڌي ڇڏ ته هيءُ ڇوڪرو ڪنهن ٻي بادشاهيءَ ۾ ويندو، تنهنڪري توهان وٽ ڪڏهن به واپس ڪونه ايندو. ۽ ها باقي اوهان کي جيترا ڏوڪڙ کپن اوترا ٻڌاءِ ته ان کان توکي وڌيڪ ٻيڻا ڪري ڏنا ويندا. پخالي سوڍل جي هائوڪار تي، بادشاهه هن کي پئسا فرمائش کان ٻيڻ تي ڏنا. پخالي سوڍل ڏوڪڙن جي ڀَري ٻڌي گهر ڏي روانو ٿيو.

هاڻ ڇوڪرو درٻار اندر رهڻ لڳو ۽ پلجڻ لڳو. ڪجهه عرصي کان پوءِ ڏٺو ويو ته ڇوڪري مان ڊپ ختم ٿي ويو آهي ۽ بادشاهي کاڌن هن کي وڌيڪ صحتمند ۽ خوبصورت ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ بادشاهه پنهنجي خاص وزيرن ۽ مشيرن کان صلاح وٺي نيٺ هڪ ڏينهن ان گونگي ڇوڪري جي تازي رت سان، بادشاهه پنهنجي اڪيلي بيمار پُٽ کي وهنجارڻ جي تياري ڪئي. بادشاهه جو خانداني حڪيم اچي ويو، جنهن جي نگرانيءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿيڻو هو. اُن ڏينهن درٻار ۾ خانداني حڪيم سان گڏ بادشاهه جا خاص وزير ۽ مشير به ويٺا هئا. گهڙيءَ کن کان پوءِ بادشاهه ۽ سندس راڻي درٻار اندر آيا ۽ ساڻن گڏ سندن بيمار پٽ کي به ڏوليءَ ۾ کڻي اچي بادشاهه جي ڀر ۾ ويهاريو ويو.

بادشاهه جي حڪم تي هڪ جلاد ڪاسائي پڻ درٻار ۾ حاضر ٿيو. هاڻ بادشاهه حڪم ڪيو ته گونگي ڇوڪري کي حاضر ڪيو وڃي. درٻار ۾ جيئن ئي گونگو ٻار آيو ته حيرانيءَ منجهان هر هڪ کي ڏسندو مسڪرائيندو رهيو، پر جيئن ئي هن جي جلاد تي نظر پئي ته هيءُ ڊڄي ويو ۽ ڳالهه به سمجهي ويو. سو جلديءَ ۾ هن ڊوڙ پائي بادشاهه سلامت جي آڏو ٽي وڏا گول ليڪا ڪڍي آخري گول ليڪي ۾ ويهي رهيو!

بادشاهه اِهو لقاءُ ڏسي پريشان ٿي ويو ۽ سڄي درٻار سان مخاطب ٿيندي چيو ته: هيءَ ڪهڙي ڳجهارت آهي، جيڪا ڇوڪري اسان کي ڏني آهي؟ جنهن کي سمجهه ۾ اچي ته جلدي ٻڌائي!

خانداني حڪيم اُٿي چيو ته بادشاهه سلامت جي سِرَ ۽ بخت جو خير هجي ۽ جان جي بخشش ملي ته عرض ڪريان. بادشاهه هٿ جي اشاري سان ڳالهائڻ جي اجازت ڏني.

بادشاهه سلامت! هيءُ ڇوڪرو تمام گهڻو ڏاهو ۽ عقلمند آهي. حڪيم ڳالهائڻ شروع ڪيو، هن اسان سڀني آڏو، بادشاهه سلامت کي هيءَ ڳجهارت ڏني آهي، جنهن جو مطلب هي آهي ته؛ هن ڇوڪري جيڪو پهريون گول ليڪو ڪڍيو، اُهو هُن جي پنهنجي گهر ۽ ماءُ پيءُ لاءِ آهي، جيڪو هُن کي پالڻ ۽ حفاظت ڪرڻ جو ذميوار آهي، پر اُن پيءُ هِن کي پيسن تي کپائي ڇڏيو. ٻيو گول ليڪو هن پنهنجي بادشاهه جو ڪڍيو، جيڪو پيءُ ماءُ کان پوءِ رعيت جي روزگار ۽ حفاظت جو ذميوار آهي؛ پر اُهو به اڄ مون (گونگي) کي ڪُهڻَ لاءِ تيار آهي. ٽيون ۽ آخري گول ليڪو هُن پنهنجي پالڻهار جو ڪڍيو آهي، ته هاڻ اُهو ئي آخري اميد ۽ آسرو آهي جيڪو سڄي جهان کي روزي ڏئي ٿو ۽ انهن جي حفاظت پڻ ڪري ٿو. سو هن پاڻ کي اُن آخري ليڪي ۾ آڻي بيهاريو آهي.

ان ڳجهارت جي اصل حقيقت اِها آهي. بادشاهه پنهنجي خانداني حڪيم جي سڄي ڳالهه ٻڌي اچرج ۾ پئي ويو ۽ پوءِ هن پنهنجي راڻيءَ سان صلاح ڪري پنهنجي پٽ کي وٺي اُن آخري ليڪي ۾ آڻي ويهاريو ۽ گونگي ٻار کي آڻي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريو.

چاچي علڻ ڳالهه پوري ڪندي، اسان سڀني سان مخاطب ٿيندي چيو ته: بابا! سنڌ پنهنجي هن وقت الله سائينءَ جي ليڪي ۾ آهي ۽ پاڻ سڀ گونگا آهيون…

سنڌوماٿريءَ جي تهذيب دنيا جي قديم تهذيبن مان هڪ آهي، اها ڄاڻ اسان کي موهن جي دڙي جي آثارن مان ملي ٿي، جيڪا اڄ کان اٽڪل 5500 سال پراڻي آهي. سرزمين سنڌ جنهن کي ’باب الاسلام‘جو شرف پڻ حاصل ٿيل آهي. جنهن جي زمين نهايت مِٺي ۽ تهذيب ۽ تمدن نهايت ئي قديم ۽ شاندار آهي. هيءَ اها پاڪ زمين آهي جتي اسلام سڀ کان اول چمڪيو، سنڌ جي سرزمين ان لحاظ کان به وڌيڪ خوشنصيب رهي آهي ته هتي اولياءَ ڪرامن جا مسڪن ۽ مزار بڪثرت موجود آهن. جن دين و حق جو پيغام گهر گهر پهچايو آهي. انهن بزرگن جي پيار، امن،ڀائپي ۽ اتحاد جي تعليم ۽ تربيت جي اثر ڪري ئي سنڌ جا ماڻهو هميشه کان پيار ۽ امن جا پيروڪار رهيا آهن. حيدرآباد به سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي جتي پڻ ڪافي بزرگ ۽ اولياءَ سپرد خاڪ آهن.

قومن جي سگهه ۽ سڃاڻپ ۾ علائقو، آبادي، ثقافت ۽ معاشي مفاد وغيره تمام اهم جز سمجهيا وڃن ٿا. سنڌ جي قبيلن، ماڳن، مڪانن ۽ شهرن تي تحقيقي ڪم زور شور سان جاري ساري آهي. حالانڪ سنڌ جي تاريخ جو خام مال به اهي ئي سنڌ جا شهر، ماڳ مڪان ۽ قبيلا آهن، جيڪي تاريخ جي بوتي ۾ ساهه وجهن ٿا.

 

پروفيسر ڊاڪٽر فرزانه بلوچ

ڪتاب: ’سنڌ جي تاريخ- ميرن ٽالپرن جو دؤر‘

ص 13 تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org