سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1۽2/ 2018ع

باب:

صفحو:16 

جاويد عباسي

 

 

 

کنڀجي ويو!

 

يونيورسٽيءَ کان گهر ڏانهن سفر سِڪَ ۽ پيار وارو سفر هوندو آهي. دل چوندي آهي، جهٽ پٽ ۾ گهر پهچي وڃون… انور ويگن مان لهي جيئن ئي ڳوٺ جي زمين تي پير کوڙيا ته ڳوٺ جي سڳنڌ کيس مدهوش ڪري ڇڏيو. سيمسٽر جون موڪلون ٿيون هيون، انور ڳوٺ پهتو هو. گهر ۾ سندس پيءُ، ماءُ ۽ ننڍي ڀيڻ دروازي ۾ اکيون وجهي ويٺا هئا. اهو عيد جهڙو ڏينهن هوندو هو جڏهن پنجن ڇهن مهينن کان پوءِ سندن پٽ گهر ايندو هو. انور جي ماءُ، خاص پٽ جي پسند جي ماني تيار ڪندي هئي ۽ انور جو پيءُ ٻه ڏينهن اڳ ئي ڪچهرين ۾ انور جي اچڻ جو اعلان پيو ڪندو وتندو هو. سندس ڀيڻ، سدوري وري سرتين ۾ ڀاءُ جا وڏا وڏا احوال ڪَٽيندي هئي. انور جي پيءُ جو ڳوٺ ۾ ننڍڙو هَٽُ هو، جتي ڳوٺ جي ضرورت جي حساب سان شيون وڪڻندو هو. ٿورو گهڻو ٻاڪرو مال به هيس، جن کي پالي وري وڪڻي، انور جون ضرورتون پيو پوريون ڪندو هو. سندس خواب هو ته پٽ پڙهي آفيسر ٿئي. هر غريب پيءُ پٽ کي آفيسر ئي ڏسڻ چاهيندو آهي. انور به محنتي شاگرد هو. يونيورسٽيءَ جي آخري سال ۾ هو. پوزيشن هولڊر هو. کيس پڪ هئي ته يونيورسٽيءَ ۾ ئي نوڪري ملي ويندي. سڀ استاد کيس ڀائيندا به هئا. انور ڏاڍو سٻاجهڙو هو.

جيئن ئي دروازو کڙڪيو، انور جي ماءُ پهريان اٿي در ڏانهن ڀڳي، هوءَ انور جي در کڙڪائڻ واري انداز کي سمجهندي هئي.

”ٻچڙو اچي ويو، منهنجو ابو، ماءُ صدقي....“ ماءُ جي سِڪَ هئي، کيس ڪير روڪي، انور جو پيءُ به چشمو اکين تي رکندي اٿيو.

”منهنجو بابلو، منهنجو پٽ....“ انور، پيءُ ماءُ کي ايڏو بيقرار ڏسي روئي ويٺو، وري ڀيڻس به ”ادا“.... ”ادا“.... ڪندي اچي چنبڙي، سب روئيندا، کلندا، خوشي ۽ ڏک گاڏڙيل احساسن سان اچي کٽ تي ويٺا. ڀيڻس پاڻي جو گلاس آندو، انور سڀني کي ڏسي پئي مرڪيو، گهڻي دير تائين ويٺي ڳالهيون ٿيون. ماني جو دور به هليو.

”ابا..... ڌڻي بخش نه آيو آهي ڇا.....“ چانهه جي واري تي ڪوپ مان چسڪي وٺندي پڻس پڇيو.

”ڌڻي بخش...... معنيٰ ڪامريڊ هوشو، نه بابا هُو نه آيو آ.“ انور مرڪندي چيو ”ڇو ابا؟“

”بابا..... هو هڪ پارٽي جو ليڊر آهي، کيس گهڻا ڪم هوندا آهن، واندڪائي مليس ته ايندو.“ انور پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو. ڌڻي بخش، انور جو سؤٽ آهي، ٻئي گڏ پڙهڻ ويا هئا.

ڌڻي بخش جي گهر جا حال به پورا هئا. مسڪينيءَ واري حال هوندي به سندس پيءُ پيو خرچو موڪليندو هو، پر ڌڻي بخش يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ کان وڌيڪ ٻين ڪمن ۾ لڳي ويو هو، هُو ڀٽڪي ويو هو.

”بابا..... مان چاچي وارن ڏانهن ٿي اچان....“ انور ٿورو هٻڪندي، ڪياڙي کنهندي، لڄاروٿيندي، پنهنجي پيءُ کان پڇيو.

”ها....ها.... بابا، چڪر هڻي آ، چاچهين به انتظار ۾ هوندو.“ پڻس کيس ٿپڪيندي ۽ مرڪندي، اجازت ڏني.

انور کي چاچي کان وڌيڪ رضيه کي ڏسڻ جو شوق هو. رضيه سندس مڱيندي هئي. انور دير ئي نه ڪئي ۽ ٽپو ڏئي اٿيو. ٻئي گهڙي ۾ چاچي جي در تي هو پاڻ کي ٺاهي ٺوڪي، وار سنواري، در کڙڪايو، تڏهن اندران آواز آيو:

”ڪير آ....“ رضيه جي آواز تي سندس دل ڌنوَڻِ وانگر دهڪڻ لڳي، ڳلو خشڪ ٿي ويس، آواز مڇي جي ڪنڊي وانگر ڦاسي پيس، محبوب جو آواز ايڏو مٺو ڇو هوندو آهي. هن کان ڪجهه نه پُڳو ته وري در کڙڪايائين.

”ڪير آ....!!!“ هن دفعي آواز ۾ تيزي ۽ ڪاوڙ هئي. هن ڳيت ڏيندي خشڪ گلي مان زوريءَ آواز ڇڪي ٻاهر ڪڍيو.

”مان.... آهيان، انور.“ هڪدم سانت ٿي وئي، ٿوري دير ۾ ائين لڳو، ڪنهن ڊوڙ پاتي هجي. ساڳئي گهڙي ۾ چاچي بادل در کوليو.

”اڙي... ابا انور.... ڀلي آئين ٻچا.“ چاچي اڳتي وڌي انور کي ڀاڪر ۾ ورتو ته هن جا حواص به بحال ٿيا. چاچو کيس گهر اندر وٺي آيو، چاچِي به سندس ماءُ وانگر گهورَ گُهورَ پئي وئي، کيس انور جي صورت ۾ پنهنجو ٻچو ڌڻي بخش نظر ايندو هو.

”ابا...... ڌڻي بخش نه آيو....!!“ ماءُ جو ڏک هن محسوس ڪري ورتو ”چاچي.... هن جا امتحان اڃا هلن پيا، انڪري پڙهائيءَ ۾ لڳو پيو هو....“ ڏکايل ماءُ کي پٽ جا ڪهڙا ڪرتوت ٻڌائي، انورجي جواب تي سندس چاچو ۽ چاچي ڄڻ مطمئن ٿي ويا.

”ٻچو محنت پيو ڪري، ڀلي پڙهي، هڪ ڏينهن ضرور وڏو ماڻهو ٿيندو.“ ڌڻي بخش جي ماءُ چپن ۾ ڀُڻڪڻ لڳي. انور، چاچي ۽ چاچِيءَ سان ڪچهري ڪندو رهيو، پر ٻن اکين کي هن پنهنجي چوگرد ڦيرا ڏيندي محسوس ڪيو. هن ڇا پئي ڳالهايو، اها ته کيس به خبر نه هئي، پر ڪا مدهوش ڪندڙ خوشبوءَ هئي، جنهن جي اثر ۾ هُو جڪڙيل هو. پاڇولا ڊگها ٿيندا پئي ويا، هُو چاچي وارن کان موڪلائي، گهر آيو. ڪجهه ڏينهن ڳوٺ ۾ رهڻ کان پوءِ هن واپس يونيورسٽيءَ وڃڻ جو ارادو ڪيو. سيمسٽر شروع ٿيڻ وارو هو. جيتري هن جي اچڻ جي خوشي هئي، اوتري هن جي وڃڻ جو ٻڌي اداسي ڇانئجي وئي، پر پوءِ به هُو واپس هاسٽل تي موٽي آيو.

”انو..... ڳوٺان ٿي آئين، امان بابا وارا ٺيڪ هئا؟“ ڌڻي بخش ڪمري ۾ داخل ٿيو ته ان سان گڏ، پنج ست ٻيا ڪامريڊ به پويان آيا. انور کي پيار مان ڌڻي بخش، انو  چوندو هو. انور، ڌڻي بخش کي ڏسي ڪتاب بند ڪيا.

”هائو.....ڪامريڊ هوشو، ڳوٺان ٿي آيس، چاچو ۽ خاص طور تي چاچِي توکي ڏاڍو ياد ٿي ڪري....“

”يار...... ڌرتي به ماءُ آهي، هن جي بقاءَ لاءِ به ڪم ڪرڻو ٿو پوي.“

”يار، سڀ صحيح، پر تنهنجي ڪمن جي ڪري اسان جهڙا جيتامڙا نه مروڙجي وڃون.“

”ڇو، توکي ڪير هٿ لاهيندو، اسان مري ويا آهيون ڇا.....!؟“

”سڀني کي خبر آ، پاڻ سؤٽ آهيون، توسان ته مهاڏو نه اٽڪائي سگهندا، پر پاڻ مري وينداسون.“

”گهٻراءِ نه سؤٽ، تون پڙهي لکي آفيسر ٿي، اسان ڌرتيءَ تان قربان ٿينداسون.“

ڌڻي بخش عرف ڪامريڊ هوشوءَ جون اهي روز جون ڳالهيون هونديون هيون، پوءِ چانهه جو دور هلندو هو. دير تائين کل ڀوڳ، چرچا پيا هلندا هئا. يونيورسٽي جي هاسٽل وارن ڏينهن جو ڪو مستقبل ناهي هوندو، فقط حال هوندو آهي، اڻ وڻندڙ ۽ پوءِ ماضي هوندو آهي وڻندڙ.

هاسٽل تي ڪمري ۾ انور پڙهي رهيو هو، رات جا اٽڪل ٻه وڳا هئا، جو دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿِي. انور در کوليو ته ڪامريڊ هوشو دوستن سان گڏ بيٺو هو.

”گهٻراءِ نه سؤٽ، ڇاپو ناهي لڳو، بس تنهنجي چانهه پيئڻ آيا آهيون.“ ڪامريڊ هوشو کلندي، دوستن سميت ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ پلنگ تي چڙهي ويهي رهيو. انور به مرڪي پيو.

”ها سائين، ڪامريڊن کي ڀليڪار ڪير نه ڪندو، پر يار ٻاڙ مون کي به لڳي آهي.“ ائين چئي انور چانهه ڪاڙهڻ جي تياريءَ ۾ لڳي ويو.

”اڙي..... پتي ته ڪانهي.“ انورپتيءَ وارو دٻو جاچيندي چيو.

”پيارا....چانهه کپي.... اصل دماغ وڄي ٿو پيو.....“ ڪامريڊ هوشو وهاڻي کي ڀت سان لڳائي اهلڻ لڳو.

”چڱو ڀلا، ڪينٽين تان ٿو ڏسان، متان پتي ملي وڃي.“ انور ڪمري مان نڪري، ٻاهر سينٽرل ڪينٽين تان پتي جاچڻ ويو، اتي دير تائين شاگرد ۽ ڪينٽين جا مزدور ويٺا هوندا هئا. ڪامريڊ ڪچهريءَ ۾ لڳي ويا. وڏا وڏا ٽهڪ، ڳالهه ڳالهه تي تاڙو، آواز ٻاهر ٿي ٻڌڻ ۾ آيا. ڪافي دير ٿي وئي، انور نه موٽيو. اڃا وڌيڪ دير ٿي وئي، پر انور نه موٽيو.

”يار.... هيءُ انور ڪاڏي ويو؟“

”چيائين پئي ته ڪينٽين تان پتي ٿو وٺي اچان.“

”پر... يار! پورو ڪلاڪ ٿي ويو اٿس.“

”اُٿو ته ڏسونس.“ هوشو، دوستن سميت ڪمرو بند ڪري ٻاهر نڪري آيو. هنن ٻاهر هيڏانهن ڳوليو پر انور نظر نه آيو. ڪينٽين ڀرسان ڪجهه رات جا رولاڪ شاگرد کين سُسُپس ڪندي نظر آيا. هيءُ اوڏانهن وڌيا.

”ٻڌو.... انور کي ڏٺو اٿوَ...“ هوشوءَ مخصوص انداز ۾ شاگردن کان پڇيو. ”نه ڪامريڊ، انور ته نه ڏٺو، باقي ڪجهه ماڻهو هڪ ڇوڪري کي زوريءَ پراڊو گاڏي ۾ کنڀي کڻي ويا آهن.“ هڪ شاگرد جيڪو ان ئي هاسٽل جو رهندڙ هو، هوشوءَ سان ڳالهه ڪئي.

”ڇا ٿو بَڪين... ڪير هئا، ڪنهن کي کڻي ويا.“ هوشوءَ جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون.

”ادا، اسان کي ڪا خبر ناهي ته ڪير هئا، اسان کين پري کان ڏٺو.“ هوشوءَ جو مٿو چڪرائجڻ لڳو. ڪٿي انور ته نه کنڀجي ويو....!!! هو پنهنجن وڏن ڏانهن ڊوڙيو. پرووسٽ، رجسٽرار ۽ وي سيءَ تائين فون ٿي وئي. خبر باهه وانگر ڦهلجي وئي. صبح جو پوري يونيورسٽيءَ ۾ بائيڪاٽ ٿي ويو. انور گم هو. هوشو پاڻ کي ڏوهي سمجهڻ لڳو. الائي ڪير ماڻهو هئا، الائي ڪنهن جي لاءِ بيٺا هئا. منهنجو سٻاجهڙو ۽ مسڪين، پڙهاڪو سؤٽ هنن جي وَر چڙهي ويو. پوري يونيورسٽيءَ ۾ وڳوڙ شروع ٿي ويا. ادارا حرڪت ۾ اچي ويا. يونيورسٽي انتظاميه لاءِ اها شرم جهڙي ڳالهه هئي ته ائين شاگرد ڪئمپس جي هاسٽل تان کنڀجي وڃي. وٺ وٺان لڳي پئي هئي، پر ڪافي ڏينهن گذري وڃڻ بعد به هڙ حاصل نه ٿِي. انور جو پتو نه پيو. پورو مهينو گذري ويو، هر طرف ڄڻ دانهين دانهين چُپ ٿي وئي. صبح جا اَٺ وڳا هوندا جو دروازي تي زور زور سان کڙڪو ٿيو. هوشو ڇرڪ ڀري اٿيو. حواص گم ٿي ويس. ”اڙي.... ڇاپو!!!“ هن کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته ڇا ڪري، هُو هيڏي هوڏي ڦرڻ لڳو.

”هوشو.... در کول....“ ٻاهران ٻيهر درکڙڪائڻ سان گڏ رڙ آئي، ته هن ۾ ساهه پيو. هيءُ ته ڀورل جو آواز آهي. هن در کوليو. ڀورل جي هٿ ۾ اخبار هئي، پگهريو پيو هو، سهڪي رهيو هو.

”دم پَٽِ ڀورل ڇا ٿيو؟“ هوشو اڳتي وڌي ڀورل جي ڪلهي ٿي هٿ رکيو. ڀورل، اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. هيءُ وائڙو ٿي ويو. ”ٿيو ڇاهي ڀورا“. اخبار ۾ ڇپيل خبر سندس آڏو رکي.

”پوليس کي درياء جي ڪپ وٽان پرتشدد لاش مليو آهي، جنهن جي سڃاڻپ يونيورسٽيءَ جي شاگرد انور طور ٿي آهي. پوليس لاش اسپتال پهچائي ڇڏيو.“ اخبار، هوشوءَ جي هٿ مان ڇڏائجي وئي، هُو چڪرائجي ويو.

”پاڻ سؤٽ آهيون، توسان ته مهاڏو نه اٽڪائي سگهندا، پر پاڻ مري وينداسون.“ انور جا چيل لفظ پڙاڏا بڻجي هن جي چؤگرد گونجڻ لڳا.

 

مهراڻِ ايوب

پُٽاڻو اولاد

 

        ”جيئن مان چوانءِ ٿو تيئن ڪر، نه ته ماري ڇڏيندوسانءِ.“ گيراج ماسٽر مون کي کٽ تي اڇلائيندي رڙ ڪري چيو.

        ”استاد، دير ٿي ويئي آهي، منهنجي ماءُ انتظار ڪندي هوندي.“ خوف و حراس ۾ منهنجو آواز نه پئي نڪتو. زوردار چماٽ منهنجي ڳل تي لڳي، دماغ ۾ عجيب آواز اچڻ لڳا. ڳل مان ڄَرُ پئي نڪتي. دم گھُٽجڻ لڳو. ائين لڳو ڄڻ ڪنهن هٿ ٻڌي ڇڏيا هجن، پير ٿڌا پارو ٿي ويا هئا. الائي ڪيتري دير ٿي ويئي، پاڻ کي ڇڏائي نه ٿي سگهيس. لڳي ٿو ان اذيت ۾ ڪيئي ڪلاڪ لڳي ويا هوندا. نيٺ اک کلي ته پاڻ کي جيل ۾ ڏٺم، اونداهيءَ ۾ ڪجهه نظر نه ٿي آيو، بس هلڪي روشني هئي جيڪا شايد ٻاهران ڪٿان اچي رهي هئي، جنهن مان صرف جيل جون سلاخون نظر اچي رهيون هيون.

اڄ صبح ئي ته گهر ۾ هئس، وقت ڪيڏو جلدي پلٽو ٿو کائي، ۽ ان کان به جلدي ڪيئن نه انسان کي پنهنجي ڪئي جو حساب ڏيڻو ٿو پوي.

”هل ڪڃر جا پُٽ، جيل ۾ سَچُو لڳندئي ته پاڻهي سچي ڪندين.“ اڄ شام، ڪم تان جلدي واپس گهر آيو هئس، امان پريشان هئي ته مان ماني نه ٿو کاوان، انڪري خاص منهنجي لاءِ گوبي ۽ گوشت رڌي رهي هئي. ڪمري ۾ رکيل کٽ تي ليٽيو پيو هئس ته گهر جو ڪاٺ وارو دروازو زور سان کلڻ جو آوز ٻڌم، لڳو پئي ڪنهن لت هڻي کوليو هو. ڪجهه ماڻهن جو آواز ٻڌم، جيڪو منهنجي گهر مان ئي اچي رهيو هو. اڃان کٽ تان اٿيس مس، ته  پوليس حوالدار اچي مون کي ڪالر کان ڇڪي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو.

        ”منهنجي پُٽ کي ڪيڏانهن ٿا وٺي وڃو. مهرباني ڪري مون غريب تي ظلم نه ڪيو، منهنجو اهو هڪڙو ئي سهارو آهي. منهنجو پُٽ ڪو گناه نٿو ڪري سگهي.“ اها سياري جي سرد ترين رات هئي ۽ منهنجي ماءُ مٿي ۽ پيرين اگهاڙي دروازي کان ٻاهر منهنجي پويان ڊڪندي ٿي آئي.

        ”سائين منهنجي پُٽ کي ڇڏ،“ منهنجي ٻانهن ۾ زوريءَ اچي هٿ وڌائين ۽ ايس.اڇ.او کي ليلائيندي چيائين.

        ”مائي اهڙي وحشي درندي پُٽ کان ته کٽ خالي ڀلي اٿئي.“ امان کي پوئتي ٿيلهو ڏيندي مون کي حوالدار ڇڪي گاڏيءَ ۾ وڌو.

        امان جي دانهنِ تي پاڙي جا ماڻهو نڪري آيا هئا. مون ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو، پر ايتري پڪ آهي ته امان گاڏي جي پويان ڊڪندي آئي هوندي، آخرڪار مان هُن جي سڪيلڌو پُٽ هئس، جنهن جي سهاري هن هر ڏک کِلي سَٺو هو.

        اَسُر جي ٻانگ جو آواز ڪن تي پيو ته پنهنجي آسپاس نهاريم. دماغ ۾ سور جون سخت سَٽون اُڀري رهيون هيون. وارن ۾ سختيءَ سان آڳريون ڀيڙي اٿي ويٺس. ڀڳل فرش کي تڪيندي منهنجون اکين ڄڻ برف جون ٿي ويون. ننڍپڻ جو اهو ڏينهن وري اکيون ۾ تري آيو، جڏهن منهنجي پيءُ پنهنجي حسن ۽ جوانيءَ جي غرور هيٺ منهنجي ڪاري ڪوجهي ماءُ کي طلاق ڏئي، ڌيءُ ۽ پٽ سميت گهران ڪڍيو هو. امان کي اهو ڏک نه هو ته کيس طلاق ملي آهي، ڇو ته ڪجهه سال اڳ جڏهن بابا ٻي شادي ڪئي هئي ته اسان کان قطع تعلق ڪري ڇڏيو هئائين. انڪري هاڻي بس امان کي بي گهر ٿيڻ جو ڏک هو. اسان کي وٺي هوءَ پنهنجي ڀاءُ جي گهر آئي، مامِي اسان کي گڏ رهائڻ لاءِ تيار نه هئي. اهو گهر اسان جي ناني جو هو ۽ ان گهر کان علاوه به ملڪيت هئي، پر مامي، امان کي ان گهر مان هڪ ڪمري ۽ ننڍڙي اڱڻ وارو گهر ڏئي ان جو دروازو الڳ ڪري ڏنو ته جيئن امان ٻيو حصو نه گُهري.

        ڪجهه ڏينهنِ ۾ ئي مامو گهر وڪڻي ڪراچي لڏي ويو، مان اڃا اٺن سالن جو مس ٿيو هئس، پر اهو احساس ضرور هو ته منهنجي ماءُ اڪيلي عورت آهي، جنهن کي ٻه ٻار پالڻا آهن.

        ”ادي سڪينه، دل نه لوڏ، ڏسجانءِ ڪيئن تنهنجا سڀ ڏک هڪ لحظي ۾ ٿا لهن. الله سائين توکي هڪ پُٽ ڏنو آهي، مطلب هڪ مرد تنهنجي گهر ۾ آهي. سوچ اهي مايون ڪيئن ڪنديون هونديون، جنهن کي پُٽاڻو اولاد ئي ڪونهي.“ ماسي اِقبال، جيڪا امان وٽ ڪپڙا سبرائڻ کڻي ايندي هئي، تنهن جي واتان اڪثر اهڙيون ڳالهيون ٻڌندو هئس.

        ”ها ادي بس اهو ئي ته هڪ آسرو آهي، خبر اٿئي، جڏهن سسئي ڄائي هئي ته ڏاڍي رُني هيس مان، الله سان ڄڻ ته وڙهي پئي هيس. “ امان کي هڪ دفعي چوندي ٻڌو هئم.

        ”ڇو ادي؟“ ماسي اقبالِ حيرت مان پڇيو هو، مان به حيرت مان ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هئس.

        ”شروع کان ئي باقر جي پيءُ جي مون سان دل ڪونه هئي. هُو اڪثر چوندو هو ته ٻي شادي ڪندس، پر ڪڏهن مون کي ڇڏڻ جو نه چيو هئائين. مس ڪري اميد واري ٿي هئي ته ڏينهن رات دعا هوندي هئي ته پُٽ ڄمي پر...“ امان جملو اڌ ۾ ڇڏيندي ائين ٿڌو ساهه ڀريو هو ڄڻ ته سندس اها دعا قبول ئي نه ٿي هجي.

        ”بس ادي، شڪر ڪر، پُٽ وڏو ٿيندئي ته سڀ ڏک لهي پوندئي، نياڻيءَ جو به نصيب الله سائين ڀلو ڪندئي. ايڏي سهڻي ڌيءُ ٿئي، ڏسجانءِ ڪيترا سٺا رشتا ٿا اچن، پنهنجي سسئي جا.“ ماسي اقبالِ چيو.

        ”جيستائين هوءَ شينهن ڪلهي چڙهي تيستائين ته منهنجي راتين جي ننڊ حرام آهي. ڏسين پاڻ ٿي، ڏينهون ڏينهن ماحول ڪيڏو خراب ٿو ٿيندو وڃي، پُٽ ته وري به مڙد ماڻهو آهي، سسئيءَ جي سونهن کان به مون کي ته ڊپ ٿيندو آهي.“ امان پنهنجي پريشاني ائين بيان ڪئي هئي ڄڻ سسئيءَ جي سهڻي هئڻ ۾ سڄو ڏوهه سسئيءَ جو هجي.    

        اسان ٻئي ٻار پنهنجي پيءُ جهڙا هئاسين، اسان جا ڳل ڳاڙها ۽ رنگ اڇو هو. پاڙي جا ماڻهو مون کي پٺاڻ يا ڳاڙهن ڳِٽن وارو ڇوڪرو چئي سڏيندا هئا. منهنجي ڀيڻ سسئي...... سسئي، منهنجي ڀيڻ ايتري ته سهڻي هئي جو پاڙي واري ماسي حُسنا ته کيس سڏيندي ئي جپاني گُڏي هئي. ڪيترائي ڀيرا امان جي واتان اهو چوندي ٻڌو هئم ته ”ڪاش هيءَ سسئي ايڏي سهڻي نه هجي ها، الله سائين مون تي هنن ٻن جي ذميداري رکڻي هيئي ته هن کي ايتري سونهن نه ڏِين ها.“

        سسئيءَ جي تصوير اکين آڏو ايندي ئي اکين ۾ ڄميل برف رجڻ لڳي، برف جي هيٺ ڄڻ ڪي لاوا ٻري رهيا هئا.

        هوءَ مون کان وڏي هئي، پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هيس، وڙهي وڙهي امان کان اسڪول وڃڻ جي موڪل وٺندي هئي. ڏاڍي خواهش هيس ته نوڪري ڪري امان جا ڏک لاهي. ڪاليج وڃڻ شروع ڪيائين ته اڪثر رستي ۾ ڇوڪرن سان وڙهي ايندي هئي. تڏهن مان امان تي ڪاوڙ ڪندو هئس ته هُن کي ٻاهر ڇو ٿي ڇڏين. ننڍو هئس، پر پوءِ به اڪثر امان سان وڙهي پوندو هئس ته مان جيئن تيئن ڪري ڪمائيندس، بس سسئيءَ کي گهران نه ڪڍي.

        صبح ٿي ويو هو، حوالدار ٻڌايو ته منهنجي ماءُ مون سان ملڻ آئي آهي. مون ۾ امان جي اڳيان اچڻ جي همت نه هئي، پر مان ڪجهه نه ٿي ڪري سگهيس.

        ”باقر، منهنجا ٻچڙا تون ڪيئن آهين؟“ امان جي نظر جيئن مون تي پئي، ته تڙپندي پڇيائين.

        مون خالي خالي نظرن سان امان ڏانهن ڏٺو.

        ”تنهنجي لاءِ چانهه آندي آهي پٽ، هي وٺ.“ امان ڪوپ ۾ چانهه وجهي مون کي ڏني.

        ”امان، تون هتي نه ايندي ڪر.“ مون چيو.

        ”ڇو پٽ، ائين ته نه چئه، الله ڪندو تون جلد پنهنجي گهر ايندين، مون کي هتي اچڻ جي ضرورت ئي نه پوندي.“ امان جي اکين ۾ اميد سان گڏوگڏ لڙڪ به هئا، جن منهنجي اندر ۾ وڍ ٿي وڌا. ڪجهه چوڻ لاءِ مون وٽ لفظَ ڪٿي هئا. مون پنهنجي لاءِ ٻاهرين دنيا جا سڀ دروازا پاڻ ئي بند ڪري ڇڏيا هئا.

        ”مائي هاڻي وڃ هتان، صاحب هتي گھڻي کشٽ برداشت ناهي ڪندو.“ حوالدار امان کي چيو. امان جي نظرن ۾ ڪيئي سوال هئا، پر بس هوءَ هڪڙي ئي آس کڻي هلي ويئي ته جيڪر مان چوان ته امان مان گنهگار ناهيان.

        اڄوڪو ڏينهن پوري تياريءَ سان مون لاءِ سزا کڻي آيو هو، جيڪو گناهه مون ڪيو هو، اهو جيڪي ڏوهه مون نه ڪيا هئا سي به مڃرائڻ لاءِ مون تي ڏنڊا وسايا ويا. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ، ايس.ايڇ.او منهنجي مار بند ڪرائي ته مون کي لڳو پئي ته مان بس مرڻ وارو آهيان، پر مون جهڙو ماڻهو ايترو جلد نٿو مري سگهي، کيس پوري پوري سزا ملڻ گهرجي.

        اسان جو معاشرونه بدصورتي کي سهندو آهي، نه ئي وري ڪنهن جي سونهن کي برداشت ڪري سگهندو آهي. مون کي ياد آهي ته مامي وارن جي وڃڻ کان پوءِ اسان هن ننڍڙي شهر ۾ ننڍڙي سوچ وارن ماڻهن جي وچ ۾ ڪيترا اڪيلا ٿي پيا هئاسين. امان ڪپڙا سلائي ڪندي هئي ۽ پاڙي جون مايون کيس پنهنجو لٿو پٿو به ڏئي وينديون هيون جيڪو امان پاڻ ۽ سسئيءَ کي پارائيندي هئي، پر ڪوشش ڪندي هئي ته مان ڪنهن جو لٿل ڪپڙو نه پايان.

        ”اڙي اٿي بيهه، صاحب وڏو آيو آهي.“ صاحب وڏو ڪير هو، مون کي ڪا ڄاڻ نه هئي. اٿڻ جي ناڪام ڪوشش ڪيم، پر ڪِري پيس.

        ”هيءُ ته ڳالهائڻ جهڙو ئي ناهي، هن کان ڇا پڇا ڪبي.“

        ”سائين، ڌمال نڪتي اٿس، انڪري اِهي ڊراما ٿو ڪري.“ صاحب سان گڏ جيڪو صوبيدار آيو هو، تنهن چيو.

        ”نه، پر پڇا ته ڪرڻي آهي، ايس.پي صاحب جن جي فون مٿان فون لڳي پئي آهي.“ صاحب مٿان شايد ڏاڍو زور هو، انڪري پنهنجي جاءِ تان ڪونه هٽيو.

        منهنجي هڏن ۾ اهڙا ڌڪ لڳل هئا جو مون کي ته پڪ هئي ته ڪو هڏو ضرور ڀڳو هوندو. مون بيهوشيءَ جو مِکر ڪيو. صاحب  ڪيتري ئي دير بيٺو، پر پوءِ نااميد ٿي واپس هليو ويو.

        ان ڏينهن، امان مون لاءِ سوڙ ۽ ڪجهه گرم ڪپڙا کڻي آئي، پر کيس مون سان ملڻ نه ڏنو ويو.

        امان، مون سان ملڻ کان بنا هلي ويئي! منهنجي دل ۾ بس ان هڪ ڳالهه تي ائين اٽڪي پئي هئي جيئن ڪنڊن ۾ ڪو ململ جو ڪپڙو. دل مان رت ٽمي رهيو هو، پر لڙڪن کي ٻاهر اچڻ جو ڪو گس نه ٿي مليو.

        مون ڪيڏي دعويٰ ڪئي هئي امان کي سک ڏيڻ جي. سسئيءَ کي هر دفعي دڙڪا ڏيئي چپ ڪرائيندو هئس، جيڪڏهن کيس پنهنجي ڪرڻ ڏيان ها ته يقينن هوءَ پنهنجي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها.

        شروع ۾ اسڪول ويس ته ڏاڍي مشڪلن سان پڙهائيءَ ۾ دل لڳائي هئم. سرڪاري اسڪول هو، ڪنهن استاد ايتري همت نه ڏياري جو اڳتي وڌڻ جو حوصلو ٿئي ها. ٿورو وڏو ٿيس ته هڪ عرفان، جيڪو ڏهين درجي ۾ پڙهندو هو، تنهن مون کي دوستي رکڻ لاءِ چيو. امان مون کي سختيءَ سان پاڻ کان وڏن ڇوڪرن سان دوستي رکڻ کان منع ڪندي هئي، مون کيس منع ڪئي. هُو ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان مون سان ڳالهائيندو هو، پر مان کانئس پري ڀڄندو هئس. خبر ناهي ته سندس مقصد ڪهڙو هو، پر مان هن جي ڪري اسڪول مان گُسائڻ لڳو هئس. اسڪول ويندو هئس ته هُو ماستر کي منهنجي ڪا نه ڪا شڪايت ڪندو هو ۽ پوءِ مون کي تنگ ڪندي چوندو هو ته ”ياري رک ته پوءِ تنهنجي ماستر جي مار مان جانِ ڇڏرايانءِ.“

        مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته عرفان منهنجي جان ڇڏي، پر هُو اسڪول مان ميٽرڪ ڪري ويو، تڏهن به اڪثر موڪل ۾ مون کي تنگ ڪندو هو ۽ ان جي ڪري ٻيا ڇوڪرا به مون کي تنگ ڪندا هئا ۽ عرفان جي نالي سان مون کي چيڙائيندا هئا. نيٺ مون ڇهين درجي ۾ اچي، اسڪول کي الوداع چيو. امان ڪجهه ڏينهن منٿ ميڙ ڪئي، پر آخر جڏهن سمجهيائين ته پڙهائيءَ ۾ منهنجي دلچسپي ناهي، تڏهن پاڙي جي ڪنهن چڱي مڙس کي چئي مون کي گيراج تي ڪم سيکارڻ لاءِ موڪليائين.

        ”ادي، الله ڏکڙا لاهي ڇڏيئي، ماشاءالله، تنهنجو باقر به ڪم سان لڳي ويو.“ ڪم تي وڃڻ شروع ڪيم، هڪ ڏينهن ڪم تان واپس آيس  ته پاڙي جي هڪ عورت مون کي ڏسي امان کي چيو هو.

        ”بس ادي، پڙهڻ ۾ دل ڪونه پئي لڳيس، هڪڙو ئي پُٽ آهي، سوچيم ته ڪو هنر ته هجيس نه.“ امان وراڻيو هو.

        ”ٻيو نه ته ڇا ادي، اسان غريبن ڪاڻ نوڪريون پيون ته ناهن نه، پڙهي به ها ته ڪهڙي نوڪري مليس ها. هاڻي کان ئي ڪم سکندو ته ڏسجانءِ ڪجهه ئي سالن ۾ پنهنجو گيراج کوليندو ۽ مالڪ بڻجي ويهندو.“ ان عورت امان جي فيصلي کي ساراهيو. مون کي به ٿوري همت ملي ته واقعي پڙهڻ ئي سڀ ڪجهه ناهي هوندو. دل سان ڪم سکڻ جو پاڻ سا ن پڪو وعدو ڪيم.

        ”مون ته سوچيو هو منهنجو ڀاءُ پڙهي وڏو ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿيندو، پر تون ته ماڳهين مستري ٿيڻ جو سوچي ويٺو آهين.“ سسئي منهنجي گيراج وڃڻ تي خوش نه هئي، انڪري اڪثر چوندي هئي.

        ”هن گهر جو هڪڙو ئي مرد آهيان. پڙهڻ لڳندس ته سڄي ڄمار گذري ويندي.“ مان پنهنجي ڏهاڙي مان اڪثر خرچي ڏيڻ وقت کيس چوندو هئس ۽ امان منهنجون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي چوندي هئي ته سندس سمورا ڏک لهي ويا.

        گيراج جو مالڪ بظاهر ڏاڍو سٺو، بااخلاق ۽ شريف ماڻهو هو، ان مون کي ڏسندي ئي ڪم ڏيڻ لاءِ حامي ڀري هئي.

”يتيم ٻار آهي، اسان يتيمن کي سهارو نه ڏينداسين ته ٻيو ڪير ڏيندو.“ مون کيس اڪثر ماڻهن کي چوندي ٻڌو هو. شروع ۾ ته مان به هُن جون ڳالهيون ٻڌي دل ئي دل ۾ دعائون ڏيندو هئس. دنيا ۾ ايترا سٺا ماڻهو به هوندا آهن مون کي اڳي خبر نه هئي، پر استاد جي سُٺائيءَ جي به مون کي خبر ڪجهه ئي ڏينهن ۾ پئجي ويئي. تڏهن منهنجي عمر صفا ننڍي هئي، شروع ۾ استاد مون کي ايترو پيار ڏنو جو مان مٿس اکيون بند ڪري يقين ڪندو هئس. هڪ ڏينهن هن مون کي دير تائين گيراج تي ويهاري ڇڏيو. مون کان وڏو ڇوڪرو ڪم تي نه آيو هو، استاد کي ڪا گاڏي ٺاهڻي هئي، جنهن ۾ مون اوزار وغيره کڻي ڏيڻ ۾ سندس مدد ٿي ڪئي. رات ٿيڻ واري هئي، گاڏي جو ڪم ختم ٿي ويو هو، پر اها اونداهي رات منهنجي ذهن ۽ قسمت کي هميشه لاءِ اونداهون ڪري ويئي.

ان رات جو خيال ذهن جي پردي تي ايندي ئي منهنجون اکيون کُلي ويون، ڇت کي يڪ ٽڪ تڪڻ لڳس. مان ڇا هئس، ڇا بڻجي ويس. ان کانپوءِ به مون پاڻ کي بچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئي. مون کي لڳندو آهي ته يتيم ٻار جي مٿان جيڪڏهن ڪنهن به پنهنجي جو هٿ نه هجي ته اهو وڻ ۾ ٻڌل اڳڙيءَ جيئان هوندو آهي، زماني جون ٿڌيون ڪوسيون هوائون کيس پنهنجي مرضيءَ جو رخ ڏينديون آهن.

”امان، مان اسڪول وڃڻ چاهيان ٿو. گيراج تي ڪم نٿو ڪري سگهان.“ ان ڏينهن کان پوءِ مان ڪجهه ڏينهن گيراج تي نه ويس، تيز بخار اچي ورايو هو. امان کي ان واقعي بابت ٻڌائڻ جي همت نه پيو ساري سگهان. استاد کان جان ڇڏائڻ جو اهو هڪڙو ئي طريقو هو.

”ڇو پُٽ، هي هڪ سال کان پوءِ توکي اسڪول وڃڻ جو شوق ڇو جاڳيو آهي؟“ مون سمجهيو امان خوش ٿيندي، پر هوءَ ته ڪاوڙجي پئي.

”امان، استاد مون کان ڏاڍو ڪم ٿو وٺي.“ مان وري به امان کي نه ٻڌائي سگهيس ته مون سان ڇا ٿيو هو.

”پُٽ، اها ته سٺي ڳالهه آهي نه. جيترو ڪم ڪندين اوترو سکندين به، پوءِ توکي پنهنجو گيراج کولي ڏينديس. جيڪو سامان چوندين مان توکي وٺي ڏيندس.“ امان منهنجي ڳالهه سمجهڻ لاءِ تيار نه هئي.

”ڏس باقر، مون توهان ٻنهي کي ڏاڍي مشڪل سان پاليو آهي. سڄي عمر ته مون ۾ ايتري طاقت نه هوندي جو ڪمائي سگهندس. تو وٽ هنر هوندو ته گهر به هلائي سگهندين نه.“ مون کي چُپِ ڏسي امان ٻيهر ڳالهايو.

”پر امان، گيراج کولڻ لاءِ ڏاڍو پيسو کپي، ڪٿان آڻينداسين؟“ مون امان کي ان ڳالهه تان هٽائڻ لاءِ بهانو ٺاهيو.

”مون وٽ ڪجهه زيور پيا آهن، ٻيو وري هاڻي تنهنجي استاد سان ڳالهائي تنهنجي پگهار به وڌرائيندس ڪجهه بچت ان مان به ڪندس.“ منهنجي دل ۾ خواهش پيدا ٿي ته ڪاش جيڪر هاڻي ئي مان ان قابل ٿي وڃان جو پنهنجو گيراج کوليان، پر ان کان اڳ امان مون سان ڪڏهن زيورن جي ڳالهه نه ڪئي هئي.

”امان، پوءِ ائين نٿو ٿي سگهي ته مان ٻئي ڪنهن گيراج تي ڪم ڪريان.“ مون ڊڄندي پڇيو.

”پٽ، ڏس، تون ڀلي گهر ۾ ڪيڏو به پيار سان پليو آهين، پر هڪ ڳالهه سمجهي ڇڏ، تنهنجو مالڪ توسان ڪڏهن به پيار سان پيش نه ايندو. توکي دڙڪا ڏيڻ، توکان گھڻو ڪم وٺڻ ۽ ايتريقدر جو توکي گاريون ڏيڻ هُو پنهنجو حق سمجهندو. اهو استاد هجي يا ڀلي ڪو ٻيو پر، تون اهو سمجهي ڇڏ ته ڪو به تو کي پنهنجو پُٽ، مائٽ يا يتيم سمجهي رحم نه ڪندو. ٻيهر اتان نڪرڻ جي ڳالهه تنهنجي واتان نه ٻڌان.“ امان سختيءَ سان چئي اندر هلي ويئي، پر مون کي ائين لڳو ته جنهن کي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي پئي سگهيس، اهو هڪ ماڻهو به منهنجي زندگيءَ مان هلي ويو.

ٻئي ڏينهن کان مون ڪم تي وڃڻ ته شروع ڪيو، پر اندران کان ڄڻ خالي ٿي ويو هئس. امان جي ڳالهين مان هڪ ڳالهه ئي ذهن ۾ اٽڪي پئي هئي ته سڀ استاد اهڙا هوندا آهن. مان استاد جو هر چيو مڃڻ لڳس. امان منهنجي بدلجندڙ طبعيت مان اندازو نه لڳائي سگهي ته مون سان ڇا ٿي رهيو هو. استاد پوڙهو ٿي ويو هو، هاڻي اڪثر مان سندس هٿ ۾ تسبيح ڏسندو هئس، پر هڪ ڳالهه مون ضرور محسوس ڪئي ته هُو مون ڏانهن ڏسڻ کان ڪيٻائيندو هو. ڪوشش ڪندو هُو صبح جو سوير گيراج جي سڀ کان وڏي ڇوڪري، جنهن کي سڀ ڀائي جان چوندا هئا، تنهن کي ئي ٻڌائي ڇڏيندو هو ته ڪنهن کي ڪهڙو  ڪم ڪرڻو آهي. انهن ڏينهنِ ۾ مان ڏاڍو خوش رهڻ لڳو هئس. گهر ويندو هئس ته امان ۽ سسئيءَ سان به صحيح نموني ڳالهائيندو هئس.

سسئي ڏاڍي چاهه سان اسڪول ويندي هئي. ميٽرڪ ڪيائين ته ڪاليج وڃڻ جو شوق ٿيس. ان وقت تائين زندگيءَ مون کي ڏاڍا سخت سبق سيکاري ڇڏيا هئا. مون سندس اڳيان پڙهڻ جي سخت مخالفت ڪئي ۽ ٻه سال کيس اڳتي پڙهڻ نه ڏنم پر امان، اهو چيو ته هوءَ بس امتحان ڏيڻ ڪاليج ويندي، انڪري مان چپ ٿي ويس. مون کي بس اهو کٽڪو هوندو هو ته منهنجي عزت ئي ٻاهر محفوظ نه رهي سگهي، هوءَ ته ڇوڪري هئي. امان کي اها ڳڻتي هوندي هئي ته بس ڪو مڇي ماني وارو ڇوڪرو ملي ته سسئيءَ جو بار لاهي. انهن ئي ڏينهنِ ۾ مون پرهه کي ڏٺو ۽ پهريون دفعو ڪنهن جي لاءِ دل کي ٻئي طرح ڌڙڪندي ڀانيم. پنهنجو پاڻ کي ٺاهيندو رهندو هئس.

پرهه جو خيال ايندي ئي ڄڻ جسم ۾ لڳل سڀ ڌڪ ٺرڻ لڳا، نئين سنئين سڀ سور جاڳي پيا. ڪنهن اچي مون کي بوٽ جي زور سان لتون هڻي ٿي اٿاريو.    

        پهرين مون سوچيو ته بيهوش ٿيڻ جو مِکر ڪريان، پر پوءِ سوچيم ته آخر پنهنجو پاڻ کي بچائي به ڇا ڪندم! مون جهڙي ماڻهو کي زنده رهڻ جو حق به ڪهڙو آهي.

        ”هي جاڳي پيو سائين.“ مون اکيون کوليون ته حوالدار رڙ ڪندي پنهنجي صاحب کي ٻڌايو.

        ”پوءِ وٺي هلوس انڪوائري روم ۾.“ صاحب جيل کان ٻاهر بيٺو هو، تنهن پريان کان ئي چيو.

        حوالدار مون کي هڪ ڪمري ۾ وٺي ويو. ٽيبل جي ڀر ۾ آمهون سامهون ٻه ڪرسيون پيون هيون. صاحب به اچي ويو ۽ هڪ ڪرسيءَ تي ويٺو. حوالدار مون کي ٻي ڪرسيءَ تي ويهاري ڪمري جو دروازو بند ڪري هليو ويو.

        ”لڳي ٿو ڪلهه توکي ڏاڍي مار پئي آهي؟“ صاحب ڳالهه ٻولهه  شروع ڪئي.

        مان ماٺ رهيس، اکيون زمين ۾ کُپي ويون.

        ”ايتري مار ته اسان هڪ هفتي ۾ ڏوهاري کي ڪڍندا آهيون. وڏو پڪو آهين، ڇو ٿو پاڻ سان گڏ ٻين جي زندگي به جيئڻ کان محال ڪرين، شرافت سان ڏوهه جو اعتراف ڇو نه ٿو ڪرين؟“ صاحب ڪجهه نرميءَ سان پڇيو. منهن تي لڳل ڌڪ ساوا ٿي ويا هئا ۽ منهنجي هڪڙي اک هيٺان کان ايڏي سُڄي ويئي هئي جو ڏسڻ به محال هو.

        ”مان پنهنجي گناه جو اعتراف ڪريان ٿو.“ منهنجي نڙيءَ ۾ ڄڻ ته ڪنڊا چڀي رهيا هئا، مون ڏاڍي مشڪل سان چيو.

        ”تو اهو سڀ ڇو ڪيو؟“ صاحب مون کان پڇيو.

        ان هڪڙي ڳالهه جي ڪري ئي ته مون اعتراف نه پئي ڪيو، مان اهو ڪيئن چوان ها ته مون پاڻ سان ٿيل ناانصافين جو بدلو ٻين کان ورتو.

        ”توکي خبر آهي ته هُو معصوم پنهنجي ماءُ جو هڪڙو پُٽ هو؟“

        مون هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. اندران کان ساڳيو درد ۽ پيڙا شروع ٿي وئي.

        ”توکي هُن جي ماءُ جي حالت هلي ڏيکاريان ته تون پنهنجو پاڻ کي پاڻ ئي موت جي سزا ڏيئي ڇڏين.“

        ”مان به ته پنهنجي ماءُ جو اڪيلو پُٽ هئس.“ مون ڀڻڪيو.

        ”توسان ڇا ٿيو؟“ صاحب حيرانگيءَ مان پڇيو.

        ”منهنجي ماءُ کي هڪڙي ڌيءُ هئي. منهنجو پيءُ سدائين ٻي شادي ڪرڻ ۽ ٻين ماين جي چڪر ۾ هوندو هو. پُٽاڻي اولاد ٿيڻ لاءِ سوين باسون باسيون هيون. بابا کان لڪي لڪي پيرن فقيرن تي ويندي هئي.“ مون پنهنجي ڌڪيل پيرن ۾ نهاريندي چيو.

        صاحب منهنجي ڳالهه ماٺ ڪري ٻڌي رهيو هو.مان چُپ ٿيس، ته هُن مون ڏانهن سواليه نظرن سان ڏٺو.

        ”امان کي مان ته ڄائس، پر بابا جي پيرن جي زنجير نه بڻجي سگهيس. هُن پاڻ کان وڌيڪ خوبصورت ۽ جوان ڇوڪريءَ سان شادي ڪري امان کي گهران ڪڍي ڇڏيو.

امان، سسئيءَ جي ڪري ڏاڍي پريشان رهندي هئي، پر مان سوچيندو آهيان ته ڪاش منهنجي عزت لاءِ به هوءَ ايترو ئي پريشان ٿئي ها.“

اهي ڏينهن ياد ڪندي مون کي اڄ ڏاڍي تڪليف ٿي رهي هئي. وڏي صاحب جي منهن ۾ ايتري شفقت هئي جو ان اڳيان پنهنجون سڀ محروميون دل کولي ٻڌايان ۽ ايترو روئان جو سڀ ڏک ڌوپجي وڃن.

        اکيون مٿي کڻي سندس اکين ڏانهن نهاريم، سندس اکين ۾ ڪجهه به نه هو.... رحم به نه.

        ”چُپ ڇو ٿي وئين، ٻڌاءِ.“ صاحب آواز ۾ ٿوري نرمي پيدا ڪئي.

        ”اسڪول ۾ ڇوڪرن مون کي ڏاڍو تنگ ڪيو، مان ان وقت اڃا ستين درجي ۾ هئس. مون کانئن لنوائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر هنن منهنجي جانِ نه ڇڏي.“ مون صاحب ڏانهن ڏٺو. هڪ لمحي لاءِ ڄڻ ائين مون کي لڳو، هو منهنجي ڳالهين کي هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ٿو سمجهي.

”مون ان کان اڳ به هڪ ڇوڪري کي ماري اڇليو آهي.“ مون کي لڳو ته بس هاڻي مون کي اعتراف ڪرڻ گھرجي.

صاحب گھڻي کن لاءِ حيرت جو مجسمو بڻجي ويو، پر اتي ئي پنهنجا تاثر ٺاهيندي پڇڻ لڳو. ”ڪڏهن ۽ ڇو؟“

”مون اهو سڀ به ڄاڻي واڻي نه ڪيو هو. مون الائي ڇو پاڻ سان ٿيل ناانصافيءَ جو بدلو انهن معصومن کان ورتو.“ مون ڳالهائڻ شروع ڪيو.

ڪا فلم هئي، جيڪا منهنجي اکين اڳيان هلڻ لڳي هئي جيڪي ڳالهيون ڪنهن سان نه ڪرڻ سبب مون ايترا گناه ڪيا هئا، سي سڀ اڄ صاحب کي ٻڌائڻ ٿي چاهيم. اهو سڀ ٻڌائي مان پنهنجي لاءِ رِهائيءَ جو رستو نه ٿي ٺاهيو، پر ذهن تان دٻاءُ ٿي گھٽائڻ چاهيم. اگر نه ٻڌايان ها ته ڪجهه ئي پلن ۾ دماغ ڦاٽي پوي ها.

”اسڪول مان جان ڇڏائي، گيراج تي ڪم ڪرڻ لڳس. اتان جو استاد ڏسڻ ۾ ته ڏاڍو چڱو هو، پر سندس اصليت کان مان ئي واقف هئس. هُو مون سان جيڪو ڪجهه ڪندو رهيو، تنهن جي ڄاڻ صرف مون کي آهي، مان اهو ئي سمجهندو هئس، پر ائين نه هو. گيراج تي ڪم ڪندڙ هر ڇوڪري کي اها خبر هئي پر ڪنهن به منهنجي سامهون اها ڳالهه نه ڪئي.“ منهنجي لاءِ اکيون مٿي کڻڻ محال هو.

”پوءِ ڇا ٿيو؟“ صاحب مون کي ماٺ ڏسي پڇيو.

        ”گيراج تي ڪم ڪندڙ ڇوڪرن ڪنهن طرح منهنجو غلط وڊيو ٺاهيو هو ۽ ڪجهه ڏينهن استاد جي موڪل تي وڃڻ سٽ ئي هُنن مون کي اڪيلو ڏسي اهو وڊيو ڏيکاريو ۽ مون کي چيائون ته اهو وڊيو هُو منهنجي گھر وارن ۽ منهنجي ساهرن کي ڏيکاريندا. منهنجي ڀيڻ جو مڱڻو مس ڪري ڪنهن سٺي گهر ۾ ٿيو هو ۽ امان منٿون ميڙيون ڪري پرهه سان منهنجي مڱڻو ڪرايو هو.“ مون اهو چئي صاحب ڏانهن ڏسڻ جي همت ڪئي.

صاحب ڏاڍي غور سان منهنجي ڳالهه پئي ٻڌي.

”ان ڳالهه جي ڪري مون سندن هر ڳالهه مڃي. استاد ڏاڍو بيمار رهڻ لڳو هو. هُو شايد پنهنجي ڪئي تي پشيمان هو، مون سان صفا ڪو نه ڳالهائيندو هو پر هاڻي ڇا پئي ٿي سگهيو، مون کي ته هن ڌُٻڻ ۾ ڌِڪي ڇڏيو هو، هاڻي پري کان مون کي ڪڍڻ جون سَڌون ڪرڻ مان ڪجهه نه ٿي وري سگهيو. مان وڏو ٿي ويو هئس ۽ ڪم ۾ به مهارت اچي ويئي هئي. استاد کي ڪو اولاد نه هو، هوريان هوريان سڀ ڪم منهنجي حوالي ڪرڻ لڳو هو، ان ڳالهه تي ويتر سڀ مون کان چڙڻ لڳا هئا.“ ڳالهه ڪندي ڪندي منهنجو وات خشڪ ٿي ويو هو. چپن تي زبان ڦيري وري ڳالهه شروع ڪيم.

        ”عرفان اچانڪ هڪ دفعو ٻيهر منهنجي زندگيءَ ۾ اچي ويو. هن دفعي هُو مَٽيل هو، مون پنهنجي اذيت جو ذڪر ساڻس ڀُلجي به نه ڪيو، مون کي لڳو ته هُو اها ڳالهه ٻڌي مون سان دوستي ختم ڪري ڇڏيندو. کيس اسپتال ۾ ڪلارڪي ملي ويئي هئي، مان ان ڳالهه تي دل ئي دل ۾ فخر محسوس ڪندو هئس. ڪجهه عرصو گذرڻ کان پوءِ هن منهنجي دل ۾ پرهه لاءِ شڪ ڀرڻ شروع ڪيو، ٻئي پاسي اسان جي پاڙي ۾ اها ڳالهه به مشهور ڪري ڇڏيائين ته منهنجي صحبت سٺن ماڻهن سان ناهي.“

        حوالدار، صاحب لاءِ چانهه کڻي آيو، پر هن هٿ جي اشاري سان کيس واپس کڻي وڃڻ جو اشارو ڪيو.

        ”تون پنهنجي ڳالهه جاري رک.“ صاحب چيو.

        ”عرفان کي دل ۾ اڃا به اها ئي ڳالهه هئي ته مون کيس سڀني جي اڳيان دوستيءَ کان انڪار ڪيو هو. شايد ان ڳالهه جو بدلو وٺڻ ئي هُو منهنجي زندگيءَ ۾ آيو هو. هن پرهه سان منهنجو رشتو ختم ڪرائي ڇڏيو، امان مون کي سمجهائڻ لڳي هئي ته مان ساڻس نه ملان، پر مون کي عرفان جي اصليت جي خبر ئي نه هئي.“

        ”تو جڏهن کان عرفان سان دوستي رکي آهي تڏهن کان ئي ماڻهن توتي شڪ ڪرڻ شروع ڪيو آهي.“ امان اڪثر مون کي چوندي هئي، پر مان کيس ڪيئن سمجهايان ها ته غلط ماڻهن سان ته مان اڳي رهندو هئس، پر ڪڏهن ڪنهن غلط ئي نه سمجهيو هو.

        ”توکي ڪيئن خبر پئي ته اهو سڀ عرفان ئي ڪيو؟“ صاحب مون کان سوال ڪيو.

        ”مان ته سدائين  کان ئي بيوقوف رهيو آهيان. رشتو ختم ٿيڻ کان پوءِ به پرهه ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته وري رشتو جُڙي وڃي، پر سندس والدين جي مرضي ڪونه هئي. هُن ڪيئن به ڪري اهو پتو لڳائي ورتو ته عرفان ڪهڙي طرح ڪيو اهو سڀ ڪجهه.“ مون وراڻيو.

        ”پرهه جو رشتو ڪنهن ٻي جڳهه تي طئه ٿي ويو. جلد ئي سندس شادي به ٿي ويئي. ويندي ويندي هوءَ اهو پتو لڳائي ويئي هئي ته عرفان سندس ڀاءُ سان اچ وڃ وڌائي اهي سڀ غلط فهميون پيدا ڪيون هيون. هاڻي مون وٽ ڪجهه به نه رهيو هو. گيراج جو ڪم ڪڏهن صحيح ته ڪڏهن صفا پوئتي پئي ويو. امان جي طبعيت به خراب رهڻ لڳي هئي، کيس منهنجي ڏاڍي ڳڻتي رهڻ لڳي هئي. عرفان سان سنگت مون صفا ختم ڪري ڇڏي هئي، پر هن منهنجي جان اڃا نه ٿي ڇڏي.“ مون اڳيان رکيل جڳ ڏانهن ڏٺو، مون کي ڏاڍي اڃ لڳي رهي هئي.

        ”پيءُ پاڻي.“ صاحب سمجهي ورتو.

        مون پاڻي اوتي پيتو، پر هڪ گلاس مان منهنجي اڃ نه لهي سگهي، ٻيو گلاس ڀري پيئڻ کان پوءِ وري ڳالهه شروع ڪيم.

        ”انهن ڏينهنِ ۾ مان اڳي ئي پريشان هئس، عرفان ويتر مون کي پريشان ڪرڻ شروع ڪيو. هن جي مرضي هئي ته مان سسئيءَ جو رشتو ختم ڪرائي ساڻس شادي لاءِ ها ڪريان. مون جڏهن سڌو سنئون انڪار ڪيو ته هن مون کي ڌمڪائڻ شروع ڪيو.“ ماضي جا گھاوَ وري اٿلڻ لڳا هئا، مون کي اندازو ٿيو ته تڪليف جو اندازو صرف اهو ئي لڳائي سگهي ٿو، جنهن تي گذرندي آهي. ڪٿي نه ڪٿي مون صاحب مان رحم جو اميد ضرور لڳائي هئي.

        ”عرفان تي مون کي اڳ ئي ڏاڍي ڪاوڙ هئي، جيئن ئي اها ڳالهه ڪيائين ته مون کيس مارڻ شروع ڪيو. هو ان حملي لاءِ تيار نه هو، انڪري مون کيس ڪافي ڌِڪي ڪري وڌو. هُو مون کي گرفتار ڪرائڻ جي ڌمڪي ڏيئي هليو ويو. مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هاڻي ڇا ٿيندو. جسم ۾ ڪنبڻي وٺي ويئي هئي، ان حالت ۾ گھر نه پيو وڃي سگهان، انڪري ٻه ڏينهن گھر نه ويس. گيراج تي مسلسل ڪم به ڪيم، پر منهنجو مٿو جيئن پوءِ تيئن ڦرندو پئي ويو. ذهن تي ايترو دٻاءُ هو جو پوءِ اوچتو، مون گيراج تي ڪم ڪندڙ هڪ ننڍڙي ڇوڪري سان اهو ڪيم جيڪو مون سان استاد ڪيو هو.“ مون ساهي پٽڻ جي لاءِ ماٺ ڪئي. صاحب وڏي جي منهن تي تاثر سخت پئي ٿيندا ويا.

        ”عرفان کي منهنجي ماضي جي هر ڳالهه خبر پئجي ويئي هئي. هن مون کي بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو. نيٺ مون کي سسئيءَ جو مڱڻو ختم ڪرڻو پيو. مون کي دل ۾ کٽڪو هو ته سسئي جي ذهن تي به ڪو غلط اثر نه پوي، پر هن پنهنجو پاڻ کي ڪتاب پڙهڻ ۽ سلائي جي ڪم ڪرڻ ۾ مصروف ڪري ڇڏيو هو. مون کي هاڻي دل ۾ ڏاڍي شرمندگي ٿيندي هئي ته مون سسئيءَ جو ڪاليج وڃڻ بند ڪرايو هو.“

        ”ادي سسئي، تنهنجي ڪاليج ۾ داخلا ٿي سگهي ٿي هاڻي؟“ مون سسئيءَ کان هڪ ڏينهن اوچتو پچيو هو. مون کي ياد آهي، ان ڏينهن مون پنهنجي ڀيڻ کي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ايترو خوش ڏٺو هو.

        ”ادا، ڇو ڀلا اڄ پڙهائيءَ جو پيا پُڇو؟“ سسئي حيرت ۽ سرهائيءَ مان پڇيو هو.

        ”ها، سوچيان ٿو مان ته پڙهي نه سگهيس، تون ئي ڀلي پنهنجو شوق پورو ڪر.“

        ”ادا، مون ٻارهين جا امتحان ڏنا هئا، نتيجو به سٺو آيو هو. ان ڳالهه کي ٻه سال به ٿي ويا آهن. امان توکي ٻڌايو ته هو، ته صرف امتحان ڏيڻ وينديس.“ سسئيءَ سمجهيو هو ته مان شايد ٻارهين تائين پڙهڻ واري ڳالهه پيو ڪريان.

        ”پوءِ ان کان اڳتي نه ٿو پڙهي سگهجي ڇا؟“ مون کانئس پڇيو هو.

        ”اڳتي پڙهڻ لاءِ فيس گھڻي هئي ۽ مون کي لڳو شايد تون پڙهڻ نه ڏين.“ سسئي ان ڏينهن پهريون ڀيرو مون سان ايترو پهنجائپ مان ڳالهايو هو يا شايد مون ئي پهريون دفعو ساڻس ايتري پنهنجائپ مان ڳالهايو هو.

        ”تون جيترو پڙهڻ چاهين اوترو پڙهه ۽ پئسن جي پرواهه نه ڪر.“ منهنجي دل ڀرجي آئي، لڙڪ نڙي ۾ اٽڪي پيا هئا، ايترو چئي ٻاهر نڪري ويس.

        امان اها ڳالهه ٻڌي خوش ٿي هئي پر مون ۾ تبديلي ڏسي ڪجهه مشڪوڪ پڻ ٿي هئي، انڪري مون کان ڏاڍا سوال ڪندي رهندي هئي. مون کي وري اهو کٽڪو هوندو هو ته ڪٿي امان کي اها خبر نه پئجي وڃي ته سسئيءَ جو رشتو ختم ڪرائڻ ۾ عرفان جو هٿ هو.

        ”سائين، اوهان منهنجي ڳالهه تي يقين ته ڪيو ٿا نه؟“ مون صاحب کان پڇيو.

        ”ها، تون ڳالهه ڪر اڳيان.“ صاحب بنا ڪنهن تاثر جي وراڻيو.

        ”عرفان جو زور مون تي ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿي ويو، ته مان امان سان سندس سسئيءَ جي رشتي جي ڳالهه ڪريان. مون کي هاڻي عرفان تي يقين نه رهيو هو، نه ئي سندس ڪرتوت اهڙا هئا جو مان پنهنجي ڀيڻ جو سڱ کيس ڏيان ها. هُو ايترو ڪِريل انسان هو جو اڪثر ڳالهين ڳالهين ۾ مون کي چئي ڏيندو هو ته منهنجي باري ۾ کيس سڀ خبر آهي. جڏهن گھڻو وقت گذري ويو ته هڪ ڏينهن هُو منهنجي گيراج تي ڪجهه اهڙا ماڻهو وٺي آيو جن مون سان نازيبا حرڪتون ڪيون، مون وڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته عرفان مون کي منهنجو وڊيو ڏيکاريو. منهنجي اندر ۾ باهه ٻري ويئي هئي، پر مون پاڻ کي ڏاڍو هيڻو ٿي ڀانيو.“

        ”تون مون سان ڪجهه به ڪر، پر مان توکي سسئيءَ جو سڱ ڪڏهن به نه ڏيندس.“ مون نيٺ هن کي سڌو سنئون انڪار ڪيو، جنهن تي ڄڻ ته کيس باهه لڳي ويئي.

        ”ڇا چيئي، تون مون کي سسئيءَ جو سڱ نه ڏيندين! تنهنجو ته پيءُ به مون کي سڱ ڏيندو.“ عرفان ٻه ٽي گاريون ڏئي چيو ۽ ڇوڪرن کي اشارو ڪيو.

        ”صاحب، مان ڏاڍي اذيت مان گذريو هئس ان ڏينهن!“ اها ڳالهه ٻڌائيندي منهنجي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.

        ”پهريون ته ننڍو هئس ته پاڻ کي بچائي نه سگهيو هئس، هاڻي ته مان وڏو هوندي به ايترن ڇوڪرن جي اڳيان ايترو مجبور ڪيئن ٿي ويو هئس. رڳو اها سوچ مون کي ڏاڍو پريشان ڪندي هئي.“ مان ماٺ ٿي ويس. صاحب ڏانهن ڏٺم، سندس منهن تي پهريون دفعو ڏک جو تاثر ڏٺو هئم. شايد هن منهنجي اکين ۾ ترندڙ بيوسيءَ جي سچائيءَ کي سمجهي ورتو هو.

        ”عرفان منهنجون تصويرون ڪڍيون هيون. هاڻي هن مون کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ ڏاڍو مضبوط هٿيار هٿ ڪري ورتو هو.“ ٻه ڏينهن بخار ۾ تپندو رهيس، گيراج کولڻ جي همت نه هئي. امان کي چيم ته ٻي شهر ۾ لڏي هلون، پر امان اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه هئي. گهر کپائڻ لاءِ مون ڪجهه پاڙي جي ماڻهن کي چئي ڇڏيو هو. جيئن تيئن ڪري امان کي سمجھائي ورتم، گيراج استاد مون کي ڏني هئي، ان ڪري اها کپائي ڇڏيم. ٻي شهر وڃي ساڳيو ڌنڌو ڪرڻ جو سوچيو هو.“ مون صاحب کان پاڻي پيئڻ جي موڪل ورتي ۽ جڳ مان سادي گلاس ۾ پاڻي اوتي پيتم.

          ”قدرت شايد منهنجي لاءِ ڪجهه ٻيو سوچي رکيو هو. گھر کپڻ وارو ئي هو ته عرفان مون کي اچي ٻڌايو ته هُن منهنجون تصويرون سڀني دوستن کي موڪلي ڇڏيون آهن. اها ڳالهه منهنجي لاءِ قيامت کان گھٽ نه هئي، مون الائي ڪيئن پاڻ تي ڪنٽرول ڪيو ۽ کيس ڪجهه نه چيم. گيراج منهنجو بند ٿي ويو هو. عرفان جي وڃڻ کان پوءِ، سڌو مدرسي ويس جتي عرفان جو ڀائٽو پڙهندو هو. اتفاق سان اهو مدرسي جي دروازي وٽ ئي بيٺو هو، کيس ٻانهن کان ڇڪي شهر جي ٻاهر وڃي ساڻس پنهنجي سڄي ناانصافين جو بدلو ورتم. مون مٿس ايترو ظلم ڪيم جو هُن معصوم جي جسم مان ساهه ئي نڪري ويو. جڏهن مون کي محسوس ٿيو ته هُو مري ويو آهي ته مان اتان ڀڄي ويس.“ اها ڳالهه ٻڌائي مان ماٺ ٿي ويس، ان کان پوءِ مون وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه نه هو.

        ”ٺيڪ آهي، هاڻي تون وڃين سگهين ٿو.“ صاحب، بس ايترو چيو ۽ حوالدار کي سڏيائين ته مون کي لاڪ اپ ۾ بند ڪري.

        مون کي هڪ دفعو ٻيهر صاحب تي شڪ ٿيڻ لڳو ته شايد هن منهنجي ڳالهه تي يقين ناهي ڪيو.

        لاڪ اپ ۾ اچي ويٺس ته ڪافي مايوس هئس. ”مون ته وڌيڪ جيئڻ نه ٿي چاهيو نه پوءِ موت جي سزا جو سوچي هي مايوسي ڇا جي آهي!“ مون پاڻ کان ئي سوال ڪيو. اهڙا سوال ڪندي ڪندي رات گذري ويئي. ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا پر امان نه آئي. منهنجي دل کي عجيب وسوسا وڪوڙي ويا هئا.

        ”باقر، تنهنجي لاءِ ملاقات آهي.“ حوالدار اچي مون کي چيو .

        ڏٺم ته حوالدار جي پويان امان اچي رهي هئي. ”باقر، مان اڄ توکان اهو نه پڇنديس ته تون ڪيئن آهين. بس منهنجي اڳيان اهو چئه ته تون اهو گناهه ناهي ڪيو.“ امان اڄ نيٺ پنهنجي دل جي ڳالهه ڪئي. مون ڪجهه نه ڪڇيو.

        ”پاڙي جو هڪ هڪ ماڻهو چوي ٿو ته ٽي.وي تي ٻڌائين پيا ته تون نه صرف ان قتل جو، پر هڪ ٻي گناه جو به اعتراف ڪيو آهي. ڏس منهنجا پُٽ، ائين نه ڪر. ڪنهن جي دٻاءَ ۾ نه اچ. مون سڄي عمر ان ڳالهه تي شڪر ڪيو آهي ته مون کي پُٽاڻو اولاد آهي ۽ اهو نه صرف مون کي، پر پنهنجي ڀيڻ کي به هن ظالم سماج کان بچائي رکندو.“ امان مون کي نيازي ڪندي چيو.

        ”امان، مان گنهگار آهيان. مان پاڻ سان ٿيل زيادتين جو مقابلو سسئيءَ وانگر نه ڪري سگهيس. تون جنهن پُٽ لاءِ باسون باسيون هيون، ان تنهنجي زندگيءَ جي سڄي ڪئي ڪمائي وڃائي ڇڏي. نه مان پنهنجي عزت بچائي سگهيس، نه ئي توهان ٻنهي جو محافظ بڻجي سگهيس.“ مون اکيون هيٺ ڪري امان کي سڀڪجهه ٻڌايو.

        ”نه باقر، ائين نه چئه مون کي خبر آهي تون ايڏو بي ضمير ناهين. تون ايتري معصوم ٻار تي ظلم نٿو ڪري سگھين.“ امان، لڙڪن ڀرين اکين سان مون کي چيو.

        مان شرم کان ڪنڌ مٿي نه ڪري سگهيس. امان خبر ناهي ڪيترو وقت اتي بيٺي رهي، پوءِ هلي ويئي. ان کان پوءِ امان مون وٽ وري نه آئي. هڪ ڏينهن، سسئي، امان کان لڪي مون سان ملڻ آئي هئي، مون کي ٻڌايائين ته هوءَ نوڪري ڪندي آهي ۽ ڪجهه رقم مون کي به زبردستي ڏنائين. مون کيس ٻيهر جيل اچڻ کان سختيءَ سان منع ڪيو، پر ٻن سالن کان هوءَ مون ڏي ڪپڙا ۽ ڪجهه پئسا موڪليندي رهندي آهي. سوچيندو آهيان ته امان کي منهنجي جڳهه تي ڪاش ڌيءُ ڄمي ها ته اڄ هوءَ سڪون سان حياتي گھاري سگهي ها.

        حوالدار مون کي ٻڌايو ته پوليس عرفان کي به گرفتار ڪيو آهي، پر منهنجو گناه، قابلِ قبول نه آهي، انڪري مون کي موت جو انتظار ڪرڻو هو...

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org