گل محمد عمراڻي
”فُراتِ
عزا“ جو ادبي جائزو
مرزا ڪاظم رضا بيگ جي والد محترم مرحوم ميرزا
سلطان حيدر بيگ جي سنڌي ”سلامن“ جي مجموعي ”فُراتِ
عزا“ جي مطالعي کانپوءِ چند اکر پيش خدمت آهن.
ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪتاب هڪ اهم ادبي صنف ”مرثيي“ جي
نَفيس ومنفرد رُوپ“ ”سلام“ کي بهترين انداز سخن و
فِڪر سان نهايت متاثر ڪندڙ ترتيب سان پيش ڪري ٿو.
هن مجموعي کي مرزا ڪاظم رضا بيگ نَفاست ۽ پيار ۽
پاٻوهه سان سهيڙيو آهي، جنهن لاءِ هُو صاحبِ فهم،
قابلِ سَتائش و آفرين آهي.
مرثيو دراصل اسان وٽ عربي، فارسي ۽ اُردو ادب کان
آيل صنف آهي، جنهن کي
Elogy
به چئجي ٿو. ”سلام“ ۽ ”سوز“ ان جو اٽوٽ حصو آهي.
مرثيو عربي زبان جي لفظ ”رِثا“ مان نڪتل آهي، جنهن
جي معنيٰ ڪنهن مري ويل پياري شخص جي ”تعريف“ ۽
”توصيف“ ڪرڻ آهي.
اُردو ادب ۾ خاص طور تي واقعي ڪربلا جي الميي تي
رچيل شاعريءَ کي ”مرثيه نگاري“ چئجي ٿو، جنهن ۾
امام صاحبن کي خاص طرح سان حضرت امام حسين (شهيد
الشهداء) ۽ اهلبيتن جي تعريف رِجزيه، پُرحسرت ۽
الم وغَم جي انداز ۾ اعليٰ طرزِ بيان ۽ فُغان ۾
فِڪري ادبي اسلوب ۾ ادا ڪيل هوندي آهي. سنڌي مرثيه
نگاري ميرانيس ۽ مرزا دبير کان گهڻي متاثر رهي آهي
۽ ميرن جي دور کان سيد ثابت علي شاهه ۽ انيڪ عظيم
مرثيه گو شاعرن پنهنجي ڪلام جي عظمت کي مڃرايو آهي
۽ هاڻ اردو سان برميچي رهي آهي.
هن ادبي شهه پاري ۾ 64 سلام، 5 نَوحا سنڌي ٻولي ۾
7 سلام ۽ 2 نوحا اردو ٻوليءَ ۾ شامل آهن. ميرزا
سلطان حيدر بيگ مرثيه نگاريءَ جي ميدان جو قابلِ
قدر توانا شهسوار آهي، جنهن هِيءُ هنر پهريون ڀيرو
پنهنجي عظيم ڏاڏي ميرزا قربان علي بيگ جي واتان
ٻُڌو ۽ بعد ۾ ننڍي ڄمار ۾ پنهنجي ڏاڏي جي ڀاءُ
ميرزا امام علي بيگ کان بَغور هڪ طالبِ علم جي
حيثيت ۾ پرايو.
ميرزا صاحب فارسي زبان پنهنجي والد ميرزا علي محمد
بيگ کان سِکي ۽ سال 1942ع کان والد صاحب سان گڏ
مرثيا پڙهڻ شروع ڪيا. 1965ع کان 1997ع تائين ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد تان محرم الحرام ۾ مرثيه خواني ۾
باقاعده حصو وٺندو رهيو، جيڪو سال 2004ع يعني
سندن وفات کان هڪ ورهيه اڳ تائين جاري رهيو. پاڻ
سنڌي، اردو ۽ فارسي جا قادر الڪلام شاعر هئا ۽ فن
عروضي شاعري ۽ مرثيه خواني ۾ سندس استاد سندس ئي
والد هو. ميرزا سلطان حيدر بيگ جي هن ”سلامن“ جو
اجمالي جائزو علامه نبي بخش دانش صاحب نهايت ئي
عالماڻي انداز ۾ ورتو آهي، جنهن جي اُپٽار ڪرڻ به
ضروري آهي ڇاڪاڻ ته هيري جو قدر فقط جوهري ئي ڪري
سگهي ٿو ۽ علم ادب جي پرک فقط عالم ۽ فاضل.
دانش صاحب جي راءِ وزنداز لڳي ٿي، جڏهن هو چئي ٿو
ته ”سلام“ جهڙي صنف تي گهڻن شاعرن زور آزمائي ڪئي
آهي، پر جهڙي ڪاميابي مرحوم ميرزا سلطان حيدربيگ
ماڻي آهي اوتري شايد ئي ڪنهن حاصل ڪئي هُجي، ڇاڪاڻ
ته هي ڪلام شاعرانه خوبين، ڏات جي تَظاهر، لفظن جي
مُناسب جوڙجڪ، منظرنگاري، اخلاص ۽ دل جي گهراين
مان اٿندڙ اوٻر تي مشتمل حُسناڪيءَ جو موقعو آهي!
منهنجي خيال ۾ سڄو مجموعو اعليٰ و ارفع ترڪيبن، تز
ٻولي، سلاست، رَواني، علم و دانش جو مخزن آهي ۽
ڪٿي به اَجائي ورجاءُ، غير ضروري لفاظي نظر نٿي
اچي جيڪا گهڻو ڪري عام رواجي شاعرن جي ڪلامن کي
اجايو وڌاءَ طور بيجا مزين ڪندي نقصان پهچائيندي
آهي.
هن بيش قيمت مجموعي جي خُوبي ميرزا ڪاظم رضا بيگ
جو جامع ۽ پُرمَغَر مقدمو آهي، جنهن کي پڙهي بي
انتها مُفيد سوانحي معلومات حاصل ٿئي ٿي. تحقيقي
نڪتهء نظر سان تحرير ڪيل هي وَٿُ ڄڻ مَشعل مطالعو
آهي. اهڙي طرح سان ميرزا فتح علي بيگ شاهد ۽ اعجاز
علي بيگ ميرزا جن جا ادبي تقريظ به هڪ عام قاري
لاءِ ڪارائتا ۽ ادبي علمي رايا آهن. ميرزا ڪاظم
رضا هي با مُحاورا، تز ٻولي ۽ اندازِ بيان ۽ جوش
خِطابت به ڏاڍو متاثر ڪندڙ آهي. خاص طور تي سندس
نثري لوچ ۽ تِجنيس حرفي… جڏهن پاڻ فرمائي ٿو:
”سندس ضمير ۽ خمير ۾ سندس ڏاڏي ميرزا قربان علي
بيگ ۽ والد ميرزا علي محمد بيگ جي نجابت ۽ شَرافت،
نَفاست ۽ لَطافت، مُحبت ۽ اخلاق، قرب ۽ شفقت جا
مڙيئي جوهر موجود هئا...... پنهنجي خانداني روايت
جي گويا مجسم تصوير هو. يارن جو يار، وفا شعار ۽
وفادار جهڙس ڪو مشڪل ملندو، پنهنجن ۽ پراون سان
سندس لڳ لاڳاپا، هڪ شفيق دوست وارا رهندا آيا.
ڪنهن سان نه ڦٽايائين، ضرورتمندن جي نوڪري دوران ۽
پوءِ به پرگهور لڌائين، هر ڪنهن سان اخلاق ۽ محبت
جو پيوند ڳنڍيائين، ڪنهن سان ٻاڙو نه ٻوليائين.
سندس قلب سليم، مزاج لطيف، گفتگو سنجيده ۽ ملائم
ڪردار بي داغ، سراسر سون هو. وٽس نه ٻيائي هئي نه
وڏائي هئي.“
اهڙي زبان اڳي فقط غلام رباني آگرو صاحب لکندو هو
۽ هاڻ ميرزا ڪاظم رضا بيگ لکي سگهي ٿو. نَصيرمرزا
بابت به اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي پر هُو هڪ پَرگو
ليکڪ ۽ زود قلم مرنجان مرنج ۽ هر فن مولائي شخصيت
آهي جيڪا خوبي لکن ۾ هڪڙي کي نصيب ٿيندي آهي! اسان
جو پيارو ميرزا ڪاظم بيگ ڪم سُخن ۽ مَونن ۾ منهن
وِجهي گوندر ۾ زندگي گذارڻ وارو قلندر آهي جيڪو
مون لاءِ ته گودِڙي ۾ لعل آهي ۽ شاعر ۽ شخص باڪمال
آهي. خدا ڪري زور قلم اور زياده! سندس ڪاوشن جي
ڪري هي سلامن جا ڪُجهه بند پيش خدمت آهن.
حرف آخر: ميرزا سلطان حيدر جي فُراتِ عزا جي شاعري
دلگير دلسوز ۽ نهايت ساده ۽ غمگين آهي ۽ نموني طور
هيءُ آيو آهي:
ٻڌندي بَڪا وناله وفرياد اهلبيت،
ها شهر ۽ عُمر ٻئي مضطر تمام رات.
مقتل ۾ پَيو هو لاشئه سَرَور تمام رات،
جَهنگل ۾ ان کي ڳوليو ٿي مادر تمام رات.
قَبر بنت مُصطفيٰ تان هئي صدا ايندي رهي،
قَبر ۾ ڀي منهنجو دلبر مون کي پر وسري نٿو.
چيو ٿي روئي صُغرا ٿي بابا حُسينا،
ڇَڏي تون وئين مَون کي تَنها حُسينا.
سلطانه جمالي
کُليل اکين جا سپنا
هر ليکڪ جو پنهنجي يادگيرين لکڻ جو انداز مختلف
هوندو آهي، پر قاضي خادم جي لکڻي منفرد ۽ اهم
حيثيت رکي ٿي، ڇو ته ليکڪ نهايت سادگي ۽ دلفريب
انداز سان پنهنجي لکڻين کي جيئن جو تيئن ئي پيش
ڪيو آهي، تڏهن ئي پڙهندڙ هڪ دفعو شروع ڪرڻ کانپوءِ
پڙهي پورو ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي. يادگيرين
لکڻ جي تاريخ ۽ روايت به تمام گهڻي پراڻي آهي، هر
دؤر جي ليکڪ پنهنجي ٻولي ۽ طرز انداز سان يادگيرين
کي قلمبند ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ به هيءَ پراڻي
روايت رهي آهي، ڪيترن ئي ليکڪن ادب جي هن شعبي ۾
طبع آزمائي ڪئي، تن ۾ پراڻي ۾ پراڻو سيٺ نائونمل
جون يادگيريون آهن، جنهن کان پوءِ پير علي محمد
راشديءَ جا ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ڪاڪي
گورداس واڌواڻيءَ جو ”يادگيريون“ ڊاڪٽر گربخشاڻي
جون ”يادگيريون“ رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جو ڪتاب
”ڪيئي ڪتاب“، ۽ ٻيا ڪيئي ڪتاب هن کيتر ۾ وڏو نالو
ڪڍي چڪا آهن. قاضي خادم به پنهنجي يادگيرين جا 7
ڪتاب لکي سنڌي ادب کي مالامال ڪيو آهي.
قاضي خادم هيءُ ڪتاب ”کُليل اکين جا سپنا“ 2018ع ۾
لکيو، جنهن کي ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران
ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب 232 صفحن تي
مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ تاريخي، علمي، ادبي ۽ سماجي
موضوعن سميت ٻين ڪيترن ئي واقعن تي روشني وڌي وئي
آهي. هن ڪتاب ۾ نه صرف ماضي بلڪه حال ۽ مستقبل جو
به عڪس نمايان نظر اچي ٿو. هن دؤر ۾ هيءُ ڪتاب
نئين نسل کي پنهنجي شاندار ماضيءَ کان آگاهه ڪرڻ
سان گڏوگڏ کين حال ۽ مستقبل بابت پڻ ڄاڻ فراهم ڪري
ٿو. هن ڪتاب جي باري ۾ لکڻ تي ته ڪافي ڏينهنِ کان
دل ۾ شوق رهيو، پر لکڻ ويٺس ته سوچيم ڇا لکان؟
ڪيئن لکان؟ هن ڪتاب ۾ ته پوري دنيا ئي سمايل آهي،
هڪ طرف سنڌ جا اديب، استاد، ذاتي دوست، مٽ مائٽ،
صحافي ۽ مختلف شهرن جي تاريخ هجي يا ريلوي اسٽيشن
جا منظر يا انهن ۾ چڙهڻ کانپوءِ محسوس ٿيندڙ اهي
احساسات يا فلمن جي تاريخ، هيرو هيروئڻ جا نالا يا
اهي ياد ڪيل پراڻا گانا ته شهرن جي موسمن کان وٺي
مزيدار کاڌن جو ذڪر نهايت دلچسپ انداز سان بيان
ڪيل آهن.
هنن سڀني ڳالهين کان علاوه انهن تڪليف ڏيندڙ
ڳالهين کي ته نه ٿو لڪائي، جيڪي دوست ۽ اديب هن
دنيا مان وڇڙي ويا آهن، انهن کي به ياد ڪرڻ ڄڻ
پنهنجو فرض سمجهي هڪ نئين تاريخ قلمبند ڪري ٿو
ڇڏي. بقول مظهرالحق صديقيءَ جي قاضي خادم جا هيءُ
ڪتاب سنڌ جي سماجي تاريخ آهن، جيڪا مشهور ماهر
سماجيات ٽريولين جي سماجي تاريخ کان وڌيڪ دلچسپ ۽
معنيٰ خيز آهي.
هن ڪتاب ۾ حيدرآباد شهر جي ان اوج جو به ذڪر ملي
ٿو، جڏهن سياسي، سماجي ۽ معاشرتي هم آهنگي
حيدرآباد جي رهواسين ۾ موجود هئي. ماڻهو هڪٻئي جي
ڏک درد جو خيال رکندا هئا. ان وقت جي ماحول کان اڄ
جو حيدرآباد ڪافي مختلف آهي، اڳ واري حيدرآباد هر
لحاظ کان محفوظ ۽ پرامن شهر هو، ماڻهو رات دير
تائين پنڌ پيا گهُمندا ڦرندا هئا، جيڪا اهڙي سماجي
جوڙجڪ تهذيب ۽ ثقافت کي اجاگر ڪندي هئي. ڄڻ ته سڀ
شهر واسي هڪ ئي ڪٽنب جا فرد هجن!
هن سنڌ جي تمام گهڻن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڏو وقت گذارڻ
سبب انهن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي ۽ گذريل صديءَ جي
گهڻن اهم ماڻهن ۽ واقعن جو ذڪر ڪيو اٿس. هر ماڻهو
گهاٽي واڌيءَ ۾ پنهنجي زندگي آرام سان گذاريندا
هئا. ڪڏهن ڪڏهن حيدرآباد جي انهن گهٽين مان
لنگهندي اهي شيون اهي ڳالهيون ذهن ۾ تريو اچن ۽ ان
دؤر جو ئي عڪس اکين اڳيان اچي ٿو وڃي، جيئن هن
ڪتاب ۾ بيان ڪيل آهي، شايد تنهنڪري ئي ليکڪ پنهنجي
ڪتاب جو نالو ئي ”کُليل اکين جا سپنا“ رکيو آهي.
اهوئي سبب آهي جو قاضي خادم جي يادگيرين جي ڪيترن
ڪتابن کي اڪيڊمي آف ليٽرز ۽ ثقافت جي شعبي طرفان
اِوارڊ پڻ مليا آهن، ۽ سندس پڙهندڙن جو تعداد تمام
گهڻو آهي. شايد ليکڪ اڃا تائين انهن نظارن کي ڏسڻ
چاهي ٿو، جڏهن شهرن ۾ ماڻهو پنندا ڪونه هئا، غريب
به پنهنجي ٻارن کي ڪانه ڪا شيءِ ڏئي ٻاهر وهاريندا
هئا ته جيئن ٻه پئسا ڪمائي وٺن. سفر ڪرڻ به آسان
هوندو هو، وڏيون ريلون ۽ بسون هونديون هيون ته
ڀاڙا به برداشت جي قابل هوندا هئا ته ننڍي سفر
لاءِ ٽانگا ۽ بگيون هونديون هيون، شهرن ۾ سائڪلون
۽ سائيڪل رڪشائون ته وڏن شهرن ۾ ٽرام هوندي هئي،
جنهن ۾ هڪ يا ٻه آنا ڏئي پيو پنهنجي منزل تي پهچبو
هو.
اهو سونهري دور جنهن ۾ انسانن کي هڪٻئي سان پيار ۽
رشتن ناتن جو ڀرم هوندو هو، اوطاقون مردن جي
ڪچهريءَ جو مرڪز هونديون هيون، پر اسڪول پڙهڻ وارن
سان ڀريل ۽ استاد کي هر ڪو پيو سائين سائين ڪري
سڏيندو هو، مطلب ته هڪ اهڙو ماحول جنهن کي هاڻي
سپنوءَ
ئي چئي سگهجي ٿو.
هيءَ ڪتاب سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو نمائندو آهي،
جنهن کي پڙهي، سنڌ جي چيڪيءَ مٽيءَ ۽ سنڌوءَ مٿان
هلندر ٿڌڙين هيرن جي سڳنڌ ملي ٿي.
نسيم جان بلوچ
سوجهري جهڙيون سِٽون
(شاعريءَ جي ڪتاب ”روشني آهيون اسين“ تي هڪ نظر)
سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جا ڪتاب تمام گهڻا اچي رهيا
آهن، پر انهن جي پرک ڪبي ته معلوم ٿيندو ته معياري
شاعري جنهن ۾ مطالعو مشاهدو ۽ گهرو فڪر نظر اچي،
اهڙي شاعريءَ جو ڪتاب ڪو قسمت سان ئي سامهون اچي
ٿو.
جديد فڪر ۽ معيار جي لحاظ سان تازوئي سڀيتا
پبليڪيشن حيدرآباد طرفان سنڌ جي ڀلوڙ شاعر خليل
عارف جو ڪتاب ”روشني آهيون اسين“ تازو ڇپجي مارڪيٽ
۾ آيو آهي.
هن ڪتاب کي پڙهي دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته شاعري
ائين ٿيندي آهي ۽ شاعري ان کي چئبو آهي.
هونئن ته خليل عارف سومري شاعري جي سڀني پابند ۽
آزاد صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر هيءُ ڪتاب
سندس تخليق ٿيل 130 غزلن تي مشتمل آهي.
غزل سنڌي شاعريءَ جي مقبول ترين صنفِ سُخن آهي،
جنهن تي اڪثر شاعر طبع آزمائي ڪندا رهن ٿا. خليل
عارف جو شمار سنڌي شاعريءَ ۾ سُٺن ۽ سهڻن غزل لکڻ
وارن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن جو غزل نه رڳو جديد غزل
جي چِٽي پِٽي تصوير آهي، پر فهم فڪر ۽ ادراڪ سان
ڀرپور به آهي.
سندس ڪتاب جو مطالعو ڪندي سندس شاعريءَ جا اهڙا
کوڙ سارا غزل نظر آيا، جيڪي اکين جي رستي سِڌو دل
تي لهي وڃڻ جي سگهه رکن پيا. هونئن به مان ڇا
چوان، شاعر جي شاعري پاڻ ڳالهائيندي آهي: نموني
طور ڪجهه سوجهري جهڙيون سِٽون اوهان به ڏسو:
محفلن کي محبت سان مهڪائجي،
جيترو ٿي سگهي پيار ڦهلائجي.
چنڊ، خوشبو پکين جهڙو لکان،
ڪاش مان تنهنجي اکين جهڙو لکان.
هلي به لاڏ ڪوڏ سان بدن به ساک باک جي،
اُڃاري روح کي ادا ادا سٽيو وڃي
ٽُٽل دل کا ٽاڪا اڃان مس هنيا هَن،
وري ياد ڪائي اُڊيڙي رهي آ.
نيڻ تنهنجا پڙهڻ لڳو آهيان،
آسماني ڪتاب وسري ويا.
پرين تنهنجي زلفن جي سرهاڻ سان،
هوا تنهنجي آندي خبر ماٺ ۾.
دل ته لائون لڌو هُيو هن سان،
ٻئي جي ٿِي وئي ڪنوار ڇو آهي.
اکين ۾ عاشقي اوتي،
ويو ڪو تشنگي اوتي.
اوهان سوچيندؤ ته صرف رومانوي خيال ئي خليل عارف
جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا، نه بلڪل نه ائين ناهي سندس
شاعري سونهن، عشق ۽ داخلي درد سان گڏ، سنڌ، سچ ۽
سُهائي تي به مشتمل آهي، اهڙا کوڙ سارا شعر سندس
ڪتاب ۾ ملن ٿا، جيڪي مٽيءَ جي مهڪ سان مهڪي رهيا
آهن، جن ۾ سنڌ ۽ سچ جي ڳالهه آهي، جيئن ڏسو:
جت ٿين احترام طبقاتي،
ات سڀئي انتظام طبقاتي.
روشنين جا شهر سجاڳي ڪر،
دهشتي، ڏول مان نڪري ٻاهر.
چاهي جو سک آهي نظر بند ٿي سگهيو،
ته به ناهه سوجهري جو سفر بند ٿي سگهيو.
اک اک آلي حيرت آهي،
درياهه خالي حيرت آهي.
سنڌ، سچ سونهن جي عڪاسي ٿئي،
زندگي کاسوا ادب ڇا لئه.
گگهه انڌيرو پيو جلائي،
ڪو ڏيئو هِڪ ڏِيئو جلائي.
ڀاڳ پنهنجو حسين آهي،
سنڌ پنهنجي زمين آهي.
ڪعبو سن آ خليل عارف جو،
ڪلمو پڙهبو رڳو سنائي تي.
اهڙا کوڙ سارا شعر ڪتاب ۾ آهن، جيڪي پنهنجي سنڌ ۾
سِڪ ۽ محبت ۾ رچيل آهن، جن جي آرسيءَ ۾ سنڌ نظر
اچي رهي آهي، نه رڳو اهو، پر هن سماج جي ڀرپور
عڪاسي به هن ڪتاب ۾ آيل شاعريءَ ۾ ڪافي هنڌن تي
ملي ٿي، جيئن:
اوندهه سان وير ڏيئن جو،
هجي شل خير ڏيئن جو.
انڌيرن کي سڀئي چاهن،
هتي آ ڪير ڏيئن جو.
وقت ۾ اڄ ڪيڏو ڦيرو ٿو رهي،
چنڊ جي گهر ۾ انڌيرو ٿو رهي
پوک لئه محنت ڪري هاري سدا،
پوک جو مالڪ وڏيرو ٿو رهي.
ذات جي کول مان نڪر ٻاهر،
گدلي ماحول مان نڪرو ٻاهر.
جڏهن به اعتراض يا اختلاف لِک،
سچائي سان اي دوست صاف صاف لِک.
رهزني جو رواج آهي،
زهر جهڙو سماج آهي.
حرفن تي زنجيرون آهن،
لفظن تي تعذيرون آهن.
سون چاندي نه باغ گهرجي ٿو،
مون کي پنهنجو سُراغ گهُرجي ٿو.
سچ مٿان ڪو نقاب کي لاهي،
مون مٿان هن عذاب کي لاهي.
سوجهري جي سفير سان گڏ،
ڪوبه ناهي فقير سان گڏ.
مصيبتن جو پيو رواج هُيو،
گهٽي گهٽي ۾ احتجاج هيو.
دؤرا روز پون ٿا بخشيل کي،
ڇوري جوان جماڻ ڪجهه ته چوي ٿي.
مرد ليڊر غلام اوندهه جو،
واٽ هئي ناچڻي سُهائي جي.
اهڙا کوڙ سارا خوبصورت خيال هن ڪتاب ۾ ملندا،
اهڙيون سُرهيون سوچون جو ساهه ۾ سمائڻ تي دل پئي
چوندي. 160 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو مهاڳ خوبصورت
شاعر احمد شاڪر لکيو آهي، جڏهن ته ڪتاب ۾ احمد خان
مدهوش، تاج بلوچ، بشير سيتائي، عزيز ڪنگراڻي، امر
اقبال، فياض لطيف، آس ٻٻر، واحدپارس هيسباڻي ۽
جمال جا رايا ڏنل آهن. جيڪي پڻ خليل عارف جي شخصيت
۽ فن کي کليل ڪتاب جيئان پڌرو ڪري رهيا آهن. هن
ڪتاب ۾ ويجهر ۾ آيل سنڌي شاعريءَ جي ڪتابن کان نه
رڳو مختلف، پر منفرد آهي. خليل عارف جي شاعري پڙهي
سنڌي شاعري جي دائميت ۾ ايمان پڪو ٿي وڃي ٿو. هن
شاعريءَ ۾ رس به آهي ته ڏس به آهي، واٽ به آهي ته
لاٽ به آهي، هيءُ شاعري پاڻ ٻڌائي ٿي ته هُوءَ هڪ
سوجهري جي سفير جي شاعري آهي. سنڌ، سچ، سونهن،
سُڳنڌ ۽ سُهائي هڪ ئي گلدستي ۾ سهڻي نموني سجايا
ويا آهن، انڪري سنڌي ادب ۾ هيءُ
ڪتاب هڪ الڳ مقام رکي ٿو ۽ اڳتي هلي هڪ اهم جاءِ
والاريندو. هن ڪتاب جي قيمت -/300 روپيا آهي، جيڪو
هرهڪ اسٽال تي موجود آهي، هيءُ ڪتاب بلڪل اهو حق
رکي ٿو ته هرڪو کيس پڙهي.
سيد عادل عباس شاهه رضوي
ڪتاب: تذڪرهءِ ثابترحه
(تبصرو)
مرثيو ڪائنات ۾ شاعريءَ جي سڀ کان قديم ترين صنف
آهي جنهن تي قديم زماني کان هن وقت تائين دنيا جي
سمورين ٻولين ۾ طبع آزمائي ٿيندي رهي آهي، سنڌي
ٻوليءَ ۾ به شاعريءَ جي اها صنف قديم زماني کان
موجود آهي، پر سنڌ ۾ ان صنف کي مستقل موضوع بنائي
باقاعده سنڌي مرثيه نگاريءَ جو بنياد سيد ثابت علي
شاهه ڪربلائي رحه رکيو، سندس ولادت
ڪلهوڙا دور حڪومت ۾ سن 1153هه/1740ع ۾ سنڌ جي قديم
روحاني شهر سيوهڻ شريف ۾ ٿي. پاڻ 27 جمادي الثاني
سن 1225هه بمطابق 30- جولاءِ 1810ع تي مير غلام
علي خان ٽالپر جي دور ۾ سيوهڻ شريف ۾ انتقال
ڪيائين ۽ سيوهڻ ۾ جنهن هنڌ سندن تدفين ڪئي وئي اها
هاڻي ”سيوهڻ واري ڪربلا“ سڏي ويندي آهي.
سيد ثابت علي ڪربلائي رحه مرثيي سان گڏ
حمد، نعت، منقبت، قصيده، ردالخوارج، غزل، سلام
توڙي شاعريءَ ۾ منظوم سفرناما، جنگ ناما ۽ ظفرناما
پڻ لکيا، پر مرثيي جي صنف تي ايتري ته طبع آزمائي
ڪيائين جو سندس سڃاڻپ ئي مرثيه نگار شاعر طور ٿي
وئي ۽ کيس اهو اعزاز حاصل آهي جو اڍائي صدين کان
به وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ جي باوجود اڄ به سنڌ جي
ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ سندس لکيل مرثيا وڏي ذوق، عقيدت ۽
باقاعدگيءَ سان پڙهيا وڃن ٿا. نه صرف اهو اڍائي
صدين کان به وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ جي باوجود اڃا
تائين سندس پائي جو ڪو مرثيه نگار شاعر پيدائي نه
ٿي سگهيو ۽ سنڌ ۾ جڏهن به، جتي به مرثيي جو ذڪر
نڪري ٿو هر ڪنهن جي ذهن تي سيد ثابت علي شاهه
ڪربلائي رحه جو نالو تري اچي ٿو. اها
به ناقابل ترديد حقيقت آهي ته سنڌ ۾ برپا ٿيندڙ هر
عزاداري سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيرحه
جي مرثيي کان سواءِ اَڻ پوري تصور ڪئي ويندي آهي.
مرثيو عربي ٻوليءَ جي لفظ ”رُثيٰ“ مان مُشتق ٿيل
آهي جنهن جي معنيٰ آهي، ڪنهن جي مظلوميت سان مارجي
وڃڻ تي لُڙڪ لاڙڻ، آهه و زاري ڪرڻ، پار ڪڍڻ،
اَوسارا ڏيڻ، سياپو ڪرڻ، پِٽڪو ڪرڻ، سندس مظلوميت
بيان ڪرڻ، سندس خوبيون ۽ خصوصيتون نروار ڪرڻ ۽
سندس مظلومانه ۽ دردناڪ قتل تي نظم جي صورت ۾ درد
و غم جو اظهار ڪرڻ. مورخين جي اڪثريت جي اها راءِ
آهي ته مرثيو عرب شاعرن جي ايجاد آهي پر زوار
عبدالستار درس ”مرثيو- تاريخ جي آئيني ۾“ جي نالي
سان ڪيل تحقيق ۾ تاريخي دليلن سان اهو ثابت ڪيو
آهي ته مرثيو ڪائنات ۾ سڀ کان اڳ ابوالبشر حضرت
آدم عليہ السلام پنهنجي فرزند حضرت هابيل جي شهادت
تي سرياني زبان ۾ لکيو جيڪو بعد ۾ عربي ٻوليءَ ۾
ترجمو ڪيو ويو، هن اهو به لکيو آهي ته ٻولين جي
جديد تحقيق ۾ اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته سرياني ٻولي،
سنڌي ٻوليءَ جي ابتدائي شڪل آهي، انڪري اهو چئي
سگهجي ٿو ته مرثيو ڪائنات ۾ سڀ کان اڳ سنڌي ٻوليءَ
۾ لکيو ويو بعد ۾ ان جو عربي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو
ويو.
سن 61 هجري ۾ حضرت امام حسين عليہ السلام جي ڪربلا
واري رِڻَ ۾ ساٿين سميت ٿيل انتهائي مظلومانه
شهادت کان پوءِ مرثيو ڪربلا واري واقعي سان اهڙو
ته ڳنڍجي ويو جو مرثيو لفظ ٻڌڻ سان ئي ذهن تي
ڪربلا واري قهري ڪوسَ جو نظارو تريو اچي، بلڪه
ائين چوڻ ۾ به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته مرثيو ڪربلا
واري سانحي کان پوءِ حق ۽ باطل واري فرق کي نمايان
۽ نِروار ڪرڻ جو اُهڃاڻ بنجي ويو آهي ۽ ان خصوصيت
سبب مرثيي کي ڪنهن به مسلڪ يا مڪتبئه فڪر سان ڳنڍي
ڇڏڻ به مناسب نه ٿيندو ڇو جو مرثيو ته حق و باطل
واري فرق کي نمايان ڪرڻ، باطل خلاف نفرت ۽ بيزاري
واري جذبي، انساني حوصلي، جوش، ايمان ۽ شجاعت وارن
جذبن کي ظلم و ستم ۽ بربريت خلاف بيدار ڪري
انسانيت وارين بنيادي گهُرجن کي جهنجهوڙي جاڳائي
ٿو، جيڪا انساني جذبن جي ترجماني آهي، انڪري
شاعريءَ جي ان صنف کي ڪنهن مخصوص مَسلڪ يا مڪتبئه
فڪر سان ڳنڍڻ زيادتي ۽ اجائي شدت پسندي آهي.
بهرحال، سيد ثابت علي ڪربلائي رحه
باقاعده سنڌي مرثيي ۽ موزون سنڌي شاعريءَ جو اهو
باني شاعر آهي جنهن جي فن، شخصيت ۽ شاعريءَ تي هن
وقت تائين شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، علامه غلام
مصطفيٰ قاسمي، مخدوم محمد ابراهيم خليل ٺٽوي، لُطف
الله بدوي، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، مولانا غلام
محمد گرامي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، سيد ثابت علي
شاهه ثالث، محمد هاشم ميوو خان ڪيريو، احسان بدوي،
سيد اظهر گيلاني، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي،
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، مرزا عباس علي بيگ، ڊاڪٽر
غلام رسول بلوچ، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي،
زوار عبدالستار درس، انجنيئر سيد عبدالحسين شاهه
موسوي، ڊاڪٽر قمر جهان مرزا، عبدالقيوم صائب، مرزا
نجم الحسن ڪربلائي، پروفيسر ڊاڪٽر فرمان علي شاهه،
نصير مرزا ۽ نظير حيات سيوهاڻي سميت ڪيترائي
ناميارا عالم، محقق، دانشور ۽ اديب گهڻو ڪجهه لکي
چڪا آهن، پر سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي رحه
جي شخصيت ۽ شاعري ايتري ته گهَڻ رُخي آهي جو اڃا
ان جي ڪيترن ئي رُخن تي گهڻو ڪجهه لکڻ جي ضرورت
موجود آهي.
سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي رحه يادگار
اڪيڊمي جو ڪنوينر پروفيسر سيد اعجاز علي شاهه رضوي
جَس لهڻي جو هن تاريخ جي ورقن تي پکڙيل شمس
العلماء مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي،
ڊاڪٽر غلام علي الانا، مولانا غلام محمد گرامي،
مرزا عباس علي بيگ، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي،
ڊاڪٽر غلام قادر سومرو، نظير حيات سيوهاڻي، نصير
مرزا ۽ زوار عبدالستار درس جي مضمونن ۽ مقالن کي
”تذڪرهءِ ثالث“ جي عنوان سان هڪ هنڌ سهيڙي گڏ ڪيو
آهي جنهن سان مرثيي جي صنف سان ذوق رکندڙ پڙهندڙن
۽ تاريخ جي شاگردن کي تمام وڏو ۽ اهم مواد آسانيءَ
سان حاصل ٿي سگهندو. هن ڪتاب جو مقدمو زوار
عبدالستار درس وڏي تحقيق ۽ عرق ريزيءَ سان لکيو
آهي. مون کي قوي اميد آهي ته ڪتاب ”تذڪرهءِ ثابت“
سنڌي ادب ۾ نهايت ئي اهم جڳهه والاريندو.
ڪوثر هالائي
سوز هالائيءَ جو وڇوڙو
20-فيبروري
2018ع سومر ڏينهن سوز هالائي به اسان کان موڪلائي
ويو ۽ سنڌ هڪ اهڙي ڪهنه مشق شاعر، نثرنگار ۽ خاص
طور هڪ اهڙي سنگيت جي سونهين کان محروم ٿي وئي آهي
جنهن سنڌي ادب جي ڪلا کيتر ۾ جوڳي مڃتا ماڻي.
1937ع ۾ ورهاڱي کان 10 ورهيه اڳ جنم ورتلو سوز
هالائي ورهاڱي جا وڍ ۽ ورهين جي وڇوڙن جو واقعن جو
جهڙوڪر آخري چشم ديد گواهه شاعر هو، هن سنڌي ادب
کي شاعريءَ جا ٽي ڪتاب ”رنگ رتا پيچرا“، ”درشن
ڌارو ڌار“،
۽ ”هجرو وصال جي موسم“ ۽ جڏهن ته بطور نثرنگار هن
استاد جمن کي ڀيٽا طور ارپيل ڪتاب ”ڪارون وس ڪيام“
پنهنجي جيون ڪٿا ”ڪويءَ جي ڪٿا“ ۽ ”ساز ۽ آواز“
جهڙا ضخيم ڪتاب اسان کي ڏنا، ڪارون وس ڪيام ۽ ساز
آواز اهڙا ڪتاب آهن، جن ۾ سوز هالائي هڪ شاعر سان
گڏوگڏ موسيقار جي حيثيت ۾ هن راڳ ويراڳ جي
موسيقيءَ جي سُرن ٺاٺن، ٺمرين ۽ راڳن جي تهن ۽
موسيقيءَ جي (اتار چڙهاءُ) نشيب و فراز تي جنهن
نموني قلم آرائي ڪئي آهي، ان مان موسيقيءَ جا ماهر
اندازو لڳائي سگهن ٿا ته سوز ڪيڏي
Calaber
جو شاعر ۽ موسيقي شناس هو. ان کان علاوه سندس ٻه
تصنيفون سنڌ ثقافتي کاتي وٽ ڇپائيءَ لاءِ منتظر
آهن، جيڪي اُميد ڪجي ٿي جلد کان جلد منظرِعام تي
ايندا.
تاشفين جتوئي
آزاد جتوئي ۽ روزاني ”مومل“
اخبار ڪراچي جي سالگرهه تقريب
9-
مارچ
2018ع تي
سنڌ گريجوئيٽس
ايسوسيئيشن،
آرٽس
ڪائونسل
آف
پاڪستان
۽
روزاني ”مومل“
اخبار
جي گڏيل
سهڪار
سان، آرٽس
ڪائونسل آف پاڪستان
ڪراچي ۾، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي ساٿي، شاعر،
ليکڪ، اديب، صحافي نوجوان ”آزاد جتوئي“ جي 26
هين
سالگرھه
وڏي ولولي، جوش ۽ جذبي سان ملهائي
وئي. هن تقريب جي صدارت سنڌ
گريجوئيٽس
ايسوسئيشن جي
باني
ڊاڪٽر
سليمان
شيخ ڪئي،
جڏهن
ته
سنڌ
پرووينشل
اسيمبليءَ
جي ميمبر
۽ ليکڪ
مانواري
مهتاب
اڪبر راشدي
خاص مهمان
هئي.
حضور
بخش
”آزاد جتوئي“
53
سالن
جي عمر ۾
26 اگسٽ 2009 ع تي
اسان
کي جدائيءَ جو داغ
ڏئي ويو.
هُو
هڪ
کلڻو ملڻو، خوبصورت نوجوان
هو جنهن اول
ماهوار ”مومل“
رسالو ڪـڍيو
جنهن کي بعد ۾، روزاني ”مومل“ اخبار ۾ تبديل ڪري
ڇڏيو . ان
موقعي
تي آزاد
جتوئيءَ جي گھر واري
۽ روزاني ”مومل“ ڪراچي جي چيف ايڊيٽر حسينه آزاد
جتوئي مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو ۽ تقريب کي خطاب
ڪندي چيو ته آزاد جتوئي وٽ اڻ ميا خواب هئا، سندس
زندگي مسلسل جدوجهد جو نالو آهي، تقريب کي ناصر
پنهور، الطاف
سومري، ڪمال ڄامڙي،
لاڙڪاڻي کان ڪهي آيل منظور لاڙڪ، ڊاڪٽر ايوب شيخ،
اخبار ”عوامي آواز“
جي سربراھه جبار خٽڪ،
هدايت بلوچ، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي موجوده
سيڪريٽري جنرل رفيق جعفريءَ پنهنجن خيالن جو
اظهار ڪيو. جڏهن ته ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، خاص
مهمان طور
۽
ڊاڪٽر سليمان شيخ صدارتي تقرير ڪندي آزاد جتوئي
جي نه فقط
شاعراڻي، صحافت، سوشل ورڪ تي ڳالهايو، بلڪه سندس
شڪل ۽ روح جي خوبصورتيءَ تي کيس
خوب
داد ڏنو. مريد
ڄامڙي خوبصورت انداز سان اسٽيج
سيڪريٽريءَ جا فرائض سرانجام ڏنا. تقريب کي خطاب
ڪندي ميڊم مهتاب اڪبر راشدي چيو ته آزاد جتوئي
نفيس انسان هئو جنهن کي وساري نه ٿو سگهجي. ان
موقعي تي سگا جي مرڪزي اڳواڻ اسماعيل پنهور خطاب
ڪندي چيو ته آزاد جتوئي سگا جو ايڪٽو ميمبر هوندو
هو ۽ آخر تائين هن سگا سان ساٿ نڀايو. ليکڪ ناصر
پنهور چيو ته: آزاد جتوئي انيڪ خوبين جو مالڪ هو،
ان موقعي تي وڏي تعداد ۾ حاضرين موجود هئا، جن ۾
ايم.پي.اي نسرين چانڊيو،
شاھه لطيف چيئر ڪراچي يونورسٽيءَ جو سربراھه سليم
ميمڻ، ٽماهي”مهراڻ“
جي ايڊيٽر ثمينه ميمڻ، اشفاق ميمڻ، سنڌ
يونيورسٽيءَ جو ڊائريڪٽر مجيد پنهور، روشن تبسم،
نسيم خان محمد پنهور، قمر مورائي ۽ ٻيا ڪافي تعداد
۾ مرد توڙي عورتون شامل هئا. اسٽيج تي ويٺل
اديبن کي اجرڪ اوڍايا ويا. ”مومل“
جي نالي سان تيار ڪيل ٿيلهن ۾ تحفا وجھي ڏنا ويا،
جن ۾
چانهه جي پيالن تي اديبن جون تصويرون ڇپرايون ويون
هيون آخر
۾
مڙني مهمانن کي
رات جي ماني پيش ڪئي وئي .
سڪندر ڀنڊ
عظيم
اديب ۽ شاعر قمر شهباز کي
عقيدت جو خراج
برک ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، ڊرامانگار، شاعر ۽ ڏاهي
قمر شهباز جي ادبي ۽ علمي خدمتن تي خراج پيش ڪرڻ
لاءِ 2- مئي 2018ع تي سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي
ڪراچيءَ پاران نيشنل ميوزيم آف پاڪستان جي
شمشيرالحيدري آڊيٽوريم ۾ هڪ علمي ۽ ادبي ريفرنس جو
اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ برک اديبن، عالمن ۽ ڏاهن
قمر شهباز جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن تي کيس لفظن جي
ڀيٽا پيش ڪئي.
تقريب جي خاص مهمان برک ڏاهي ۽ صوبائي اسيمبليءَ
جي ميمبر محترمه مهتاب اڪبر راشدي هئي، جڏهن ته
صدارت سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر
محمد سليمان شيخ ڪئي.
تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي. اها سعادت
محمود شاهه حاصل ڪئي.
ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر
جي ڊائريڪٽر پروفيسر محمد سليم ميمڻ آيل مهمانن جي
آجيان ڪندي ثقافت کاتي جا ٿورا مڃيا، جن ان شاندار
تقريب جو اهتمام ڪيو. هن قمر شهباز جي ادبي پورهئي
تي روشني وجهندي چيو ته قمر شهباز پنهنجي حياتيءَ
جا 55 سال سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪئي، پر کيس
گهربل مڃتا نه ملي، جنهن جو کيس ڏک رهيو. هن ٻڌايو
ته زندگيءَ جي آخري ڏينهنِ ۾ کيس اهو شدت سان
احساس هو ته وٽس وقت گهٽ آهي، انڪري هن پنهنجي
وکريل پورهئي کي پاڻ گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، پر افسوس جو
اها خواهش سندس زندگيءَ ۾ پوري نه ٿي سگهي، پر
سندس گذاري وڃڻ کان پوءِ سندس ٻه ڪتاب ثقافت کاتي
۽ ٻه ڪتاب ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران شايع ڪرايا
ويا. هن ڄاڻ ڏني ته قمر شهباز جي ريڊيو ڊرامن کي
ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپرايو پيو وڃي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي اڳوڻي چيئرپرسن ڊاڪٽر
فهميده حسين چيو ته اسان وٽ روايت آهي ته ناليوارن
اديبن کي ياد نه ٿو ڪيو وڃي، ۽ جيڪڏهن ڪير ياد به
ڪري ٿو ته سندن اولاد يا گهر ڀاتي تقريب جو اهتمام
ڪن ٿا. هن چيو ته قمر شهباز هڪ وڏو اديب هو، برک
ڪالم نگار هو. سندس لکيل ڪالم دل ۽ دماغ تي اثر
ڪندا آهن. سندس ڪالم سنڌي سماج جي عڪاسي ڪن ٿا. هن
چيو ته قمر شهباز کي ياد ڪرڻ ثقافت کاتي جو فرض
هو، جن پنهنجو فرض نڀايو آهي. هن چيو ته ثقافت
کاتي کي اهڙيءَ ريت ٻين اديبن کي به ياد ڪرڻ
گهرجي، جن ۾ غلام محمد گرامي، نياز همايوني، حسين
شاهه راشدي ۽ غلام مصطفيٰ شاهه جهڙيون شخصيتون
شامل آهن.
برک شاعر امداد حسينيءَ، قمر شهباز کي خراج پيش
ڪندي چيو ته قمر شهباز سڄي ڄمار سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ
تي لکندو رهيو. هُو بنيادي طور تي نظم جو شاعر هو،
هن غزل به خوب چيا، پر گهٽ چيا.
نصير مرزا پنهنجي مخصوص انداز ۾ خيالن جو اظهار
ڪندي چيو ته تحرير هجي يا تقرير، قمر شهباز لفظن
جي لهرن تي ترندو هو.
F-16
جيٽ جهاز وانگر اُڏام ڀريندو هو. جيئن خوشبو
تيزيءَ سان ماحول کي قبضي ۾ ڪري وٺندي آهي، هُو
پنهنجي آواز جي تاثر ۽ لفظن جي اثر سان سماعتن تي
ايئن ڇانئجي ويندو هو. هن چيو ته قمر شهباز هڪ
نهايت تيز رفتار ليکڪ هو. هن ريڊيو ۽ ٽي.ويءَ لاءِ
هزار کان مٿي ڊراما لکيا آهن. اهڙو انڪشاف هُو
اڪثر ڪندو رهندو هو. هن چيو ته جيڪڏهن اها حقيقت
آهي ته اها ڳالهه عالمي ريڪارڊ ۾ اچڻ گهرجي. هن
لڳاتار چوڏهن سالن تائين ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ
لاءِ پروگرام لکيا ۽ انهن ۾ پاڻ صداڪار به رهيو.
برک ڏاهي ۽ ڪهاڻيڪار مدد علي سنڌيءَ چيو ته قمر
شهباز جهڙن ڪهاڻيڪارن، سرجڻهارن ۽ سر موڙ ليکڪن کي
ياد ڪرڻ هڪ سٺي روايت آهي، ۽ اها روايت ثابت ڪري
ٿي ته اسان کي پنهنجا اهي اديب، جيڪي اڄ هن جهان ۾
موجود ڪونهن، انهن لاءِ ڪيترو پيار ۽ محبت آهي.
قمر شهباز انهن سينيئر اديبن مان هو، جن سموري
ڄمار پنهنجي ٻولي، وطن ۽ ادب لاءِ اڳيان کان اڳرا
رهيا. قمر شهباز جون ڪهاڻيون، شاعري، مضمون سنڌي
ادب جو قيمتي خزانو آهن، جن مان اڄ به ادب جا
اڃايل پنهنجي اُڃ اُجهائين ٿا.
قمر شهباز جي ڌيءَ سبينا شهباز چيو ته منهنجو بابا
قمر شهباز سنڌي ادب جو هڪ وڏو نالو هو. هُو انسان
دوست ۽ وطن پرست هو.
ڊرامانگار ۽ برک ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شوري، قمر
شهباز کي خراج پيش ڪندي چيو ته قمر شهباز جي
ڪهاڻين جا موضوع وسيع ۽ مختلف آهن. وڏيرا، وچولي
درجي جا ماڻهو سندس ڪهاڻين جا ڪردار آهن. هن چيو
ته قمر شهباز سنڌ جي مسئلن کي نهايت اثرائتي انداز
۾ پنهنجي ڪهاڻين وسيلي پيش ڪيو آهي. ان موقعي تي
ريڊيو پاڪستان جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نثار
ميمڻ، قمر شهباز جي ريڊيو پروگرامن جي ريڪارڊنگ
پيش ڪئي.
خاص مهمان محترمه مهتاب اڪبر راشدي خطاب ڪندي چيو
ته جيڪي ماڻهو سنڌي سماج ۽ معاشري لاءِ ڪم ڪري
رهيا آهن، انهن کي ياد ڪرڻ اسان جو فرض آهي، پر
قمر شهباز کي اسان نَون ورهين کان پوءِ ياد ڪيو
آهي. هن چيو ته ڄڻ ماڻهن معاشري لاءِ ڪم ڪيو، انهن
کي سندن اولاد ئي ڇو ياد ڪري، اهو ته ادارن جو ڪم
آهي. ثقافت کاتي جيڪڏهن قمر شهباز کي ياد ڪيو آهي
ته ان جي اولاد تي ڪو احسان ڪونه ڪيو آهي، اهو
انهن جو فرض آهي. هن چيو ته قمر شهباز وطن پرست
هو. هن سنڌ جي مسئلن تي لکيو. جيڪڏهن اڄ پاڻ حيات
هجي ها ته سنڌ جي تباهه حاليءَ تي لکي ها، سنڌ جي
مرتئي تي لکي ها. ادارن جي بقا ان ۾ آهي ته اهي
پنهنجن کي ياد ڪن. انهن جي لکڻين کي گڏ ڪري ڇاپي
پڌرو ڪرڻ گهرجي.
پنهنجي صدارتي خطاب ۾ سگا جي سرواڻ ڊاڪٽر محمد
سليمان شيخ چيو ته قمر شهباز جي دؤر ۾ سنڌي ٻولي ۽
لطيف جي ٻولي سولائيءَ سان لکي ۽ پڙهي ويندي هئي.
هاڻ ته نوجوانن جي اهڙن ميڙاڪن ۾ شموليت گهٽجي رهي
آهي. قمر شهباز، سنڌي ٻوليءَ کي پاڪستان کان ٻاهر
پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اسان پنهنجن کي ياد
ڪرڻ وساري ڇڏيو آهي. پي ٽي وي جي وڏي نالي
عبدالڪريم بلوچ کي ڪڏهن ياد نه ڪيو ويو آهي. اسان
ڪڏهن علي بابا ۽ صالح محمد شاهه کي ياد نه ڪري
سگهيا آهيون. ادارن کي گهرجي ته انهن کي ياد ڪيو
وڃي.
تقريب جي آخر ۾ نرودا مالني ۽ ڳائڻي باري ابڙي،
قمر شهباز جا مشهور ڪلام ڳائي تقريب کي وڌيڪ رنگين
ڪري ڇڏيو.
آخر ۾ پروفيسر محمد سليم ميمڻ آيل مهمانن جا ٿورا
مڃيا.
سليم جروار
ٻن ڏينهنِ جي قومي ڪانفرنس
”گلوبل دؤر ۾ مادري ٻولين کي درپيش مسئلن ۽ انهن
جو مستقل“
3 ۽ 4 مئي 2018ع تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران
”گلوبل دؤر ۾ مادري ٻولين کي درپيش مسئلن ۽ انهن
جو مستقبل“ جي عنوان سان ٻن ڏينهنِ واري قومي
ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب
کي صدارتي خطاب ڪندي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي
جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته: ٻولي
جي بچاءُ جي حوالي سان ذميواريون ورهائجن ته هڪ
سماج ۽ ٻي ذميواري سرڪار جي آهي، سرڪاري جي
ذميواري ۾ ٻه ڪم بنيادي آهن: هڪ ته قانونسازي ڪرڻ
۽ ٻيو ان قانونسازي تي عمل ڪرائڻ آهي. هن ڳالهه ۾
ڪو به وڌاءُ نه آهي ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ بهترين ۽
روشن خيال قانونسازي ٿيندي رهي آهي، پر افسوس ته
عمل جي ميدان ۾ اسان سڀني کان پوئتي آهيون. اها
سرڪار جي غفلت آهي، پر ڏک اهو آهي ته سماج ان غفلت
بابت سوال نٿو اٿاري، هن چيو ته ٻوليءَ کي هن جديد
دور ۾ ٻولي انجنيئر وڌائي سگهن ٿا، ان حوالي سان
اسان ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ
قائم ڪري رهيا آهيون جيڪو آگسٽ تائين مڪمل ٿي
ويندو. صوبائي وزير چيو ته دنيا جي چئن قديم ٻولين
مان ٽن ٻولين جي ڀاڃ ٿي چڪي آهي، پر بدقسمتيءَ
سان انڊس اسڪرپٽ جي ڀاڃ نه ٿي سگهي آهي ۽ دنيا جي
مختلف ماهرن پاران انڊس اسڪرپٽ تي ٿيندڙ تحقيق
بابت اسان لاعلم آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ٻوليءَ جي
حوالي سان جيڪي خطرا درپيش سمجهون ٿا، انهن کي
منهن ڏيڻ لاءِ ڪو ادارو هجڻ گهرجي، جيڪو لسانيات
جي ماهرن جي مدد سان پاليسي ٺاهي، ان ڏس ۾ سنڌي
لئنگئيج اٿارٽي جهڙو ادارو موجود آهي، هن ٻه ٻن
ڏينهن جي ڪانفرنس مان اميد ڪري سگهجي ٿي ته بحث جي
لاءِ نوان موضوع پيدا ٿيندا. ڪانفرنس جا ڪي نوٽ
پيش ڪندي ناليواري دانشور محترم جامي چانڊيي چيو
ته: ڪو به ان غلط فهمي ۾ نه رهي ته ٻوليون ناهن
مرنديون، جڏهن سماج مري ويندا آهن ته ٻوليون به
مري وينديون آهن. دنيا ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون هاڻي
ناهن بچيون، جن ۾ حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي دور ۾
ڳالهائي ويندڙ زبان ۽ سنسڪرت جهڙيون ٻوليون شامل
آهن. هن چيو ته اڄوڪي دور جا پنهنجا جوکم ۽ فائدا
آهن ۽ اڄوڪي دور ۾ امڪانن جي سائنس تحت سنڌي
ٻوليءَ جي واڌاري جا امڪان وڌيڪ آهن، رڳو ڪوشش اها
ڪرڻي آهي ته جيڪي خال پيدا ٿيا آهن انهن کي جامع
حڪمت عملي وسيلي وقت سر پورو ڪجي. هن چيو ته اڃا
سنڌي ٻوليءَ جو ڪارج ماضيءَ سان سلهاڙيل آهي ۽
سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ 19 صدي ۾ مرزا قليچ
بيگ، منگهارام ملڪاڻي، ڪاڪا ڀيرومل جهڙن اسڪالرن
ڪم ڪيو، جن مان اڃا تائين لاڀ حاصل ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته سياسي، سماجي ۽ ثقافتي عالمگيريت ۾ فرق
آهي. هن سنڌ حڪومت کي صلاح ڏني ته اها سنڌ
اسيمبليءَ مان پاس ڪرايل سنڌي ٻوليءَ واري بل تي
عملدرآمد ڪرائي ۽ مارڪيٽنگ واري شعبي سان گڏوگڏ
ٻوليءَ جي دفتري استعمال کي پڻ لازمي قرار ڏنو
وڃي. هن چيو ته ٻولي جو ڪارج ئي ٻوليءَ جي بقا
آهي. سنڌي ۾ شايع ٿيندڙ نون ڪتابن جو رِي ايڊيشن
پڻ شايع ٿيڻ گهرجي، پهريون ڀيرو وسيع مڊل ڪلاس
پيدا ٿيو آهي، جيڪو پنهنجي ٻوليءَ کان پري آهي،
جيڪا تشويش جوڳي ڳالهه آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي
ته خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي عام ڪيو
وڃي. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرمئن پروفيسر
ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ آجياڻي واري خطاب ۾ چيو ته:
هن ٻن ڏينهنِ واري ڪانفرنس جو مقصد عالمگيريت واري
دور ۾ ملڪ جي مادري ٻولين کي درپيش مسئلن بابت
تجويزون سيهڙڻ آهي ۽ ان ڏس ۾ سڀاڻي ملڪ جي اردو،
پنجابي، پشتو، براهوي، سرائيڪي ۽ ٻين مادري ٻولين
جا ماهر پنهنجا مقالا پيش ڪندا. هن چيو ته اڄ جو
دور ڊجيٽلائيز دور آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ايندڙ نسل
ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ پرائمري سطح تي ٻارڙن کي
سنڌي پڙهائي کين سندن ثقافت بابت ڄاڻ ڏيڻ جي ضرورت
آهي. هن چيو ته اٿارٽي پاران ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ
ڊجيٽلائيزيشن وارو ڪم جاري آهي ۽ اميد آهي ته هن
ڪانفرنس وسيلي پڻ لاڀائيتيون تجويزون سامهون
اينديون. ناليواري ڪهاڻيڪار محترم شوڪت شوري چيو
ته: سنڌ ۾ هن وقت سنڌي ٻوليءَ کي ٻن طرفن کان خطرا
آهن، هڪ ته خانگي اسڪول جتي سنڌي بنهه نٿي پڙهائي
وڃي ۽ ٻيو سرڪاري اسڪول جتي تعليمي معيار نه هئڻ
جي برابر آهي. هاڻي جيڪا صورتحال اڳتي وڃي رهي آهي
ان مان لڳي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي
اهميت ختم ٿي ويندي اها صرف ڳالهائڻ جي حد تائين
هوندي جهڙي ريت هن ملڪ جون ٻيون ٻوليون آهن. هن
وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ شروع کان وٺي مادري ٻولين
کي نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي گهربل اهميت
نٿي ڏني وڃي. سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪا محترمه
شبنم گل چيو ته: سنڌي ٻولي هڪ قديمي زبان آهي اها
ڪٿي بيـٺي ناهي، آهستي آهستي اُسري رهي آهي، سنڌي
ٻوليءَ کي سڀ کان وڌيڪ خطرو اربنائيزيشن مان آهي
جتي بنيادي تعليم به سنڌي ۾ نٿي ڏني وڃي. ٻهراڙيءَ
جا ماڻهو ذهني طور تي سگهارا آهن، انهن وٽ ٻوليءَ
جي اهميت حساس نوعيت جي آهي. هن چيو ته اسان جو
سماج ڇڙوڇڙ ٿي رهيو آهي انڪري ٻولي پڻ ڇڙوڇڙ ٿي
رهي آهي. پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ پنجابي ٻولي
ڳالهائي وڃي ٿي ۽ هڪ تحقيقي رپورٽ موجب سنڌي ٻولي
پاڪستان ۾ ٻي نمبر تي وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ آهي. هن
وقت دنيا ۾ 75 ملين سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ موجود
آهن. افتتاحي تقريب جي آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿي،
جنهن ۾ شاهه لطيف جي وائيءَ تي تحقيق ڪندڙ تائيوان
جي پيلنگ هواگ، مظهر حسين ۽ ذوالفقار عليءَ سُرن
جي ورکا پيش ڪئي.
”گلوبل دؤر ۾ مادري ٻولين کي درپيش مسئلن ۽ انهن
جو مستقبل“ جي عنوان سان ڪرايل ٻن ڏينهن واري قومي
ڪانفرنس جي ٻي ڏينهن ٻه ويهڪون ٿيون، پهرين ويهڪ
جي صدارت ڪندي ناليواري ليکڪه ۽ ٻولي جي ماهر
ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته هڪ طرف عالمگيريت ”گلوبل
وليج“ جي نالي سان سموري دنيا کي گڏائي ڇڏيو آهي،
پر ٻي پاسي ڪيترن ئي ٻولين، ثقافتن قومي تشخص جي
بقا کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، عالمگيريت اهڙو
ڌَيوَ آهي جيڪو ننڍين ثقافتن ۽ ٻولين کي کائڻ لاءِ
وات ڦاڙي ويٺو آهي. هن چيو ته اهڙي دور ۾ بيشمار
مسئله آهن، پر انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورين ڌرين
کي پنهنجون ذميواريون نڀائڻيون پونديون، هن چيو ته
انگريزي ٻولي ورلڊ بئنڪ، آءِ.ايم.ايف سميت ڪيترن
ئي ڊونرز جي زبان آهي، اها رياست جي حڪمرانن ۽
چٽاڀيٽي پاس ڪرڻ وارن ڪامورن جي زبان آهي ۽ اها
هاڻي اسان جي مجبوري بڻجي چڪي آهي، جنهن مان
فراريت ممڪن ناهي ۽ اردو اسان جي بين الصوبائي
رابطن جي زبان آهي انڪري اها پڻ سکڻ ضروري آهي، پر
انڪري اسان کي پنهنجي ٻولين جي اهميت گهٽائڻ نه
گهرجي. هن مطالبو ڪيو ته جهڙي ريت انگريزن جي
زماني ۾ قانون موجب روينيو رڪارڊ، ايف.آءِ.آر ۽
تعليم سميت سمورو ڪاروهنوار سنڌيءَ ۾ هلندو هو ان
قانون تي عمل ڪرايو وڃي ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي
ڪاروائي سنڌيءَ ۾ هلائي وڃي، سواءِ انهن جي جيڪي
سنڌي نٿا سمجهن. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرمئن
پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ چيو ته: هن
ٽيڪنالاجي ۽ گلوبلائزيشن جي دور ۾ ڪافي ڪجهه وڃائي
رهيا آهيون، انسان پنهنجي جذبن ۽ احساسن کي وساري
.ويهي رهيو آهي ۽ هاڻ بازار جو وکر بڻجي ويو آهي،
ان صورتحال ۾ پنهنجي قومي سڃاڻپ کي خطرا آهن. ان
حالتن ۾ اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن
چيو ته هيءُ اسان جو آخري نسل آهي، جنهن سنڌ جي
فطري روايتن ۽ ٻوليءَ جي فطري خوبصورتي ڏٺي، هاڻ
جو نسل ٽيڪنالاجيءَ جي پئداوار آهي، ان کي مُنهن
ڏيڻ لاءِ اسان وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪري ايندڙ نسل کي
پڙهايون، اهو فطري عمل آهي ته پنهنجي مادري ٻولي ۾
علم حاصل ڪري ترقي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته انسان
روحاني روايتن کي وساري ويٺو آهي، اگر اهو رويو
رهيو ته انسان اجاڙ جو شڪار ٿي ويندو، اگر اسان کي
پنهنجو قومي وجود ۽ سڃاڻپ بچائڻي آهي ته پنهنجي
ٻولي ۽ ثقافت کي بچائڻو پوندو. ناليواري ليکڪ
محترم مدد علي سنڌي چيو ته: سنڌ واحد صوبو آهي
جيڪو ورهاڱي کان پوءِ مختلف دٻائن هيٺ رهيو آهي،
اهو هجرت ڪري ايندڙن جي صورت ۾ هجي يا ڪراچي کي
سنڌ کان الڳ ڪرڻ وارو فيصلو، ون يونٽ جي زماني ۾
حيدرآباد، سنڌ لکڻ ڏوهه هوندو هو، اهڙي صورتحال
ٻئي ڪنهن صوبي سان نه رهي. هن چيو ته سنڌي ٻولي
پاڪستان جي واحد ٻولي آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪتاب
ڇپجن ٿا، پر سنڌي کي اها حيثيت ناهي ڏني وئي.
1853ع کان سنڌي دفتري ٻولي ۽ ڪاروهنوار جي ٻولي
رهي، پر هاڻ نوجوان سنڌي پڙهي نٿا سگهن، اها رياست
جي ذميواري آهي ته گهٽ ۾ گهٽ بنيادي تعليم ته
مادري زبان ۾ ڏني وڃي. نامياري شاعر محترم اياز گل
چيو ته: مارڪيٽ جي ٻولي ڳالهائڻ لاءِ اسان وٽ وڏو
هٿيار سوشل ميڊيا جو آهي، ان جو مثال ڊائو
يونيورسٽي ۽ ٻيا معاملا سامهون آهن، جن سوشل ميڊيا
جي دٻاءُ ۾ اچي معافي ورتي اهڙي ريت ڪو مسئلو ممڪن
ناهي جو حل نه ٿئي. پشتو ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ ۽
لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر عبدالله جان ’عابد‘ چيو ته:
گلوبلائزيشن جي دور ۾ ٻولين کي سڀ کان وڏو خطرو
سندن وجود جي بچاءُ جو آهي، دنيا مان ڪافي ٻوليون
پنهنجو وجود وڃائي ويٺيون آهن، ان جو سبب طاقت جو
تعلق به آهي، انگريزي ٻولي هڪ ٻيٽ جي ٻولي هئي، پر
ان قوم طاقت جي زور سان دنيا تي قبضو ڪيو ۽ اها
ٻولي عالمي بڻجي وئي، هن چيو ته جهڙي ريت سنڌي
ٻوليءَ لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي ايئن ڪنهن به ٻوليءَ ۾
نه ٿيو. سنڌي ٻوليءَ لاءِ سنڌي ٻولي اٿارٽي، سنڌي
ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجي جهڙا ادارا موجود آهن، پر
بدقسمتي سان پشتو ٻوليءَ لاءِ ڪو به ادارو موجود
نه آهي. بلوچي ٻوليءَ جي نمائندگي ڪندي ڊاڪٽر
ضياءُالرحمٰن چيو ته: دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ
بلوچن جي بلوچي ٻوليءَ کي هن دور ۾ مختلف خطرا
آهن، هڪ ته بلوچ جتي به رهيو ان اتي جي ٻولي ۽
ثقافت کي اپنائي ورتو، ٻيو بلوچي ٻوليءَ جو نه ڪو
رسم الخط آهي ۽ نه ئي اها سرڪاري طور استعمال ٿئي
ٿي. اهڙي حالتن ۾ ٻولي جي بچاءُ ۽ ترقيءَ لاءِ
بلوچن کي ڊگهي ۽ اڻٿڪ جدوجهد ڪرڻي پوندي. پنجابي
ٻوليءَ جي نامياري محقق ۽ ليکڪ محترم جميل احمد
پال چيو ته: ٻولين ۾ تبديلي فطري عمل آهي، ضروري
ناهي ته جيڪا ٻولي پنج ست سؤ سال اڳ ۾ ڳالهائي
ويندي هئي اها هن وقت به ساڳئي طرح سان هجي.
گلوبلائزيشن جي دور ۾ ٻولين کي خطرا ضرور آهن، پر
ان کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار
ادا ڪرڻ گهرجي. ناليواري محقق ۽ استاد محترم نور
احمد جنجهي چيو ته: سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڏکيو اهڃاڻ
اهو به آهي ته ڪافي سنڌي خاندانن جو نئون نسل سنڌي
بلڪل استعمال نٿو ڪري، دنيا ۾ هر جاءِ تي بنيادي
تعليم مادري زبان ۾ ڏني وڃي ٿي، پر اسان وٽ مادري
زبان ۾ تعليم نه ڏيڻ وڏو الميو آهي. ڪراچي
يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جي استاد ڊاڪٽر ساجده
پروين چيو ته: عالمگيريت هڪ گهڻ رخو موضوع آهي
اسان موجوده ترقيءَ تي جشن ته ملهايون ٿا، پر اها
ڳالهه سمجهڻ کپي ته اسان ان ترقي يافته ڪارپوريٽ
دور جا ڪنزيومر آهيون ۽ اسان جي ٻولي ۽ ثقافت کي
ڪي ئي خطرا لاحق آهن، جن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي
حڪمت عملي ٺاهڻي پوندي.
ٻئين ويهڪ جي صدارت ڪندي ناليواري محقق ڊاڪٽر محمد
علي مانجهي چيو ته: ٻولي قوم سان هوندي آهي، قوم
کان بنا ڪا به قوم وجود نٿي رکي سگهي، اسان خوش
نصيب آهيون جو اسان کي پنهنجي ٻولي مڪمل حالت ۾
ملي. هن چيو ته ڪنهن به ٻولي سان اسان جي دشمني
ناهي، سڀ ٻوليون پنهنجي پنهنجي اهميت رکن ٿيون، پر
اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جي ترقي، واڌاري ۽ ان جي
وجود جي سلامتيءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ
گهرجي. دنيا جي ٻين ٻولين سان همڪنار ٿيڻ لاءِ ٻين
ٻولين جو ادب سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو
ته اسان وٽ تمام گهڻو سرمايو موجود آهي، ان تي نيڪ
نيتيءَ سان ڪم ڪرڻ جي ضروت آهي. اسان کي جديد دور
طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي. سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي
جي چيئرمئن ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙي چيو ته: ٻوليءَ
کي سڀ کان وڌيڪ بچائڻ وارو استاد هوندو آهي،
جيستائين استاد قابل نه هوندو تيسين ٻولي بچي نه
سگهندي، آواز جي ذريعي ٻار کي ٻولي استاد ئي
سيکاري ٿو. اردو ٻوليءَ جي ماهر ڊاڪٽر سعديه طاهر
چيو ته: ٻوليون هميشه ڳالهائيندڙ جي دم سان زنده
رهنديون آهن، اردو کي مسئلو حڪمران طبقي کان درپيش
آهي، جنهن کي اڃا تائين سرڪاري يا دفتري اهميت
ناهي ملي سگهي. هن چيو ته ميڊيا ۾ اردو سان گڏ
انگريزيءَ کي شامل ڪري اردو جي بگاڙ ڪئي پئي وڃي.
اڄ تائين اردو مختلف چئلينجز سان اڳتي وڌي آهي ۽
وڌي رهي آهي. سرائيڪي ٻوليءَ جي ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر
جاويد چانڊيي چيو ته: پنجاب ۾ سرائيڪي سڀ کان وڌيڪ
ڳالهائي وڃي ٿي ۽ ساڍا چار ڪروڙ آبادي رکندڙ
سرائيڪين جي ٻوليءَ کي اڃا تائين اهميت ناهي ڏني
وئي. هن چيو ته پاڪستان جي سمورن صوبن جا ماڻهو
سرائيڪي آسانيءَ سان سمجهندا آهن، ضرورت ان ڳالهه
جي آهي ته سرائيڪيءَ کي گهربل اهميت ڏني وڃي.
ناليواري ليکڪه ڊاڪٽر شازيه پتافي چيو ته: دنيا جي
هر ٻوليءَ ۾ هڪجهڙايون به هونديون آهن ۽ انهن ۾
اختلاف به هوندا آهن، سنڌي ٻولي صوتيات جي لحاظ
کان رچيل ٻولي آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ اعراب به وسيع
لحاظ کان موجود آهن، عددي صفت جي لحاظ کان به سنڌي
ٻولي شاهوڪار ٻولي آهي.
ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل سفارشون ۽ تجويزون
(1) سرڪاري سطح تي سنڌيءَ سميت پاڪستان جي سمورين
ٻولين کي ’قومي ٻولي‘ جو درجو ڏئي، انهن جي ترقيءَ
۽ واڌاري لاءِ اُپاءُ ورتا وڃن.
(2) حڪومتي سطح تي موهن جي دڙي جي ٻوليءَ جي ڀاڃ
لاءِ دنيا جي انهن سڀني ملڪن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽
آرڪيالاجي جي ماهرن جا وفد موڪلي تحقيق ڪرائي وڃي،
جتي انڊس اسڪرپٽ جي حوالي سان تحقيق هلندڙ آهي.
(3) خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لازمي تدريس کي
يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ کي وڌيڪ
بااختيار بڻائي، خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ
جي مانيٽرنگ جو ڪم اٿارٽيءَ کي ڏنو وڃي.
(4) دفترن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال کي يقيني
بڻائڻ لاءِ سرڪاري سطح تي اُپاءُ ورتا وڃن. سنڌ جي
سڀني ادارن کي ان جو پابند بنايو وڃي.
(5) سنڌي ٻوليءَ جي تعليم جي ذريعي واري حيثيت
پهرئين ڪلاس کان بحال رکي وڃي.
(6) سرڪاري اسڪولن جو تعليمي معيار وڌائڻ لاءِ
اُپاءُ ورتا وڃن ته جيئن ٻوليءَ جا بهترين شاگرد
پيدا ٿي سگهن.
(7) سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سمورين موبائيل ڪمپنين، دوائن
جي ڪمپنين، مشروبات جي ڪمپنين ۽ ضروري شيون
ٺاهيندڙ ٻين ڪمپنين کي سرڪاري طرح پابند ڪيو وڃي
ته هُو پنهنجا اشتهار ۽ ليبل سنڌيءَ ۾ به شايع ڪن.
(8) هاءِ.وي اٿارٽيز، ريلوي، موٽرويز ۽ سڀني
ميونسپل حدن ۾ فاصلا ڏيکاريندڙ پٿرن ۽ بورڊن تي
صحيح سنڌي اُچارن سان شهرن، علائقن ۽ ڳوٺن جا نالا
لکڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي پابند بڻايو وڃي.
(9) سنڌ جي انهن سڀني يونيورسٽين ۾ جتي سنڌي شعبا
ڪم ڪري رهيا آهن، اُتي بي.اي، ايم.اي، ايم.فل ۽
ڊاڪٽريٽ جي ڊگرين لاءِ نئون جديد نصاب متعارف
ڪرايو وڃي، جنهن ۾ لسانيات ۽ ادب جون ايم.اي سطح
تي الڳ ڊگريون رکيون وڃن ۽ سنڌو لکت ۽ سنڌ جي
ثقافت الڳ مضمون طور پڙهايا وڃن.
(10) هن ڪانفرنس ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو وڃي ٿو ته
يونيورسٽين ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جا استاد سنڌي
ٻوليءَ ۾ تحقيق ڏانهن ڌيان ڌين ۽ اهڙيون
پي.ايڇ.ڊيز ڪرائن، جيڪي سنڌي لسانيات جي مختلف
ڀاڱن تي مشتمل هجن.
|