محمد عثمان ڏيپلائي
ڪونڍير
(ٿر ۾ برسات پوڻ تي جهنگ ۾ ترت ئي ’پپون‘ ۽
’ڪونڍير‘ اُڀرندا آهن، اهي سنڌ جي ٻئي حصي ۾ ڪو نه
ٿيندا آهن، جنهنڪري کين ’ٿر جا ميوا‘ سڏيندا آهن.
’ڪونڍير‘ جي ول جو نالو ’ڦڙسي‘ چئبو آهي، ان جي
پاڙ ۾ پٽاٽي وانگر ڪونڍير ٿيندو آهي. مجازي طرح،
سُهڻن ۽ اڀريل ڳلن واري ٻار کي ’ڪونڍير‘ چئبو آهي.
هن افساني ۾ ڪونڍير جهڙن ٻارن جو به ذڪر آهي، جي
سماجي بندشن سبب پنهنجو ’ڪونڍير پڻو‘ ختم ڪري ويا.
(1)
”راجو! راجو! مون ڪونڍير لڌو!“
”ڪٿي ڪٿي؟“
”اجهو هيءُ، ڦڙسي به وڏي اٿس.“
راجوءَ جهٽ هڻي ڪونڍير کسي ورتس.
هيري اُتاولو ٿي چيو:
”اڙي هي ڇا ٿي ڪرين؟“
”کاوان ٿي، ٻيو ڇاٿي ڪريان؟“
”پر لڌو ته مون هو، نه؟“
”واهه! پاڻ ٻئي گڏ ڪين آهيون؟“
”گڏ آهيون ته پوءِ اڌو اڌ ٿيندو نه؟“
”ڦڙسي ڀلي تون کڻ، مون کي ڪونڍير وڻندا آهن!“
”واهه واهه! ٻين کي ڄڻ ته وڻن ئي ڪو نه!“
”وڻن ته سڀني کي، پر ڪن کي ڪا شيءِ گهڻي وڻي، ڪن
کي ٿوري.“
”چڱو چڱو، تڏهن اڄ اهو فيصلو ٿيو، ته ڪونڍير سڀ
تنهنجا ۽ ڦڙسيون سڀ منهنجيون!“
”۽ پِپون اڌو اڌ!“ راجوءَ کلي چيو.
”بيشڪ!“ هيري وراڻيو!
راجو ۽ هيرو ٻئي هڪ ڳوٺ جا هئا. راجو هئي ٺڪرياڻي،
اُن ڪري نالو هئس راج ڪنور، پر ٻار ته ايڏو نالو
ڳنهي ڪو نه سگهندا هئا، ان ڪري چوندا هئس راجو؛ ۽
هيرو هو ميگهواڙ. ٺڪر ۽ ميگهواڙ هڪ ٻئي کان پري
رهندا آهن، پر ٻار ويچارا معصوم، انهن کي اها ڪل
ڪا نه هئي، نڪو قدرت کان اها ڳالهه سکي آيا هئا،
هو ته آزاديءَ سان پيا راند روند ڪندا هئا.
(2)
”راجو! راجو! اڄ ڪونڍيرن جو ڍڳ هٿ ڪري آيو آهيان.“
”ڪٿي ڪٿي! اڙي ڏي مون کي!“
”وٺ! تنهنجي لاءِ ته آندا اٿم!“
’ٺڙاڪ! ٺڙاڪ!‘
غريب هيري جا ماشا ئي بتال ٿي ويا. هو راجوءَ جي
پلو ۾ ڪونڍير وجهي رهيو هو، ته هن جي ماءُ الائي
ڪٿان اچي پهتي ۽ ٻه ٿڦڙون وهائي ڪڍيائينس، ”ڍيڍ جا
ٻچا! تون ٺڪرياڻيءَ کي ٿو پنهنجون هٿ لڳل شيون
ڏين!“
هن جي رڙ نڪري وئي، اڃا ڏانهس نهاريان ئي مس ته
وري ٻي ٿڦڙ لڳس ۽ ٺڪرياڻيءَ چيس: ”نڪر هتان حرام
خور! وري ڪڏهن اسان جي گهر آيو آهين يا راجوءَ سان
ڳالهائيندو ڏٺو اٿمانءِ ته ساهه ڪڍي ڇڏيندي
سانءِ!“
هيرو روئيندو اُٿي ڀڳو، ٿوروئي اڳتي ويو ته ماڻس
ڏسي ورتس، ”صدقي وڃان ٻچڙي تان، توکي ڪنهن ماريو؟“
“راجوءَ جي ماءُ.“
”راجوءَ جي ماءُ! ڇو ڀلا؟“
”الائجي ڇو!“
”الائجي ڇو؟ ضرور ڪو سبب ته هوندو نه؟“
”سبب ته ڪوبه ڪونه هو، مون اڄ گهڻا ڪونڍير آندا
هئا، سي راجوءَ کي پئي ڏنم ته ڦهڪو ٿي ويو.“
”مون سمجهيو، پُٽ! هوءَ ڀلا تنهنجي هٿ جي شيءِ
ڪيئن کائيندي؟“
”ڇو امان؟ منهنجا هٿ ته صفا آهن، راجوءَ جهڙا!“
”راجوءَ جهڙا ڀلا ڪٿان ٿي سگهندا؟ هو راجپوت، پاڻ
اڇوت!“
”نه نه، ڀڳوان جو سُنهن، بلڪل هن جهڙا آهن. اصل
ذري جيترو فرق به ڪونهي!“
”تون فرق نٿو ڏسين، پر ڀڳوان ڏسي پيو.“
”ڀڳوان جون اکيون وري ٻئي قسم جون آهن ڇا؟“
”چپ چپ! ڀڳوان جي نالي ائين بي ادبيءَ سان نه
ڳالهائبو آهي، هو سموري جو ڌڻي آهي، هو سڀني کي
پالي نپائي ۽ خلقي ٿو.“
”پوءِ ڀلا اهڙو مالڪ ڪيئن فرق ڏسندو هوندو؟“
”فرق ڏٺو اٿس، تڏهن ته هنن کي اوچي جات بنايو اٿس
۽ پاڻ کي نيچ جات.“
”ڇو ڀلا؟ اسان کي نيچ ڇو بنايائين؟ اسان ڪهڙو
گناهه ڪيو؟“
”پُٽ! دنيا ۾ سڀيئي اوچ ته ٿي ڪو نه سگهندا، ضرور
ڪي نيچ هوندا، تڏهن ته دنيا جو چرخو هلي سگهندو.
ڏسي کڻي، پساهه ته اسان سڀني ساهوارن ۾ هڪ جهڙو
آهي، پوءِ ڪي ڍور آهن، ڪي ماڻهو آهن، ڪي پکي آهي،
اها ته ڀڳوان جي جوڙ آهي، اهو به سندس شڪر آهي، جو
اسان کي ماڻهو بنايائين. حيوان ٿيون ها، ته ڪيترو
نه دُکي هجون ها!“
”مگر هينئر وري ڪي گهٽ دُکي آهيون ڇا؟ جهڙي مار
حيوانن کي ملندي آهي، اهڙي ساڳي مون کي به راجوءَ
جي ماءُ ڏني آهي..... بلڪل حيوانن وانگر.... اوچتو
ئي اوچتو ڦهه ڦهه ٿي وئي......“
هو وري به اوڇنگارون ڏيڻ لڳو. ماڻس ڳر اٽڙي پائي
گهر وٺي ويس ۽ گهر وڃي چڱيءَ طرح سمجهايائينس ته
سندس ۽ ٺڪرن وچ ۾ ڪهڙا ويڇا هجڻ گهرجن ۽ کيس هنن
جا ڪهڙا ادب بجا آڻڻ گهرجن.
سندن ڳوٺ ۾ اسڪول کليو، ڪجهه عرصي بعد هيرو به
پڙهڻ لڳو. جڏهن چوٿون درجو پاس ڪيائين، تڏهن اڇوت
هجڻ سبب از خود اسڪالرشپ مليس ۽ هو وڃي اي وي
اسڪول ۾ داخل ٿيو.
جيستائين هو پنهنجي ڳوٺ ۾ موجود هو، تيستائين ته
ڪڏهن پري کان هڪ ٻئي کي ڏسندا هئا ۽ ڳالهائيندا به
هئا، پر هاڻي جڏهن هيرو ٻاهر هليو ويو، تڏهن راجو
ڏاڍي دُکي ٿيڻ لڳي. هن کي ائين ئي پئي محسوس ٿيو
ته ڄڻ سڄي ڳوٺ ۾ ڪا پهر ئي ڪانهي، نه هوءَ شاعره
هئي، نه بلند خيال، پر سندس طبعيت فطري طرح ڄڻ ته
ڪنهن شاعره جي هنن خيالن جو اظهار ڪري رهي هئي ته:
سڃو توڙي شهر سارو، اچي مون سک نه ڪٿ ساعت،
ڀُڻان رت رات ڏينهن رُئندو، رهاشت ٿي مون رندن
سان.
کيس جڏهن به وجهه ملندو هو، تڏهن هيري جي ماءُ کان
اهو ضرور وڃي پڇندي هئي ته ”هيري کان ڪو ماڻهو
آيو!“، ”هيري جي ڪا خبر پيئي؟“ ”آهي ته چڱو ڀلو
نه؟“، ”ڀلا هو ڪڏهن ايندو؟“، ”ڀلا هو ڪيترو وقت
پڙهندو رهندو؟“
هيري جي وڃڻ بعد پهريون سانوڻ آيو، هن جي دل چاهيو
ته اڄ وري به هيرو هتي هجي، هوءَ هاڻي ڪجهه وڏي ٿي
هئي، تنهنڪري اهو ته خاص طرح اِمڪان ڪو نه هو، ته
هو گڏجي گهمي سگهن ها، تڏهن به سندس اکيون اداسي
هيون ته هن موهيندڙ موسم ۾ من گهرئي ماڻهوءَ جو
درشن ڪري دل کي ٺارين. پر جڏهن هيري جي ماءُ ٻڌايس
ته ”ششماهي امتحان لاءِ صاحب اچڻو آهي، انڪري في
الحال سندس اچڻ جو امڪان ڪونهي.“ تڏهن هوءَ وِسي
ٿي ويئي ۽ پوءِ کاڻي وتندي هئي.
اهڙيءَ طرح ڪيترا ورهيه گذري ويا، هيرو هاڻي اي.
وي اسڪول جي پڙهائي پوري ڪري، وري ميرپورخاص طرف
هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو.
غريب ماڻهو، تعليم مهانگي، ۽ ان سان گڏ سفيد پوشي
به ڪرڻي ٿي پئي. فري بورڊرشپ ۽ اسڪالرشپ گڏجي به
هن وٽ ايترو پئسو پاڇي نٿي ٿي سگهيو، جو هو ڳوٺ
گهڻو اچي سگهي، انڪري پنهنجون ڪيتريون ئي وئڪيشنون
۽ موڪلون به ڳوٺ ۾ گذاري نه سگهيو، بلڪ هو ڪوشش
ڪندو هو ته وئڪيشن جي وقت ۾ به ڪو اهڙو پورهيو هٿ
اچي وڃي، جنهن مان چار پئسا پيدا ٿي سگهن.
البت....... جڏهن ڪا وئڪيشن سانوڻ ۾ ايندي هئي ته
ڪنهن به طرح هو ڳوٺ ضرور ويندو هو.
(4)
اڄ هُو ڪيترن ئي مهينن بعد ڳوٺ ڏي موٽيو هو، سانوڻ
جي موسم ته هئي، پر مينهن جو ڪو به پتو ڪو نه هو،
سڄو ملڪ بيابان لڳو پيو هو، لُڪن جا ڪڙڪاٽ هئا، وڻ
ٽڻ انهيءَ ڄيري ۾ ڄراٽجي ويا هئا، پر اهڙي ڦڙي ڪا
نه ٿي پيئي، جا پياسي زمين کي ڪجهه سيراب ڪري.
اهڙيءَ دل ڏکوئيندڙ موسم ۾ هن کي ڳوٺ اچڻ تي ڪا
خوشي ڪا نه ٿئي ٿي، پر اڳيان مئٽرڪ جو امتحان هو،
جنهن تي سندس سڄيءَ زندگيءَ جو مدار هو، جيڪڏهن
ڪنهن به ڪوتاهيءَ سبب هو ان ۾ ناپاس ٿئي ها، ته
پوءِ جهڙو ڌوٻيءَ جو ڪتو، نه گهر جو نه گهاٽ جو،
وڌيڪ پڙهي هو نه سگهي ها ۽ سواءِ ٻهراڙيءَ جي
ماستريءَ جي سندس ڪو به ٺڪاڻو نه هجي ها، پر هي
اهي ڏينهن هئا، جڏهن ٻهراڙيءَ جي ماستري به سواءِ
سفارشن جي هٿ نٿي آئي. انهيءَ مستقبل کي مقابل
ڏسي، هن جو خيال هو، ته هڪ دفعو پوڙهيءَ ماءُ جي
آسيس ۽ ڳوٺ وارن جا محبت ڀريا ٻول هٿ ڪري اچان،
پوءِ امتحان ڏيڻ تائين واپس ڪو نه موٽندس. مگر
جڏهن رستي جو نظارو ڏٺائين، تڏهن هانوُ ئي ڇڄي
پيس. جيڏانهن ٿي ڏٺائين اوڏانهن ڳجهن جا لامارا
هئا، ٿوري ٿوري مفاصلي تي کيس مئل ڍورن جا ڍونڍ
پئي ڏسڻ ۾ آيا. ڳوٺن ۾ ڀينگ لڳي پئي هئي، ۽ جڏهن
هو پنهنجي ڳوٺ پهتو، تڏهن سندس ماءُ کي به رڳو هن
ڪري موجود ڏٺائين، جو هوءَ سندس چٺي پهچڻ سبب
ترسيل هئي، نه ته ڪڏهوڪو لاڙ هلي وڃي ها ۽ وڃي ڪو
پورهيو پال ڪري پيٽ پالي ها. سڄي ڳوٺ ۾ ڪُڪڙوڪون
لڳي پئي هئي، سواءِ ٺڪرن جي پاڙي جي ٻيا پاڙا ئي
پورا ٿيا پيا هئا، سڀ لاڙ ڏي نڪري ويا هئا ۽ جڏهن
هن ماءُ کان راجوءَ جي خير عافيت پڇي، تڏهن هن چيس
ته ”خبر ڪانهي، اتان ڪو ماڻهو ويجهيءَ ۾ ڪو نه آيو
آهي.“
”اُتان ڪو ماڻهو؟ ويجهيءَ ۾؟ ڇو ڀلا؟ راجو هتي
ڪانهي ڇا؟ ٺڪر ماڻهو ته ڏک بک ۾ به پورهئي تي ڪو
نه ويندا آهن، نه؟“
”جي ها، هو عزت وارا آهن، ٻاهرين وٽ پورهئي کان
هنن کي عار آهي..... پر ڏڪار ورهيه.... مال مري
ويو........ ضرور کاڌو ته کپي نه؟“
”ها، ماڻس ضرور اتي هوندي، ڪا ڌيءَ جي در تي ڪانه
وڃي ويهندي!“
هيري بلڪل وائڙو ٿي چيو، ”امان! آءٌ ته تنهنجي
ڳالهه کي سمجهان ئي نٿو، ڀلا گذر پيدا ڪرڻ لاءِ
رڳي راجو ٻاهر وئي آهي ڇا؟...... وري ڌيءَ جو در
ڪهڙو؟“
ماڻس جواب ڏنو، ”شايد توکي اها خبر ئي ڪانهي، ته
مائٽن تنگ ٿي پنهنجي ڌيءَ کي باگي ٽنڊي ڏانهن
پرڻائي ڇڏيو آهي.“
هيري تي اول ته ڄڻ ڪا ڇِپ ڪري پئي، پر ترت ئي پاڻ
سنڀالي چيائين، ”اوهه! مون سمجهيو، هي عزت وارا
ماڻهو پورهيو ڪونه ڪن، باقي نياڻيون وڪڻڻ ۾ بي
عزتي ڪا نه سمجهن، ڀلا ڪير آهي اهو خوش نصيب؟“
”چون ٿا ڪو وڏيرو آهي.“
”وڏيرو؟ مسلمان وڏيرو!“
”ڇو، اها ڪا نئين ڳالهه آهي ڇا؟ ٺڪر ته هميشه
مسلمان وڏيرن کي سڱ ڏيندا آهن.“
”ڀلا نالو ڇا اٿس؟ ڪٿي جو آهي؟“
”نالو؟ علڻ خان اٿس.......؟“
هيري کان ڇرڪ نڪري ويو، ”هُو علڻ خان ته پوڙهو ڀپ
آهي، نه؟“
”ها، ساٺيڪو ورهين جو آهي، پر ان جو ڇا ٿيو، کهي
سٺي اٿس، ڏاڙهيءَ کي ڪيس لڳايو هئائين، ته جوان
پئي لڳو، وڏو ماڻهو ساٺو تيئن پاٺو، ماڻهو سٺا
آهن، ڏاڍا پئسي وارا آهن، سٺي ڳوٺ ۾ چڱي سخا
ڪيائون ڪجهه مون کي به ملي پيو.....“
ماڻس ڳالهه ڪندي رهي. پر هيرو ڄڻ ته خيالن جي
درياءَ ۾ ٻُڏي ويو هو: ’سٺ ورهين جو پوڙهو، سورهن
ورهين جي ڪنوار..... هي عزت وارا ماڻهو آهن،
پورهئي کي عيب ڄاڻندا آهن، ۽ ههڙي انڌير کي ڪو عيب
نه!‘
پوري سال کان پوءِ سانوڻ آيو هو، اڄ سُڪل ملڪ سائو
ٿي ويو هو. اڄ گذريل سال جي سخت پياسي زمين سرسبز
۽ شاداب ٿي هئي. اڄ سڄي سال جا ڀٽڪي ويل وري وطن
تي موٽي رهيا هئا. اڄ هيرو نه، بلڪ ’ماستر هيرو
مل‘، پنهنجي ڳوٺ موڪل تي اچي رهيو هو. نوڪريون ته
ڏاڍيون مهانگيون هيون، پر هن نمبر کڻي مئٽرڪ پاس
ڪيو هو، ان ڪري ستن سيٺين کي ستائڻ بعد هن کي
ميونسپل اسڪول ۾ ماستري ملي وئي هئي، ۽ ان سان گڏ
هو بي. اي به پڙهي رهيو هو. اڄ هن جي غريب بيوهه
ماءُ به پرديس مان پورهيا ڪري واپس ديس آئي هئي، ۽
اچي پنهنجي پُٽ سان ملي.
اداس ماءُ جي ڀاڪر مان نڪرڻ بعد هن مشڪندي پڇيو:
”امان! راجو به سانوڻ ملهائڻ لاءِ آئي هوندي؟“ ٿڌو
شوڪارو ڀري ماڻس چيو، ”ابا! راجو ويچاري حيدرآباد
۾ آهي، نه!“
”حيدرآباد ۾! ڇو ڀلا؟“
”ويچاري بيمار آهي.... چون ٿا ته کيس ’سنڌ‘ جي هوا
ڀانءِ ڪا نه ٿي پوي، ٻارڙو به مئل ڄائو هئائين.“
”پوءِ ڀلا هتي نٿي هوا مٽائڻ آئي!“
”پٽڙا! هتي ڪيئن اچي، هوءَ کانگهاري ۾ رت جي ٺگري
بيماري ٿي اٿس نه، چون ٿا ته حيدرآباد ۾ ڪو سٺو
ڊاڪٽر آهي، اهو علاج ٿو ڪريس.“
هيري جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا، هُو ڪجهه به ڪو نه
ڪُڇيو، هو ڪنهن سان به ڪو نه مليو، لڳو لڳ ٽي
ڏينهن جهنگ جي حوالي هو ۽ پوءِ ماءُ کي حيرانيءَ ۾
ڇڏي واپس هليو ويو.
(6)
”ڊاڪٽر صاحب! مون کي ڪجهه خلاصو عرضو ڪرڻو آهي!“
اڪيلائيءَ ۾ پهچي ڊاڪٽر چمنداس هڪ سفيد پوش
جنٽلمين نوجوان کان پڇيو، ”ڇا نالو اٿوَ؟“
”هيرو!“
”ڇا ڪندا آهيو؟“
”ماستر آهيان ۽ بي.اي پڙهندو آهيان.“
”اجائي محنت نه ڪريو، متان بيماري زور نه وٺي
وڃي!“
”جي! آءٌ بيمار ڪو نه آهيان.“
”بيمار ڪونه آهيو، پوءِ مون وٽ ڇا لاءِ آيا آهيو؟“
”ٻڌو اٿم ته اوهين بيمارن جا نهايت همدرد آهيو.“
”اهو ته ظاهر آهي، هڪ ڊاڪٽر جو ڪم ئي آهي بيمارن
سان همدردي ڪرڻ!“
”مگر سڀ ڊاڪٽر هڪ جهڙا نه هوندا آهن، ٻڌو اٿم ته
اوهين مهاتما گانڌيءَ جا خاص ڀڳت به آهيو.“
”مهاتما جيءَ جو ڀلا ڪير ڀڳت نه هوندو، پر ها، مون
کي سندس سڌانتن ۾ پورو وشواس آهي!“
”مهاتما کي ته اڇوتن سان محبت آهي نه؟“
”اڇوت نه، پر ’هري جن‘ چُو!“
”جي ها، هري جن، انڪري اوهان کي به هريجن سان ضرور
محبت هوندي؟“
”ضرور، بلڪل چڱيءَ طرح!“
”۽ اوهين به سندن هٿ لڳل چيز کي پليت نه سمجهندا
هوندؤ!“
”بلڪ نه، بشرطيڪ اهي هٿ صفا هجن!“
”منهنجي هٿن بابت ڪهڙو خيال اٿوَ؟“
”تون ته پڙهيل ڳڙهيل آهين، توکان مون کي ڪو ڇيپ
ڪونهي!“
”شڪر آهي!“ هيري وڏو شوڪارو ڀري ٿيلهي مان هڪ هڙ
ڪڍي سندس اڳيان رکي. ڊاڪٽر پڇيو ”هن ۾ ڇا آهي؟“
”هن ۾ ڪونڍير آهن.“
”ڪونڍير ڇا؟“
”ٿر جو هڪ جهنگلي ميوو آهي، جو سانوڻ ۾ ٿيندو
آهي.“
”ڏسون ڀلا تنهنجي ٿر جو ميوو!“ ڊاڪٽر مشڪي چيو.
هيري هڙ کولي. ”هي ته جهڙا پٽاٽا!“ ڊاڪٽر ٽهڪ ڏنو.
”جي ها، پٽاٽا به اول جاوا جا جهنگلي ميوا هئا،
پوءِ ولنديزي گولين کين شهري بنائي ڇڏيو، مگر
ڊاڪٽر صاحب هي اڃا نڪي شهرين جي ور چڙهيا آهن، نڪي
شهري بنيا آهن ۽ نڪي شهرين کي شايد وڻندا!“
ڊاڪٽر ٽهڪ ڏئي چيو، ”شهرين کي نه وڻندا، ته پوءِ
ڇالاءِ شهرين وٽ آندا اٿئي؟“
”هي شهرين لاءِ نه آهن، ڊاڪٽر صاحب!“
”پوءِ تڏهين؟“
سنجيدو ٿي هيري چيو، ”هيءُ هڪ جهنگلي جهرڪيءَ لاءِ
آهن، جنهن کي بُلبل بنائي وڪرو ڪيو ويو آهي. هن کي
سوداگر جو پڃرو راس نه آيو ۽ هاڻي اوهان جي مريضه
آهي!“
”اوهه مون سمجهيو، هوءَ جيڪا وڏيري علڻ خان جي
ٿرياڻي بيگم آهي، تون اُن جو ذڪر ٿو ڪرين، نه؟“
”جي ها! ڊاڪٽر صاحب!“
”ويچاري ڏاڍي دکي آهي، نارنگيون ۽ موسميون ڍڳ
لڳيون پيون هونديون آهن، پر هوءَ گهٽ کائيندي آهي.
سڄو ڏينهن پئي ڪڪرن کي ڏسندي آهي، ۽ مينهن پوندا
آهن، ته انهن سان گڏ پاڻ به پئي لڙڪ لاڙيندي آهي،
وڏيري صاحب جي مٿس ڏاڍي دل آهي، چوي: ’ڊاڪٽر!
وڻيئي سو خرچ ڪر، پر هن نازنين کي بچاءِ‘، مگر ڀلا
آءٌ ڇا ڪريان، سلهه جو علاج ته منهنجي هٿ ۾ آهي،
پر اندر جي اُداسيءَ کي آءٌ ڇا ٿو ڪري سگهان؟ ڪلهه
ته ڪڪ ٿي چيم، ’ڀلا وٺي وڃوس. ٿر، اُتي جي هوا
کارايوس‘ ته چون: ’چريا آهيو ڇا، اُتي جهنگ ۾ وڃي
سندس لاش رکايون، جتي نڪو ڊاڪٽر نڪا اسپتال، نه
فروٽ، نه‘......“
”ٺيڪ آهي، ڊاڪٽر صاحب! هو به صحيح آهن، هنن کي ته
ٿر جي بس ايتري ئي خبر آهي، ته اتي جي سونهن زور
آهي ۽ سستي آهي،.... پر خير، توهين ٻين فروٽن سان
گڏ هيءُ به هن کي پهچايو.... مگر.... مگر ڊاڪٽر
صاحب! ....... آءٌ اوهان کي مهاتماجيءَ جو واسطو
وجهي چوان ٿو، ته مهرباني ڪري اهو ڪنهن کي به نه
ٻڌائجو ته هي ڪنهن آندا، نه ته...... نه ته معلوم
اٿوَ، ته اڇوتن جي هٿن کي پليت سمجهڻ ۾ هندو
مسلمان ٻئي متفق آهن!“
”ڇُٽو آهين مسٽر، مون کي سڀ خبر آهي، جيڪا قوم پاڻ
کي نه سڌاريندي آهي، تنهن جي هر هنڌ اها سزا آهي،
نه رڳو هند ۾، پر آمريڪا ۾ توڙي نيپال ۽ ڪينيا ۾!“
”ڪيئن آهين ڌيءَ؟“ ڊاڪٽر راج ڪنور کان پُڇيو.
”شڪر آهي سائين، پيئي تڳان!“ راج ڪنور نهايت
اداسيءَ مان جواب ڏنو. هوءَ پلنگ تي پيئي هئي،
سندس جسم اڪ جي ڪاٺي بنجي ويو هو. سندس ڪونڍيرن
جهڙا ڳل، سُڪل ٽوهه وانگر سراٽجي ويا هئا.
ڊاڪٽر پاٻوهه مان پڇيس: ”موسميون کائين ٿي، نه؟“
”جيتريون وڻن ٿيون، تن ۾ گهٽايان ڪا نه ٿي!“
”ڀلا اجهو هيءُ ميوو به کائي ڏس!“
ڊاڪٽر ڳنڍ کولي اڳيان رکيس.
”اوهه، ڪونڍير هي ڪٿان آيا، ڊاڪٽر صاحب؟ هن
عاليشان شهر ۾ هيءُ جهنگ جو گند ڪيئن اچي پهتو؟“
راجو بي اختيار کين چمڻ لڳي ۽ لڙڪن سان پسائڻ لڳي.
هن هڪ هٿ ۾ کنيو. ڊاڪٽر ڪپ کڻي ڏنس. هن مرڪي چيو،
”ڊاڪٽر صاحب! هي پٽاٽا نه آهن!“
بسترو پري ڪري پلنگ جي نواڙ سان هن ڪونڍير کي گٺو،
اندران سفيد مغز نڪتو ۽ هن ان کي ڏاڍيءَ محبت سان
کائڻ شروع ڪيو. هوءَ بي اختيار ٻه ٽي کائي وئي ۽
پوءِ اوچتو ڇرڪ ڀري چيائين، ”آڻڻ وارو ڪٿي؟“
”تون سمجهين ٿي، ته ڪنهن آندا هوندا؟“
”ڇو نٿي سمجهان“، گنڀير ٿي هن چيو، ”ياد اٿم ته
ڪنهن کي منهنجي ڪونڍيرن سان قرب جي پوري ڄاڻ آهي.“
”ته پوءِ ڇو ٿي پڇين؟ ڪونڍير کائڻا اٿئي يا
کسائڻا؟“
”بلڪل صحيح آهيو، ڊاڪٽر صاحب!“ هن ساڳيءَ
گنڀيرتائيءَ سان چيو: ”جيستائين هي سماج قائم آهي،
تيستائين اهي دوائون به ائين ئي لڪائي کائڻيون
پونديون....... ڊاڪٽر صاحب! آڻڻ واري کي ٻڌائج، ته
’مون کي دوا پهتي،‘ ۽ هاڻي جيڪو ڪم نارنگين ۽
موسمين کان نه ٿي سگهيو، سو ’ڪونڍير‘ ڪندا، تون
منهنجي ڳڻتي ڇڏي وڃي پڙهه ۽ پنهنجي ذات ۾ به گهڻي
۾ گهڻي تعليم ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪر. اها تعليم ئي
آهي، جا اڳتي هلي اسان ۾ پيل ويڇا دور ڪندي، ۽
’انسان‘ سان پيار ڪرڻ ڏيندي. باقي رهيس آءٌ، سو
مون جهڙيون ڪئين ’اڇوتپڻي‘ جي آسٿان تي قربان ٿي
چڪيون هونديون، هڪڙيءَ جو وڌيڪ اضافو ڪا وڏي ڳالهه
ڪانه ٿيندي!“
(8)
”راجوءَ جي هن پيغام تي ڊاڪٽر کي اول ته اکين ۾
پاڻي آيو، سو يڪدم گنڀير ٿي چيائين، ”تون سمجهين
ٿي ته تون هن بيماريءَ مان چڙهي ڪا نه سگهندينءَ؟“
”گهڻو ڪري، ڇو ته بيماريءَ اندر ۾ وڃي گهر ڪيو
آهي، اها اُتان نڪرڻ محال آهي.“
”ٺيڪ آهي“، وري به ساڳيءَ بلڪ محڪم گنڀيرتا سان
ڊاڪٽر چيو، ”مطلب ته ترت يا ڪجهه عرصي ۾ مرڻ جي ته
پڪ اٿيئي نه؟“
”ها، اهو ته ظاهر آهي.“
”جيڪڏهن اهو ظاهر آهي ته پوءِ تون باقي زندگي وڌيڪ
سجائي ڇو نه ٿي ڪرين؟“
”وڌيڪ سجائي ڪريان، سا مون کي ته ڪا به خبر ڪا نه
ٿي پوي.“
”۽ جي خبر پويئي ته جيڪر ڪرين؟“
”جي ها، ڇو نه!“
”ايتري همت ڌاري سگهندينءَ؟“
”همت!“ ٽهڪ ڏئي راجوءَ چيو، ”اِها همت ڪا نه ٿا
ڏسو ته جيڪي ڏينهن ڏاتار ڏنا آهن، سي مٺا ڪري پيئي
ڀوڳيان!“
”اها ته ’همت‘ ڪا نه آهي،“ ڊاڪٽر تمام سٻاجهڙي
آواز ۾ چيو، ”ڌيءَ! اها همت ناهي، بلڪ! ’صبر‘ آهي.
اهڙو صبر ته ڪُتا به ڪري سگهندا آهن، جن کي ڪيترو
به پيو ماربو ڪُٽبو آهي، ته به در تي پيا هوندا
آهن، ۽ جيڪي ملندو اٿن، ان تي وقت پيا گذاريندا
آهن. ’همت‘ آهي زندگيءَ سان جنگ جوٽڻ جو نالو،
جيڪڏهن توکي اها پڪ آهي ته باقي چار ڏينهن دنيا ۾
آهين، ته پوءِ اهي چار ڏينهن بستري تي پاسا
ڦيرائيندي گذارڻ بدران ’زندگيءَ سان جنگ ڪرڻ‘ ۾ ڇو
نٿي گذارين؟“
”ٻڌايو ڊاڪٽر صاحب!“ راجوءَ جي چهري تي ڪجهه جوش
جا آثار ڏسڻ ۾ آيا. هن اتي ويهي چيو، ”ڊاڪٽر صاحب!
مرڻ کان مٿي ٻي تڪليف ڪانهي، ان لاءِ تيار ٿيڻ بعد
ٻي ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن کان ڊڄنديس؟ مون کي فقط
انهيءَ جنگ ڪرڻ جي اٽڪل ڪا نه ٿي اچي، سا جيڪڏهن
اوهين سيکاريو، ته آءٌ وڙهڻ لاءِ تيار آهيان!“ |