محسن علي جويو
محمد ابراهيم جويي جو سنڌ جي
ترقي پسند تنقيدي ادب ۾ ڪردار
سنڌي ادب ۾ تنقيد جي وجود ۾ اچڻ کي ڪو گهڻو وقت نه
گذريو آهي، پر ان هوندي به، اهو چئي سگهجي ٿو ته
ان پنهنجا شروعاتي مرحلا طئه ڪرڻ ۾ چڱي اڳڀرائي
ڏيکاري هئي. خاص طرح ورهاڱي کان ستت پوءِ جديد
ادبي تنقيد جي حوالي کان چڱيون اڳڀرايون ٿيون،
جنهن جي بنياد تي، تمام گهڻو تنقيدي
مواد اڄ اسان وٽ هٿيڪو آهي. اڳتي هلي ڪي سٺا ڪتاب
به ادبي تنقيد جي ڏس ۾ لکيا ويا، جن جي پڻ پنهنجي
اهميت آهي، پر ان کان پوءِ به، اهو چئي سگهجي ٿو
ته ورهاڱي
کانپوءِ
سنڌ ۾ ادب جي نئين جاڳرتا واري زماني ۾ ادبي تنقيد
جا جيڪي مضبوط بنياد پيا هئا، انهن کي لڳاتار اڳتي
وڌائڻ جي گهرج هئي، پر ايئن نه ٿي سگهيو. ان جو
سبب اهو ئي آهي ته ورهاڱي کان پوءِ، سنڌ کي ٻولي،
ثقافت، سياست توڻي پنهنجي قومي شناخت جي سلسلي ۾
ايتريون للڪارون اڳيان هيون، جو اهو ڪم پوئتي
رهيو.
ان سڄي معاملي کي هن پسمنظر ۾ ڏسجي ته ورهاڱي کان
پوءِ، سنڌ ۾ ڪابه باقاعدي سياسي پارٽي نه هئڻ ڪري،
سنڌ جي اديبن تي ئي اهڙي لاڳاپيل ذميواري لاڳو
هئي. انڪري، اهو چٽي نموني نظر ايندو ته سنڌ جي ان
ترقي پسند ادب واري دور ۾ تنقيد مٿان مقصديت گهڻي
غالب هئي. ان هوندي به، بهرحال، اهڙي ترقي پسند
تنقيد جي حوالي کان سرگرمي ڪنهن نه ڪنهن طرح جاري
رهي ۽ ان ڏس ۾، ساٿاري اديبن ۽ شاعرن جي گروهه
پنهنجو لاڳاپيل ترقي پسند توڻي قوم دوست ڪردار ادا
ڪيو ۽ ادبي تنقيد
جي
گهُرج
کي محسوس ڪيو
ويو،
ته جيئن سنڌي ادب کي سنواري سينگاري، ان کي هڪ خاص
شڪل ڏيئي، ان دور جي حالتن ۽ حقيقتن سان ٺهڪائي
بيهارجي.
جڏهن به ڪنهن اديب جون لکڻيون، مقصد کان هٽنديون
هيون ته ان جو
اُن
پاسي ڌيان ڇڪايو ويندو هو. ٿلهي ليکي ٽي وڏا
معاملا هئا، جن جي مقابلي ۾ ادبي مقصديت وسيلي ڪم
ڪرڻو هو. اهي پاسا هئا-
سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب جو بچاءُ سنڌ جي غريب،
ڏتڙيل ۽ محڪوم ماڻهن جي ادب وسيلي نمائندگي ڪرڻ ۽
ٽيون رياست پاران سنڌ مخالف قدمن ۽ فيصلن جو
مقابلو ڪرڻ. انهن ٽن للڪارن کي منهن ڏيڻ لاءِ اهو
ضروري هو ته ادب کي خاص دڳ ۽ رستي سان لائجي، ان ۾
ادبي تنقيد بنيادي ڪردار ادا ڪيو پئي. جڏهن به
ڪنهن اديب جو ڪو ليک يا شعر بنيادي مقصدن کان ٻاهر
ٿي ويو ته تنقيدي عمل وسيلي، ان کي ٻيهر سنئين ۽
مقصد واري دڳ تي اچڻ لاءِ آڀاريو پئي ويو.
هلي جڏهن اسين سنڌ ۾ شروع ڪيل ادبي تنقيد جو جائزو
وٺنداسين ته اهو سولائيءَ سان ڄاڻي سگهبو ته ان ۾
ادبي تڪرارن کان خلوص ۽ سچائيءَ کي وڌيڪ ترجيح تي
رکيو پئي ويو. مختلف اديبن هڪٻئي جي لکڻين تي
ڳالهائيندي، اهو ڪڏهن به نه وساريو ته انهن کي
ادبي تنقيد وسيلي، ادب کي سگهارو بڻائي نئين عقل
تي آڌاريندڙ، وهمن وسوسن کان آجي ۽ ترقي پسند لاڙن
کي پنهنجائيندڙ سنڌ جي تعمير ڪرڻي آهي. ان خلوص ۽
سچائي انهن جي پاڻ ۾ واسطي ۽ لاڳاپي کي مضبوط ڪيو
۽ ان سان گڏ فرض شناسيءَ جي اهڙي سگهه پيدا ڪئي،
جيڪا اڳتي ڪيترن ئي ڪاميابين جي صورت وٺي بيٺي.
ورهاڱي کان اڳ ۾ پوري هندستان وانگي سنڌ ۾ پڻ
سياسي بيچيني هئي. ايندڙ زمانن جي باري ۾ ماڻهن جا
مختلف خيال هئا ۽ اهي انهن خيالن جي بنياد تي
ماڻهو مختلف سياسي وابستگين سان پڻ لاڳاپيل هئا.
سماجي سطح تي خيالن
۽ مقصدن
جي
پاڻ ۾
هم آهنگي موجود نه هئي. اها ڳالهه واضح نموني
محسوس ڪئي پئي ويئي ته عوامي توڻي مادي خيالن توڻي
نظرين مٿان سياسي موقف گهڻو غالب هو. ان هوندي به،
سنڌ ۾ جويي صاحب، سنڌ ريڊيڪل پارٽيءَ جا بنياد
وجهي، ترقي پسنديءَ کي سنڌ ۾ متعارف ڪرايو هو. سنڌ
۾ جويو صاحب ان زماني ۾ اڪيلو ماڻهو هو، جنهن ترقي
پسنديءَ جي گهرج سنڌ لاءِ محسوس ڪئي هئي ۽ پنهنجا
هم خيال به پيدا ڪيا.
ان زماني ۾ هندستان ۾ سوشلسٽ دنيا جو هڪ وڏو ماڻهو
مهندر ناٿ راءِ
المعروف
ايم.اين.راءِ
موجود هو. ايم.اين.راءِ
هڪ سوشلسٽ، انقلابي، ريڊيڪل ائڪٽوسٽ ۽ سياسي نظريي
دان هو. هن انڊين ڪميونسٽ پارٽيءَ جا بنياد وڌا
هئا. هن جا روسي مرڪزي قيادت سان
به
سڌا واسطا هئا، جوزف اسٽالن سان نظرياتي اختلافن
سبب هن سوشلسٽ مک ڌارا کان الڳ ٿي، پنهنجي ريڊيڪل
ڊيموڪريٽڪ پارٽي ٺاهي هئي. راءِ اعليٰ پائي جو
ماڻهو هو، جنهن جا گانڌي ۽ نهروءَ سان هندستان جي
مختلف مامرن تي
اصولي
اختلاف هئا ۽ پنهنجين باغي لکڻين ۽ تقريرن جي ڪري
هن جيل پڻ ڪاٽيا.
جويو صاحب جڏهن بمبئي ويو هو ته اتي راءِ جي لکڻين
مان بنهه گهڻو متاثر ٿيو هو، ان جي هندستان جي
آزادي، قومن جي خودمختياري
۽ پورهيتن جي حقن جي حوالي سان خيالن سان گهڻو
سهمت هو. راءِ جي ريڊيڪل ڊيموڪريٽڪ پارٽي پنهنجي
فڪر ۽ عمل ۾ هڪ جديد سائنسي بنيادن تي بيٺل پارٽي
هئي. جويي صاحب ان ئي طرز تي سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ شروع
ڪيو.
ورهاڱي کان اڳ تائين، صورتحال هيءَ هئي ته ايڪڙ
ٻيڪڙ ڪوششن کي ڇڏي، سنڌ ۾ نثر توڻي نظم تي اڃا
نئين دنيا جا در نه کليا هئا، ان کي اڃا تازگي
نصيب نه
ٿي هئي، ان ۾ نون موضوعن جا رنگ اڃا ڀرجڻا هئا، ان
جي ٻولي توڻي ماحول کي مقامي ڍنگ ۾ پيش ٿيڻو هو.
هڪ پاسي جديد زماني جا نوان خيال، لاڙا ۽ تصور هئا
ته ٻئي پاسي پنهنجي اساسي ۽ ڪلاسيڪي ادب کي جديد
دور سان هم آهنگ ڪرڻو هو.
آءٌ
جڏهن اهو تصور ٿو ڪريان ته اهڙي سموري ڪم ڪرڻ لاءِ
جڏهن جويي صاحب پنهنجي چوڌاري نظر وڌي هوندي ته
کيس ٻئن چئن هم خيال ساٿين کان سواءِ ٻيو ڪوبه نظر
نه آيو هوندو ته هن ڇا محسوس ڪيو هوندو! هڪڙي پاسي
نئين دور جون نيون گهرجون هيون ۽ ٻئي پاسي بنهه
ٿورڙا همسفر،
مٿان وري ادب ۾ هن قسم جا نوان مامرا داخل ڪرڻا
هئا: فن ۽ ادب کي رجعت پسندي، روايت پسندي ۽ پراڻ
پسنديءَ مان آجو ڪرائڻو هو ۽ ادب کي زندگيءَ ۽
عوام جي ويجهو آڻڻو هو، ادب کي ذهني عياشيءَ کان
ٻاهر ڪڍي، ان کي زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان هم
آهنگ ڪرڻو هو، ان کي خيالي پلائن پچائڻ بدارن
واقعيت ۽ حقيقت نگاريءَ جي دڳ لائڻو هو، ان منجهان
بي مقصد روحانيت، خيال پرستي، وهم پرستيءَ کي ڪڍڻو
هو، نون لاڙن ۽ تصورن ۽ طريقيڪارن تي ٻڌل ادبي
تنقيد جا بنياد وجهڻا هئا، ان سان گڏ، سنڌ جي
ماضيءَ جي روايتن، قدرن ۽ لاڙن کي تنقيدي ۽ ڇنڊڇاڻ
جي مرحلن مان گذارڻو هو ۽ انهن مڙني قوتن، عملن ۽
محرڪن جي، ادب وسيلي مخالفت ڪرڻي هئي، جيڪي پراڻي
۽ سينوارجي ويل سنڌي سماج جا ٿنڀ هئا.
ايتري وڏي ڪم لاءِ ماڻهن جي گهُرج
هئي، اهو ڪم هڪ مضبوط تنظيم جي سگهاري پکيڙ وسيلي
ممڪن هو، وسيلا گهربل هئا، پر پوءِ به جويي صاحب
ان جي ساٿين گڏجي اهو ترقيءَ پسنديءَ جو ڪم شروع
ڪيو ۽ ورهاڱي کان پوءِ ته مامرا ڄڻ ته هنگامي
نوعيت جا هئا، ۽ هڪ واقعن جو هڪ طوفان هو، جنهن ۾
ادب ۽ ٻولي توڻي ٻين شين
کي
بچائڻو هو،
پر ماڻهن جي اڻاٺ هوندي به، مقصدن ۾ چٽائيءَ سبب
تڪڙا نتيجا ملڻ شروع ٿيا ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن
ماڻهن ڪم ڪار ۾ دلچسپي ورتي ۽ جويي صاحب انهن جي
فڪري تربيت جديد تنقيدي ۽ ڇنڊڇاڻ جي نموني ڪئي، نه
رڳو ايترو پر جويي صاحب انهن ٿورڙن ۾ پنهنجي ڪم
سان خلوص ۽ سچائي، ڪم جي نوعيت تي سوچ ويچار ۾ پڻ
ڪردار ادا ڪيو.
سنڌ جي نئين جاڳرتا واري ان دور ۾
ترقي پسنديءَ جي اڀار ۾ هڪ باغياڻو تاثر موجود هو،
جنهن کي صحيح نموني ڪتب آڻڻ جي گهرج هئي ته جيئن
سماج ۽ زندگيءَ کي تلخ تجربن ۽ حقيقتن کي ڏسندي ۽
محسوس ڪندي، اسان جا اديب ۽ شاعر ڪنهن بي راهه
رويءَ جا شڪار نه بڻجي
وڃن.
نه رڳو ايترو،
پر اهو اديبن جي ذهنن ۾ هڪ خاص توازن به برقرار
رکڻو هو. ان توازن جو
تعلق،
ترقي پسنديءَ جي عالم گير تصور سان هو. جويي صاحب
ان ڏس ۾ به اهم ڪم ڪيو ته سڄي دنيا جي درد کي
محسوس ڪرڻ لاءِ پنهنجيءَ ڌرتيءَ کي مرڪز بنايو
وڃي. ڇو
ته زمين سان ناتي
ٽٽڻ سان ماڻهو بي وزن ٿي ويندو آهي. انهن ڳالهين
کي نظر ۾، رکبو ته سنڌ ۾ ترقي پسنديءَ جي ڪم ۾
ڪيتريون ئي پيچيدگيون هيون، جن کي سمجهندي ۽
پرکيندي اهو سڄو ڪم ڪار ڪرڻو هو. اهو به ڏسڻو هو
ته نئين جي ڳولا ۾ پراڻي تان هٿ ڌوئي نه ويهجن.
سنڌ ۾ ادبي سرمايو موجود هو، خاص طرح شاعريءَ ۾
چڱو ڪم ٿيل هو. اسان جا ڪيترائي اساسي ۽ ڪلاسيڪي
شاعر موجود هئا، جن کي پڻ هن نئين تحريڪ ۾ شامل
ڪرڻو هو ۽ انهن جي فن ۽ فڪر کي نون پاسن کان اڳتي
وڌائڻو هو. نئين جي شوق ۾،
۽ ترقيءَ پسنديءَ جي جذبي هيٺ سموري ماضيءَ جي
سرمايي تان هٿ کڻڻ به ڪا ساڃهه جي ڳالهه نه هئي.
اهو سبب هو جو لطيف، سچل، سامي، خليفي نبي بخش کان
وٺي ٻين ڪيترن ئي اساسي شاعرن جي ڪم تي نئين نموني
نظر وجهي،
انهن کي پنهنجايو ويو، انهن جا نوان، زندگي ۽ سماج
جي فائدي وارا پاسا اڳتي آڻي، انهن جو نئون تعارف
ڪرايو ويو. پوري ماضيءَ تي ليڪ ڦيرڻ واري غلطي نه
ڪئي ويئي.
سنڌ جي ترقي پسند تحريڪ، هندستان جي ٻين حصن هلندڙ
اهڙين تحريڪن کان الڳ هئي، ان ۾ جدلياتي، مادي،
طبقاتي ۽ انقلابي عنصرن سان گڏ قومي عنصر به شامل
هو،
ان جو سبب اهو ته ورهاڱي جي ڪري، سنڌ پنهنجي قومي
تشخص کي بچائڻ واري عمل مان گذري رهي هئي، انهيءَ
تشخص جو ٻولي، ثقافت، ريتون رواج ۽ پڻ پنهنجي ڌرتيءَ
حصو هئا.
بهرحال، راءِ جي ترقي پسند خيالن جي پوئواريءَ ۾،
شيخ اياز
”اڳتي
قدم“
رسالو جاري ڪيو، جنهن نج ترقي پسند ادب کي جائتو
ڪيو ويو. اهو رسالو سنڌ ۾ ترقي پسند ادب جي احياءَ
لاءِ پهرين عملي وک هو، جنهن ۾ ڇپجندڙ لکڻيون
سيڪيولرزم، عقليت پسندي، سنڌ دوستي ۽ مظلوم طبقي
جي حمايت ۾ هيون.
ان
حوالي سان
جويو صاحب پهريون ماڻهو هو، جنهن سنڌي ادب کي ترقي
پسنديءَ سان عملي نموني ڳنڍيو هو. سنڌ جي وهم
پرست، تقدير پسند ۽ فنائيت ۽ عمليت کان پري بيٺل
سماج ۾، جويي صاحب جي اها ڪوشش هڪ روشن ڪِرڻي
وانگي هئي، جيڪا اڳتي هلي هڪ تاب ڀري سج جي صورت
اختيار ڪري
بيٺي.
ادب ۾ ان فڪري، ترقي پسند ۽ سيڪيولر تحريڪ جي جويي
صاحب جي ارادي اڳتي هلي، عملي صورت وٺي، وڏيون
وسعتون ماڻيون.
اهي
سڀ ڪم تڏهن سولا ٿيا، جڏهن 1955ع ۾ جويو صاحب
جي ”مهراڻ“
رسالو جاري ڪيو. مهراڻ رسالي جي صورت ۾ هڪ تحريڪ
هو، جنهن جي واڳ جويي صاحب محفوظ ۽ ماهر هٿن ۾
هئي. ان رسالي جي مواد جي چونڊ جا معيار اهي ئي
رکيا ويا، جن جي نشاندهي مٿي ڪئي ويئي آهي.
بهرحال سنڌ ۾ اها ترقي پسنديءَ جي تحريڪ پنهنجي
رنگ ڍنگ ۾ جڙواد ۽ مادي قسم جي تحريڪ هوندي به،
پنهنجي جوهر ۾ هڪ جديد قومي تحريڪ ئي رهي. شروعاتي
شعرن توڻي ڪهاڻين ۽ افسانن ۾ زندگيءَ ۾ رونما
ٿيندڙ واقعن کي، سماجي اڻبرابريءَ جي تاثر سان پيش
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ ان خيال کي عام ڪرڻ جو
سعيو ڪيو ته هي مسڪين ۽ غريب سنڌي ماڻهن سان جيڪي
وهي واپري رهيو آهي، اهو لکئي جو ليک ناهي، پر ان
جا
ڪي ٺوس سماجي ڪارڻ آهن ۽ ماڻهو ڄائي ڄم کان غلام،
ٻانهو، غريب يا مظلوم يا محڪوم ناهي، پر اهو سڀ
ڪجهه هن سموري ظلم ۽ ڏاڍ تي ٻڌل سماجي سٽاءَ جو ئي
نتيجو آهي.
سماجي حقيقت نگاريءَ جي حوالي کان جويي صاحب
پنهنجن ساٿين سان گڏجي ڪم ڪيو، انهن جي تخليقن کي
سوڌڻ سنوارڻ شروع ڪيو. اتان کان جويي صاحب جو
تنقيد جي اوسر ۾ ڪردار جي باقاعدي شروعات ٿي،
”مهراڻ“
رسالي ۾ جيڪي به لکڻيون ڇپجڻ لاءِ اينديون هيون،
انهن تي پڻ جويو صاحب نظرثاني ڪندو هو، پر ان سان
گڏ، ڇپيل تخليقن تي مختلف دوستن کان راءِ به وٺبي
هئي.
مثال طور ان زماني ۾
”مهراڻ“
رسالي ۾ افساني، ڪهاڻي ۽ شاعريءَ جي حوالي کان هڪ
ترقي پسند ۽ سنڌ دوست بحث شروع ڪيو ويو، جنهن ۾
سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن
وڏن ناليوارن اديبن حصو ورتو ۽ پنهنجي راءِ جو
اظهار ڪيو. سنڌي ادب ۾ عملي ۽ بنيادي تنقيد جي
حوالي کان
”مهراڻ“
جي ان دور کي بنيادي اهميت حاصل آهي، جنهن جي واڳ
جويي صاحب جي هٿن ۾ هئي. هڪ خط ۾ سنڌ
جي
نامياري افساني نگار ۽ ڪهاڻيڪار جمال ابڙي لکيو:
”مون”پشو“، ”بلو دادا“ ۽”شيدو ڌاڙيل“ کان متاثر ٿي
لکيو، ڇو ته انسان جو مقام منهنجي نظر ۾ نهايت
بلند آهي. منهنجو ”پشو“ نه ڌاڙيل آهي نه داداگير،
پر هڪ سڌو سنئون انسان آهي. آهن ته اهي ٽيئي هڪڙي
ئي ماحول جي پيدائش، پر صرف ان ڪري اسان جي ساڻن
همدردي ٿئي ڇا؟ ائين ته وڏيرو ۽ سيٺ به انهيءَ
ماحول جي پيدائش آهن. پوءِ انهن کي ولين (Villian)
ڪري ڇو ٿو پيش ڪيو وڃي؟ پوءِ ته اسان جي همدردي
وڏيري ۽ سيٺ سان به هئڻ کپي! اسين ته مُنجهي
ٿا پئون،
ڇاڪاڻ ته هڪ انسان مسڪين آهي،
تنهنڪري ۽ صرف تنهنڪري، هُو
رحم جي لائق آهي ڇا؟ منهنجي دل اها ڳالهه نه ٿي
مڃي.
مان ڀانيان
ٿو ته انسان کي ”رحم جوڳو“ ٿيڻ ئي نه کپي. اها
انسان جي توهين آهي- انسانيت جي توهين آهي. انسان
نهايت بلند ۽ بالا آهي. هو”ويچارو“ ۽ ”ڪين جهڙو“
نه آهي. مفلسي کيس ماري نه ٿي سگهي. انسان جيڪڏهن
ڪنڊن ۾ اوٻاسيون ڏئي، شوڪارا ڀري ڇڙهيون هڻي مري
وڃي ته چئبو ته منجهانئس
انسانيت ڪڏهوڪومري چڪي هئي.
انسان اهو جو مفلسي، بيماري، بي علمي ۽ ظلم جي
حملن جي باوجود اڳتي وڌي. ڏسڻو آهي ته اهي رنڊڪون
سندس ”انسانيت“ کي ڪيترو جرڪائين ٿيون. پوءِ
انسانيت جي واڌاري جي راهه ۾ جيڪي اهڙيون رنڊڪون
آهن، تن کي پاڙئون پٽيندي ڪو خون ڏيئي مئو، ته
شهيد ٿيو: پر جي ڪو صرف اکين مان پاڻي هاري مئو،
ته ٻين کي به دلشڪستو ڪري مئو- انسانيت کي بدنام
ڪري مئو- هو ته مرڻ کان اڳي ئي مري چڪو هو! جو
مڙيو سو به مئو ۽ پڻ کريو. مون انهيءَ ڪري ”پشو“
پيش ڪيو. خبر نه آهي ته ڪيتر قدر موضوع کي نڀاهي
سگهيو آهيان. اسين اڃا سکون پيا. چئي نه ٿو سگهجي
ته اهو موضوع ڪيتري قدر صحيح آهي، يا منجهس ڪيتري
قدر سڌاري جي گنجائش آهي.“
جمال ابڙي جو اهو افسانو هڪ ڪامياب ڪوشش هئي، جنهن
کي سنڌي ادب ۾ مانائتي جاءِ ڏني ويئي آهي. ان
افساني ۾ سماجي حقيقت نگاريءَ کي بنهه گهڻي تخليقي
۽ موثر انداز ۾ چٽيو ويو آهي ۽ اهو تاثر پيدا ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته انسان ڄائي ڄم کان خراب
نه هوندو آهي، اهو سماج ئي آهي، جيڪو ان جي اهڙي
ڪردار جو تعين ڪري ٿو، ان کي بگاڙي ۽ خراب ڪري ٿو.
ان کان سواءِ، ان خط مان اهو پڻ ڄاڻي سگهجي ٿو ته
انسان ۽ انسانيت جي باري ۾ نون خيالن ۽ نئين رَوَشِ
جي شروعات ٿي چڪي هئي ۽ ادبي تنقيد پنهنجو عملي
اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو، جنهن مان ان دور جا اهم اديب
متاثر ٿي رهيا هئا ۽ ماڻهو، سماج ۽ زندگيءَ جي
باري ۾ ترقي پسنديءَ ڏانهن ڇڪجي رهيا هئا.
”مهراڻ“
۾ ڇپيل اهي خط سنڌ ۾ تنقيدي توڻي ترقي پسند فڪر جي
اوسر جا اهم ماخذ پڻ آهي، جن کي پڙهي، اندازو
لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ ادب جي اوسر ڪهڙا ڪهڙا
مرحلا طئه ڪيا آهن. جمال ابڙو ان وقت تائين
”شاهه جو ڦر“ نالي ڪامياب افسانو لکي چڪو هو، پر
ان کان پوءِ به هو ”بلو دادا“ ۽ ”شيدو ڌاڙيل“
افسانن مان متاثر ٿيو هو ۽ هن ”پشو پاشا“ نالي هڪ
افسانو لکيو هو،
ان جي اهڙي متاثر ٿيڻ تي پڻ ٻين اديبن پنهنجي ردِعمل
جو اظهار ڪيو هو، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو.
بهرحال اها ڳالهه طئه ٿيڻ جي مرحلي ۾ هئي ته
افسانو يا ڪهاڻي ڪيئن سرجيا وڃن،
ان لاءِ جمال ابڙي بنيادي گهرجون ” ڪردار“ ۽
”ماحول“ طئه ڪيون هيون، جنهن تي اڳتي بنهه گهڻو
صحتمند تنقيدي بحث ڪيو ويو ۽ ”ماحول”، ”ڪردار“ سان
گڏ ”عمل“ ”پلاٽ“ جي عنصرن کي به مڃرائڻ لاءِ دليل
ڏنا ويا.
تنقيد جو اهڙو باقاعدي، سائنسي ۽ عملي بحث سنڌي
ادب جي پوري ڄمار ۾ پهريون واقعو هو، هڪ نئين
ارادن ڀري شروعات هئي. جمال ابڙي جي اهڙن خيالن جي
موٽ جويي صاحب،
”مهراڻ“
جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ جيڪو جواب ڏنو هو، اهو هن
ريت هو:
”ڀاءُ جمال، ..... ”بلودادا“ ۽ ”شيدو ڌاڙيل“ جي
باري ۾ جيڪي نُڪتا،
اوهان ظاهر ڪيا آهن، انهن جو تت اوهان جي هن جملي
۾ اچي وڃي ٿو ته ”افساني پڙهڻ کانپوءِ ائين ٿو
ڀانئجي ته انسانيت سڪرات ۾ آهي ۽ حيوانيت کلي رهي
آهي.“ اوهان انهن افسانن مان، جيڪڏهن اهو تاثر
ورتو آهي ته اوهان برابر ٿي سگهو ٿا،
پر منهنجي خيال موجب، افسانن جي جملي تاثر جو فقط
اهو هڪڙو پهلو آهي. ٻئي ڪندي، اسان جي هن سماج ۾
حقيقت به
اها آهي ته انسانيت تي حيوانيت جو غلبو آهي- پوءِ
انهيءَ حقيقت جو اظهار جيڪڏهن افساني نگار، فني
نڪته
نگاهه کان ڪاميابيءَ سان پيش ڪري، ته اهو افسانو
منهنجي خيال ۾ هر طرح ڪامياب افسانو چئي سگهجي ٿو.
مختصر افساني جي هڪ خصوصيت آءٌ سمجهان ٿو ته اها
به آهي ته ان ۾ زندگيءَ جو ڪو به هڪ پهلو، ڪا به
هڪ حيثيت پيش ڪئي وڃي، ۽ ان ۾ سماجي ڪيفيتن ۽
پسمنظر کان اثرائتي انداز ۾ اُڀاري،
پڙهندڙن جو ڌيان ان جي اصلي حقيقت ڏانهن ڇڪايو
وڃي. ڪامياب افساني جي هروڀرو اها خصوصيت ڪانهي ته
ان ۾ ڀيري ڀيري سان انسان جو اعليٰ مقام پڙهندڙن
وٽ ثابت ڪيو وڃي؛ يا نتيجي طور ان ۾ انسانيت ۽
نيڪيءَ جي فتح، ۽ حيوانيت ۽ بديءَ جي شڪست ئي
ڏيکاري وڃي. اهڙي قسم جا افسانا ته شايد فني نڪته
نگاهه کان ٿورا به ڪمزور ٿيا، ته مٿن تبليغي
افسانن، يا قديم ناصحاڻه
آکاڻين هئڻ جو الزام
مڙهجي ويندو. حيوانيت جو کلڻ ۽ انسانيت جو روئڻ،
اڄوڪي سماج جون تلخ حقيقتون آهن. جيڪڏهن انهن
حقيقتن کي پيش ڪندي، پڙهندڙ جي دل ۾ حيوانيت ڏانهن
نفرت، ۽ انسانيت لاءِ عزت ۽ محبت جو رد عمل هڪ
افساني نگار پيدا ڪري سگهي ٿو، ۽ ساڳئي وقت پڙهندڙ
کي جيڪڏهن انهيءَ الٽي گنگا جي اصلي حقيقت ۽
ماهيت، يعني ان جا ڪهڙا سبب آهن، ۽ زندگيءَ جي اها
مخصوص حيثيت، جنهن کي چٽيو ويو آهي، تنهن جي سچي
سماجي پسمنظر ۾، اصل جڳهه ڪهڙي آهي. جيڪڏهن انهن
ڳالهين تي افساني نگار روشني وڌي آهي، ته منهنجي
نظر ۾ اهڙن افسانن کي ڪامياب افسانا چئي سگهجي
ٿو.“
جويي صاحب جي مٿئين نوٽ مان اها ڳالهه واضح نموني
محسوس ٿئي ٿي ته پاڻ افساني جي حوالي کان جامد
خيالن جو حامي نه هو ۽ نه وري هُو
ان ڳالهه جو مڃيندڙ هو،
ته افسانو زندگيءَ کان پري بيٺل هجي،
پر سندس خيال هو ته اهو حقيقتن سان ٺهڪندڙ هجي ۽
ان ۾ زندگيءَ جي اصليت کي جائتو ڪيو وڃي. هروڀرو
به افساني کي روايتي ” نيڪي ۽ بدي“ وارن ٻن پُڙن
۾ تورڻ بدران ان کي حقيقتن سان ٺهڪائي بيهارجي ته
جيئن اهو روايتي ناصحاڻو قصو بڻجڻ
بدران عام ماڻهن جي زندگيءَ جي مسئلن، مامرن ۽ ان
جي اندر جي آنڌ مانڌ جو آئينو بڻجي سگهي.
جويي صاحب جي اهڙن ترقي پسند تنقيدي راين ان دور ۾
اديبن جي رهنمائي ڪئي ۽ سنڌي ادب ۾ تنقيدي شعور جي
واڌاري توڻي ادب جي ترويج ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
مهراڻ وسيلي ادبي تنقيد جو اهو عمل اتفاقي نه، پر
طئه ٿيل رٿابنديءَ جو حصو هو. ان ڏس ۾ هڪ صلاح اها
هئي ته جيڪو به افسانو ڇپجي، ان سان گڏ ان تي هڪ
تنقيدي نوٽ به لکيو وڃي، جنهن جي روشنيءَ ۾ افسانو
پڙهيو وڃي، پر جويي صاحب تنقيد جي اهڙي لاڙي جي
مخالفت ڪئي، هن جو خيال هو ته ايئن ڪرڻ سان پڙهندڙ
افساني کي هڪ خاص رخ ۾ پڙهڻ شروع ڪندو ۽ نتيجي ۾
اهو تنقيدي نوٽ پڙهندڙ جي پنهنجي آزاد تنقيدي راءِ
تي اثرانداز ٿيندو، انڪري، سٺو اهو ٿيندو ته
افساني جي ڇپجي وڃڻ کان پوءِ، هر ڪو اديب، ادب
دوست ۽ پڙهندڙ ان تي پنهنجي پنهنجي الڳ راءِ ڏئي
ته مختلف راين مان افساني جي درست نموني ڇنڊڇاڻ ٿي
سگهندي. جويي صاحب هڪ هنڌ لکيو آهي:
”مهراڻ“ ۾ اوهان صلاح ڏني آهي ته مضمونن- خاص طرح
افسانن جي منڍ ۾ مختصر طور صحتمند تنقيد جا ٻه چار
جملا لکيا وڃن. منهنجي راءِ آهي، ته هر پرچي ۾
گذريل پرچي جي ڪنهن چڱي مضمون يا افساني تي اوهان
۽ اوهان جهڙا اهلِ
قلم ۽ ڪامياب افساني نگار دوست مفصل تنقيد لکن، ۽
اها اسين شايع ڪريون ته ان طرح لکندڙ دوستن کي
وڌيڪ رهنمائي ملندي ۽ انهيءَ نموني تنقيد جو موضوع
به ”مهراڻ“ ۾ پيش ٿيندو رهندو. اوهان جو.
محمد ابراهيم جويو“
جويي صاحب جو اهو تنقيدي شعور ئي هو، جنهن تنقيد
لاءِ اهڙن لاڀائتن ۽ بهتر دڳن جو تعين ٿي ڪيو.
مٿي جمال ابڙي افساني لاءِ جيڪي ”ڪردار ۽ ماحول“
وارو معيار مقرر ڪيو هو، نامياري اديب
شيخ ”راز“ ان جي مخالفت ڪئي هئي ۽ لکيو هئائين ته
افساني ۾ پلاٽ اهم ڪردار ڪندو آهي، انڪري مٿين ٻن
عنصرن سان گڏ ”پلاٽ“ کي افساني جي گهُرجن
۾ شامل ڪجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو:
”اوهان وٽ مختصر افساني جو بنياد ٻن اصولن تي قائم
ڪري پيش ڪيو ويو آهي. اهي اصول ’ڪردار ۽ ماحول‘
بنايا ويا آهن. انهيءَ خيال سان آءٌ گهٽ متفق
آهيان. منهنجو مطلب آهي ته اهي ٻئي اصول،
مختصر افساني ۾ بنيادي حيثيت نٿا رکن. اهي پنهنجي
جاءِ تي ضرور ڪائي حيثيت رکن ٿا؛ ليڪن بنيادي نه،
پر ضمني.
مختصر افساني ۾ پلاٽ به هڪ لازمي جزو آهي، جنهن جي
حيثيت به ضمني آهي؛ پر ٻين سڀني ضمني جزن کان وڌيڪ
افساني ۾ اهم حصو ادا ڪري ٿو، ۽ سندس اهميت کي
ڪڏهن به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. انهيءَ نموني
مٿيان ٽيئي عنصر گڏجي، مختصر افساني جي مقصد ۽ نڪتهء
نظر کي واضح ڪرڻ جا ضروري اسباب ۽ ذريعا بڻجن
ٿا. آکاڻيءَ جي ترتيب پلاٽ جي ذريعي ٿئي ٿي.
زندگيءَ جو ڪو معمولي حادثو يا ڪا وقتي ڪيفيت هڪ
پلاٽ جي صورت پيدا ڪري ٿي؛ ۽ اهو معمولي حادثو،
افساني ۾ هڪ غير معمولي حيثيت رکي ٿو، ڇاڪاڻ جو
اهوئي تاثر، افسانه نويس کي تخليقي عمل لاءِ آماده
ڪري ٿو. پلاٽ ۾ وحدت ۽ تسلسل هڪ ضروري خصوصيت آهي.
مواد مختصر، اسباب مختصر، لفظَ مختصر– تنهنڪري
سلسلي ۽ وحدت جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي، ۽ انهيءَ
پابنديءَ جي انحرافي ڪرڻ سان افساني کي سخت ضرب
لڳي ٿي.“
ان ريت،
”مهراڻ“
جي شروعاتي زماني وارن پرچن کي کڻي ڏسبو ته اهي
تخليق ۽ تنقيد جو هڪ مائيدار توازن لڳندا، جن ۾
خاص طرح تنقيد جي سلسلي جي ڪڙي ڪڙيءَ
سان ڳنڍيل هئي. انهيءَ تنقيدي اوسر ۾ ڪهاڻيڪار ۽
افساني نگار شيخ حفيظ جي کليل ۽ سڌن راين جو به هڪ
خاص ڪردار هو، ان کي ان ڳالهه تي حيرت هئي ته
“شاهه جو ڦر“ جهڙو افسانو لکندڙ جمال ابڙي کي نيٺ
”پشو پاشا“ لکڻ جي گهرج ڇو محسوس ٿي، ان جو خيال
هو ته ”شيدو ڌاڙيل“ ۽ ”بلو دادا“ سعادت منٽو جي
افساني ”ممو دادا“ کان متاثر ٿي لکيا ويا هئا،
انڪري انهن ٻنهي افسانن ۾ ”منٽوئيت“ پڌري هئي.
جيتوڻيڪ، اهي ٻئي افسانا گهڻا ڪامياب قرار ڏنا ويا
هئا، پر شيخ حفيظ انهن جي حوالي کان هڪ نئون پهلو
سامهون آندو هو. ان کان سواءِ، جمال ابڙي جي
اوريجنلٽي کان وڌيڪ متاثر ٿيندي ۽ ان کي اهميت
ڏيندي، ان جي افساني ”پشو پاشا“ تي پنهنجي تنقيد
هن ريت رڪارڊ آندي هئي:
”سڀ
کان پهرين ته اسان کي اهو جاچڻ جڳائي، ته آخر
’شاهه جي ڦر‘ ۽ ’شيدو ڌاڙيل‘ ۾ فرق ڪهڙو آهي؟ ڇو
ته جيڪڏهن اسان انهيءَ فرق کي سمجهي سگهون، ته
پوءِ اهو به سمجهي سگهنداسين ته اها ڪهڙي ڳالهه
آهي، جيڪا ’شاهه جي ڦر‘ جي خالق کي ’پشو پاشا‘ لکڻ
تي مجبور ڪري ٿي. منهنجي خيال ۾ ايئن ڪرڻ لاءِ،
بهتر اهو ٿيندو ته انهيءَ ڏس ۾، جمال جي پنهنجي
اعتراف کي آڏو رکي، اسان ’بلو دادا‘ کان ’پشو
پاشا‘ تائين، سنڌي افساني جي ارتقا جاچي وڃون.
پهرين پهرين اياز قادريءَ ’بلو دادا‘ پيش ڪيو: مون
کي ياد آهي ته اياز قادريءَ ’سنڌي ادبي سنگت‘ ۾
افسانو پڙهڻ ويل، اهو اعتراف ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو،
ته اهو افسانو، اردوءَ جي مشهور ڪهاڻيڪار ”منٽو“
مرحوم جي افساني ’ممو دادا‘ کان متاثر ٿي لکيو ويو
آهي. سچ پچ ته جيتوڻيڪ اياز قادريءَ جو افسانو
منٽو جي مٿي بيان ڪيل افساني کان بلڪل مختلف هو،
پر تنهن هوندي به ان ۾ ’منٽوئيت‘ پئي جهلڪون ڏئي.“
اهڙيءَ ريت، سنڌيءَ ۾ تنقيد جي اها رواني جويي
صاحب جي سرواڻيءَ هيٺ نوان گل ڦل ٽڙائي رهي هئي ۽
اڳتي سفر طئه ڪري رهي هئي.
ادب کي زندگيءَ سان، زندگين عام توڻي تلخ حقيقتن
سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ لڳاتار ڪوششون جاري هيون،
ادب ۾ سڌاري جو عمل ڪنهن به وٿيءَ کان سواءِ جاري
هو، تنقيدي اڀياسن ۽ راين مان نوان نوان پاسا ۽
پهلو اڳيان اچي رهيا هئا، جن منجهان ادبي تخليقون
روزاني بهتر کان بهتر ڏِس
۾ سفر ڪري رهيون هيون.
”پشو پاشا“ تي منٽوئيت کان سواءِ، هڪ ٻي به راءِ
سامهون آئي، جن ۾ چيو ويو هو ته اهو
افسانو ڀلي ترقي پسند ادب ۾ اهميت جوڳو هجي، پر ان
جي ٻولي ڪمزور آهي. يعني ان پاسي اشارو ڪيو ويو هو
ته مقصديت سان ان وقت تائين صحيح نموني نڀائي نه
سگهبو، جيستائين ٻوليءَ جو بهتر ۽ گهربل واهپو نٿو
ڪيو وڃي. ”پشو پاشا“ جي افساني جي حوالي کان
افسانن ۾ واهپي ۾ ايندڙ ٻوليءَ جي حوالي کان به
بحث نکرجي ۽ اسرجي رهيو هو. ان ڏس ۾ مس شمس
صديقيءَ جو خط اهم هو:
”مسٽر جمال ابڙي جو افسانو ”پشو پاشا“ پلاٽ جي
لحاظ کان ترقي پسند سهي، پر زبان جي لحاظ کان ڪٿي
ڪٿي مون کي ٿورو ڪمزور لڳو– لفظي
تناسب منجهس ڪجهه گهٽ، ڀرتيءَ جا ڪيترا لفظ منجهس
استعمال ٿيل ڏٺم، جن ڪن ڪن جاين تي جملن جي ترتيب
کي ٽوڙي، اصل مفهوم کي وڃي ضرر پهچايو آهي– مثلاً
”پشوءَ جي ذري ذري مان زندگيءَ جا آثار پيا ٽپڪندا
هئا“–’آثار‘ ۽ ’ٽپڪڻ‘........ الفاظ تجربا ٿيندا
آهن، هڪ مخصوص مفهوم رکندا آهن، انهن جي هڪ مخصوص
نشست هوندي آهي؛ لفظن جو استعاراً استعمال روا
آهي، پر انهيءَ ۾ به ڪوشش اها ڪئي ويندي آهي ته
لفظ پنهنجو حقيقي مفهوم جيئن نه وڃائي ويهن، نه ته
اوپرا لڳندا....... آثار ظاهر ٿيندا آهن، عيان
هوندا آهن، بَکندا آهن، جهلڪندا آهن– هيءُ
جملو ايئن به ٿي سگهي پيو ته ’پشوءَ جي هر حرڪت
مان زندگيءَ جا آثار بکيندا هئا يا جهلڪندا هئا!‘
ساڳيءَ پئرا ۾ ”اُڇلون ڏيندو ۽ ڇلڪندو هو“–پيالن
جو ڇلڪڻ، اکين کي پيمانن سان تشبيهه ڏيئي انهن جو
ڇلڪڻ، ته پڙهيو هوسين؛ ماڻهوءَ جو اڇلون ڏيڻ ۽
ڇلڪڻ!....... پشوءَ جي ڳالهه هڪ ماڻهوءَ جي ڳالهه
آهي يا درياهه جي؟“
جويي صاحب جي سرواڻيءَ ۾ هلندڙ سنڌ ۾ ادبي تنقيد
جي ان پهرين وڏي تحريڪ ۾ نثر سان گڏ نظم تي پڻ
تنقيدي رايا سامهون اچي رهيا هئا. ورهاڱي پوءِ،
ترقي پسند ادب جي حوالي کان، اساسي صنفن کي سوڌي
سنواري نئين رنگ ۾ پيش ڪرڻ سان گڏ نين صنفن کي پڻ
متعارف ڪرايو ويو هو ته جيئن سنڌي ادب ۾ اظهار جي
وڌيڪ وسعت پيدا ٿئي.
ان زماني ۾ آزاد نظم نئون نئون لکيو ويو هو، پر ان
کي گهڻو پسند نٿي ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته تنهن زماني ۾
شاعريءَ جو تصور گهڻي ڀاڱي پابند صنفن سان ڳنڍيل
هو. جيڪا شاعري وزن بحر، فني گهاڙيتن
۽ هيئتن ۾ پوري هئي، اها ئي شاعري هئي، پر انهيءَ
روايت کي به ان ئي زماني ۾ ٽوڙيو ويو هو ۽ آزاد
نظم جي حق ۾ ڳالهه رکي ويئي هئي، ان جي اهميت ۽
افاديت کي مڃيو ويو هو، ان ڏس ۾ هڪ خط
هن ريت لکيو ويو هو:
”سنڌي آزاد نظم جي عمر مشڪل سان ڏهه سال کن ٿيندي.
1947ع ۾ شيخ ”راز“ آزاد نظم لکڻ جي شروعات ڪئي. هن
کانپوءِ، شايد سنڌ ۾ ڪنهن ڪوشش ڪئي نٿي ڏسجي. ٿورن
وقفن کانپوءِ، البت شيخ ”اياز“ ڪجهه نه ڪجهه ان
نموني جو شعر لکندو رهيو. ”مهراڻ“ جي نئين دور
آزاد نظم کي وري جياريو.
”آزاد نظم“ جي جيڪي ماڻهو مخالفت ڪري رهيا آهن،
انهن يا ته انگريزي شاعريءَ جو مطالعو نه ڪيو آهي،
جو خبر پوينِ
ته ڪيتريون نه سٺيون شيون، ان صنف ۾ لکيون ويون
آهن. اڙدو ٻوليءَ ۾ پڻ اڪثر شاعرن شاندار
ڪاميابيءَ سان ”آزاد نظم“ لکيو آهي. ٻيو سبب اهو
به ٿي سگهي ٿو ته هو پاڻ اهڙيءَ ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيڻ
ممڪن نٿا سمجهن؛ ۽ تنهنڪري ئي مخالفت ڪري، انهيءَ
نئين صنف کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن.
منهنجو خيال آهي ته ”آزاد نظم“ ۾ جيڪڏهن توانائي
آهي، زنده رهڻ جي صلاحيت آهي ته ان کي ڪوئي به ختم
نه ڪري سگهندو. ان جي ابتڙ، جيڪڏهن نون شاعرن ڏٺو
ته ان جي وسيلي، هو پنهنجي خيالن جو اظهار چڱيءَ
طرح نٿا ڪري سگهن ته سنڌي آزاد نظم شايد ختم ٿي
وڃي. ان هوندي به ”آزاد نظم“ جي اهميت ڪا ختم ٿيڻ
جي آهي؟ سنڌيءَ ۾ ڪيتريون ڪامياب ڪوششون ان ڏس ۾
ٿيل آهن: سڀ کان پهرين، ڪامياب آزاد نظم شيخ ”راز“
جو ”غريبي ۽ اميري“ آهي. هن ٻيا به ڪيترا ڪامياب
آزاد نظم لکيا آهن، جيڪي هن جي شعر جي ڪتاب
”سارنگ“ ۾ ڇپيا آهن، ۽ ”مهراڻ“، ”نئين زندگي“
وغيره رسالن ۾ پڻ شايع ٿيل آهن. تنهن کانسواءِ
”اياز“، ”شمشيرالحيدري“، ”برده“ سنڌي ۽ ٻين دوستن
پڻ نهايت چڱيون چيزون پئي لکيون آهن. مون پاڻ
”آزاد نظم“ طرف ڌيان پئي ڏنو آهي. ”آزاد نظم“ جي
معنى اها ناهي ته وزن، بحر ۽ شعر جي اصولن کان
”آزاد“– بلڪ
فارسي بحرن جي مقرر ٿيل رڪنن کي گهٽائڻ وڌائڻ سان،
آزاد نظم جُڙي
ٿو.“
مٿيئن خط مان سنڌ ۾ آزاد نظم جي اوسر جي خبر پوي
ٿي ۽ اها به ڄاڻ ملي ٿي ته ان جا پهريان لکندڙ
ڪهڙا هئا. ان کان سواءِ، ان خط مان اهو اندازو به
ڪري سگهجي ٿو ته شروع ۾ ئي آزاد نظم جي صنف جي ان
بهتر نموني مالڪي نه ڪئي وڃي ها،
ته شايد اڄ اهو سنڌ ۾ ايتري اُسريل
صورت ۾ موجود نه هجي ها. اڄ آزاد نظم ادبي اظهار ۾
نمايان جاءِ والاري ٿو ۽ وڏي شوق ۽ ترجيح سان لکيو
وڃي ٿو، اهو انڪري ئي جو شروع ۾ ان کي متعارف
ڪرائڻ ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ جي ڏس ۾ ڪامياب ڪوششون
ڪيون ويون.
جويي صاحب ترقي پسند تحريڪ جي ان تنقيد واري دور ۾
سڀني لکندڙن سان سڌي ۽ گهري رابطي ۾
هو ۽ هن انهن جي رهنمائي پئي ڪئي، جنهن جي شاهدي
هن جو ڪهاڻيڪاره ثميره زرين کي لکيل هيءُ خط آهي،
جيڪو جديد ادبي تنقيد جي حوالي کان ذميواراڻي موٽ
جي ڏس ۾ اهم آهي:
”ڀيڻ ثميره صاحبه-
نهايت افسوس اٿم، جو ايترو دير سان فيبروريءَ واري
اوهان جي خط جو هيءُ جواب هاڻي موڪلي رهيو آهيان.
هڪ ته افساني، توڙي اُن متعلق اوهان جي تشريحي خط
۾ جيڪي نُڪتا موجود آهن، تن جي باري ۾ ڪنهن ويچار
جوڳيءَ راءِ پيش ڪري سگهڻ لاءِ فرصت جي ضرورت هئي؛
۽ ٻيو ته اوهان، جو ويساهه ۽ جا اُميد رکي، افساني
متعلق مون کان راءِ گهري آهي، تن ته آقي باقي به
ڪنهن تڪڙيءَ راءِ پيش ڪرڻ کان روڪي رکيم. انهيءَ
وچ ۾ ڀاءُ ربانيءَ اوهان کي افساني جي پهچ ڏياري
موڪلي هئي، ۽ هونئن به هيءُ مواد اوهان موٽ رسيد
جي رجسٽرڊ پوسٽ رستي موڪليو هو، سو اِهو به يقين
هوم ته ان جي گم نه ٿي وڃڻ جي سلسلي ۾ اوهان کي
ضرور اطمينان هوندو.
اوهان جو افسانو ۽ خود- تنقيدي جائزي وارو خط،
ٻيئي ورائي ورائي پڙهيا اٿم. افساني کان وڌيڪ
اوهان جي خط کان متاثر ٿيو آهيان. جيڪو اديب
پنهنجيءَ تخليق جي اهڙي سمجهه ڀرئي ۽ پُرخلوص
تجزيي جي همت ۽ صلاحيت رکي ٿو، تنهن کي پورو پورو
حق آهي ته اُن تخليق متعلق آخرين طور هُو
پنهنجيءَ راءِ تي ئي اعتماد رکي- بلڪ اهڙي اديب جو
فرض آهي ته هُو
پنهنجيءَ ان راءِ کي ئي ٻيءَ هر قسم جي راءِ تي
مقدم سمجهي. هونئن به، پنهنجي ادب پاري جو پهريون
پڙهندڙ اديب پاڻ آهي. عام پڙهندڙ ۽ نقاد ۾ فرق صرف
هيءُ آهي ته عام پڙهندڙ ڪنهن چيز جي متعلق پنهنجي
پسند ناپسند جي سببن کان شايد بيخبر آهي، ۽ انهن
جي بيان جي ايتري قدرت نٿو رکي،
پر نقاد پنهنجي پسند ناپسند جا سبب ڄاڻائي ٿو، ۽
انهن کي بيان به ڪري سگهي ٿو. پسند ۽ ناپسند جي
معيار جي هتي ڳالهه ڪانهي- البت معيار ادنيٰ
پڙهندڙ ۽ اعليٰ پڙهندڙ، ادنيٰ نقاد ۽ اعليٰ نقاد
جي تفريق لاءِ ڪسوٽي ضرور آهي، ۽ انهيءَ لحاظ کان
اديب پڻ واقعي اعليٰ ۽ ادنيٰ ليکجي سگهن ٿا- پر
اديب بهرحال پنهنجي تخليق جي سلسلي ۾ پهريون نقاد
پاڻ آهي، ۽ ڄاڻي ٿو ته هن جو پنهنجيءَ پيشڪش کي
پسند ڪيو آهي ۽ قابل اشاعت سمجهيو آهي، تنهن لاءِ،
سندس پنهنجي معيار مطابق وٽس ڪهڙا قوي دليل موجود
آهن. جيڪڏهن ڪنهن اديب جي حالت ۾ ائين نه آهي، ته
پوءِ جيئن ڪيترا ڳالهائيندڙ ڳالهائيندا رهندا آهن،
پر پاڻ به ڪونه سمجهندا آهن، ته ڇا ڳالهائي رهيا
آهن، تيئن اهو اديب به چئبو ته ’لکي عيسيٰ پڙهي
موسيٰ‘ جي مصداق، لکندو ته واقعي رهي ٿو، پر ڇا ٿو
لکي، ڪنهن لاءِ ٿو لکي، ڪهڙي مقصد لاءِ ٿو لکي،
تنهن جي خبر کيس ڪانه ٿي رهي- ۽ ادب جي مقدس ميدان
۾ اهڙا ’جيڏانهن منهن تيڏانهن پير‘ وارا ڪاغذ ڪارا
ڪندڙ ۽ پاڻ کي اديب چوائيندڙ شخص اڄ اسان وٽ ڪافي
موجود به آهن. اوهان، جو پنهنجي هن پيشڪش جي ايتري
اعليٰ، سنجيده ۽ بي ريا تنقيد خود پاڻ ويهي ڪئي
آهي، سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب لاءِ اها هڪ انتهائي
خوشيءَ ۽ فخر جي ڳالهه آهي. شال، اوهان جهڙن حوصله
مند ۽ ذميوار اديبن جي سڄاڻ ذهن ۽ اثر آفرين قلم
مان اسان جي سقيم ۽ مظلوم ادب کي وقت بوقت ڪي
واقعي پختيون ۽ پائدار چيزون هميشہ ميسر
ٿينديون رهن!“
اوهان جو ڀاءُ، محمد ابراهيم
[”مهراڻ“، 2-1959ع]
ان خط ۾ جويي صاحب ڪهاڻيڪاره جي ان ڪوشش کي
ساراهيو، جنهن ۾ هن پاڻ پنهنجيءَ ڪهاڻيءَ تي راءِ
ڏيندي، ان جي تخليق ۽ تخليق جي پسمنظر تي ڳالهايو
هو. جويي صاحب جو خيال هو ته هڪ تخليقڪار ئي
پنهنجي تخليق جي چٽائيءَ ۾ بهتر ڳالهه ۽ راءِ رکي
سگهي ٿو ۽ ليکڪ پنهنجي ليک جو پهريون تنقيد نگار
پاڻ هوندو آهي. ادبي تنقيد جي حوالي سان سنڌ جي
نامياري اديب ۽ تنقيد نگار رسول بخش پليجي جو اهو
خط به اهم آهي، جيڪو هن ”شيدو ڌاڙيل“ افساني جي حق
۾ لکيو هو:
”مهراڻ، جي تازي پرچي ۾ هڪڙو افسانو ڏاڍو وڻي ويم
سو اُن تي ”تنقيد“ جي جڏي سڏي ابتدائي ڪوشش تي
اڪتفا ڪئي اٿم. خوف اٿم ته اجائي پٽاڙ نه نظر اچي.
بهرحال ڪوشش ڪئي اٿم ته تنقيد جو حق ادا ڪجي. آءٌ
هروڀرو، نقص هجي يا نه هجي ته به، عيب گهڙڻ جو
قائل ڪونه آهيان؛ تنهنڪري هڪ طرفي تنقيد جي الزام
جو خوف رکندي به ان جي پرواهه نه ڪئي اٿم. اها ٻي
ڳالهه آهي ته ناتجربيڪاريءَ سبب عيب نظر نه آيا
هجنم. بهرحال ”جيڪو حال حبيبن سوئي پيش پرين.“
منهنجي ناچيز راءِ آهي ته ”مهراڻ“ سنڌي ادب ۾ سالن
جي جمود کي ٽوڙي، هڪ نئين پربهار دور جو آغاز ڪيو
آهي. ”مهراڻ“ جي امتيازي خصوصيتن مان هڪڙي هيءَ
آهي جو تقسيم کان پوءِ پهريون دفعو معياري ۽ اصلي
مختصر افسانن جو باقاعدي سلسلو جاري ڪيو ويو آهي.
اسان جي عزيز دوست غلام رباني سنڌيءَ جو مختصر
افسانو ”شيدو ڌاڙيل“ جيڪو اونهاري
نمبر ۾ شايع ٿيو آهي، منهنجي نظر ۾، موضوع توڙي فن
جي لحاظ کان افسانه نگاريءَ جو هڪ اهڙو عمدو
شهپارو آهي،
واقعات نگاريءَ جي اعتبار کان به افسانو هڪ شاهڪار
آهي. ڇوڪرن جي فوج جو شيدوءَ تي ڪڙڪڻ، ماستر جو
شيدوءَ کي مارڻ، شيدوءَ جي گم ٿيڻ جي خبر پوڻ،
ڌڱاڻي خان ۽ شيدوءَ جي ملاقات، ڌڱاڻي خان جو ڀاڳئي
کي ڪتن هٿان چيرائڻ، شيدوءَ جي ڦاسيءَ جي خبر
مشهور ٿيڻ ۽ ٻيا واقعا اهڙي ته اثرائتي نموني پيش
ڪيا ويا آهن، جو پڙهندڙ جي ذهن تي هميشه نقش
رهندا. اڪثر صورت ۾، افسانه نگار واقعن کي پنهنجي
زباني بيان ڪرڻ جي بدران ٻين ڪردارن جي زباني ۽
خود حالتن جي معرفت پيش ڪيو آهي، جنهنڪري سندن
تاثر ۾ بيحد اضافو ٿئي ٿو. افساني جي ٻوليءَ ۾
فطري سادگي، اصليت ۽ حسن آهي. ڪردارن جي زبان مان
نڪتل هر لفظ سندن سماجي درجي ۽ ڪردار سان ٺهڪندڙ
آهي. گفتگو جو ڍنگ قدرتي ۽ موقعي سان مناسبت رکندڙ
آهي. خاص ڪري شيدوءَ ۽ ڌڱاڻي خان جي وچ ۾ ٿيل
پهرين گفتگو ته وسرڻ جي نه آهي. افساني جا ڪي ڪي
ٽڪرا ته دل چوندي ته وري وري پيا دهرائجن.
رسول بخش پليجو ’ائڊوڪيٽ‘“
ادبي تنقيد جي ان زماني ۾ ادبي ٻوليءَ جي
صورتگريءَ ۽ ان جي هڪ جهڙائيءَ لاءِ به خاص ڪوششون
ڪيون ويون ته جيئن ٻولي لکڻ ۾ سولي ٿي سگهي.
انهيءَ ڏس ۾ گهڻي ڀاڱي ڪم ڪار جويي صاحب جي حوالي
هو، جنهن صورتخطيءَ جي پراڻي طريقن ۾ وڻندڙ قبول
پوندڙ تبديليون ڪيون. جويي صاحب جي انهن ڪوششن جي
نتيجي ۾ ادبي ٻولي سنورجي، اڳي کان بهتر ۽ اڳي کان
وڌيڪ سمجهه ۾ ايندڙ بڻجي پئي. پنهنجي هڪ نوٽ ۾ پاڻ
ٻوليءَ جي صورتخطيءَ جي حوالي کان هن ريت وضاحت ڪن
ٿا:
” [1]
جيڪي لفظ (مون، تون، اوهان، اسان، وغيره) پنهنجي
منهن الڳ وجود رکن ٿا، ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي
اڪيليءَ صورت ۾ به ٻوليءَ ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا،
انهن لفظن کي ٻين لفظن سان ملائي لکڻ غلط آهي. لفظ
”منهن“ (ضمير متڪلم واحد). ”تنهن“ ۽ ”پنهن“ اهڙا
پنهنجي منهن الڳ وجود رکندڙ لفظ نه آهن، ۽ ڪڏهن به
اضافت جي حرفن (جو، جا، جي، جن) کان سواءِ ٻوليءَ
۾ استعمال نه ٿا ٿين: تنهنڪري انهن کي پٺيان ايندڙ
حرف اضافت سان گڏي لکڻ نه فقط جائز آهي، پر نهايت
ضروري آهي.- ايڊيٽر
[2]
واڪ جي نشانين تي مفصل مضمون (مثالن سميت) هن پرچي
۾ شايع ڪيو ويو آهي. (ايڊيٽر)
[3]
”سڀاڻي“ لفظ صحيح آهي، ڇو ته عام استعمال ۾ ائين
آهي: جنهن نيت سان، ۽ جنهن اصول ماتحت هن لفظ کي
ڪٿي ”صبحاڻي“ جي صورت ۾ ٿو لکيو وڃي، جيڪڏهن ان
نيت سان ۽ ان اصول ماتحت سنڌيءَ جي سڀني عربيءَ
مان آيل لفظن کي نئين سر لکيو وڃي، ۽ هوند ”ٿوم“
کي ”فوم“ لکڻو پوي، ۽ بصر“ کي بصل“، وغيره- جا هڪ
نهايت ئي غير ضروري ۽ منجهائيندڙ ڳالهه ٿي پوندي
ايڊيٽر.
[4]
”ڪنهن“، ”منهن“، ”جڏهن“، لفظن ۾ ”نون“ تي جزم ڏيڻ
غلط آهي- ڇاڪاڻ ته ”ڪنه“، ”هنه“ ”منه“، وغيره ۾
”ن“ وارا آواز مفرد آواز آهن- بلڪل ائين جيئن لفظ
”گهوڙو“ ۾ ”گهه“ آواز يا لفظ ”جهرڪي“ ۾ ”جهه“ جو
آواز مفرد آواز ۾ هڪ کان وڌيڪ علامتون ڏيڻ صحيح نه
آهي. ”ٽمڪن“، ”اچن“، وغيره لفظن ۾ ”ڪن“، ”چن“،
وغيره آواز مفرد نه پر مرڪب آواز آهن- مرڪب آواز ۾
هڪ کان وڌيڪ علامتون (ـ ـ، وغيره) ڏيئي سگهجن
ٿيون. – ايڊيٽر.
[5]
”ن“ جو آواز ”ڃ“، ”ڻ“ ”ڱ“ ”م“، آوازن ۾ اڳي ئي
موجود آهي: تنهنڪري ”اڃا“، ”گهڻا“، ”راڱا“
”ماما“، وغيره، لفظن جي پٺيان ”ن“ ڏيڻ ۾ نه ٿو
اچي. ساڳئي اصول تي ”وڃان“، ”لڻان“، ”مڱان“،
”نمان“، وغيره لفظن جي پويان پڻ ”ن“ جيڪڏهين نه
ڏجي، ته غلط نه ٿيندو- پر اهي لفظ ساڳئي وقت فعل
آهن، ۽ سندن صورت زمان مضارع جي آهي، جنهن جي ٺهڻ
جو قاعدو آهي ته ”امر“ جي پويان ”ان“ يا ”يان“ اکر
وڌا وڃن – تنهنڪري
انهن لفظن جي فعلي صورت کي نمايان ڪرڻ لاءِ سندن
پويان ”ن“ آڻڻ نه فقط غلط نه آهي، پر انهيءَ هڪ
ڳالهئين لازمي پڻ آهي.
زماني کي نئين سري کان ٺاهڻ ۽ اڏڻ جي تمنا پنهنجي
جاءِ تي اُتم هئي، جوش به هو، جذبو نه هو، سچائي
به هئي، لکڻين ۾ ترقي پسندي به هئي ۽ نئين روايت
سان جڙڻ جي خواهش به هئي، مقصديت به هئي، پر ان
هوندي به، جويي صاحب شعر ادب ۾ رومانوي لکڻين توڻي
شعرن جي ڪڏهن به مخالفت نه ڪئي ۽ ان کي ادب جو
اڻٽٽ حصو قرار ڏنو ۽ اهڙي ادب کي پڻ انسان جي اندر
جي گهرجن لاءِ لازمي قرار ڏنو. اهوئي سبب هو، جو
”مهراڻ“
جي شروع واري زماني ۾ شيخ اياز جي رومانوي شاعريءَ
کي گهڻي پذيرائي ملي ۽ ان کي واکاڻيو ويو. جويي
صاحب جي تنقيدي شعور جو اهو ڪرشمو هو، جنهن سماج ۾
انيڪ ڳتيل ۽ وڌي ويل مسئلن جي هوندي به دل جي دنيا
جي ڳالهين تي ڪڏهن به پنهنجي ارهائيءَ جو اظهار نه
ڪيو، اڃا به اهڙي ادب کي همٿايو. ان ڏس ۾ پاڻ هڪ
هنڌ لکن ٿا:
”شعر و شاعريءَ متعلق پيش ڪيل خيالن سان مجموعي
طرح اتفاق آهي: پر هي وسارڻ نه گهرجي ته حسن ۽
عشق، شاعريءَ جا بنهه اوائلي موضوع آهن، ۽
جيستائين انسان جي دل ۾ حسن لاءِ ڪشش موجود آهي،
تيستائين شاعريءَ جا اهي پاڪ ۽ لطيف موضوع هميشه
قائم رهندا- تنهنڪري، حسن ۽ عشق جي شاعريءَ کي
ايتري بيزاري هڪ صاحب ذوق دل لاءِ مناسب نه آهي.
البت شعر جي ٻين موضوعن کي بنهه نظر انداز ڪري ڇڏڻ
يا انهن
ڏانهن ڪنهن قسم جي بي رخي ڏيارڻ اسان جي شاعرن
لاءِ به مناسب نه آهي. –ايڊيٽر.“
ان زماني ۾ سنڌ ۾ ترقي پسند ادبي تنقيد جي اوسر ۾
جويي صاحب بنيادي ڪردار ادا ڪيو ۽ مختلف وقتن تي
پاڻ پنهنجا تنقيدي خيال پيش ڪندا رهيا، جن جا ڪجهه
مثال هتي ڏجن ٿا، جن کي پڙهي اها ڄاڻ ٿي سگهندي ته
سنڌ جي هن يگاني ڏاهي ۽ فڪري هماليه ڪهڙيءَ ريت
سنڌ جي ادب جون راهون ۽ منزلون طئه ڪيون ۽ اهي
رستا عملي طرح اڪري منزلون ماڻيون ۽ ان کي اوچايون
بخشيون:
ادب رڳو واندڪائيءَ جي وندر نه آهي، پر ان سان گڏ
انسان جي ذهن کي اڇي اُجري ۽ صاف ڪرڻ جو هڪ آزمايل
وسيلو پڻ آهي. ادب ئي آهي جو پڙهندڙن جي دلين ۾
جذبا ۽ اُمنگ اُڀاري سندن ذهن کي صحيح سمجهه ۽
شعور سان روشناس ٿو ڪري. ادب ئي آهي، جو پنهنجي
آسپاس جي سمورين ڪمزورين ۽ ڪُڌاين، اوڻاين
اَڍنگاين تان پردا لاهي، پڙهندڙن جي دلين ۾ انهن
بڇڙاين سان ڀريل سماج کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جا
اُمنگ ۽ ارادا پيدا ٿو ڪري ۽ سندن سامهون اُهي
رستا ۽ طريقا پڻ روشن ٿو ڪري، جن جي مدد سان هو
پنهنجي زندگيءَ جي نظام ۾ دل گهري اصلاح ۽ درستي
آڻي سگهن.“
”ڪافي وقت کان ۽
ويندي هيلتائين، سنڌي ادب جي دنيا ۾ جيڪا چرپر يا
واڌ ڏسجي ٿي، اُها گهڻي قدر هڪ خاص قسم جي ادبي
پيداوار تائين محدود آهي، جنهن کي عام پسند، نيم
سياسي ۽ داخلي سرچاءَ جو ادب چئي سگهجي ٿو. علمي،
سائنسي ۽ فني ادب ته هونئن ئي ڪو خاص اسان وٽ نه
اڳ پيدا ٿيو آهي ۽ نه هاڻي ئي ڪو گهڻو پيدا ٿو
ٿئي، پر خالص ادب جي ذخيري ۾ پڻ، جنهن ۾ شعر،
افساني ۽ تنقيد جون صنفون شامل آهن، ڪي ڳاڻ ڳڻيا
اضافا ٿي سگهيا آهن. سنڌي ادب ۾ ايندڙ ڏهن سالن ۾
گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار چونڊ ڪتاب مختلف علمي، سائنسي،
فني ۽ ادبي نوع جا، دنيا جي ڪن ترقي ڪيل ٻولين،
خاص طرح انگريزيءَ، مان ترجما ٿي پڌرا ٿيڻ گهرجن...“
ادب جي تخليق جو وڏي ۾ وڏو سرچشمو حسن ۽ عشق آهي،
سڄيءَ زندگيءَ جي جدوجهد جو تت آهي ئي زندگيءَ جي
ڪوجهائيءَ کي گهٽ ڪرڻ ۽ ان جي سونهن کي وڌائڻ.
اديب يا فنڪار جي دل ۾ تخليقي اُڌمو اُٿي ئي
اِنهيءَ لاءِ ٿو ته جيئن زندگيءَ جي ڪنهن ڪنڊ،
ڪنهن پاسي، ۾ حسن پيدا ٿئي. شعر شاعري، اسٽيج ۽
ناٽڪ، مصوري، راڳ ۽ رقص، مجسمي سازي- اها سڄي ڪاوش
زندگيءَ ۾ حسن کي جنم ڏيڻ ۽ عام ڪرڻ لاءِ ڪئي وڃي
ٿي. حسن جي تلاش عشق آهي؛ عشق جي منزل حسن آهي.
جيڪڏهن اسان جي اديبن ۽ فنڪارن پنهنجي پنهنجي
نموني ۽ پنهنجي پنهنجي ڏات جي ڏيهه ۾ حسن ۽ عشق جي
ڳالهه نه ڪئي، ته ڄڻ زندگيءَ جي مقصد جي نه سڃاڻپ
ٿي، نه ڳولا ٿي ۽ نه ان جي ڪا حاصلات ئي ٿي سگهي
ٿي.“
اسان جي ادب ۾ جيڪڏهن رڳو سياست، رڳو قومي مسئلو ۽
رڳو وطني قصيدو پيو پيش ٿيندو، ته اهو هڪ رنگو ۽،
هڪ طرح، ٺلهو ۽ ڪُجسو ٿي پوندو، ۽ ان جا پڙهندڙ ۽
ٻڌندڙ ٻَئي ڪَڪ ٿي پوندا. اڃا سنڌ هڪ وڏي آزار ۽
مهاڄار ۾ ڦاٿل آهي، انڪري ماڻهن تي اهي ڳالهيون
(هڪ رنگيءَ جون) اثر انداز آهن، پر اڳتي هلي ادب ۽
فن جو اهو هڪ طرفو ڪردار ان جي آئيندي کي اونداهو
ڪري ڇڏيندو. انهيءَ ڪري اسان جي ادب کي گهڻ – پاسائون
۽ همه گير ٿيڻ گهرجي. ان کي اسان جي جملي زندگيءَ
جي عڪاسي ڪرڻ کپي.“
سنڌي سماج لاءِ، جو اسان مٿي چيو آهي ته اهو پوئتي
پيل ۽ غلام سماج آهي، سو انهيءَ معنيٰ ۾ ته اُهو
هڪُ ڪرندڙُ وڏيرا شاهي، يڪ پيرو شاهوڪار شاهي،
بيٺڪي سماجُ آهي. هاڻي، ان جا ماڻهو ۽ ان جا اڳواڻ
پنهنجي سماجي جدوجهد جو ڪهڙو مقصد مقرر ڪري سگهن
ٿا؟ جيڪڏهن اهو ئي ته هيءُ سندن پوئتي پيل ۽ غلام
سماج اڳتي وڌي ۽ پاڻ ڀَرو ٿئي، ته سندن ادب کي
اهوئي ڪردار يا رول ادا ڪرڻو پوندو. يعني هڪ نجات
ڏيندڙ ۽ اڳتي نيندڙ ادب جو رول- نجات ڏيندڙُ ذهني
۽ سماجي پستيءَ مان، اڳتي نيندڙ هڪ خود اعتماد،
پُراميد ۽ باوقار سماجي آئيندي ڏانهن: ۽ ائين خود
ان جو پنهنجو آئيندو به اُنهيءَ ئي انداز ۾
اُنهيءَ ئي معيار جو ٿيڻو آهي: بلڪ اهو سنڌي سماج
جي باشعور اديبن، عالمن ۽ سماجي اڳواڻن جو ئي فرض
آهي ته پنهنجي ادب جي انهيءَ علم دوست، فڪر آفرين،
انسان شناس ۽ ترقي پسند رُخ کي مستحڪم ڪن ۽ اُن کي
انهيءَ ئي راهه تي اڳتي وڌائين- ڇو ته ان جي
آئيندي جي راههَ اها ئي آهي ۽ ان جو آئيندو نجات،
امن ۽ سلامتيءَ جي انهيءَ ئي منزل سان ڳنڍيل آهي،
جيڏانهن اُها راهه وڃي ٿي.“
مٿي پيش ڪيل ٽڪرا سنڌ ۾ ترقي پسند تنقيد جي حوالي
کان اهم جاءِ والارين ٿا، اڄ به انهن کي عام ڪرڻ
جي گهڻي گهرج آهي، انهن مان گهربل فائدو ماڻي
سگهجي.
بهرحال مٿي سنڌي ادب ۾ تنقيد جي اوسر جي حوالي کان
جويي صاحب جي ڪوششن جو مختصر جائزو ورتو ويو آهي،
اميد ته پڙهندڙن
تي جويي صاحب جو تنقيد نگار جي حيثيت سان ڪردار
ڪنهن قدر اُجاگر
ٿيو هوندو. |