ڊاڪٽر عذرا سرور
سنڌي اَدب ۾
سوانح نگاري
سوانح جو ادب دنيا ۾ اڳوڻي زماني کان موجود آهي.
اوائلي يوناني ادب ۾ پلو ٽارچ جون سوانحون مشهور
آهن. فردوسي پنهنجي شاهه نامي ۾ ايران جي اڳوڻن
بادشاهن جا احوال ڏنا آهن. مها ڀارت ۽ رامائڻ قديم
سنسڪرت جي ادب ۾ سوانح نگاريءَ جا شاهڪار اهن.
انگريزي ٻولي ۾
‘A Coot’s “Napoleon Bona Part “Lives of Poets”
Johnson’s “Historical Essays” Macaulay’s “Life
of Johnson” Boswells
دنيا جي سوانحي ادب ۾ ممتاز حيثيت رکن ٿا. سوانح
نگاري ته مسلمانن جي فطرت جو هڪ حصو آهي اسان جي
قومي زندگي جو واڌوارو سوانح نگاري کي ترقي ڏيڻ
کان سواءِ اڌورو آهي. قرآن شريف خود انبياء عليہ
السلام ۽ رسول اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي
سوانح جو هڪ نادر مجموعو آهي.
فن سيرت اسماءِ الرجال يعني ماڻهن جا نالا ۽ تاريخ
۾ مسلمانن جو ادبي سرمايو تمام گهڻو آهي. ڄڻ ته
هيءُ ٽيئي علم قرآن شريف جي تفسير ۽ حديث جي سمجهڻ
لاءِ اُمت کي گهربل هئا، تنهنڪري انهن کي سهيڙڻ
لاءِ ۽ سموهڻ ۾ بيحد گهڻي محنت کان ڪم ورتو ويو.
اهڙي طرح اِنهن عِلمن يعني سوانح ۽ سيرت ۾ ڪتابن
جا انبار لکجي ويا. عربن کان پوءِ مسلمان قومن
جهڙوڪ ايرانين، ترڪن ۽ مغلن به دُنيا جي سوانحي
ادب ۾ ڪافي واڌارو آندو. تاريخ فيروز شاهي، بابر
نامه، همايون نامهء، آئين اَڪبري، تزڪ جهانگيري
وغيره براعظم هندو پاڪ جي سوانحي ادب ۾ ممتاز
حيثيت رکن ٿا. هند و پاڪ جي ٻين حصن وانگر واديءَ
سنڌ ۾ به سوانح ادبي اوائل ۾ فارسي ٻولي جو جامو
پهريو. هن ڏس ۾ بيگلار نامون، بيان العارفين، تحفة
الڪرام ۽ مقالاتُ الشعراء وغيره مشهور ڪتاب آهن.
نج سنڌي زبان ۾ سوانح نگاريءَ جي اَوليت جو سهرو
مخدوم ميان عبدالله عليہ الرحمة جي سِر تي سونهي
ٿو. هيءُ صاحب واديءَ سنڌ جي مشهور عالم ۽ اوائلي
سنڌي صورتخطيءَ جي ايجاد ڪندڙ مولوي ميان ابوالحسن
جو سؤٽ هو. هن صاحب سيرت جي مُستند عربي ڪتاب شرح
سراج المُنير جو سنڌيءَ نظم ۾ ترجمو ڪري مٿس قمر
المُنير جو نالو رکيو. قَمرالمُنير ڪتاب ۾ فقط
حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جا
اخلاق، اعمال، اقوال ۽ احوال ڏنل آهن.
مصنف ڪتاب جي شروع ۾ فرمائي ٿو:
هاڻي سڻو مومنا هيئين سين ڪنن،
اَوصاف احمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم ڄام جا سندا
پرين.
ته ڪهڙا رکايا ربَ هو اِخلاق عجيب منجهن،
سيد سونهين تِن سڀن صِفتون جي سندين
ته ڪري شفاعت ان مٿي جو آهي نور نبين
اوصاف افعال اڪمل جا سِکي صحي ڪجن
جنهن ڪري ٿو سُڃاڻجي سيد سندو سڀن
ته ويترو رنهن دؤر ٿئي محنت ڪنان مڙن
پڻ اِيمان ۽ اسلام بچي ڪنان آفتن-
قمرُ المنير کان پوءِ مخدوم عبدالله سيرت جو ٻيو
ڪتاب خلفاءِ الراشدين نالي لکيو جنهن جي شروع ۾
فرمائي ٿو؟
آهين خُلفاءِ الراشدين پنج ڄڻا سِکي ياد ڪجن
هڪڙو اَبابڪر رضي الله عنہ صديق ٻيو اَمير عمر رضي
الله عنہ شاهه ٽيون عُثمان رضي الله عنہ ذوالنورين
چوٿون علي مُرتضيٰ رضي الله عنہ
پنجون خليفون پويون حضرت حَسن مُجتبيٰ
جنهن تي ٿيو ختم خلافت جو موجب حديثا
سوانح ۾ مخدوم عبدالله جو ٽيون ڪتاب قصو شهادت
حضرت اِمام حُسين رضي الله عنہ جو آهي. مخدوم
عبدالله کان پوءِ مولوي محمد حُسين سال 1763ع ڌاري
فارسي قصصُ الانبياء جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري مَٿس
”سير بَستان“ جو نالو رکيو. ڪتاب ٺاهڻ بابت مُصنف
پاڻ هيئن ٿو فرمائي.
خالِق موڪليون خبرون سچي سيد ڏانهن
پرڪين سمجهيو تِن کي جي اُمي عواما
مگر خبرون ڏين تِن کي جي سڳورا عُلماء
ته لکي ڪريان پڌرا اَقصاء نبين جا
سندي وائي سهاجي ڪريان نيان.
سنه 1785ع ڌاري مولوي عبدالسلام ٺٽوي حضرت پيغمبر
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي صورت ۾ سيرت تي
شمائل نبوي نالي هڪ ڪتاب عربي تان ترجمو ڪري لکيو.
ڪتاب سڄو اَبوالحسن واريءَ سنڌيءَ ۾ ”آ“ قافيه
واري شعر ۾ آهي. سنه 1798ع ۾ مولوي احمد مرحوم
پارسي روضة الشعراء کي سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪيو.
شمائل نبوي وانگر هيءُ ڪتاب به ابوالحسن جي سنڌي ۾
لکيل آهي پر صورت ڏوهيڙن جي اٿس. هن ڪتاب ۾ امام
حَسن رضي الله عنہ ۽ امام حُسين رضي الله عنہ جي
مبارڪ زندگي جو احوال ۽ سندن تفصيل سان ذڪر ڪيل
آهي. مولوي ولي محمد مرحوم سنه 1804ع ڌاري حڪايت
الصالحين نالي هڪ ڪتاب سنڌي ڏوهيڙن ۾ لکيو. هيءُ
هڪڙو اخلاقي ۽ روحاني تعليم جو مجموعو آهي. جنهن ۾
اڳوڻن نبين، حضرت نبي اڪرم صلي الله عليہ وآلہ
وسلم، اصحاب سڳورن ۽ اوليائن جا نقل ۽ حڪايتون ڏنل
آهن. ميرن جي صاحبي کان پوءِ جڏهن سنڌيءَ ٻولي ۾
نثر نويسيءَ جو رواج پيو تڏهن سال 1860ع ڌاري
نيپيئر نامو ۽ فريئر نامو ڪتاب لکيا ويا.
ذِڪر ڪيل ٻن ڪتابن کانپوءِ اٽڪل اڌ صدي تائين
سوانح جو ڪو خاص ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪونه ٿو
ڏسجي البته سنه 1880ع ڌاري جڏهن مرزا علي قليچ بيگ
سچل فقير جو ڪلام گڏ ڪري ڇپايو تڏهن ان ۾ مقدمه
طور فقير صاحب جي سوانح ڏئي ڇڏيائين. سال 1910ع
ڌاري مرحوم شمس العلماء، مرزا قليچ بيگ صاحب جون
لکيل سوانحون شاهه عبداللطيف ڀٽائي، امام غزالي،
شيخ بوعلي سينا ۽ خان بهادر حسن علي آفندي تي
ڇپيون. آنجهاني لعل چند امر ڏني مل سنه 1915ع ۾
محمد الرسولَ الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم نالي
ڪتاب لکيو. سال 1924ع ڌاري مرحوم حڪيم فتح محمد
سيوهاڻيءَ پنهنجا ٽي سوانحي نامه قلندري ۽ ابو
الفضل ۽ ملا فيضي لکي تيار ڪيا. تقريباً ساڳئي
زماني ۾ آنجهاني ڊاڪٽر هوتچند، مولچند گربخشاڻي
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو ٽن جلدن ۾ مرتب
ڪيو جن مان پهرئين جلد ۾ مقدمه لطيفي نالي هڪ
تمهيدي مقالو شاهه صاحب جي سوانح تي لکيائين. ان
وقت ڌاري راءِ بهادر ديوان تاراچند شوقيرام وري
ڪوڙومل ساهتيه منڊل طرفان ساميءَ جو جيون چرتر ۽
چونڊ سلوڪ ڇپائي پڌرا ڪيا.
سال 1931ع ڌاري حيدرآباد سنڌ ۾ سنڌ مسلم سوسائٽيءَ
طرفان مرحوم ميان محمد بخش واصف ’اَسان جو پيارو
رسول‘ نالي سيرت جو هڪ ڪتاب لکيو. ان ساڳي
سوسائٽيءَ طرفان سال 1941ع تائين فاتح سنڌ غازي
محمد بن قاسم، شهيد ڪربلا، خليفو اول حضرت ابوبڪر
صديق رضي الله عنہ، حضرت عمر بن عبدالعزيز، سيرت
النعمان، دُر يتيم، حضرت يوسف عليہ السلام، سَعد
بن زبير رضي الله عنہ، خالد بن وليد رضي الله عنہ،
قُرب قليچ، ڏَهه جنتي، نبين جا قصا، دُخترانِ
اسلام، حضرت مخدوم نوح وغيره سوانح جا ڪتاب ڇپجي
پڌرا ٿيا. جون 1936ع ڌاري ”الوحيد آزادي نمبر“
شايع ٿيو جنهن ۾ واديءَ سنڌ جي اڳوڻن توڙي نون
ڪيترن نامور هستين جا احوال ڏنل آهن، سال 1937ع
ڌاري آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي ”لنواريءَ جا لعل“
نالي هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ لنواري شريف جي اولياء
ڪرام جون سوانحون ڏنل آهن. شڪارپور جي آغا غلام
النبي صوفيءَ سنه 1940ع ڌاري سچل سرمست جو ڪلام گڏ
ڪري ڇپايو، جنهن ۾ هن صاحب فقير صاحب جي سوانح تي
ڪافي روشني وڌي آهي. سنه 1940ع ڌاري مولانا فضل
احمد صاحب غزنويءَ، غازي مصطفيٰ ڪمال پاشا جي حيات
بابت هڪ ننڍڙو ڪتاب لکيو ۽ تنهن کان پوءِ سيرت
رسول اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم تي هڪ وڏو ڪتاب
ڇپايائين. مرحوم علي خان اَبڙي ۽ مرحوم مولوي
عبدالرحيم مگسيءَ به سيرت نبوي، حالات صحابه ۽
اسلامي تاريخ تي ڪي ڪتاب لکيا، جي هاڻي گهڻو ڪري
ڪو نه ٿا ملن. مرحوم محمد صالح ڀٽيءَ، خالد سيف
الله، خاتون جنت ۽ عروس ڪربلا جا سوانحي ڪتاب
لکيا. مرحوم مولوي دين محمد وفائي، لُطف اللطيف
نالي ڪتاب ۾ شاهه عبداللطيف جي سوانح سان گڏ سندس
شِعر تي تنقيدي بحث ڪيو. سنه 1940ع ڌاري مرحوم خان
بهادر محمد صديق ميمڻ صاحب سنڌي ادب جي پهرين
تاريخ لکي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪيترن نامور عالمن،
فاضلن، شاعرن ۽ سگهڙن جا احوال ڏنل آهن هن ڏس ۾
محترم لطف الله بدويءَ جو ڪتاب ”تذڪره لطفي“ گهڻو
مشهور آهي جو ان ۾ هر هڪ دؤر جي شاعرن جا حالات
گهڻي تفصيل سان بيان ٿيل آهن. سال 1953ع ڌاري جناب
مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“ پنهنجو ڪتاب
”يادِ رفتگان“ ڇپايو. هن ڪتاب ۾ اٽڪل هڪ سؤ شاعرن
جا مختصر احوال سندن ڪلام جي نموني ۽ فوٽن سان ڏنل
آهن ان ساڳئي سال ماهوار فردوس رسالا جو ”مخدوم
نوح“ نمبر ڇپيو جنهن ۾ مخدوم نوح رحمة الله عليہ
جا حالات زندگي لکيل آهن. سال 1954ع ۾ ساڳي رسالي
وري پنهنجو شاعر نمبر ڪڍيو جنهن ۾ سابق سنڌ جي
ڪيترن زنده شاعرن جا احوال سندن ڪلام جي نموني ۽
فوٽن سميت درج ٿيل آهن. غالباً انهيءَ زماني ۾
مولوي دين محمد ”اديب“ رسول الله صلي الله عليہ
وآلہ وسلم جن تي ”نور عليٰ نور“ نالي ڪتاب لکيو.
مخدوم امير احمد صاحب ساڳئي موضوع تي پنهنجو ڪتاب
”ٻنهي جهانن جو سردار“ ۽ رشيد احمد لاشاري، مُحمّد
مصطفيٰ“ ۽ خلافت راشده، لکيو تنهن کان سواءِ مرحوم
عبدالرزاق، عبدالسلام ميمڻ پنهنجي گلزار نظم ۾
مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر عُمر بن دائودپوٽي ڪلام
گرهوڙي ۾، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪليات حمل ۽ ٻيلاين
جا ٻول ۾، سيد اسد الله شاهه تذڪره شعراء ٽِکڙ ۾
محترم عبدالحسين شاهه موسوي ديوان بيدل ۾، محترم
لطف الله بدوي ڪليات خادم ۾، محترم محمد خان غني،
ارمغان حامد ۾، مرزا همايون بيگ حيات قليچ ۾،
محترم عارف الموليٰ ڪلام حسن بخشاهه ۾، حڪيم محمد
صادق ”طالب“ تحفهءِ خيرپور ناٿن شاهه ۾ سنڌ جي
گذشته توڙي زنده شعراء ڪرام جا حالات لکيا آهن.
مرحوم مولوي عبدالرزاق صاحب ”اسان جو پيارو نبي“ ۽
اسلام جي بزرگ هستين جا احوال به سوانحي شاهڪار
ڇڏيا آهن. هن ڏَس ۾ سه ماهي رسالي مهراڻ جو جون
1958ع وارو سوانح نمبر سنڌي زبان جي سوانحي ادب ۾
هڪ لافاني شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. هن سوانح نمبر
۾ هڪ سؤ کان وڌيڪ شعراء ڪرام، سياسي رهنمائن ۽ دين
جي عالمن جا حالات زندگي ڏنل آهن. اهڙيءَ طرح
رسالي ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿيل قومي نظمن جو
مجموعو ”مهراڻ جا ماڻڪ“ پڻ جديد سنڌي شاعرن جي
سوانح ۾ بينظير آهي. هن ڏس ۾ ميان محمد مُنير چنه
جو لکيل ڪتاب اسلامي اڪابر پڻ ساراهه جوڳو آهي هن
ڪتاب جي اٽڪل اٺن جلدن ۾ عالم اسلام جي نامور
هستين جا احوال ڏنل آهن. ويجهڙائي ۾ مولانا قاضي
عبدالرزاق صاحب عشرة المبشرة جي ڏهن اصحابن سڳورن
جا مختصر سوانح ننڍڙن ڪتابن جي صورت ۾ شايع ڪيا
آهن. فارسي ٻوليءَ تان ترجمو ڪيل ڪتابن ۾
بيگلارنامو ۽ همايون نامه سوانح جا مشهور ڪتاب
آهن. ميان محمد صديق مسافر پنهنجي ڪليات مسافر ۽
محترم احمد خان مصراڻي پنهنجي ارمغان آصف جي
ديباچي ۾ پنهنجا حالات آتم ڪهاڻيءَ جي صورت ۾
قلمبند ڪيا آهن. آتم ڪهاڻي يا خود نوشته سوانح جي
ادب ۾ مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر دائودپوٽه صاحب جي
آتم ڪهاڻي روشن سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿي. افسوس
جو شمس العلماء صاحب جي بي وقتي موت سبب بيش بها
ڪتاب اڌورو رهجي ويو. |