ميرزا منظورعلي بيگ
ميرزا
عيسيٰ خان تَرخان (ثاني)
ميرزا عيسيٰ خان
تَرخان
(ثاني) انهيءَ مقتدر خاندان جو فرد هو، جيڪو
ارغونن سان ملي ترڪستان جي ننڍي رياست قنڌار جي
حڪومت جي انتظام ۾ شريڪ ٿيو هو پر مغل شهنشاهه
ظهيرالدين محمد بابر جي لاڳيتن حملن کان لاچار ٿي،
بابري حڪمن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري، وطن ڇڏڻ تي مجبور
ٿيو.
تَرخان ۽ ارغون خاندانن جي رڳن ۾ حڪمرانيءَ
جو خون گردش ڪري رهيو هو، تنهنڪري اُهي سنڌ ۾
قنڌار جي مفتوح جي حيثيت ۾ نه، بلڪه فاتح جي حيثيت
۾ داخل ٿيا. سنڌ ۾ اڃان ارغونن جي حڪومت کي قائم
ٿيندي ٽيٽيهه (33) سال ٿيا هئا، ته تَرخان گهراڻي
مان انهيءَ سرزمين تي سنه 960هه ۾ ميرزا عيسيٰ خان
تَرخان (ثاني) جنم ورتو. سندس ماءُ سميجن مان هئي،
سميجا سنڌ جو مشهور ۽ بهادر قبيلو هو.
ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) جي ڄمڻ جي ٻن سالن
کان پوءِ سنه 962هه ۾ سندس ڏاڏي ميرزا عيسيٰ خان
(اول) ٺٽي جي حڪومت تي قبضو ڪري 18 سال حڪومت ڪرڻ
کان پوءِ، سنه 980هه ۾ وفات ڪئي. اُن جي وفات کان
پوءِ سندس پٽن: ميرزا صالح، ميرزا غالب، ميرزا جان
بابا ۽ ميرزا باقي جي وچ ۾ تخت نشينيءَ جي جنگ ٿي،
جنهن ۾ ميرزا باقي کي فتح حاصل ٿي. ميرزا عيسيٰ
خان تَرخان (ثاني) جو والد ميرزا جان بابا انهيءَ
اقتدار واري ويڙهه ۾ اجل جو شڪار بڻيو.
انهن
سنگين
حالتن
جي
ڪري
ميرزا
عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) روپوش ٿي پنهنجي ناناڻن ۾
رهيو، ته جيئن ميرزا باقي کان محفوظ رهي پر ٿوري
وقت کان پوءِ سنه 983هه، ۾ ميرزا باقي خودڪشي ڪئي
۽ سندس جاءِ تي ميرزا پاينده بيگ ۽ ان جي پُٽ
ميرزا جاني بيگ ٺٽي جي حڪومت سنڀالي
(قدوسي، 1974ع: ص 323).
جيتوڻيڪ ميرزا باقي جي موت ميرزا عيسيٰ خان تَرخان
(ثاني) جي حڪمرانيءَ واري شوق کي ضرور وڌايو، پر
ميرزا جاني بيگ جي حڪمت ۽ سياست هن کي ايتري قدر
نوازيو جو سندس حڪمرانيءَ وارو شوق دٻجي ويو.
”تَرخان نامه“ مان خبر پوي ٿي، ته جڏهن حڪومت
ميرزا جاني بيگ جي هٿ آئي، تڏهن هُو کيس تسلي ڏئي
نهايت تعظيم و تڪريم سان ٺٽي وٺي آيو. اُن جو
احوال، سيد مير محمد هن طرح لکي ٿو ته:
میرزا
عیسیٰ
تَرخان بن جان بابا تَرخان که از ملاحظه میرزا
محمد باقی
در احتشام سميجه مختفی
بود، بهزار تملق و دلاسا باعزاز و اکرام در تهته
آورده عمهء خود را در حبالهء نکاح او آورده و جاگیر
و منصب مقرر نمود۔(
تتوی،
1964ع: ص 66)
]ترجمو:
ميرزا عيسيٰ تَرخان ولد جان بابا تَرخان جيڪو
ميرزا محمد باقي جي خوف کان سميجا قبيلي وٽ وڃي
لڪو هو، تنهن کي ميرزا جاني بيگ هزار حيلن ۽ دلاسن
سان ٺٽي ۾ نهايت عزت ۽ احترام سان آندو ۽ پنهنجي
پڦيءَ جو هن سان نڪاح وڌائين ۽ هن لاءِ جاگير ۽
منصب به جدا مقرر ڪيائين.[
انهيءَ
ڪري ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) پنهنجي والد
واري حڪومت جي دعويٰ تان هٿ کڻي ويو. حالانڪه انهي
پُرآشوب دور ۾ مغلن حملو به ڪيو ۽ سنڌ جي
خودمختياري به متاثر ٿي. جيئن ته ميرزا جاني بيگ
جو مغل شهنشاهه اڪبراعظم وٽ وڃڻ اِهو ٿو ثابت ڪري،
ته سندس موجودگيءَ ۾ سنڌ اندر خودمختياريءَ جي جنگ
ڪانه لڳندي، بلڪه هي صوبو به، هندستان جي ٻين
ٻارهن صوبن وانگر تيرهون صوبو ٿي رهندو.
جڏهن اهي واقعا منهن ڪڍي رهيا هئا، تڏهن ميرزا
عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) سمورن پهلوئن جو جائزو
وٺي رهيو هو ۽ منتظر هو ته شايد غيب مان هن لاءِ
ڪا راهه نڪري اچي؛ ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو، جو سنه
1009هه/1600ع ۾ ميرزا جاني بيگ جو برهانپور ۾
انتقال ٿيو ۽ هيڏانهن ميرزا عيسيٰ خان تَرخان
(ثاني) حڪومت جي حاصلات لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا.
خسرو خان چرڪس جيڪو تَرخان خاندان جو مستقل وڪيل
هو، ميرزا غازي بيگ کي پيءُ جو جانشين مقرر ڪيو ۽
هن گهريو ٿي ته ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) کي
قيد ڪري (شاهنواز، 1970ع: ص 408)، پر ميرزا عيسيٰ
خان تَرخان (ثاني) ٻيهر پنهنجي ناناڻن ڏانهن هليو
ويو ۽ کيس الله ۾ آسرو هو، ته ضرور ڪانه ڪا راهه
نڪري ايندي، پر ابوالقاسم جي گرفتاري ۽ انڌي ٿيڻ
کان پوءِ جان جي خوف کان هُو مغل شهنشاهه اڪبراعظم
جي حضور ۾ پيش ٿيو ۽ اُتي ملازمن جي فهرست ۾ داخل
ٿي، طرح طرح جون خدمتون بجا آڻڻ لڳو(’قانع‘،
1957ع: ص
235).
ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) فوري طور تي اڪبر
بادشاهه وٽ ڪونه ويو، بلڪه ڪجهه عرصو هن سنڌ ۾
گذاريو ۽ تقريباً 10-12 سالن جي روپوشيءَ کان پوءِ
اڪبر بادشاهه جي قدم بوسيءَ جو شرف حاصل ڪيائين.
تڏهن بادشاهه هن تي تمام گهڻي عنايت فرمائي، عام
قاعدي جي خلاف هُن تي ايتري عنايت ۽ شفقت ڪئي، جو
کيس انهن اميرن ۾ شامل ڪيائين، جيڪي انتظامي
معاملا سنڀاليندا هئا ۽ سؤ سوار جو منصب وڌائي
ڇڏيائين(تتوی،
1964ع: ص
96).
شهنشاهه اڪبر، ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) جي
منصب ۾ انهيءَ ڪري اضافو ڪيو هو، ته جيئن هُو
ضرورت وقت سنڌ جو انتظام سهڻي طريقي سان سنڀالي
سگهي؛ ڇو ته اُن وقت ميرزا غازي بيگ اڪبري دربار ۾
اچڻ کان ڪيٻائي رهيو هو. آخرڪار ميرزا غازي بيگ
پنهنجي فوجي قوت ۽ مغلن جي طاقت جو موازنو ڪندي
دربار ۾ پيش ٿيڻ کي ترجيح ڏني. جنهن وقت ميرزا
غازي بيگ، اڪبر بادشاهه سان ملاقات جو شرف حاصل
ڪيو، ان وقت ميرزا غازي بيگ جي عمر تقريباً 20 سال
هئي. اڪبر بادشاهه، هن جي پيءُ جي خدمتن کي ڏسندي
به شاهي عنايتن سان نوازيو ۽ سنڌ ملڪ سندس حوالي
ڪيائين. جڏهن شهنشاهه جهانگير قنڌار جي حڪومت ۾
وڌيڪ اضافو ڪيو، ته اهڙي طرح ميرزا غازي بيگ، سنڌ
۽ قنڌار جو صوبيدار مقرر ٿي ويو.
ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) جي باري ۾ وڌيڪ
معلومات اڪبري دور ۾ نه بلڪه جهانگيري عهد ۾ ملي
ٿي. هونئن ته هن اڪبر بادشاهه کان منصب حاصل ڪري
اِهو ثابت ڪيو، ته هو ٻين مغل اميرن کان صلاحيت ۾
گهٽ نه آهي پر اصل خدمتون جيڪي هن سرانجام ڏنيون،
سي جهانگيري ۽ شاهجهاني دور سان لاڳاپو رکن ٿيون.
شيخ فريد بکري لکي ٿو ته:
مرزا، استیلائی
او را معائنه کرده از آنجا گريخته برامده بدرگاه
مقدس معلیٰ
بندگان
حضرت جهانگیري
رسید
و بمنصب فاخره رسیده
تعينات دکن گشت۔
(بکهری،
1970ع: ص 210)
غالباً
انهيءَ
علائقي
جي
باري
۾
”تَرخان
نامه“
جي مصنف لکيو آهي ته،
”حڪومت
جا گهڻا رڪن هن جي مخالفت تي سندرو ٻڌيو بيٺا هئا
۽ کيس ڏکين جاين تي بدلي ڪري جاگير ۽ تنخواهه
ڏيندا هئا“(تتوی،
1964ع: ص
96-97).
ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) تقريباً ڇهه سال
خان جهان سان وابسته رهيو ۽ دکن ۾ پنهنجون خدمتون
سرانجام ڏيندو رهيو. جڏهن 1021هه (1612ع) ۾ ميرزا
غازي بيگ جي وفات جي خبر پهتي، تڏهن به ميرزا کي
اُتي طلب ڪيو ويو هو. انهيءَ ڪري
شيخ فريد لکي ٿو ته:
پس از فوت مرزا غازی
بیگ
در سال هزار و بیست
و
یک
هجری
بموجب فرمان طلب از دکن بحضور آمد۔
جنت مکانی
خواستند که اورابه تته فرستند که مبادا خسرو خان
بغی
ورزد و عبدالعلی
تَرخان که بجای
مرزا غازی
بیگ
نشانده اورا تقویت
بخشد۔
(بکهری،
1970ع: ص 210-211)
هن دفعي خاص طور تي ميرزا عيسيٰ تَرخان (ثاني) ۽
ميرزا رستم قنڌاري کي ٻنهي مان ڪنهن به هڪ جي چونڊ
ڪرڻ لاءِ،
دربار ۾ گهرايو ويو هو. ڇو ته سنڌ ۾ خسرو خان چرڪس
پنهنجو اقتدار ايتري قدر وڌائي ڇڏيو هو، جو پاڻ
بادشاهه جي مرضي معلوم ڪرڻ کان سواءِ هڪ شخص
عبدالعلي خان کي ميرزا غازي بيگ جي جاءِ تي نامزد
ڪري، خود حڪمراني ڪرڻ لڳو. اِها من ماني اقتدار
اعليٰ جي خلاف هئي، تنهنڪري شهنشاهه جهانگير فوري
طور تي ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) کي دکن مان
گهرايو، ته جيئن هُو ٺٽي جي صوبي جو انتظام
سنڀالي. هن سلسلي ۾ جهانگير بادشاهه پنهنجي توزڪ ۾
لکيو آهي ته:
ميرزا عيسيٰ تَرخان، جيڪو ميرزا غازي جي عزيزن مان
هو ۽ دکن جي لشڪر تي مقرر ڪيل هو، مون اُن کي ٺٽي
موڪلڻ جي خيال کان طلب ڪيو هو. هُن انهيءَ تاريخ
تي منهنجي خدمت ۾ حاضريءَ جي سعادت حاصل ڪئي. جيئن
ته هُو مهربانين ۽ نوازشن جي قابل هو، انهيءَ ڪري
مون هُن کي هزاري ذات ۽ پنج سؤ سوارن جي منصب سان
ممتاز ڪيو(جهانگير، ج:01، 1970ع: ص 370).
شهنشاهه جهانگير هِتي به انهيءَ ڳالهه جو خيال
ظاهر ڪيو آهي، ته هن ميرزا عيسيٰ خان تَرخان
(ثاني) کي ٺٽي موڪلڻ ٿي چاهيو پر اِهو ڪٿي به ڪونه
لکيل آهي، ته کيس ٺٽي موڪليو ويو. انهيءَ جي ابتڙ
هُن جي توزڪ ۾ ان ڳالهه جي تائيد آهي ته، ميرزا
غازي بيگ جي وفات کان پوءِ ميرزا رستم قنڌاري کي
ٺٽي موڪليو ويو ڇو ته ميرزا غازي بيگ جي وفات وقت
نه ته ميرزا رستم قنڌاري دربار ۾ موجود هو ۽ نه ئي
ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني). تنهنڪري هنن ٻنهي
مان ڪنهن به هڪ کي سنڌ ۽ قنڌار جي علائقن جي
مناسبت سان موڪلڻو هو. جهانگير بادشاهه لکي ٿو ته:
مون کي خيال آيو ته هُن کي (ميرزا رستم) ٺٽي جي
حڪومت لاءِ موڪليان، ته جيئن هُو اُتي پنهنجا ذاتي
جوهر ۽ قابليت ڏيکاري سٺي طريقي سان ملڪ جي حفاظت
۽ نگراني ڪري. انڪري مون کيس پنج هزاري ذات ۽ سوار
جي منصب سان سرفراز ڪري ٻه لک روپيا نقد بطور مدد
جي، خرچ جا ڏئي، ٺٽي جي صوبيداريءَ لاءِ روانو
ڪيو(جهانگير، ج:01، 1970ع: ص 426).
هيڏانهن
جهانگير بادشاهه ته ميرزا رستم ۾ تمام سٺي اميد
رکيو ويٺو هو، پر هوڏانهن سنڌ وارا هُن جي ظلم ۽
ستم جا شڪار هئا ۽ دربار ۾ اڪثر ڪري سندس خلاف ڪا
نه ڪا شڪايت ايندي رهندي هئي. اُهي شڪايتون اڳتي
هلي هن جي برطرفيءَ جو سبب ثابت ٿيون، بلڪه ڪجهه
عرصو کيس
انيراءِ سنگهه دلن
جي بند ۾ به رهڻو پيو.
اهڙي طرح ميرزا رستم سنه 1021هه کان 1023هه تائين
سنڌ ۾ بحيثيت صوبيدار رهيو، پر جهانگيري عهد جي
مستند مؤرخ معتمد خان، ميرزا عيسيٰ خان تَرخان
(ثاني) جي باري ۾ اهو ڪونه لکيو آهي، ته ڇا جي ڪري
کيس ٺٽي نه موڪليو ويو ۽ نه ئي ”توزڪِ جهانگيري“ ۾
ان جو ڪو اهڙو ذڪر ملي ٿو پر ”تَرخان نامه“ ۽
”ذخيرة الخوانين“ جي مصنفن صاف طور تي ميرزا عيسيٰ
خان تَرخان (ثاني) سان اميرن جي حسد ۽ رقابت جا
اصل ڪارڻ بيان ڪيا آهن. ”تَرخان نامه“ جو مصنف لکي
ٿو:
در ایام
سلطنت جهانگیر
بادشاه مدارالمهامی
اکثر بوسائل بود۔
و میرزا
عیسیٰ
تَرخان از کمال جمعیت
و همت و غیرت
بغیر
از بادشاه بکسی
سر فرونمی
آورده، و بارکان دولت توسل نمی
جست، لاجرم ارکان دولت در مقام نزاع او بوده،او را
در جاهای
سخت و زور طلب تنخواه میکردند۔(تتوی،
1964ع: ص
96-97)
]ترجمو:
جهانگير
بادشاهه
جي
دورِ
حڪومت ۾ مدارالمهامي جو عهدو اڪثر ڪنهن نه ڪنهن
وسيلي سان ملندو هو پر ميرزا عيسيٰ تَرخان اهو
عهدو بادشاهه کان بغير ڪنهن وسيلي جي حاصل ڪيو ۽
ڪوبه وسيلو تلاش نه ڪيائين، ايستائين جو حڪومت جا
گهڻا رڪن هن جي مخالفت تي سندرو ٻَڌي بيٺا.[
گويا دربار ۾ هڪ طبقو اهڙو به هو، جيڪو ميرزا صاحب
جي تمام گھڻي مخالفت ڪندو رهندو هو ۽ بادشاهه
انهيءَ گروهه کان ايترو ته متاثر هو، جو باوجود
ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) جي بروقت دربار ۾
پهچڻ تي به، کيس ٺٽي نه موڪليو ويو. هِتي اهو واضح
طور تي نٿو چئي سگهجي، ته ان گروهه ۾ ڪهڙا ماڻهو
شامل هئا پر سنڌ جي حالتن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ
اها ڳالهه ضرور چئي سگهجي ٿي، ته هن علائقي (سنڌ)
جي صوبيداري حاصل ڪرڻ جا تمام گهڻا اميدوار هئا.
جيئن ته اهو علائقو امن پسند ماڻهن جو هو ۽ انهي
جي ابتڙ دکن ۽ بنگال ۾ روز بروز وڌندڙ بغاوتون
ڪنهن به صوبيدار کي سڪون سان رهڻ ڪونه ڏينديون
هيون. وري ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) جو ته
اهو وطن هو، هن کان وڌيڪ خواهش ٻئي ڪنهن کي ٿي پئي
سگهي پر ميرزا رستم قنڌاريءَ سان به ساڳِي حالت
هئي، ڇو ته هن جو وطن قنڌار به اُنهيءَ دور ۾ سنڌ
جي صوبي سان لاڳاپيل هو، جنهن طرح سان ميرزا غازي
بيگ کي سنڌ ۽ قنڌار جي حڪومت ملي، تيئن هن جي به
خواهش ٿي هوندي، ته کيس سنڌ ۽ قنڌار ملي، پر سندس
اميدن جي ابتڙ کيس صرف سنڌ جو صوبيدار مقرر ڪيو
ويو.
هتي ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) جو اثر تمام ۽
ميرزا رستم جي صوبيداري کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ماڻهن
طرح طرح جون شڪايتون مغل شهنشاهه جهانگير جي دربار
۾ پهچايون. انهن شڪايتن جي ڪري نه صرف ميرزا رستم
کي ٺٽي جي صوبيداري تان هٽايو ويو، بلڪه ڪجهه عرصو
کيس
انيراءِ سنگهه دلن
جي بند ۾ به رهڻو پيو پر بي بنياد شڪايتن جي تحقيق
کان پوءِ ميرزا رستم قنڌاري جو عهدو ٻئي صوبي ۾
بحال ڪيو ويو. انهن ذڪر ڪيل حالتن ۽ واقعن تي
روشني وجهندي شيخ فريد بکري لکي ٿو:
بعضی
ارباب عناد بعرض رساندند میرزا
عیسیٰ
بیگ
که از سال های
دراز آرزوی
حکومت ملک موروثی
خود است، حالا که در انجا برود با دارای
ایران
شاه عباس صفوی
ساخته، توسل باو نماید
و باحاکم کیج
و مکران و هرمز که دران ضلع واقع شده اند، توسل
جسته به اعانث انها درانجا بماند۔
عمری
باید
که کار او ساخته گردد۔
(بکهري،1970ع: ص211)
]ترجمو:
ڪجهه حاسد اميرن، بادشاهه کي عرض ڪيو، ته ميرزا
عيسيٰ بيگ ڪنهن زماني کان پنهنجي موروثي ملڪ جي
آرزو ۾ آهي، اگر هن مستقل طور تي قبضو ڪري ڪيچ،
مڪران ۽ هرمز جا حاڪم جيڪي ويجها آهن، انهن جي مدد
حاصل ڪري، شاهه عباس صفوي (والئ ايران) سان لاڳاپو
پيدا ڪري ورتو ته انهي جي تدارڪ ۾ گهڻو وقت لڳندو.
بادشاهه بدگمان ٿي هن (ميرزا رستم) کي انهي ملڪ جي
حڪومت تي مقرر ڪيو.[
اُن وقت ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) جو منصب ٻه
هزاري ذات و سوار هو. بهرحال ميرزا عيسيٰ خان
تَرخان (ثاني) جي تقدير ۾ ٺٽي جي صوبيداري لکيل نه
هئي، تنهنڪري اُهي احڪام جيڪي هن جي صوبيداريءَ جا
هئا، سي رد ٿي ويا ۽ انهيءَ جي جاءِ تي دلجوئيءَ
خاطر ٿورڙي جاگير ميرزا صاحب کي ڏني ويئي. صمصام
الدوله جي بيان مطابق:
ميرزا عيسيٰ خان تَرخان کي ڌن پور (گجرات) جي
جاگيرداري ملي ۽ هُو انهي صوبي ۾ متعين
ٿيو(شاهنواز خان، 1970ع: ص 409).
1201هه کان پوءِ ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) جو
ذڪر ٺٽي جي گورنريءَ جي باري ۾ ٻيهر 17 ربيع
الثاني 1037هه/1627ع ۾ مغل شهشاهه جهانگير جي آخري
سن جلوس ۾ ملي ٿو. جڏهن ته اقبال نامه، شاهجهان
نامه، ذخيرة الخوانين ۽ ماثر الامراء جي مصنفن جتي
هن جي منصب ۾ چار هزاري ذات ۽ ٻه هزار پنج سؤ
سوارن جو ذڪر ڪيو آهي، اُتي هن جي ٺٽي ۾ صوبيداري
جو به ذڪر ڪيو آهي، جا هن کي شاهجهان ڏيڻ چاهي ٿي.
محمد صالح ڪنبوهه 17- ربيع الثاني 1037هه بمطابق
26- ڊسمبر 1627ع جي واقعات ۾ لکي ٿو ته:
ميرزا عيسيٰ خان تَرخان کي چار هزاري ذات، ٻه هزار
پنج سؤ سوار جو منصب ۽ ٺٽي جي صوبيداري عطا ڪري
اوڏانهن روانو ڪيو(ڪنبوهه،
ج:01، 1974ع: ص 203).
ڇو ته شهنشاهه جهانگير جي آخري دور ۾ شاهجهان باغي
سرگرمين جو آغاز ڪري ڏنو هو ۽ هُو عمرڪوٽ ۽ ٺٽي جي
رستي کان گجرات پهتو هو. ليڪن گجرات جي صوبيدار
سيف خان، شاهجهان جو مقابلو ڪري رات جو حملو ڪيو.
جڏهن ته گجرات جا امير ۽ جاگيردار شاهجهان سان گڏ
هئا، انهن ۾ ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) به هو
۽ هُو سڀني کان گوءِ کڻي ويو. اهڙيءَ طرح هُن ”بَه
ڪمالٖ خلوص و دانائي“ گجرات جي صوبيدار جي اجازت
کان سواءِ احمدآباد جي عيدگاهه ۾ صاحبِ قران ثاني
شاهجهان بادشاهه جي نالي جو خطبو پڙهي، پاڻ
شاهجهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ احمد آباد کان
ٽيهن ميلن جي مفاصلي تي هڪ ڳوٺ ۾ وڃي قدم بوسيءَ
کان مشرف ٿيو ۽ شاهجهان بادشاهه کي ٻين اميرن کان
پهرين جيڪي هن صوبي جا هئا، ڪورنش ۽ مبارڪباد جي
سعادت حاصل ڪئي (تتوی،
1964ع: ص 97). حالانڪه اُن وقت اڃان شاهجهان جي
تاج پوشي به ڪانه ٿي هئي ۽ تاج پوشيءَ جي جشن ۾
شرڪت ڪرڻ لاءِ ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) به
ساڻس
گڏ
هو،
پر
رستي
۾
ئي
هن
کي
ٺٽي
جي
صوبيداريءَ لاءِ نامزد ڪيو ويو. بادشاهه، ميرزا
صاحب کي ٺٽي ڏانهن موڪلڻ جو فرمان 18- ربيع الثاني
1037هه جي جاري ڪري کيس خلعت ڏئي ٺٽي اُماڻيو.
اٽڪل ٻن مهينن اندر ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني)
تياري مڪمل ڪئي ۽ هن جي انهيءَ دير جو سبب اِهو
هو، جو هُو پهرين حڪمن کان دل برداشته ٿي چڪو هو.
جڏهن ته جهانگير بادشاهه نامزدگي به ڪري ڇڏي هئي ۽
هُو هڪ ڏينهن سندس دربار ۾ حاضر به ٿيو، پر ڪابه
اُميد افزا ڳالهه ظاهر نه ٿي. غالباً هُو انهيءَ
ڳالهه کان واقف هو ته، اهو حڪم ٻيهر رد ٿي ويندو؛
۽ ائين ئي ٿيو. جڏهن گجرات جون حدون پار ڪرڻ وارو
هو، ته هن کي شاهي حڪم جو پروانو پهتو، جنهن موجب
کيس واپس گهرايو ويو.
مستند ماخذن جي مطالعي مان به اِهائي معلومات حاصل
ٿئي ٿي، ته ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) کي واپس
گهرايو ويو هو ۽ هُو
ٺٽي جي صوبيداريءَ جي چارج نه وٺي سگهيو هو؛ بلڪه
ائين ته ميرزا صاحب، ٺٽي يا سنڌ ۾ داخل ئي ڪونه
ٿيو هو ڇو ته رستي ۾ ئي خواجه باقي (شير خواجه)
وفات ڪري ويو هو، جنهن هن کي واپسيءَ جا احڪام ڏنا
هئا ۽ خود پنهنجي صوبيداريءَ جو پروانو ڏيکاريو.
پر ”تَرخان نامه“ جي مصنف انهيءَ جي ابتڙ ٻيو
انداز اختيار ڪيو آهي جنهن مان خبر پوي ٿي، ته
ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) نه صرف ٺٽي آيو،
بلڪه شريف الملڪ
کي گرفتار به ڪيو. ”تَرخان نامه“ جو مصنف لکي ٿو
ته:
از نهایت
رافت و عاطفت صوبه تهته به ميرزا عیسیٰ
تَرخان شفقت فرموده حکم کردند: که میرزا
به تهته رفته شریر
الملک را دستگیر
کرده روانه درگاه عالم مدار سازد، تا بخرابی
کردار و افعال شنیعه
خود برسد، و اگر جنگی
بکند او را بکشد۔(
تتوی،
1964ع: ص 97-98)
]ترجمو:
ميرزا عيسيٰ تَرخان کي ٺٽي جو صوبيدار مقرر ڪري
هيءُ حڪم ڏنو ويو، ته ميرزا ٺٽي وڃي شرير الملڪ کي
پڪڙي بادشاهه جي دربار ڏانهن موڪلي، ته جيئن هُو
پنهنجي بڇڙي افعال ۽ ڪردار جي سزا کائي سگهي ۽
جيڪڏهن جنگ ڪري، ته کيس ماري ڇڏي.[
انهيءَ بيان کي اهو چئي رد نٿو ڪري سگهجي، جو اِهو
واقعو ٻئي ڪنهن به ڪتاب ۾ ڪونهي، تنهنڪري اهو وسهڻ
جوڳو نه آهي.
”تَرخان نامه“
جي انهيءَ بيان جي تائيد هن طرح سان ٿي سگهي ٿي،
ته ممڪن آهي، ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) گجرات
جي ان علائقي مان شريف الملڪ يا شريرالملڪ کي قابو
ڪيو هجي. جيئن ته مصنف جو بيان آهي:
شریرالملک
سپاهی
اول و از شجاعان روزگار و دلیران
اوان بود، و جمعیت
خوب داشت۔
اما باقبال بادشاهی
لشکر از
اطراف و جوانب جمع نموده برسر او آمد، و بعد از
جنگ و جدال او را دستگیر
ساخته روانه درگاه فلک بارگاه نموده۔
(تتوی،
1964ع: ص 98)
]ترجمو:
شريرالملڪ جا سپاهي تمام گهڻا بهادر ۽ پنهنجي وقت
جا دلير هئا ۽ سندس فوج به وسيع هئي پر ميرزا
عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) بادشاهي اقبال سان چؤطرف
کان لشڪر جمع ڪري، هن جي مقابلي تي نڪتو ۽ سخت جنگ
کان پوءِ شريرالملڪ کي گرفتار ڪري بادشاهه جي خدمت
۾ روانو ڪيو هو.[
اهي سمورا واقعا درست مڃيا وڃن ته، اِها ڳالهه
ثابت آهي ته مغلن جي دور ۾ ڪڪراله جو علائقو جيڪو
اُچ ۽ گجرات هو، سنڌ سان نه بلڪه گجرات سان مليل
هو.
”شاهجهان نامه“ ۾ ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني)
جي باري ۾ تاريخوار به لکيو ويو آهي. جڏهن مصنف
ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) جو ذڪر ڪيو ۽ تاريخ
به ڏنائين، ته پوءِ انهن تاريخن جي هوندي، ڪنهن
غير تاريخي تصنيف کي مڃڻ دشوار آهي. مصنف لکي ٿو
ته:
ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) ٺٽي جي صوبيداريءَ
تي مقرر ٿيو هو، پر وقتي ضرورتن آهر اهو صوبو شير
خواجه جي سپرد ڪيو ويو. ميرزا عيسيٰ خان تَرخان
(ثاني) رستي مان ئي واپس آيو ۽ چار هزاري ذات، ٽي
هزار سوار جي منصب تي سرفراز ٿيو(ڪنبوهه،
ج:01، 1974ع: ص 265-266).
جڏهن جهانگير احڪام جاري ڪري رد ڪيا، تڏهن سندس
جاءِ تي ميرزا رستم قنڌاري کي موڪليو ويو ۽ جڏهن
شاهجهان احڪام ڏئي منسوخ ڪيا، تڏهن خواجه باقي کي
ٺٽي موڪليو ويو ۽ ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني)
انهي دوران يعني 23- شعبان 1037هه/28- اپريل 1628ع
تي دربار ۾ حاضر ٿي چڪو هو. اِها ڳالهه به ذهن ۾
رهي ته، ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) جي مقرري
جا احڪامات رد ٿي چڪا هئا ۽ اُهي هن کي اپريل ۾
مليا. جڏهن ته خواجه باقي (شير خواجه) جي حق ۾ ٺٽي
جي صوبيداريءَ جا احڪام 2 رجب 1037هه/8- مارچ
1628ع تي جاري ٿيا. انهيءَ سن وار تاريخي حوالي
سان محمد صالح لکي ٿو ته:
خواجه باقي خان (شير خواجه) کي چار هزاري ذات،
ساڍا ٽي هزار سوارن جو منصب، خلعت، خنجر مرصع،
گهوڙو، علم ۽ نقاره سان صوبي ٺٽي جي صوبيداري عطا
ٿي(ڪنبوهه،
ج:01، 1974ع: ص 258).
گويا ٻيو ڀيرو 26- ڊسمبر 1627ع کان 8- مارچ 1628ع
تائين يعني ٻه مهينا ۽ ٻارهن ڏينهن تائين ميرزا
عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) جي لاءِ ٺٽي جي
صوبيداريءَ جا احڪام رهيا، پر ان ٿوري عرصي لاءِ
هُو پنهنجي عهدي جي چارج به نه وٺي سگهيو.
پير حسام الدين راشدي ”مڪلي نامه“
جي حاشيه ۾ لکي ٿو ته:
ميرزا عيسيٰ خان (ثاني) جي تبادلي جو فرمان 01-
رجب 1037هه جو نڪتو، ممڪن آهي ته شير خواجه ستت
اچي ٺٽي پهتو هجي. ليڪن ميرزا عيسيٰ خان تَرخان
(ثاني) چارج ڇڏڻ بعد ڪم و بيش نو مهينا پوءِ به
(رجب 1037هه تا ربيع الاول 1038هه) ٺٽي رهي
پيو(قانع، 1967ع: ص 297).
راشدي صاحب پنهنجي انهيءَ دعويٰ جي ثبوت ۾ ڪوبه
حوالو ڪونه ڏنو آهي. شايد سندن نظر مان ”شاهجهان
نامه“ جا مذڪوره سن ڪونه گذريا، تنهنڪري هن کان
اها غلطي ٿي وئي؛ ۽ وري اهو به ته شير خواجه،
ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) کان انهيءَ عهدي جي
چارج ئي ڪانه ورتي، ڇو ته هُو خود رستي ۾ وفات ڪري
ويو. محمد صالح لکي ٿو ته:
07 خرداد (27- مئي 1628ع) تي مير حسام الدين انجو
کي مرتضيٰ خان جو خطاب ۽ خنجر
مرصع، هاٿي ۽ پنجاهه هزار روپيا انعام عطا ٿيو ۽
کيس ترقي ڏئي سندس منصب چار هزاري ذات، ٽي هزار
سوار مقرر ڪيو. ٺٽي جي صوبيداري به عطا ٿيس. پهرين
اهو عهدو شير خواجه کي عطا ٿيو هو، پر هُو رستي ۾
ئي گذاري ويو، تنهنڪري اهو منصب هن جي حوالي ٿيو(ڪنبوهه،
ج:01، 1974ع: ص 268).
بهرحال ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) نااميديءَ ۽
ڏک جي
حالت
۾
دارالخلافه
واپس
موٽيو.
سندس
خاطرداري ۽ دلجوئيءَ لاءِ هن کي ڪجهه عرصو دربار ۾
رکيو ويو. پوءِ وري پنجين شاهجهاني جلوس واري سال،
28- شعبان 1040هه/20- مارچ 1632ع ۾ ميرزا عيسيٰ
خان تَرخان کي خلعت، گھوڙو ۽ ايلچ پور جي جاگير
عطا ٿي (ڪنبوهه،
ج:01، 1974ع: ص 446). ليڪن صمصام الدّوله جو بيان
محمد صالح ڪنبوهه کان مختلف آهي، هُو لکي ٿو ته:
ميرزا (عيسيٰ) ناڪام رستي کان واپس موٽي آيو ۽
مٿرا ۽ ان جي پسگردائيءَ جي جاگيرداريءَ تي فائز
ٿيو(شاهنواز خان، 1970ع: ص 410).
هن ڪتاب (مٰاثرالامراء) جي مترجم پروفيسر محمد
ايوب قادري، انهيءَ سلسلي ۾ فوٽ نوٽ ڏئي معلومات ۾
وڌيڪ اضافو ڪيو آهي. هن جي مطابق
”مٿرا جي ويجهو هن جي نالي هڪ ڳوٺ ’عيسيٰ پور‘ اڄ
به موجود آهي.“ (شاهنواز خان، 1970ع: ص 410)
مٿئين
لکت
مان
اِهو
اندازو
لڳائي
سگهجي ٿو ته، شايد ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني)
پنهنجي عهد ۾ مختلف هنڌن تي آباديون ڪرايون ۽
ويرانين کي آباديءَ ۾ تبديل ڪيو هجي. سندس اِهي سڀ
ڪوششون انفرادي هيون، جنهن جو مقصد عام فائدي جي
سلسلي کي تيز ڪرڻ به هو ۽ اهڙي طرح بروقت سپاهين
کي سهولتون مهيا ڪرڻ به هو. وري اهو ملڪ يا گهٽ ۾
گهٽ هن صوبي جي پيداوار ۾ مقامي ماڻهو اضافي جو
سبب به ٿيندا رهيا. اهڙي طرح ملڪ کي وڌيڪ خراج
حاصل ٿيندو رهيو.
ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) جي تعريف ۾ سيد مير
محمد لکي ٿو ته:
”هُو شخص تمام خليق، علم دوست، نهايت بردبار، همت
۽ غيرت وارو، قبيله پرور، سپاهين جو دوست ۽
ويرانين کي آباد ڪرڻ وارو هو.“ (تتوی،
1964ع: ص 96)
ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) بحيثيت منصب دار
جي، هر ڪم خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏنو. هن آهستي
آهستي ترقي ڪري، وڏي کان وڏو منصب حاصل ڪيو ۽
اهوئي نه، بلڪه ميرزا صاحب جو اولاد به وڏن وڏن
منصبن تي سندس ئي زندگيءَ ۾ فائز ٿيو هو.
اٺين شاهجهاني جلوس واري سال ميرزا عيسيٰ خان
تَرخان (ثاني) جي منصب ۾ هڪ هزاري ذات ۽ هڪ هزار
سوار جو اضافو ٿيو ۽ هُو پنج هزاري ذات ۽ چار هزار
سوار دو اسپه سه اسپه جي منصب تي سرفراز ٿيو ۽ کيس
سورت سرڪار جي فوجداري ملي(شاهنواز خان، 1970ع: ص
410). 01 جمادي الثاني 1049هه/29 سيپٽمبر 1639ع تي
تيرهين شاهجهاني جلوس جي جشن جي ئي موقعي تي، کيس
هزار سوار جي ترقي ڏئي پنج هزاري ذات و سوار، هڪ
هزار سوار دو اسپه سه اسپه جي منصب تي سربلندي
بخشي(ڪنبوهه، ج: 02، 1974ع: ص 255). ان وقت جڏهن
ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) سورت جو صوبيدار
هو، تڏهن سندس عمر نوي سال هئي ۽ انهيءَ عمر ۾
1052هه/1642ع ۾ اعظم خان جي جاءِ تي هن کي گجرات
جو صوبيدار مقرر ڪيو. جيتوڻيڪ اعظم خان سرڪشن کي
تنبيهه به ڪئي، پر هُو گجرات جي رعيت سان مناسب
سلوڪ نه ڪري سگهيو. ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني)
جي سوارن (پنج هزار) مان اڍائي هزار سوار دواسپه
سه اسپه مقرر ٿيا (ڪنبوهه، ج: 02، 1974ع: ص 300).
مطلب ته ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) کي انهي
جاءِ تي روانو ڪيو ويندو هو، جتي سرڪشي عروج تي
هوندي هئي ته جيئن هُو سرڪش ماڻهن جي سرڪوبي ڪري
سگهي ۽ جيڪڏهن رعيت بدحال آهي، ته ان کي خوشحال
ڪري.
ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) گجرات ايندي عوام
جون دليون فتح ڪري ورتيون. اُتي جيڪي شورشون هيون،
سي سڀئي آهستي آهستي دٻجي ويون ۽ پوري گجرات ۾ امن
امان جو دور شروع ٿي ويو. ميرزا صاحب کي هتي حڪومت
ڪرڻ ۾ گهڻي دشواري ڪانه ٿي؛ ڇو ته هُو هتي تمام
گهڻو عرصو رهي چڪو هو، تنهنڪري اُتي جو مزاج شناس
ٿي ويو هو ۽ هن رعيت جي مرضيءَ مطابق سڀئي مسئلا
حل ڪيا. جيئن ئي هتي امن امان قائم ٿيو ته، جون
1644ع تي شاهي فرمان پهتو؛ جنهن مطابق ميرزا عيسيٰ
تَرخان (ثاني) کي اڍائي هزار سوار دو اسپه سه اسپه
جي ترقي ڏئي پنج هزاري ذات، پنج هزار سوار دو اسپه
سه اسپه جو منصب عطا فرمايو ۽ خلعت ۽ سوني زين
وارو گهوڙو عنايت ڪري الهه آباد روانو ڪيو
ويو(ڪنبوهه، ج:02، 1974ع: ص 339).
ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) جون خدمتون هِتي
ختم ڪونه ٿيون؛ بلڪه هُو پيرسنيءَ ۾ به نوجوانن
وانگر گهوڙي جي پُٺ تي سوار ٿي الهه آباد کان
قنڌار روانو ٿيندو هو. مطلب ته هُن سورت ۽ الهه
آباد کان وٺي قنڌار تائين جي ٽڪري ٽڪري جي مٽيءَ
کي گهوڙي جي سنبن سان هر طرف اُڏائي ڇڏيو.
باقي جيستائين قنڌار جي قلعي ”ارڪ“ جو تعلق آهي،
ته ان جي سموري ذميواري ميرزا عيسيٰ خان تَرخان
(ثاني) جي مٿان نٿي آڻي سگهجي. ان ڪري جو نه ته
هُو قلعي دار هو ۽ نه ئي هُو اڪيلو شهنشاهه ايران
جو مقابلو ڪري ٿي سگهيو، تنهنڪري هُو قلعي جي
حفاظت پوري طرح نه ڪري سگهيو ۽ اهو آخرڪار شهنشاهه
ايران جي حوالي ڪرڻو پيو. تنهن هوندي به هِتي
ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) کان هڪ وڏي غلطي
اِها ٿي، جو هن شاهه ايران سان گنج علي جي باغ ۾
ملاقات (به) ڪئي(ڪنبوهه، ج:03، 1974ع: ص 540). پر
شهنشاهه شاهجهان چشم پوشيءَ کان ڪم وٺندي هن کان
ڪابه پوشيدگي نه رکي بلڪه سورت جي جاگير اڳئين
موجب برقرار رکي.
پنجويهين سال شاهجهانيءَ ۾ سورت جي صوبيداري سندس
پُٽ محمد صالح کي ملي ۽ ميرزا عيسيٰ خان تَرخان
(ثاني) کي شاهجهان بادشاهه جي دربار ۾ حاضر ٿيڻ جو
فرمان مليو(شاهنواز خان، 1970ع: ص 410).
ميرزا عيسيٰ تَرخان
(ثاني) جهوناڳڙهه کان بارگاهه شاهي ۾ حاضر ٿيڻ خان
لاءِ اچي رهيو هو، ته رستي ۾ سانڀر جي مقام تي،
13- محرم 1062هه/26- ڊسمبر 1651ع تي وفات ڪري
ويو(ڪنبوهه، 1974ع: ص 590-3).
سندس مڙهه کي ٺٽي جي مشهور
قبرستان مڪليءَ ۾، ميرزا جي پنهنجي حياتيءَ ۾
ٺهرايل مقبري ۾، دفن ڪيو ويو.
جهڙي طرح ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) پنهنجي
زندگيءَ ۾ ويران جاين کي آباد ڪيو، علائقن کي
سرسبز و شاداب ۽ عوام الناس کي خوش حال ڪيو، اهڙي
طرح هن پنهنجي اباڻي قبرستان جي ويرانيءَ کي به
ختم ڪري ڇڏيو ۽ مڪلي جي پسگردائيءَ وارن ماڻهن کي
روزگار ڏيڻ لاءِ هن پنهنجو مقبرو تعمير ڪرائڻ شروع
ڪيو. شايد انهي مرد شهسوار کي پنهنجي موت جو فڪر
هر وقت دامن گير رهندو هو. انهيءَ جو سبب هيءُ به
ٿي سگهي ٿو ته، هن جي سؤ ساله پوڙهي هٿ ۾ تسبيح جي
جاءِ تي هميشه گهوڙي جي واڳ، تلوار يا مينا و جام
يا گلفام هوندو هو. اها هن جي خوبي هئي. هن عيش
عشرت ڪرڻ جي باوجود حيات جي رشتي منقطع ٿيڻ کي
هميشه ياد رکيو.
ميرزا عيسيٰ خان تَرخان (ثاني) جي مقبري جي تعمير
جي حوالي سان ”تحفة الڪرام“ جو مصنف لکي ٿو:
چون ٿا، ته
]رانئڪ
لاءِ[
پٿر پاڻ انهيءَ پاسي کان موڪليا هئائين ۽ ارڙهن
سالن ۾ تيار ٿي. ان جو خرچ نورائي ديهه جي آمدنيءَ
مان ٿيو، جا سندن وڏن جي قبرن جي خرچ لاءِ انعام
هئي(’قانع‘، 1957ع: ص 236).
مير علي شير ’قانع‘ انهيءَ علائقي جو نالو نه ڏنو
آهي، جتان اهو پٿر موڪليو ويو هو پر آثار قديمه جي
ماهرن جي نظر ۾ هي پٿر جهنگ مان موڪليو ويو هو.
اڄ به هن جي مرمت لاءِ اهو پٿر استعمال ڪيو وڃي
ٿو، ته جيئن مقبري جي قدامت جديديت جي آميزش جي
باوجود برقرار رکجي. جڏهن ته هڪ رايو هيءُ به
آهي، ته هن مقبري لاءِ پٿر ميرزا عيسيٰ خان تَرخان
(ثاني) ڪاٺياواڙ (گجرات) مان موڪليو ۽ شايد سنه
1642ع ۾ موڪلڻ شروع ڪيائين ۽ انهيءَ سال مقبري جي
تعمير شروع ٿي. اهڙيءَ طرح نَوَن سالن جي عرصي ۾
هيءُ مقبرو جڙي راس ٿيو. چون ٿا ته مقبري جي تعمير
دوران ئي ميرزا صاحب وفات ڪري ويو هو ۽ سندس نوڪرن
وڌيڪ تعمير روڪي ڇڏي. ورنه ميرزا صاحب جو خيال هو،
ته وڏي نشيمن جي سامهون چئني طرفن کان قابلِ ديد
نشيمن هڪ ٻئي جي جواب ۾ تعمير ڪرايا وڃن(’قانع‘،
1957ع: ص 236).
هن مقبري کي جيڪڏهن پري کان ڏٺو وڃي، ته هندي فنٖ
تعمير کان بهترين نمونو نظر اچي ٿو؛ پر جيئن ئي
ويجهو وڃبو، ته هندي مسلم فن تعمير جي حسين آميز
نظر اچي ٿي. ڇو ته هن جا ٿنڀا هندي تعميرات جا
حامل آهن ۽ محراب مسلم فنٖ تعمير جو نادر نمونو
آهي. مقبري جي هڪ طرف عربي ۽ فارسي رسم الخط جون
لکيتون آهن ۽ ٻئي طرف ڪنول جا گل آهن. مقبري جي
سرخ پٿر تي ٿيل تمام سنهي ۽ دلپسند نقاشي ۽ مقبري
جي وقار کي ڏسندي تمام گهڻا ماڻهو غلط فهميءَ جو
شڪار ٿي ويندا آهن ۽ اهو گمان ڪندا آهن، ته هيءُ
سنڌ جي حاڪم جو مقبرو آهي. اِهو اُنڪري، جو مڪلي ۾
موجود مڙني مقبرن مان ميرزا عيسيٰ خان تَرخان
(ثاني) جو مقبرو سجاوٽ ۽ ڊزائين جي لحاظ کان سڀني
کان منفرد آهي.
مددي ڪتاب
فارسي
1)
تتوی،
سید
میر
محمد بن سید
جلال:
1964ع،
تَرخان نامه،
مرتب: پیر
حسام الدین
راشدی،
حیدرآباد:
سندی
ادبی
بورد،
ص:
66،
96،
97،
98۔
2)
بکهری،
شیخ
فرید:
1970ع،
ذخیرةالخوانین(جلد
دوم)،
مرتب:
ڈاکٹر
سید
معین
الحق،
کراچي: پاکستان هسٹاریکل
سوسائٹی،
ص
210،
211،
212۔
اردو
3)
قدوسی،
اعجاز الحق: 1974ء،
تاریخ سندھ
(جلد دوم)، لاہور:
مرکزی اردو بورڈ،
ص 323۔
4)
جہانگیر،
شہنشاہ
نورالدین محمد: 1970ء،
توزکِ
جهانگیری (جلد اول)، ترجمہ
و حواشی: اعجاز الحق قدوسی، لاہور:
مجلس ترقی ادب، ص 370، 426، 445۔
5)
شاہنواز
خان،
صمصام الدّولہ:
1970ء،
مٰاثرالامراء (جلد سوم)، مترجم: پروفیسر محمد ایوب
قادری، لاہور:
مرکزی اردو بورڈ،
ص: 300، 408، 409،
410۔
6)
کنبوه،
محمد صالح: 1974ء،
عملِ صالح المعروف بہ
شاہجہان
نامہ
(جلد اول)، مترجم:
ڈاکٹر
ناظر حسن زیدی، لاہور:
مرکزی اردو بورڈ،
ص:203، 258، 265، 266، 268، 446۔
7)
کنبوه،
محمد صالح: 1974ء،
عملِ صالح المعروف بہ
شاہجہان
نامہ
(جلد دوم، سوم)، مترجم:
ڈاکٹر
ناظر حسن زیدی، لاہور:
مرکزی اردو بورڈ،
ص:77، 252، 255، 266، 268، 300، 303، 339،
540، 590۔
سنڌي
8)
’قانع‘
سيد مير علي شير: 1967ع، مڪلي نامه، تصحيح ۽
حاشيه: پير حسام الدين راشدي، حيدرآباد: سنڌي ادبي
بورڊ، ص: 297.
9)
’قانع‘،
سيد مير علي شير: 1957ع،
تحفة الڪرام، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ، ص: 235 ۽ 236.
شريف الملڪ- ڪڪراله جو جاگيردار هو. مير
خسرو جي طرفان هن شاهجهان سان مقابلو ڪيو
جڏهن هُو سنڌ ۾ داخل ٿيو هو. جيتوڻيڪ ان
وقت ڪڪراله جو علائقو، اُچ ۽ گجرات سان گڏ
هئڻ ڪري، سنڌ کان خود مختيار هو. ميان
غلام شاهه ڪلهوڙي جي عهد ۾ ڪڪراله جو
الحاق سنڌ سان هو.
|