سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1/ 2016ع

باب:

صفحو:8 

علي رضا قاضي

 

 

 

شاهه لطيف جي عڪسي شاعري ۽

تنوير عباسي

پلوٽارڪ(1) جو اهو قول ڏاڍو زبردست آهي، جنهن ۾ هن چيو ته: پينٽنگ خاموش شاعري، ۽ شاعري ڳالهائيندڙ پينٽنگ آهي (1).“ ساڳئي وقت رابرٽ فراسڪ(2) شاعريءَ بابت چوي ٿو ته:شاعري تڏهن ئي ٿئي ٿي جڏهن جذبات کي خيال ۽ خيال کي لفظ ملي وڃن (2).“ پلوٽارڪ ۽ رابرٽ فراسڪ کان وڌيڪ شاعري بابت واضح قول استاد سقراط[1] جو آهي، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته: مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته ڪا خاص ڏاهپ ناهي جيڪا شاعرن کان شاعري ڪرائي ٿي، پر اها هنن جي جبلت يا لاشعوري طور ڪنهن شيءِ کان متاثر ٿيڻ آهي، جيئن ولين مٿان الهام ٿيڻ يا پيغمبرن مٿان وحي جو نزول؛ هو بلڪل ان سرشتي مطابق ڪم ڪن ٿا(3).“ جڏهن شاعريءَ جي ڳالهه هلي ٿي، خاص ڪري تصوف سان ڀرپور شاعري جي، ته اسان کي ساڳيو لقاءُ ملي ٿو، جنهن ۾ اسان شاعرن جو اهو پيغام وصول ڪريون ٿا جنهن ۾ ڏاهپ جا نُڪتا ته هوندا آهن پر ساڳئي وقت هڪ اهڙو روحاني نياپو جيڪو عام حالتن ۾ دانشور نه ٿا ڏئي سگهن پر شاعر ڏيئي سگهن ٿا.

سونهاري سنڌ ۾ انهيءَ جو وڏو مظهر شاهه عبدالطيف ڀٽائي ۽ ان جي شاعري آهي. نتيجي ۾ هن پنهنجي ڪم کي آيتن سان ڀيٽيو!

جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهن،

نيو من لائين، پريان سندي پيچري.

(سر يمن ڪلياڻ)

اِتي هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته آيتون ڇا آهن؟ مان پنهنجي ڄاڻ مطابق، جيڪو منهنجو پڪ سان ذاتي خيال ئي آهي ته آيتون ٻين لفظن ۾Codes هونديون آهن، بلڪل ڪنهن سائنس جي اصولن مطابق جن کي پوءِ وقت جا ڏاها ماڻهو Decode ڪن ٿا.

شاعري، اڪثر حالتن ۾ شاعرن کي به سمجهه ۾ نه ٿي اچي. اهو مفروضو آهي يا حقيقت ان کي ڏسڻو پوندو، پوءِ ڀلي اها عام شاعري هجي يا ڪنهن خاص قسم جي شاعري يا مذهبي شاعري!

اچو ته سقراط(3) جي تجربي هيٺ، ان ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون: ايٿنس ۾ موجود ڊيلفي مان سقراط کي هميشه مختلف ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون، اهي آواز فقط هن تائين محدود هئا، جنهن لاءِ سقراط سدائين اهو سوچي ڪنڌ کي ڌوڻيندو هو ته اهو سندس وهم آهي. هڪ ڀيرو هن ڊيلفيءَ مان لفظ ٻڌا ته: هن وقت توهان ئي دنيا ۾ سڀ کان ڏاها انسان آهيو! ڳالهه ٻڌي، سقراط کي هڪدم اهو خيال آيو ته موقعو آهي ڇونه هن آواز کي غلط ثابت ڪري ڏيکارجي، جنهن لاءِ هو يونان جي ڊرامه نويسن سميت زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وٽ صرف اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ويو ته اهي ماڻهو کانئس ڏاها آهن، پر هر جڳهه تي سقراط کي مايوسي پلئه پئي. آخر ۾ هو ايٿنس(4) ۾ رهندڙ مشهور شاعرن وٽ سندن تخليق جو مفهوم ڄاڻڻ لاءِ ويو. هن کي ان گهڙي حيرت ٿي جڏهن گهڻن شاعرن پنهنجي ئي شعرن جي تشريح ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪئي!(4) ڏٺو وڃي ته سقراط جواڄ کان 24 سؤ سال اڳ ڪيل  مشاهدو اڄ به ڪافي حد تائين قبوليت جوڳو آهي.

مٿين ڳالهه ۾ هڪ ضروري نُڪتو جيڪو نوٽ ڪيو وڃي، ته سقراط جي ان مشاهدي کان پوءِ اسان ڪنهن شاعر کي گهٽ ليکڻ جي غلطي نه ڪيون ۽ نه اها ڳالهه ذهن ۾ رکي وڃي ته هو پنهنجو مطلب سمجهائڻ ۾ ناڪام ويو آهي، پر حقيقي طور اها علم جي انتها آهي. ڪجهه اهڙيون ڳالهيون جيڪي جلد سمجهڻ ۾ نه اينديون آهن، انهن کي سمجهڻ لاءِ وقت درڪار هوندو آهي يا نقادن جي ضرورت پوندي آهي، جيڪي انهن نُڪتن کي سولو ڪرائي سمجهائي سگهن، جنهن لاءِ اسان کي انهن شارحن ۽ نقادن جي علمي خدمت جو معترف هجڻ گهرجي، جيڪي عظيم شاعرن جون عظيم ڳالهيون  مختلف علمي زاوين سان، اسان کي سمجهائين ٿا. جنهن جو هڪ مثال اسان وٽ ڪتاب شاهه لطيف جي شاعري آهي.

سنڌ جي ڏاهي اديب ۽ دانشور تنوير عباسي جو هيءُ ڪتاب، لاکيڻي لطيف جي شاعريءَ جي انهن پاسن کي نروار ڪري ٿو جيڪي اسان کي شاهه جي رسالن ۾ نه ٿا ملن. ٻارهن بابن ۾ ورهايل هن ڪتاب ۾ هر باب ۾ معلومات ڀري پئي آهي. جيئن: پهريون باب، شاهه لطيف جي شاعريءَ جو ادبي پس منظر بابت آهي، ٻيون باب، شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سياسي ۽ تاريخي پسمنظر بابت اسان کي گهڻي کان گهڻي معلومات ڏئي ٿو. ٽئين باب ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سماجي ۽ اخلاقي قدرن بابت اسان آگاهه ٿيون ٿا.  باب چوٿون، شاهه لطيف جي عوامي شاعري بابت اٿاهه ڄاڻ سان ڀرپور آهي.

باب پنجون شاهه لطيف جي شاعريءَ جي موسيقي بابت هڪ معلوماتي پاسي کان آگاهي ڏئي ٿو، ڇهين باب ۾، شاهه لطيف جي عڪسي شاعريءَ بابت وڏي ڇنڊڇاڻ ٿيل آهي، جنهن تي مان هن لکڻيءَ ۾ Focus ڪيو آهي.  باب ستون، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ رنگن جو اڀياس بابت ڄاڻ آهي. هيءُ باب به رنگن جي نالي ڪري گهڻو رنگين آهي، جنهن تي پنهنجي ٻي مضمون ۾ هڪ تفصيلي نوٽ لکندس. باب اٺون، شاهه لطيف جي اهڃاڻي شاعري جو جامع تعارف ڪرائي ٿو. جڏهن ته باب نائون، شاهه لطيف جي سورمن ۽ سورمين بابت معلومات سان ڀرپور آهي. اهڙي ريت باب ڏهون، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ زورائتا اچار جي حوالي سان ڪارگر آهي. باب يارهين ۾ ساڄن، سونهن، سرت نالي سان هڪ مضمون شامل آهي، جڏهن ته آخري باب يعني ٻارهين باب ۾ سر گهاتوءَ جو اڀياس ڪيو ويو آهي (5).

تنوير عباسيءَ جي ڪتاب شاهه لطيف جي شاعري ۾ موجود سڀيئي باب، اسان کي شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو ويجهڙائيءَ کان ڇيد يا 'Analyze' ڪندي نظر اچن ٿا پر موجوده دور ۾'Analyze' جو لفظ شاعريءَ لاءِ معيوب سمجهيو وڃي ٿو سو بهتر آهي ته ان لاءِ پاڻ 'Approach' يا نقطهء نظر استعمال ڪريون.  هونءَ به هڪ شعر جون هر پڙهندڙ لاءِ الڳ معنائون هونديون آهن. بلي ڪولنز(5) هڪ جاءِ تي لکيو آهي ته توهان کي شاعريءَ مان پنهنجي معنيٰ يا مراد وٺڻ جي هرگز ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي (6).“

ڪتابشاهه لطيف جي شاعري ۾ ٻارهن ئي بابن ۾ شاهه جي شاعريءَ جو سائنسي اڀياس ڪيو ويو آهي پر مون کي هن جي ڪتاب جو باب ڇهون شاهه لطيف جي عڪسي شاعري تمام گهڻو متاثر ڪري ٿي.شايد ئي ان کان اڳ ڪنهن محقق لطيف کي اهڙي سائنسي انداز سان بيان ڪيو هجي! بس جيڪڏهن ان باب ۾ ڪا شيءِ تشنا آهي سا هيءَ ته محدود پئماني تي شاهه جي شاعريءَ جو دنيا جي ڪجهه اعليٰ شاعري سان تقابل ڪرايو وڃي ها.

ان کان اڳ جو پاڻ شاهه لطيف جي لازوال عڪسي شاعريءَ سان انگريزيءَ جي ٻن شاعرن جي ڪم جي ڀيٽا ڪريون. پاڻ کي تنوير عباسيءَ جي ڪتاب جي مدد سان عڪسن بابت سمجهڻ گهرجي ته عڪس ڇا آهن؟ ۽ ڪيئن وڏا شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ انهن کي استعمال ڪندا رهيا آهن؟ هيٺ عڪسن جا ڪجهه قسم ڄاڻائجن ٿا:

نظري عڪس               (Visual Image)

ٻڌڻ جو عڪس             (Auditory Image)

سنگهڻ جو عڪس       (Olfactory Image)

• چکڻ جو عڪس    (Taste Image)       

ڇهڻ، مطلب لسي/کهري جو عڪس (Tactile Image)

ٿڌي/گرم جي تاثر وارو عڪس (Thermal Image)

شاعريءَ کان هٽي عام زندگيءَ جا مثال:

ٻيلي ۾ گهگهه اونداهي هئي. لفظ گهگهه
هتي نظري عڪس جي ترجماني ڪري ٿو. گهگهه لفظ ٻڌندي، اسان جي ذهن ۾ گهري اونداهيءَ جو تصور اڀري اچي ٿو.

ٻار ميدان ۾ ڪيهون ۽ دانهون ڪري رهيا هئا. هتي ٻئي لفظ ڪيهون ۽ دانهون اسان کي اسان کي گهڙي کن لاءِ ان ميدان ۾ وٺي وڃن ٿيون، جتي بار بيٺا آهن.

هن گلاب جو گل پنهنجي نڪ ويجهو آندو. لفظ گلاب واضح نموني اسان کي خوشبوءِ جو احساس ڏياري رهيو آهي، جنهن کي سنگهڻ جو عڪس يا ‘Olfactory Image’ چئجي.

ڇوڪريءَ پنهنجو هٿ، نرم ڪنبل تي گهمايو. لفظ نرم اسان کي ڇهڻ، لسي/کهري جو عڪس‘Tactile Image’  ڏانهن وٺي وڃي ٿو.

تازي نارنگيءَ جو جوس ٿڌو هو، يا چانهه گرم هئي. هتي ٿڌو، گرم جا لفظ اسان کي ٿڌي/ گرم جي تاثر وارو عڪس بيان ڪن ٿا، جنهن کي انگريزي ۾ ‘Thermal Image’ چئون ٿا (8).

ان کان وڌيڪ هڪ بلڪل آسان ۽ عام رواجي مثال ڳوٺن ۾ ڪاڄن جي موقعي تي ملي ٿو، جنهن ۾ ڪجهه شرارتي ٻار متو وڄائيندڙ مڱڻهار جي سامهون ليمون کڻي کائيندا آهن ته فقير جو وات پاڻي ٿيو وڃي ۽ هو وڄت ناهي ڪري سگهندو، يا سٺي کاڌي جو نالو ٻڌي اسان جو وات پاڻي پاڻي ٿيو وڃي. اهي عڪسن جا عام زندگيءَ ۾ مثال آهن، جيڪي به ڏيڻ گهرجن ها ته وڌيڪ بهتر هو.

هاڻي اچو ته شاهه لطيف جي آيتن کي جان ڪيٽس(6) جي هن Ode سان ڀيٽ ڪرايون ته جيئن عڪسي شاعريءَ بابت ڀٽائيءَ جو لافاني ڪم، اڃا به نکري اچي ۽ ساڳئي وقت اسان کي دنيا جي ٻين مشهور شاعرن بابت به ڄاڻ ملي.

Or Sinking as the light wind lives or dies

And full-grown lamb loud bleat from hilly bourn;

Hedges-crickets sing; and now with treble soft;

The redbreast whistles from a garden- croft,

And gathering swallows twitter in skies.(9)

ترجمو:

يا ٻڏي ٿي ايئن جيئن هلڪي هوا مرندي يا جيئندي هجي،

۽ جوان گهيٽا پهاڙي وهڪري منجهان ٻاڪاريندا هجن،

لوڙهي جون تِڏيون ڳائن پيون پنهنجي تيز چُڀندڙ آواز ۾،

ڳاڙهي جهرڪي سينڍون وڄائي پئي باغيچي مان،

۽ آسمان ۾ ابابيلن جا ولر چُون چُون ڪن پيا.“

هتي جان ڪيٽس جي هن شاهڪار Ode  ۾ اسان کي سڀني احساسن سان گڏ ‘Auditory Images’ ٻڌڻ جا عڪس نمايان آهن، جوان گهيٽي جو پهاڙ تان ٻاڪارڻ، تِڏين جو تيز آواز، جهرڪيءَ جو سينڍون وڄائڻ ۽ آسمان ۾ ابابيلن جي ولرن جا آواز، ايترا ته واضح آهن جو پڙهندڙ ان شاعريءَ ۾ گم ٿي سڀ تصور پنهنجي ذهن ۾ قيد ڪري وٺي ٿو.

جان(7) ڪيٽس کان پوءِ ضروري آهي ته ٽي.ايس. ايليٽ جو هڪ نظم به رکجي، جنهن کي پڙهي اسان کي عڪسن جي سمجهڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي.

The winter evening settles down

With smell of steaks in passage ways

Six o'clock.

The burnt-out ends of smoky days

And now a gusty shower wraps

The g the winter evening settles down

With smell of steaks in passageways

Six o'clock.

The burnt-out ends of smoky days

And now a gusty shower wraps،

The grimy scraps

Of withered leaves about your feet

And newspapers from vacant lots;

The showers beat

On broken blinds and chimney-pots,

And at the corner of the street

A lonely cab-horse steams and stamps

And then the lighting of the lamps (10)

ترجمو:

سياري جي شام ٿمجي ٿي،

ڇهين وڳي، رستن تي ڳئون جي گوشت جي بوءِ ڦهلجي ٿي.

دونهاٽيل ڏينهن جي پڄاڻي،

۽ هاڻي طوفاني برسات جو ويڙهي وڃڻ،

ڇڻيل پنن جا ميرا ٽڪرا توهان جي پيرن ۾ آهن،

خالي جڳهه تي پيل اخبارون،

بارش جا قطرا وڄائن پيا

دري جي پردن ۽ چمنيءَ جي ڍڪڻن کي،

۽ گهٽي جي ڪنڊ تي بيٺل بگيءَ جو گهوڙو

نڪ مان ٻاڦ ڪڍي، کُرن سان ٽِڪ ٽِڪ جا آواز ڪِري پيو، ۽ بتين جي روشني.

ٽي.ايس.ايليٽ عڪسي شاعري (Poetic Imagery) حوالي سان وڏو نالو آهي. هن نظم ۾ سندس خيال جي اڏام ۽ انهن عڪسن کي پسجي سگهي ٿو، جيڪو صرف شاعريءَ جو ڪمال آهي. رڳو هنن سٽن ۽ گهٽي جي ڪنڊ تي بيٺل بگيءَ جو گهوڙو نڪ مان ٻاڦ ڪڍي، کرن سان ٽڪ ٽڪ جا آواز ڪري پيو. تي غور ڪيو ته گهڙي پل لاءِ توهان پاڻ کي ان گهوڙي جي ڀرسان بيٺل محسوس ڪندا. هي ته مثال آهن، انگريزي جي ٻن وڏن شاعرن جي شاعري ۾ عڪسن جي استعمال جا.

هاڻي اچو ته شاهه جي شاعريءَ ۾ عڪسن جو استعمال ڏسي ڪجهه دير عقيدت ۾ ڪنڌ جُهڪايون، ساڳئي وقت پنهنجي شارح ۽ نقاد تنوير عباسيءَ جي علمي خدمتن جو اعتراف پڻ ڪيون ته ڪهڙي نه سهڻي نموني هن، اُنهن عڪسن کي چٽو ڪري بيهاريو آهي. هيءُ سڀ ڪجهه اعلى فنڪارانه صلاحيتن جو نمونو آهي. خاص ڪري ڀٽائيءَ جي سر سهڻي ۾ عڪسن جي استعمال بابت سمجهائڻ ۽ انهن کي چٽو ڪري بيهارڻ سچ ته هڪ حساس دل انسان جا لڱ ڪانڊاريو ڇڏين ٿا.

گهڙي گهڙو هٿ ڪري، الاهي توهار،

ڄنگهه ڄرڪي وات ۾، سسي کي سيسار،

چوڙا ٻيڙا چڪ ۾، لڙ ۾ لڙهيس وار،

لکين چهٽيس لوهڻيون، ٿيلهيون ٿر نئون ڌار،

مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي.

(سر سهڻي)

شاهه لطيفرحه جو ڪمال ته پنهنجي جاءِ تي پر تنوير عباسي جي سمجهاڻي به ملاحظه فرمايو:

”هن بيت تي غور ڪريو، سهڻيءَ جو لاش لهرن ۾ لڙهندو پيو وڃي، لڙاٽيل پاڻيءَ ۾ ڪارا وار هڪ عجيب منظر آهي، سندس چوڙيون گپ ۾ ڀريون پيون آهن، لاش کي دريائي مڇيون مِڙي آيون آهن، مٿان مڇ به اچي ٿا بيهن. بيت جو آخري حصو ’ڀاڱا ٿيندي سهڻي‘ ئي هن سموري عڪس ۾ جذباتي عنصر ٿو ڀري. ان ۾ لاش جي بيڪسيءَ جو انجام . هن بيت ۾ جي اهو جذبي جو عنصر نه هجي ته ها ته جيڪر اهو عڪس خالي خالي پيو لڳي ها(11).“ يا اڳتي هلي تنوير عباسي، لطيف جي سر سهڻيءَ مان ئي هڪ ٻيو بيت عڪسي شاعريءَ جي حوالي سان دليل طور پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ به شاعريءَ کان سواءِ آسان لفظن ۾ سمجهاڻي قابلِ قدر آهي:

ڳچيءَ پايو ٻانهن، ويٺي روءِ وڇن سين،

لايان لال لڱن کي، آن جي چرو ڪانهن،

آءٌ اوهان جي دانهن، سدا ڀڻان سنري.

(سر سهڻي)

”هن بيت ۾ اڪيلائيءَ جو احساس ۽ روئڻ سو به وَڇِن کي گلي لڳائي، جذبي جي شدت ۽ عڪس جي چٽائي ٻئي گڏجي عجيب تاثر ٿا پيدا ڪن (12).

تنوير عباسيءَ جو ساڳئي ڪتاب ۾ ”شاهه لطيف جون سورميون“ ۾ جهڙي طرح سهڻي جي ساراهه ٿيل آهي، تنهن کي پڙهي اڄ جي جديد دور ۾ به اسان حيرتن ۾ وڪوڙجي وڃون ٿا. مار! جڏهن 21 صدي ۾ ئي اسان جهڙن معاشرن ۾ رهندڙ عورتن جي ڳچيءَ مان غلاميءَ جا ڳٽ نه نڪتا آهن ته اڄ کان اٽڪل نو سؤ سال اڳ جڏهن سنڌ ۾ سومرا (1050ع کان 1351ع تائين) حاڪم هئا ۽ سهڻي- ميهار جو داستان به سومرن جي اوائلي دور سان تعلق رکي ٿو(13)،  ته هڪ ڪاسبي گهراڻي سان تعلق رکندڙ عورت ايتري بهادر ٿي سگهي ٿي، جنهن جو موجوده دور ۾ تصور به ڏکيو لڳي ٿو!

لهــر  مڙيـوئي  لعل،  وهـــڻُ کٿوريان وترو.

اوٻــــــارا عنـــــبير جا، جَـــرَ مــان اچن جال،

ڪُنن گهڙي ڪال، سڪ پريان جي سهڻي.

(سر سهڻي)

هي بيت، سنگهڻ جي احساس جو عڪس آهي. ڪنهن نظاري جي چٽسالي يا ڪنهن ماڻهو جي مهانڊن جو نقشو چٽائيءَ سان اکين اڳيان اڀري اچي، ته اهڙي عڪس کي نظري عڪس چوندا آهن(14).“

ميهار جي سهڻي جڏهن ٻڏي وئي ته دريائي جانور کيس چيري ڦاڙي ٿا ڇڏين. ايتري تائين جو پاڻي به ڳاڙهو ٿيو وڃي. سهڻي جي جسم مان نڪرندڙ خوشبوءِ جنهن مثال کٿوري طور ورتو ويو آهي سا درياء جي پاڻيءَ ۾ گڏجي وڃي ٿي، نتيجي ۾ جَرَ مان عنبير جا اوٻارا اچن پيا. سهڻيءَ جي دل ۾ ساهڙ سان ملڻ جي اڪير هئي سا جڏهن درياء ۾ گهڙي هئي ته تن بدن ان سڪ سان واسيل هو. هن بيت ۾ خوشبوءِ جي احساس کي لطيف سرڪار جهڙيءَ ريت مٿي کڻي آيو آهي، اتي انهن بيتن جي تنوير عباسيءَ پاران شاعريءَ کي سائنسي بنيادن تي کڻي وڃي تشريح ڪرڻ به ڪمال آهي.سر سهڻيءَ ۾ سهڻيءَ جو ڪردار هن جي بهادري جتي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي، اتي انساني نفسيات جا مختلف پهلو به ظاهر ٿين ٿا. جڏهن شين جو نفسياتي ڇيد ڪجي ٿو، ته اتي جنسي ڪشش کي ضرور سامهون رکجي ٿو، جنس جي حوالي سان جڳ مشهور دانشور گرو رجنيش اوشوءَ لکيو آهي ته ”جنسي زندگي اها آهي، توهان جتي زندگي ڏسندا اتي جنس ملندي، جنهن ڏينهن اها توانائي غائب ٿيندي توهان مرڻ شروع ڪندو، ڇو جو جنسي توانائي ئي توهان کي زندهه رکي ٿي. احمقانه تصورن جي تعليم ته ان کي ترڪ ڪريو، اهو بيشمار ماڻهن سان هزارين ڀيرا مختلف نمونن سان ٿي چڪو آهي، لاتعداد Taboos گهڙيا ويا آهن. توهان کي سيڪس کان ڊيڄارڻ جو آسان طريقو ان کي موت سان ڳنڍڻو آهي. پنڊتن ۽ پادرين اهو آسان طريقو ڳولي ورتو،  پنڊت ۽ پادري دنيا جا مڪار ترين انسان آهن، هنن ابتدا کان ڳولي ورتو هوندو ته جنس کي موت سان ڳنڍِيو وڃي ته ماڻهن کي سيڪس کان ڊيڄاري سگهجي ٿو ۽ جڏهن هو سيڪس کان خوفزده ٿيندا ته ذهانت ۽ تخليق کان به ڊڄڻ لڳندا. هو آزادي کان ڊڄندا تان جو غلام ٿيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا (15).“

هيءُ هڪ ٻيو پاسو آهي، جنهن تي به الڳ نموني سان تحقيق ڪرڻ گهرجي. خبر ناهي ته  سڄي دنيا جي مذهبن جي خاص ڪري اوڀر جي تعليم ۾ جنس ايتري ’ممنوع‘ ڇو آهي. سهڻي جو ساهڙ سان ملڻ، ڪشالا ڪڍڻ، دنيا جهان سان مهاڏو اٽڪائڻ، آخر تائين نه جُهڪڻ مري وڃڻ، ضرور ڪا شيءِ ڪا ڪشش ڪا جسماني آسودگي هوندي، پر اسان بنيادي طور غلام آهيون. اسان جي جبلتن ۾ بندشون ۽ ممنوعات شامل آهن. هن مسئلي ڏانهن ڌيان ان جي مڪمل وضاحت ڪري پاڻ کي ڪافر ڪرائڻ نه ٿا چاهيون. سهڻيءَ جي قصي مان ته اها ڳالهه به آهي ته جنسي آسودگيءَ جو تعلق صرف شاديءَ سان نه آهي، پر ان جو لاڳاپو هڪ خاص قسم جي Chemistry’ سان آهي جيڪا عورت ۽ مرد وچ ۾ جُڙي ٿي. جسم مان نڪرندڙ خوشبوئن جو هڪ جهڙو هجڻ، محبتن ۾ گرفتار ٿيڻ، شاعرن وٽ بدن مان نڪرندڙ خوشبوءِ جو عڪس درياء ۾ ته موجود آهي، پر ان کان اڳ سهڻي جڏهن ساهڙ سان ملڻ ويندي هئي، اڪيلائيءَ جا اهي لمحا جنهن ۾ ميهار جي من تائين ان خاص ڪشش جو پهچڻ ۽ ساهڙ کي ان جو ادراڪ ٿيڻ، ٻنهي جو لڇڻ ڦٿڪڻ……بس پوءِ اتي عڪس ختم ٿيو وڃن ٿا!

خير پاڻ پنهنجي تنوير عباسيءَ جي پورهئي ڏي موٽون ٿا جيڪو پنهنجي تنقيد جو موضوع آهي. اولهه جي شاعريءَ ۾ عڪسي اهڃاڻ، باقاعده هڪ تحريڪ جي صورت ۾ موجود آهن جن جو پاڻ مٿي انگريزيءَ جي ٻن وڏن شاعرن: جان ڪيٽس ۽ ٽي.ايس.ايليٽ جي شاعري لکي، ثبوت ڏنو آهي. عڪسيت جي ان شاندار تحريڪ ۾ شاعرن جي اها راءِ به نهايت ڪمائتي آهي، جنهن ۾ هو چون ٿا:

"Imagism does not merely mean the presentation of pictures. Imagism refers to the manner of presentation,

Not to the subject (16)."

اولهه جا شاعر، عڪسيت جي تحريڪ حوالي سان جاپاني شاعري جي صنف هائڪو ۽ ٽنڪا کان گهڻو متاثر آهن، ٽنڪا ۽ هائيڪا ڇا آهن، هتي مختصر وصف پيش ڪجي ٿي:

ٽنڪا، جاپاني ٻوليءَ جو ڊگهو نظم، جنهن ۾ گهڻا ئي بند ٿين ٿا، هن ۾ هڪ بند کي رينگا چئجي ٿو. رينگا پاڻ ستن سٽن تي ٻڌل هڪ بند آهي. جنهن جي شروعاتي ٽي سٽن کي هائيڪو چئجي ٿو. جاپاني ٻوليءَ ۾ ’هائيڪو‘ جي لغوي معنى به شروعات ئي آهي. ٽنڪا ۾ گهڻو ڪري زمان حال استمراري استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ شاعر ايتري ته ڪمال سان عڪسن کي چٽيندو آهي جو محسوس ٿيندو ته ماڻهو پاڻ ان منظر ۾ موجود آهي(17).

هائيڪي کي سنڌيءَ ۾ دوام بخشيندڙ ڪوي نارائڻ شيام هن قسم جي شاعريءَ کي ’تصويرون‘ ڪوٺيو آهي.(18)

ان کان اڳ اوڀر جي شاعريءَ ۾ به اسان کي اهي اهڃاڻ، گهڻي انداز ۾ ملن ٿا. پاڻ رڳو شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عڪسن جو اڀياس ڪريون ته به اسان کي گهڻو مواد ملي ويندو. شاهه جي شارح غلام محمد شاهواڻي هن جي شاعريءَ ۾ عڪسن کي محاڪات جي نالي سان سڏيو آهي.(19) اتي لطيف جو هڪ ٻيو پارکو ڪلياڻ آڏواڻي انهن عڪسن کي لفظن جون تصويرن سڏي ٿو.(20) پر جهڙي ريت تنوير عباسيءَ جو ڪم آهي سو ان کان اڳ شاهه جا شارح نه ڪري سگهيا آهن.

لطيف جي سڀني سرن خاص ڪري سُر سارنگ، سُر سهڻي، ڪاموڏ، کنڀات، سامونڊي، سُر سريراڳ، ڪاپائتي، مارئي، سسئي ۽ سُر مومل راڻو ۾ جهڙي ريت عڪاسي ٿيل آهي، ان جو مثال ڪٿي به نه ٿو ملي. اهي تصويرون ايتريون ته اثر واريون آهن جو عڪس اڳيان ايندي ئي ذهن جي پردي تي زندهه تري اچن ٿيون. بظاهر ته اهي لفظ  آهن پر انهن جا عڪس ايترا زوردار آهن جو انهن مان خوشبوءِ ۽ بدبوءِ جو احساس نروار ٿئي ٿو، جنهن لاءِ پاڻ وري تنوير عباسيءَ جي هيءَ لکيت نقل ڪنداسين ته عڪس ايترا پراڻا آهن، جيتري شاعري پراڻي آهي عڪس شاعريءَ ۾ پهريان ئي موجود هئا، نقاد انهن جي باري ۾ خبردار گھڻو پوءِ ٿيا ۽ انهن جي باري ۾ لکڻ شروع ڪيائون(21).“

سر سهڻيءَ ۾ شاهه لطيفرحه جي زبردست انداز ۾ ڪيل عڪاسيءَ کان پوءِسر سامونڊي جو هيءُ بيت پنهنجي عڪسن ۾ ايترو ته ڀرپور آهي جو هڪ احساس وند ماڻهو ڳوڙهن ڳاڙڻ تي مجبور ٿيو وڃي. هي بيت، تنوير عباسيءَ پنهنجي پورهئي ۾ شامل ڪيو آهي، ضروري سمجهون ٿا هن جو ورجاءُ ڪيو وڃي. ڪجهه شيون اهڙيون هونديون آهن جن کي بار بار ورجائڻ کان پوءِ به انهن جي اهميت گهٽجڻ بجاءِ وڌندي رهندي آهي.

پڪ سان فنڪار جو معراج به اهو آهي ۽ هيءَ اعلى قسم جي فنڪارانه صلاحيت، اسان کي پنهنجن شاعرن ۾ ملي ٿي. جڏهن ڳالهه وري شاعرن جي سرتاج جي هجي ته پوءِ معاملو الڳ ٿيو وڃي. پڙهندڙن جي حظ خاطر سر سامونڊيءَ جو هيءُ بيت ونڊجي ٿو، جنهن ۾ تنوير عباسيءَ جي تشريح به شامل آهي.

اسان اڌارا، آڻي اونگ چاڙهيا،

مهه ڏيندي مون آئيا، سامهون سيارا،

اڀرن سيڪارا، پسيو ور ٻين جا.

(سر سامونڊي)

ٻه مختلف عڪس: اوڌر تي کاڌو رڌيو آهي. اڌارا آونگ چاڙهيا آهن ۽ سياري جي موسم آڏو پئي ڏسجي،. مڙس سفر تي ويو آهي، گهر ۾ پئسو ناهي، ان ڪري ماني پچائڻ لاءِ به اوڌر ٿي کڻڻي پوي، جنهن عورت جو مڙس سفر تي ويل آهي، اها ٻين جا مڙس موجود ڏسي ڏک مان شوڪارا ٿي ڀري ۽ سوچي ٿي ڪاش هنن وانگر منهنجو مڙس به مون وٽ موجود هجي ها ته مون کي اوڌر تي گذر نه ڪرڻو پوي ها. مون کي هي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها ۽ مون کي سوڙين ۾ به سيءُ نه ٿئي ها.

هي منظرنگاري ۽ جيئرين جاڳندين تصويرن جو ڪمال آهي، جنهن ۾ پڙهندڙ انهن ۾ گم ٿيو وڃي. هتي هڪ ڳالهه جيڪا اهم آهي ته لطيف فنن سان لاڳاپيل فنڪار ڪيڏو به وڏو ڇونه هجي، ان کي شارحن جي ضرورت پوي ٿي. اهي ڳالهيون جيڪي اسان جي شعور ۾ سڌيءَ ريت داخل نه ٿيون ٿين، انهن کي شارح جنهن هوشياريءَ سان بيان ڪري ٿو، ان جا لڪل پاسا اجاگر ڪري ٿو سو يقيناً ڏسڻ وٽان هوندو آهي. هڪ خيال ته جيڪڏهن دنيا جي مڙني وڏن فنڪارن کي نقاد نه ملن ها ته اهي تاريخ جي ورقن ۾ گم ٿي وڃن ها، هنن کي ڪير به نه سڃاڻي ها. اها ڳالهه به اهڙن فنڪارن جو تعداد هزارن نه پر لکن ۾ هوندو، جيڪي پنهنجي فن ۾ يڪتا ته هئا پر نقاد نه ملڻ جي ڪري مري کپي ويا. اسان جا ڀاڳ جو دنيا جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ڀلا شارح ملي ويا جن هن جي شاعريءَ کي زمين تان کڻي آسمان تائين پهچايو آهي. انهن شاعرن ۽ نقادن ۾ اسان جو تنوير عباسي به هڪ آهي، جن دنيا جي جديد ادب کي شاهه ڀٽائي جي ادب سان ڪافي قدر ڀيٽا ڏئي ثابت ڪيو ته هو عظيم آهي ۽ رهندو. ڀلي يورپ وارا جديديت ۽ عڪسيت جي تحريڪ کي جاپاني ۽ چيني شاعري سان ڳنڍين، پر ڪاش هو شاهه لطيف جي رڳو سر سهڻي ۽ سر سامونڊي کي پڙهي وٺن ها ته هنن کي دنيا جي ٻي شاعري ۾ جديديت ۽ عڪسيت وسري وڃي ها.

ان ڳالهه کي ڏسندي هڪ احساس به ته ڀرپور ڪوششن ڪرڻ جي بعد لطيف جي شاعري دنيا ۾ اهڙي نموني متعارف نه ڪرائي سگهيا آهيون، جهڙي ريت ان جو حق هو. ازرا پائونڊ(8) جيڪڏهن جاپاني صنف ٽنڪا ۽ هائيڪو کان متاثر ٿي جديديت ۽ عڪسيت جون تحريڪون چالو ڪرائي ٿو. ان سلسلي ۾ايفل ٽاور نالي شاعرن جو گروپ ٺاهي، 20 صدي جي شروعات ۾ ئي انگريزي شاعريءَ ۾ عڪسيت جي تحريڪ کي عروج تي پهچائي ٿو. هنن وٽ عڪسي شاعريءَ جو اساس، جاپاني ۽ چيني شاعري آهي! ازرا پائونڊ عڪسي شاعريءَ کي جادوئي بتي چيو، جنهن معرفت هو شاعريءَ ۾ پوشيده اسرارن کان واقف ٿي سگهن ٿا. (23)

عڪسيت جي حوالي سان ايفل ٽاور گروپ جي هڪ متحرڪ شاعرا ليزا اسٽين مين(9) شاعريءَ ۾ عڪسن کي دماغي خاڪي سان تعبير ڪيو. ٻئي پاسي ايڊورڊ اسٽورر(10) هو، جيڪو عڪسن کي شاعرن جي مصوري سڏي رهيو هو. نتيجي ۾ 20 صدي جي شروعات ۾ هن 'Imagism'  جي هلچل شروع ڪئي، جنهن ۾ بعد جي شاعرن جان گولڊ فليچر(11) ۽ ماريانه مور(12) جا نالا ڳڻڻ جوڳا آهن. هن تحريڪ معرفت عڪسي شاعريءَ جي لڪل پاسن کي ڀرپور اجاگر ڪيو ويو.

اهڙي ريت اسان وٽ عڪسي شاعريءَ جي حوالي سان ۽ خاص ڪري شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي عڪسن چٽڻ جو ڪمال ۽ پوءِ ان جي سمجهاڻي جهڙي ريت تنوير عباسيءَ ڏني آهي، تَنهنجو ڪو مٽ يا ثاني ناهي.

شاعريءَ ۾ عڪسن جي ڪيتري اهميت آهي، تنوير جي هڪ ڳالهه جيڪا هن ازرا پائونڊ جي حوالي سان لکي آهي ته وڏن وڏن ڪتابن لکڻ کان بهتر آهي ته سڄي عمر رڳو هڪ عڪس تخليق ڪجي(22).“ بيان ڪري هيءُ مقالو پورو ڪجي ٿو.

حوالا:

(1)  http://www.brainyquote.com/quotes/quotes/p/plutarch117780.html?src=t_poetry

(2) http://www.brainyquote.com/quotes/quotes/r/robertfros107263.html?src=t_poetry

(3) http://www.brainyquote.com/quotes/quotes/s/socrates133130.html?src=t_poetry

(4)  Plato. Apology, 24–27.

https://en.wikipedia.org/wiki/Socrates
(5) تنوير عباسي، ’شاهه لطيف جي شاعري‘، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، صفحو 05

) (6) http://www.enotes.com/topics/how-analyze-poem

(7) شاهه  جو رسالو،  مرتب: غلام محمد شاهواڻي،
  سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.

(8) http://literarydevices.net/imagery/

(9) http://literarydevices.net/imagery/

(10) http://examples.yourdictionary.com/examples-of-imagery-poems.html

(11) تنوير عباسي، ’شاهه لطيف جي شاعري‘، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، صفحو 167

(12) تنوير عباسي، ’شاهه لطيف جي شاعري‘، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، صفحو 168

(13) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سهڻي- ميهار ۽ نوري ڄام تماچي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، صفحو 3

(14) http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Folk_ Litrature/Book38/Book_page1.html

(15) تنوير عباسي، ’شاهه لطيف جي شاعري‘، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، صفحو 182

(16) رجنيش اوشو، انسان ايڪ معمه، فڪشن هائوس لاهور، صفحو 179

)17)  Some Imagist Poets, Constable, 1916

(18) تاج جويو، سنڌي هائيڪو ۽ ان جو مستقبل، مهراڻ 1985 (3)، صفحو 23

(19) جامي چانڊيو، ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري،  سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، صفحو 30

(20) شاهه  جو رسالو، مرتب: غلام محمد شاهواڻي، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.

(21) شاه جو رسالو، مرتب: ڪلياڻ آڏواڻي

(22) تنوير عباسي، ’شاهه لطيف جي شاعري‘، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، صفحو؟


(1) پلوٽارڪ ( 46ع کان 120ع تائين) هڪ مشهور يوناني تاريخ نويس، سوانح نگار ۽ مضمون نگار.

(2) رابرٽ لي فراسڪ (1874ع کان 1963ع تائين) مشهور آمريڪي شاعر .

 

(3) سقراط (470 کان 399 قبل مسيح تائين) يوناني فلاسافر، جديد فلسفي جو بنياد وجهندڙ.

(4) ايٿنس ۾ قائم عبادگاهه جتي زيوس ديوتا جي پوڄا ڪئي ويندي هئي.

(5) (ڄم 1941ع اڃا تائين حيات، مشهور آمريڪي شاعر، جنهن کي لڳاتار ٽي سال  Poet Laureate of the United States جي اوارڊ سان نوازيو ويو.

(6) (1795ع کان 1821ع تائين) انگريزيءَ جو مشهور رومانوي شاعر.

(7) ٿامسن اسٽرينس ايلٽ (1888ع کان 1965ع تائين) برطانوي آمريڪي ڄائو، مضمون نگار، پبلشر، نقاد ۽ شاعر.

 

(8) آمريڪي شاعر ۽ نقاد شاعري ۾ Imagism سميت ModernistMovement  ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندڙ.

(9) آمريڪي شاعرا

(10) انگريز مترجم ۽ شاعر(1980ع کان 1944ع).

(11) برٽش شاعر عڪسي شاعري حوالي سان وڏو نالو(1886ع کان 1950ع تائين)

(12) آمريڪي شاعرا، مترجم، نقاد ۽ ايڊيٽر (1887ع کان 1972ع) 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org