گلبدن جاويد
چؤسٽو
يادن جا گلاب پوکيان ٿي،
سُرخ انقلاب پوکيان ٿي،
وقت تو جيڪي ڪيا،
هڪ هڪ ڪري حساب پوکيان ٿي.
غزل
اسان جي ياد تي اُڪريل انوکا ڪي فسانا هِن،
اوهان جي بي رُخي جا ڀي حسين ڪيڏا بهانا هِن.
ڳوليون ٿا چنڊ پنهنجي کي چڪوري جيان اسان تڙپي،
اسانجين بيقرارين جا ڪيئي شاهد زمانا هِن.
هڻين ٿو تير نظرن جا ڪرين ٿو جگر جا زخمي،
پڇين ٿو پيار پنهنجي جا ڪٿي پهتا نشانا هِن.
نگاهن ۾ سمائڻ جا اوهان سان دل لڳائڻ جا،
اسانجين حسرتن اُڻيا سوين سپنا سُهانا ناهِن.
اي ساقي غم گهٽائڻ لئه ڪيون ٿا مئڪشي ورنه،
ڪٿي مخمور هو نظرون ڪٿي تنهنجا ميخانا هِن.
جبار ”تاثير“ سومرو
غزل
ٻاٽ اوندهه ۾ ڪو ٻاري ڏيئڙو،
ياد ٿو مونکي پوي جانيئڙو.
ماءُ جي هنج ۾ شل هن ٻارڙا،
زور ٿو وٺندو وڃي پيو سيئڙو.
مفلسيءَ تي ٿو ڪري ماتم پيو،
پاند سان ڳوڙها اُگهي ٿو پيئڙو.
گهر ڪچو سو ڀي اچي آ جهُور ٿيو،
تنهن مٿان ڦڙ ڦڙ وُٺو پي مينهڙو.
حالتون پسندي اٻوجهن جون هتي،
ڪنهن نه پاتو آ اچي ڪو ليئڙو.
سڀ گهٽيون ويران ڏسندو ٿو وڃي،
ڳوٺ مان رمندو رهي جوڳيئڙو.
پنهنجي ڌرتيءَ تي ڏسي ايڏو ستم،
جيءَ جهرندي ۾ وڌيو اوسيئڙو.
روز ٿيون ڪاريون ڪندي ماريون وڃن،
”تاثير“ ڏسندي ٿو ڏڪي پيو هينئڙو.
غزل
هٿڙو هٿن مان ڇڏائي نه وڃ،
پراڻي آ سنگت ڦِٽائي نه وڃ.
اڃان لب ٿا ترسن ڳلن کي چمڻ لئه،
پنهنجو ڪنڌ ڦيري نٽائي نه وڃ.
خطا حوصلو ٿي نه منهنجو وڃي،
جفائون ڪري وڻ وڄائي نه وڃ.
پنهنجو پيار پختو اڃان مس ٿيو آ،
ڪچايون ڪري دل رنجائي نه وڃ.
اونده ۾ شمع علامت سحر جي،
شمع سا ٻرن ڏي اجهائي نه وڃ.
چمن پيار وارو به ٿي منبر ويو آ،
ڦٽا گل خنچا اجاڙي نه وڃ.
سلامت هجين مان دعاگو هان تنهنجو،
پنهنجو بخت بالا بگاڙي نه وڃ.
وڃڻ کان اڳي پنهنجي ”تاثير“ جا،
سُتا سُور ساجن اُٿاري نه وڃ.
معصوم بخاري
گيت
سنڌ تنهنجي مٽيءَ کي مان سجدو ڪيان!
شهر تنهنجا چُمان،
ڳوٺ تنهنجا چُمان،
تن جي هڪ هڪ گهٽيءَ کي مان سجدو ڪيان.
ڪڻڪ، ڌاڻا، مٽر، ساڳَ تنهنجا ڀلا،
سازَ تنهنجا سُٺا، راڳَ تنهنجا ڀلا،
تنهنجا ماڻهو مِٺا، ماڳَ، تنهنجا ڀلا،
تو ۾ ڀٽ جو ڌڻي، ڀاڳَ تنهنجا ڀلا،
جيڪا ڀٽ مان ڦُٽي آ مِلي ڏيهه کي،
چاندني اُن چٽيءَ کي مان سجدو ڪيان،
سنڌ! تنهنجي مٽيءَ کي مان سجدو ڪيان!
تنهنجي موهن جا آثار سڀ کان مٿي،
تنهنجي عظمت جا مينار سڀ کان مٿي،
تنهنجي جوڌن جا ڪردار سڀ کان مٿي،
تنهنجي صوفين جا ويچار سڀ کان مٿي،
درس محبت جو ڏئي، جن هٿن ۾ ڏئي،
پيار جي اُن پَٽيءَ کي مان سجدو ڪيان،
سنڌ! تنهنجي مٽيءَ کي مان سجدو ڪيان!
ڪيڏي آهي کٿوري پيل کيسَ ۾،
ڪيڏو سهڻو لکان ٿو پنهنجي ويس ۾،
تو جهڙي سونهن آهي نه ڪنهن ديس ۾،
ياد تنهنجي ستائي ٿي پرديس ۾،
تو جا معصوم چاهت مان آهي مُڪي،
چاهه جي اُن چٺيءَ کي مان سجدو ڪيان،
سنڌ! تنهنجي مٽيءَ کي مان سجدو ڪيان!
يوسف لغاري
غزل
اُتر ڏي اوت تيئن پيارو، پرين اڄ ياد پيو آهي،
پوي جيئن پوءِ ٿو پارو، پرين اڄ ياد پيو آهي.
ڦِٽي وئي ننڊ نيڻن جي، ڦٽو آرام اکڙين جو،
وري آجيئن وريو سيارو، پرين اڄ ياد پيو آهي.
هلايان ٿو گهڻئي هيلا، هلي هڪ ڀي نٿي منهنجي،
گذاريم روئي اونهارو، پرين اڄ ياد پيو آهي.
حياتي مون سڄي جنهن لئه، وهايا رت جا ڳوڙها،
اهوئي دوست دل وارو، پرين اڄ ياد پيو آهي.
سدا آهي مُنهنجي دل تي، رڳو بس سار دلبر جي،
وسري لوڪ ويو سارو، پرين اڄ ياد پيو آهي.
اچي يوسف مُلاقي مَن، ٿئي محبوب اڄ مونسان،
منهنجي اکڙين سندو تارو، پرين اڄ ياد پيو آهي.
غزل
وري واءُ گهُلندا، |
وري جوڙ ٺهندا، |
وري بوندون وسنديون، |
وري مور نچندا. |
وري ڪونجون ورنديون، |
وري روح رڙندا، |
وري يادون اينديون، |
وري جيءَ جُهرندا. |
وري گُلّ ٽِڙندا، |
وري ايندي خوشبو، |
وري خيال پنهنجا، |
ٻڌي ڇيرون نچندا. |
وري رات ٺرندي، |
وري سار ورندي، |
وري چنڊ ساڳيا، |
اڱڻ تي اُڀرندا. |
وري ايندي محبت، |
وري ويندي نفرت، |
وري نينهن نِکرندو، |
وري ڀؤنر اُڏندا. |
وري چنڊ چڙهندا، |
وري ساز وڄندا، |
وري چاهه پنهنجا، |
وري چوٽ چڙهندا. |
وري سر نُسرندا، |
وري سِيءَ پوندو، |
وري ايندو سيارو، |
وري نيڻ ٺرندا. |
وري يار يوسف، |
وري ٿيندو ميلو، |
وري اينديون خوشيون، |
وري محب ملندا. |
محبوب ’رضا‘ راهو
غزل
روح منهنجي
جو راز تون آهين،
نينهن منهنجي جو نياز تون آهين.
هاڻ سمجهيم ته ڇو ستائين ٿو،
غير سان ساز باز تون آهين.
چند شعرن ۾ ڪيئن سمايان مان،
درد ڪير دراز تون آهين.
تنهنجو رهندس سدا سلامي مان،
منهنجي نوڙت نياز تون آهين.
عشق آهين سندم حقيقي تون،
لوڪ ليکي مجاز تون آهين.
آهيان تنهنجي اڳيان ”رضا“ بيوس،
دل جهٽيندڙ ڪو باز تون آهين.
غزل
پرين گڏ هيو زندگي شاد هئي،
سندم دل جي دنيا به آباد هئي.
زماني زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو،
ڪٿي ڪا حياتي نه آزاد هئي.
رڳو حادثاتي رهي زندگي،
هي دنيا به ڪيڏي نه بيداد هئي.
جڏهن ڪوئي ڳڀرو ٿيو هو شهيد،
تڏهن سنڌ بنجي پئي بغداد هئي.
چون شاعري جنهن کي سڀ ٿا ”رضا“،
اها درد وندن جو فرياد هئي.
غزل
پيرَ آهن اڃا، پيار جي پنڌ ۾،
منهنجي سهڻي سَندِي سار جي پنڌ ۾.
پاڻ آهيون سدا جيت جي پنڌ ۾،
پاڻ ناهيون مٺا هار جي پنڌ ۾.
آ اکين کي هتي انتظاري اڃا،
ٿو لڳي حُسن سينگار جي پنڌ ۾.
آنءُ گلڙا خريدي نه آهيان سگهيو،
دل رکي آ مون دلدار جي پنڌ ۾.
آ دوا کان چڙهيل ڪم مٿي دوستو!
آ دعا هاڻ بيمار جي پنڌ ۾.
جن به پنهنجي حقن لئه جاکوڙ ڪئي،
سي سدائين رهيا دار جي پنڌ ۾.
مون کي منزل جي پرواهه ناهي ”رضا“!
عمر گذري وڃي يار جي پنڌ ۾.
غزل
تارا تارا راتِ به توسان،
پرهه ڦٽي پرڀاتِ به توسان.
منهنجا سارا ٽهڪ به توسان،
نيڻن جي برساتِ به توسان.
دلبر هن دنيا ۾ منهنجي،
جِيت به توسان، ماتِ به توسان.
منهنجي مَنَ جي تانگهه به توسان،
منهنجي مَنَ جي تاتِ به توسان.
توسان انگُ ازل جو آهي،
جيئڻ جي جذباتِ به توسان.
يار ڪکائين گهر جي جهوپي،
ٿيندي، اچ محلاتِ به توسان.
توکي آءٌ ”رضا“ سمجهائي،
ڏانءُ به توسان ڏاتِ به توسان.
فياض بلوچ
غزل
هِت درد ملن ٿا، ناهي پيار سَچو ڪنهنجو،
هت ڪوڙ ڪمائن ناهي يار سچو ڪنهنجو.
دولت تي کپي دوستي جي دم ۾ ڀَرڻ دم سان،
ٿو ڪونه لڳي دل کي اقرار سچو ڪنهنجو.
هروقت ڏکن ۾ پئي گذري ٿي حياتي جو،
ناهي ڪو اڃان نڪتو انڪار سچو ڪنهنجو.
سڀ ڪَن ٿا، سچائي جي دعوا به محبت ۾،
دل ڪين اَڃان ماڻيو سهڪار سَچو ڪنهنجو.
رونق ٿي، وَڌي محفل جي يَار جي صحبت سان،
نڪري جي پَوي دل جو هتِ يار سَچو ڪنهنجو.
هر وقت هُجي ڀَر ۾، الفت جون ڪجن ڳالهيون،
همدرد ٿئي دل جو، سينگار سَچو ڪنهنجو.
غزل
چار جوڀن ڏينهڙا،
ڪهڙا توبن ڏينهڙا.
ساز سُڏڪَن جا وڄَن،
ڏک ۾ سڏڪن ڏينهِڙا.
خيال ۾ رهجي ويو،
سوچ مٽجن ڏينهڙا.
مَن ۾ هُرکر ٿي رَهي،
سور سَلجن ڏينهڙا.
دور ناهين پَر هتي،
ڪين ڪٽجن ڏينهڙا.
تون ڪَرين رسَي دُعا،
سک ۾ گُذرن ڏينهڙا.
وقت گذري ٿو پيو،
ڏک جا ٽپجن ڏينهڙا.
ساک رهندي يار جي،
پيار پلجن ڏينهڙا.
پاس رکيو يار جو،
شل نه رُڪجن ڏينهڙا.
جديد مختصر سنڌي ڪهاڻيءَ جي ابتدا ويهين صديءَ ۾
ٿي آهي. انگريزن جي دور ۾ نثر جي ادبي صنفن ناول،
ناٽڪ، افساني وغيره جا دنيا جي مختلف ٻولين جي ادب
مان ترجما ٿيا ته مٿين صنفن ۾ طبعزاد ڪم لکڻ جو
رجحان به عمل ۾ آيو. شروع دور ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي
قصن، داستانن ۽ لوڪ ڪهاڻين کي لکت ۾ آندو ويو، جن
۾ عربي، فارسي، هندي، سنسڪرت ۽ ٻين ٻولين مان
”چندر ڪانتا“، ”الف ليليٰ“، ”ممتاز دمساز“، ”حاتم
طائي“، ”گل بڪاولي“ ۽ ٻيا قصا ترجما ٿيا ته ڏيهي
آکاڻين ۾ ”سورٺ ڏياچ“، ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ ۽
”سڌا تورو ڪڌا تورو“ نموني جون نصيحتي ۽ رومانوي
آکاڻيون شايع ٿيون.
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ 1914ع ۾ ”شريف بيگم“ جي
عنوان سان جديد ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪئي، ترت ئي ٻين
ليکڪن پڻ هن صنف ۾ هٿ ونڊايو، جن ۾ محمد عثمان
ڏيپلائي، شيخ اياز، لطف الله بدوي، عثمان علي
انصاري، آسانند مامتورا، حشو ڪيولراماڻي، سڳن
آهوجا، پرمانند ميوارام، نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻي
۽ ٻين ڪهاڻيون لکيون. ڪهاڻيءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ ان وقت
سنڌي ساهت سوسائٽي، سندر ساهتيه سک ٽرئڪ سوسائٽي،
ڊي.جي ڪاليج جو ”سنڌ سرڪل“، امر لعل جو ”ڦلواڙي“،
”آشا“، ”ساقي“، ”پرهه ڦٽي“، ”ڦليلي“، ”جيون ڪلا“،
”ڪهاڻي“، ”بولچند راجپال جو ”سنڌو“ (1932ع) ۽ ٻيون
اخبارون ۽ مخزن هئا.
پروين موسيٰ ميمڻ
ڪتاب: ”سون ورنيون سوڍيون“ تان کنيل |