ڊاڪٽر ممتازِ ڀٽو
سنڌ ۾ ارغون
قبيلي جي حڪومت
تعارف:
ارغون ۽ تَرخان خاندانن جو شجرو
Genealogical Tree:
مختلف تاريخن ۾ مختلف ڏيکاريو ويو آهي. ٻئي قبيلا
هڪ هوندي به هيٺين ريت ڏيکاريا ويا آهن. ارغون خان
متوفي (683هه)، اباقا خان (681هه)، هلاڪو خان
(663هه)، طوطي خان (628هه)، چنگيز خان (624هه)
ارغون
خان کان پوءِ هنن جو شجرو هيٺين ريت ڏيکاريو
ويو آهي. علجيق
Elija'itu
ايڪو تيمور- شاهه ملڪ. ان کان پوءِ هُو مختلف
شاخن ۾ ورهايل نظر اچن ٿا. ارغون شجري ۾ شاهه
ملڪ کان پوءِ برتاڪ Bartak
شيخو، محمود بيگ، يار بيگ، فرخ بيگ، ميران
بيگ، احمد بيگ، فرخ بيگ ۽ امير بصري ڏيکاريا
ويا آهن.
مآثرالامراء مطابق ارغون اصل ۾ شنڪل بيگ جي
نسل مان آهن. شنڪل بيگ (شاهه ملڪ) جو والد
ايڪو تيمور
Eku Timur،
تقتمش خان Tuqtamish Khan
واري ويڙهه ۾ بهادريءَ سان وڙهندي پنهنجي جان
ڏني، جنهنڪري امير تيمور هن جي پٽ شڪل بيگ
(شاهه ملڪ) تي ننڍي هوندي کان مهربان هو، جنهن
جي پيڙهه چئن واسطن سان هلاڪو خان جي نسب سان
ملي ٿي، يعني شڪل بيگ، ولد ايڪو خان، ولد
اباقا خان، ولد هلاڪو خان. امير تيمور هن کي
”ترخان“ جو مرتبو (لقب) ڏيندا هئا، جنهن تحت
هنن کي ڪنهن به جاءِ تي اچڻ وڃڻ جي روڪ نه
هوندي هئي ۽ ”نَو“ ڏوهن تائين هنن کان يا هنن
جي پٽن کان ڪابه پڇا ڳاڇا نه ٿيندي هئي ۽ نه
ئي کين سزا ڏني ويندي هئي.
شيخ ابوالفضل مطابق ته نون ڏوهن تائين پڇا
ڳاڇا يا باز پرس نه ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ مناسب
نه هو، پر جيڪڏهن پنهنجي عاقبت انديشيءَ جي
ڪري وقت جي حڪمرانن پنهنجي تجربي تحت، ان
ڳالهه جو يقين ڪيو هجي ته هن (ترخان) کان ڪوبه
برو ڪم سرزد نه ٿيندو ته پوءِ ممڪن آهي! يا
جيڪڏهن الله تعاليٰ هن (حڪمران) کي ڪو اهڙو
غيبي علم بخشيو هجي ته هن (ترخان) کان ڪو جرم
ڪبيره نه ٿيندو ته پوءِ اهو حڪم (يعني نَو
ڏوهه بخشڻ جو حڪم) جاري ٿي سگهيو پئي.
هتي ارغون ٻن شاخن ۾ ورهايل نظر اچن ٿا،
هڪ شاخ کي امير تيمور طرفان هڪ اهڙي لقب
سان نوازيو ويو، جنهن تحت هنن کي نه صرف
ملڪيت ۽ دولت ملي، پر درٻار ۾ هڪ اهڙو
رتبو به مليو، جيڪو ٻين کي حاصل نه هو.
ايڪو خان جو اولاد انهن سهولتن کان
مالامال ٿيو، جيڪي ارغون خاندان مان ئي
هئا ۽ ”ترخان“ سڏجڻ لڳا، بارتڪ
Bartak ۽
ان جو اولاد ”ارغون“ سڏجڻ لڳا.
’مآثرالامراء‘ موجب عبدالعلي
ترخان، سلطان محمود ولد مرزا ابو
سعيد وٽ اعليٰ رتبو حاصل ڪيو،
جنهن کيس ”بخارا“ جي حڪومت عطا
ڪئي. هن جي خدمت ۾ هڪ طاقتور شخص
محمد خان اوزبڪ رهندو هو، جنهن
اڳتي هلي ايترو زور ورتو، جو
پنهنجي آقا جي مد مقابل ٿي بيٺو ۽
کيس پنجن پٽن سميت قتل ڪري
ڇڏيائين، پر اتفاقاً هن جو ڇهون
نمبر پٽ جنهن جي عمر، ان وقت ڇهه
مهينا هئي، بچي ويو، جنهن کي
پنهنجي خاندان وارن ماوراءُ النهر
ڪيو. ان ٻار جو نالو مرزا عيسيٰ
خان ترخان هو
جنهن اڳتي هلي وڏو نالو ڪڍيو.
ذوالنون ارغون:
امير ذوالنون، مير حسن بصريءَ
جو پٽ هو، هو نهايت عقلمند ۽
حڪومتي داءُ پيچن کان واقف
هو، بهترين سپہ سالار به هو.
پهريائين يادگار محمد جيڪو
سلطان احمد جو پوٽو هو، تنهن
جو خدمتگار هو ۽ آخر ۾ سلطان
حسين جو امير الامراء ۽ سپہ
سالار مقرر ٿيو.
غور
(Ghor)
۽ داور (Dawar)
ملڪن جي سنڀال سندس حوالي ٿي،
ڇاڪاڻ ته انهيءَ زماني ۾
هزاره (Hazara)
۽ تڪبري (Takbari)
جي ماڻهن جون ٽِين صدي هجري
کان پنجين صدي هجري (ڏهين کان
ٻارهين) تائين عباسي خلافت
اندر خود مختيار اسلامي
سلطنتون قائم ٿينديون رهيون.
انهيءَ زماني ۾ خراسان ۽
ماوراءُ النهر سامان سلطنت
هيٺ هئا. غزني ۽ ڪابل ۾ غزنوي
سلطنت قائم هئي. تيرهين صديءَ
۾ منگولن جي شورش وقت
”ماوراءُ النهر“ جو
دارالحڪومت سمرقند هو، جنهن
کي منگولن (مغلن) تاراج ڪيو.
”ماوراءُ النهر“ آمو درياهه
جي ٻئي پار واري علائقي کي
سڏيو ويندو هو. آمو (جيحون) ۽
سير (سيحون) جي وچ ايشيا جون
ٻه وڏيون نديون آهن. انگريز
انهن کي
(Oxus)
۽ (Jexartes)
لکن ٿا، انهن جون سرسبز
واديون خراسان علائقي ۾ واقع
هيون، جنهن جي گادي جو هنڌ
”مرو“ هو. اتان ابومسلم
خراسان اُموي خلافت خلاف
بغاوت شروع ڪئي هئي. ان کان
اڳ ۾ هتي نادر شاهه جي خاندان
جي حڪومت هئي. افغانستان جو
نالو تاريخ ۾ 1747ع کان پوءِ
شامل ٿيو. ان کان اڳ ۾ انهيءَ
علائقي ۾ خراسان، غزني، ڪابل
۽ قنڌار جي نالن سان الڳ الڳ
مشهور هئا).
اميرذوالنون جو انهن ملڪن تي
غلبو ٿي چڪو هو، سن 884هه ۾
ٿورڙي لشڪر سان هن ان علائقي
۾ پهچي اتان جو انتظام
سنڀاليو. ڪجهه لڙاين کان پوءِ
مخالف هن جا فرمانبردار ٿي
ويا. سلطان حسين مرزا کيس
قنڌار جي واڳ به حوالي ڪئي.
ٿوري عرصي ۾ هن شال
(Shal)،
مستونگ (Mastung)
۽ انهن جي پسگردائيءَ وارن
علائقن تي قبضو ڪيو.
اهڙيءَ طرح هن وڏو لشڪر تيار
ڪيو ۽ مزاري، قپچان
(Kipchan)،
تڪدري ۽ قنڌار جي مغلن کي پاڻ
سان متفق ڪيو.
سلطان حسين مرزا کي هن مان خودمختياري جي بوءِ اچڻ
لڳي، کيس درٻار ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنائين. هو به
بنا دير اچي درٻار ۾ پهتو، هر ڪنهن جي عزت موجب
تحفا پيش ڪيائين ۽ پاڻ کي سلطان حسين جي پٽ بديع
الزمان جي خدمت ۾ وابسته ڪري ڇڏيائين، جيئن ته هو
هڪ چالاڪ قسم جو ماڻهو هو، تنهنڪري هن بديع الزمان
کي پنهنجي طرف اهڙو ته راغب ڪيو، جو هن پنهنجي
پيءُ کي سفارش ڪئي ته قنڌار جي حڪومت هن (امير
ذوالنون) کي ڏي ۽ ان جو ذمو به پاڻ کنيائين. فتح
مند خاقان (سلطان حسين مرزا) قيمتي سروپاء، لغام،
زين سميت گهوڙو، لشڪر جو سامان جهڙوڪ نقارو ۽
جهنڊو امير ذوالنون کي ڏيڻ ۽ شاهي آفيس مان شاهي
مهر سان سندس مقرريءَ جو فرمان جاري ڪيو.
هن وفاداريءَ جو اقرار ڪيو ۽ سلطان کي يقين ڏيارڻ
۽ پنهنجي سچائي ڏيکارڻ لاءِ هڪ قاصد جي ذريعي
پنهنجي پٽ شاهه بيگ (جنهن اڳتي هلي سنڌ تي قبضو
ڪيو)، پنهنجن مائٽن مان عبدالرحمٰن ارغون، زينڪ
ترخان، جعفر ارغون ۽ سلطان محمود بکري جي والد مير
فاضل کي خراسان گهرايو، جنهنڪري سڀني کي سندس
وفاداريءَ جو يقين ٿيو. تنهنڪري درٻار جي اميرن
سندس قنڌار وڃڻ لاءِ سلطان تي زور ڀريو، جنهن هيءُ
شرط رکيو ته امير ذوالنون پنهنجي پٽ ۽ پنهنجن
اميرن کي حاضريءَ ۾ ڇڏي پاڻ قنڌار وڃڻ جي تياري
ڪري. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ سلطان فرمان جاري ڪيو
ته امير ذوالنون نوروز جي جشن کان پوءِ ڀلي قنڌار
وڃي. هڪ سردار هن جي رهائشگاهه پهتو، جتي طنبيلن ۾
گهوڙا ٻڌل هئا، هر قسم جو گهرو سامان جيئن جو تيئن
موجود هو پر پاڻ پٽ ۽ اميرن سميت وڃي چڪو هو،
سلطان کي جڏهن اها خبر پئي ته هن جي زبان مان
نڪتو: ”امير ذوالنون اهڙو ويو، جو اسان کي وري نه
ڏسندو.“
مرزا بديع الزمان:
امير ذوالنون، مرزا بديع الزمان کي اهڙي طرح
پنهنجو طرفدار ڪيو، جو هن جا پنهنجي والد (سلطان
حسين مرزا) سان تعلقات به خراب ٿيندا ويا ۽ رنجشون
وڌنديون رهيون. آخر هن قنڌار وڃڻ جو فيصلو ڪيو،
امير ذوالنون ان موقعي جو فائدو وٺندي، پنهنجن
پٽن: شاهه بيگ ۽ محمد مقيم سميت قنڌار پهچڻ وقت
بديع الزمان جو استقبال ڪيو ۽ پنهنجي ڌيءُ نڪاح ۾
ڏيئي ساڻس قرب کي مائٽي تائين پهچايو. بديع الزمان
جڏهن قنڌار وڃي رهيو هو، ان وقت سندس نوجوان پٽ
محمد مؤمن مرزا استر آباد ۾ رهندو هو. هن کيس پاڻ
سان گڏ هلڻ لاءِ پيغام موڪليو، جنهن واپسي ۾
پنهنجي پيءُ کي اهو پيغام موڪليو ته ”شاهي خاندان
کان منهن موڙي پنهنجي ملازمن وٽ پناهه وٺڻ مناسب
نه آهي.“
جلدئي سندس چاچي مظفر حسين مرزا، استرآباد جي
پسگردائيءَ ۾ اچي، هن سان جنگ جوٽي، کيس زخمي حالت
۾ گرفتار ڪري چانديءَ جي زنجيرن ۾ ٻڌي قيد ڪيو.
ڪجهه وقت اندر هو پنهنجي چاچيءَ جي طرفان هڪ سازش
هيٺ ماريو ويو. مرزا بديع الزمان کي جڏهن پٽ جي
شهادت جي خبر پهتي، تڏهن انهيءَ بي صبريءَ سان
بدلي وٺڻ جو پڪو ارادو ڪري، لشڪر تيار ڪيو.
هن امير ذوالنون ۽ سندس پٽن سان گڏجي پنهنجي پيءُ
سان ڪيترن هنڌن تي جنگيون جوٽيون. اهڙيءَ طرح
جنگين جو هڪ اڻ کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو. آخر ڪجهه
اشرافن وچ ۾ پئي، پيءُ ۽ پٽ ۾ صلح ڪرايو. سيستان ۽
فراه جي حڪومت جو فرمان بديع الزمان جي نالي جاري
ٿيو. ان کان پوءِ هن آسپاس جي رياستن کي فتح ڪرڻ
لاءِ لشڪر ڪشيءَ جو سلسلو جاري رکيو. سن 913هه ۾
محمد خان شيباني اوزبڪ هڪ وڏي لشڪر سان خراسان تي
ڪاهه ڪئي. بديع الزمان هڪ تڪڙو قاصد امير ذوالنون
ڏانهن موڪليو. امير ذوالنون چيو ته هن وقت اسان کي
وڃڻ واجب آهي. هن وقت سستي ڪرڻ مروت ۽ انسانيت کان
ٻاهر آهي. پر موٽي اچڻ محال آهي، ڇاڪاڻ ته اوزبڪ
جو لشڪر نهايت دٻدٻي، طاقت ۽ قوت وارو آهي ۽
فتحمند خاقان خاندان جو بخت، زوال ڏانهن مائل آهي.
امير ذوالنون هڪ ارغون لشڪر وٺي شهزادي بديع
الزمان وٽ پهتو. تاريخ معصوميءَ مطابق ته هي
جيستائين ڪنهن صلاح تي پهچن، تنهن کان اڳ محمد خان
شيباني جو قيامت خيز لشڪر جنهن ۾ آسماني تارن کان
به گهڻا سپاهي هئا، اچي ويجهو پهتا. ٻنهي طرفن کان
بهادرن جو گوڙ، وٺ پڪڙ، نقارن ۽ شرنائين جا آواز
آسمان تي پهچڻ لڳا، پر جيئن ته اوزبڪ لشڪر
خراسانين کان ڪيئي دفعا وڏو هو ۽ درياءَ جي موجن
وانگر فوجين پٺيان فوجون مدد لاءِ پهچي رهيون
هيون، تنهنڪري شهزادن جو لشڪر ڀڄڻ لڳو. هن جنگ ۾
امير ذوالنون بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويو.
محمد خان شيباني خراسان فتح ڪري، لشڪر جي واڳ
قنڌار طرف ورائي، امير ذوالنون جي پٽن: شاهه بيگ ۽
امير محمد مقيم گرميسر پهچي محمد خان شيباني ڏانهن
ايلچي موڪلي، پنهنجي اطاعت ظاهر ڪئي ۽ خطبو ۽ سڪو
هن جي نالي جاري ڪرڻ جو عهد ڪيو ۽ هو راضي ٿي واپس
خراسان هليو ويو.
ساڳئي ئي سال ظهيرالدين محمد بابر، ڪابل ۽ غزنيءَ
کان لشڪر ساڻ ڪري قنڌار پهتو. شاهه بيگ ۽ محمد
مقيم شڪست کائي ڀڄي ويا. مغل بادشاهه ملڪ ۽ خزاني
تي قبضو ڪيو. قنڌار جي حڪومت پنهنجي ڀاءُ
ناصرالدين جي حوالي ڪري محمد مقديم جي ڌيءُ ”ماهه
بيگم“ کي قيد ڪري وٺي ويو، جنهن جو هن نڪاح محمد
قاسم ڪوڪي سان ڪرائي ڇڏيو. جنهن مان کيس هڪ نياڻي
”ناهيد بيگم“ ٿي. ڪجهه وقت کان پوءِ هي وري قنڌار
تي قابض ٿيا.
قاسم ڪوڪو اوزبڪن جي جنگ ۾ قتل ٿي ويو، جلدئي محمد
مقيم به وفات ڪئي.
تاريخ طاهري جو مصنف لکي ٿو: ”ڏهين صدي هجري ڌاري
وچ ايشيا ۾ وڏيون طاقتون اُڀريون ۽ چؤطرف وڳوڙ
پئجي ويو هڪ طرف شاهه اسماعيل صفوي مذهبي مصلي تان
اُٿي اچي شاهي تخت تي ويٺو ته ٻئي پاسي محمد خان
شيباني اوزبڪ خوني خنجر سان قتل ڪيا ۽ شهر ڦريا.
تيمورين جي وڏي سلطنت هرات جي بادشاهه سلطان حسين
بايقراء (912هه) جي مرڻ کان پوءِ زوال ڏانهن رخ
رکيو ۽ هن جي پوين ۾ انتشار پيل هو. هينئر صرف
ظهيرالدين محمد بابر (مغل شهنشاهه) هو جيڪو ٽين
طاقت جي صورت ۾ ڪنڌ مٿي ڪري بيٺو رهيو.
شاهه بيگ سيوي (سبي) ۽ سنڌ ۾:
شاهه بيگ هار ۽ نقصان کائيندو بلوچستان ڀڳو،
جتي اڳ ۾ هن جا ڪجهه ساٿي موجود هئا. بلوچن (رندن
۽ لاشارين) جي پراڻي ويڙهه جو فائدو وٺندي هن شال
(ڪوئيٽا) پشين ۽ گرم سيل جا علائقا فتح ڪيا. هينئر
سندس اکيون سيوي ڏانهن هيون. بابر بادشاهه ۽ خاقان
اسماعيل (صفوي بادشاهه) جي وچ ۾ لڙائي جا دروازا
کلي چڪا هئا ۽ هاڻي هي وري ڪو ٻيو ملڪ ۽ مال ميڙڻ
لاءِ پنهنجي طاقت ۽ خونريزيءَ جي زور تي سيويءَ
طرف ڌوڪيندو آيو. هن سيويءَ جو قلعو فتح ڪيو. ڪي
ماڻهو هن جي سامهون پيش پيا. ڪي وري فتح پور پهتا.
هن قنڌار ڏانهن پنهنجا خاص ماڻهو جنهن ۾ فريد
ارغون، مير فاضل ڪوڪلتاش، زينڪ خان ترخان ۽ عاقل
اتڪ کي موڪليو ۽ ڪجهه ڏينهن سيوي ۾ رهي پنهنجا
ڪجهه ماڻهو ڇڏي قنڌار موٽي ويو. قنڌار ۾ هن جي
ڀاڄائي بيبي ظريف خاتون ڪاري کٿي ڳچيءَ ۾ وجهي
شاهه بيگ جي دامن کي چنبڙي پنهنجي ڌيءُ ماهم بيگم
کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاڏايو. هن پنهنجن ڪن خاص ماڻهن
۽ پنهنجي حرمن، جن جا نالا عصمت پناهه، فاطمه
سلطان بيگم ۽ خانزادي بيگم سان صلاح مشورو ڪري،
اهو ذمو حرم سراءِ جي ٻانهي دولت ڪته کي سونپيو.
جيڪا ڏاڍي هوشيار هئي. هوءَ ڪابل پهچي محل ۾ آئي ۽
ماهه بيگم کي اُتان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي، پر ماهه بيگم
جي ڌيءُ ناهيد بيگم جيڪا اڃا ڏيڍ سال جي هئي، اتي
رهجي ويئي.
بابر بادشاهه ۽ خاقانن جون جنگيون جاري هيون. شاهه
بيگ هينئر سنڌ کي ئي پنهنجي لاءِ هڪ اجهو پئي
سمجهيو. هن پهريائين ڦرلٽ شروع ڪئي. سن 921هه جي
ذوالقعد مهيني ۾ هن هڪ هزار سوار تيار ڪري سيويءَ
کان سنڌ موڪليا، انهيءَ ٽولي ڳاهن جي ڳوٺ ’باغبان‘
تي حملو ڪيو ۽ هڪ هزار اُٺ جيڪي باغن جي نارن ۾ ڪم
ڪري رهيا هئا، ڪاهي ويا. انهيءَ مان ارغونن سنڌ جي
دولت جو اندازو ڪيو هو.
سنڌ جا سما حڪمران:
عربن سنڌ تي ڪاهه ڪري تقريباً ٽي سؤ سال
حڪومت ڪئي. هتان جي ڪيترن رهواسين اسلام قبول ڪيو
۽ ڪيترا ٻاهران آيل عرب رهواسي هن سرزمين ۾ ضم ٿي
ويا. سنڌ تي جيڪو پهريون مقامي قبيلو حڪمران بڻيو،
ان لاءِ ڪيئي تاريخون متفق آهن ته اهي ”سومره“
هئا. ڪجهه تاريخ نويسن (درٻاري) سومرن جي منفرد
رواجن، نالن ۽ خاص ڪري هندن مان مسلمان ٿين تي وڏا
ڇوهه ڇنڊيا آهن. سومرن سنڌ تي ٽن سؤ سالن
(1350-1010ع) کان به وڌيڪ عرصو حڪومت ڪئي ۽
هندستان جي غاصب حمله آورن جو شڪار به رهيا.
ٻاهرين حملي آورن جون برايون ۽ بدبختيون سنڌ جي
ماڻهن تي به اثرانداز ٿيون. سما، سومرن جي لشڪر جا
سپہ سالار هئا ۽ سومرن جي زوال کان پوءِ هنن جي
اُسرڻ جو وارو آيو، جنهن لاءِ به اڪثريت جي راءِ
آهي ته اهي سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو هئا.
تاريخ طاهري موجب، اهي زميندار سما جيڪي
سومرن جي صاحبي ۾ سندن رعيتي هئا، مڪلي جي ٽڪري تي
پنهنجو ڪوٽ اڏي ويٺا. هنن شهر جو نالو ”ساموئي
نگر“ ۽ ڪوٽ جو نالو ”تغرل آباد“ رکيو. سمن اهڙيءَ
ريت ملڪ ٺاهيو جو هر هنڌ ڪيچ ٿي ويا. ڪٿي به ڪا
زمين غيرآباد نه رهي. سما پاڻ زميندار به هئا ته
پورهيو به پاڻ ئي ٿي ڪيائون. ان ڪري چڱي طرح ملڪ
آباد ڪري ورتائون. (ص 59)
تاريخدان هن ڳالهه تي متفق آهن ته سنڌ ۾
سمن جو دور سنڌ جي خوشحالي ۽ خوشبختيءَ جو دور هو،
پر اهي هندستان جي تغلق حڪمرانن جي ڏاڍ جو به گهڻو
وقت نشانو رهيا. صدرالدين ڄام بابينو سنڌ کي اعليٰ
مقام تي ڏسڻ پئي چاهيو، جيڪو هڪ سورهيه سردار رهيو
آهي. هندستان جي حاڪم محمد تغلق سومرن جي پوين
ڏينهن ۾ هڪ وڏو لشڪر وٺي، جنهن ۾ دهلي، ملتان، وچ
ايشيا جي منگولن (مغلن) جي فوج ۽ ٻيڙا گڏ هئا، سنڌ
تي ڪاهه ڪئي پر خدا جي قدرت سان سنڌ جي ’سونڍا‘
شهر ۾ هن جو اوچتو انتقال ٿي ويو. سندس لشڪر ۾
ڦڙڦوٽ پئجي ويئي ۽ هو واپس ڀڳا. ڄام بابيني پنهنجي
دور ۾ بکر، سيوهڻ ۽ نصرپور کي تغلقن جي قبضي کان
آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. هندستان جي حاڪم محمد
تغلق جي پٽ سلطان فيروز تغلق ٽي دفعا سنڌ تي ڪاهه
ڪئي ۽ آخر سنڌ جي حڪمران ڄام بابينو کي دهلي وٺي
ويو ۽ سنڌ ۾ پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيائين. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ
دهليءَ کي خراچ ڏيڻ تي مجبور ٿي پيو ۽ سمن جي
وارثن حڪمراني جي ڪري سنڌ مٿان هنن جي برتري جاري
رکڻي پئي.
ڄام بابينو جيئن ته هڪ خانداني مرد هو،
تنهن جو اعليٰ اخلاق ڏسي دهلي جي بادشاهه هن کي
سنڌ جي حڪومت واپس ڪئي. جڏهن دهلي جي حڪومت ڪمزور
ٿي ته سنڌ جي حاڪمن گجرات جي حڪومت سان سٺا تعلقات
رکيا.
سنڌ جي وارثن کي ته سنڌ ملي پر سنڌ جي
رهواسين جي بدبختي به اتان ئي شروع ٿي. انهيءَ دور
۾ بدنام زمانه قوم ”ارغون“ پنهنجي حدن مان نيڪالي
کائي سنڌ جي ڀر واري علائقي سبي ۾ اچي رهائش
اختيار ڪئي هئي.
ارغونن جي سنڌ تي پهريون حملو (1506-1462ع):
تاريخ 25 ربيع الاول سن 866هه ۾ سنڌ جو
سمون حڪمران ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو بادشاهي
جي گاديءَ تي ويٺو. سندس گادي نشينيءَ تي سنڌ جا
سڀ ماڻهو عالم، صالح، رعيت ۽ سپاهي متفق هئا.
تحفة الڪرام موجب هي سما قوم ۾ سڀني کان
وڌيڪ عادل، شاندار ۽ ڊگهي عرصي تائين حڪومت ڪندڙ
ثابت ٿيو. هن جي ڏينهن ۾ عالم، سيد، صالح ۽ عام
ماڻهو بلڪل آرام سان رهندا هئا، جتي سنڌ جي زمين
سون جهڙي زرخيز هئي، واپار عروج تي هو، ماڻهو سکيا
ستابا هئا، علم ۽ ادب اوج تي هو، عالم ۽ فاضل
انسان جي عزت هئي، سنڌ جي خوشحالي ۽ علم فهمي جي
ڪري آسپاس جي اڪابرن اچي هتي سڪونت اختيار ڪئي
هئي. اسلامي طريقو ايترو ته
رائج هو جو ڪوبه ماڻهو نماز ۽ روزي کان خالي نه
هو. ڪنهن به طرف کان ڪوبه فساد پيدا ڪونه ٿيو.
پنهنجي عمر جي سمجهه کان وٺي نماز ۽
احڪاماتِ الٰهيءَ جو پابند رهيو. باجماعت نماز ادا
ڪندو رهيو. ڪيترن مؤرخن لکيو آهي ته ڪڏهن به بنا
وضو جي آسمان طرف نه ڏٺائين.
ٺٽي شهر جو بنياد به ڄام نظام الدين
وجهرايو. سندس بادشاهيءَ جي پوين ڏينهن ۾ شاهه بيگ
ارغون لشڪر ساڻ ڪري سنڌ جي حدن اڪڙي، چانڊوڪي،
سنديحه ۽ ڪوٽ ماڇي جي ڳوٺن کي ڦريو، سندس پويان
دريا خان سيوي تائين ڪاهي ويو. سخت لڙائي لڳي جنهن
۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ ابو محمد مرزا مارجي ويو ۽ سمن
جي فتح ٿي. ارغون ڀڄي ويا ۽ وري کين ڄام نظام
الدين جي حياتيءَ ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جي همت ڪانه
ٿي.
ڄام نندي وفات وقت پنهنجي وفادار سپہ
سالار ۽ پٽيلي دريا خان کي پنهنجي وارث پٽ ڄام
فيروزالدين، جيڪو ان وقت ننڍي عمر جو هو، پڻ
پنهنجي اهل و عيال سان وفادار رهڻ جي پارت ڪئي.
مڪلي نامه موجب سلطان نظام الدين جو دؤر
(866هه-1914ع) تاريخ ۾ يگانو هو. جنهن وقت هن جي
حڪومت هئي، انوقت سنڌ جي پاڙيسري ملڪن ۾ پڻ جليل
القدر ۽ ناميارا حڪمران هئا، گجرات سنڌ جي ويجهو
هو، سمن ۽ گجراتين جي پاڻ ۾ مائٽي به هئي، ته
ثقافتي تعلقات به هئا، اتي سلطان محمود بيگڙو
(863هه/894هه) جي حڪومت هئي. بهلول لوڌي دهليءَ
(855هه-894هه) حڪمران هو. مانڊو ۽ غياث الدين بن
محمود خلجي (9.6.873) بادشاهه هو. سنڌ جي ٻئي
پاڙيسري ملڪ خراسان تي شاهه حسن بايقرا
(863-912هه) جي حڪومت هئي، جنهن جي علم پروري ۽
ادب نوازي تمدن ۽ تهذيب جي تاريخ مثال آهي.
مولانا جامي انهيءَ دؤر جو شاعر ۽ انهي بادشاهه جو
دوست هو، بهزاد مصور انهيءَ سلطان جي درٻار جو زيب
۽ زينت هو. مير علي شير نوائي جهڙو اديب ۽ ادب
پرور جنهن جو تاريخ ۾ مثال مشڪل سان ملي ٿو، سو
سندس وزير هو. (27) پير صاحب هڪ ڪتاب ”فتح نامه“
جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو جرمن زبان ۾ ترجمو ٿيل هو
۽ کين
Prof. Dr. Annemarie Schmmel
1960ع ۾ ڏنو هو، جنهن ۾ ذڪر ٿيل آهي ته حسين
بايقرا بادشاهه، خراسان (862-911هه) ۾ ظاهر ڪيو،
جنهن مطابق هرات جي حڪومت سنه 892هه چند واپارين
جي شڪايت تي سنڌ جي ڪنهن حصي تي لشڪر ڪشي ڪئي،
جنهن ۾ ٿيل فتح جو اطلاع”اهو فتح نامو“ ملڪ جي
مختلف حصن ۾ پڌرو ڪيو ويو. (مڪلي نامه، ص 177)
’مڪلي نامي‘ مطابق ڄام نندو نهايت نيڪ
ڪردار، سچار، گفتار جو سهڻو، بهترين منتظم ۽ خوش
اطوار سلطان هو. جاهه و جلال، شان و شوڪت، تدبر ۽
فهم و فراست ۾ سندس ڪو ثاني نه هو. مغل دور ۾ لکيل
تاريخون مثلاً: تحفة الڪرام، حديقة الاولياء وغيره
ان ڳالهه تي متفق آهن. تحفة الطاهرين ۽ مقالات
الشعراء يا ٻين ڪيترين تاريخن ۽ تذڪرن ۾ سنڌ جي
مشائخن، محدثن، شاعرن ۽ بزرگن جا نالا ڏسڻ ۾ اچن
ٿا، جيڪي ڄام نندي جي وقت ۾ ديني ۽ دنيوي علمن کي
فروغ ڏيڻ ۾ مصروف هئا. اهي خبرون جڏهن ڀرپاسي جي
ملڪن ۾ پهتيون ته ڪيترن ئي علم جي پروانن سنڌ
ڏانهن رخ ڪيو. خاص ڪري ايران، خراسان ۽ آسپاس جي
ملڪن جا ڪيئي گهراڻا اچي سنڌ ۾ خاص ڪري ٺٽي ۾
پهتا، جن کي آباد ڪرڻ لاءِ سرڪاري طور ٺٽي ۾ محلا
ٺهرائي انهن مهاجرن لاءِ مخصوص ڪيا ويا.
’مڪلي نامه‘ جي ماخذ مطابق: ”انهيءَ ڀاڄڙ
۾ گهڻا خس و خاشاڪ جي مثل هئا، ليڪن ڪي اهڙا عالم
۽ دانشمند به اچي پهتا هئا، جن جو اچڻ سچ پچ ته
سنڌ لاءِ هڪ نعمت هئي، جيئن ته مولانا عزيز ابهراي
۽ سندس پٽ اثيرالدين، علامه جلال الدين دوّائي جا
ٻه جيد شاگرد مير شمس ۽ مير معين، جن ديني ۽ دنيوي
علم جي اشاعت ڪئي ۽ سوين ماڻهن علم جي پياس پوري
ڪئي. سنڌ جي انهيءَ نيڪ نهاد سلطان سمي جي وقت ۾
ڪيترن بيروني عالمن
هتي پناهه ورتي ۽ شاهي سرپرستيءَ هيٺ سنڌ کي علمي
فائدو رسايو۽ ڪن سنڌ خلاف جاسوسي ڪئي.
تاريخ لکڻ جو هڪ اصول آهي:
What Happened
يا
Why it Happened.
اڳتي هلي تفصيل سان ان واقعي جو ذڪر ايندو ته
”خرابي سنڌ“ ۾ صرف ڄام فيروز کي اڪيلو ڇو مجرم
قرار ڏنو وڃي ٿو؟ ڄام نندو الله جو هڪ نيڪ بندو
هو. هندن توري مسلمانن جو مددگار ۽ قدر ڪندڙ هو،
پر ٻاهران آيل بزرگيءَ جي ڪوڙي لباس ۾ انهن درندن
کي سڃاڻي نه سگهيو ۽ سندن سياست کي سمجهي نه سگهيو
ته اهي اڳتي هلي سندن حڪومت ۽ پوين لاءِ اذيتناڪ
دشمن ثابت ٿيندا. جيڪي نه صرف هن جي حڪومت جي پاڙ
پٽيندا پر سڄي سنڌي قوم کي غلاميءَ جي گهاڻي ۾
پيڙيندا. ڄام نندي هنن لاءِ پاڙا ۽ محلا ٺهرايا،
جن سان يقيناً ڪيترا اهڙا جاسوس به هوندا، جيڪي
پنهنجي ملڪ ۾ سنڌ جي سونهري دور جو ذڪر ڪندا هوندا
۽ ماڻهو هرکندا رهيا. جنهن جو اڳتي هلي نتيجو اهو
نڪتو ته سندس وفات کان پوءِ ”خرابيء سنڌ“ جو باب
کُلي پيو. جيتوڻيڪ هن مجلس خواهه مصلحت، ملڪي
ڪاروبار خواهه حڪومت جي نظام هلائڻ لاءِ لائق ۽
فائق ماڻهو رکيا هئا. گجرات وارن سان نه صرف هن جي
دوستي هئي، پر مٽي مائٽي ۽ سڱابندي پڻ ٿيل هئي،
جنهن نه صرف سياسي طرح سنڌ ۽ گجرات کي هڪٻئي جي
قريب آندو، پڻ ٻنهي ملڪن جا سماجي توڙي تمدني ناتا
مضبوط ڪيا هئا.
دريا خان:
سنڌي قوم هڪ قدردان قوم آهي. تاريخ جي ورق
گرداني ڪندي يا اڄڪلهه جي دور ۾ به جيڪو ڪو شخص حق
۽ سچ جو وفادار رهيو آهي يا سنڌ ۽ سنڌي قوم جي
ناموس کي بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي، اهڙو سپوت
هنن جو هيرو رهيو آهي ۽ جيڪڏهن انهيءَ ڌارين سان
وڙهندي شهادت ماڻي آهي ته انهيءَ پنهنجو نالو ۽
مرتبو ائين بلند ڪيو آهي، جو سندس يادگار ڏينهن
مقرر ڪيا ويا آهن، هنن لاءِ شاعري ڪئي وئي آهي ۽
کين نعرن ۽ مثالن جي صورت ۾ نسل درنسل پهچايو آهي.
دريا خان به انهن عظيم شخصيتن ۾ شامل آهي. مڪلي
نامي موجب دريا خان هڪ لاوارث ڇوڪرو هو، سندس نالو
”قبوليو“ هو، ڪن محققن جي تحقيق مطابق، هن جو اصل
نالو ’مبارڪ خان‘ هو ۽ ذات جو ’قبوليو‘ هو. جيڪو
پهريائين ڄام نظام الدين جي ”ديوان تعمير“ جو غلام
هو. تاريخ طاهري مطابق هڪ دفعي ڄام نظام الدين
پنهنجي گهوڙي تي سواري ڪندي لنگهيو، کيس اُڃ لڳي
هئي. هن گهوڙو بيهاري، اتي بيٺل ماڻهن مان هڪ کان
پاڻي گهريو، اهو درياء خان هو، جيڪو داناءُ ۽
سياسي داءَ پيچ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ ۽ گهڻو مشهور هو.
هن بادشاهه کي پاڻي ڏنو، جنهن جي مٿان ٿورا ڪک تري
رهيا هئا. بادشاهه ڪک پري ڪري پاڻي پيتو ۽ کانئس
ان جو سبب پڇيائين. هن مسڪرائي جواب ڏنو ته
بادشاهن کي هميشه احتياط ڪرڻ گهرجي ۽ هر قدم
سنڀالي کڻڻ گهرجي. ڄام نظام الدين کي هن جي اها
(حڪمت) ادا ڏاڍي وڻي ويئي ۽ انهيءَ لڪل جوهر کي
پرکي ورتائين ۽ کيس پاڻ وٽ گهرائي، سندس بهترين
تربيت ڪيائين. معمولي ملازم جي درجي مان مٿي کڻي
کيس وزيراعظم بڻايائين ۽ فوج جو سپهه سالار مقرر
ڪيائين. سندس بهترين ڪارڪردگي جي ڪري کيس ”مبارڪ
خان“ ۽ ”خان اعظم“ جي لقبن ۽ خطابن سان نوازيو
ويو. هي ڄام نندي لاءِ ايتريقدر ته سعادتمند ثابت
ٿيو جو کيس پنهنجي فرزندي سان سرفراز ڪيائين. مڪلي
نامي موجب دريا خان سنڌ کي هر لحاظ سان مضبوط ۽
محڪم ڪيو. سياسي توڙي سماجي، فوجي توڙي اقتصادي
صورتحال کي هن اهڙي اوج ۽ عروج تي پهچايو جو
تاريخدانن جو قول آهي ته ”اهڙو زمانو سنڌ نه
پهريون ڏٺو ۽ نه پوءِ.“ منجهس پنهنجي وطن سان محبت
۽ هن کي آزاد رکڻ جي اُمنگ ۽ جذبو موجود ۽ موجزن
هو. انهيءَ پنهنجي ڪارڪردگيءَ سبب بادشاهه جي
زندگيءَ ۾ ته نمڪ حلاليءَ جو حق ادا ڪيو، تان جو
سموري سلطنت جو هر لحاظ سان ڳاٽ اوچو رکيو، پر
سلطان جي وفات کان پوءِ به اهو ئي هڪ اڪيلو امير
هو، جنهن سنڌ کي ڌارين جي حملن کان بچائڻ لاءِ
پورا ٻارنهن سال مسلسل جدوجهد جاري رکي. انهيءَ
پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي سر جو سانگو لاهي وطن
جي آزاديءَ لاءِ غاصبن کان بچائڻ لاءِ جيڪا جدوجهد
ڪئي ۽ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو وطنيت جي تاريخ ۾
پنهنجو مَٽ پاڻ ۽ مثالي آهي. ڄام نظام الدين هن کي
سچ پچ پيءُ جهڙو پيار ڏنو هو ۽ سندس تربيت ۾ حب
الوطني جو اڻ کٽندڙ جذبو ۽ روح ڀريو هو. سندس
سمورو خاندان انهيءَ رنگ ۾ رچيل بسيل هو. سندس
سمورو اولاد سمن جي وفادار، وطن دوست ۽ بهادر هو.
مير علي شير قانع، تاريخ طاهري ۽ تاريخ معصومي جي
مصنفن سندس وفاداري کي خوب ساراهيو آهي. ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ مرحوم پڻ هن تي هڪ جامع مضمون لکي
ماڻهن جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو آهي.
دريا خان جا چار پٽ هئا. سندس وڏو پٽ
علاؤالدين وڏو عالم فاضل شخص هو. سندس ٻه پٽ محمود
خان ۽ مٺڻ خان بهادر سپاهي هئا، جن سنڌي قبيلن سان
گڏجي غاصب ارغونن سان هر محاذ ۽ هر موڙ تي ويڙهه
جاري رکي، تان جو سنڌ کي سندن تسلط کان بچائڻ لاءِ
شهادت ماڻي. سارنگ خان هن جو چوٿون پٽ هو، جيڪو پڻ
هڪ بهادر ۽ مجاهد شخص هو. هو به ڀائرن وانگر
ارغونن سان وڙهيو. دريا خان جي شهادت کان پوءِ هنن
ٽنهي ڀائرن ڪيتري عرصي تائين ارغونن سان جنگ جاري
رکي ۽ سندن سامهون سد سڪندري ثابت ٿيا. آخرڪار
ڪيترن محب وطنين سان گڏجي، انهن غاصبن ۽ خونين سان
وڙهندي وڙهندي شهادت جو پيالو پِي هميشه لاءِ اَمر
ٿي ويا.
ڄام فيروز:
تاريخ نويسي جي جديد طريقي مطابق تاريخي
واقعات لکڻ وقت تاريخدانن ان وقت جي ملڪي
اقتصاديات، ڪلچر ۽ سياسي تاريخ تي گهڻو زور ڏنو
آهي. هنن فوجي طاقت کي ننديو آهي ۽
Customs
سوشل هسٽري ۽ آرٽ ۽ سائنس جي ڪارنامن کي ساراهيو
آهي.
سمن جي تاريخ جي دور کي جيڪڏهن ڏسنداسين
ته شهر ٺٽي ۾ ٻاهريان ماڻهو، جن ۾ هرات، خراسان،
سمرقند جا ماڻهو شامل آهن، ڄام نندي جي وقت کان
اهي مختلف جاين تي پنهنجا پاڙا ۽ محلا اڏي ويٺا
هئا. شاهه بيگ تڙجي سيوي تائين پهچي چڪو هو ۽ سنڌ
ملڪ جي دولت جو اندازو لڳائي چڪو هو. هن هميشه سنڌ
تي حملي جي ڪوشش ڪئي پر ڄام نندي جي هيبت ۽ درياء
خان جي دهشت سبب هن کي همت ئي ڪانه ٿيندي هئي. ڄام
فيروز عمر جو ننڍو هو، تنهنڪري سندس خاندان مان
ڄام سنجر جو ڏوهٽو صلاح الدين تخت جو وارث ٿيو.
مغلن جي دؤر ۾ لکيل تاريخن ڄام فيروز جو مذاق
اُڏايو آهي پر انهن حقيقتن کان منهن موڙيو آهي،
جيڪي ڄام فيروز جي حڪومت خلاف ڪَرَ کڻي اٿيون
هيون.
مڃي سگهجي ٿو ته وقت ۽ عمر جي تقاضا جي ڪري ڪجهه
غلطيون ڄام فيروز کان ٿيون هونديون، پر ان سلسلي ۾
ان سان گڏوگڏ مٿين مشڪلاتن کي به مدِنظر رکڻ
گهرجي. ڄام صلاح الدين جڏهن تخت ۽ تاج جي وارثي
ڏيکاري ته دريا خان ۽ سارنگ خان، جن جو ڏاڍو دٻدٻو
هو، تن ٺٽي جي شريفن ۽ مکيه ماڻهن جي صلاح سان
فيروز کي تخت تي ويهاريو. ڄام صلاح الدين گجرات
هليو ويو ۽ سلطان مظفر گجراتي وٽ پناهه ورتائين.
سلطان مظفر جي اهليه ڄام صلاح الدين جي سؤٽ هئي،
تنهنڪري هو سندس طرفداري ڪندو رهيو.
تاريخون ان دوران دريا خان جي ٺٽي مان
لڏي، پنهنجي ڳوٺ ڳاهن ۾ رهائش اختيار ڪرڻ جا ڪيئي
سبب ٻڌائن ٿيون. ٿي سگهي ٿو ته هن کي پنهنجي ڏنل
اختيارن ۾ ڪا گهٽتائي محسوس ٿي هجي، جنهن کي هڪ
الهڙ نوجوان حڪمران سمجهي نه سگهيو هجي يا سندس
نوجوان والده دريا خان جي طاقت کي دخل اندازي
سمجهيو هجي يا هن (دريا خان) جي پٽ نوجوان سپاهي ۽
لڙائي جي هنر کان واقف هئڻ باوجود بزرگن جي محفل
کي ترجيح ڏني هجي، ڇاڪاڻ ته هن جي ڳوٺ ۾ ان وقت
مخدوم ابهري محدث ۽ سندس ٻه فرزند مولانا
اثيرالدين ابهري ۽ مولانا محمد علم جي اشاعت ۾
مشغول هئا.
سنڌ ملڪ جي دولت مشهور هئي. ان وقت ۾
دريائن کي روڪڻ لاءِ نه بئراجون هيون نه ڊيم ٺهيا
هئا. سنڌ ڏانهن موسمي دريائن جو پاڻي سمنڊ جي لهرن
وانگر ڌوڪيندو ايندو هو. سنڌ جا رهواسي گهڻو ڪري
مٿانهين حصن تي گهر اڏي رهندا هئا. سيلاب کان پوءِ
سنڌ ۾ هر قسم جو اناج تمام گهڻي انداز ۾ لهندو هو.
سنڌ جا ماڻهو وڏين جاگيرن جا مالڪ هئا. هتان جو
پاڻي مٺو هو. درياءَ مڇي ۽ آبي پکين سان ڀريل
هوندا هئا. ماڻهو سکيا ستابا هئا. حڪمران نيڪ
نمازي هئا. رعيت خوش هئي، اهوئي هڪ وڏو سبب هو، جو
سنڌ جي ماڻهن ٻين ملڪن تي هروڀرو ڪاهه ڪانه ڪئي،
باقي ٻين ملڪن جي ماڻهن سنڌ کي هميشه لالچي نظرن
سان ڏٺو.
ڄام فيروز جيئن ته ننڍي عمر ۾ تخت نشين
ٿيو هو، تنهنڪري هن جي ماءُ به سندس حڪمراني متعلق
هر قسم جي ڄاڻ رکڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. هيءَ پنهنجي
حڪمران پٽ سان گڏجي دريا خان کي واپس ٺٽي وٺي آئي.
شاهه بيگ ارغون جي سنڌ ڏانهن ڪاهه:
شاهه بيگ ارغون فيروزخان کي حڪومتي ڏانءَ
کان ناواقف ڏسي، ٺٽي ۾ رهندڙ مير قاسم ڪيبڪ هن
ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌايو، جيڪو درپرده ارغونن جو
جاسوس هو. ڄام نندي جي وفات کان پوءِ سمن جي ڪمزور
حالت ڏسي هن شاهه بيگ کي سنڌ تي حملي ڪرڻ جي ترغيب
ڏني، جنهن اڳ ۾ ڄام نندي جي وقت ۾ سنڌ تي پهريون
حملو ڪيو هو ۽ ڏاڍي ڦرلٽ ڪئي هئائين ۽ باغن جي
نارن ۾ وهندڙ اَٺ هزار اُٺ ڦري لُٽي فرار ٿي ويو
هو، جنهن مان هن سنڌ جي دولتمنديءَ جو اندازو
لڳايو هو.
شاهه بيگ سن 924هه ۾ مير فاضل ڪوڪلتاش سان
گڏ هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڪري اچي سنڌ تي ڪڙڪيو. سنڌ ۾
پهچڻ کان پوءِ جڏهن سمن کي هن جي آمد جي خبر پئي
ته درياء خان پنهنجن ٻن پٽن مٺن خان، محمود خان
سميت، هڪ وڏي لشڪر جي سپہ سالار جي حيثيت ۾ ٽلٽي ۾
سندس مقابلي لاءِ تيار بيٺو هو.
شاهه بيگ لڪي جي جبلن کان ٿيندو ٺٽي جو رخ
ڪيو. هڪ ڪربلا کان پوءِ ٻي ڪربلا برپا ٿي وئي. 11
محرم 926هه تي هنن جو لشڪر دريا خان جي سپہ
سالاريءَ ۾ هڪ ٻئي جي سامهون ٿيا، جيتوڻيڪ ٻنهي جي
وچ ۾ سنڌو درياهه حائل هو، پر هي دولت جا پوڄاري ۽
خونخوار ڪيئن به ڪري گهوڙن کي درياء مان لنگهائي
ويڙهه لاءِ اچي نمودار ٿيا. دريا خان سلطان فيروز
خان کي ٺٽو نه ڇڏڻ جي صلاح ڏني ۽ پاڻ ارغونن جي
مدمقابل ٿيو. هڪ ڪربلا شروع ٿي ويئي. تاريخ معصومي
مطابق ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اهڙي ته سخت جنگ لڳي،
جنهن جي بيان کان قلم قاصر آهن.
پنهنجي ڌرتي کي ڌارين کان بچائڻ لاءِ سنڌ
جا سپاهي بهادريءَ سان وڙهندا رهيا، پر اهي هڪ
ظالم ۽ خونخوار قوم سان، جنهن جي جبلت ۽ فطرت ۾
صرف پراڻو مال ڦٻائڻ جو جنون هو، دير تائين مهاڏو
اٽڪائي نه سگهيا. ڌارين غاصبن سنڌ ڌرتي کي رت سان
ڳاڙهو ڪري ڇڏيو. زمين ڌڏي پئي، آسمان گجيو. دريا
خان وڙهندي وڙهندي شهادت جي عظيم مرتبي تي پهچي
تاريخ ۾ هميشه لاءِ اَمر ٿي ويو.
مغل 20 محرم تائين ٺٽي شهر کي ڦريندا،
لُٽيندا رهيا ۽ ان جي رهاڪن کي ذليل ڪندا رهيا.
فيروزالدين پنهنجا ٻار ٻچا ڇڏي ”پير پٺو“ ۾ پناهه
ورتي، ڇاڪاڻ ته هن جا ٻار ٻچا ٺٽي ۾ مقيم هئا.
انهي وقت جي هڪ عالم قاضي قاضن جو اهل و عيال به
ٻين رهاڪن وانگي قيد ڪيو ويو ۽ هو چرين وانگر
پنهنجي وڃايل خاندان کي ٺٽي جي گهٽين ۾ ڳوليندو
رهيو. هن درد ۾ ڀريل مضمون تي مشتمل هڪ خط لکي
حافظ محمد شريف امام جي جنهن سندس هن ذريعي شاهه
بيگ کي موڪليو، مال ۽ عيال جي حفاظت لاءِ پڙهو
گهمايو. ’مڪلي نامي‘ جو مؤرخ لکي ٿو: ”سنڌ سنڌين
هٿان نڪري ويئي. هو مغلن جي رعيت بڻجي، شاهه مير
(شاهه بيگ) جي دؤر کان وٺي جاني بيگ جي عهد تائين
زماني جي پيڙا ۾ مبتلا رهيا.“ درحقيقت زماني جي
چڪيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي جاني بيگ جي دؤر تائين سن
1000هه تائين، نه بلڪ ان کان پوءِ به ڏيڍ صدي
تائين پيڙبا ۽ پيسجندا رهيا.
اڳتي هلي ساڳيو مؤرخ لکي ٿو ته: ”زمانو
جيڪي ڪجهه ڪري ٿو ان لاءِ ضروري سبب ٿيندا آهن ۽
اهو سبب اهو ٿيو جو هڪ گهراڻي جا ٻه فرزند ذاتي
اقتدار لاءِ هڪٻئي سان وڙهندا رهيا ۽ فساد جو اهڙو
ٻج ڇٽجي ويو جو ڌارين کي موقعو ملي ويو ۽ زماني جي
دستور مطابق، قدرت نه فقط انهن ٻنهي (سلطان فيروز
سمو ۽ ڄام صلاح الدين) کي بلڪ سڄي سنڌ کي سزا ڏئي
ڇڏي. ڄام فيروز، شاهه بيگ کان معافي ورتي ۽ سندس
آڻ مڃي ورتي ۽ شاهه بيگ لڪي جي ٽڪرين کان هيٺيون
پاسو، يعني سنڌ ملڪ جو اڌ حصو ڄام فيروز کي وڏن
شرطن تي قبضي ۾ رهڻ ڏنو
۽ لڪي کان مٿيون سمورو ملڪ پنهنجي هٿ ۾ رکندي،
پنهنجن خاص خادمن جي هٿن ۾ ڏيڻ کان پوءِ منزلون طي
ڪندو سيوستان پهتو.
شاهه بيگ جڏهن پنهنجي سنگدل ۽ بي رحم لشڪر سان
سيوهڻ پهتو ته کيس خبر پئي ته سنڌ جي سورهيه دريا
خان جا بهادر پٽ پنهنجن دوستن: ڄام سارنگ، راڻو
رڻمل سوڍي ۽ ان جي ڀاءُ جوڌاسنگهه سوڍي سميت هڪ
وڏو لشڪر وٺي مقابلي لاءِ تيار بيٺو آهي، جنهن ۾
سهتا قبيلي سميت سنڌ ۾ رهندڙ هر ذات جا ماڻهو شامل
آهن. ان لشڪر ۾ سوڍن جو هڪ وڏو تعداد هو، جنهن جو
مک رهبر هڪ درويش ۽ عالم سمو ”مخدوم بلاول“ هو،
جيڪو انهن سان گڏ پنهنجي ڌرتيءَ جو ناموس بچائڻ
لاءِ تيار بيٺو آهي. شاهه بيگ، فاضل ڪوڪلتاش سان
گڏ حملو ڪيو. سنڌي لشڪر بهادري سان وڙهندو رهيو.
ارغون ٽلٽي جي قلعي جا دروازا ڀڃي ڀورا ڪيا ۽
جانورن وانگر اڳتي ڌوڪيندا آيا. سنڌي لشڪر جي وڏي
حصي شهادت ماڻي. مخدوم بلاول کي گرفتار ڪري، ان تي
ڏنڊ وڌو ويو، جنهن انڪار ڪيو. هنن هٿ ٺوڪين ملن
کان مخدوم خلاف ڪفر ۽ الحاد جي تهمت لڳرائي. جنهن
جي نتيجي ۾ هن محب وطن عالم فاضل شخص کي گهاڻي ۾
پيڙائي شهيد ڪيو ويو.
مخدوم بلاول جو مقبرو ضلعي دادو ۾ آهي.
ڄام فيروز ڪجهه وقت ملڪ جي هڪ حصي ۾ رهندو آيو، پر
جنهن صورت ۾ خودمختيار حڪومت ڪانه ڪيائين، تنهنڪري
هن گهراڻي جو اتي ئي خاتمو ٿي ويو. سنڌ ۾ انهيءَ
دؤر کي يعني 927هه/1523ع کي تاريخدانن ”خرابيء
سنڌ“ جو نالو ڏنو آهي. هڪ امير ۽ حڪمران گهراڻي تي
”طبقات اڪبري“ ۾ به مٿيون فقرو چست ڪيو ويو آهي.
تاريخ طاهري مطابق سما سردار هاڻي ترار بدران هر
جي چني هٿ ۾ کڻي پوکي راهي ۾ لڳي ويا. نيزا، ڀالا
وساري ڏاٽو هٿ ۾ کڻي گاهه پٺي ڪرڻ ۾ لڳي ويا،
گهوڙا ڇڏي ڍڳا پنهنجي ڪڍ لائي هارپي ۽ پورهيي کي
چنبڙي ويا.
پر تنهن هوندي به سنڌ کي نه ڇڏائون ۽ اڳتي هلي
سنڌي قوم انهن غاصبن جي پوين کي سنڌ مان ڊوڙائي ۽
لوڌي ڪڍي ڇڏيو، جنهن لاءِ تاريخ شاهد آهي.
ڄام صلاح الدين ۽ سندس پٽ جو قتل:
ڄام صلاح الدين جنهن ڄام نندي جي وفات کان پوءِ
تخت هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر دريا خان اڳيان هو پير
جهلي نه سگهيو ۽ مستقل گجرات ۾ رهائش اختيار
ڪيائين. هينئر ڄام فيروز جو هيڻو حال ڏسي ڪڇ جي
والي راءِ کنگهار جي امداد سان ڏهه هزار جاڙيجا ۽
سوڍا ساڻ ڪري ٺٽي تي ڪاهي آيو. ڄام فيروز، شاهه
بيگ کان مدد گهري، ڇاڪاڻ ته اهي ئي سنڌ تي قابض
هئا (مرتے
کیا
نہ کرتے)
جنهن پنهنجي پٽ مرزا شاهه حسن کي چوارايو، جيڪو
شال (ڪوئيٽا) مان وڏو لشڪر ساڻ ڪري ڄام صلاح الدين
سان وڙهيو، جنهن ۾ ڄام صلاح الدين ۽ سندس پٽ هيبت
کان جيڪو سلطان مظفر گجراتي جو ناٺي هو، شهيد ٿي
ويا. اهڙي طرح انهيءَ سنڌي حڪمران طبقي جو خاتمو
اچي ويو.
شاهه بيگ بکر ۾:
شاهه بيگ سيوهڻ جي قلعي جي مرمت ڪرڻ، اناج ۽ مال
جي ذخيري ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي اعتماد جوڳن اميرن
کي اتي مقرر ڪري بکر روانو ٿي ويو. (جتي سلطان
محمود خان شاهه بيگ جي طرفان نائب مقرر هو)
سکر ۽ آسپاس جا رهواسي جن ۾ ڌاريجا بهادر شامل
هئا، سلطان محمود خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اڳتي
وڌيا، پر بکر جا سادات سلطان محمود کي بچائڻ لاءِ
اڳيان ايندا هئا ۽ کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا،
ڇاڪاڻ ته سلطان محمود سندن ذاتي ملڪيتن مان حصو ۽
ڍل وٺڻ لاءِ هنن کي قاصد موڪليندو هو. ڌاريجا
هميشه انڪار ڪندا هئا ۽ پهريدارن جي بيعزتي ڪندا
هئا. بئر جا سيد قاصد ۽ پهريدارن جو خيال رکندا
هئا. سنڌ جا بهادر سيدن جي حرمت ۽ عزت سامهون
رکندي ڪجهه به ڪري نه سگهندا هئا. شاهه بيگ جڏهن
سکر جي ميدان ۾ لٿو ته کيس ڌاريجن جون شڪايتون
ڪيون ويون. قاضي قاضن جيڪو رستي کان هن جي پٺيان
پيو هلي. تنهن شاهه بيگ کي چيو ته ”هيءُ ملڪ
سيلابي آهي ۽ هن زمين ۾ ڪنڊا گهڻا ڄمندا آهن،
تنهنڪري چنچور هميشه هٿ ۾ رکڻ گهرجي.“ شاهه بيگ سنڌ جي رهواسين
جي قتل عام جو حڪم ڏنو. هڪ وحشي قوم حڪم ڏنو. هڪ
وحشي قوم انساني خون جو درياءُ وهائي ڇڏيو. ڌاريجن
۽ سمن جا گهر ڊاهيا ويا. ساداتن کي سکر مان ڪڍي
روهڙي رهڻ لاءِ چيو ويو. بکر جي قلعي جي مرمت
ڪرائي ويئي. شهر جون جايون ۽ محلات پنهنجن سپاهين
۾ تقسيم ڪيائين. ان کان پوءِ بلوچن ڏانهن توجهه
ڏنائين، جن هن جي آڻ نه مڃي هئي. هڪ ئي وقت بلوچن
جا ٻائيتاليهه ڳوٺ تباهه ڪري، انهن کي باهه ڏني
ويئي. اهڙي طرح هو ظلم ۽ وحشت جي باهه ٻاري پنهنجن
مهربانن کي قلعي ۾ رهائي پاينده محمد ترخان کي بکر
جي حڪومت تي مقرر ڪري هڪ وڏي لشڪر سان گجرات
ڌوڪيندو ويو.
شاهه بيگ جي گجرات ڏانهن ڪاهه:
928هه ۾ شاهه بيگ گجرات فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو. اڃا هو
چانڊوڪي پهتو ته سندس دوست ۽ سپہ سالار مير فاضل
ڪوڪلتاش بيمار ٿي پيو، جنهن کي هن بکر واپس
موڪليو، جنهن اتي انتقال ڪيو. شاهه بيگ کي ان
واقعي جو ڏاڍو ڏک ٿيو. هو واپس بکر پهتو، تعزيت جي
رسمن کان فارغ ٿي، وري گجرات فتح ڪرڻ جو ارادو
ڪيائين. تڏهن کيس خبر پيئي ته مغل بادشاهه
ظهيرالدين محمد بابر، بهيره ۽ خوشاب جي آسپاس منزل
انداز ٿيو آهي ۽ هندستان فتح ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.
تاريخ معصومي موجب شاهه بيگ حاضرين مجلس کي چيو ته
”بادشاهه سنڌ ۾ اسان کي پنهنجي حالت تي نه ڇڏيندو
۽ اڳي پوءِ نيٺ هي ملڪ اسان کان ۽ اسان جي اولاد
کان کسي وٺندو. تنهنڪري اسان تي لازم آهي ته ڪنهن
ٻئي ملڪ ڀڄون.“
رستي ۾ کيس دل ۾ سور پيو ۽ اتي وفات ڪيائين، سندس
لاش بکر آندو ويو، جتي کيس امانت طور دفن ڪيو ويو
۽ ٽن سالن کان پوءِ سندس وصيت موجب مڪي شريف ۾
”جنت المعليٰ“ ۾ دفن ڪيو ويو. تاريخدانن جو شاهه
بيگ جي وفات تي اختلاف آهي ۽ پر تحفة الڪرام ۾ مير
علي شير قانع ۽ تاريخ معصومي سن 928هه تي متفق
آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڻ ريسرچ ڪرڻ کان پوءِ
مٿئين سال تي پنهنجو اتفاق ظاهر ڪيو آهي.
مرزا شاهه حسن:
شاهه بيگ جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ارشد مرزا شاهه
حسن نصرپور ۾ پنهنجي تخت نشيني جو اعلان ڪري بابر
بادشاهه جي نالي جو خطبو پڙهي پنهنجي حڪومت سنڌ ۾
قائم ڪئي. ڄام فيروز ۽ سنڌ جي ڪيترن سورمن مرزا
شاهه حسن جي تابعداري کان انڪار ڪندي، ڍل ڏيڻ کان
انڪار ڪيو، تحفة الڪرام موجب، مرزا شاهه حسن هنن
جي پاڙ پٽڻ جو ارادو ڪيو ۽ ٺٽي تي ڪاهه ڪيائين
ڄام فيروز ماڻڪ وزير ۽ شيخ ابراهيم کي جنگ جي
اڳواڻي ڏئي درياءُ ٽپي مدد لاءِ ڪڇ پهتو. پٺيان
سندس لشڪر سخت مقابلو ڪيو. دنگيو، کوليون، توبچين
۽ تير اندازن سان ڀريل ٻيڙيون رستي جي منهن تي آڻي
کين روڪڻ لڳا. تاريخ طاهري (جنهن سنڌي بهادرن لاءِ
هميشه گٿا لفظ ڳالهائي تاريخ سان مذاق ڪيو آهي)،
موجب شاهه حسن ٺٽي ۾ گهڙي هنن جي قتل عام تي لهي
آيو. مغل سپاهين سندن ڳورهارين زالن جا ڪچا ٻار
پيٽان ڪڍرائي نيزن تي چاڙهي شهرن جي گهٽين ۾
گهمائيندا رهيا. سمن جون زالون ڪڇن ۾ ٻارن سميت
دريائن ۾ ٽپا ڏئي ٻڏي ميون، جيڪو به سندن سامهون
آيو، تنهنجا ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيائون، جيڪي جيئرا بچيا
تن کي چوکنڀو ٻڌي بندخانن ۾ هڻي ڇڏيائون.
ڄام فيروز جي مرزا شاهه حسن تي ڪاهه:
ڄام فيروز ڪڇ ۾ اٽڪل 50 هزارن جو هڪ وڏو لشڪر تيار
ڪيو، جن ۾ چاچڪن ۽ راهمن بهادرن جو هڪ وڏو تعداد
موجود هو، جن ۾ پيادا ۽ سوار شامل هئا. لشڪر جي
آمد جو ٻڌي ارغون لشڪر ۾ زلزلو اچي ويو. ڄام فيروز
ارغونن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ هميشه جاکوڙ ڪندو
رهيو. اها خبر جڏهن مرزا شاهه حسن ۽ سندس ڇاڙتن کي
پهتي ته اهي لشڪر کي ترتيب ڏيئي اڳتي وڌيا. سنڌي
لشڪر جڏهن ارغوني لشڪر کي ڏٺو ته هڪدم گهوڙم تان
لهي، پڳون مٿن تان لاهي، چيلهه ۾ ٻڌل چادرن جون
ڪنڊون هڪٻئي سان ٻڌي جنگ لاءِ تيار ٿي بيٺا. جنهن
جو مطلب هو: ”پاڻ ڪُسڻ جو فيصلو“ هنن ارغونن کي به
ساڳي بهادري سان وڙهڻ لاءِ للڪاريو. پر اهي ته هئا
مڪار، ها ڪري ڦري ويا. گهوڙن تي چڙهي تير ڪمان ۽
ترارون ڪڍي حملو ڪيائون. شام تائين سنڌي، بهادريءَ
سان وڙهندا رهيا ۽ هو دوکيباز گهوڙن تي چڙهي هنن
کي تيرن ۽ ترارن سان رتورت ڪندا رهيا. تقريباً
ويهه هزار سنڌي شهيد ٿيا. بچيل سپاهين ڄام فيروز
کي جنگ جي ميدان مان ڪڍي گجرات پهچايو. شاهه حسن پنهنجن سپاهين
سان گڏجي هڪ وڏي انگ ۾ مالِ غنيمت حاصل ڪيو ۽ ٺٽي
پهتو. ڇهن مهينن کان پوءِ هالا کان ٿيندو، سيوستان
۽ درٻيلي کان ٿيندو ٻٻرلوءِ پهتو. هن جي ڏاڍ ۽ ظلم
کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڪنهن به قبيلي ڪابه
دست اندازي نه ڪئي.
ٻٻرلوءِ جيڪو بکر کان ٽن ڪوهن جي پنڌ تي آهي، وٽ
وقت جي اميرن، وزيرن ۽ مکيه ماڻهن سندس استقبال
ڪيو. هن بکر جي ماڻهن تي انعامن، اڪرامن جي برسات
ڪئي ۽ مٿن نوازشون ڪيون.
مرزا شاهه حسن کي بکر ۾ اها خبر پهتي ته اوٻاوڙي ۽
ڀٽي واهڻ جا ڏهر، ماٿيلي
پرڳڻي ۾ رهندڙ مهر قوم کي تنگ ڪن ٿا. اهو بهانو
بڻائي هن مير فاضل ڪوڪلتاش جي فرزند ارشد بابا
احمد کي فوج ڏيئي روانو ڪيو، جيڪو سندن مال، متاع،
جنهن ۾ گهڻا جانور هئا، ڪاهي ماٿيلي جي قلعي ۾
آيو. ڏهرن ۽ ماڇين سيورائي جي بلوچن کان مدد وٺي
مٿن ڪاهه ڪئي. انهيءَ ڪاهه ۾ ديراور ۽ فتحپور جا
جت به شامل هئا. بابا احمد لشڪر ساڻ ڪري مقابلي
لاءِ نڪتو، سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ بابا احمد سخت
زخمي ٿيو ۽ گهوڙي تان ڪِري دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين،
سندس ڀاءُ مير عبدالفتاح سندس لاش کڻائي بکر آيو ۽
بلوچن، ڏهرن ۽ ارغونن ۾ هڪ سرد جنگ شروع ٿي ويئي.
آخر ڪجهه ماڻهن وچ ۾ پئي فيصلو ڪيو ته ڀٽي يا ڀٽا
واهڻ کان سنڌ جي حد مقرر ڪجي. مير عبدالفتاح ڪجهه
وقت ڀٽا واهڻ
۾ رهيو پر گرم جهولن جي ڪري بيمار ٿي پيو ۽ رب
ڏانهن راهي ٿيو.
انهن ٻن حادثن کان پوءِ شاهه حسن 930هه مطابق 24-
1523ع اٽڪل ٻن سالن کان پوءِ پنهنجو سڄو ڌيان
ملتان کي فتح ڪرڻ لاءِ ڏنو.
ڇاڪاڻ ته ان وقت هو سڄي سنڌ کي فتح ڪري چڪو هو.
مرزا شاهه حسن جي ملتان ڏانهن پيشقدمي:
شاهه حسن سن 930هه ۾ ملتان فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽
هڪ وڏو لشڪر تيار ڪيو. طبقات اڪبري مطابق، مرزا
شاهه حسن ملتان فتح ڪرڻ جو ارادو هن طرح ڪيو جو
بابر بادشاهه جنهن ملڪ مٿان ملڪ فتح ڪندي هندستان
جي فتح جو ارادو ڪيو، تنهن 930هه ۾ پنجاب تي قبضو
ڪري، دهليءَ ڏانهن ويندي ملتان ۽ ان جي آسپاس وارا
علائقا مرزا شاهه حسن کي عطا ڪيا ۽ اهڙو پروانو
کيس ڏياري موڪليائين.
سن 931هه ۾ ملتان کي تهس نهس ڪرڻ لاءِ نڪتو. تاريخ
۾ ان کي ”فتح“ جو نالو ڏنو ويو آهي. رستي ۾
سيورائيءَ جو قلعو هٿ ڪري ان کي برباد ڪيائين. ان
کان پوءِ ’مؤ‘ نالي قلعي ڏانهن رخ رکيائين، ۽ اتي
پاسي ۾ هڪ ڍنڍ وٽ منزل ڪيائين. تاريخ معصومي مطابق، اتي
قدوة العارفين، مرشد الطالبين، شيخ روح الله فرزند
ارجمند قطب المحققين، غوث الواصلين ”شيخ حماد
قريشي“ جيڪو هڪ وڏو بزرگ ۽ ولي الله هو، تنهن شاهه
حسين سان ملاقات ڪري، ماڻهن جي جان ۽ مال جي پناهه
گهري. ان کان سواءِ رحمو ڏهر جيڪو سلطان محمود خان
جي ٻن ڀائرن جي مري وڃڻ واري لشڪر ۾ شامل هو، تنهن
جي ڏوهه کي معاف ڪرڻ جي درخواست پڻ ڪيائين. مرزا
ڪجهه شرطن کان پوءِ سندس ڏوهه معاف ڪيو ۽ مؤ جي
قلعي ۾ محب ترخان کي محافظ دستي جو امير مقرر ڪري،
پاڻ اڳتي وڌي ويو.
لانگاهن تي ڪاهه:
لانگاهن جا شهزادا ۽ بلوچ جيڪي مقابلو ڪرڻ لاءِ
آيا، تن کي شڪست ڏيندو اچي ”اُچ“ فتح ڪيائين ۽ اُچ
جو قلعو مسمار ڪري ڇڏيائين. مرزا شاهه حسن جي غلبي
جو آواز جڏهن ملتان جي حاڪم سلطان محمود لانگاهه
جي ڪنن تي پهتو، تڏهن هن بلوچن، جتن، رندن،
دوداين، ڪوراين، چانڊين ۽ ٻين سپاهين کي تيار ڪري
اسي هزار جو لشڪر تيار ڪري، جنگ جي ميدان ڏانهن
روانو ٿيو. هيڏانهن مرزا شاهه حسن گهاري واهه تي
لهي سندس انتظار ڪرڻ لڳو. انهيءَ وچ ۾ لانگهائن جي
پاڻ ۾ ناسازي ٿي پئي. سلطان محمود لانگاهه جي ناٺي
شيخ شجاع بخاري کيس زهر ڏيئي ماري ڇڏيو. سلطان
محمود جي والده هن ڏکوئيندڙ واقعي کي لشڪر کان
ڳجهو رکڻ جي هدايت ڪئي، پر اهو راز کُلي پيو. لشڪر
۾ شامل بلوچن سلطان لانگاهه جي پٽ سلطان حسين کي
حڪومت جي تخت تي ويهاريو ۽ مخدوم زاده شيخ
بهاؤالدين کي وچ ۾ آڻي شاهه حسين سان صلح ڪيائون.
جنهن هڪ عهدنامو لکي ڏنو ته جنهن صورت ۾ گهارو
واهه، ملتان ۽ بکر ولايتن جي وچ ۾ آهي، تنهن ڪري
اڄ کان پوءِ حاڪم سڳورا هن حد کان اڳتي نه وڌندا. هن اُچ ۾ هڪ قلعي ٺهرائڻ
جو پڻ حڪم ڏنو.
دلاور قلعي جي فتح:
تاريخ تي نظر وجهبي ته اها ڳالهه ضرور محسوس ڪبي
ته حڪمرانن تي زوال اڪثر پنهنجن جي چغل خوري ۽
بدديانتي جي ڪري آيو آهي. ساڳئي طرح لانگاهن جي هڪ
خوشامدي ملازم اقبال خان، مرزا شاهه حسن کي وڃي
ٻڌايو ته دلاور جي قلعي ۾ جيڪو لانگاهن جي ملڪيت ۾
هو، سلطان جو خزانو ۽ مال دفن آهي. دولت جا اهي
پوڄاري ۽ جنوني، خونخوار درندن وانگر هر حيلو
بهانو هلائي اتي پهتا ۽ دفن ٿيل مال ۽ سون تي قابض
ٿيا.
ملتان جي فتح:
لنجر خان جيڪو سلطان جي درٻار جو هڪ امير هو، تنهن
شاهه حسن سان ملاقات ڪري کيس ٻڌايو ته مرحوم سلطان
محمود جو نوجوان پٽ، سلطان حسين جيئن ته عمر جو
ننڍو آهي ۽ حڪومت هلائڻ لاءِ اڃا قابل نه آهي ۽
سندس قريبن ۽ اميرن جي وچ ۾ فساد هلي رهيو آهي ۽
اهو (شهزادو) شيخ شجاع بخاري ۽ لانگاهه عورتن جي
هٿ ۾ رانديڪو ٿي پيو آهي. اهو ٻُڌي شاهه حسين هڪدم
ملتان تي حملو ڪيو. ماڻهو قلعي ۾ بند ٿي ويهي
رهيا. ڪيتري ئي عرصي تائين قلعي جو محاصرو جاري
رکيائين. نتيجي ۾ قلعي جي اندر ڏڪر پئجي ويو. کاڌي
پيتي جي هرهڪ شيءِ جي قيمت چوٽ تي چڙهي ويئي. آخرڪار سندس سپاهي قلعي جي
فصيل تي چڙهڻ ۽ قلعي کي ڀڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
اهڙيءَ طرح ملتان کي فتح ڪيائون.
ان تي تاريخ معصومي جي مصنف
مرزا
شاهه حسن جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي، جنهن کان راقم
الحروف کي انتهائي حد تائين، سخت نفرت آهي، مٿيون
مصنف لکي ٿو:
”ارغون بهادرن نيزن ۽ تيرن سان ملتان وارن جو
بيدردي سان قتل ۽ ڦُرلُٽ شروع ڪئي. ستن کان وٺي
ستر سالن تائين ماڻهن کي قيد ڪيو. ملتانين مٿان
قيامت جهڙو حادثو ٿي گذريو. ماڻهن وڃي بزرگن جي
خانقاهن ۾ پناهه ورتي. شهر ۾ ڏهه ٻارنهن ڏينهن
ڦُرلُٽ جاري رکڻ کان پوءِ محب خان ڪجهه لشڪر وٺي
وڃي خانقاهن ۾ لڪل ماڻهن ۽ انهن جي جاين کي باهه
ڏني ۽ مزارن تي ڏاڍو خون وهايو ويو. انهيءَ ڦُرلُٽ
۾ قيمتي جواهر ۽ بي انداز خزانو مغلن جي لشڪر کي
هٿ آيو. شاهه حسن حڪم ڪيو ته ڪُٺلن کي رستي مان
کڻي کڏن ۾ دفن ڪيو وڃي.“
مخدوم زاده شيخ بهاؤالدين، سلطان محمود لانگاهه جي
پٽ سلطان حسين ۽ سندس نياڻي کي شاهه حسن جي خدمت ۾
رحم لاءِ حاضر ڪيو. هن ٻنهي کي مسڪين ترخان جي
حوالي ڪيو، جنهن سلطان حسين جي نياڻي سان نڪاح ڪيو
۽ سلطان حسين کي پٽيلو بڻائي پنهنجي پناهه ۾ رکيو. ملتان ۾ ٻه مهينا رهڻ کان
پوءِ خواجه شمس حسين کي مرزا شاهه حسن ٻه سؤ سوار
۽ هڪ سؤ پيادل سپاهين تي مشتمل لشڪر ڏيئي کيس
ملتان جو حاڪم مقرر ڪيو. هن شهنشاهه بابر کي ملتان
ڏيڻ جي آڇ ڪئي، جنهن ملتان پنهنجي پٽ ڪامران کي
عنايت ڪيو
۽ بکر موٽي آيو ۽ ان کان پوءِ ٺٽي روانو ٿيو، جتي
انتظام ڏسي مطمئن ٿيو.
کنگهار جي شڪست:
مرزا
شاهه حسن ڪڇ جي حڪمران جي ڀاءُ آمر آمراڻي کي ڪُٺو
هو، جنهن جي بدلي وٺڻ لاءِ هن هڪ وڏو لشڪر تيار
ڪيو ۽ ڪڇ جا حڪمران جيئن ته جنگ ۽ ٻين مرحلن ۾
اصول جا پابند هئا، تنهنڪري انهيءَ پنهنجو ايلچي
ٺٽي موڪليو ۽ پيغام موڪليو ته جيئن ته
مرزا شاهه حسن ملتان ۾ جنگ ۾ مصروف آهي ۽ سندس تختگاهه خالي
آهي، تنهنڪري هن جي واپس اچڻ کان پوءِ اسين ٺٽي تي
ڪاهه ڪنداسون.
مرزا
شاهه حسن کي ڪڇ وارن جي طاقت جو علم هو پر هو به
ڏاڍو مڪار هو، تنهنڪري پنهنجي اهل و عيال جي حفاظت
لاءِ بهادر ماڻهو ڇڏي راءِ کنگهار جي لشڪر ڏانهن
روانو ٿيو. هن هڪ اهڙي مصلحت تيار ڪئي جو راءِ
کنگهار جي لشڪر جي چئني پاسن کان لشڪر بيهاري
ڇڏيائين، جنهن ۾ سلطان محمود خان بکري، امير فرخ،
شاهه تڪدري ۽ چوٿين پاسي مرزا عيسيٰ ۽ مير عليڪ جي
فوج شامل هئي. رواج موجب راءِ کنگهار جي فوج گهوڙن
تان لهي پيادل ميدان ۾ آئي، هڪٻئي سان ڍالون
ملائي، نيزا هٿن ۾ کڻي، چادرن ۽ ڪمرپٽن جا پلوَ
هڪٻئي سان ٻڌي ميدان ۾ لٿا. بهادريءَ سان وڙهندي
وڙهندي صبح ڪري ڇڏيائون.
مرزا
شاهه حسن جي فوج انهن تي چئني پاسن کان حملو ڪيو ۽
کين ترارن جو کاڄ بڻائي ڇڏيائون. صبح جو
مرزا
شاهه حسن جو لشڪر ڳوٺن ۽ واهڻن ڦُر ڪرڻ لاءِ نڪتو،
اُٺ، گهوڙا، هٿيار، چوپايو مال لُٽي ڦُري ڪيترن
ڳوٺاڻن کي قيدي بڻائي ٺٽي پهتا.
همايون بادشاهه جو سنڌ ۾ داخل ٿيڻ:
رمضان 949هه مطابق 1542ع ڊسمبر ۾ شهنشاهه
نصيرالدين همايون شير شاهه سوري جي بغاوت سبب
لاهور کان سنڌ ۾ پهتو، جتان هو لاهري (روهڙي) پهتو
۽ پنهنجي لشڪر ۽ اميرن لاءِ خيما کوڙايائين ۽ پاڻ
ٻٻرلوءِ جي چار باغ ۾ لٿو، جنهن جي خوبصورتي ۽
نزاڪت جو ڪو مثال نه هو. سلطان محمود بکري، بکر
ولايت کي ويران ڪري قلعي جي هيٺان لنگر هڻائي
بيٺو. همايون بادشاهه پنهنجن ٻن ملازمن: امير طاهر
صدر ۽ سمندر بيگ کي هڪ خط لکي
مرزا
شاهه حسين ڏانهن ٺٽي اُماڻيو، جنهن ۾ بابر بادشاهه
جي حضور ۾ جيڪو اخلاق قائم ٿي چڪو هو، تنهن کان
کيس آگاهه ڪيائين. بادشاهه آيل ماڻهن کي چيو ته
جنهن وقت حضرت بادشاهه تشريف فرما ٿيندا، تنهن وقت
هالاڪنڊي کان بٺوري تائين درياء جي هر طرف شاهي
حرمسراءِ هنن جي حوالي ڪري عهد، اقرار مضبوط ڪرڻ
کان پوءِ سندس ملازمت جي شرف کان مشرف ٿيندس، پر
اهو سڀڪجهه ڊرامو هو. همايون هن جي ٺڳيءَ کان واقف
ٿيو. بادشاهه جي ڀائرن ۾ پڻ نفاق پيل هو. هن
پنهنجي هڪ ڀاءُ مرزا هندال کي پاٽ جي طرف مقرر ڪيو
۽ پاڻ درٻيلي کان ٿيندو پاٽ پهتو. هن اتي بلقيس
بيگم عرف حميده بانو سان، جيڪا شيخ علي اڪبر جي
ڌيءَ هئي سان نڪاح ڪيو ۽ ارغونن توڙي ترخانن جي
نقصان کان پاڻ بچائيندي پهريائين بيڪانير جي امير
مالديو ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيائين پر سڄڻن جي صلاح
۽ ايندڙ خطرن کان بچڻ لاءِ 1- جمادي الاول سن
949هه تي جيسملير پهتو، جتان جي ماڻهن پڻ هن کي
وڏي تڪليف ڏني. آخر هي 10 جمادي الاول 949هه تي
عمرڪوٽ پهتو. اتان جي راڻي پنهنجن ماڻهن سان گڏجي
هن جو استقبال ڪيو ۽ قلعي جو وچون حصو سندن رهائش
لاءِ خالي ڪرايو، جتي مشهور زمانه شهنشاهه اڪبر جي
ولادت ٿي. هو وري سنڌ موٽيو پر ڪٿي به پنهنجي لاءِ
حالات سازگار نه سمجهيائين. آخر 7- ربيع الآخر
950هه مطابق 1543ع جوڻ جي ڳوٺ کان سنڌو درياء تي
پل ٻڌائي ۽ لشڪر سميت قنڌار روانو ٿيو.
مولانا رحيمداد خان شيدائي
Popular Poetry of Balacly Expedition
جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته: ايران جي صفوي خاندان
جو امير تيمور جي خاندان سان عقيدتمندي وارو رستو
هو. همايون پهرين ايران پهتو، جتي شاهه طهماسپ
صفوي جو دورِ حڪومت هو، تنهن همايون جي ڏاڍي عزت
افزائي ڪئي. هن کي هڪ وڏو لشڪر پڻ مدد لاءِ
ڏنائين، جنهن 1547ع ۾ پنهنجن ڀائرن کان ڪامران ۽
عسڪري کان قنڌار ۽ ڪابل فتح ڪيو. شير شاهه سوري
جنهن همايون کي هندستان ۾ شڪست ڏيئي ڪڍيو هو، تنهن
جي مرڻ کان پوءِ سندس خاندان ۾ ڪوبه اهڙو لائق
ماڻهو نه هو، جيڪو هندستان جي مرڪزي حڪومت جون
واڳون صحيح طرح سنڀالي. سمورو هندستان پرڳڻن ۾
ورهائجي ويو هو. سن 962هه/1555ع ۾ همايون لاهور
کان وڃي دهلي ۽ آگره تي قبضو ڪيو ۽ وري مغل
شهنشاهيت جو بنياد وڌائين.
لانگاهن جو بکر تي حملو:
لانگاهه،
مرزا
شاهه حسن کان ڏاڍي نفرت ڪندا هئا، جنهن نه صرف
انسانن جو قتل عام ڪيو هو پر ملتان ۽ ٻين آسپاس
وارن پرڳڻن جا قلعا، زمينون، گهر ميساري ڇڏيا هئا.
لانگاهه خاندان جي هڪ نوجوان جنهن کي تاريخ
معصوميءَ ”بخشو لانگاهه“ ڪري سڏيو آهي، تنهن ملتان
جي ويجهو جونپور ۾ هڪ وڏو قلعو اڏائڻ شروع ڪيو ۽
ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي ۽ آهستي آهستي هڪ وڏو لشڪر
تيار ڪيائين. انهن ۾ لانگاهه، بلوچ، ناهر ۽ ٻيا
اهي شخص موجود هئا، جن پنهنجي وطن جي بربادي ۽
فساد اکين سان ڏٺو هو. هنن ۾
مرزا
شاهه حسن کان بدلو وٺڻ ۽ کيس برباد ڪرڻ جو جذبو
هو.
هن جو لشڪر تمام وڏو هو ۽ جنگي سامان به وٽن جهجهو
هو. هن اوچتو بکر تي حملو ڪرڻ جو سوچيو ۽ لشڪر جو
ٿورو ٿورو حصو جدا جدا ڪري حملي جو ارادو ڪيو ۽
هڪٻئي پٺيان لشڪر موڪلڻ چاهيو. جڏهن انهيءَ رٿا تي
عمل ڪيو ويو ته لشڪر جو جيڪو پهرين حصو اتي پهتو،
تنهن قلعي جي ڀرسان سکر شهر واري دروازي کي باهه
ڏني ۽ اندر يلغار ڪئي.
مرزا
شاهه حسن جو لشڪر قلعي جي برجن ۽ ڀتين تي چڙهي آيو
۽ آيل لشڪر مٿان تيرن جو مينهن وسائي ڇڏيو. سلطان
محمود جي ماءُ ۽ ٻين عورتن ڪاٺين جي ٽوٽن ۽ تڏن کي
گاسليٽ ۾ پُسائي باهه ڏيئي آيل لشڪر مٿان اُڇلايا.
ماڻهو پنهنجي وچ ۾ باهه ڏسي پريشان ٿي ٻيڙين ڏانهن
ڊوڙيا. پويان مير جاني ترخان، حمزه بيگ ۽ قاضي
قادن جي پٽ قاضي عيسيٰ انهن تي وڏا حملا ڪيا،
جنهنڪري لانگاهن جو وڏو نقصان ٿيو. ٻئي ڏينهن تي
جڏهن بخشو لانگاهه بکر ويجهو پهتو ته قلعي وارن
وٺي هنن تي توبون ڇوڙيون ۽ تير اُڇلايا. اُتي کيس
معلوم ٿيو ته سندس اڳيون لشڪر وڏي نقصان کان پوءِ
ٽڙي پکڙي ويو آهي. آخر هي روهڙي کان ٿيندو واپس
هليو ويو.
اها خبر جڏهن
مرزا
شاهه حسن کي پيئي تڏهن هن مير شاهه محمود ارغون کي
بکر جي نگراني تي مقرر ڪري قاضي قادن سان گڏي
موڪليو. هي واقعو جمعي رات جمادي الثاني سن 950هه
۾ ٿيو.
چوچڪ بيگم ۽ مرزا ڪامران جي شادي:
جڏهن همايون بادشاهه دربدر ڦري رهيو هو، تڏهن هن
جي ڀاءُ
مرزا
ڪامران،
مرزا
شاهه حسن کي سندس ڌيءَ سان شادي ڪرڻ جو پيغام
موڪليو، جيڪو هن قبول ڪيو هو. جڏهن همايون ڪابل تي
چڙهائي ڪئي، جتي مرزا ڪامران اچي حڪومت سنڀالي
هئي، تنهن جو لشڪر وڃي همايون بادشاهه سان گڏيو.
مرزا ڪامران مقابلي جي طاقت نه ساري ميدان مان ڀڄي
هزاري رستي سنڌ پهتو، جتي
مرزا
شاهه حسن هن جو وڏو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پاٽ ۾ هن کي
رهايائين. جلدئي چوچڪ بيگم ۽
مرزا
ڪامران جي شادي ٿي. شاديءَ کان پوءِ هي ٽي مهينا
ترسي ڪابل روانو ٿيو. مرزا شاهه حسن هن کي هڪ هزار
سوار سپاهي ساڻ ڏنا. ڪامران پهرين غزني پهتو ۽
اتان جو قلعو فتح ڪري ڪابل ڏانهن يلغار ڪيائين،
جيڪو هينئر همايون بادشاهه جي هٿ ۾ هو. بادشاهه هن
کي گرفتار ڪرايو ۽ سندس اکيون ڪڍرائي انڌو ڪري
ڇڏيو. لاچاري جي صورت ۾ هي وري سنڌ موٽيو ۽ اچي
بکر ۾ رهيو. مرزا ڪامران، مرزا شاهه حسن کي سکر
درياء ۾ ساڌٻيلي جي ٽڪري تي هڪ گهر ۾ رهايو. ڪجهه
وقت کان پوءِ مرزا ڪامران حج تي وڃڻ ۽ اتي رهائش
اختيار ڪرڻ جو ارادو ڪيو. سندس گهر واري چوچڪ بيگم
به مرزا ڪامران سان وڃڻ جي گُهر ڪئي.
شاهه حسن ڌيءَ کي موڪل ڏيڻ کان ڏاڍو ڪيٻايو ۽ هن
کي ڏاڍي منع ڪيائين پر سندس ڌيءُ وراڻيو ته جڏهن
مرزا ڪامران اکين وارو هو ته توهان مون کي سندس
حوالي ڪيو ۽ هينئر جڏهن هو معذور ٿي چڪو آهي ته
توهان انڪاري ٿيو ٿا، ائين چئي وڃي ٻيڙيءَ ۾ ويٺي.
حرمين شريفين ۾ پهچڻ کان پوءِ ٻه ٽي سال مڪي ۾
رهيا. مرزا ڪامران حج دوران عرفات جي ميدان ۾ وفات
ڪئي ۽ مرزا ڪامران جي مرڻ کان ستن مهينن بعد ۾
چوچڪ بيگم انتقال ڪري ويئي.
مرزا شاهه حسن جا آخري ڏينهن:
مرزا
شاهه حسن پنهنجي طاقت، تدبر ۽ ساٿين جي مدد سان
فتوحات حاصل ڪندو ويو. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جون
حدون هن ريت هيون. اوڀر ۾ ملتان جي ويجهڙائي
تائين، اُتر ۾ سبيءَ تائين، ڏکڻ ۾ ڪڇ تائين ۽
اولهه ۾ سمنڊ تائين
هن آسپاس جي هر شورش کي ختم ڪري پنهنجي مضبوط
حڪومت جو پايو وڌو. هي بي اولاد هو، تنهنڪري سڄي
سنڌ مٿان هن پنهنجي خاندان يا واسطي وارن کي مختلف
عهدن تي فائز ڪيو، جيڪي سنڌ مٿان راڄ ڪندا هئا.
مرزا شاهه حسن ڇهه مهينا بکر ۾، ۽ ڇهه مهينا ٺٽي ۾ گذاريندو
هو. بکر جو گورنر سلطان محمود خان هو
۽ سڄو نظم و نسق سندس ئي هٿ ۾ هوندو هو.
سنڌ ۾
مرزا
شاهه حسن جي ماڻهن ڏاڍو زور ورتو هو. هن کين
پنهنجي اشارن تي اُٿارڻ ۽ ويهارڻ پئي چاهيو. سنڌ
جا مقامي ماڻهو به هن (شاهه حسن) جي ويجهو اچي ٿيا
هئا. اها ڳالهه سندس مائٽن کي نه پئي وڻي ۽ هو هن
جا مخالف ٿي بيٺا.
مرزا
شاهه حسن هينئر فالج جي بيماريءَ ۾ مبتلا هو،
جنهنڪري هو گهوڙي سواري ڪري نه سگهندو هو. ارغونن
۽ ترخانن ان مان فائدو وٺڻ پئي چاهيو. هينئر هنن
جي پاڻ ۾ ئي ٻري پئي هئي. نيت مطابق ٻيا هنن کان
وسري ويا هئا ۽ قدرت منجهن نفاق وجهي ڇڏيو هو.
962هه محرم الحرام جي پهرين تاريخ تي ٺٽي شهر ۾
ارغون ۽ ترخان اميرن اتفاق راءِ سان مرزا عيسيٰ
خان ترخان جي بيعت ۽ تابعداري ڪئي ۽
مرزا
شاهه حسن کان منهن موڙي باغي ٿيا. سندس گهر واري
ماهه بيگم
کي قيد ڪيائون ۽ خزاني تي به قبضو ڪيائون. مير
شاهه محمود جنهن کي مرزا شاهه حسن ٺٽي جي حڪومت جو
پروانو ڏنو هو، تنهن به مرزا عيسيٰ خان ترخان
اڳيان گوڏا کوڙيا. اها خبر ٻڌڻ کان پوءِ مرزا شاهه
حسن، سلطان محمود خان کي بکر ۾ رهندڙ ارغونن ۽
ترخانن جي گرفتار ڪرڻ ۽ عيسيٰ ترخان تي ڪاهه ڪرڻ
جو حڪم موڪليو. ٻنهي جي لشڪر ۾ مقابلو هلي رهيو هو
پر ڳجهي طريقي سان هنن ٻنهي ٺاهه ڪيو.
سنڌ ۾
مرزا
شاهه حسن ارغون جي دؤرِ حڪومت تي سيدي علي رئيس
(Sidi Ali Reis)
جيڪو هڪ ترڪ سياح هو، تنهن جو باب، سنڌ جو تاريخي
دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. جنهن وقت هو سنڌ ۾ هو ان
وقت
مرزا
شاهه حسن بيماري ۾ مبتلا هو. هن ٺٽي جو نظام
پنهنجن غلامن ۽ مقامي ماڻهن کي سونپيو هو. سندس
مائٽ ۽ ترخان قبيلي جا ماڻهو جن جي اڳواڻي مرزا
عيسيٰ خان ترخان پئي ڪئي. حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ
سرگردان هئا، سلطان محمد بکري بظاهر مرزا شاهه حسن
ارغون جو طرفدار هو، پر اندروني طور اقتدار جو
لالچي هو ۽ سيدي علي رئيس جي سنڌ ۾ موجودگيءَ
دؤران سلطان محمود ۽ مرزا عيسيٰ خان ترخان جي جنگ
۽ صلح نامو، شاهه حسن جو موت ۽ سنڌ جو ورهاڱو ٿيو.
هن اهو پڻ ڏٺو ته بيماري سبب بادشاهه گهوڙي سواري
کان لاچار هو، جنهنڪري ٻيڙيءَ ۾ سنڌو درياء رستي
اچ وڃ ڪندو هو. سنڌ جي گاديءَ واري شهر ”ٺٽي“ جو
ڪمانڊر
مرزا
عيسيٰ خان ترخان، شاهه حسن جي چند لائق ۽ مختلف
عهدن تي فائز اميرن کي قتل ڪري خزاني تي قبضو ڪيو،
جيڪو نصرت آباد جي قلعي ۾ گڏ ٿيل هو. خزاني جو وڏو
حصو جنهن ۾ گهڻي تعداد ۾ سون هو، پنهنجن ماڻهن ۾
ورهائي پاڻ کي ”همايون“ جو لقب ڏئي، جمعي جي خطبي
۾ پنهنجو نالو شامل ڪري نغارو وڄرايائين.
مرزا
شاهه حسن، سلطان محمود کي بري فوج آڻڻ جو حڪم ڏنو
۽ پاڻ چار سؤ جهازن جو ٻيڙو وٺي
مرزا
عيسيٰ خان جي سرڪوبي لاءِ نڪتو
پر اڳتي هلي سندس هر تدبير جي ڍال بيڪار ۽ بي اثر
ثابت ٿي. سندس مفلوج حياتي ۾ ئي سلطان محمود خان ۽
مرزا عيسيٰ خان ترخان سنڌ کي پاڻ ۾ اڌو اڌ ڪري
ورهائي ورتو هو. لڪي جي جبل کان هيٺيون علائقو
مرزا عيسيٰ خان ترخان کي مليو ۽ مٿيون حصو سلطان
محمود خان هٿ ڪيو.
اهو عهدنامو 2 ربيع الاول 962هه تي ڪيو ويو. شيخ
عبدالوهاب پوراني مرزا قاسم بيگلار،
مرزا
عيسيٰ خان ترخان جا محرڪ هئا ۽ سلطان محمود طرفان
مير شاهه محمود ۽ مير شاهه حسن تڪدري هئا. پير
حسام الدين پنهنجي ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺن وڻن جون“،
جي ص 395 تي هن معاهدي جو سن، صفر 962هه ٻڌايو
آهي. سلطان محمود
مرزا
عيسيٰ جا قيد ٿيل ماڻهو آزاد ڪيا. مرزا عيسيٰ خان
ترخان
مرزا
شاهه حسن ارغون جي گهر واري ماهه بيگم عرف حاجي
بيگم، جيڪا هن جي قيد ۾ هئي، تنهن کي آزاد ڪري
موڪليو. سلطان محمود خشڪي ذريعي ۽
مرزا
شاهه حسن درياءَ رستي بکر پهتا. گهر واري جي پهچڻ
کان ڏهن ڏينهن بعد سن 1556ع ۾ هن جو انتقال ٿيو.
اها ڳالهه مشهور ٿي ويئي ته سندس زال هن کي زهر
ڏيئي ماريو آهي.
اڳ ۾ ڪيل عهدنامي موجب مٿين شخصن سنڌ ملڪ کي اڌواڌ
ڪيو ۽ ٻئي ٺٽي ۽ بکر جا حڪمران بڻجي ويا. مرزا
شاهه حسن جي گهرواريءَ جو لاش ٺٽي ۾ امانت طور
دفنايو ويو، جتان پوءِ مڪي موڪليو ويو. جتي مرزا
شاهه حسن بيگ جي قبر ڀرسان هن کي دفنايو ويو. تحفة
الڪرام موجب
مرزا
شاهه حسن جي وفات کان پوءِ سنڌ ۾ ارغون حڪومت جو
خاتمو ٿيو. هن طبقي مجموعي طور سنڌ تي 36 سال
حڪومت ڪئي.
تاريخ معصومي مطابق، مرزا شاهه حسن بن شاهه بيگ بن
مير ذوالنون بهادريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. ننڍپڻ
کان وٺي بيماريءَ جي وقت تائين فتحمند رهيو. سندس
ولادت 896هه ۾ ٿي ۽ 66 سال زندهه رهيو. علم حاصل
ڪرڻ ۽ علم پکيڙڻ جو هميشه شوق رهندو هيس. جيڪو سبق
پڙهندو هو، تنهن جي تقرير فارسيءَ ۾ لکي ڇڏيندو
هو. مير محمد معصوم بکري لکي ٿو ته: هن مرزا شاهه
حسن جي هٿ اکري قاضي ڏني سيوستانيءَ جي ڪتبخاني ۾
ڏٺي هئي. مرزا شاهه حسن شاعري کي سمجهندو هو، ڪڏهن
ڪڏهن بيت به چوندو هو. سندس تخلص ”سپاهي“ هو.
معصومي هن جا دستخط به ڏٺا هئا. اڳتي هلي لکي ٿو
ته: هن 34 سال حڪومت ڪئي. شروعات ۾ قنڌار کان ڪابل
وڃي بابر بادشاهه جي ملازمت ۾ رهيو. بادشاهه هميشه
سندس تعريف ڪندو هو ۽ چوندو هو: ”شاهه حسن بيگ
نوڪري ۽ ملازمت لاءِ نه پر حڪومت جا آداب ۽ قواعد
سکڻ آيو آهي.“ هن ٻه شاديون ڪيون. هڪ ماه بيگم
سان، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي، ان مان کيس هڪ
ڌيءُ چوچڪ بيگم هئي، جنهن جو پڻ ذڪر ٿي چڪو آهي.
ماهه بيگم جي پهرين ڌيءُ ناهيد بيگم کي پڻ ڌيئر ۽
پٽ هئا. سندس ٻي زال مير خليفي جي نياڻي محب علي
جي ڀيڻ گلبرگ بيگم هئي، پر ٻن سالن جي اڻبڻت کان
پوءِ هنن ۾ جدائي واقع ٿي. گلبرگ بيگم هندستان لڏي
ويئي، جتي سندس انتقال ٿيو. سندس قبر دهلي ۾ هئي.
مرزا شاهه حسن بيگ کي هڪ پٽ ”المنصور“ جي نالي سان
هو، جنهن ٻن سالن کان پوءِ وفات ڪئي ۽ هن جي نسل
مان ڪوبه نه رهيو.
مرزا شاهه حسن جي سنڌ تي يلغار تي جيڪڏهن نظر
وجهبي ته معلوم ٿيندو ته هن مستقل طور هتان جو
حڪمران رهڻ جو ارادو ڪيو هو. ڄام نندي جي وقت ۾ هن
جي پيءُ شاهه بيگ پنهنجي ملڪ مان تڙجي سبيءَ تي
قبضو ڪيو، جيڪو ان وقت سنڌ جي حڪمرانيءَ ۾ هو. ڄام
نندي کي ان ڳالهه جو ڏاڍو ڏک رهندو هو. ڄام فيروز
جي ننڍي عمر ۾ سندس خانداني اڻبڻت جو هنن گهڻو
فائدو ورتو. هنن جي لشڪر جا سپاهي هڪ ظالم ۽
طاقتور قبيلن سان تعلق رکندا هئا، جيڪي قبضو ڪرڻ
لاءِ هر چيز کي برباد ڪري ڇڏيندا هئا. ايتريقدر جو
هو عورتن جي تقدس جو به خيال نه رکندا هئا. هئا ته
اهي به مسلمان پر جن پرڳڻن مان هي آيا هئا، اتي هو
ويڙهه دؤران هڪٻئي جي عورتن کي اغوا ڪري ويندا
هئا، جنهن جو هڪ مثال ”ماه بيگم“ به آهي. سنڌي
عورتن جي پيٽ ۾ گرز هڻي انهن جا ڪچا ٻار نيزن تي
چاڙهي، پنهنجي سورهيائي سمجهندا هئا. ڳوٺن جا ڳوٺ
باهيون ڏيئي ساڙي ڇڏيندا هئا. سنڌ جا رهواسي هر
گهاٽ، هر موڙ، هر ميدان ۾ هنن سان وڙهيا، پر هو
موتمار، طاقتور ۽ جنگ جي هر اصول جي انحرافي ڪرڻ
وارا هئا. سڄي سنڌ کي هنن لُٽي ۽ ڦُري ڇڏيو. ماڻهن
آخر خاموشي اختيار ڪئي ۽ پنهنجي ڌنڌي ۽ ڪِرت ۾ لڳي
ويا. ڪي جهنگن ۽ ٻيلن ۾ هليا ويا. ترخان ۽ مغلن
گورنرن جو دؤر ته هنن کان به وڌيڪ سنڌ لاءِ ڏکيو
ثابت ٿيو. آخر ڪلهوڙا سنڌ جي رهواسين سان گڏجي
ڪهاڙي ۽ ڏنڊو کڻي هنن جي پٺيان پيا ۽ هنن جون
پاڙون ئي پٽي ڇڏيائون ۽ سنڌ پنهنجي آزادي ماڻي.
جي حڪم تي هڪ وحشي قوم انساني خون جو درياءُ وهائي
ڇڏيو. ڌاريجن ۽ سمن جا گهر ڊاهيا ويا. ساداتن کي
سکر مان ڪڍي روهڙي رهڻ لاءِ چيو ويو. بکر جي قلعي
جي مرمت ڪرائي ويئي. شهر جون جايون ۽ محلات پنهنجن
سپاهين ۾ تقسيم ڪيائين. ان کان پوءِ بلوچن ڏانهن
توجهه ڏنائين، جن هن جي آڻ نه مڃي هئي. هڪ ئي وقت
بلوچن جا ٻائيتاليهه ڳوٺ تباهه ڪري، انهن کي باهه
ڏني ويئي. اهڙي طرح هو ظلم ۽ وحشت جي باهه ٻاري
پنهنجن مهربانن کي قلعي ۾ رهائي پاينده محمد ترخان
کي بکر جي حڪومت تي مقرر ڪري هڪ وڏي لشڪر سان
گجرات ڌوڪيندو ويو.
|