ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو
سونهري دور جو ساڃاهه وند- انيس انصاري
شاعر اديب ۽ دانشور جي مقام ۽ مرتبي جو تعين، سندس
احساسات جي گهرائي ۽ اظهار جي سونهن ۽ پرواز مان
ئي ڪري سگهبو آهي. احساس ۽ ادراڪ جي موهيندڙ ميلاپ
کي ئي دوام حاصل هوندو آهي جو هڪ دور کان ٻئي دور،
ٻئي کان ٽئين ۽ ٽئين کان چوٿين تائين ٽپندي وڃي
ڪلاسيڪيت سان هم آغوش ٿيندو آهي.
سنڌي ادب ۾ محسوسات، ان جي لاڳاپن، اظهار ۽ افاديت
ڀري تخليق ۽ تحرير جا سرچشما جڏهن بدليا، تڏهن
اظهار جا به نوان رنگ نکرڻ لڳا. اهو ترقي پسند سوچ
اختيار ڪرڻ سان ئي ٿيو ۽ اسان ان کي جديد دور سان
تعبير ڪرڻ لڳاسون. انهيءَ جديد دور ۾ جيڪي به روشن
خيال اديب ۽ شاعر پنهنجي علمي خدمتن جي ڪري
ناماچاري حاصل ڪندا رهيا، انهن ۾ لاڙڪاڻي جي
انصاري خاندان جو چشم و چراغ الله بخش انيس انصاري
به پنهنجي علمي ۽ ادبي ذوق سبب نروار ٿيو ته ”ادبي
تاريخ“ مٿس موهت ٿي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريو. هُو 26-
جولاءِ 1923ع مطابق 11 ذوالحج 1341هه تي خميس جي
ڏينهن برج سرطان ۽ ستاري قمر جي شعائن ۾ ابجد جي
ايڪائي مطابق 3 جي عدد جي اثر موجب احمد بخش جي
گهر تولد ٿيو. انهيءَ ڏينهن سندس والد صاحب ربي
امر مڃي وڃي بارگاهه الاهي ۾ حاضر ٿيو ته سندس
چاچي رسول بخش پنهنجي پيءُ جو نالو مٿس ڌريندي
پنهنجي پٽ وانگر پالنا جا فرائض سرانجام ڏنا. ذهين
ٻار فطري طور تي ننڍپڻ ۾ گهڻو ڪري ضدي ۽ حرڪتي ٿئي
ٿو. هن ٻار ۾ به اهي علامتون ڏسڻ ۾ آيون. سندس
تعليم جي شروعات لاڙڪاڻي جي هڪ ديني مدرسي کان ٿي،
جتان ڪجهه تعليم حاصل ڪري پوءِ ورنيڪيولر مين
اسڪول ۾ داخل ٿيو. جتي جمال ابڙو به سندس هم سبق
هو، ان وقت ته نه ڪنهن شاگرد ۽ نه ڪنهن استاد کي
ڪا ڪل هئي ته هي ٻئي ٻار وڏا ٿي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب
جا معمار ثابت ٿيندا. الله بخش انصاري پرائمري
تعليم مڪمل ڪري مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخل
ٿيو، جتي انگريزي تعليم حاصل ڪندي سن 1941ع ۾
بمبئي يونيورسٽيءَ جي ميٽرڪ جو امتحان شڪارپور جي
تاريخي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان پاس ڪيو. هي ذهين
۽ هوشيار شاگرد پنهنجي حالتن ۽ وسعت آهر ميٽرڪ
تائين ته پنهنجي هوشيارپ سان اچي پهتو، مگر اڳتي
هلڻ دُشوار هو، تنهنڪري هن وڌيڪ بهتر سمجهيو ته
ملازمت اختيار ڪري پوءِ ئي تعليمي لحاظ کان اڳتي
وڌجي، انڪري پاڻ 1- فيبروري 1943ع تي شهدادڪوٽ
روينيو کاتي ۾ ٽيهن روپين جي پگهار تي ڪلارڪ مقرر
ٿيو. انهيءَ سال سندس شادي محترمه عائشا انصاريءَ
سان ٿي، چوڏهن سالن جي وقفي کان پوءِ وري تعليم جي
سلسلي کي اڳتي وڌائيندي سن 1956ع ۾ انٽر جو امتحان
پاس ڪيائين ۽ سن 1965ع ۾ بي.اي جي ڊگري حاصل
ڪيائين. اهڙيءَ طرح پاڻ پنهنجي قابليت سان اڳتي
وڌي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تي پهتو ۽ شڪارپور
ضلعي ۾ پنهنجي ڊيوٽيءَ جا فرائض سرانجام ڏيندي سال
1983ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين.
الله بخش انصاريءَ کي ننڍپڻ کان ئي علم ۽ ادب سان
چاهه هو. ان زماني ۾ لاڙڪاڻي ۾ بزم مشاعره جي وجود
سبب ڪيترائي طرحي ۽ غير طرحي مشاعرا ٿيندا هئا جن
۾ شاعر حضرات شريڪ ٿي پنهنجو ڪلام پيش ڪندا هئا.
1941ع کان ماهوار رسالي ”اديب سنڌ“ جي شايع ٿيڻ
سان ته لاڙڪاڻو ادب جو هڪ مرڪز بڻجي ويو ۽ ادبي
سرگرميون گهڻيون وڌي ويون، انهيءَ ماحول جو اثر هن
نوجوان تي به ٿيو ۽ سن 1944ع ۾ ’انيس‘ تخلص اختيار
ڪري ادب جي ميدان ۾ نئين ستاري جيان نروار ٿيو.
سندس پهريون نظم ”خاموشي گفتگو آهه، بي زباني آهه
زبان منهنجي“ جي مصرع طرح تي لکيل نظم ماهوار اديب
سنڌ جي اپريل 1944ع جي شماري ۾ شايع ٿيو، جنهن مان
ڪجهه بند هن ريت آهن:
اگر ٿو مان ڪيان ظاهر دکايل دل سندا جذبا،
وَسائي آگ جا شعلا نه دل آتش فشان منهنجي،
وگر خاموش ٿو مان جي رهان، ٿي دل چوي هردم،
نه سا خاموش تون ڄاڻج جا هي آ بي زبان منهنجي،
الاهي ڇا ڪيان ڪاڏي وڃان آهيان جنوني ڇا،
خموشي گفتگو آ بي زبان آ، زبان منهنجي.
سخنوري جي انهيءَ ذوق کيس لاڙڪاڻي جي شاعرن ۾
معروف ڪيو ته ”سنڌ سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جو ميمبر
به مقرر ٿيو. 31- مارچ 1945ع جي چونڊن ۾ ان جي
جوائنٽ سيڪريٽريءَ جي عهدي تي چونڊجي آيو. پنهنجي
محنت سان ”سنڌ سڌار سوسائٽيءَ“ ۾ کيس مڃتا ملي ۽
1946ع جي چونڊن ۾ وري مانائتي نموني چونڊيو ويو.
انهيءَ زماني ۾ لاڙڪاڻي ۾ حاجي محمود خادم، نواز
علي نياز جعفري، ماستر جمعو خان غريب، عبدالفتاح
عبد عاقلي، غلام عباس قادري ۽ ٻيا ڪيترائي مشهور
شاعر رهندا هئا. شڪارپور جو عبدالوهاب ’ناظم‘ ۽
فقير غلام علي ’مسرور‘ به لاڙڪاڻي ۾ رهڻ ۽ اچڻ وڃڻ
ڪري ڄڻ اتان جا ئي ليکبا هئا. انهيءَ ڪري لاڙڪاڻو
شاعرن جو آکيرو يا آستانو سڏيو ويندو هو. انيس
انصاري صاحب سخنوريءَ ۾ ناموري حاصل ڪرڻ سان گڏ
نثري ادب ڏانهن به توجهه ڏنو.
ڪهاڻي نويسي ۽ مضمون نويسيءَ تي پڻ طبع آزمائي ڪرڻ
لڳو. نثري ذوق سبب ۽ سرڪاري ملازمت جي مصروفيتن
سندس سخنوريءَ جي شوق ۾ ڪجهه ڪمي آندي ۽ پاڪستان
قائم ٿيڻ کان پوءِ پاڻ هڪ شاعر جي بجاءِ ڪهاڻيڪار
جي حيثيت سان وڌيڪ ناماچار حاصل ڪيو. سندس قلم
ڪڏهن به ڪونه ٿڪيو ۽ نه ڪڏهن سندس حساس طبعيت سندس
درد ۾ ڪمي آندي. انهيءَ ڪري سندس تخليقي عمل جاري
رهندو آيو. ماهوار رسالي ’نئين زندگيءَ‘ سميت
ٽِماهي ’مهراڻ‘ ۾ سندس ڪهاڻيون شايع ٿينديون
رهيون. مطالعو به ايترو وسيع هئس جو نه رڳو سنڌي
زبان جي ادب جو هر رسالو، اخبار ۽ ڪتاب پڙهندو هو،
پر انگريزي، اردو ۽ هندي ادب جو به چڱو ڀلو اڀياس
ڪيل هئس. پاڻ جڏهن ملازمت سانگي ڪراچي ۾ رهندو هو،
تڏهن ايران جي ’خانه فرهنگ‘ ۾ فارسي سکڻ ويندو هو.
ڪجهه عرصي ۾ فارسي سکي فارسي زبان جي ادب جي
مطالعي مان به حظ حاصل ڪندو هو. اهڙيءَ طرح عربيءَ
جي ڄاڻ سبب عربي شاعري به سندس مطالعي جو مرڪز
رهي.
علمي لحاظ کان انيس انصاري ڪنهن هڪ ئي علم تي
اڪتفا نه ڪئي، پر علومن جا علوم پڙهيو ۽ ڪڙهيو ته
سهي، پر پنهنجي تدبرانه مزاج سبب سدائين ٿڌو رهيو.
مون کي حيرت آهي ته پاڻ علم نجوم، دست شناسي،
ستاره شناسي، چهرا شناسي ۽ دستخط شناسيءَ جو به
ماهر هو. جڏهن شڪارپور ۾ ايڊيشنل ڪمشنر جي عهدي تي
فائز هو، تڏهن مون کي به سندس صحبت ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪي
گهڙيون گڏ گذاريندي نصيب ٿينديون هيون ۽ انهن
مهارتن متعلق به ڏاهه پئجي ويندي هئي. وسيع
مطالعي، مشاهدي ۽ زندگيءَ جي اڻکٽ تجربن هوندي به
پاڻ ڪڏهن خودشناسيءَ لاءِ ڪا لب ڪشائي ڪانه
ڪيائين. گهڻو ٻڌائين، گهڻو ڏٺائين، گهڻو لکيائين
پر نه گهڻو ڳالهايائين ۽ نه اجايا بحث مباحثا ڪري،
پاڻ کي عالم يا اڪابر ظاهر ڪيائين. ان ۾ ڪو شڪ
ناهي ته جيڪو لکيل پڙهيل ماڻهو سندس صحبت ۾ هڪ
گهڙي به رهيو هوندو سو اها گواهي ڏيندي نه گسندو
ته انيس انصاري بيشڪ وڏو عالم، اڪابر ۽ ساڃاهه وند
انسان هو. سندس شخصيت ڪيترين ئي انساني خوبين سان
مالامال هئي، جن جا پَرتَوا سندس تحريرن ۾ به شدت
سان محسوس ٿين ٿا. ڪهاڻي نويسيءَ جي هر هڪ گُرَ جو
گيان حاصل هئس. پلاٽ، ڪهاڻي، ڪردارنگاري،
منظرنگاري، تجسس ۽ اسلوب سميت اظهار ۾ انفراديت
سان گڏ ٻوليءَ تي بي پناهه قدرت حاصل هئڻ سبب
موضوع مطابق لفظن جو انتخاب ۽ گهرج مطابق نحوي
استعمال ۾ ڪوبه همسر نه رکندو هو. افسوس جو ڪنهن
نقاد تڪليف ڪري سندس گهرائي ۽ بلند پروازيءَ ڏانهن
نگاهه ئي ڪونه ڌري آهي!
خاڪا نگاريءَ ۾ به سندس اسلوب ۽ انداز منفرد پيو
معلوم ٿئي، جنهن تي به خاڪو لکيائين تنهن جي
اوصافن ۽ ارڪانن توڙي مزاج ۽ لاڳاپن کي نهايت
نفاست سان بيان ڪندي، پنهنجي ادراڪ ۽ احساس جو
تاڃي پيٽو اهڙو ته خوبصورت اُڻيائين جو ان هر رنگ
روح کي پيو رڱيندو رهندو. هڪ دفعو پڙهبو ته ور ور
پڙهڻ لاءِ پيو هٿ ڪتاب ڏانهن وڌندو.
ذوالفقار راشدي سندس دل گهريو دوست هو. جڏهن
شڪارپور آيو تڏهن ساڻس پيار ۽ پاٻوهه ڀري گفتگوءَ
مان ائين ئي سمجهيم ته سندس دل جا سڀئي رستا
ذوالفقار جي دل سان وڃي ملن ٿا ۽ هڪ ئي نئين
احساساتي دنيا پئي ڏِکَ ڏئي. ذوالفقار راشدي جڏهن
هي جهان ڇڏيو تڏهن انيس جي اندر جي ڪهڙي ڪيفيت
هوندي!؟ اندازو ته انهن کي ئي هوندو جن جا واسطا
انهن جهڙا هوندا. ذوالفقار راشديءَ تي جڏهن خاڪو
لکيائين تڏهن هڪ هنڌ اهو به اظهار ڪيائين:
”راشديءَ سان منهنجي نينهن جو ناتو سال 1976ع ڌاري
لڳو. انهن ڏهاڙن ۾ گهر سان گڏ نوڪري به لاڙڪاڻي ۾
هئم. مان ته هئم نوڪري جي ڏانوڻ ۾ ڏايل، نه هٿ
چوري پئي سگهيم ۽ نه پير- پنڌ اڪثر پاڻ پيو ڪندو
هو. مان به لوڪ لڄا کان ڇٺي ڇه ماهي وڃي شاهه جي
ڳوٺ ساڻس ڪچهريون ڪندو هئم. لائِڻُ ۽ توڙ نڀائڻ ڪو
راشدي صاحب کان سکي. ذوالفقار راشدي دوست جي حيثيت
۾، يار جاني چوائڻ جو مستحق آهي. سندس دل گلاب جي
گل وانگر نرم ۽ نازڪ آهي. پنهنجا ته پنهنجا ئي آهن
پر پراوا ڏک پيو پاڻ سميٽيندو.“
انيس انصاري صاحب جي باڪمال علميت ۽ باوقار شخصيت
جا ته روشن رخ گهڻا ئي آهن، جن جي متعلق ڇا چئي ڇا
چئجي! بيشڪ هُو ڪامياب زندگيءَ جو مالڪ هو. جيڏو
صورت ۾ سهڻو هو تيڏو سيرت ۾ سيبتو. ڪهڙو ڏيل آهي
جنهن ڏک جو ڏنگ نه سٺو هجي، هن به اک پٽڻ کان وٺي
اک ٻوٽڻ تائين ڇا ڇا نه سٺو هوندو پر صبر ۽ ثابت
قدميءَ سان هر ڏک جو منتطي نتيجو سک ئي سمجهي پاڻ
کي پيو آماده ڪندو هو. زندگيءَ جي خود انتظامي ۽
ان جي پابندي جهڙي مون هن اعليٰ انسان ۾ ڏٺي، تهڙي
اڄ تائين ٻي ڪابه ڪونه ٿو سنڀران! توڙي جو پاڻ
نهايت ئي ڪم گو هو تڏهن به دل پئي چوندي هئي ته
ساڻس صحبت جا ٻه پل نصيب ٿي وڃن ته هوند پاڻ به
ڪنهن اجري رنگ سان رڱجي وڃبو. ساڻس گڏ گذارڻ جون
ڪي گهڙيون پنهنجي طفلي زندگيءَ جو خزانو سمجهندو
آهيان. سندس آفيس ۾ گهٽ پر حافظ خير محمد اوحديءَ
جي گهر ۾ گهڻو، بعض اوقات استاد محمد يوسف جي
”پاڪستان پرنٽنگ پريس“ ۾ ٿيندڙ ڪچهرين ۾ مان به
سندن علميت مان ڪي اکر جهٽي جيءَ ۾ جائيتا ڪندو
ويندو هئس. حافظ خير محمد اوحدي فارسي ادبيات جو
وڏو ماهر هو. پاڪستاني سياست ۾ مسلم ليگ جو
عهديدار رهڻ کان علاوه صحافت جي دنيا جو به چيمپئن
هو. ڇا ته سندس ذهانت هئي ۽ ڇا ته سندس گفتگو!
فارسي شاعريءَ جا ته قلب ۾ ڪوٽ هئا، عربي شاعري به
ازبر هئس. حافظ شيرازي، رومي، سعدي، نظيري، عرفي ۽
رودڪيءَ سميت زيب النساء مخفي ته مرغوب سخنور هئس
جن جي ڪلام جي ڪا اهڙي مصرع نه هئي جا سندس حافظي
مان اڏاڻي هجي، پر متنبي، قيس آمري جنهن کي عرف
عام ۾ ليليٰ جو مجنون چئجي ٿو، امراؤالقيس ۽ ٻيا
ڪي عربي شاعر به ياد هئس. هيڏانهن انيس صاحب کي به
ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام برزبان هو. انهن ٻنهي
عالمن جي سخن جي محفل ۾ ٽيون فقط مان ئي هوندو
هئس. جنهن کي نه فارسي اچي نه عربي. پوءِ به جڏهن
محفل مچندي هئي تڏهن نه وقت جو احساس ٿيندو هو ۽
نه ٻئي ڪنهن طرف خيال ئي ويندو هو. شاعرن جي ڪلام
سان گڏ انهن جي حياتيءَ جي اهم واقعن جي بياني من
کي موهي وجهندي هئي. فارسيءَ جو هڪ شعر اوحدي جي
زبان مان ٻڌل اڄ به حافظي ۾ موجود آهي.
هزار بار بشويم، دهن به مشک و گلاب،
هنوز نام تو گفتن، کمال بي ادبي است.
اهڙيءَ طرح مجنون جو هي شعر به هٿيڪو اٿم:
الهيٰ تُبت عن کل المعاصي، ولکن حُبِ ليليٰ
لااتوب.
(ياالله مان سڀني گناهن کان توبهه ٿو ڪريان پر
ليليٰ جي محبت کان توبهه نه ڪندس).
منهنجي خيال ۾ دنيا جي ٻولين مان عربي ۽ فارسي
ڪلاسيڪي شاعري بيشڪ بيمثال خزانه آهن جن سان ٻي
ڪابه ٻولي سخنوري ۾ مٽ ٿي نه ٿي سگهي. حافظ اوحدي
پاڻ به پرگو شاعر هو. هڪ دفعي ڪلام برزبان شعر
ٻڌم.
منهنجو زخم جگر هر هر اچي ڇو ٿو ڏسين،
کولي ڀلا توکي سجهن ٿا اتي ڪي تير جا ٽڪرا،
ڪرامن ڪاتبين جي ڊائري ڦاڙيم ته ڇا ٿي پيو،
ڪريان ٿوڪاتب تقدير جي تحرير جا ٽڪرا،
درِ جانان بيابان بزم زندان گوشهء زندان،
اهي دنيا ۾ آهن عشق جي جاگير جا ٽڪرا.
ان کان علاوه محمد جان قدسي جي نعت جو تتبع ڪيائين
ته ڇيهه ڪري ڇڏيائين. اها نعت منهنجي ڪنهن نوٽ بڪ
۾ محفوظ آهي.
اهوئي وقت هو جو شڪارپور جي شاهه لطيف ڪاليج ۾
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي به پرنسپال هو، سندس
آفيس ڄڻ ته خانه علم ۾ محفل ادب هوندي هئي.
شڪارپور ۽ اردگرد جا اديب ۽ شاعر وٽس ايندا ويندا
هئا ته علمي ۽ ادبي محفل پئي آراسته رهندي هئي،
وري جو ڪاليج پاران ڪو پروگرام منعقد ٿيندو هو ته
اهو ڏينهن ڄڻ اديبن ۽ شاعرن لاءِ عيد جو ڏينهن
هوندو هو. سڀني سان ملڻ جلڻ جو موقعو فراهم ٿيندو
هو، اهڙن پروگرامن ۾ انيس انصاري صاحب به صدارت
لاءِ يا مهمان خاص جي حيثيت سان شريڪ ٿيندو هو ۽
موضوع مطابق پنهنجي خطاب سان نوازيندو هو. شڪارپور
۾ انهن ئي عالمن ۽ اديبن توڙي شاعرن سان علم ۽ ادب
جا اُفق روشن رهيا ۽ انهن ئي ڏيئن مان پيا ڏيئڙا
ٻرندا رهيا ۽ راهون روشن ٿينديون رهيون:
انيس انصاري صاحب جي گهڻن ڪارنامن مان هڪ يادگار
ڪارنامو لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي قائم ڪرڻ آهي.
اسان کي کپي ته اسان انهن جي زندگين جو مطالعو ڪري
سندن نقش قدم تي هلي پنهنجو پاڻ کي سنواريون. انيس
انصاري صاحب 6- مارچ 2000ع تي ستهتر سالن ستن
مهينن ۽ ويهن ڏينهن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. رب پاڪ
کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏيئي، آمين. |