سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1/ 2016ع

باب:

صفحو:2 

محمد يوسف جويو

 

 

 

محمد ابراهيم جويو:

      نصابي ڪتابن جوڙڻ ۾ هڪ اهم ڪردار

        سنڌ جي عظيم دانشور سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي تعليمي ڪم جو ڪو ڇيهه ئي ڪونه آهي. هن جا ڪيئي ڪتاب ۽ ليک، تعليم جي موضوع تي ڇپيل آهن جيڪي هڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت رکن ٿا، پر هت سندن انهن ڪتابن جو ببليوگرافيڪل جائزو ورتو ويو آهي، جيڪي هن اسڪولي تعليم لاءِ يعني نصابي ڪتابن طور پاڻ لکيا آهن ۽ هنن نگرانيءَ ۾ ڇپيا آهن، جن ۾ جويي صاحب ليکڪ جي حيثيت کان سواءِ ايڊيٽر، مصحح ۽ نگران وغيره طور اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سائين جويو صاحب جا اهي ڪتاب گورنمينٽ آف پاڪستان، ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور طرفان، ون يونٽ جي دور ۾، ۽ ان کان پوءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، سنڌ ڇاپيا آهن.

(الف) سنڌ گورنمينٽ جي اسڪولن جا درسي ڪتاب:

1.      سماجي اڀياس (تاريخ، لازمي) نائين ۽ ڏهين جماعتن لاءِ (1961ع):

سماجي اڀياس: تاريخ ، لازمي، نائين ۽ ڏهين جماعتن لاءِ، بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن حيدرآباد ريجن لاءِ منظور ڪيل آهي. هن ڪتاب هي ليکڪن ۾ پروفيسر نورالڪريم، صدر شعبه تاريخ، ڊاڪا گورنمينٽ ڪاليج، ڊاڪا ۽ مسٽر ڪليم الدين پئيان، نائب هيڊ ماستر ڊاڪا ڪاليجيٽ اسڪول، ڊاڪا جن آهن. هي ٻئي ليکڪ بنگلاديش جا وڏا ڏاها ۽ تعليمدان ٿي گذريا آهن. هن ڪتاب جو ترجمو ڪندڙ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب آهي. ڪتاب جو ڇاپيندڙ يونيورسل بڪ ڊيپو، حيدرآباد، سنڌ آهي. سماجي اڀياس جي هِن ڪتاب ۾ تاريخ پڻ شامل ڪئي وئي آهي ۽ ڪتاب جي موضوعن ۾؛ نئين سجاڳيءَ جو دور، يونان ۽ روم جي تاريخ، کوجنا ۽ بيٺڪون، فرينچ انقلاب، آمريڪا جي آزاديءَ جي جنگ، صنعتي انقلاب، پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ، سوشلزم ۽ آڪٽوبر انقلاب وغيره جهڙا اهم موضوع شامل ڪيل آهن. ترجمي ڪندڙ نهايت سادي ۽ آسان فهم ٻولي ڪتب آندي آهي ته جيئن اسڪولي ٻار ان کي آسانيءَ سان سمجهي سگهي ۽ استاد کي به پاڙهڻ ۾ آساني ٿئي. ڪتاب ۾ فوٽو ۽ نقشا وغيره پڻ شامل آهن. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1961ع ۾ ڇپيو هو. هيءُ ڪتاب، معلومات سان مزين آهي، بهتر ٿئي ته هن ڪتاب کي ٻيهر ڇاپيو وڃي ڇو ته هيءُ ڪتاب، اسان جي نوجوانن لاءِ تاريخي معلومات ۽ شعوري ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو.

2. سنڌي پهريون ڪتاب (نظرثاني ٿيل)، 1967ع:

هيءُ سنڌي پهريون ڪتاب(نظر ثاني ٿيل) جيڪو ”ويسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، لاهور جو تيار ڪيل ۽ تعليم کاتي، اولهه پاڪستان جو، سرڪيولر نمبر: S.O.(S) 20_24/63 تاريخ 29- فيبروري 1964ع هيٺ، حيدرآباد ۽ ڪراچي ريجن جي پرائمري اسڪولن لاءِ، سول ٽيڪسٽ بڪ طور منظور ڪيل.“ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.هن ڪتاب جو جوڙيندڙ يا ليکڪ محمد ابراهيم جويو آهي، ايڊيٽرن ۾: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ آهن ۽ نظر ثاني ڪندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ آهن.هن سڄي ڪتاب جو خوشنويس يا ڪاتب مشتاق احمد آهي ۽ سبقن سان ٺهڪندڙ تصوير يا اسڪيچ پڻ ڇپيل آهن جيڪي ڏاڍا سٺا ۽ سهڻا لڳي رهيا آهن، پر انهن اسڪيچن جي ٺاهيندڙ جو نالو لکيل ناهي. ڪتاب ۾ ٻاراڻا نظم پڻ ڏنل آهن تن جا شاعر شيخ عبدالله ”عبد“، جناب ”حليم“ (ڪوٽ مير محمد وارو) ۽ بردو سنڌي آهن. سڄو ڪتاب هڪ رنگ ۾ ڇاپيل آهي ۽ هر سبق سان لاڳاپيل ان جي مطابق تصويرون يا اسڪيچ ڏنا ويا آهن، ڪِنِ سبقن جي آخر ۾ ٻار جي آزمائش لاءِ مشق ۾ آسان سوال ڏنل آهن. ڪتاب جي ڏيک وارو مٿيون جلد، جنهن ۾ چئن ٻارن جون هڪ رنگيون تصويرون ڏنل آهن، جيڪي هٿ هٿن ۾ ڏيو نچندي ڪڏندي ڪلهن ۾ ٿيلها لڙڪايو، روايتي لباس ۾ ۽ جتيءَ پاتل ٻارن کي اسڪول ويندي ڏيکاريو ويو آهي. 5x7 انچن وارو هيءُ ننڍڙو ڪتاب، تمام عمدو ۽ عاليشان جوڙيل آهي. هن ڪتاب جو ستون ايڊيشن 1967ع ۾ ڇپيو. هيءُ ڪتاب 40 صفحن تي مشتمل آهي ۽ هن جي، ان وقت جي قيمت 0.24 پئسا آهي. ڪتاب جي آخر ۾ هڪ انگريزي نوٽ لکيل آهي ته:

Printed at the Sindhi Adabi Board’s Printing Press, Tilak Incline, Hyderabad (Sindh) and Published by Mohammad Ibrahim Joyo, Hon: Secretary, Sindhi Adabi Board, Hyderabad (Sindh)

3.سنڌي ٻيو ڪتاب، 1968ع:

هيءُ سنڌي ٻيو ڪتاب آهي، جيڪو، ويسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، لاهور جو تيار ڪيل ۽ تعليم کاتي، اولهه پاڪستان جو، سرڪيولر نمبر: S.O.D.E &S.V-16-63 تاريخ 23- فيبروري 1963ع هيٺ، حيدرآباد ۽ ڪراچي ريجن جي پرائمري اسڪولن لاءِ، سول ٽيڪسٽ بڪ طور منظور ڪيل.“ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي لکندڙن ۾ رحيم بخش ميمڻ، ايم.ايم. عرساڻي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي جن آهن، هن جا ايڊيٽر ۾: محمد ابراهيم جويو ۽ محمد فاضل آهن. هن سڄي ڪتاب جو خوشنويس يا ڪاتب مشتاق احمد آهي (حالانڪ ڪاتب جو نالو لکيل ڪونه آهي پر ٻين ڪتابن جي ڪتابت کي ڏسي ڀيٽ ڪري اهو چئي سگهجي ٿو) ۽ سبقن سان ٺهڪندڙ تصويرون يا اسڪيچَ پڻ ڇپيل آهن جيڪي ڏاڍا سٺا ۽ سهڻا لڳي رهيا آهن پر انهن اسڪيچن جي ٺاهيندڙ جو نالو لکيل ناهي، سواءِ هڪ تصوير تي آرٽسٽ پنهنجو نالو شارٽ فارم ۾ ايم.اين.ڪي لکيو آهي. تصويرن کي غور سان ڏسبو ته هنن جي لائين ورڪ مان خبر پوندي ته آرٽسٽ هڪ ئي آهي. ڪتاب ۾ ننڍا ٻاراڻا نظم پڻ ڏنل آهن جن جا شاعر: رحيم بخش ميمڻ، الطاف عباسي، ”بردو“ سنڌي، رشيد احمد لاشاري، ڪشنچند”بيوس“ ۽ امداد حسيني شامل آهن. ڪتاب ۾ ڪل 50 سبق ڏنل آهن جن ۾ 12 نظم آهن. هيءُ ڪتاب، هڪ رنگ ۾ ڇپيل آهي، جنهن جي هر سبق ۽ نظم سان لاڳاپيل ان جي تصوير پڻ ڏني وئي آهي. سبقن جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ تمام سهڻي رٿيل آهي، ڪن سبقن جي آخر ۾ ٻارن جي خود آزمائش لاءِ هڪ مشق ڏنل آهي، جنهن ۾ ڏنل سبق مان ئي سوال، لفظ ۽ گرامر جون ڪجهه سمجهاڻيون ڏنل آهن. ڪتاب جي ڏيک وارو جلد، ڦاٽل آهي. 5x7 انچن وارو هيءُ ننڍڙو ڪتاب تمام عمدو جوڙيل آهي. هن ڪتاب جو سترهون ايڊيشن 1968ع ۾ ڇپيو ۽ آخري ٻاويهون ايڊيشن 1970ع ۾ ڇپيو، هيءُ ڪتاب، 132 صفحن تي مشتمل آهي ۽ هن جي، ان وقت جي قيمت 0.65 پيسا آهي.

4. سنڌي نصاب (لازمي)؛ (اردو پيپر- II بدران)؛ ٻارهين ڪلاس لاءِ، 1969ع:

هيءُ سنڌي ڪتاب جيڪو ان وقت جي ويسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، لاهور جي طرفان منظور ٿيل آهي ۽ جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد ڇاپيو آهي. اصل ۾ هيءُ ڪتاب مرتب ٿيل آهي، مرتب ڪندڙن ۾: علي نواز جتوئي، عبدالڪريم سنديلو، اياز قادري ۽ شيخ عبدالله شامل آهن. هن ڪتاب جا ٻه حصا ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ هڪ نثر جو ۽ ٻيو نظم جو حصو آهي. هن جي نثر واري حصي جي ليکڪن ۾ فتح محمد سيوهاڻي جا ٻه سبق ڏنل آهن، جن ۾ هڪ ”قومي جذبو ۽ قومي اخلاق“ ۽ ٻيو ”ٻولي ۽ ان جون ادبي خوبيون“ شامل آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻي جو هڪڙو سبق ”شاهه جو شعر ۽ شاعري“ جي عنوان سان ڏنل آهي، مرحوم لياقت علي خان جو به هڪ سبق ” پاڪستاني قوميت جو مقصد“ جنهن جو ترجمو علي نواز جتوئي ڪيو آهي، ڊاڪٽر دائودپوٽي جو لکيل سبق ”سنڌ جون اڳوڻيون روايتون ۽ علم ادب“، الهه بچايو سمون جو لکيل سبق ”ڪوهستاني ڪچهري“، علامه آءِ.آءِ قاضي صاحب جن جا لکيل ٽي سبق: ”ڪامياب زندگيءَ جو ڪارگر قاعدو“ ٻيو ”علم ادب جي ترقيءَ جا طريقا“
۽ ”دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر شاهه عبداللطيفرحه“، عثمان علي انصاري جو هڪ سبق ”مصطفيٰ جي الوداعي نصيحت“، عبدالقيوم صائب جو سبق ”سنڌي زبان ۾ ناول نويسي“، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو هڪ سبق ” عام سنڌي شاعري“ ۽ ڪريم بخش چنا جو لکيل هڪ سبق ”تمدن جي ماهيت“ هن ڪتاب ۾ شامل آهن ۽ جڏهن ته هن جي نظم واري حصي جا شاعر سنڌ جا تمام وڏا نالا شامل آهن جن ۾ شاهه عبدالڪريمرحه، شاهه عبداللطيفرحه، حضرت خواجه محمد زمانرحه، سچلرحه، حمل فقير،خليفو گل محمد
”گل“، فقير قادر بخش ”بيدل“، مير عبدالحسين خان ”سانگي“، مرزا قليچ بيگ، محمد هاشم”مخلص“،
شيخ عبدالله عبدالواسع”عبد“، حافظ محمد ”احسن“، شيخ عبدالحليم ”جوش“، ”تنوير“ عباسي ۽ حڪيم ”نياز“ همايوني شامل آهن. هن ڪتاب جي ايڊيٽرن ۾: عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ محمد ابراهيم جويو شامل آهن. جڏهن ته ڪتاب جي ٽائيٽل تي ڪابه تصوير نه آهي ۽ نه وري ڪتاب جي اندر ڪابه تصوير نه ڏنل آهي، بلڪِ هر سبق جي شروع ۾ ليکڪ جو مختصر تعارف ضرور ڏنل آهي،
5x7 انچن جي سائيز جو هي ڪتاب ڏاڍو سهڻو ڪمپوز ٿيل ۽ سهڻي سٽاءَ سان ليٿو پرنٽنگ پريس مان ڇپيل آهي. مواد جي لحاظ سان هيءُ ڪتاب غير جانبدار (سيڪيولر) ۽ ٻوليءَ جي لحاظ سان هڪ اعليٰ معيار جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ گرامر، زيرن، زبرن ۽ مواد ۾ ڏنل تاريخن يا سننِ جو خاص خيال رکيو ويو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1968ع ۾، ۽ ٻيو 1969ع ۾ ڇپيو، هيءُ ڪتاب، 212 صفحن تي مشتمل آهي ۽ هن جي قيمت 1.66 رپيا آهي.

5 سنڌي نصاب (لازمي)؛ نائين ۽ ڏهين ڪلاس لاءِ، 1970ع:

هيءُ سنڌي ڪتاب جيڪو ان وقت جي ويسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، لاهور جي طرفان منظور ٿيل آهي، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد ڇاپيو آهي. هيءُ ڪتاب پڻ مرتب ڪيو ويو آهي، مرتبن جا نالا هي آهن: غلام اصغر ونڊير، پناهه علي شاهه، محمد اسماعيل عرساڻي ۽ رشيد احمد لاشاري هن ڪتاب ۾ ڏنل مواد جا ٻه حصا آهن، جنهن ۾ هڪ نثر جو ۽ ٻيو نظم جو نثر واري حصي جي ليکڪن ۾ پرمانند ميوارام جو سبق ”اُپائڻهار جي هستي“، مرزا قليچ بيگ جا ٻه سبق جن ۾ هڪ ”حياء“ ۽ ٻيو ”همت“، فتح محمد سيوهاڻي جا به ٻه سبق آهن، جن ۾ هڪ ”حڪومت جي حد ڪماليت“ ۽ ٻيون ”ميرن جي صاحبي“، ڀيرو مل مهر چند جو سبق ”ڪاهوءَ جو دڙو“، ليکراج ڪشنچند جو سبق ”ساڻيهه جي سڪ“، عثمان علي انصاريءَ جو سبق ”ارادي جي مضبوطي“، عبدالواحد سنڌي جو سبق ”مهراڻ جي ماٿريءَ جون مشهور هستيون“، محمد اسماعيل عرساڻي جو سبق ”وسڪارو“، غلام اصغر ونڊير جو سبق
”پاڪستان جو نظريو“ ۽ شيخ محمد فاضل جو سبق ”گهر جي خوشي ۽ خوشحالي“ جيڪو هن صاحب ترجمو ڪيو آهي. شاعرن ۾ شاهه عبداللطيفرحه، سچلرحه، مير عبدالحسين خان
”سانگي“، شيخ محمد فاضل، ڪشنچند ”بيوس“، حافظ محمد ”احسن“، مخدوم محمد زمان ”طالب المولٰي“، محمد بخش ”واصف“ ۽ نواز علي خان ”نياز“ شامل آهن.هن ڪتاب جي ايڊيٽرن ۾: عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ محمد ابراهيم جويو شامل آهن. جڏهن ته ڪتاب جي ٽائيٽل تي ڪا به تصوير ڏنل نه آهي ۽ نه وري ڪتاب جي اندر ڪابه تصوير ڏنل آهي. جنهن ۾ ڪل ٻارنهن سبق ۽ نو شاعر شامل آهن، هر سبق جي آخر ۾ هڪ پاڻ آزمائش خاطر مشق ڏنل آهي، جنهن ۾ ٻار کان پڙهايل سبق مان ڪجهه سوال ۽ ڪجهه تمام آسان گرامر جي بابت به ڄاڻ ۽ عملي ڪم ڏنل آهي.
5x7 انچن جي سائيز جو هي ڪتاب ڏاڍو سهڻو ڪمپوز ٿيل ۽ سهڻي سٽاءَ سان ليٿوپرنٽنگ پريس مان ڇپيل آهي. مواد جي لحاظ سان هي ڪتاب غير جانبدار (سيڪيولر) ۽ ٻوليءَ جي لحاظ سان هڪ اعليٰ معيار جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ گرامر، زيرن، زبرن ۽ مواد ۾ ڏنل تاريخن يا انگن جو خاص خيال رکيو ويو آهي. هن ڪتاب جو ڇهون ڇاپو 1970ع ۾ ڇپيو آهي، هيءُ ڪتاب 87 صفحن تي مشتمل آهي ۽هن جي، ان وقت جي قيمت 0.77 پيسا آهي.

6. سنڌي پرائمري (نظر ثاني ٿيل) ، 1970ع:

هيءُ سنڌي پرائمري (نظر ثاني ٿيل) ڪتاب جيڪو ويسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، لاهور جي طرفان منظور ٿيل آهي ۽ جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد ڇاپيو آهي.هن ڪتاب جو لکندڙ سائين محمد ابراهيم جويو پاڻ آهي، ڪتاب جو ايڊيٽر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ آهن. ڪتاب تي نظر ثاني ڪندڙن ۾: محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ آهن. هن سڄي ڪتاب جو خوشنويس يا ڪاتب مشتاق احمد آهي (حالانڪ ڪاتب جو نالو لکيل ڪونه آهي پر ٻين ڪتابن جي ڪتابت کي ڏسي ڀيٽ ڪري اهو چئي سگهجي ٿو) ۽ سبقن سان ٺهڪندڙ تصويرون يا اسڪيچَ پڻ ڇپيل آهن، جيڪي ڏاڍا سٺا ۽ سهڻا لڳي رهيا آهن پر انهن اسڪيچن جي ٺاهيندڙ جو نالو لکيل ناهي. ڪتاب جو ٽائيٽل نيري رنگ سان آهي جنهن تي چار ٻارڙا (ٻه ڇوڪرا ۽ ٻه ڇوڪريون) روايتي لباس ۾، ڪتابن جا ٿيلها ڪلهن ۾ لڙڪايو، خوش خوش ٿي اسڪول وڃن پيا. هن جي ٻئي صفحي تي ”گذارش“ جي عنوان سان پاڙهيندڙ استاد لاءِ، پڙهائڻ جي طريقي بابت ڪجهه گذارشون لکيون ويون آهن، جيڪي پاڻ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب لکيون آهن. هيءُ ڪتاب آواز، لفظ، ۽ ننڍن مڪمل جملن سان شروع ٿئي ٿو. هر آواز، لفظ ۽ جملي ۾ هم آهنگي آهي، هم قافيو، ردم ۽ هڪ قسم جي وڻندڙ ڇڪ آهي. جيئن :

”ٻَه هَٿَ آهنِ، تَه ڪَمُ ڪَرِ.

پَٿَرَ کَڻُ ، هُتِ رَکُ.

بَسِ ڪَرِ، پَگَهرُ اُگُهه.

گَهرِ هَلُ.“(جويو: سبق يارهون. صفحو 13).

” صَفَرَ ، چُپِ ڪَرِ ، غُلُ نَه ڪَرِ.

اَکَرَ لِکُ.

لِکَڻُ سِکُ ، عِزَتَ وَٺُ.

ڄَٽُ ٿِيَڻُ ، ڏُکَ ڏِسَڻُ. “(جويو: سبق سورهون. صفحو 18)

”ڪَڻۡڪَ جَا لا بَارَا لَٿَا.

اَنَ جَا گَاڏَا آيَا.

ڍَڳَنِ سَاوَا گَاهَه کَاڌَا.

ڏَاڍَا عُمۡدَا کَاڌَا پَڪَا.

خَانَڻَ وَاڄَا وَڄَايَا.

جَانَڻَ پَٽَ جَا ڳَانَا پَاتَا.“ (جويو: سبق ايڪيهون.صفحو 24 )

هن ڪتاب جي صفحي 22 تي ا ب ٻ ڀ…. جي سڄي پٽي ڏنل آهي. هن سنڌي پرائيمر ڪتاب جي آخري سبقن ۾ شيخ عبدالله”عبد“ جو نظم (ننڍڙا، مٺڙا،سهڻا ٻار......) ڏنو آهي۽ سڀ کا آخري صفحي تي انگ ڏنا ويا آهن، تن انگن کي لفظن ۾، ۽ انهن کي وري ٽٻڪن جي تعداد ۾ پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب، واقعي به اسان جي پرائمري تعليم جو بنياد ثابت ٿي رهيو آهي. ڇو ته محمد ابراهيم جويي صاحب هن جي لکڻ ۾ پنهنجا بهترين معيار ٺاهيا آهن، جيڪي اڄ تائين هلندا ٿا اچن.

هن ڪتاب جو اوڻيهون ايڊيشن 1970ع ۾ ڇپيو. هيءُ ڪتاب 40 صفحن تي مشتمل آهي ۽ هن جي، ان وقت جي قيمت 0.40 پيسا آهي.

7.سنڌي پهريون ڪتاب (نظرثاني ٿيل)، 1971ع:

هيءُ سنڌي پهريون ڪتاب(نظر ثاني ٿيل) جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي طرفان ڪتب خانه عزيزيه، جهونا مارڪيٽ ڪراچي-2 مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جو جوڙيندڙ يا ليکڪ محمد ابراهيم جويو آهي، ايڊيٽرن ۾: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ آهن ۽ نظر ثاني ڪندڙن ۾: محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ آهن. ڪتاب ۾ ڏنل ٻاراڻا نظم آهن تن جا شاعر شيخ عبدالله ”عبد“، جناب ”حليم“ (ڪوٽ مير محمد وارو) ۽ بردو سنڌي آهن. هن سڄي ڪتاب جو خوشنويس يا ڪاتب مشتاق احمد آهي (حالانڪ ڪاتب جو نالو لکيل ڪونه آهي پر ٻين ڪتابن جي ڪتابت کي ڏسي ڀيٽ ڪري اهو چئي سگهجي ٿو) ۽ سبقن سان ٺهڪندڙ تصويرون يا اسڪيچَ پڻ ڇپيل آهن، جيڪي ڏاڍا سٺا ۽ سهڻا لڳي رهيا آهن پر انهن اسڪيچن جي ٺاهيندڙ جو به نالو لکيل ناهي. سڄو ڪتاب ٻن رنگن ۾ ڇاپيل آهي ۽ هر سبق سان لاڳاپيل ان جي مطابق تصويرون يا اسڪيچَ مونو ڪلر ۾ ڏنا ويا آهن، ڪِنِ سبقن جي آخر ۾ ٻار جي آزمائش لاءِ مشق ۾ آسان سوال ڏنل آهن. ڪتاب جي ڏيک وارو مٿيون جلد، جنهن ۾ ٻن ٻارن جون رنگين تصويرون ڏنل آهن، جن جي هٿن ۾ اسڪولي پٽيون ۽ ڪلهن ۾ ٿيلها لڙڪايل، روايتي لباس ۾ جتيءَ پاتل ٻارن کي اسڪول ويندي ڏيکاريو ويو آهي.5x7 انچن وارو هيءُ ننڍڙو ڪتاب تمام عمدو ۽ عاليشان جوڙيل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1971ع ۾ ڇپيو، ڪتاب 37 صفحن تي مشتمل آهي ۽ هن جي، ان وقت جي قيمت 0.24 پيسا آهي.

8- سنڌي ٻيو ڪتاب، 1971ع:

هيءُ سنڌي ٻيو ڪتاب ”سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جو تيار ڪيل ۽ تعليم کاتي، اولهه پاڪستان جو، سرڪيولر نمبر: S.O.D.E & S.V-16-63 تاريخ 23- فيبروري 1963ع هيٺ، صوبي سنڌ جي پرائيمري اسڪولن لاءِ، واحد درسي ڪتاب طور منظور ڪيل آهي.“ هن ڪتاب کي شيخ شوڪت علي اينڊ سنز، ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جي لکندڙن ۾: رحيم بخش ميمڻ، محمد عثمان عرساڻي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي جن آهن. هن جا ايڊيٽر: محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ محمد فاضل آهن. ڪتاب ۾ ننڍا ٻاراڻا نظم پڻ ڏنل آهن جن جا شاعر رحيم بخش ميمڻ، الطاف عباسي، ”بردو“ سنڌي، رشيد احمد لاشاري، ڪشنچند ”بيوس“ ۽ امداد حسيني شامل آهن. ڪتاب ۾ ڪل 50 سبق ڏنل آهن جن ۾ 12 نظم شامل آهن، هن سڄي ڪتاب جو خوشنويس يا ڪاتب مشتاق احمد آهي (حالانڪ ڪاتب جو نالو لکيل ڪونه آهي پر ٻين ڪتابن جي ڪتابت کي ڏسي ڀيٽ ڪري اهو چئي سگهجي ٿو) ۽ سبقن سان ٺهڪندڙ تصويرون يا اسڪيچَ پڻ ڇپيل آهن، جيڪي ڏاڍا سٺا ۽ سهڻا آهن پر انهن اسڪيچن جي ٺاهيندڙ جو به نالو لکيل ناهي. هيءُ سڄو ڪتاب ٻن رنگن ۾ ڇاپيل آهي ۽ هر سبق سان لاڳاپيل ان جي مطابق تصويرون يا اسڪيچ مونو ڪلر ۾ ڏنا ويا آهن. سبقن جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ تمام سهڻي رٿيل آهي، ڪن سبقن جي آخر ۾ ٻارن جي خود آزمائش لاءِ هڪ مشق ڏنل آهي، جنهن ۾ ڏنل سبق مان ئي سوال، لفظ ۽ گرامر جون ڪجهه سمجهاڻيون ڏنل آهن ۽ ڪجهه سوال پڻ ڪيل آهن. ڪتاب جي ڏيک وارو جلد، جنهن ۾ ٻن ٻارن جون رنگين تصويرون ڏنل آهن، جن جي هٿن ۾ ڪتاب آهن جيڪي هو پڙهي رهيا آهن، جن ۾ هڪ ڇوڪرو ۽ هڪ ڇوڪري ظاهر آهن جن کي روايتي لباس پاتل آهي. 5x7 انچن وارو هيءُ ننڍڙو ڪتاب تمام عمدو جوڙيل آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن 1971ع ۾ ڇپيو. هيءُ ڪتاب 128 صفحن تي مشتمل آهي ۽ هن جي، ان وقت جي قيمت 0.65 پيسا آهي.

9- سنڌي نصاب (لازمي)؛ نائين ۽ ڏهين ڪلاس لاءِ، 1971ع:

هي سنڌي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جو ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جي طرفان ”بورڊ آف انٽرميڊئيٽ ائنڊ سيڪنڊري ايڊوڪيشن حيدرآباد جو، سرڪيولر نمبر: S.B/AC-I/1297 تاريخ 14- نومبر 1966ع هيٺ، حيدرآباد ريجن جي هاير سيڪنڊري اسڪولن لاءِ، سول ٽيڪسٽ بڪ طور منظور ڪيل“ آهي ۽ جنهن کي ڪتاب ايجنسي، حيدرآباد مان ڇاپيو آهي. هي ڪتاب پڻ مرتب ڪيو ويو آهي، جنهن جا نالا هي آهن: غلام اصغر ونڊير، پناهه علي شاهه، محمد اسماعيل عرساڻي ۽ رشيد احمد لاشاري شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ڏنل مواد جا ٻه حصا آهن، جنهن ۾ هڪ نثر جو ۽ ٻيو نظم جو حصو آهي. هن جي نثر واري حصي جي ليکڪن ۾ پرمانند ميوارام جو سبق ”اُپائڻهار جي هستي“، مرزا قليچ بيگ جا ٻه سبق جن ۾ هڪ ”حياء“ ۽ ٻيو ”همت“، فتح محمد سيوهاڻي جا به ٻه سبق جن ۾ هڪ ”حڪومت جي حد ڪماليت“ ۽ ٻيو ”ميرن جي صاحبي“، ڀيرو مل مهرچند جو سبق ”ڪاهوءَ جو دڙو“، ليکراج ڪشنچند جو سبق ”ساڻيهه جي سڪ“، عثمان علي انصاريءَ جو سبق”ارادي جي مضبوطي“، عبدالواحد سنڌي جو سبق” مهراڻ جي ماٿريءَ جون مشهور هستيون“، محمد اسماعيل عرساڻي جو سبق ”وسڪارو“، غلام اصغر ونڊير جو سبق ”پاڪستان جو نظريو“ ۽ شيخ محمد فاضل جو سبق ”گهر جي خوشي ۽ خوشحالي“
جيڪو هن صاحب ترجمو ڪيو آهي. شاعرن ۾ شاهه عبداللطيفرحه، سچلرحه، مير عبدالحسين خان
”سانگي“، شيخ محمد فاضل، ڪشنچند ”بيوس“، حافظ محمد ”احسن“، مخدوم محمد زمان”طالب المولٰي“، محمد بخش ”واصف“ ۽ نواز علي خان ”نياز“ شامل آهن.هن ڪتاب جي ايڊيٽرن ۾: عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ محمد ابراهيم جويو شامل آهن. ڪتاب جي ٽائيٽل ۽ ڪتاب جي اندر ڪابه تصوير ڏنل نه آهي. ڪتاب ۾ ڪل ٻارنهن سبق ۽ نَوَ شاعر شامل آهن، هر سبق جي آخر ۾ هڪ پاڻ آزمائش خاطر مشق ڏنل آهي، جنهن ۾ ٻار کان پڙهايل سبق مان ڪجهه سوال ۽ ڪجهه تمام آسان گرامر جي بابت به ڄاڻ ۽ عملي ڪم ڏنل آهي.
5x7 انچن جي سائيز جو هي ڪتاب ڏاڍو سهڻو ڪمپوز ٿيل ۽ سهڻي سٽاءُ سان ڇپيل آهي. مواد جي لحاظ سان هيءُ ڪتاب، غير جانبدار (سيڪيولر) ۽ ٻوليءَ جي لحاظ سان هڪ اعليٰ معيار جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ گرامر، زيرن، زبرن ۽ مواد ۾ ڏنل تاريخن يا انگن جو خاص خيال رکيو ويو آهي. هن ڪتاب جو ڇهون ايڊيشن 1970ع ۾ ڇپيو هو، هي ان جو سڌاريل ڇاپو آهي، ڪتاب 94 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت 0.77 پيسا آهي.

 

10- سنڌي چوٿون ڪتاب،1972ع:

هيءُ سنڌي چوٿون ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جي طرفان منظور ٿيل آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، محمد عثمان ڏيپلائي، مير محمد نظاماڻي، شمشيرالحيدري ۽ محمد عثمان عرساڻي، ايڊيٽر لطف الله بدوي ۽ محمد عيسٰي ميمڻ آهن. ڪتاب جي ڇپائي سادي آهي، ڪل پنجونجاهه سبق ڏنا ويا آهن. ڪن سبقن سان تصويرون ۽ اسڪيچ پڻ شامل ڪيل آهن پر آرٽسٽ جو نالو لکيل ڪونه آهي ۽ هر سبق جي آخر ۾ مشق ڏنل آهي. ڪتاب ۾ ڏنل سبقن جي وچ وچ ۾ وري نظمن جي بيهڪ تمام سهڻي لڳي ٿي، سڄو مواد نصحت ڀريو آهي. 5x7 انچن وارو هيءُ ننڍڙو ڪتاب 172 صفحن تي مشتمل آهي، هن جِي ان وقت جي قيمت 89-00 پيسا رکيل آهي ۽ هيءُ پهريون ايڊيشن جنوري 1972ع ۾ ڇپيو آهي.

11- سنڌي ٽيون ڪتاب،1973ع:

هيءُ سنڌي ٽيون ڪتاب جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جو تيار ڪيل، تعليم کاتي جي سرڪيولر نمبر: S.O.(S) 20-24/64 تاريخ 29- فيبروري 1964ع هيٺ سنڌ پرڳڻي جي پرائمري اسڪولن لاءِ واحد درسي ڪتاب طور منظور ڪيل“ آهي ۽ پاپولر پرنٽرس حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾: جلال الدين شاهه، احمد خان ميمڻ، محمد عثمان عرساڻي، يار محمد ابن حيات پنهور، صوفي غلام مصطفيٰ تبسم، بشير حسين ضيائي، پروفيسر مرزا مقبول، شيخ اصغر علي، يونس علي خان ۽ نذير احمد آثم، ايڊيٽرن ۾: رحيم بخش ميمڻ، شيخ عبدالله ”عبد“ ۽ محمد ابراهيم جويو شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ٻاراڻا نظم جن شاعرن جا ڏنل آهن تن ۾ غلام محمد گرامي، مرزا قليچ بيگ، امداد حسيني، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، استاد بخاري ۽ ”درد“ دريشاڻي شامل آهن، هن ڪتاب ۾ ڏنل نظمن ۾ اُتساهه، همت، بهادري ۽ اڳيان وڌڻ جو درس ڏنل آهي. مثال طور: استاد بخاري جو هيءُ نظم جيڪو سبق اوڻٽيهون طور ڏنل آهي.

اچو ته ٻارو ڳايون راڳ (نظم)

اچو ته ٻارو ڳايون راڳ،

راڳ ڪري جو ديس سجاڳ،

هرڪو ديسي ٿئي هوشيار.

راڄ اسان جو،

ڀاڳ اسان جو،

ملڪ اسان جو،

ماڳ اسان جو.

پنهنجي ٻولي مٺڙي مٺڙي،

کنڊ،پتاشا، مصري،مصري،

ماکيءَ جي ڄڻ آهي لار.

ٻول اسان جا،

قول اسان جا،

ڍوليا ماڻهو،

ڍول اسان جو.

اٿڻي وهڻي پنهنجي آهي،

رهڻي ڪهڻي پنهنجي آهي،

کولي صاف چئون ٿا يار!

ديس اسان جو،

ويس اسان جو،

لونگيون اجرڪ،

کيس اسان جو.

جيڪو چاهي، تنهن کي چاهيون،

جيڪو ڊاهي، تنهن کي ڊاهيون،

 گل سان گل، خار سان خار!

ريت اسان جي،

پريت اسان جي،

 آخر آهي،

جيت اسان جي.

ان کان علاوه نثر جا سبق پڻ عاليشان آهن، اهي سڀ هڪ ڪهاڻيءَ جي طرز تي لکيل آهن، جن جي پڙهڻ سان سچ پچ ته اهي ڳالهيون ذهن تي چٽجي وڃن ٿيون ۽ وڌيڪ اڃا وڌيڪ پڙهڻ تي دل ٿي چوي.

ڪتاب جي ڇپائي هڪ رنگي آهي، هن ۾ ڪل پنج ٽيهه سبق ڏنا ويا آهن. ڪن سبقن سان تصويرون شامل آهن جيڪي سڀ سنڌ جي وڏي آرٽسٽ مرحوم سائين علي اڪبر سومري جون ٺهيل آهن، جيڪو ان وقت سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ آرٽسٽ طور ملازم هو. ان کان علاوه سبقن جي آخر ۾ مشق ڏنل آهي، ڪجهه سبقن کان پوءِ وچ وچ ۾ وري نظمن جي بيهڪ تمام سهڻي لڳي ٿي، 5x7 انچن وارو هيءُ ننڍڙو ڪتاب 104 صفحن تي مشتمل آهي جڏهن ته هن جي ان وقت جي قيمت 88-00 پيسا رکيل آهي. هن جو ستون ايڊيشن 1973ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.

9- اردو کی عملی کتاب: (دوسری جماعت کے لیئے) 1973ء:

هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1973ع ۾ ڇپيو، ڪتاب 48 صفحن تي مشتمل آهي، هن جي ڪتاب جي قيمت 0.86 پيسا آهي.

12- اردو کی عملی کتاب: (تیسری جماعت کے لیئے)  1973ع:

هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1973ع ۾ ڇپيو، هيءُ ڪتاب، 64 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت 1.07 پيسا آهي.

13- اردو کی عملی کتاب: (چوتھی جماعت کے لیئے)

 1973ع:

هن ڪتاب جوپهريون ايڊيشن 1973ع ۾ ڇپيو، ڪتاب 64 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت 1.12 پيسا آهي.

14-  اردو کی عملی کتاب: (پانچویں جماعت کے لیئے)  1973ع:

هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1973ع ۾ ڇپيو، هي ڪتاب 64 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت 1.12 پيسا آهي.

مٿيان سڀئي اردو ڪتاب مرتب ڪيل آهن جن ۾ سيد محمد نجم الحسن نقوي، محمد عامر فاروق، سيد اشتياق رضا، طاهررشيد فاروق ۽ نعيم الرحمٰن جوهر، ايڊيٽر ڊاڪٽر عبدالحق حسرت ڪاسگنجويِ ۽ انهن سڀني ڪتابن جي جوڙائڻ ۾ نگران طور ڪم ڪندڙ محمد ابراهيم جويو صاحب رهيو.

15- سنڌي پنجون ڪتاب، 1974ع:

هيءُ سنڌي پنجون ڪتاب ”سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جو تيار ڪيل ۽ تعليم کاتي جي سرڪيولر نمبر: S.O.D.E.& S.V/ 10-63 تاريخ 23- فيبروري 1964ع هيٺ سنڌ صوبي جي پرائمري اسڪولن لاءِ، واحد درسي ڪتاب طور منظور ڪيل “ آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ الهه بخش ٽالپر، يار محمد ابن حيات پنهور، سيد وقار عظيم،صوفي غلام مصطفٰي تبسم، صادق علي دلاوري ۽ مشرف انصاري شامل آهن. سنڌيڪار ع.ق شيخ ۽ ايڊيٽر: محمد ابراهيم جويو شامل آهي. ڪتاب جي ڇپائي سڀ هڪ رنگي آهي، ڪل ستيتاليهه سبق ڏنا ويا آهن، ڪن سبقن سان تصويرون شامل آهن جيڪي سڀ سنڌ جي وڏي آرٽسٽ مرحوم سائين علي اڪبر سومري جون ٺهيل آهن، جيڪو ان وقت سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ آرٽسٽ طور ملازم هو، اسڪيچن تي آرٽسٽ پنهنجي نالي بدران S.T.B لکيو آهي يعني سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، سبق (ٻاڦ جون ڪلون) ۾ ڏنل تصوير سمر آرٽسٽ جي ٺاهيل آهي. ڪتاب ۾ هڪ نئين روايت رکندي، ڪتاب جي آخر ۾ هر سبق جِي الڳ الڳ ”ڏکين لفظن جي پٽي“ يعني گلوسرِي (Glossary ) ڏني وئي آهي، ۽ هر سبق جي آخر ۾ آزمائشي مشق ڏنل آهي. سبقن جي ۽ انهن جي وچ وچ ۾ وري نظمن جي بيهڪ تمام سهڻي لڳي ٿي، 5x7 انچن وارو هيءُ ننڍڙو ڪتاب، 178 صفحن تي مشتمل آهي جڏهن ته هن جِي ان وقت جي قيمت 75-01 پيسا رکيل آهي ۽ هن جو ٽيون ايڊيشن 1974ع ۾ ڇپيو آهي.

16- سنڌي ٽيون ڪتاب، 1974ع:

هيءُ سنڌي ٽيون ڪتاب جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جي طرفان منظور ٿيل آهي ۽ پاپولر پرنٽرس، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾: ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، اياز قادري، استاد بخاري، محمد اسماعيل شيخ، غلام قادر سومرو، محمد بچل ميمڻ، ولي محمد انصاري، نور محمد ميمڻ ۽ رشيد احمد ميمڻ آهن، ايڊيٽر ۽ صلاحڪار: محمد ابراهيم جويو آهي. ڪتاب جي ڇپائي صاف سٺي آهي هر سبق جي عنوان سان ملندڙ تصويرون ڏنل آهن جيڪي سڀ جون سڀ گل محمد کتريءَ جون ٺهيل آهن سواءِ هڪ تصوير ”سبق ٻيون: رسول ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي سادگي“ جي، جيڪا سنڌ جي نامياري آرٽسٽ سيد ظفر ڪاظمي جي ٺهيل آهي. هي سڀ تصويرون مونو ڪلر ۾ ٺهيل ۽ ڇپيل آهن. هر سبق جي آخر ۾ ان جي مشق ڏنل آهي. هن ڪتاب جا سڀ سبق نصيحت ڀريا آهن، پر هڪ نظم سٺي ڄاڻ ۽ نصيحت وارو آهي جيڪو ”صبح“ جي عنوان سان آهي 7x9 انچن وارو هيءُ ننڍڙو ڪتاب 74 صفحن تي مشتمل آهي جڏهن ته هن جِي ان وقت جي قيمت 45-01 پيسا رکيل آهي. هن جو پهريون ڇاپو 1974ع ۾ پڌرو ڪيو ويو.

17.سنڌي ٻيو ڪتاب (ٽيسٽ ايڊيشن)، 1974ع:

هي سنڌي ٻيو ڪتاب جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جي طرفان ٽيسٽ ايڊيڊشن طور منظور ٿيل آهي ۽ شيخ شوڪت علي ائنڊ سنز، ڪراچيءَ مان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾: ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، الهداد ٻوهيو، اياز قادري، استاد بخاري، محمد اسماعيل شيخ، محمد بچل ميمڻ، ولي محمد انصاري، نور محمد ميمڻ، رشيد احمد ميمڻ ۽ غلام قادر سومرو آهن، ايڊيٽر ۽ مکيه صلاحڪار: محمد ابراهيم جويو شامل آهي. ڪتاب جي ڇپائي صاف سٺي آهي هر سبق جي عنوان سان ملندڙ تصويرون ڏنل آهن جيڪي آرٽسٽ علي اڪبر سومري، آرٽسٽ ”ڪمال“ ۽ آرٽسٽ ظفر ڪاظمي جون ٺاهيل آهن ۽ مونو ڪلر ۾ ڇپيل آهن. هي سڄو ڪتاب علي اڪبر سومري جي ڪتابت ٿيل آهي هر سبق جي آخر ۾ ان جي مشق ڏنل آهي. هن ڪتاب جا سڀ سبق نصيحت ڀريا آهن، ۽ هن جا نظم سٺي ڄاڻ ۽ نصيحت وارا آهن. 7x9 انچن وارو هيءُ ڪتاب 60 صفحن تي مشتمل آهي، هن جِي ان وقت جي قيمت ڇپيل نه آهي. هي ايڊيشن جو پهريون ڇاپو 1974ع ۾ شايع ٿيو.

18.سنڌي پهريون ڪتاب ، 1974ع:

هيءُ سنڌي پهريون ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جي طرفان منظور ٿيل آهي ۽ نفيس اڪيڊمي، ڪراچيءَ مان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾: ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، الهداد ٻوهيو، اياز قادري، استاد بخاري، محمد اسماعيل شيخ، محمد بچل ميمڻ، ولي محمد انصاري، نور محمد ميمڻ، رشيد احمد ميمڻ ۽ غلام قادر سومرو آهن، جڏهن ته ايڊيٽر۽ مکيه صلاحڪار: محمد ابراهيم جويو شامل آهي. ڪتاب جي ڇپائي صاف سٺي ٿيل آهي، هر سبق جي عنوان سان ملندڙ جُلندڙ تصويرون ڏنل آهن جيڪي آرٽسٽ علي اڪبر سومري جون ٺاهيل آهن ۽ مونو ڪلر ۾ ڇپيل آهن. ڪتاب جو رنگين ٽائيٽل پڻ آرٽسٽ علي اڪبر سومري جي آرٽ جو مظهر آهي، جنهن ۾ ٻه ڇوڪرا ۽ هڪ ڇوڪرِي ڪِريل ڪتابن کي کڻي رهيا آهن. هر سبق جي آخر ۾ ان جي آزمائشي مشق ڏنل آهي. هن ڪتاب جا سڀ سبق نصيحت ۽ ڄاڻ ڀريا آهن، جئين ”منهنجو ڪتاب“ يا ”سنڌ سونهاري“ ۽ هر هڪ نظم پڻ سٺي ڄاڻ ۽ نصيحت وارو آهي، جيئن ”چار رانديڪا“ وغيره. 7x9 انچن وارو هيءُ ڪتاب 25 صفحن تي مشتمل آهي، هن جِي ان وقت جي قيمت 70-00 پيسا آهي، هن جو ٻيو ڇاپو سنه 1974ع ۾ شايع ڪيو ويو.

19. سنڌي پرائمري: پهرين ڪلاس لاءِ، (ٽيسٽ ايڊيشن)، 1974ع:

هي سنڌي پرائمري جو ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جي طرفان منظور ٿيل آهي ۽ مدينه پبلشنگ ڪمپني، ڪراچيءَ مان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾: ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، الهداد ٻوهيو، اياز قادري، استاد بخاري، شيخ محمد اسماعيل، محمد بچل ميمڻ، ولي محمد انصاري، نور محمد ميمڻ، رشيد احمد ميمڻ ۽ غلام قادر سومري آهن، ايڊيٽر ۽ مکيه صلاحڪار: محمد ابراهيم جويو شامل آهي. ڪتاب جي ڇپائي صاف سٺي ٿيل آهي هر سبق جي عنوان سان ملندڙ تصويرون جيڪي آرٽسٽ علي اڪبر سومري جون ٺاهيل آهن سي مونو ڪلر ۾ ڇپيل آهن. هر سبق جي آخر ۾ ان سبق جون ڪجهه اکرن جون لکت واريون شڪليون ڏنل آهن ۽ آواز پڻ سمجهايل آهن. هن ڪتاب جا سڀ سبق پڙهڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي مشق مطابق آهن، 7x9 انچن وارو هيءُ ڪتاب 50 صفحن تي مشتمل آهي، هن جي  قيمت 70-00 پيسا آهي. هن جو هي پهريون ڇاپو 1974ع ۾ ٽيسٽ ايڊيشن طور شايع ڪيو ويو.

20. آسان سنڌي ڪتاب: غير مادري زبان: (چوٿين ڪلاس لاءِ) 1977ع:

هيءُ آسان سنڌي ڪتاب: غير مادري زبان وارن لاءِ يعني جيڪي سنڌي زبان نه ٿا ڳالهائي سگهن، تن کي سنڌي ٻولي پاڙهڻ ۽ سيکارڻ لاءِ هي ڪتاب جوڙيل آهي. هيءُ ڪتاب، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جي طرفان منظور ٿيل آهي ۽ هن کي ڇاپيو به هن اداري پاڻ آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾: غلام اصغر ونڊير، محمد ابراهيم جويو ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا آهن، زيرِنگراني: پروفيسر سيد غلام مصطفٰي شاهه ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان آهن ۽ ايڊيٽرن ۾: ڊاڪٽر سيد محمد صالح شاهه بخاري ۽ محمد بچل ميمڻ آهن. ڪتاب جي ڇپائي صاف سٺي آهي هر سبق جي عنوان سان ملندڙ تصويرون ۽ ڪتابت، آرٽسٽ علي اڪبر سومري جي ٿيل آهي. ڪتاب ۾ ڏنل اسڪيچ مونو ڪلر ۾ ڇپيل آهن. هر سبق جي آخر ۾ ڪجهه اکرن جون لکت واريون شڪليون ڏنل آهن ۽ آواز پڻ سمجهايل آهن. هن ڪتاب جا سڀ سبق پڙهڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي مشق مطابق آهن، هي واهه جو ڪتاب آهي! اصل ٻولي سکڻ لاءِ بنيادي ڪتاب آهي. 7x9 انچن وارو هيءُ ڪتاب 60 صفحن تي مشتمل آهي، هن جي قيمت 00-2 رپيا آهي، هن جو هي پهريون ڇاپو 1977ع ۾ شايع ڪيو ويو.

21. اردو کی پہلی کتاب  (ٽيسٽ ايڊيشن)، 1974ع:

هيءُ اردو ٻوليءَ جو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جي طرفان منظور ٿيل آهي ۽ اردو اڪيڊمي، ڪراچي مان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾: ڊاڪٽرفرمان، چوڌري محمد علي، مرزا عابد عباس، عبدالواحد سنڌي، عامر فاروقي، جميل اختر، نعيم الرحمٰن جوهر، نادر حسين، اشتياق رضا، مسرت حسين رضوي، طاهر رشيد فاروقي ۽ سيد اسرار حسين نقوي، ايڊيٽر: ڊاڪٽر فرمان فتحپوري ۽ نگران اعليٰ: محمد ابراهيم جويو شامل آهن. ڪتاب جي لکت يعني ڪتابت سهڻي ۽ ڇپائي صاف، سٺي آهي، هر سبق جي عنوان سان ملندڙ تصويرون ۽ ڪتابت آرٽسٽ علي اڪبر سومري جي ٿيل آهي. ڪتاب ۾ ڏنل اسڪيچ مونو ڪلر ۾ ڏنل آهن جيڪي مونو ڪلر ۾ ڇپيل آهن. هر سبق جي آخر ۾ هڪ آزمائشي مشق ڏنل آهي. هن ڪتاب جا سڀ سبق پڙهڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي مشق مطابق آهن، هيءُ ڪتاب، 7x9 انچن وارو 41 صفحن تي مشتمل آهي هن جِي ان وقت جي قيمت ....پيسا آهي، هن جو پهريون ڇاپو 1974ع ۾ ٽيسٽ ايڊيشن طور شايع ڪيو ويو.

22 . اردو کی دوسری کتاب (ٽيسٽ ايڊيشن)، 1974ع:

هي اردو ٻوليءَ جو ٻيو (دوسري) ڪتاب آهي ، جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جي طرفان منظور ٿيل آهي ۽ مڪتبه جامعه مليه، ڪراچي مان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾: ڊاڪٽرفرمان، چوڌري محمد علي، مرزا عابد عباس، عبدالواحد سنڌي، عامر فاروقي، جميل اختر، نعيم الرحمٰن جوهر، نادر حسين، اشتياق رضا، مسرت حسين رضوي، طاهر رشيد فاروقي ۽ سيد اسرار حسين نقوي، ايڊيٽر: ڊاڪٽر فرمان فتحپوري ۽ نگرانِ اعليٰ: محمد ابراهيم جويو شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي صاف سٺي آهي، هر سبق جي عنوان سان ملندڙ تصويرون ۽ ڪتابت آرٽسٽ ”اخلاق“ جي آهي ۽ هڪ تصوير آرٽسٽ علي اڪبر سومري جي ٺهيل آهي، ڪتاب ۾ ڏنل اسڪيچ مونو ڪلر ۾، ۽ ڪجهه بليڪ اينڊ وائيٽ آهن. هر سبق جي آخر ۾ هڪ آزمائشي مشق ڏنل آهي. هيءُ ڪتاب 7x9 انچن وارو 68 صفحن تي مشتمل آهي. هن جِي ان وقت جي قيمت .... پيسا آهي. هن جو پهريون ڇاپو 1974ع ۾ ٽيسٽ ايڊيشن طور شايع ڪيو ويو.

23. اردو کی تیسری کتاب (ٽيسٽ ايڊيشن)، 1974ع:

هيءُ اردو ٻوليءَ جو ٻيو (تيسري) ڪتاب آهي، جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جي طرفان منظور ٿيل آهي ۽ رائل بڪ ڊيپو، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾: ڊاڪٽرفرمان، چوڌري محمد علي، مرزا عابد عباس، عبدالواحد سنڌي، عامر فاروقي، جميل اختر، نعيم الرحمٰن جوهر، نادر حسين، اشتياق رضا، مسرت حسين رضوي، طاهر رشيد فاروقي ۽ سيد اسرار حسين نقوي، ايڊيٽر: ڊاڪٽر فرمان فتحپوري ۽ نگران اعليٰ: محمد ابراهيم جويو شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي صاف سٺي آهي هر سبق جي عنوان سان ملندڙ تصويرون ۽ ڪتابت آرٽسٽ ”اسرار“ جي آهي ۽ هڪ تصوير آرٽسٽ علي اڪبر سومري جي ٺهيل آهي، ڪتاب ۾ ڏنل اسڪيچ مونو ڪلر ۾ ۽ ڪجهه بليڪ اينڊ وائيٽ آهن تصويرون ڏنل آهن جيڪي ٻن رنگن ۾ ڇپيل آهن. هر سبق جي آخر ۾ هڪ آزمائشي مشق ڏنل آهي. 7x9 انچن وارو هيءُ ڪتاب 92 صفحن تي مشتمل آهي، هن جِي قيمت ؟ پيسا آهي، ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1974ع ۾ ٽيسٽ ايڊيشن طور شايع ڪيو ويو.

24. سماجي اڀياس، ضلعو نواب شاهه. ٽئين ڪلاس لاءِ ( ٽيسٽ ايڊيشن ). 1974ع:

 سماجي اڀياس، ضلعو نواب شاهه . ٽئين ڪلاس لاءِ آهي، جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جي طرفان منظور ٿيل آهي ۽ پبلشر ڪوڊ نمبر: ايس-ٽي-بي-23 تحت، هي ڪتاب ايجنسي، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ لعل بخش کوکر، سکيو خان چنا، محمد حسين ”ڪاشف“ چنڙائي، حافظ عبدالستار ميمڻ، حبيب الله ڀٽو، حبيب الله بلوچ، عبد الاحد سعدي، قاضي مختيار، ايم-اين حامد، حامد الله، پير بخش چنا، گرديواچند، غلام حيدر، نور محمد کوسو، عبدالرحمٰن شيخ، فدا حسين کوکر، عبدالحليم نظاماڻي ۽ بصرالدين، ايڊيٽر: عبدالمجيد عباسي ۽ صلاحڪار: محمد ابراهيم جويو شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي صاف سٺي آهي هر سبق جي عنوان سان ملندڙ تصويرون، رنگين نقشا۽ چارٽ وغيره ڏنل آهن. پر ڪنهن به آرٽسٽ يا آٽوگرافر جو نالو ڪٿي به ڪونه لکيل آهي. سٺي ڄاڻ تي مشتمل هن ڪتاب جي هر سبق/باب جي آخر ۾ هڪ آزمائشي مشق ڏنل آهي . هي ڪتاب 7x9 انچن وارو ڪتاب 87 صفحن تي مشتمل آهي هن جِي قيمت 3.75 پيسا آهي، ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1974ع ۾ ٽيسٽ ايڊيشن طور شايع ڪيو ويو.

25. معاشرتي علوم (سماجي اڀياس)، ضلعوڪراچي. ٽئين ڪلاس لاءِ ( ٽيسٽ ايڊيشن ). 1974ع:

 سماجي اڀياس، ضلعو ڪراچي، ٽئين ڪلاس لاءِ، هيءُ ڪتاب اردو ٻولي ڳالهائيندڙن جي لاءِ آهي، جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جي طرفان منظور ٿيل آهي ۽ اردو اڪيڊمي سنڌ، ڪراچيءَ مان ڇاپيو ويو. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾: لعل بخش کوکر، سُکيو خان چنا، محمد حسين ”ڪاشف“ چنڙائي، حافظ عبدالستار ميمڻ، حبيب الله ڀٽو، حبيب الله بلوچ، عبد الاحد سعدي، قاضي مختيار، ايم-اين حامد، حامد الله، پير بخش چنا، گرديوا چند، غلام حيدر، نور محمد کوسو، عبدالرحمٰن شيخ، فدا حسين کوکر، نصيرالدين، عبدالحليم نظاماڻي ۽ سيد عبدالرحمٰن شاهه، صلاحڪار: عبدالمجيد عباسي، ايڊيٽر ۽ نگران: محمد ابراهيم جويو شامل آهن ڪتاب جي ڇپائي صاف ۽ سٺي آهي، هر سبق جي عنوان سان ملندڙ تصويرون ۽ نقشا ڏنل آهن. پر ڪنهن به آرٽسٽ يا ڪارٽوگرافر جو نالو ڪٿي به ڪونه لکيل آهي. سٺي ڄاڻ تي مشتمل هن ڪتاب جي هر سبق/باب جي آخر ۾ هڪ آزمائشي مشق ڏنل آهي. هي تاريخي ۽ جاگرفيءَ جي حوالي سان مڪمل ڄاڻ وارو ڪتاب آهي. هن جو آخري نائون باب جيڪو ڪراچيءَ جي تاريخ تي لکيل آهي سچ ته هڪڙو اهم دستاويز آهي. هر سبق/باب جي آخر ۾ هڪ آزمائشي مشق ڏنل آهي. 7x9 انچن وارو هيءُ ڪتاب 120 صفحن تي مشتمل آهي، هن جِي قيمت ؟ پيسا آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1974ع ۾ ٽيسٽ ايڊيشن طور شايع ڪيو ويو.

26.ابتدائي سائنس (پهرئين درجي لاءِ) 1981ع:

ابتدائي سائنس: پهرئين درجي لاءِ ڪتاب آهي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جي طرفان منظور ٿيل آهي ۽ علم و عمل بڪ ڊيپو، ڪراچيءَ طرفان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ ڊاڪٽر عبدالحئي سومرو، اي-قاسم شيخ، رانجهو خان زرداري، غلام رسول چنه، عبدالغفار ميمڻ، فضل ربي، فخر الدين بلوچ، ضامن عباس زيدي ۽ ايڊيٽرن ۾ ڊاڪٽر عبدالحئي سومرو ۽ اي.قاسم شيخ. انهن کان علاوه مکيه صلاحڪار: محمد ابراهيم جويو شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي صاف ۽ سٺي آهي، هر سبق جي عنوان سان ملندڙ تصويرون ڏنل آهن، جيڪي رنگين ۽ بليڪ اينڊ وائيٽ آهن. هيءُ ڪتاب تصويرن جي ذريعي ٻارن جا تصور واضح طور سمجهائڻ جي سرگرمين جي طريقي تي جوڙيل آهي. 7x9 انچن وارو هيءُ ڪتاب 20 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جِي قيمت: 1.10 پيسا اٿس، ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1981ع ۾ ٽيسٽ ايڊيشن طور شايع ڪيو ويو.

27 .ابتدائي سائنس (پهرئين درجي لاءِ) 1974 ع :

ابتدائي سائنس: پهرئين درجي لاءِ هي ڪتاب رنگين ڪور سان آهي، جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جي طرفان منظور ٿيل آهي، آئڊيل پئڪيجز، ڪراچي طرفان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ ڊاڪٽر عبدالحئي سومرو، اي-قاسم شيخ، رانجهو خان زرداري، غلام رسول چنه، عبدالغفار ميمڻ، فضل ربي، فخر الدين بلوچ، ضامن عباس زيدي ۽ ايڊيٽرن ۾: ڊاڪٽر عبدالحئي سومرو ۽ اي-قاسم شيخ انهن کان علاوه مکيه صلاحڪار: محمدابراهيم جويو شامل آهي. ڪتاب جي ڇپائي صاف ۽ سٺي آهي. هر سبق جي عنوان سان ملندڙ تصويرون ڏنل آهن، جيڪي رنگين ۽ بليڪ اينڊ وائيٽ آهن. هيءُ ڪتاب تصويرن جي ذريعي ٻارن جا تصور واضح طور سمجهائڻ جي سرگرمين تي جوڙيل آهي. 7x9 انچن وارو هيءُ ڪتاب 20 صفحن تي مشتمل آهي، ڪتاب جِي قيمت: 00،70 پيسا آهي، ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1974ع ۾ ٽيسٽ ايڊيشن طور شايع ڪيو ويو.

28 .ابتدائي سائنس (ٻئي ڪلاس لاءِ) 1974 ع:

ابتدائي سائنس: ٻئي ڪلاس لاءِ، هي ڪتاب رنگين ڪور سان آهي، جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جي طرفان منظور ٿيل آهي. رائل بڪ ڊيپو، حيدرآباد طرفان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ ڊاڪٽر عبدالحئي سومرو، اي-قاسم شيخ، رانجهو خان زرداري، غلام رسول چنه، عبدالغفار ميمڻ، فضل ربي، فخرالدين بلوچ، ضامن عباس زيدي ۽ ايڊيٽرن ۾: ڊاڪٽر عبدالحئي سومرو ۽ اي- قاسم شيخ انهن کان علاوه مکيه صلاحڪار: محمد ابراهيم جويو شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي صاف سٺي آهي هر سبق جي عنوان سان ملندڙ تصويرون ڏنل آهن، جيڪي آرٽسٽ علي اڪبر سومري جون ٺاهيل آهن. هيءُ ڪتاب، تصويرن جي ذريعي ٻارن جا تصور واضح طور سمجهائڻ جي سرگرمين تي جوڙيل آهي.7x9 انچن وارو هيءُ ڪتاب 79 صفحن تي مشتمل آهي، ڪتاب جي قيمت: 2.25 پيسا آهي، هن جو هي پهريون ڇاپو 1974ع ۾ ٽيسٽ ايڊيشن طور شايع ڪيو ويو آهي.

29. ابتدائي سائنس (ٽئين ڪلاس لاءِ) 1974 ع:

ابتدائي سائنس: ٽئين ڪلاس لاءِ هي ڪتاب پڻ رنگين ڪور سان آهي، جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جي طرفان منظور ٿيل آهي. رائل بڪ ڊيپو، حيدرآباد طرفان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ ڊاڪٽر عبدالحئي سومرو، اي-قاسم شيخ، رانجهو خان زرداري، غلام رسول چنا، عبدالغفار ميمڻ، فضل ربي، فخر الدين بلوچ، ضامن عباس زيدي ۽ ايڊيٽر : اي- قاسم شيخ، انهن کان علاوه مکيه صلاحڪار: محمد ابراهيم جويو شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي صاف سٺي آهي، هر سبق جي عنوان سان ملندڙ تصويرون ڏنل آهن، جيڪي آرٽسٽ علي اڪبر سومري جون ٺاهيل ٿيون ڏسجن. هيءُ ڪتاب، تصويرن جي ذريعي ٻارن جا تصور واضح طور سمجهائڻ جي سرگرمين، جي پڙهائڻ جي طريقي تي جوڙيل آهي. 7x9 انچن وارو هيءُ ڪتاب 64 صفحن تي مشتمل آهي، ڪتاب جِي قيمت: 1.90 پيسا آهي، هن جو هي پهريون ڇاپو 1974ع ۾ ٽيسٽ ايڊيشن طور شايع ڪيو ويو.

30. ابتدائي سائنس ، اردو (پہلی جماعت کیلئے) 1974 ع:

ابتدائي سائنس: پهلي جماعت لاءِ هي ڪتاب اردو ٻوليءَ جي پڙهڻ وارن لاءِ آهي، جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جي طرفان منظور ٿيل آهي. اردو اڪيڊمي سنڌ، ڪراچي طرفان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ ڊاڪٽر عبدالحئي سومرو، اي-قاسم شيخ، رانجهو خان زرداري، غلام رسول چنا، عبدالغفار ميمڻ، فضل ربي، فخر الدين بلوچ، ضامن عباس زيدي ۽ ايڊيٽر : اي- قاسم شيخ انهن کان علاوه مکيه صلاحڪار: محمد ابراهيم جويو شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي صاف سٺي آهي، هر سبق جي عنوان سان ملندڙ تصويرون ڏنل آهن، جيڪي رنگين ۽ بليڪ اينڊ وائيٽ آهن. هيءُ ڪتاب، تصويرن جي ذريعي ٻارن جا تصور واضح طور سمجهائڻ جي سرگرمين تي جوڙيل آهي.7x9 انچن وارو هيءُ ڪتاب 20 صفحن تي مشتمل آهي هن جِي قيمت: ؟ پيسا آهي، هن جو پهريون ڇاپو 1974ع ۾ ٽيسٽ ايڊيشن طور شايع ڪيو ويو.

31. ابتدائي حساب، نئين نصاب مطابق(ٽئين ڪلاس لاءِ) 1975ع:

ابتدائي حساب: ٽئين ڪلاس لاءِ هيءُ ڪتاب هڪ رنگ ۾ ڇاپيل آهي، جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جي طرفان منظور ٿيل آهي. زينت پرنٽرس، حيدرآباد، سنڌ طرفان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ ڊاڪٽر اين.ايڇ زيدي، ڊاڪٽر فضل محمد، غلام سرور شاهه، محمد اقبال ملڪ، بدرالدين لاڙڪ، عبدالحنان سيد، خير محمد سومرو، محب الله، نور احمد ميمڻ ۽ حافظ عبدالستار ميمڻ انهن کان علاوه ايڊيٽر ۽ مکيه صلاحڪار: محمد ابراهيم جويو شامل آهي.

ڪتاب جي ڇپائي صاف ۽ سٺي آهي، هر سبق جي عنوان سان ملندڙ تصويرون ۽ تصور ڏنل آهن، اِهي تصويرون ۽ اسڪيچ بليڪ اينڊ وائيٽ ۽ مونو ڪلر ۾ آهن. هي ڪتاب جاميٽري ۽ حسابي تصويرن جي ذريعي ٻارن جا تصور واضح طور سمجهائڻ جي سرگرمين تي جوڙيل آهي.7x9 انچن وارو هيءُ ڪتاب 135 صفحن تي مشتمل آهي، هن جِي قيمت: 8.05 پيسا آهي، ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1975ع ۾ ٽيسٽ ايڊيشن طور شايع ڪيو ويو.

32. عملي حساب، (پهرئين ڪلاس لاءِ) 1974ع

33.عملي حساب-اردو (پہلی جماعت کیلئے) 1974ع

(نوٽ: هنن ٻنهي ڪتابن مان هڪ اردوءَ ۾، ۽ ٻيو سنڌيءَ ۾ آهي.)

عملي حساب: پهرئين ڪلاس لاءِ هي ڪتاب آهي، جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد جي طرفان منظور ٿيل آهي. يونيورسل بڪ ڊيپو، حيدرآباد، سنڌ طرفان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ ڊاڪٽر اين.ايڇ زيدي، ڊاڪٽر فضل محمد، غلام سرور شاهه، محمد اقبال ملڪ، بدرالدين لاڙڪ، عبدالحنان سيد، خير محمد سومرو، محب الله، نور احمد ميمڻ ۽ حافظ عبالستار ميمڻ، ايڊيٽر ۽ ڪنوينر: ڊاڪٽر اين-ايڇ.زيدي ان کان علاوه مکيه صلاحڪار: محمد ابراهيم جويو شامل آهي. ڪتاب جي ڇپائي صاف ۽ سٺي آهي، هر سبق جي عنوان سان ملندڙ تصويرون ۽ عڪس ڏنل آهن،اِهي تصويرون ۽ اسڪيچ بليڪ اينڊ وائيٽ ۽ مونو ڪلر ۾ آهن. هي ڪتاب، جاميٽري ۽ حسابي تصويرن جي ذريعي ٻارن جا تصور واضح طور سمجهائڻ جي سرگرمين تي جوڙيل آهي. ڪتاب 7x9 انچن وارو ڪتاب 78 صفحن تي مشتمل آهي هن جِي قيمت 1.60 پيسا آهي، هن جو پهريون ڇاپو 1974ع ۾ ٽيسٽ ايڊيشن طور شايع ڪيو ويو.

2- تعليم بالغان لاءِ لکيل ڪتاب

34.اچو ته وڌيڪ پڙهون (بالغن جي پڙهڻ جو ٻيو ڪتاب) 1973ع

اچو ته وڌيڪ پڙهون: بالغن جي پڙهڻ جو ٻيو ڪتاب. هي ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد طرفان ڇاپيو ويو. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن.ڪتاب جي ڇپائي صاف ۽ سٺي آهي. هر سبق جي عنوان سان ملندڙ تصويرون ۽ خاڪا ڏنل آهن، جن تي آرٽسٽ جو نالو لکيل نه آهي. جملن ۽ لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي ۽ زيرن زبرن مطلب ته اعرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق چئن رنگن جو آهي، جنهن تي ڪجهه مرد روايتي لباس ۾، ڪتاب پڙهي رهيا آهن. ڪتاب ۾ سڀ سبق بيان واري انداز ۽ ڪهاڻيءَ جي انداز ۾ لکيل آهن، جنهن جي پڙهڻ سان دلچسپي وڌي ٿي، گڏوگڏ ڪجهه نظم پڻ شامل آهن جن ۾ خليفو گل محمد گل هالائي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي شامل آهن. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ تمام سهڻي رٿيل آهي، هر سبق جي آخر ۾ پڙهندڙ جي لاءِ، خود آزمائش جيِ هڪ مشق ڏنل آهي، جنهن ۾ سبق مان ئي سوال، لفظ ۽ گرامر جون ڪجهه سمجهاڻيون ڏنل آهن. سچ ته هي ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت ئي مناسب ۽ مڪمل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1973ع ۾ ڇپيو، ڪتاب 53 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت ؟ پيسا آهي.

35. اچو ته لکون (بالغن لاءِ ) لکڻ جو پهريون ڪتاب:

اچو ته لکون: بالغن جو هيءُ پهريون ڪتاب. شعبه خواتين، حڪومت پاڪستان، اسلام آباد جي طرفان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو آهي. هن سڄي ڪم جي نگراني اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄام شوري ڪئي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾: محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن.ڪتاب جي ڇپائي صاف ۽ سٺي آهي. ڪتاب لکڻ جي مشقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽ لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هرلکيل سِٽ کان پوءِ ٻه لائنون خالي ڇڏيل آهن ته جيئن ان تي لکڻ جي مشق ڪري، هن ڪتاب ۾ زيرن زَبرن مطلب ته اعرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق ٻن رنگن جو آهي جنهن تي ڪجهه عورتون پنهنجي روايتي لباس ۾، ڪجهه لکي رهيون آهن. ڪتاب ۾ رسيد، خط ۽ درخواست لکڻ جي به مشق ڏنل آهي، ان کان علاوه انگن لکڻ جو هڪ پيج ۽ هڪ پيج تي ”الف بي جا آواز“ جي پٽي ڏنل آهي. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ تمام سهڻي رٿيل آهي. سچ ته هيءُ ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت ئي مناسب ۽ لکڻ جي مشق جو مڪمل عملي ڪتاب آهي. ڪتاب 49 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت ؟ پيسا آهي.

36. ڪتاب (1) : بالغن لاءِ

ڪتاب (1): هي بالغن جي پڙهائڻ لاءِ پهريون، پرائمري ڪتاب آهي. ڪتاب شعبه خواتين، حڪومت پاڪستان، اسلام آباد جي طرفان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو. هن سڄي ڪم جي نگراني اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄام شوري ڪئي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾: محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي ٻن رنگن ۾، صاف ۽ سٺي ڪيل آهي. هن سڄي ڪتاب جو خوشنويس يا ڪاتب مشتاق احمد آهي (حالانڪ ڪاتب جو نالو لکيل ڪونه آهي پر ٻين ڪتابن جي ڪتابت کي ڏسي ڀيٽ ڪري اهو چئي سگهجي ٿو) ۽ سبقن سان ٺهڪندڙ تصويرون يا اسڪيچ پڻ ڇپيل آهن، جيڪي ڏاڍا سٺا ۽ سهڻا لڳي رهيا آهن پر انهن اسڪيچن جي ٺاهيندڙ جو به نالو لکيل ناهي. ڪتاب سبقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽ لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هر لکيل لفظن ۽ ان جي مشابهت سان ان جي تصوير ڏنل آهي ۽ انهن کان پوءِ لفظن کي ٽوڙي اکرن ۽ آوازن کي ڌار ڌار ڪيو ويو آهي ته جيئن پڙهڻ ، لکڻ ۽ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. زيرن زبرن مطلب ته اعرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق چئن رنگن جو آهي جنهن تي ڪجهه عورتون پنهنجي روايتي لباس ۾، ڪجهه پڙهي رهيون آهن، هڪ عورت سلائي ڪري رهي آهي. ان کان علاوه ڪتاب ۾ الف بي جي پٽي، هڪ پيج تي ”الف بي جا آواز“ جي پٽي، هڪ پيج تي ”اکرن جون گڏيل صورتون“ ۽ آخري پيج تي سؤ تائين انگن جو چارٽ ڏنل آهي. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ تمام سهڻي رٿيل آهي. سچ ته هيءُ ڪتاب، اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت ئي مناسب ۽ پڙهڻ جو مڪمل عملي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو هي پهريون ايڊيشن آهي، ڪتاب 41 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت ؟ پيسا آهي.

37. ڪتاب (2): بالغن لاءِ

ڪتاب (2): هيءُ بالغن جي پڙهائڻ لاءِ پهريون، پڪي پهرين جو ڪتاب آهي. هي ڪتاب شعبه خواتين، حڪومت پاڪستان، اسلام آباد جي طرفان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو آهي. جڏنهن ته هن سڄي ڪم جي نگراني اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄام شوري ڪئي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن.ڪتاب جي ڇپائي ٻن رنگن ۾، صاف سٺي آهي. ڪتاب پڙهڻ جي سبقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽ لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هرلکيل لفظن ۽ ان جي مشابهت سان ان جي تصوير ڏنل آهي، خاڪا آرٽسٽ علي اڪبر سومري جا ٺاهيل آهن، ڪتاب ۾ لفظن کي ٽوڙي اکرن ۽ آوازن کي ڌار ڌار ڪيو ويو آهي ته جيئن پڙهڻ، لکڻ ۽ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. زيرن زبرن مطلب ته اعرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق چئن رنگن جو آهي جنهن تي ڪجهه عورتون پنهنجي روايتي لباس ۾، ڪجهه پڙهي رهيون آهن، هڪ عورت سلائي ڪري رهي آهي.ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ تمام سهڻي رٿيل آهي. سچ ته هي ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت ئي مناسب ۽ پڙهڻ جو مڪمل عملي ڪتاب آهي. ڪتاب جو هي ٻيو ايڊيشن 1987ع ۾ ڇپيو، ڪتاب 54 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت ؟ پيسا آهي.

38. ڪتاب (2)

ڪتاب (2): هي بالغن جي پڙهائڻ لاءِ پهريون، پڪي پهرين جو ڪتاب آهي. هيءُ ڪتاب ” قومي ڪميشن براءِ خواندگي و تعليم عامه“ حڪومت پاڪستان، اسلام آباد جي طرفان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ حيدرآباد، مان ڇاپيو ويو، نيشنل بڪ فائونڊيشن ڪراچي هن جو ڇپائيندڙ هو. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن.ڪتاب جي ڇپائي ٻن رنگن ۾، صاف ۽ سٺي آهي. هي ڪتاب پڙهڻ جي سبقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽ لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هرلکيل لفظ ۽ ان جي مشابهت سان ان جي تصوير ڏنل آهن، جيڪي آرٽسٽ علي اڪبر سومري جا ٺاهيل آهي ۽ خاڪا کان پوءِ سبقن جي آخر ۾ خود آزمائش جي لاءِ مشقون ڏنل آهن ته جيئن پڙهڻ ، لکڻ ۽ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. زيرن زبرن مطلب ته اعرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق ٻن رنگن جو آهي جنهن تي ڪابه تصويرڏنل ڪانهي ، ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ تمام سهڻي رٿيل آهي. سچ ته هي ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت ئي مناسب ۽ پڙهڻ جو مڪمل عملي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو هيءُ پهريون ايڊيشن 1985ع ۾ ڇپيو آهي، ڪتاب 54 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت ؟ پيسا آهي.

39.عملي حساب- بالغن لاءِ:

عملي حساب: بالغن لاءِ، پهرئين ڪلاس جي معيار جو هي ڪتاب بالغن لاءِ آهي، جيڪو اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄام شوري طرفان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾: محمد اقبال ملڪ ۽ محمد صغير شيخ صلاحڪار ڪاميٽيءَ جي ميمبرن ۾: ڊاڪٽر بيگم شمس عباسي، محمد ابراهيم جويو، علي محمد مهر، محمد اقبال ملڪ، محمد صغير شيخ، مسز ليلاهر چنداڻي، محمد بچل ميمڻ ۽ مس ڪوثر خان شامل آهن، مکيه صلاحڪارن ۾: محمد ابراهيم جويو ۽ عبدالغفار صديقي شامل آهي. ڪتاب جي ڇپائي صاف ۽ سٺي آهي، هر سبق جي عنوان سان ملندڙ تصويرون ۽ خاڪا ڏنل آهن. ڪتاب جو ٽائيٽل آرٽسٽ سجاد جو ٺاهيل آهي. هي ڪتاب تصويرن جي ذريعي پڙهندڙن لاءِ، جوڙ، ڪٽ، گهڻائي ٿورائي، اڌ سڄو، يا روز مره جي ڪمن ڪارين ۾ اسعمال ٿيندڙ حساب ڪتاب جا تصور واضح طور سمجهائڻ جي سرگرمين، جي پڙهائڻ ۽ سيکارڻ جي طريقي تي جوڙيل آهي. 7x9 انچن وارو ڪتاب 40 صفحن تي مشتمل آهي، قيمت ڪانه آهي، هن جو پهريون ڇاپو ٽيسٽ ايڊيشن طور شايع ڪيو ويو.

3- پروفيشنل تعليم لاءِ ڪتاب

40. سنڌي ٻوليءَ جي سکيا: پي-ٽي-سي (ڪلاس لاءِ)

 سنڌي ٻوليءَ جي سکيا: پي.ٽي.سي (ڪلاسن لاءِ) هي پي.ٽي.سي ڪورس جو ڪتاب، جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ڄام شوري جي طرفان منظور ٿيل آهي ۽ قاضي ائسوسيئيشن، ڪراچي ڇاپيو. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾: سيد شير شاهه ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار مغل ۽ ايڊيٽر: محمد ابراهيم جويو شامل آهي، جڏهن ته قومي جائزو ڪميٽيءَ جا ميمبرن ۾ محمد عيدل ورياڻي، ميان بخش خان لغاري، مس فخرالنساء انصاري، امداد حسيني، عباس علي خان نظاماڻي ۽ محمد ناظم علي خان ماتلوي شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي سڀ هڪ رنگي آهي، هن ڪتاب ۾ ٻوليءَ جي سکڻ، سيکارڻ، پڙهڻ، پڙهائڻ ۽ لکڻ جي اهميت، ضرورت ۽ افاديت تي سٺو بحث ڪيو ويو آهي، ڪتاب جي آخري عنوانن ۾ ليسن پلاننگ ۽ جائزو وٺڻ تي به سٺو لکيو ويو آهي. هي 5x7 انچن وارو هي ننڍڙو ڪتاب283 صفحن تي مشتمل آهي، ته هن جِي قيمت: 22.50 پيسا رکيل آهي ۽ هن جو پهريون ايڊيشن 1993ع ۾ ڇپيو.

41. سنڌي ٽائيپ رائيٽنگ: نائين ۽ ڏهين ڪلاس لاءِ، 1996ع:

عام تعليم جي نسبت، فني تعليم Technical Education جي موجوده وقت ۾ تمام گهڻي اهميت آهي. جديد دور ۾ ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيوٽر جو واهپو، ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسين هاڻ نئين دور سان گڏ هلي سگهون ٿا. هي ڪتاب نائين ۽ ڏهين ڪلاس ۾ ٻارن جي هنري تعليم لاءِ جوڙيل آهي، جنهن جو ليکڪ عنايت الله عباسي آهي، جيڪو هن شعبي ۾ هنري تعليم جو ماهر آهي.سنڌي ٽائيپ رائيٽنگ مشن ٺاهڻ ۽ ان جو نصاب ٺاهي/ لکرائي، ڪتاب جي صورت ۾ لکائڻ وري ان کي ڇپائڻ هڪ وڏي توجهه ۽ محنت طلب ڪم هو جيڪو ان سڄي ڪم کي پايي تڪميل تائين پهچائڻ جو ڪم سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي حوالي هو. پاڻ ٽائيپ رائيٽنگ مشن ٺهرائڻ وقت، خاص توجهه ۽ خاص ذاتي دلچسپي ورتائون ۽ ان کان علاوه هي ڪتاب سندس ايڊيٽر جي حيثيت ۾ لکرايو ۽ ڇپايو. هن ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ محترم هارون الرشيد عباسي ۽ محمد قاسم رستماڻي معاون طور ڪم ڪيو. هن ڪتاب ۾ سيکارڻ واري نصاب جي هر پاسي تي سٺي روشني وڌل آهي ۽ المصطفٰي- 1 ۽ المصطفٰي- 2 ۽ پورٽيبل سفري سنڌي ٽائيپ رائيٽرس ”سنڌو“بابت ڪيترن ٽيڪنيڪل پاسن کي اجاگر ڪيو ويو آهي.

مددي ڪتاب:

1-     جويو، محمد ابراهيم، (مترجم): سماجي اڀياس (تاريخ، لازمي) نائين ۽ ڏهين جماعتن لاءِ، يونيورسل بڪ ڊيپو، حيدرآباد: 1961ع، ڇاپو ٻيون.

2-    جويو، محمد ابراهيم، سنڌي پرائمري (نظرثاني ٿيل)، نظر ثاني: محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ عبدالله ”عبد“، حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ، مئي 1967ع، ڇاپو ستون، ص 40. قيمت: 24-00 پيسا.

3-     ميمڻ، رحيم بخش… (لکندڙ)، سنڌي ٻيو ڪتاب، ايڊيٽر: محمد ابراهيم جويو ۽ محمد فاضل، لاهور: ويسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، اپريل 1968ع، ڇاپو سترهون، ص 132.

4-    جتوئي، علي نواز… (مرتب)، سنڌي نصاب (لازمي)، (اردو پيپر II بدران)؛ ٻارهين ڪلاس لاءِ، ايڊيٽر، محمد ابراهيم جويو… لاهور: ويسٽ پاڪستان، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، جون 1969ع، ڇاپو ٻيو، ص 212، قيمت 1.66 رپيا.

5-     غلام اصغر ونڊير (مرتب)، سنڌي نصاب (لازمي)، نائين ۽ ڏهين ڪلاس لاءِ، ايڊيٽر، محمد ابراهيم جويو… لاهور: ويسٽ پاڪستان، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، اپريل 1970ع، ڇاپو ڇهون، ص 87، قيمت 0-77 0 پيسا.

6-    جويو،محمد ابراهيم.سنڌي پرائيمر(نظر ثاني ٿيل). نظر ثاني؛ محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ عبدالله ”عبد“، حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ، جولاءِ 1970ع، ڇاپو اوڻيهون، ص 40، قيمت 40-00 پيسا.

7-    جويو، محمد ابراهيم، سنڌي پرائمري، (نظر ثاني ٿيل)، نظر ثاني؛ محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ عبدالله ”عبد“، حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ، جولاءِ 1970ع، ڇاپو اوڻيهون، صفحو 13، 18 ۽ 24.

8-     ميمڻ، رحيم بخش… (لکندڙ)، .سنڌي ٻيو ڪتاب، ايڊيٽر، محمد ابراهيم جويو ۽ محمد فاضل، لاهور: ويسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، جولاءِ 1970ع، ڇاپو ٻاويهون، ص 132، قيمت 69- 00 پيسا.

9-    جويو، محمد ابراهيم، سنڌي پهريون ڪتاب (نظر ثاني ٿيل)، نظر ثاني، محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ عبدالله ”عبد“، ڪراچي: ڪتب خانه عزيزيه، جهونا مارڪيٽ ڪراچي، 2- اپريل 1971ع، ڇاپو پهريون، ص 37، قيمت، 24-00 پيسا.

10- ميمڻ، رحيم بخش… (لکندڙ)، سنڌي ٻيو ڪتاب، ايڊيٽر، محمد ابراهيم جويو ۽ محمد فاضل، حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، اپريل 1971ع، ڇاپو ٻيو، ص 128، قيمت .65- 00 پيسا.

11-      غلام اصغر… (مرتب)، سنڌي نصاب (لازمي)، نائين ۽ ڏهين ڪلاس لاءِ، ايڊيٽر، محمد ابراهيم جويو… حيدرآباد: ڪتاب ايجنسي، تلڪ چاڙهي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد، مئي 1971ع، ڇاپو پهريون، ص 94، قيمت 0-77 0 پيسا.

12- جويو، محمد ابراهيم… (لکندڙ)، سنڌي چوٿون ڪتاب، حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ، جولاءِ 1972ع، ڇاپو پهريون، ص 172، قيمت 89-00 پيسا.

13- شاهه، جلال الدين….سنڌي ٽيون ڪتاب، ايڊيٽر، محمد ابراهيم جويو… حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، نومبر 1973ع، ڇاپو ستون، ص 104، قيمت 88-00 پيسا.

14- نقوي، سيد محمد نجم الحسن… اردو کی عملی کتاب: دوسری جماعت کے لیئے، نگران، محمد ابراهيم جويو، حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، جولاءِ 1973ع، ص 48، قيمت 00.86 پيسا.

15- نقوي، سيد محمد نجم الحسن….... اردو کی عملی کتاب: تیسری جماعت کے لیئے، نگران؛ محمد ابراهيم جويو، حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، جولاءِ 1973ع، ص 64، قيمت 70. 1 رپيا

16- نقوي، سيد محمد نجم الحسن… اردو کی عملی کتاب: چوتھی جماعت کے لیئے، نگران، محمد ابراهيم جويو، حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، جولاءِ 1973ع، ص 64، قيمت 1.12 رپيا.

17- نقوي، سيد محمد نجم الحسن… اردو کی عملی کتاب: پانچویں جماعت کے لیئے، نگران، محمد ابراهيم جويو، حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، جولاءِ 1973ع، ص 64، قيمت 1.12 رپيا.

18- ٽالپر، الهه بخش… (لکندڙ)، سنڌي پنجون ڪتاب، ايڊيٽر، محمد ابراهيم جويو، حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، جون 1973ع، ڇاپو، ٽيون، ص 178، قيمت .75-1، پيسا.

19- سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر… (لکندڙ)، سنڌي ٽيون ڪتاب، ايڊيٽر ۽ صلاحڪار، محمد ابراهيم جويو، حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، جون 1973ع، ڇاپو، پهريون، ص 74، قيمت .45-1 پيسا.

20-            سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر… (لکندڙ)، سنڌي ٻيو ڪتاب، ايڊيٽر ۽ صلاحڪار، محمد ابراهيم جويو، حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، جون 1974ع، ڇاپو، پهريون، ص 60، قيمت . ؟ پيسا.

21- سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر… (لکندڙ)، سنڌي پهريون ڪتاب، ايڊيٽر ۽ صلاحڪار، محمد ابراهيم جويو، حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، 1974ع، ڇاپو ٻيو، ص 25، قيمت .70-00 پيسا.

22-            سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر… (لکندڙ)، سنڌي پهريون ڪتاب، ايڊيٽر ۽ صلاحڪار، محمد ابراهيم جويو، حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، 1974ع، ڇاپو پهريون، ص 50، قيمت .70-00 پيسا.

23-            جويو، محمد ابراهيم… (لکندڙ)، آسان سنڌي ڪتاب: چوٿين ڪلاس لاءِ (غير مادري زبان)، حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، 1977ع، ڇاپو پهريون، ص 60، قيمت .00-2 رپيا.

24-            فرمان فتحپوري، ڊاڪٽر…(لکندڙ). اردو کی پہلی کتاب (ٽيسٽ ايڊيشن)، نگران اعليٰ: محمد ابراهيم جويو: اردو پهرين ڪلاس لاءِ حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، 1974ع، ڇاپو پهريون، ص 40، قيمت .؟ رپيا.

25-            فرمان فتحپوري، ڊاڪٽر… (لکندڙ)، اردو کی دوسری کتاب (ٽيسٽ ايڊيشن)، نگران اعليٰ: محمد ابراهيم جويو: اردو ٻئي ڪلاس لاءِ حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، 1974ع. ڇاپو پهريون. ص 68 قيمت .؟ رپيا.

26-            فرمان فتحپوري، ڊاڪٽر… (لکندڙ)، اردو ڪي تيسري ڪتاب (ٽيسٽ ايڊيشن)، نگران اعليٰ: محمد ابراهيم جويو: اردو ٽئين ڪلاس لاءِ حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، 1974ع، ڇاپو پهريون، ص 92، قيمت .؟ رپيا.

27-            کوکر، لعل بخش… (لکندڙ)، سماجي اڀياس (ضلعو نواب شاهه) ٽئين ڪلاس لاءِ ڪتاب (ٽيسٽ ايڊيشن)، نگران اعليٰ: محمد ابراهيم جويو: حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، 1974ع، ڇاپو پهريون، ص 88، قيمت .3.75 رپيا.

28-            کوکر، لعل بخش…(لکندڙ)، معاشرتي علوم-اردو (ضلعو ڪراچي) ٽئين ڪلاس لاءِ ڪتاب (ٽيسٽ ايڊيشن)، مدير و نگران اعليٰ: محمد ابراهيم جويو: حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، 1974ع، ڇاپو پهريون، ص 120، قيمت . ؟ رپيا.

29-            سومرو: عبدالحئي، ڊاڪٽر… (لکندڙ)، ابتدائي سائنس پهرئين ڪلاس لاءِ (ٽيسٽ ايڊيشن)، صلاحڪار: محمد ابراهيم جويو: حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، 1971ع. ڇاپو پهريون، ص 20، قيمت .1.10 رپيا.

30- سومرو: عبدالحئي، ڊاڪٽر…(لکندڙ).ابتدائي سائنس پهرئين ڪلاس لاءِ (ٽيسٽ ايڊيشن)، صلاحڪار: محمد ابراهيم جويو: حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، 1974ع. ڇاپو پهريون، ص 20، قيمت .0.70 رپيا

31- سومرو: عبدالحئي، ڊاڪٽر… (لکندڙ)، ابتدائي سائنس ٻئي ڪلاس لاءِ (ٽيسٽ ايڊيشن)، صلاحڪار: محمد ابراهيم جويو: حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ.1974 ع. ڇاپو پهريون، ص 80، قيمت .2.25  رپيا.

32-            سومرو: عبدالحئي، ڊاڪٽر… (لکندڙ) سائنس ٽئين ڪلاس لاءِ ڪتاب (ٽيسٽ ايڊيشن)، نگران اعليٰ: محمد ابراهيم جويو: حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ.1974ع. ڇاپو پهريون. ص 64، قيمت .1.90 رپيا.

33- سومرو: عبدالحئي، ڊاڪٽر… (لکندڙ) سائنس ٽئين ڪلاس لاءِ ڪتاب (ٽيسٽ ايڊيشن)، نگران اعليٰ: محمد ابراهيم جويو: حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، 1974ع، ڇاپو پهريون، ص 20 قيمت .؟ رپيا.

34-            زيدي، اين.ايڇ، ڊاڪٽر… (لکندڙ) ابتدائي حساب: ٽئين ڪلاس لاءِ ڪتاب (ٽيسٽ ايڊيشن)، ايڊيٽر ۽ صلاحڪار: محمد ابراهيم جويو: حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، 1975ع. ڇاپو پهريون، ص 135، قيمت .8.05 رپيا.

35- زيدي، اين.ايڇ، ڊاڪٽر…(لکندڙ) عملي حساب: پهرئين ڪلاس لاءِ ڪتاب (ٽيسٽ ايڊيشن)، مکيه صلاحڪار: محمد ابراهيم جويو: حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ.1974ع. ڇاپو پهريون. ص78 قيمت .1.60 رپيا.

36-            جويو، محمد ابراهيم…(لکندڙ) اچو ته وڌيڪ پڙهون: بالغن جي پڙهڻ جو ٻيو ڪتاب . حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ.1973 ع. ڇاپو پهريون. ص53 قيمت .؟ رپيا

37-            جويو، محمد ابراهيم…(لکندڙ) اچو ته لکون: لکڻ جو پهريون ڪتاب . حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ. 1973 ع. ڇاپو پهريون. ص49 قيمت .؟ رپيا

38- جويو، محمد ابراهيم…(لکندڙ) ڪتاب (1): پڙهڻ جو پرائيمري ڪتاب . حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ. 1973ع، ڇاپو پهريون. ص 41 قيمت .؟ رپيا

39-            جويو، محمد ابراهيم…(لکندڙ) ڪتاب (2): پڙهڻ جو پهريون ڪتاب. حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ. 1987 ع. ڇاپو ٻيو. ص54، قيمت؟ رپيا.

40-            جويو، محمد ابراهيم…(لکندڙ) ڪتاب (2): پڙهڻ جو پهريون ڪتاب. ڪراچي: نيشنل بڪ فائونڊيشن. 1985ع. ڇاپو پهريون. ص 52 قيمت ؟ رپيا.

41- ملڪ، محمد اقبال…(لکندڙ) عملي حساب: بالغن لاءِ. ڄام شورو: اداره نصاب ۽ توسيع تعليم سنڌ. سال ؟ ڇاپو پهريون. ص 40 ، قيمت ؟ رپيا.

42-            شاهه، سيد شير ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار مغل. سنڌي ٻوليءَ جي سکيا:پي. ٽي. سي (ڪلاسن لاءِ). ڄام شورو: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ. 1993ع. ڇاپو پهريون ص283 ، قيمت 22.50 پيسا.

43-            عباسي، عنايت الله. سنڌي ٽائيپ رائيٽنگ: نائين ۽ ڏهين ڪلاس لاءِ. ڄام شورو: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ. 1996ع. ڇاپو پهريون ص 189، قيمت 20.25 پيسا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org