”اسان جي وڏي ۾ وڏي وٿ، جا اسان کي پاڻ وسارڻ کان مانع آهي ۽
ٻين جي بنگلن ۾ ڀلجي پنهنجين جهوپڙين کي نه ڇڏڻ جو
سبق سيکاريندي، سا ’وطن جي حب‘ آهي.“
”اسان کي اسان جو سدا جيئرو شاعر شاهه عبداللطيف عليہ رحمة چئي
ويو آهي ته سنڌ تي سُڪار ۽ سُک ٿيڻ جو اونو رکجو،
پنهنجن ويڙهيچن، وطني ڀائرن، ڀَر ۾ پکا اڏي ويٺلن،
اوهان سان جنم گذارڻ وارن کي نه وسارجو، ۽ ٻين جي
محلاتن، عمدن طعامن، خوبصورت ڪپڙن وغيره تي ڀلجي،
سون تي سيڻ نه مَٽائجو، لوئي نه لاهجو، ڪُرَ نه
لڄائجو، ملير نه وسارجو، ڪوٽن ۾ خوش ٿي مزا نه
ماڻجو: سدائين ڪوٽن جي ڪِرڻ، زنجيرن جي ٽُٽڻ، ۽
بندن جي ڀڄڻ جي تمنا رکندا اچجو!... آخر، ڪڏهن نه
ڪڏهن، مولا مهر جا مينهن وسائيندو، ۽ ڏولائي جا
ڏينهن گذري ويندا، ساڻيهه وسندو ۽ سُڪار
ٿيندو!“ -- جِي. ايم. سيد
مضمون
1. |
سنڌونديءَ تي واپاري آمدرفت جو نئون رنگ |
- چيتن ماڙيوالا |
2. |
شاعريءَ جو سماجي ڪارج |
- ٽي. ايس. ايليٽ
سنڌيڪار: م. ا. جويو |
3. |
سردار گل محمد خان مگسي، ’زيب‘ |
- رحيمداد خان مولائي شيدائي |
4. |
ملاکڙو |
- منو تولارام گدواڻي |
5. |
مشرقي ادب، ۽ مغربي عالم |
- رسول بخش پليجو |
6. |
رند ۽ مگسيءَ جي ’جنگ بنگاهه‘ جي ڪهاڻي |
- مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي |
7. |
قومي زبان ۽ تعليمي زبان |
- عثمان علي انصاري |
8. |
لساني وحدت جو نظريو |
- علامه ڪربلائي |
9. |
قلندر جو ميلو (سنڌ جو آڳاٽو ادب) |
- مرحوم شمس الدين ’بلبل‘ |
10. |
’مهراڻ‘ جا موتي |
- ادارو |
11. |
سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا |
- چونڊيندڙ |
12. |
”آديسي اُٿي ويا...“ |
- غ. م. گ. |
13. |
علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون: |
اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سميلن
سگهڙن جون ڪچهريون
19- سنڌي ادبي ڪانفرس
رسالي ’گل ڦل‘ جي سالگرهه - ٻارن جو ميلو
’پاڪستان رائٽرس گلڊ‘ جي مرڪزي انتظامي ميٽنگ
14. تبصرا
”سچ ۽ ڪوڙ جي تعريف ۽تائيد ۾ بي شمار قول موجود آهن: ڪوڙ
ڳالهائڻ وقت جيڪڏهن انهن جو ڪو ذرو به انسان جي
ذهن ۾ هجي، ته جيڪر سندس زبان مان اکر ئي ڪين
اڪلي، پيشانيءَ تي پڇتاءَ جو پگهر اچي وڃيس، ۽
اکيون زمين ۾ کپي وڃينس. پر ڪوڙ ڳالهائڻ تي به وري
ذهن ئي ته اُڀاري ٿو! اهڙي موقعي تي هو نه رڳو ان
ڪري ٻوڙو ٿو بنجيو وڃي ته جيئن ضمير جي پڪار نه
ٻڌي سگهي، پر ويسر ۽ نسيان ۾ به ائين جهٽ پٽ مبتلا
ٿيو وڃي هو سچ جي سُودمندي کيس پٽيءَ ياد ڪانه
پوي. جيڪڏهن ضمير کڻي ڪو سخت وار ڪري ته به هن وٽ
مصلحت جي سپر ته سدائين موجود آهي، سو هو پنهنجي
’دروغ مصلحت آميز‘ کي، ڇڪي تاڻي، ڪٿان جو ڪٿي
پهچايو ڇڏي. تڏهن ته ائين ٿيو آهي جو هرڪو سچ جي
ساراهه ۾ ڍاپي ئي نٿو، هرڪو ان جي پوڄا لاءِ تيار،
پر عملي دنيا ۾ ڪوبه ان جي ٻيلي ڪونهي. ڪوبه ان جو
پوئلڳ ڪونهي: دنيا ۾ سنئون سنواٽو ڪوڙ جو راڄ آهي،
۽ اهوئي بالادست ۽ برتر آهي! ڪوڙ، جيڪو ڪاغذ جي
ٻيڙيءَ مثل آهي، جنهن جي منهن ۾ ڌوڙ آهي، جنهن جا
پير ٿين ئي ڪونه، ۽ جيڪو آخرڪار پڪڙيو ويندو آهي،
ان جي بڇڙائيءَ کان ڪير ناواقف هوندو؟ پر، تڏهن
به، انساني ڪردار ۽ اخلاق جي اها سڀ کان وڏي
ڪمزوري آهي جو کيس ڪوڙ کان سواءِ ڪو گس ئي ڪونهي!
هو ڪوڙ کي زبان سان ته نه، پر عمل سان ڄڻ پنهنجو
پير – مرشد، دين ايمان تسليم ڪري چڪو آهي!“
”هڪڙي سالڪ جو چوڻ آهي ته سچ ويچاري تي سڀ کان وڌيڪ ستم تڏهن ٿو
ٿئي، جڏهن ان جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت هوندي آهي، ۽
جتي واقعي ان جو ٻيڙو پار ٿيڻ کپي. پر انهيءَ سالڪ
سڳوري کي چريو ۽ گمراهه چيو ويو. اهو ئي ته سڀ کان
وڏو ڪوڙ آهي! هو نڪو چريو هو ۽ نه گمراهه هو، هو
سچو هو. هن هڪ اهڙو سچ چيو هو، جيڪو بيحد ڪڙو آهي،
پر جنهن کي رد ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. مٿين لفظن ۾، هو
پنهنجيءَ دعوا کي ثابت ڪرڻ لاءِ سڄيءَ دنيا جي
عدالتن کي پيش ڪري ٿو، جتي سڀ کان گهڻو ڪوڙ
ڳالهايو وڃي ٿو، ۽ ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ جون کلم کلا
ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون. هو دنيا جي سڀني حڪومتن جو
ذڪر ڪري ٿو، جيڪي هڪٻئي جي معاملن ۾، مصلحت جي
نالي تي، اڌ ڪُوڙ يا سموري ڪُوڙ جو سهارو وٺن
ٿيون. هو پروپئگنڊا جا سمورا ذريعا ٻڌائي ٿو، جيڪي
وڌ کان وڌ ڪُوڙ جو پرچار ڪن ٿا، ۽ ان کي پنهنجي
پنهنجي قومي مفاد جو نالو ڏين ٿا. سچي سالڪ جي
انهن لاجواب گفتن ۾ جيڪي اِشارا سمايل آهن، تن جو
تفصيل بيحد طويل آهي.“
”اهي سڀ ڳالهيون تسليم، پر جڏهن به ڪوڙ ۽ سچ جي چٽاڀيٽي ڪئي
ويندي، ته مصلحت جي لحاظ کان به، اخلاقي نقطه نظر
کان به، انسانيت جي اعتبار کان به، ۽ ڪاميابيءَ جي
خاطر به، سچ جو پلئه سدائين ڀاري بيهندو. سچ کي
ڪيترو به کڻي ماري ڪُٽي دٻائي ڇڏيو، پر فتح آخرڪار
اُن جي ئي ٿيندي، ۽ ڪوڙ جو پنهنجن پوئلڳن سميت
منهن ڪارو ٿيندو- ڇاڪاڻ ته ڪوڙ ڪڏهن به سچ جو
مقابلو نٿو ڪري سگهي. ’باطل ته آهي ئي وڃڻ لاءِ!‘
هڪڙي ڪوڙ کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ هزار ڪوڙ ٻيا ٿا گهڙڻا
پون، پر سچ ته ڪنهن جي به سهاري جو محتاج نه آهي.
انصاف فقط سچ جو محتاج آهي. هيءُ حقيقت آهي ته
دنيا ۾ نڪا سچ چئي ڏيندڙن جي کوٽ آهي، ۽ نه سچ جي
ڳولائو سالڪن جي. ’سچ‘ انسانيت جو سڀ کان قيمتي
ورثو آهي!“
روزانه ’امروز‘، ڪراچي، جي 6- ڊسمبر 1960ع واري ايڊيٽوريل تان اقتباس
پروفيسر چيتن ماڙيوالا
سنڌونديءَ تي واپاري آمدرفت جو نئون رنگ
(1821 – 1832ع)
ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري هندستان ۾ برطانوي سلطنت جو انگريزن
آرنڀ ڪيو، ۽ جيستوڻي صدي اَست ٿئي ئي ٿئي، تيستوڻي
هو ملڪ ۾ ڳچ حصي تي پنهنجو سِڪو ڄمائي چڪا هئا؛ پر
سندن نئين برپا ڪيل سلطنت يورپي توڙي ايشيائي
طاقتن جي اک ۾ ٿي پيئي، تنهنڪري اڻويهين صديءَ جي
شروع ٿيندي ئي هندستان ۾ برطانوي سلطنت تي
ٻاهرينءَ ڪاهه جو خطرو انگريزن کي چٽو ظاهر نظر
آيو، جنهن ساري صدي سندن متيون منجهيل رکيون. ڪاهه
سٽيندڙن جي اَٺسٺن کي پوريءَ ريت منهن ڏيڻ خاطر،
هندستان ۾ انگريزي سلطنت جي ناظمن جو، انهيءَ
ڪارڻ، سنڌونديءَ جي پرينءَ ڀر وارن ملڪن ۾ چاهه ۽
ڌيان وڌيو. جيستوڻي لارڊ وليم بينٽنڪ (Lord William Bentinck)
هندستان ۾ انگريزن جو گورنر جنرل مقرر نه ٿي آيو
هو، تيستوڻي انگريزي ناظمن فقط ’پهري سجاڳ‘ رهڻ جي
ڪوشش ورتي هئي؛ پر بينٽنڪ صاحب کي اها نِيتِي حاضر
خطري متعلق بلڪل اڻپوري لڳي، ۽ انهيءَ سبب هن صاحب
هڪ علحدي ۽ اَڳري چال اختيار ڪئي، جنهن جا نتيجا ۽
اثر گهڻا ڳُوڙها هئا. لارڊ وليم بينٽنڪ جي ڪوشش
هئي ته پاڙيسري ملڪن جي درٻارن جي سُونجهه ڪري،
کين پنهنجيءَ (انگريزي) سلطنت تي ڌارين قومن جي
ڪاهه کان بچائڻ خاطر مجبور ڪجي. انهيءَ لڳاتار
نيتيءَ جو پهريون خاصو نتيجو هو سنڌونديءَ رستي
انگريزي واپارَ جو وچ ايشيائي ملڪن سان سلسلو جاري
ڪرڻ. انهيءَ مان نه فقط تجارتي مطلب پورو ٿي ٿيو،
پر ساڻس لاڳو انگريزي سياسي مقصد پڻ سڌ ٿي ٿيو.
سنڌونديءَ تي يورپي واپاري سلسلي جي آرنڀ ڪرڻ
خاطر، سنڌ جي حاڪمن جو ساٿ بلڪل ئي ضروري هو.
ڪهڙيءَ ريت اِهو ساٿ انگريزن هٿ ڪيو، اها پنهنجي
سر هڪ عمدي ۽ رنگين ڪهاڻي آهي.
جيتوڻيڪ 1809ع ۽ 1820ع جي وچ ۾ ميرن جا پاڻ ۾ ٻه دائمي دوستيءَ
جا عهدناما ٿي چڪا هئا، ته به سندن ناتا گهاٽا
گهرا خير ڪي ٿيا هئا. حقيقت ته اِها هئي ته جنهن
ڏينهن ٻنهي ڌرين اهي عهدناما صحيح ڪيا، تنهن ڏينهن
ئي هو آتا هئا ته عهدنامن کي ڇيهون ڇيهون ڪري ردي
ڪاغذن جي ٽوڪريءَ جي حوالي ڪريون. انگريز سنڌ جي
(سندن سمجهه موجب) ’اَڻسڌريل‘ حاڪمن سان ناتي ڳنڍڻ
لاءِ ڪڏهن به خواهان نه هئا، ڇو ته کين ڪُکيو ٿي
ته انهيءَ دوستيءَ مان خاص ڪجهه ورڻو ڪين هو.
هوڏانهن مير صاحب به ناتي ٽوڙڻ لاءِ هميشه منتظر
هئا، ڇو ته کين فرنگين جي ملڪ هڙپ ڪرڻ جي ماجرا جي
سُڻس پئجي چڪي هئي. پر، ٻنهي ڌرين کي حالتن ئي
دوستاڻي گڏجاڻيءَ لاءِ مجبور ڪيو هو. انگريزن
1830ع توڻي سنڌ ڏي، ملڪ جي آسودگيءَ يا هندستان ۾
سندن سلطنت جي اُتر – اولهه سرحد تي بيهڪ جي خيال
کان، ڪڏهن به خاص ڌيان نه ڏنو هو. هيلتوڻي انگريزن
پاڻ سنڌ سان ڇڪتاڻ ٽارڻ جي ئي ڪوشش پئي ورتي هئي،
ڇو ته ٻيءَ حالت ۾ مٿن ملڪ پائڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ
جي بوجي پوڻ جو انديشو هو. هيلتوڻي سنڌ ڏيهه
انگريزن کي هڪ ويران ملڪ مثل ئي ڀاسيو هو، جنهن
مان ڪنهن به خاص کڙتيل نڪرڻ جو امڪان ڪونه هو؛ مگر
سرحد تي ڦورُو ڪاررواين انگريزن کي ڪَڇ واريءَ
سرحد تي پنهنجا جنگي دستا کڙا ڪري، ميرن ۽ سندن
ماڻهن کي ماڻهپي جي هلت اختيار ڪرڻ لاءِ مجبور
ڪيو: خاص ڪري جڏهن فرنگي لوڪ 1825ع ڌاري ڀرتپور ۽
برما ۾ رڌل هئا، ته کوسن ۽ ٻين ڦورن جو من وڌي ويو
هو ۽ ڪَڇ ۾ رڻ ٻاري ڏنو هئائون، ۽ مير صاحب به کين
باز آڻي نه سگهيا، جنهن ڪارڻ ئي انگريزن کي کين
ڪرڙي اک ڏيکارڻي پيئي.
سياسي سرگرمين جي انهيءَ ماٺي عرصي ۾، آڪٽوبر 1827ع ۾، اوچتو،
هڪ اَسُر جو، ڪَڇ ۾ انگريزي ريزيڊنٽ جي دفتر ۾،
ميرن جي خاص قاصد، سلام ورائي، ريزيڊنٽ صاحب لاءِ
ميرن وٽان آندل خريطو پيش ڪيو. خريطي ۾ مير صاحبن،
مير مراد علي خان جي ناتوانائيءَ جي خبر ڏني هئي،
۽ ترت ڪنهن قابل ويڄَ موڪلڻ لاءِ عرض ڪيو هو.
جيتوڻيڪ خريطي مان خبر ڪانه ٿي پيئي ته مير صاحب
ڪهڙي مرض ۾ مبتلا هو، پر خانگي طرح معلوم ٿيو ته
مير صاحب جي حالت مرڻينگ ته هئي ئي ڪانه، نڪي ڪي
وري هو ڪنهن خطري ڀرئي مرض جوشڪار بڻيو هو،
تنهنڪري ميرن جي قاصد ايندي ئي، ڪَڇ جي انگريزي
ريزيڊنسيءَ ۾ انهيءَ ڳالهه جو چرچو چالو ٿي ويو ته
پوءِ ڪنهن انگريزي ويڄ لاءِ هيءُ تڪڙو سڏ ڇو؟
انگريزي ڇانوڻيءَ ۾ ڪن جو ويچار هو ته سنڌ ۾ ميرن انگريزي طبيب
جي سَڏَ دوران انگريزن سان پنهنجو ناتو گهاٽو ڪرڻ
ٿي گهريو: هيءُ نئون نينهن ميرن ۾ انهيءَ ڪارڻ
جاڳيو هو، ڇاڪاڻ ته خبرون آيل هيون ته روسَ ايران
خلاف وري شد مد سان کُڙي کنئي هئي، جنهنڪري ميرن
اڳواٽ ئي پنهنجي بچاءُ جو هيئن بندوبست ڪرڻ مناسب
سمجهيو هو. پر، حقيقت ۾ هيءُ خيال انگريزن کي
پنهنجي شخصي ڊپ وچان ئي آيو هو. انگريزن کي پنهجي
ڊپ اچي ورايو هو ته هيءُ جو روس، ايران کي ٺاهه
لاءِ مجبور ڪري، ايران ۾ پنهنجي وک وڌائي هئي، اهو
قدم پس پيش هندستان ۾ سندن (انگريزن جي) ئي سلطنت
لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿئي ها. انگريزن جا ايران سان
به دوستاڻا ناتا هئا، پر گذريل ڪجهه سالن لاڪر
ڇاڪاڻ ته انگريزن ايران جي روس خلاف حمايت نه ڪئي
هئي- جيتوڻيڪ ڪيل عهدنامن موجب انگريزن ايران کي
فوجي مدد ڪرڻ لاءِ ٻڌل رکيو هو- تنهنڪري انگريزن ۽
ايرانين جي دوستي فقط نالي ماتر وڃي رهي هئي.
ايران سان هيءَ اُلٽي روش، هندستان جي انگريزن، گهروُ سرڪار جي
ٻاهرينءَ نيتيءَ پٽاندر ئي اختيار ڪئي هئي. تازو
1826ع ۾ جڏهن روس ايران تي چڙهائي ڪئي، تڏهن
انگريزن ايران جي ڪا به مدد يا پٺڀرائي ڪانه ڪئي،
ڇو ته هنن (انگريزن) روسين کي ناراض ڪرڻ نٿي
چاهيو. اهو ڇو؟ انهيءَ ڪري ته جي انگريزن ايران جي
واهر ٿي ڪئي ته اُن جو يوناني مسئلي تي، جو اُن
وقت سنواريو پئي ويو ۽ جنهن ۾ روس جو چڱو هٿ هو،
اُلٽو اثر ٿي پيو. ايراني لوڪ اڳئين آزمودي مان
سبق سِکي چڪا هئا، تنهنڪري هنن روس سان ٺهي وڃڻ جو
ارادو ڪيو. ايرانين کي کين ڳڙڪائيندڙ اَجگر (روس)
کي ڪيئن به ٽارڻو هو، ۽ اهو فقط هنن سان ٺهي وڃڻ
سان ئي ممڪن نظر ٿي آيو. پر اهڙي ٺاهه ڪري انگريزن
جي هندستان ۾ سلطنت کي اُتر – اولهه کان گڏيل روسي
۽ ايراني فوج جي ڪاهه جو بيشڪ انديشو هو.
انگريزن محسوس ڪيو ته اهڙيءَ حالت ۾ سنڌ جي ميرن کي ئي پهرين
انهيءَ گڏيل لشڪر جي سَٽَ سهڻي پوندي. پر حاضر
بيانن مان خير ڪو ظاهر ٿو ٿئي ته ميرن کي ڪو
انگريزن واري خيالي دشمن جو ڊپ هو. حقيقت ۾ کين
ته، روس کان گهڻو ويجهو، گهرو دشمن دڙڪا ڏيئي
حيران ڪري رهيو هو. پنجاب جو مهاراجا رنجيتسنگهه
ڳچ عرصي لاڪر سنڌ، ۽ تنهن ۾ خاص ڪري شڪارپور جي
واپاري دڳ ۾ اکيون وجهيو ويٺو هو. 1809ع ۾،
انگريزن، ستلج جي دوآبي وارين ايراضين کي پنهنجي
سعيي هيٺ آڻي، مهاراجا جي جمنا نديءَ طرف ملڪ
وڌائڻ جي اُميد تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. هن بعد سِک
مهاراجا کي ائين نظر آيو ته اوڀر ڏي انگريزي
رڪاوٽي نِيتيءَ، ۽ اُتر – اولهه ڏي سيد احمد شهيد
۽ سيد اسماعيل شهيد جي ڪارگذارين ڪارڻ، باقي لائق
رهيل کهيل ڏِسَ، جنهن طرف هو وِکَ وڌائي پنهنجي
حڪومت ڪشادي بنائي ٿي سگهيو، سا هئي ڏکڻ ڏي ميرن
جو ملڪ. مهت- ڪانکي سِک مهاراجا فقط سنڌ ملڪ ئي
پنهنجي سلطنت هيٺ بنا ڪنهن دست اندازيءَ يا رڪاوٽ
جي آڻي ٿي سگهيو. سنڌ سان سک- درٻار جو ناتو سنئين
سڌي رستي، 1818ع کان، مهاراجا رنجيتسنگهه جي ملتان
هٿ ڪرڻ کان پوءِ ئي شروع ٿيو هو. پهرين ته رسم
موافق ساليانو سوکڙين جي ڏي – وٺ ۽ ٻي خاطرداري
ٿيڻ ۾ آئي. شروعات ۾ هن نئين ناتي مان ميرن کي خوف
خطري جي ڪابه بوءِ ڪانه آئي؛ پر جڏهن 1823ع ۾ سِک
مهاراجا ’سلطان‘ شهر توڻي هيٺ لڙي آيو، ۽ پنهنجن
يورپي قواعد سيکاريندڙ فوجي ڪپتانن ’اَئلارڊ‘ ۽
’وينچورا‘ کي مٺڻ ڪوٽ ڏي روانو ڪيائين، تڏهن مس
مير صاحب کي ڪجهه پتو لڳو، ۽ سِک مهاراجا کي اڳتي
وڌڻ کان روڪڻ لاءِ اُپاءَ وٺڻ سندن ننڊ ڦٽائي.
انهيءَ سال جي پڇاڙيءَ کان، ٻه سال ساندهه، سک
مهاراجا جو لشڪر يورپي قواعدين جي نظرداريءَ هيٺ
فوجي تيارين ۾ رڌل رهيو. ڪئپٽن ’واڊي‘، لڌيانا ۾
رهايل انگريزي نائب، جي خيال ۾ هي سڀ مشغوليون
اُتر سنڌ ۽ شڪارپور هٿ ڪرڻ لاءِ ئي هيون. ٻاهرئين
ٻني خاطر، ميرن جي ملڪ طرف چڙهائي ڪرڻ جو اِهو سبب
ڏنو ويو ته مهاراجا، اُتر سنڌ جي جن ٻروچن ملتان
ويجهو سک فوجي دستن تي ويجهڙائيءَ ۾ هلان ڪئي هئي،
تن کي سيکت ڏيڻ ڪارڻ ئي ڏکڻ طرف اچي رهيو آهي.
جيتوڻيڪ 1825ع ۾ سک مهاراجا سنڌ ڏي تڪڙو وڌي آيو، ته به ملڪ فتح
ڪين ڪيائين، جو اُن ويل سنڌ ۾ ڏڪر هو. ورندڙ سال
سک مهاراجا کي سنڌ تي ڪاهه لاءِ بهتر سبب سُجهي
آيو. هن سال هُن پنهنجيءَ درٻار ۾ آيل ميراڻي
وڪيلن کان ڏَنَ جي گهُر ڪئي، جا سنڌ جا مير
افغانستان کي ڀريندڙ هئا؛ ڇاڪاڻ ته سندس چوڻ هو ته
جئن ته هو هاڻ افغاني سلطنت جا ڳچ هندستاني حصا هٿ
ڪري چڪو هو، تڏهن کيس ئي ميرن کان ڏن ڇڪڻ جو حق
هو. ميرن جي وڪيلن هن حق جي جبري مخالفت ڪئي ۽ ڏن
ڏيڻ کان صفا نابري واري؛ جيتوڻيڪ جنهن دليل پٽاندڙ
سک مهاراجا ميرن کان حق ڇڪي رهيو هو، اُن جو تازو
مثال ٿي ۽ قبول پئجي چڪوهو. انگريزن، مرهٽن جي
قائم – مقامن جي حيثيت ۾، ستلج واري دوآبي جي
رياستن کان نه فقط ڏن جي گهر ڪئي هئي، پر اِهو هنن
سچ پچ چُڪائي، ڀرائي به ورتو هو. پر مهاراجا
رنجيتسنگهه سياسي سببن ڪارڻ ميرن تي وڌيڪ زوربار
نه آندو، ۽ في الحال مصيبت ٽري ويئي. پشاور طرف سک
حدن ۾ سيد اَحمد وري فوجي دست اندازي شروع ڪئي
هئي، جنهنڪري مهاراجا رنجيتسنگهه سنڌ جي ميرن کي
ستائي پنهنجو دشمن بنائڻ سياڻپ جو ڪم نه سمجهيو.
مير صاحب پنهنجن وڪيلن واتان سک مهاراجا جي ڏن جي
ڇڪ جو احوال سڻي دهلجي ويا، جيتوڻيڪ خيرن سان ٺڪا
ٺوڪي ته اڃا شروع ئي ڪانه ٿي هئي. کين پنهنجي
حالتن سڌارڻ لاءِ فقط هڪ ئي سوجهرو نظر ٿي آيو:
اُهو هو ته انگريزن سان اڳيون ناتو گهاٽو ڪجي.
دوستاڻي ناتي دهرائڻ لاءِ انگريز به خواهان هئا. هنن جو ويچار
هو ته آيل نوتو قبولي، ميرن جي ملڪ بنسبت وڌيڪ
هٿيڪيون حقيقتون حاصل ڪجن، جي کين روس کي روڪڻ ڪاڻ
سندن اُتر – اولهه سرحدي نيتيءَ ٺاهڻ ۾ ڪارگر
ٿينديون ۽ چڱي هٿي ڏينديون. تنهن کان سواءِ ميرن
جي، وقت سر سندن سڏ اونائي، دل وٺبي، ته انگريزن
خلاف شڪ شبها به سندن من تان ميٽجي ويندا- اهو ڪو
گهٽ فائدو ڪين هو. سو، ڀُڄ ۾ انگريزي ريزيڊنسيءَ
جو ويڄ، ڊاڪٽر جيمس برنس، سنڌ وڃڻ خاطر هڪدم تيار
ٿي ويو. سنڌ – درٻار ڏي وڃڻ لاءِ هو شخصي طور به
منتظر هو، ڇو ته سندس دلي چاهنا هئي ته هڪ ويلي
يورپي ڪتابن ۾ ساراهيل ’سنڌو‘ ۽ اُن جي وادي
والاريندڙ عالم جو پنهنجي سر ديدار ڪري اچي.
ڊاڪٽر جيمس برنس، ميرن جي ڪَڇ ريزيڊنسيءَ ڏي موڪليل وڪيل منشي
گوپالداس جي سنگ ۾، ايڪيهين ڏيهي فوج جي ڪجهه
دستن، پوني جي گهوڙيسوارن ۽ ڪڇ جي راوُ جي درجن کن
چونڊ بانڪن جي ساٿ سان، 25- آڪٽوبر 1827ع تي سنڌ
ڏي اُسهيو. 30- نومبر تي هو سنڌ جي حدن ۾ بيٺا.
سرحد تي روڙيءَ وٽ کين ميرن جو پيشڪو گڏيو. نواب
حيدر خان لغاريءَ، جاتيءَ جي ناظم ۽ ميرن جي مکيه
وزير جي ڀائٽي، ۽ بهادر خان، ٻن مکيه عملدارن،
ميرن پاران ڊاڪٽر ۽ سندس ساٿين جي خاطر خواهه
مرحبا ڪئي. مير صاحب ڊاڪٽر ۽ سندس ماڻهن جي
خاطرداريءَ خاطر مال سان پُر پنجاهه اُٺن جو دس پڻ
ڏياري موڪليو هو، ۽ سندن حڪم هو ته ڊاڪٽر صاحب جي
سنڌ ۾ پير رکڻ کان پوءِ کيس ۽ سندس ماڻهن کي هرڪا
گهربل شي بنا پيسي ميسر ڪري ڏني وڃي. نه فقط
ايترو، پر کين سکڻيءَ زمين تي به پير رکڻ نه ڏيڻو
هو. انگريزي ڊاڪٽر ۽ سندس ماڻهن جي سهنج لاءِ ميرن
جي موڪليل عملدارن وسون ڪين گهٽايو. ڊاڪٽر برنس
انهيءَ خاطرداريءَ جي هيٺينءَ ريت ساک ٿو ڀري:
”رستي تي ميرن جي مقرر ڪيل مهماندارن جيڪا منهنجي خاطري لڌي، سا
ڪنهن به ڳالهه ۾ ڪَسي نه پيئي. انهيءَ کان بهتر
خاطرداري ٿي نٿي سگهي. ايتريقدر، جو وقت تي کين
اسان جي سار سنڀال خاطر ساريون راتيون اوجاڳو به
ڪڍڻو پيو. منهنجي وهٽ جي ويجهو سوٽي پُٺ وارو
ڪرمچي پَٽَ جو غاليچو هر وقت هڪيو حاضر هو—متان
ڪنهن ويل مان هيٺ لهڻ چاهيان. شربت جون صراحيون ۽
ٻيون طرحين طرحين خوش خوراڪون اسان جي ورتائڻ لاءِ
هر وقت حاضر هيون. رستي تي ڇوٽي شڪار ڪرڻ لاءِ
ميرن پنهنجا پاليل باز پڻ ڏياري موڪليا هئا، جنهن
ڪارڻ منهنجي کاني جي ميز تي هميشه طرحين طرحين
شڪاريل طعام رکيا هوندا هئا.“
ڊاڪٽر برنس جيئن حيدرآباد کي ڪجهه نزديڪ ٿيو ته ميرن سندس مرحبا
خاطر پنهنجو مکيه وزير، نواب ولي محمد خان لغاري،
چاڙهي موڪليو. هيءُ قدم تمام شانائتو هو، ڇاڪاڻ ته
مير صاحب پنهنجو مکيه وزير ورلي ڪنهن مزمان کي
نيئي اچڻ لاءِ موڪليندا هئا. حيدرآباد کان ٽيهه
ميل مفاصلي تي، ڊاڪٽر برنس جي آجيان لاءِ، ميرن جو
عزيز محمد خان ٺورو ۽ موسو ڪپتان، ٻه مکيه عملدار،
موڪليا ويا. نيٺ، ڏهين نومبر جي اَسر جو انگريزي
طبيب ۽ سندس ساٿي اچي حيدرآباد سهڙيا. ڊاڪٽر برنس
جو جيڪو آءٌ – ڀاءُ ٿيو هو، سو اڳين انگريزي
سفارتن ۽ وفدن (1808ع، 1809ع ۽ 1820ع) کان گهڻو
علحدو ۽ نيارو هو. انهيءَ جو سبب ڳولڻ اوکو ڪونهي.
محمد خان ٺوري انهيءَ کان ڊاڪٽر برنس کي رستي ۾ ئي
واقف ڪيو هو. هن جو چوڻ هو ته هن کان اڳ جيڪي به
انگريز ميرن جي دربار ڏي آيل هئا، سي سڀ پنهنجي
سوارٿ سڌ ڪرڻ ڪارڻ ئي آيا هئا، پر ڊاڪٽر جيمس برنس
ميرن جي شخصي نوتي تي ئي آيو هو، تنهنڪري سندس
آجيان سڀاويڪ علحدي ئي ٿيڻ گهربي هئي. درٻار ۾ به
ڊاڪٽر صاحب جي خوب مرحبا ڪئي ويئي، جنهن ڊاڪٽر تي
گهاٽو اثر ڪيو. ميرن پنهنجو مکيه وزير، ڊاڪٽر ۽
سندس ساٿين جو سرڪار ريت مهماندار مقرر ڪيو. پهرين
ملاقات جلد پوري ٿي، ۽ ڊاڪٽر پنهنجيءَ بيٺڪ تي
آيو، جا شهر کان فرلانگ – ڏيڍ مفاصلي تي وڻڪارَ وچ
لڳائي ويئي هئي. منزل تي ميراڻي خاطرداريءَ چڱو
رنگ ڪيو. سرڪاري مهماندار، ڊاڪٽر ۽ سندس ماڻهن جي
پرگهور ڪاڻ اُهي يتن ڪيا، جي دنيا ڀر ۾ پنهنجو مَٽ
پاڻ هئا. فقط نيرڻ تي ئي سندس لاءِ روپين رڇين ۾
پڙڇيل، سونن ورقن سان سينگاريل، ڊزن کن طرحين
طرحين طعام، سندن مسلم پوئلڳن لاءِ ڌار قسمين
قسمين ساڳ، ۽ سندس هندو ساٿين ڪاڻ جدا جدا نمونن
جا ميوا، مٺايون ۽ ٻيا کاڄ اچڻ شروع ٿي ويا. تمام
مَئو مال موڪلڻ ڪري، ڪيترو اجايو زيان به ٿيندو
هو. انهيءَ ڳالهه تان انگريزي ڊاڪٽر جو پنهنجي
مهماندار سان بحث مباحثو به ٿيو، ۽ مس ڪري هن
ايتري اجائي مال تي ڪجهه روڪ وجهڻ جو انجام ڪيو.
حيدرآباد پهچڻ واريءَ شام جو ڊاڪٽر برنس جي ميرن سان خانگي
ملاقات ٿي. هن ڀيري فقط مير مراد علي خان جي
بيماريءَ جو ذڪر هليو. مير صاحب پنجن مهينن لاڪر
بستري داخل هو. سنڌ جا جراح، حڪيم ۽ ويڄ حيلا
هلائي بيٺا هئا، پر سندن ڦڪين ۽ ٻڪين ڪوبه فرق نه
وڌو، جنهنڪري مير صاحب، ڇٽڻ جو آسرو پلي، پنهنجي
وصيت پڻ لکي ڦٽي ڪئي هئي. انگريزي طبيب پنهنجن
اوزارن سان مير صاحب جي بيماريءَ جاچڻ ۽ اُن جي
ڪارڻ ڳولي لهڻ لاءِ خوب محنت ڪئي، ۽ باريڪيءَ سان
تپاس بعد دوا ٺهرائي. اِلاهي اسرار ته اهو ٿيو جو
ڏهن ڏينهن اندر بيماريءَ جو ڊيڄاريندڙ اُهڃاڻ بنهه
غائب ٿي ويا-- ۽ اِهو سارو ڪم ’ڪوئنن‘ جو ئي هو!
مير مراد علي خان جنهن ريت ترت شفا حاصل ڪرڻ سببان ميرن جو
ڊاڪٽر برنس ۾ ايمان ٻَجهيو ۽ اعتبار سرس ٿيو، جنهن
جهڙو اڳ ڪنهن انگريز سندن درٻار ۾ حاصل نه ڪيو هو.
راڄ – گهراڻي جي ٻين به ڪيترن ڀاتين، برنس جي طب
جو فائدو وٺي، بيماريءَ کان ڇوٽڪارو ۽ سالم صحت
حاصل ڪئي؛ تنهن کان سواءِ عام خلق ته سَوَن ۾ شفا
پاتي. پر ڊاڪٽر برنس هر ڪنهن جي بيماري ڳولي لهڻ ۾
ڪامياب ڪين ٿيو. مثلا، مير نورمحمد خان، مير مراد
علي خان جو فرزند، ڊاڪٽر برنس سان خاص ڏمريو، جيئن
ڊاڪٽر صاحب پاڻ ٿو لکي: ”مون وٽ نه هئي علاوالدين
واري جادُو – بَتي، نه ’پراسپيرو‘ وارو ڇؤ – جهاڙ،
جنهن جي طاقت سان کڻي آءٌ سندس ڪجسي ۽ سادي چهري
کي سندس ڀاءُ نصير خان جهڙو شاهاڻو ۽ شانائتو
بڻايان.“
جيتوڻيڪ ڊاڪٽر برنس مير مراد عليءَ جي مرض جو علاج جهٽ ڳولي
لڌو، ته به ميرن کيس جنوري 1827ع توڻي واپس وڃڻ
ڪين ڏنو؛ انهيءَ ريت ڊاڪٽر برنس کي ميرن جي درٻار
۾ سڄا سارا ٽي مهينا رهڻو پيو. اهو سارو وقت فرنگي
ڊاڪٽر اجايو ضايع ڪين ڪيو؛ اِهو هُن ملڪ، اُن جي
خلق ۽ حاڪمن جي چڱيءَ طرح ڄاڻ پڇاڻ ۾ صرف ڪيو. هن
ميرن جي مزاج ۽ شوق، خاصيتن ۽ خصلتن، ۽ تنهن کان
سواءِ سندن انگريزن بنسبت روش جاچڻ تي خاص ڌيان
ڏنو. ملڪ جو انتطام، حاڪمن جي آسودگي ۽ رعايا جي
حالت ڊاڪٽر برنس بخوبيءَ ۽ باريڪيءَ سان جاچي. اها
ساري خبر چار لهڻ لاءِ ڊاڪٽر برنس کي خاص سهولتون
ميسر ٿي مليون، ڇاڪاڻ ته ميرن جو منجهس ڪُلي
ويساهه هو ۽ هُو بنا هٽڪ هر هنڌ گهمي ڦري، لڙهه
وچڙ ۾ اچي ٿي سگهيو. انهيءَ ڪارڻ، سنڌ جو جيڪو
بيان ڊاڪٽر برنس پنهنجي ڪتاب ۾ درج ڪيو آهي، سو
گهڻي ڀاڱي اعتبار جوڳو ۽ سچو آهي. اڳين يورپي
ليکڪن جا سنڌ بنسبت بيان اَڻپورا آهن، ۽ انهن تي
اعتبار به ڪين ٿو ڪري سگهجي، ڇو ته انهن فرنگين کي
برنس جهڙا احوال هٿ ڪرڻ جا وجهه خيرڪي مليا،
جنهنڪري لاچار کين اڻسڌيءَ طرح، لڪچوريءَ هٿ ڪيل
خبرن مان پنهنجا ٽٻ پڙهڻا پيا. مثال طور، جڏهن
داڪٽر برنس ميراڻي انتظام جو نقص سندس نيڪ نيتيءَ
جي اڻڄاڻائيءَ تعصب ۾ گهلجي وڃڻ ۾، ۽ نه سندن حق و
ناحق، ظلم ۽ بي ايمانيءَ ۾ لهي ٿو، ته هُو سنڌ جي
حقي حالتن جي ڄاڻپ مان ظاهر ٿو ڪري ته ڪيتريقدر نه
انهيءَ وقت جي ٻين مصنفن، حالتن جي مٿاڇري تي
ملاحظو ڪري، مسئلي ۾ ڳُوڙهو نه وڃي، اُبتا مطلب ٿي
ڪڍيا، ۽ ڪيتريقدر نه ڊاڪٽر برنس حالتن جو پوريءَ
طرح معائنو ڪري حقيقتون پيش ڪيون آهن، آخر، مس
ڪري، ايڪهين جنوري 1828ع تي، موڪلاڻيءَ جي ملاقات
ڪري، ميرن ڊاڪٽر برنس کي ڀُڄ وڄڻ جي رخصت ڏني، ۽
هو ٺاهوڪيون سوغاتون ۽ غريبن جون دعائون ساڻ ڪري،
ميرن جي جهمٽيءَ ۾ لاڙ ڏي اُسهيو، ۽ ٺٽي کان
خشڪيءَ رستي ڀُڄ روانو ٿيو. ڊاڪٽر برنس جي سنڌ –
درٻار ۾ آمد ڪري انگريزن کي نه فقط ميرن جي ملڪ جو
خاطريءَ جوڳو احوال مليو، پر ملڪ جي راڄ – ڌڻين
سان اهو دوستانو ناتو ڳنڍيو جو جلد کين ڪارگر ريت
ڪتب آيو، جڏهن کين سنڌونديءَ جي ڪناري وارن ملڪن
سان رس رکڻ لاءِ چند سالن ۾ سياسي حالتن مجبور
ڪيو.
سنڌ جي برنس واري خاطرخواهه احوال کان اڳ ئي، سنڌونديءَ جي وصفن
جي خبر ڦهلجي چڪي هئي. مشهور سفير مورڪرافٽ (Moorcroft)
سنڌونديءَ رستي واپار مان نفعي جو چٽو نقش پيش ڪيو
هو، جو ظاهري طرح اهڙو ويساهه جوڳو نظر پئي آيو جو
هندستان ۾ انگريزي اختياريءَ وارن اُن جي پنهنجي
سر خاطري ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺڻ مناسب سمجهي.
انگريزن کي فقط واپاري نفعي سنڌونديءَ جي جاچ لاءِ ڪين اُڀاريو.
هندستان ۾ انگريزي سلطنت تي اُتر – اولهه کان ئي
هلان ٿيڻ جو هميشه انديشو پئي رهيو، ۽ جيڪڏهن
سنڌوندي واپاري آمدرفت لاءِ ڪارگر هئي، ته پوءِ
وقت سر انگريز سنڌوءَ تي جنگي ٻيڙا هلائي، پنهنجو
لشڪر درياهه رستي نيئي، دشمن کي مٿي ئي روڪي ٿي
سگهيا. سک مهاراجا رنجيتسنگهه ته اڳي ئي سنڌوءَ جي
واديءَ ۾ اکيون وجهيو ويٺو هو، ۽ انگريزي
اختياريءَ وارن کي پرون اهي ئي پئي پيا ته ڪنهن
ڏينهن سلطنت جي بچاءَ خاطر اتر – اولهه کان ايندڙ
دشمن جو مقابلو کين هندستان جي سرحد تي ئي ڪرڻو
پوندو؛ تنهنڪري کين انهيءَ اُلڪي اچي ورايو ته
جيڪڏهن سنڌ ملڪ سِک مهاراجا پنهنجن حدن اندر آڻي
ويو، ته پوءِ انگريزي فوج کي هندستان جي اُتر –
اولهه سرحد تي پهچڻ خاطر اتان لنگهه مشڪل ملندو،
ڇو ته خاطري هئي ته سک مهاراجا مقابلي ڌاران
انگريزي لشڪر کي پنهنجين حدن مان لنگهه نه ڏيندو:
ان ڪري انگريزن ويچار ڪيو ته هينئر ئي سنڌونديءَ
جي جهازرانيءَ جي لائقيءَ جي خبر لهي، سنڌ
پنهنجيءَ سلطنت سان لڳائي ڇڏبي، ته ڇيڙو ئي ڇُٽي
پوندو.
مورڪرافٽ واپار جو ويچار ڪيو، ته بمبئيءَ جو گورنر مالڪوم (Malcolm)
وري ان سان گڏ سلطنت جي بچاءُ جو خيال ڳنڍيو.
مورڪرافٽ جي رٿ مان مالڪوم جو منورٿ پڻ پورو ٿي
ٿيو. مالڪوم جي چوڻ تي ئي هندستان ۾ برطانوي سلطنت
جي اتر – اولهه سرحد، ۽ سنڌونديءَ جي ان جي بچاءَ
بنسبت اهميت جو تذڪرو تيار ڪيو ويو. انهيءَ تذڪري
۾ سنڌ ملڪ هڙپ ڪرڻ جي ضرورت چٽيءَ ريت ظاهر ڪيل
هئي، ۽ اها رٿ هندستان ۾ توڙي ولايت ۾ اختياريءَ
وارن کي خاص آئڙي. پر چارلس ميٽڪاف (Charles
Metcalfe)،
گورنر جنرل جي ڪائونسل جي جبري ميمبر، ان جي سخت
مخالفت ڪئي. انهيءَ ڏس ۾ هن هيئن لکيو:
”ويجهڙائيءَ ۾ مخفي ڪاميٽيءَ جي هڪ خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسين
سنڌ جي حاڪمن کي اسان جي رٿن ۾ رڪاوٽن وجهڻ کان
ڪيئن به روڪيون—يعني ته ساڻن جنگ به جوٽيون، جيئن
هو اسان جن خيالن سان ٺهڪي ايندڙ نيتي اختيار ڪن.
ظاهر ڪيل نيتيءَ کي عزت سان ڏسندي، مان انهيءَ چوڻ
کان ڪين گسندس ته هن روش جي انترراشتريه قاعدو
پٺڀرائي ڪين ٿو ڪري. پر اها نيتي، منهنجي خيال ۾،
اسان جي ڏيهي دربارين ڏانهن نيتيءَ جو اڳرو روپ
آهي، ۽ اها نيتي اسان جي آبروءَ تي سخت ٽڪو آهي.
ڏيهي راڄ – ڌڻين سان اسان جي نيتي، جيستوڻي اسان
کي ڪومطلب سڌ ڪرڻو نه آهي، ڪيتريقدر به کڻي واجب ۽
بنا دست اندازيءَ واري هجي، پر جيئن ئي ڪو پريوجن
پورو ڪرڻ لاءِ منهن ٿو ڪڍي، ته اسين هڪدم اُٻهرا
ٿيو وڃون ۽ ڏاڍائيءَ کان ڪم وٺڻ تي سندرو ٻڌون،
گهربل سهنج حاصل ڪرڻ تي هوڏ رکون ۽ ناڪار يا دير
اصل ڪين برداشت ڪريون، ٻين جي حقن جي پرواهه نه
ڪري پنهنجي سهوليت کي ڏسون، ۽ اسان سان ساٿ ڏيڻ يا
ان جي بدلي جنگ—ٻنهي مان ڪنهن به هڪ رستي اختيار
ڪرڻ لاءِ ٻئي کي مجبور ڪريون. هن ويل اسان کي روس
جي ڪاهه جو انديشو وڪوڙي ويو آهي. ڏسڻ ۾ ائين پيو
اچي ته روس ۽ هندستان ۾، انگريزي سلطنت جي وچ ۾
اچي ويندڙ حڪومتن کي اسان کي ڪيئن به پنهنجي
خيالات سان شامل ڪرائڻو آهي، يا اسان جي ساٿ ڏيڻ
لاءِ کين مجبور ڪرڻو آهي—جيتوڻيڪ ڏيهي حاڪم روس
مان ايترو خطرو نٿا سمجهن، جيترو اسان مان هو پاڻ
کي خطرو محسوس ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته ملڪ ڳڙڪائڻ جي علت
کان اسين روسين کان وڌيڪ مشهور معروف ٿي چڪا
آهيون، ڇو ته انهن حڪومتن کي هندستان جي ڏيهي
حڪومتن جي هڙپ ٿي وڃڻ جو ويجهو، چٽو ۽ تازو مثال
اکين اڳيان پيو ڦري.“
ميٽڪاف پنهنجي سر روس مان هندستان ۾ برطانوي سلطنت تي ڪاهه جو
خطرو ڏُور ۽ خيالي ٿي سمجهيو، ۽ انهيءَ ڪارڻ هن
پهري سجاڳ ٿي چوطرف جاچ رکڻ جي نيتيءَ اختيار ڪرڻ
تي زور ڀريو، ڇو ته هن جو چوڻ هوته ”هن وقت جي
اونداهيءَ ڇانيل حالت ۾ اسان کي ڪوبه اهڙو قدم کڻڻ
ڪين جڳائي جو پس پيش نامناسب ثابت ٿئي“؛ تنهنڪري
هن وچ وارين حڪومتن سان دوستيءَ جي روش اختيار
ڪرڻ، ۽ نه مٿن زور آڻي پاڻ کين انگريزن جو دشمن
بنائڻ، بهتر سمجهيو. ميٽڪاف جي مخالفت هوندي به
مالڪوم جي رٿ لارڊ وليم بينٽنڪ، هندستان ۾ انهيءَ
ٽاڻي انگريزي گورنر جنرل، کي خاص قبول پيئي.
”انگلستان کي سنڌونديءَ جي پسگردائيءَ وارن ملڪن
مان ظاهر ظهور نفعو، ۽ ان طرح جي جدا جدا حڪومتن
سان دوستاڻي رستي جي شروعات، جا پس پيش اسان لاءِ
فائديمند ۽ ڪارگر ٿيڻ واري پئي لڳي، ان جو موقعو
عالي سرڪار جي اعليٰ صدر جي خيالن کان پري ٿي نٿي
سگهيو.“ هندستان ۾ انگريزي سلطنت جي بچاءَ ڪاڻ،
انهيءَ ڪري، هن هيءَ اڳري نيتي اختيار ڪرڻ بلڪل ئي
مناسب سمجهي، پوءِ ڇو نه کڻي ان نيتيءَ اختيار ڪرڻ
لاءِ ٻين ملڪن ۽ حڪومتن ۾ فوجي دست اندازي ڪرڻي
پوي. پر هن نيتيءَ اختيار ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن ۽
حڪومتن ۾ فوجي دست اندازي ڪرڻي پوي. پر هن نيتيءَ
اختيار ڪرڻ کان اڳ سنڌونديءَ جي چڪاس لهڻ، ۽ ان لڳ
ملڪن جي حالتن کان بخوبي واقف ٿيڻ بلڪل ئي ضروري
هو، تنهنڪري سنڌونديءَ جي جاچ پڙتال جريب – ڪشي
ضررو ڪرڻي هئي.—پر ڪهڙي بهاني؟
انهيءَ لاءِ جوڳو عذر ته ڄڻ انگريزن وٽ هڪيو حاضر هو. جنهن ويل،
1828ع ۾، لارڊ آئمهرسٽ (Amharst)
انگلنڊ جي بادشاهه لاءِ مهاراجا رنجيتسنگهه وٽان
تحفي طور موڪليل شالوئي تنبو کولي پيش رکيو، ته
انگلستاني شهنشاهه وليم جي شڪل ٽِڙي پيئي، ۽ هن
دوستاڻيءَ روش جي موٽ ۾ پنجاب جي شير ڏي مشهور
سفاڪ نسل جون چار لاثاني گهوڙيون ۽ هڪ سانِي گهوڙو
سوغات طور موڪلڻ جا حڪم ڪڍيا- انهيءَ ويٺل وهم هيٺ
ته سک مهاراجا گهوڙن جو ڪوڏيو هو. گهوڙا به
بمبئيءَ مس اچي سهڙيا، ته سنڌونديءَ جي جهازرانيءَ
جي لائقيءَ ڄاڻڻ جي رٿ جڙي راس ٿي. ليفٽيننٽ ڪرنل
هينري پاٽنجر اِتي رايو ڏنو ته انگلنڊ کان آيل
گهوڙن گهوڙين سان جيڪڏهن هڪ ڳَوري پر شاندار گاڏي،
جا خشڪيءَ رستي موڪلڻ هوند ڏکي ٿئي، به لاڳو ڪبي
ته پوءِ نديءَ رستي سوغاتن نيڻ تي ميرن کي هرگز
اعتراض نه ٿيندو، ۽ نڪي ڪي کين ڪو شڪ ئي پوندو ته
سوغاتون نيندڙ سفارت جو پاڻيءَ رستي پنجاب وڃڻ ۾
ڪوبه اندروني مطلب به سمايل آهي.
سک مهاراجا لاءِ انگلنڊ کان آيل سوغاتن پهچائي ڏيڻ جو سونو وجهه
وٺي، انگريزن سنڌونديءَ ۽ سندس لاڳو ملڪن جي جاچ
پڙتال ڪرڻ جو پهه پڪو ڪيو. سر جان مالڪوم، بمبئيءَ
جي گورنر، پنهنجيءَ سرڪار جي پورڻ ساٿ ڏيڻ خاطر،
کيس 1810ع ۾ لارڊ منٽو (Minto)
وٽان سوکڙيءَ طور مليل عاليشان گهوڙي گاڏي ڪڍي
ڏني، جيئن سنڌونديءَ جي جاچ ۾ ڪنهن به قسم جو رخنو
نه پوي. پر، تنهن هوندي به سنڌ جي ميرن وٽان
اعتراض اُٿارڻ جو انديشو محسوس پئي ڪيو
ويو—جيتوڻيڪ ائين پڻ سمجهيو پئي ويو ته حاضر سياسي
حالتن هيٺ هڪ طرف انگريزن ۽ ٻئي طرف سک مهاراجا
کي، سوغاتن جي پاڻيءَ رستي نيڻ تي بندش وجهي،
ناراض ڪرڻ جو ڪڙو قدم کڻڻ سنڌ جي ميرن لاءِ البت
ڏکيو هو.
سنڌونديءَ جي جاچ جو ڪم اليگزينڊر برنس (Alexander
Burnes)،
ڊاڪٽر جيمس برنس جي ڀاءُ، جو انهيءَ وقت ڀُڄ ۾
انگريزي ريزيڊنٽ جي بيٺڪ ۾ نائب هو، کي سونپيو
ويو. يورپي لوڪن کي 1830ع توڻي سنڌونديءَ بنسبت
خاطرخواهه ۽ خاصي خبر گهڻي خيرڪا هئي، تنهنڪري
برنس کي سنڌونديءَ ۽ اُن جي ڪپ تي بيٺل ملڪن بنسبت
هر قسم جي خبرچار هٿ ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪيو ويو. شڪ
کي اڃا به ٽارڻ ڪاڻ، سوغاتن نيڻ جو وجهه وٺي، برنس
کي ٻنهي ميراڻين درٻارن – حيدرآباد ۽ خيرپور – ڏي
وڃڻ جي پڻ هدايت ڪئي ويئي، جيتوڻيڪ سنڌ – درٻارن
ڏي سفارت موڪلڻ جي هن وقت ڪابه ضرورت ڪانه هئي.
وري به ميٽڪاف سنڌونديءَ جي جاچ پڙتال واريءَ
تجويز خلاف جبرو رايو پيش ڪيو، ۽ عالي سرڪار جو ان
جي اُگرن نتيجن ڏانهن ڌيان ڇڪايو. هن لکيو:
”مهاراجا رنجيتسنگهه ڏي سوغاتن موڪلڻ جي بهاني سنڌونديءَ جي جاچ
پڙتال جي تجويز مون کي سخت اعتراض جوڳي ٿي نظر
اچي. اهو فن فريب اسان جي سرڪار جي شان وٽان ناهي،
۽ جيڪڏهن ظاهر ٿي پوي، جنهن جو گهڻو امڪان آهي، ته
اُنهن ۾، جن سان اسين اها حرفت هلون ٿا، اسان خلاف
سخت غيرت ۽ نفرت پيدا ڪندي. اها اهڙي ئي قسم جي
اٽڪل آهي، جنهن جو ڏوهه هيلتوڻي اسان تي غلطيءَ
کان مڙهيو پئي ويو آهي، ۽ جنهن جو ڏيهي حاڪمن کي
اسان مان هميشه ڏَر رهي ٿو. هيءُ مثال انهيءَ
بيواجب شڪ جي تصديق ڪندو، ۽ اسان کي فائدي پهچائڻ
بدران صدمو رسائيندو، ڇاڪاڻ ته اهو لعنت جي لائق
سبب ٿي پوندو. ائين لاشڪ آهي ته سنڌونديءَ ۽ سنڌ
ملڪ جي جاچ پڙتال اسان کي نه فقط انهيءَ ملڪ کي
نقصان رسائڻ جي توفيق بخشيندي، پر اهو ملڪ هٿ ڪرڻ
۾ پڻ ڪارگر ٿيندي، جا پس پيش اهڙي ڪنهن فائديمند
ڏس لاءِ ڪم آندي وڃي. سنڌ جي حاڪمن کي انهيءَ ڪري
اسان جي جاچ پڙتال جي تجويزن تي ايترو ئي اعتراض
هئڻ گهرجي، جيترو ڪنهن به يورپي حڪومت کي هوند
ٿئي، جيڪڏهن ڪنهن ڌارئي ملڪ جا انجنير اُن جي قلعن
جي جاچڻ لاءِ اچن؛ ۽ وري اهڙيءَ رٿ کي عمل ۾ آڻڻ
کان روڪڻ لاءِ هنن کي هر ڪنهن قسم جي ڪوشش وٺڻ
جڳائي ۽ لازم آهي.“
پر ميٽڪاف جا مڙيئي اعتراض نڪما ثابت ٿيا، ۽ جنوري 1831ع جي وچ
ڌاري سفر جا سانباها پورا ٿي چڪا. انگريزي ايلچي،
21 – جنوري تي، پويان حڪم وٺي، پنهنجن چند ساٿين
سان – جن ۾ اينسائين جي. ڊي. ليڪي (Ensign
J.D.leckie
)، ٻاويهين ڏيهي فوج وارو، هڪ سروير، هڪ ڏيهي
طبيب، ۽ ڪجهه نوڪر چاڪر هئا – مانڊويءَ بندر تان
سنڌ ڏانهن اُسهيو. برنس ۽ سندس ساٿي 24 – جنوريءَ
تي ’ڪوري‘ (Kori
) ڇوڙَ – يعني سنڌونديءَ جي بلڪل اوڀرائين ڇوڙَ –
وٽ پهتا، ۽ چار ڏينهن سنڌ جي سامونڊي ڪناري تي
تپاس ڪندا رهيا، مگر مٿن ڪنهن جي به نظر ڪانه
چڙهي. انگريزي پارٽي 28 – جنوريءَ تي ’ڦُٽِي‘ ڇوڙَ
– اولهائين ڇوڙَ - ۾ اچي لنگر هنيو. انگريزي
اختياريءَ وارن برنس جي سنڌ اُسهڻ جي خبر ميرن کي
اڳواٽ ڪانه ڏني هئي ته مڄاڻ هُو هڪدم برنس جي سنڌ
مان لنگهڻ تي بندش وجهن، ۽ ڪيل عهدنامن جو اُهو
قلم منهن ۾ ڏين، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته ڪوبه فرنگي
سنڌ ڏيهه مان نه لنگهندو؛ پر جيڪڏهن سندن دائمي
دوستن جوايلچي سندن سرحد تي سهڙيو، ته پوءِ ميرن
جي حالتن کي اَور نظر سان ڏسڻو پوندو: تنهنڪري
سمنڊ کان ٽيهه ميل ملڪ ۾ اندر اچي، ’ڌاراجي‘ بندر
تان، برنس ميرن کي پنهنجيءَ آمد ۽ سنڌوءَ رستي
لاهور وڃڻ جي ويچار جو احوال ۽ اطلاع ڏنو. هن جو
نتيجو اُلٽو نڪتو، جو ميرن جي عملدارن، حاڪمن جي
حڪم ڌاران انگريزي سفارت کي ملڪ ۾ وک وڌائڻ کان
صفا انڪار ڪيو؛ تنهنڪري برنس واپس موٽي ويو، ۽
پاٽنجر کي حالتن کان وڃي واقف ڪيائين. جلد ئي پوءِ
کيس ميرن وٽان هڪ دوستاڻو خط آيو، ڇو ته مير صاحب
هميشه موافق آيل مهمان کي موٽائي نٿي سگهيا، پوءِ
سندس آمد هو چاهين يا نه چاهين. هن خط ۾ ميرن
پنهنجي مهمان کي دلگهريو نوتو ڏيندي، کيس سندس رٿ
جي غير اِمڪاني هجڻ کان آگاهه ڪيو. سنڌو درياهه تي
جهازرانيءَ ۾ رڪاوٽن ۽ رنڊڪن جو وڏو وستار ڪندي،
ميرن برنس کي پنهنجيءَ رٿ کان باز آڻڻ جي هرڪا
ڪوشش ورتي. لکيائون ته ”چالو ٻيڙيون ايڏيون ته
ننڍيون آهن، جو هر هڪ ۾ چار يا پنج ماڻهو مس
ماپندا؛ تنهن کان سواءِ سندن رفتار پڻ ڍلي آهي؛
کين نه آهن کوها، نه سڙهه؛ اَزانسواءِ نديءَ جي
اونهائيءَ تي به ڀروسو ڪونهي، ۽ ڪٿي ڪٿي ته پاڻي
ماڻهوءَ جي چيلهه جيترو مس ٿيندو.“ مسافريءَ ۾
قدرتي رڪاوٽن جو اظهار ڪندي لکيائون: ”اسان جي
سانڀر ۾ ته ڪين سنڀرون ته ڪنهن سنڌوءَ جي ڇوڙ کان
لاهور توڻي سنڌوءَ رستي سفر ڪيو آهي.“ پر ميرن
برنس کي سنڌونديءَ رستي سوغاتن نيئي وڃڻ کان انڪار
هرگز ڪين ڪيو؛ هنن کيس دوستاڻي صلاح ڏني، باقي
سندس مرضي. برنس وري ڏهين فيبروريءَ تي سنڌ ڏانهن
وِک کنئي، پر قدرتي حالتن کيس نديءَ ۾ گهڙڻ کان
پنج ڏينهن کن ٻاهر روڪي بيهاريو. هيل هُو ڦٽياڻي –
وچولو – منهن وٺي مٿي چڙهيو، ۽ ڌاراجي بندر ۾ ميرن
جي منيب کي خط لکيائين، جنهن ۾ ساڻس اڳئين دفعي
سنئين پير نه کڻڻ جو ڏک ڪڍيائين. پر اڳيون عملدار
ته بدلي ٿي چڪو هو، ۽ نئين عملدار، انگريزن کي
سهولتن ڏيڻ ڪري ميرن جي ڏمر جو تخمينو لڳائي، برنس
۽ سندس ساٿين کي نه فقط بندر گي لنگر هڻڻ به ڪين
ڏنو، پر کين کاڌي پاڻيءَ پهچائڻ کان پڻ انڪار ڪيو؛
انهيءَ ڪري برنس وري مانڊويءَ موٽي ويو.
ميرن جي هيءَ اَڻدوستاڻي هلت سخت اعتراض جوڳي هئي. ميرن نديءَ
تي رڪاوٽن جو تيليءَ مان ٿنڀ بڻائي، انگريزي تجويز
خلاف، سنڌونديءَ جا چور – گپ، ڪُن، ۽ تانگها ۽
ريٽ، ٿُوڻا ٻڌي کڻي کڙا ڪيا هئا، ۽ انهن مڙني تي
ڀوڳ وجهندي انگريزن کي اطلاع ڏنو ته عالم جي ياد ۾
ته ڪنهن به اهڙي مسافري ڪڏهن ڪئي ڪانه هئي. ميرن
کي انهيءَ ئي انديشي اچي ورايو ته هيءُ انگريزي
وفد آخر انگريزي جوئي پيشوا آهي، تنهنڪري هن سفارت
کي سنڌ ۾ رکڻ جي اجازت ڏيڻ هرگز ڪين جڳائي. ڌارين
فرنگين کي سنڌوءَ جي جهازرانيءَ ڌاران سنڌ جي ٻي
سڀ سُڌ هئي، هيلتوڻي هو لشڪر سنڌ مان لنگهائي ڪين
سگهيا هئا، سو به انهيءَ ڪارڻ جو کين نديءَ جي
ڪابه خاص خبر ڪانه هئي. فرنگين جِي جي سنڌو درياهه
سان واقفيت ٿي، ته پوءِ ميرن کان ڄڻ ملڪ ويو! ڪرنل
پاٽنجر کي جو برنس وٽان سربستو احوال مليو، تنهن
ميرن سان هيءُ سوال کنيو: چي، هيءُ ٿورو عرض ڪين
ٿا مڃو،باقي وتو پاڻ کي انگريز بهادر جي دوست
سڏائڻ ۾ شرف وٺندا! هوڏانهن سک مهاراجا کي ڏانهنس
سوکڙين رواني ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ويو هو. سوکڙين
پهچڻ ۾ دير پوڻ تي سک مهاراجا کي سوچ ٿيو، ۽ هن
پنهنجيءَ درٻار ۾ انگريزي گماشتي کان اُن جو سبب
پڇيو. انگريز کي ته اهڙو وجهه کپندو هو. چي، ’اهي
سنڌ جا مير ئي آهن، جن دير ڪرائي آهي. هو سوکڙين
آڻيندڙن کي پنهنجي ملڪ مان لنگهه ڏيڻ تي صفا نابري
واري ويٺا آهن.‘ مهاراجا رنجيتسنگهه هيءَ خبر ٻڌي
کامي اُٿيو. ميرن جي ڪهڙي مجال جو هو سندس سوکڙيون
کيس پهچڻ ۾ وگهن وجهن! ميرن جي گماشتن کي سڏائي
کانئن سوال – جواب ڪيائين، جن کيس سوکڙين جي لنگهه
۾ انگريزن جو اندروني منورٿ ذهن نشين ڪرايو: چوڻ
لڳا ته ’جيئندا قبلا، حقيقت هن ريت آهي ته اها
گاڏي جنهن ۾ چون ٿا ته اوهان لاءِ انگلنڊ جي
بادشاهه وٽان آيل سوغاتون موڪليل سونن سڪن سان
سٿيل آهي، ۽ مير هڪ لک ماڻهو ميڙي انهيءَ دوکيباز
سفارت کي روڪي رهيا آهن.‘ مگر مهاراجا ته ائين ئي
محسوس ڪيو ته مير ڄاڻي واڻي سندس سوغاتن جي لنگهه
۾ اَلنگهن وجهي، سندس بيعزتي ڪري رهيا هئا. کيس
ائين به سُجهي آيو ته ميرن جي هن اَڻواجب رڪاوٽ تي
شايد انگريز به بگڙي اُٿن، ۽ جوش وچان فوج سنباهي،
سنڌ تي ڪاهي، اهو ملڪ، جنهن ۾ ڳچ عرصي لاڪر سندس
اَک هئي، فتح ڪري وڃن. انهيءَ ڪارڻ مهاراجا پنهنجي
ڪپتان کي تڪڙا حڪم موڪليا ته هڪدم ديري غازي خان
جي سرحد تي جنگي مظاهرو ڪري، ميرن کي سندن هلت تي
مهاراجا جي سخت رنجش ۽ اُن جي اُگرن نتيجن کان
آگاهه ڪري. انهيءَ وچ ۾ ميرن ڪَڇ ۾ انگريزي
ايلچيءَ کي سرچايو. هنن انگريزي نائب کي ذهن نشين
ڪرايو ته حاضر عهدنامن موجب هو کين لنگهه ڏيئي نٿي
سگهيا، پر جيڪڏهن انگريزي ايلچي کين خاطري ڏيندو
ته انگريز آئيندي هن لنگهه جو ڪو آجوڳ فائدو نه
وٺندا، ته ڀل برنس سوکڙي نيئي وڃي. پاٽنجر اهڙو
اقرار ڪيو. ميرن نٿي چاهيو ته رنجيتسنگهه کي ناراض
ڪيو وڃي، تنهنڪري انگريزن توڙي رنجيتسنگهه کي
اطلاع ڏنو ويو ته برنس کي سوکڙيون سنڌونديءَ رستي
کڻي وڃڻ لاءِ موڪل ڏني ويئي آهي.
ڏهين مارچ 1831ع تي برنس ۽ سندس ساٿي سنڌونديءَ جي وچولي ڇچوڙ
حجامڙي ۾ گهڙيا، ۽ ڪجهه ردبدل بعد، ميرن جي حڪم
اچڻ تي، اُتر اُسهيا. انگريزي ٽولي ڇهن سنڌي ٻيڙين
۽ هڪ انگريزي ننڍي ٻيڙيءَ (جهاز جي ٻيڙي،
pinnace،
جا هن ڪَڇ کان آندي هئي) ۾، 12 – اپريل تي،
حيدرآباد ڏانهن رواني ٿي. جئن ئي هي ٻيڙيون صف
ٻَڌيو اڳتي وڌي رهيون هيون ته ڪناري تان ماڻهو کين
آڀارڻ لڳا. هڪ هنڌ هڪ سيد هن ٻيڙين جي دس ۾ فرنگي
وڌندا ڏسي آکيو، ’افسوس، سنڌ اسان کان ويئي:
انگريز درياهه جو پيٽ ڪَڇي ويا، جنهن دوران ئي
دشمن اسان جي ڏيهه تي ڪاهي فتح پائي سگهي ٿو.‘ سيد
صاحب جو گفتو بيشڪ پيش خبر ثابت ٿيو؛ ٿورن ئي سالن
اندر ميرن جي ملڪ ۾ انگريز جو جهنڊو بلند ٿي ويو.
هيءُ ٻيڙين جو جٿو 18 – اپريل تي اچي حيدرآباد
سهڙيو. رستي تي انگريزي ٽوليءَ سنڌ جي سوادي پلي
ڦاسائڻ جي ترتيب ڏٺي. سنڌ – درٻار ۾ آيل انگريزن
جي جوڳي آجيان ٿي، ۽ مکيه وزير جي غير حاضريءَ ۾
سندس وليعهد کي فرنگين جو مهماندار مقرر ڪيو ويو.
درٻار ۾ اڳيون ٺٺ ۽ رعب ڪونه هو. مير نصير خان،
مير مراد علي گادي نشين مير جي ٻئي پٽ، جوئي پيءُ
جو ملوڪ ۽ محبوب پٽ هو، برنس کي يقين ڏياري هوئي
انگريزن جو سچو دوست هو ۽ هن جي ڪوشش ڪري ئي کين
درياهه رستي سنڌ مان لنگهه مليو. مير مراد علي خان
پڻ برنس ۽ سندس ساٿين جي خوب لفظي مرحبا ڪئي.
ملاقات بعد انگريزي ايلچيءَ سندن لاءِ آندل
سوغاتون ميرن ڏي موڪليون، جن ۾ بندوقون، پستول،
گهڙيال، سونيون واچون، دوربينيون، انگريزي ڪپڙو ۽
شالون، شيشي جا شمعدان، ڪجهه پٿر واري ڇاپي جا
بمبئيءَ ۾ ڇپيل ڪتاب، هندستان ۽ دنيا جا نقشا،
وغيره هئا. مير صاحب سوکڙيون جاچڻ بعد گهڙيال ۽
شمعدان واپس موڪليا ته انهن بدران کين ٻيو ڪجهه
موڪليو وڃي، پر انگريزي ايلچيءَ سندن هيءُ واجب
عرض – سندن خيال موجب – ڪين اگهايو. ٻي ملاقات
ڪري، انگريزي پارٽيءَ حيدرآباد مان لنگر کنيو، ۽
اتر طرف وڌيا. موڪلائڻ ويل مير نصير خان انگريزي
ايلچيءَ کي ڳاڙهي مخملي مياڻ ۾ پيل هڪ سهڻي شمشير
سوغات طور ڏني، ۽ مکيه مير پندرهن سو روپيا روڪ
تحفي طور موڪليا، جو وٽس اُن ويل ايلچيءَ کي ڏيڻ
لائق جَڙيل تلوار ڪانه هئي. 23 – اپريل تي انگريزي
سفارت ميرن جي ٻيڙيءَ ۾ حيدرآباد کان راهي ٿي، ۽ 1
– مئي تي سيوهڻ پهتي، جتي انگريز ٽي ڏينهن ترسيا.
ٽوليءَ جي سيوهڻ ڇڏڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ، خيرپور جي
ميرن جو پيشڪو اچي کين گڏيو. محمد گوهر پنهنجن
حاڪمن پاران فرنگين جي خاصي مرحبا ڪئي. مير رستم
خان جي انگريزن جي خاطرداري انهيءَ ويل کان شروع
ٿي ويئي. هاڻ محفلون لڳي ويون. برنس به پٺتي ڪين
پيو، ۽ مير صاحب کي ٿيل خاطرداريءَ تي خوب مبارڪون
ڏنائين. ڏهن ڏينهن اندر جٿو اچي بکر رسيو، جتي کين
خيرپور جو وڏو وزير فتح خان غوري اچي گڏيو، ۽ کين
درٻار ڏي وٺي هليو. انگريزي ايلچيءَ مير رستم خان
کي هڪ واچ، جوڙو پستولن جو، سيربين، ۽ ٻيون وچتر
ولائتي شيون سوغات طور ڏنيون. مير صاحب هي دوستانا
چنهه ڏسي گدگد ٿيو. برنس تي مير رستم خان خاصو اثر
وڌو. مير صاحب بابت برنس پنهنجي روزنامچي ۾ هيئن
لکيو: ”مير صاحب جنهن سانتيڪي ۽ مٺي نوع ۾ گفتگو
ٿي ڪئي، تنهن مان مون کي وسهڻ ۾ ئي ڪين پئي آيو ته
آءٌ ڪيئن بلوچي درٻار ۾ ويٺو هوس.“ خيرپور جي مير
انگريزي ٽوليءَ کي اڃا به وڌيڪ ترسي سندس ’مسڪين
مهماني‘ سويڪار ڪرڻ لاءِ زور ٻڌو. انهيءَ ’مسڪين
مهمانيءَ‘ جي وچور ۾ هر ويلي اَٺ – ڏهه ڇيلا ۽ ڏيڍ
سو کن ماڻهن جو سڻڀو کاڄ اچي ٿي ويو. جيستوڻي
انگريزي سفارت خيرپور ۾ ٽڪيل هئي، ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا
سندن لاءِ ٻاهتر جدا طعام، جن ۾ پلاهه قسمين
قسمين لذيذ کاڌا اچي ٿي ويا، مير موڪليندا هئا.
کاڌي وغيره جي موج سبب انگريزن جي خيرپور ڇڏڻ تي
دل ئي ڪين ٿي اُڄهي. موڪلائڻ ويل مير صاحب وٽان
انگريزي ايلچيءَ کي ٻه ڪٽاريون، سهڻين جڙتي
چيلهڪين واريون تراريون، سنڌ جو سنگين ڪپڙو، ۽ هڪ
هزار ڪلدار جي ڳوٿري تحفي طور مليا. تيستوڻي
انگريزي ٽوليءَ کي سنڌ جي فقيرن جو چڱو چوکو
آزمودو ملي چڪو هو. انگريزي ايلچيءَ هيٺينءَ ريت
سندن واکاڻ ٿو ڪري: ”سنڌ جا پينو حد هلاک ڪندڙ
ڀَنڊَ آهن. هو خيرات حاصل ڪرڻ خاطر هر قسم جا حيلا
هلائين ٿا، ۽ رستا اختيار ڪن ٿا؛ ويندي، وات ۾
گاهه چٻاڙڻ کان به ڪين گسندا، جيئن اڳلي کي ڪيئن
به مٿن ترس پوي.“ بکر پهچڻ کان اڳ انگريزي ايلچيءَ
۽ سندس ساٿين کي حيدرآباد جو مکيه وزير، ولي محمد
خان لغاري، پنهنجي اٽالي سوڌو گڏجڻ خاطر ستت
شڪارپور کان نڪتل، واٽ تي مليو. هن انگريزي
ايلچيءَ کي پڪ ڏياري ته سندس غير حاضريءَ ۾ ميرن
کي اُبتي ۽ غلط صلاح مليل ڏني ٿي ويئي، جنهن ڪارڻ
ئي انگريزي سفارت کي نديءَ جي دوآبي ۾ ڳچ دير سوڌو
روڪيو ويو هو، مگر جيئن ئي کيس پتو پيو ته هن هڪدم
مير صاحبن کي اهڙيءَ الٽيءَ روش کان باز اچڻ لاءِ
لکيو. انگريزي ايلچيءَ تي ميرن جي وزير رعب ۽
دٻدٻي خاص اثر ڪيو. روزنامچي ۾ انهيءَ جو ذڪر
ڪندي، برنس لکي ٿو: ”هو چار سو ماڻهن سان فرحتي
فرشن تنبن، محافن ۽ ڏولين سان، شان ۽ طومان سان
اچي رهيو هو. سندس اٽالي ۾ ناچڻين جا طائفا پڻ
هئا.“ 21 – مئي تي انگريزي ٽوليءَ بکر ڇڏيو، ۽ 17
– جولاءِ 1831ع تي هو وڃي لاهور پهتا. جيتوڻيڪ سنڌ
جي درٻارن ۾ انگريزن جي خاطرخواهه آجيان ٿي هئي،
ته به برنس ميرن جي فائدي ۾ ڪي ڪين لکيو. سندس
رايي ۾ مير ظالم حاڪم هئا، ۽ ماڻهو انهيءَ ڪارڻ
سندن برخلاف هئا. لکي ٿو، ”مون ماڻهن کي چوندو ٻڌو
ته اسين فتح جا پيشرو هئاسون.“ جلد ئي برنس پنهنجي
رپورٽ تيار ڪري اختياريءَ وارن اڳيان رکي، جنهن ۾
هن سنڌونديءَ جي جهازرانيءَ جي ڏانوَ ۽ ڪارگر ثابت
ٿيڻ جي تائيد ڪئي. هاڻ فقط عالي سرڪار جي هن ڏس ۾
گهربل اُپاءَ جي دير هئي.
جيتوڻيڪ مالڪوم جي تذڪري سنڌ فتح ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي هئي، ته
به حاضر سياسي حالتن اهڙو قدم سياڻپ ڀريو نٿي ثابت
ڪيو. في الحال اهو ضروي ڄاتو ويو ته سنڌونديءَ تي
واپاري ٻيڙن جوسلسلو چالو ڪري، انگريز، انهيءَ طرح
هندستان جي اُتر – اولهه طرف ملڪن ۾ پنهنجو واپاري
زور ڄمائي، روسين کي پس پيش اتان ٿيلهي ڪڍن- (روسي
لوڪ افغان – درٻار ۾ واپار ذريعي ئي زور حاصل ڪري
سگهيا هئا). ’ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ‘ جي مخفي
ڪاميٽيءَ جو پڻ اهو ئي رايو هو. سنڌ هينئر فتح ڪرڻ
ڪري نه فقط انگريزن کي وچ ايشيا جي سياسي معاملن ۾
منهن وجهڻو ٿي پيو، جنهن کان هو هميشه ونءُ پئي
ويا، پر ان سان گڏ پنهنجي جهوني دوست مهاراجا
رنجيتسنگهه کي به ناراض ڪيائون، جنهن يار کي سنڌ
سنڌ ۾ گهڻيون ئي آسون اميدون هيون: ايتريقدر جو
جيئن ئي هو سيد احمد شهيد جي سندس خلاف کڙي ڪيل
فساد کان فارغ ٿيو، تيئن سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جي
تيارين ۾ جنبي ويو هو، خود انگريزن کي انهيءَ
چڙهت ۾ ساڻس شامل ٿيڻ جي نينڍ پڻ موڪلي هئائين:
مگر فرنگين، پنهنجي پس پيش ڀلي جي تَڪ تور ڪري،
مهاراجا جي نينڍ تي ننڊ ڪرڻ بهتر ڀانئي. هنن
ويچاريو ته جيڪڏهن اسين اُتر – اولهه وارن ملڪن ۾
واپاري سهولتن ذريعي پنهنجو زور وڌائڻ ٿا گهرون،
ته اهو مطلب فقط سنڌوءَ تي واپاري ٻيڙين جي نئين
شدمد سان سلسلي چالو ڪرڻ سان ئي سِڌ ٿي سگهندو؛
انهيءَ ڪارڻ، رنجيتسنگهه سان هٿ ڳنڍڻ جو سود ڪهڙو؟
مهاراجا جو ساٿ ڏيندي لڙائيءَ ۾ بهرو وٺڻو پوندو،
۽ لڙائيءَ ۾ ٻنهي ڌرين جونقصان ٿيندو- هڪ جو شايد
ٻئي کان گهٽ، پر ڪوبه ۽ ڪيترو به نقصان بيسود ڇو
هموار ڪجي؟ جڏهن ٻئي سهنجائتي طريقي مطلب سڌ ٿي
سگهي، ته پوءِ جان مال جو ڇيهو ڇو سهجي؟ تنهن کان
سواءِ جيڪڏهن هينئر سنڌونديءَ تي واپار ٻيڙن جو
سلسلو چالو ڪيو ويو، ته وقت تي ضرورت پئي هو فوجي
ٻيڙا به وٺي وڃي سگهندا، خاص طرح جڏهن هندستان ۾
هيتري حصي تي سندن ڄمت قائم ٿي چڪي هئي. ميرن جِي
انگريزن اڳيان ڇا دال ڳرندي! تنهنڪري هو ڪڏهن به
انگريزن سان سينو ڪين ساهيندا، هو سندن مقابلي ڪرڻ
جو ساهس ئي ڪين ساري سگهندا. اهي ئي انهيءَ وقت جي
هندستان ۾ انگريزي گورنر جنرل، لارڊ وليم بينٽنڪ
جا خيال هئا. تنهنڪري، سنڌونديءَ تي واپاري ٻيڙين
جي سلسلي کي زور شور سان چالو ڪرڻ خاطر لاهور،
بهاولپور ، خيرپور ۽ حيدرآباد درٻارن ڏي سفارتون
موڪلي، هن واپاري آمدرفت جي سهوليت لاءِ رخصت حاصل
ڪرڻ جو بندوبست سٽيو ويو. مخالفت جو امڪان فقط
حيدرآباد ۽ لاهور جي حاڪمن مان هو، ڇو ته ٻيا ننڍا
يا نائب حاڪم ئي هئا. لاهور کي باز آڻڻ پڻ آسان
پئي لڳو، پر حيدرآباد کي سرچائڻ اهڙو سوکو ڪين هو،
ڇو ته اتي جي حاڪمن جي اها ئي نيتي هلندي ٿي آئي
ته ڌارين کي، خاص طرح يورپي لوڪن کي، پنهنجين حدن
۾ هرگز گهڙڻ نه ڏجي. تنهن کان سواءِ هندستان ۾
انگريزي ناظمن جو ڌيان انهيءَ حقيقت ڏانهن پڻ
ڇڪايو ويو ته هيءُ جو حيدرآباد جو مير شاديءَ
دوران ايران حڪومت سان ناتو ڳنڍي رهيو هو، ان جو
هو پس پيش سياسي فائدو وٺندو، سو به انگريزن خلاف
– ان جو گهڻو انديشو هو. لارڊ وليم بينٽنڪ، ڪرنل
پاٽنجر، جنهن کي ئي سنڌ جي درٻارن ڏي موڪلڻ لاءِ
رٿيو پئي ويو، جو هڪ خط ۾ ڌيان ڇڪايو ته ”مڄاڻ اهو
نئون ناتو روس ئي ڇيڙيو هجي، جنهن کي پوءِ سياسي
رنگ ڏيئي پختو ڪيو وڃي، انهيءَ آخرين مراد سان ته
ان ريت دوران ڪنهن هندستاني ڏيهي حڪومت سان ٻِٽ
ٿِي هندستان ۾ انگريزي سلطنت سان کونس ڪجي، ۽ وجهه
ملندي ئي مورڳو مٿس حملو پڻ ڪجي.“ خود طهران ۾
انگريزي ايلچيءَ سنڌ ۽ ايران وچ ۾ نئين ناتي کي
ڪنهن ريت روڪڻ جي گورنر جنرل کي صلاح ڏني؛ ڇو ته
انهيءَ رشتي سبب ڪنهن ويل به سنڌ جو حاڪم ايران
کان، ۽ ان دوران روس کان پڻ، جيڪڏهن انگريزن کي
بدلجندڙ حالتن انوسار سنڌ خلاف ڪن قدمن کڻڻ جي
ضرورت پيئي ته، انگريزن خلاف مدد حاصل ڪري ٿي
سگهيو. ايران ۽ روس جو سنڌ پاران ٽپي پوڻ انگريزن
لاءِ هاڃيڪار هو. انهن مڙني ڪارڻن سبب سنڌ ڏي ڪنهن
آزمودگار ايلچيءَ موڪلڻ جي ضرورت هئي، ۽ گورنر
جنرل کي اهڙي آدميءَ چونڊڻ لاءِ چڱي چوکي مٿاڪٽ
ڪرڻي پيئي. انگريزن هاڻ ئي محسوس ڪرڻ شروع ڪيو هو
ته سنڌ جهڙيءَ هڪ جيتامڙيءَ حڪومت کي اهڙو ڪوبه حق
ڪونه هو ته ڪي به ڳرا راهداري محصول اُڳاڙي، يا
ٻئي ڪنهن به نموني واپاري سلسلي تي بندش وجهي، فقط
ڇاڪاڻ ته قدرتي واپاري سڙڪ (سنڌوندي) ان جي حدن
مان ٿي لنگهي.
ڳچ جاچ ۽ ڪوشش بعد ڪَڇ ۾ دائمي انگريزي ايلچيءَ، ڪرنل هينري
پاٽنجر، کي سنڌ ڏي موڪلڻ لاءِ چونڊيو ويو، ڇو ته
هو سنڌي درٻاري ڍنگ کان بخوبي واقف هو. کانئس بهتر
ماڻهو ملڻ مشڪل هو. گورنر جنرل بنا دير ڪرنل
پاٽنجر کي سندس نئين جوابداريءَ جو جلد اطلاع ڏنو،
۽ سرڪاري مطلب سِڌ ڪرڻ خاطر ڳالهين جي سلسلي جو
خاڪو پڻ موڪليو. گورنر جنرل جي لکڻ موجب، جيڪڏهن
سنڌ جا مير سنڌونديءَ تي مقرر محصول تي هندستان ۾
انگريزي حڪومت جي نظرداريءَ هيٺ واپاري ٻيڙن جي
سلسلي چالو ڪرڻ ۾ اعتراض اُٿارين، ته انگريزي
ايلچيءَ جو فرض هو ته هو هڪدم سندن ڌيان
انترراشتريه قاعدي ۽ ان جي محاوري ڏانهن ڇڪائي
سندن بيهودي حق جي مخالفت ڪري، ۽ کين ثابت ڪري
ڏيکاري ته کين يا ٻئي ڪنهن حاڪم کي، جنهن جي حدن
مان سنڌوندي لنگهي ٿي، ڪو حق ڪونه هو ته هو ڳريون
ڍلون اُڳاڙي يا پنهنجيءَ رعايا جي مال جي ڦرلٽ ۽
واپارين سان ٿيندڙ اُرهه زورائيءَ جي چشم پوشي
ڪري، ۽ انهيءَ ريت سنڌونديءَ تي واپاري سلسلي کي
سڌيءَ يا اَڻسڌيءَ طرح روڪي يا ان ۾ رخنو وجهي، ۽
انهيءَ ريت ٻين ماڻهن ۽ حڪومتن کي ان جو فائدو وٺڻ
نه ڏئي جو قدرت پاڻ ميسر ڪيو هو؛ ۽ ميرن کي ذهن
نشين ڪرائي ته سندن لاءِ اها حجت اُٿارڻ واجب نه
هئي ته فقط کين ئي سنڌونديءَ جي ڇوڙ تي قبضي رکڻ ۽
سنڌونديءَ جي جهازرانيءَ تي پنهنجي نجي حق ڄمائڻ
جو اَڌڪار، ۽ ٻين کي هن تردوش قدرتي واپاري وهڪ جي
فائدي ماڻڻ کان وانجهڻ بنهه واجب ڪين هو. ساڳئي
وقت، انگريزي ايلچيءَ کي اها پڻ هدايت ڏني ويئي ته
هو سنڌ جي بلوچ حاڪمن کي ثابت ڪري ڏيکاري ته
سنڌونديءَ تي واپاري سلسلي مان کين (ميرن کي) خاص
۽ ججهو فيض رسندو، ۽ اهڙيءَ ريت ۽ ٻيءَ هر طرح
ڪوشش ڪري، ريهي ريبي، انگريزي تجويز قبولڻ لاءِ
کين خواهان ڪري. پر جيڪڏهن پٻين ڏيندي به ميرپوري
پير تي نه اچن، ته ان حالت ۾ انگريزي ايلچيءَ جو
فرض هو ته ميرن کي محسوس ڪرائي ته سنڌونديءَ جي
پسگردائيءَ وارن ملڪن کي، ندي، واپاري واهڻ ڪري ڪم
آڻڻ جو اصولي حق هو. پر انهيءَ حق جي تائيد ۾ ڪنهن
به قسم جو دڙڪو وغيره هرگز نه ڏيڻو هو؛ ۽ جيڪڏهن
مير باز اچي انگريزن جي رٿ قبول به ڪن پر ڪن شرطن
تي (جئن ته ميرن کي سندن دشمنن کان انگريز بچاءُ
ڏيندا، وغيره) ته اهڙي حالت ۾ انگريز ايلچيءَ کي
فقط ايترو ئي چوڻو هو ته ڪنهن اصولي حق ۾ اُجوري،
يا موٽ ۾ حق جو سوال اُٿيو ڪٿي ٿي! انگريزي رٿ
ڪيتري نه موچاري ۽ واجب هئي! هنن ايشيا کنڊ ۾
واپار وڌائڻ جو ثواب جو ڪم ٿي ڪيو، ۽ بنا ڪنهن ٻئي
جي چوڻ جي، پاڻ تي ايڏي ڀاري جوابداري ٿي هموار
ڪئي! تنهن کان سواءِ، هن سداورت ۽ عام ڀلي جي ڪم ۾
انگريزن، واسطيدارن ڌرين کي رٿ قبول خاطر ڪنهن به
دڙڪي يا دٻڙدس ڪم آڻڻ کان ڪنارو ڪيو هو، جيتوڻيڪ
ڪنهن اصولي حق جي پٺڀرائيءَ ۾ زور آزمائڻ جي منجهن
ججهي توفيق هئي. انگريزي رٿ بيشڪ لائق ۽ ڀلماني
ليکي وڃي ها، جيڪڏهن ان ۾ سياسي کيڏ ۽ مطلب ڀريل
نه هجي ها.
جيئن ئي شروعاتي تياريون پوريون ٿي چڪيون، ته ڪرنل هينري پاٽنجر
ميرن ڏي ڏهين ڊسمبر 1831ع تي هڪ خط روانو ڪيو،
جنهن ۾ کين پنهنجي وفد جي اچڻ جو اطلاع ڏنائين.
اهو پڻ ڄاڻايائين ته مان اوهان لاءِ حضور گورنر
جنرل جا خط نيئي ٿو اچان. ساڳئي خط ۾ انگريزي
ايلچيءَ اهو پڻ ميرن کي عرض ڪيو ته سرحد تي کين
وٺي اچڻ خاطر ڪو عملدار موڪليو وڃي، ۽ جئن ته وفد
سان ڪجهه اهڙو سامان ساڻ هو جو خشڪيءَ رستي ڍوئڻ
البت اهنجو هو، تنهنڪري مير صاحب موڪل ڏين ته اهو
سامان ڀل پاڻيءَ رستي دوآبي جي داراجي بندر کان
حيدرآباد اچي. مهيني جي آخر ڌاري ميرن جو جواب اچي
ويو ته فرنگي دوست ’جيءُ اچي‘، ’نت اچي‘، ۽ محمد
خان ۽ دوست علي خان، ٻه جوابدار عملدار، انگريزي
وفد جي استقبال لاءِ سنڌ سرحد ڏي روانا ڪيا ويا.
انگريزي وفد ۾ هيٺيان ماڻهو وڃڻا هئا: ليفٽيننٽ
ڪرنل هينري پاٽنجر، ايلچي؛ ڪئپن وليم پاٽنجر ۽
ڪئپٽن پي. اِسڪاٽ، سندس نائب؛ اسسٽنٽ سرجن، آءِ.
اي. سنڪليئر (I.
A. Sinclair)،
ڊاڪٽر؛ ليفٽيننٽ جي. مارس (J. Maris
)، اَنگ – رکيڪ جو اڳوان؛ ۽ اي. پي. ڊيلهاسٽ (E. P. Delhoste)،
سروير ۽ چَڪاسُو. انگريزي وفد جي بچاءَ خاطر
چوويهون ڏيهي فوجي دستو مقرر ڪيو ويو، ۽ انهيءَ
ڪارڻ انگريزي وفد جو ڪُل چار سُو ماڻهن جو جٿو چڱو
جبرو پئي لڳو.
انگريزي ايلچي ڳچ جيترو لکپڙهه جو سامان، ۽ هزار کن رپين جون
دوائون ۽ اوزار پاڻ ساڻ نيئي آيو. انگريزي وفد، ان
ريت، گهربل سامان گڏ ڪري، ڏهين جنوري 1832ع تي سنڌ
– درٻار ڏي راهي ٿيڻ ڪاڻ اچي لَکپت بندر تي ڪَٺو
ٿيو. ٻئي ڏينهن مسافري شروع ٿي، ۽ ڏهه منزلون
هڻندي انگريزي ايلچي ۽ سندس ساٿي اچي حيدرآباد
سهڙيا- (25 – جنوري، 1832ع). ڊيلهاسٽ کي وفد ۾ خاص
طور سنڌ جي جاگرافيائي احوال حاصل ڪرڻ خاطر ئي وڌو
ويو هو. هتي اِهو واجب ٿيندو ته جنهن نموني ۾
انگريزي وفد سنڌ جي حدن ۾ پير رکڻ سان مير مراد
عليءَ پاران جا مرحبا ۽ آجيان ٿي، تنهن جو ڪجهه
ذڪر ڪجي، ڇو ته فقط ڪجهه عرصو اڳ مير مراد علي خان
جي انگريزن سنڌ ڏي اچڻ ۾ سخت ناراض هو. مير صاحب
ائين ئي سمجهيو هو ته انگريزي ايلچي پارڪر جي ڦورن
جي مسئلي حل ڪرڻ لاءِ ئي اچي رهيو هو. ڪجهه سالن
کان پارڪر پرڳڻي جي ڦورن ڪَڇ جي رهاڪن کي چڱو هلاک
ڪيو هو، جنهن تي انگريزن سنڌ سرڪار کي انهيءَ باري
۾ چتاءَ ڏنا هئا؛ ڇاڪاڻ ته ڪَڇ سندن بچاءَ هيٺ اچي
چڪو هو، ۽ هاڻ ائين سمجهيو ويو هو ته انگريزي
ايلچي ڳالهه جي ڪنهن پختي نموني نبيري ڪرڻ ڪاڻ ٿي
آيو، جئن اها هلاکي هميشه لاءِ دور ٿي وڃي.
درحقيقت، پارڪر جي ڦورن جي مسئلي کي چالو سلسلي ۾
ڪابه اهميت واري جاءِ ڪانه ڏني ويئي هئي، ۽اهو
انگريزي ايلچيءَ تي ڇڏيو ويو هو اُن جو ذڪر ڇيڙي
يا نه، ۽ ان جو نبيرو ڪهڙيءَ ريت به ڪري؛ ڇاڪاڻ ته
مکيه ڳالهه جنهن تي ئي خاص ڌيان ڏيڻو هو، سا هيءَ
هئي ته ڪنهن به ريت ميرن کي سنڌونديءَ تي واپاري
سلسلي چالو ڪرڻ لاءِ مڃايو وڃي، ۽ ان ۾ ڪوبه رخنو
يا دخل ڪنهن به حالت ۾ نه وجهڻ ڏنو وڃي.
ميرن جي انگريزن ڏي ’ڀلي آيا‘ واري خط موڪلڻ کان جلد پوءِ،
حيدرآباد جي وزير اسماعيل شاهه جي ڀاءُ، جو ڪنهن
خانگي ڪم سان بمبئيءَ ويل هو، خبر موڪلي ته
انگريزي ايلچيءَ جي سنڌ – درٻار ڏي اچڻ جي خاص
مراد هئي- روسين کي هندستان جي اتر – اولهه ۾ منهن
ڏيڻ خاطر سنڌ مان انگريزي فوج لنگهائڻ لاءِ ميرن
کان موڪل هٿ ڪرڻ؛ ٺٽي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾
انگريزي ايلچي – ڇانوڻيون وجهڻ؛ ۽ خيرپور ۾
انگريزي ايلچي رهائڻ جو بندوبست ڪرڻ. انهيءَ ڪارڻ،
ميرصاحبن هيءَ خبر ٻڌندي ئي مرزا زين العابدين،
اسماعيل شاهه جو پٽ، چاڙهي موڪليو ته هو خبر لهي
اچي ته انگريزن جي من ۾ آهي ڇا. تنهن کان اڳ ئي،
انگريزي وفد جي خوب آدرستڪار خاطر، مير صاحبَ،
جاتي پرڳڻي جو گورنر ۽ وڏي وزير جو ڀائٽيو حيدر
خان لغاري، وڏي وزير جو ٻيو ويجهو عزيز محمد خان
ٽالپر، ۽ آخوند بقاالشاهه جهڙا مربي عملدار چاڙهي
موڪليا. آخوند جلد خبر موڪلي ته هيءُ جو انگريزي
وفد جو وزنائتو سامان ٻيڙين رستي اچي رهيو هو، سو
درحقيقت فوجي سامان هو. هيءُ ٻڌي مير صاحب کي البت
خيال ٿيو، ۽ هڪدم ڪيچي خدمتگار کي چاڙهي موڪليائين
ته خبر لهي اچ ته سچ ڇا آهي. انهيءَ ڪارڻ ئي
داراجي بندر تي انگريزي سامان کي سڄا سارا نَوَ
ڏينهن ترسايو ويو، جنهنڪري اهو سامان وفد جي
حيدرآباد پهچڻ کان پنج ڏينهن پوءِ پهتو.
مٿي ڄاڻايل معزز عملدارن ڌاران، مير مراد علي خان پنهنجا ٻه
اعتبار جوڳا خدمتگار، ڇوٽُو ۽ مرزا باقي، پڻ
انگريزن جي آجيان لاءِ موڪليا، جي انگريزي وفد جي
سنڌ ۾ ٻيءَ منزل تي وڃي ساڻن گڏيا، ۽ سندن دل و
جان سان ’خوش آمديد‘ فرمائي. مير صاحب جي حڪم
موجب، سندن عملدارن انگريزي ايلچيءَ کي
مهمانداريءَ طور هر هڪ ڏينهن لاءِ سو رپيا آڇيا،
پر انگريزي ايلچيءَ وراڻيو ته اهو مناسب نه ٿيندو،
۽ گهڻيءَ ردبدل بعد ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون ۽ گهوڙن ۽
وهٽن لاءِ گاهه وٺڻ قبوليائين. مهماندارن انگريزي
ايلچيءَ کي مير مراد عليءَ جي انهيءَ خواهش کان پڻ
واقف ڪيو ته وفد جي درٻار ۾ پهچڻ تي، ٻروچڪيءَ رسم
مطابق، کين رڌل کاڌو پهچايو ويندو. انگريزي
ايلچيءَ هر هميشه ناڪاري ڪرڻ واجب نه سمجهي، هيل
هائوڪار ڪئي. انگريزي وفد جو بيشڪ سهڻو سواگت ڪيو
ويو هو. خود ڪرنل پاٽنجر پنهنجيءَ سرڪار کي خبر
ڏيندي لکيو ته ”مير مراد علي خان پاران هيلتوڻي
انگريزي وفد جي جيڪا سار سنڀال لڌي ويئي آهي ۽
خاطرداري ڪئي ويئي آهي، ان ۾ تر ماتر پڻ ڪمي ڪانه
ٿي نظر اچي.“ وفد کي رستي ۾ کِڙيل کيت نظر آيا، جن
۾ ساريون، ڪمند، جَوَ ۽ تماڪ ٽِڙيا بيٺا هئا.
’شاهه ڪپور‘ ويجهو وفد کي هڪ جهونو قلعو نظر آيو،
جو چيو ٿي ويو ته سمي سردار جو جوڙايل هو. ڪوٽ
پَڪسِرو هو، ۽ چڱو ڪشادو پئي لڳو. تنهن کان سواءِ
بلڙيءَ ۾ انگريزيءَ وفد کي شاهه ڪريم، شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڏاڏي شريف جي مبارڪ مقبري جو
پڻ ديدار نصيب ٿيو. ”مقبري جي عمارت، مٿس روغني
سِرن سبب، واه جو رنگ لاتو هو؛ پري کان ئي چينيءَ
موافق پئي ٻهڪي. هر سال مارچ مهيني ۾ هتي ميلو
لڳندو آهي، جو سڄا سارا ٽي ڏينهن هلندو آهي، ۽ اتي
جيڪو مال وڪري لاءِ ايندو آهي، ان تي محصول ڪين
اڳاڙبو آهي.“ پر انگريزي وفد لاءِ رستي تي رڳو
دلگهريا نظارا ڪين هئا؛ فقيرن کين چڱو هلاک ڪيو.
ڊيلهاسٽ سنڌ جي فقيرن بنسبت سخت دانهن درج ڪئي
آهي، ۽ ان جي پٺڀرائي وليم پاٽنجر هن ريت ڪئي آهي:
”جن کي آجيوڪا جو ڪوبه وسيلو ڪونهي، اهي پِنَ تي
ڀاڙين ٿا؛ نه رڳو ايترو، پر هو خيرات ملڻ پنهنجو
حق ڪري ٿا سمجهن، جنهنڪري چڱا سڦرا ماڻهو، ڪپڙي
لٽي ۽ شڪل شبيهه ۾ آبرودار، ڪڏهن ڪڏهن گهوڙي تي
سوار، ترار ۽ ڀالو ساڻ، هٿ ٽنگيو اچيو بيهن، ۽
جيڪڏهن کين ڪجهه نه ڏي ته پوءِ اهو گُٿو لفظ ڪين
هوندو جو ڏيندي کانئن وسري.“
انگريزي ايلچي ۽ سندس ساٿي خير سان اچي حيدرآباد پهتا، ۽ شهر جي
ڏکڻ – اولهه طرف مقرر جاءِ تي اچي خيما کوڙيائون.
انگريزي ڪئمپ جو منهن اولهه طرف رکيو ويو هو،
جنهنڪري شهر ان جي اولهه ۾ هو؛ سنڌوندي ساڄي طرف
اڍائي ميلن جي مفاصلي تي پئي وهي؛ پٺ ۾ نالو هو،
جنهن ۾ پاڻيءَ جا کوهه کنيل هئا؛ ۽ ان جي پريان
اُسريل زمين تي ٽنڊوولي محمد خان لغاري ڏسڻ ۾ پئي
آيو. جيتوڻيڪ انگريزي ڪئمپ ڪنهن خاص وڻندڙ هنڌ تي
ڪين هنئي ويئي هئي، ته به ان مان اهو فائدو ضرور
ٿي پڙپيو ته اهو هنڌ فقيرن جي آزار کان بنهه آجو
هو. ڪئمپ جي چوگرد سنڌي سرڪاري پهرو بيهاريل هو،
جئن شهرواسي انگريزن جو سک نه اچي ڦٽائين؛ تنهن
هوندي به، حرص وچان، ڪيترا سنڌي اچي ڪئمپ ويجهو گڏ
ٿيا. کين وچيون ڪشادو درٻاري تنبو خاص طور وڻيو؛
دروازن تي لڳل ڇپرين سندن خاص ڌيان ڇڪايو، ۽ اهي
ڇا جيون ٺهيل هيون، ان تي سرگرم بحث ٻڌڻ ۾ پئي
آيا.
ڏينهن – ٻه ٿڪ ڀڃڻ بعد، انگريزي وفد پنهنجي منورٿ پوري ڪرڻ ڪاڻ
تيار ٿي ويو. کين ميرن سان پهرينءَ ملاقات لاءِ 8
– جنوري 1832ع تي اَسر جو وقت ڏنو ويو. تيستوڻي
مکيه اميرن پاران سندن خوش خيرعافيت ڪرڻ خاطر ڪونه
ڪو ماڻهو ضرور پئي آيو، ۽ انگريزن جي پوريءَ مرحبا
خاطر هر هڪ امير ميون جا ٽوڪرا پئي موڪليا. 28 –
جنوريءَ تي سج اڀرئي سان احمد خان لغاري (مکيه
وزير جو مربي پٽ)، محمد خان نظاماڻي، دوست علي خان
ٽالپر، محمد خان ٽالپر، ۽ ڪجهه ٻيا، پيشڪو ٺاهي،
برٽش ڪئمپ ۾ اچي وارد ٿيا، ۽ انگريزي وفد کي درٻار
نيئي ويا. درٻار ۾ گوڙ ۽ آواز کان سواءِ ٻيو خاص
ڪجهه نظر ڪين آيو. اُتي حاضر هڪ انگريز لکي ٿو:
”بندوبستگيءَ ۽ شان مان جي لحاظ کان ٻيو بدتر
نظارو ٿي نٿو سگهي؛ ويهڻ لاءِ بنهه جاءِ ڪانه هئي،
ڇاڪاڻ ته ماڻهو درٻار ۾ سرڪندا ايندا پئي ويا، ۽
سارو وقت وڏي واڪي ڳالهائڻ جي چٽا ڀيٽي پئي هلي.“
ميرن جي شخصي شان ۽ فضيلت کان سواءِ، سنڌ – درٻار
جو اڳيون شدمد صفا غائب ٿي چڪو هو. ڪئپٽن وليم
پاٽنجر هن پهرينءَ ملاقات جو حقيقت ڀريو نقش چٽيو
آهي. لکي ٿو: ”انگريزي وفد جي مرحبا بيشڪ عاليشان
نموني ڪئي ويئي، پر درٻار جي رنگ ڍنگ اسان کي ڪافي
نراس ڪيو. ميرن جي پوشاڪ بيشڪ وڻندڙ هئي، ۽ سندن
هيرا جواهر ڪافي قيمتي. پهريان ڪجهه ڏينهن اسان
سان ٻروچڪيءَ رسم موجب مهماني ڪئي ويئي، پر پوءِ
ايلچي صاحب ميرن کان ڪجهه به شي وٺڻ کان صفا انڪار
ڪيو. انڪار کان اڳ ۾، انگريزي وفد لاءِ هر روز ڏيڍ
سو تيار ڪيل طعام موڪليا ويندا هئا، ۽ ان کان
سواءِ ڪابلي ميوو، شربت ۽ مٺايون؛ باقي انگريزي
ڪئمپ جي ماڻهن ڪاڻ اَڻميو ۽ دلگهريو کاڌي جو سامان
ايندو هو.“ هڪٻئي جي خوش خير عافيت بعد، ويهن منٽن
۾ پهرين ملاقات پوري ٿي.
پهرينءَ ملاقات بعد، جئن ئي انگريزي وفد جي مراد ظاهر ٿي بيٺي
ته انگريزن جو درٻار ۾ اچڻ وڃڻ تڪڙو ٿيو. جڏهن مير
مراد علي خان کي خبر پيئي ته گورنر جنرل ڏانهنس
پنهنجي خط ۾ ڇاڇا لکيو هو، ته هن انگريزن جي سنڌ ۾
واپاري ٿي اچڻ تي سخت اعتراض اُٿاريو؛ ڇاڪاڻ ته
ٻروچن کي اها ئي خبر هئي ته انگريز لوڪ لڙائيءَ جا
ئي ڪوڏيا هئا، ۽ سندن (انگريزن جو) واپاري ڪرتب
هنن جي (ٻروچن جي) دماغ ۾ بنهه ڪين ٿي ويٺو. هن
اعتراض کي مير توڙي سندن زيردست عملدار ڳچ عرصو
چهٽيا رهيا، ڇو ته انهيءَ ڪارڻ ئي کين انگريزي قدم
خطري ڀريو ٿي ڀاسيو. ڪرنل هينري پاٽنجر هيءَ حقيقت
گورنر جنرل کي ذهن نشين ڪرائيندي لکيو: ”ڪنهن به
سڌيءَ يا اَڻسڌيءَ طرح ٿورو ئي واپار ۾ رُڌل رهڻ
سنڌي ٻروچن جي نظر ۾ سخت گهٽتائيءَ جو ڪارڻ ليکيو
وڃي ٿو: ايتريقدر جو جڏهن انگريزي ايلچيءَ نئين
عهدنامي جو ذڪر ڪندي چيو ته ڳچ انگريزي واپاري
انگلنڊ جي معزز ماڻهن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا، ته مير
صاحب، جي اُتي حاضر هئا، تن کي انهيءَ تي ڏاڍو
اچرج لڳو، ۽ ڳالهه اعتبار ۾ نه پئي آين.“ ساڳئي
وقت هنن انهيءَ ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته انگريزن جو
سنڌ ۾ اچڻ، ڪنهن به حيثيت ۾، پوءِ اها واپاري هجي
يا ٻي ڪا، لکت ۾ ڏنل سمجهوتي جي خلاف هو؛ ڇو ته
1831ع ۾ اليگزينڊر برنس جي سنڌونديءَ رستي لاهور
وڃڻ لاءِ موڪل ڀيري، پاٽنجر صاحب پاڻ لکي ڏنو هو
ته وري ڪوبه انگريز نديءَ رستي سنڌ مان ڪين
لنگهندو. انهيءَ اعتراض تي انگريزي ايلچيءَ اهو
اُتر ڏنو ته برنس جو سنڌوءَ تي سفر ۽ سنڌونديءَ تي
واپاري سلسلو چالو ڪرڻ ٻه الڳ ۽ نراليون ڳالهيون
هيون، جن جو پاڻ ۾ ڪوبه تعلق ڪونه هو؛ ۽ تنهن کان
سواءِ هن جيڪي لکي ڏنو هو، تنهن بنسبت هن بروقت
زين العابدين کي، جنهن کي اها لکت ڏني ويئي هئي،
ٻڌايو هو ته اها لکت پاڙڻ لاءِ عالي انگريز سرڪار
ٻڌل نه هئي، ڇو ته کيس اُن وٽان هن قسم جي لکت ڏيڻ
جي اختياري ڪانه هئي، پر کيس قوي اميد هئي ته سندس
سرڪار سندس ڏنل لکت جو ضرور مان رکندي. هيءَ
دليلبازي ته عجب قسم جي هئي! جي پاٽنجر صاحب کي
پنهنجيءَ سرڪار وٽان محدود اختياري مليل هئي، ته
هن کي زين العابدين جا آڇيل شرط، جن تي ميرن برنس
کي سنڌ مان لنگهڻ جي اجازت ڏني هئي، قبولڻ ئي نه
کپندا هئا، ۽ ميرن جي ايلچيءَ کي بمبئي سرڪار
ڏانهن روانو ڪرڻ کپندو هوس ته ڀل هو اختياريءَ
وارن سان پاڻ وڃي فيصلو ڪري اچي. انهيءَ بدران،
جڏهن پاڻ سڀ جوابداري هموار ڪيائين، ته پوءِ پاڻ
هينئر منهن ڪيئن ٿي ڦيرائي سگهيو؟ جي هو پنهنجيءَ
سرڪار کي پنهنجي ڏنل لکت تي پوري بيهڻ لاءِ ڪجهه
نٿي ڪري سگهيو، ته مير صاحب ڪهڙي اعتبار سان نئين
عهدنامي بنسبت ساڻس ڳالهيون ڪري ٿي سگهيا؟
ٿورن ڏينهن جي ڳالهين بعد منشي خوشيرام، ميرن پاران، نوَن قلمن
وارو پنهنجو عهدنامو انگريزن جي قبوليت ڪاڻ پيش
ڪيو. پهرين ٻن قلعن ۾ دائمي دوستيءَ جو ذڪر ڪيو؛
ٽئين ۾ ڄاڻايل هو ته سنڌ ۾ يورپي لوڪن جي اچڻ تي
بندش قائم رهندي؛ چوٿين ۾ غير يورپي واپارين جي
سنڌ ۾ واپار سانگي اچڻ جا شرط ڏنل هئا؛ پنجين قلم
۾ چيل هو ته ڪنهن به حالت ۾ انگريز شڪارپور جو شهر
ميرن کان ڪين کسيندا؛ ڇهين ۾ ٻنهي ڌرين جا دشمن،
هڪٻئي جا دشمن ليکڻ جو اقرار ڪيل هو؛ ستين قلم
موجب ميرن انگريزن جي چوڻ تي گهرج مهل لشڪر ميسر
ڪري ڏيڻ جو انجام ڏنو هو. اٺين قلم ۾ نديءَ تي
واپار لاءِ مقرر نُول ڏنل هئا؛ ۽ نائين آخري قلم
هنن مڙني سهولتن لاءِ ميرن کي اجوري ملڻ جو ذڪر
هو. هن عهدنامي دوران انگريزن کي پنهنجو زور
لڳائي، سنڌ سرڪار کي انگريزن موافق آزاد ۽ الڳ
حڪومت ڪري ليکڻ لاءِ، ڪابل ۽ پنجاب سرڪارين کي
مڃائڻو هو، ۽ سنڌ ۾ سندن اُلٽي اَک رکڻ کان کين
باز آڻڻو هو. ڪرنل پاٽنجر ميرن جي عهدنامي جو
مسودو غور سان ٻڌو، پر اهو قبولڻ کان انڪار
ڪيائين. سندس خيال موجب، عهدنامي جا ڪي قلم اجايا
هئا. ڪم جي تڪڙي اُڪلاءَ خاطر، ميرن جي عهدنامي جي
قلمن جو وچوروار مخالفت ڪرڻ بدران، هن پنهنجو چئن
قلمن جو عهدنامو تيار ڪري، ٻيءَ فيبروريءَ تي ميرن
جي منظوريءَ لاءِ ڏياري مُڪو. ان جي پهرئين قلم ۾
دائما دوستيءَ جو اظهار هو؛ ٻئي قلم ۾ سنڌوندي
واپار لاءِ کليل رکڻ جو ذڪر هو، ۽ جيئن ته ميرن کي
انگريزن خلاف شڪ شبها هئا، تنهنڪري هن قلم ۾
ڄاڻايو ويو هو ته ڪوبه انگريز سنڌ ۾ ديرو دمائي
ڪين اچي ويهندو، ۽ ڪوبه فوجي ٻيڙو ميرن جي اڳواٽ
موڪل کان سواءِ سنڌو درياهه ۾ ڪين آندو ويندو،
ٽئين قلم ۾ نديءَ تي نُولن اُڳاڙڻ جا نرخ ڏنل هئا؛
۽ چوٿين ۾ اڳين عهدنامن جا ٻيا قلم ٿوريءَ ڦيرگهير
سان درج ڪيا ويا هئا. هن عهدنامي جي مسودي خلاف
ميرن پنهنجا اعتراض سيد اسماعيل شاهه هٿان ڏياري
موڪليا. سيد اسماعيل شاهه انگريزي ايلچيءَ کي ذهن
نشين ڪرايو ته مير صاحب انگريزن جي سنڌ ۾ گهڻو تڻو
۽ بنا روڪ ٽوڪ جي اچڻ جي بنهه برخلاف هئا، پوءِ ڀل
ته هو واپار جي ئي سانگي ايندا هجن. ميراڻي
ايلچيءَ وڌيڪ چيو ته مير صاحب شايد ٿورن انگريزي
واپارين کي سنڌ ۾ اچڻ جي موڪل ڏين، بشرطيڪ هو
پنهنجو مال نيڪال ڪري هڪدم واپس موٽي ايندا، ۽
ڪنهن به مهيني ۾ هڪ دفعي کان مٿي انگريز واپاري
سنڌ ۾ نه ايندا. جڏهن سيد اسماعيل شاهه پنهنجيءَ
سرڪار پاران اعتراض پيش ڪري چڪو، ته پاٽنجر وري
پنهنجيءَ عالي سرڪار پاران ردڪد پيش ڪيا. هن اچرج
ظاهر ڪئي ته ٻن ڌرين جي پاڻ ۾ دوستاڻي عهدنامي ۾
هڪ ڌر کي ٻيءَ ڌر جي ملڪ ۾ اچڻ کان منع ڇو هجڻ
کپي. ڪجهه ردبدل بعد ميرن، انگريزي عهدنامي ۾
ڦيرگهير ڪري اهو قبولڻ بدران، پنهنجي نئين عهدنامي
جو مسودو انگريزي ايلچيءَ جي قبوليت لاءِ ڏياري
موڪليو. انهيءَ ۾ انگريزن جي ڪنهن به حالت ۾
شڪارپور ميرن کان کسڻ تي گهڻوزور ڏنو ويو هو.
پاٽنجر انهيءَ تي خندو ڪندي چيو ته ’دوستاڻي
عهدنامي‘ ۾ هيءُ قلم درج ڪبو ڪيئن! نئين مسودي ۾
سنڌوءَ ذريعي فوجي سامان ڍوئڻ جو ڪوبه ذڪر ڪونه
هو. پاٽنجر انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙو قلم
وجهڻ بلڪل ئي ضروري آهي، پوءِ ڀل اُن ۾ ڄاڻايل هجي
ته مير صاحب انهيءَ جي موڪل ڏين يا نه—سو سندن ئي
اختيار هو. هيءُ انگريزن جي استادي هئي: هيڪر
انگريزن اڇي تي ڪارو صحيح ڪرايو، ته فوجي سامان
سنڌونديءَ رستي نيئجي ٿي سگهيو، پوءِ ڀل اهو ميرن
جي موڪل سان ئي ٿيندو سگهندو هجي، پر گهرج مهل
جهاز ماڻهن ۽ مال سان آڻي وجهبا، ۽ جيڪڏهن ميرن
ڪابه آناڪاني ڪئي ته زوريءَ به لنگهي اچبو—فقط
عهدنامي ۾ اهڙي مال آڻڻ جو ذڪر سو ڪيل هجي! ميرن
جي پيش ڪيل مسودي ۾ ڄاڻايل هو ته انگريزي واپاري،
مقرر مدي کان وڌيڪ سنڌ ۾ رهي نٿا سگهن. انهيءَ جي
انگريزي ايلچيءَ چڱي مخالفت ڪئي. هن جو چوڻ هو ته
ڪير اڳواٽ چئي سگهندو ته مال ڪيتري عرصي ۾ نيڪال
ٿي ويندو، ۽ انگريزي واپارين لاءِ مقرر مدي تائين
رهڻ، کين سنڌ ڏي اچڻ لاءِ ريهڻ بدران روڪيندو.
تنهن هوندي به، انگريزي ايلچيءَ مير صاحبن کي يقين
ڏياريو ته هو سندن مسودو پنهنجيءَ عالي سرڪار جي
قبوليت ڪاڻ گورنر جنرل ڏي موڪلي رهيو آهي، ۽ کيس
اميد آهي ته آخرين ريت عهدنامي جا شرط سندن مسودي
وارا ئي هوندا، جيتوڻيڪ منجهن شايد ٿوري گهڻي
ڦيرگهير ڪئي وڃي. نئين عهدنامي جي ڳالهين ۾ ميرن
پاران منشي خوشيرام، سيد ذوالفقار شاهه، سيد
اسماعيل شاهه، احمد خان لغاري، مرزا زين العابدين،
۽ ٻين چڱو بهرو ورتو. انگريزن وفد اڃا حيدرآباد ئي
هو ته 16 – فيبروريءَ تي خبر آئي ته کڙڪسنگهه
ديراجات جي معاملي فيصل ڪرڻ خاطر وڃي جنرل وينچورا
سان گڏيو هو، پر درحقيقت هن شڪارپور هٿ ڪرڻ ٿي
چاهي. ميرن، انهيءَ ڪارڻ، دشمن کي منهن ڏيڻ لاءِ
تڪڙا اُپاءُ ورتا؛ پر جلد ئي خبر اچي سهڙي ته
کڙڪسنگهه ملتان موٽي چڪو آهي. انهيءَ تي مير صاحبن
سامت جو ساهه پٽيو، ۽ من تان بوجو گهٽين.
ڪرنل پاٽنجر حيدرآباد اچڻ سان ڳالهه چوري هئي ته جنهن ڪم سان هو
حيدرآباد آيو آهي، انهيءَ سانگي هو خيرپور پڻ
ويندو. انهيءَ قدم جي حيدرآباد جي ميرن سخت مخالفت
ڪئي. هنن جو چوڻ هو ته خيرپور جا مير سندن نائب
آهن، ۽ پاٽنجر لاءِ تڪليف وٺي اوڏانهن وڃڻ بنهه
فضول ٿيندو. هنن ائين پڻ اشارو ڏنو ته جيڪڏهن
خيرپور وارن سان الڳ عهدنامي جي ضرورت هئي ته
انهيءَ لاءِ پاٽنجر مير مبارڪ خان سان – جو خيرپور
جي ميررستم خان جو ڀاءُ هو، ۽ جو مير شهداد خان،
مير نورمحمد خان جي پٽ ۽ مراد علي خان جي پوٽي جي
شاديءَ تي حيدرآباد آيل هو- ڳالهيون ڪري، هتي ئي
سڀڪجهه فيصل ڪري سگهيو ٿي. پر تڏهن به پاٽنجر پاڻ
خيرپور وڃڻ جو پڪو ارادو ڏيکاريو؛ ڇو ته
الينگزينڊر برنس جي لکڻ موجب خيرپور جو مير
انگريزن سان رستي رکڻ لاءِ خاص خواهان هو، ۽ هن
اهڙي چاهنا کيس چٽيءَ ريت ڏيکاري به هئي. حيدرآباد
جي ميرن کي اها ڳالهه هرگز نٿي آئڙي، ڇاڪاڻ ته کين
اهوئي الڪو ستائي رهيو هو ته انگريزن جي اتر وڃڻ ۾
نيت شڪارپور – سندن اکين جو انب – هٿ ڪرڻ جي ئي
هئي. پر جلد ميراڻا شڪ شبها دور ٿي ويا، ۽ پاٽنجر
کي خيرپور وڃڻ جي رخصت ملي. پاٽنجر، ڊيلهاسٽ کي
اڳواٽ خيرپور چاڙهي موڪليو هو ته خيرپور سرڪار ڏي
سندس موڪليل خطن جو جواب وٺي اچي. خيرپور جي
ميرجهٽ ۾ خاطرخواهه جواب موڪلي ڏنو، جنهنڪري
پاٽنجر 21 – فيبروريءَ تي خيرپور اسهيو، 21 – مارچ
اُتي اچي سهڙيو. اُتي جي درٻار ۾ سندس سهڻو سواگت
ڪيو ويو. خيرپور جي درٻار ۾ حيدرآباد جي درٻار کان
بهتر بندوبست ۽ قاعدو قانون نظر پئي آيو، ۽ هتي جا
ماڻهو پڻ فضيلت ڀريا پئي لڳا. هتي عهدنامي جي شرطن
قبولڻ ۾ گهڻو وقت ڪين لڳو. پاٽنجر ڏٺو ته برابر
شڪارپور جا حاڪم حيدرآباد جي حڪومت جا زيردست ٿي
پئي هليا، جيئن حيدرآباد جي ميرن سندن بيان ڪيو
هو. پاٽنجر پنهنجي چئن قلمن واري عهدنامي جو مسودو
مير جي منظوريءَ لاءِ ڏياري موڪليو، جنهن جي
پهرئين قلم ۾ دوستيءَ جو اظهار هو، ٻئي ۾
سنڌونديءَ تي واپاري سلسلي جو ذڪر هو، ٽئين ۾
نديءَ تي سرڪاري نُول ڏنل هئا، ۽ آخرين قلم ۾ ٻنهي
درٻارين وچ ۾ وڪيلن موڪلڻ جو اقرار ڪيل هو. ٿوريءَ
ردبدل بعد شرط قبول پيا. انگريزي وفد جي واپس ورڻ
جي اڳينءَ رات، انگريزي ايلچي ۽ سندس ساٿين جي
وندر ورونهن خاطر، مير صاحب ناچڻين جو ٽولو وٽن
ڏياري موڪليو، ۽ اهو شغل ڳچ وقت هليو. خيرپور جي
مير انگريزن ڏي پنهنجا پاليل ڪتا ۽ شڪاري ڏياري
موڪليا، هُو ڀل شڪار جو پڻ لطف وٺن. انگريزي وفد
11 – اپريل تي خيرپور ڇڏي، ۽ 16 – اپريل تي اچي
حيدرآباد سهڙيو. خيرپور ۾ عهدنامي جي ڳالهين ۾
سرڪار پاران ديوان دلپتراءِ ۽ ديوان لکميچند،
غوريءَ ۽ گوهر عليءَ سرگرم بهرو ورتو. هيل انگريز
حيدرآباد ۾ گهڻو وڌيڪ ڪين ترسيا. 20 – اپريل تي
انگريزي وفد حيدرآباد ڇڏي، ۽ ميراڻن ٻيڙن ۾ اچي
مغلڀين لٿا، جتان خشڪيءَ رستي 11 – مئي تي هُو
لکپت پهچي ويا.
هيل عهدنامي فيصل ڪرڻ ۾ خاص کِٽ کِٽ ڪانه ٿي. اڳين ميراڻي هوڏ
هن دفعي اصل نظر ڪانه آئي. انهيءَ لاءِ سياسي
حالتون ئي جوابدار هيون. انگريزن فقط سنڌونديءَ تي
واپاري سلسلو چالو ڪرڻ ٿي چاهيو. مير صاحبن محسوس
ڪيو ته انگريز سندس حاطي توڻي ته پهچي چڪو هو، ۽
سندس سامهون پوڻ ميرن لاءِ محال هو. جيڪڏهن
انگريزي عهدنامو هنن نٿي قبوليو ته انگريزن لاءِ
مهاراجا رنجيتسنگهه کي ڇيڙڻ، ته تون ڀل سنڌ ڳڙڪائي
وڃ، بلڪل ئي آسان قدم هو؛ پر جي ميرن انگريزي
عهدنامو قبول ڪيو، ته انگريزن جو دهڪو ئي ميرن جي
دشمنن کي سندن حڪومت تي وار ڪرڻ کان ٽهائڻ لاءِ
ڪافي هو. سنڌ جي حاڪمن سنڌونديءَ جي واپاري گس
کولڻ لاءِ انگريزي رٿ بحال انهيءَ ڪارڻ ڪئي جو
ڏٺائون ته سندس توفيق، سامهون ڌرين جي طاقت جي ڀيٽ
۾ بيهي ڪي سگهي. پر سنڌ جي راڄ – ڌڻين ۾ ايتري
ساڃهه ۽ سياڻپ ضرور هئي ته جيڪڏهن حالتن جي
مجبوريءَ سبب کين انگريزن جو اڻميو فائدو ٿي ڪرڻو
پيو، ته هو کانئن من ڪاسي جيترو فائدو ۽ فيض حاصل
ڪري سگهن.
انگريزي وفد جيڪو وقت سنڌ ۾ هو، تنهن عرصي ۾ چٽو ظاهر هو ته
جنهن به سردار کي سنڌ جي مسند ماڻن جو ڪهن قسم جو
حق هو، انهن مڙني، انگريزن کي، سندن حق جي
پٺڀرائيءَ ڪرڻ لاءِ پرچائڻ جون سرٽو ڪوششون ڪيون.
هن هلت لاءِ سبب سونجهي لهڻ بنه اوکو ڪين هو. جن
چئن ميرن سنڌ جو راڄ ڪلهوڙن کان کسي سنڌ ۾ ٽالپر
حڪومت برپا ڪئي، تن جو آخرين مير، مير مراد علي
خان، هاڻ سنڌ جي مسند ماڻي رهيو هو. سندس رحلت
فرمائڻ تي حڪومت جون واڳون وٺڻ خاطر سخت چڪري لڳڻي
هئي، سو چٽو ظاهر هو. مير مراد علي خان کي ٻه وڏا
پٽ هئا، جن ٻنهي پيءُ جي وفات تي راڄ ماڻڻ جا واب
پئي لڌا- وڏي مير نورمحمد خان پيءُ جي مربي پٽ هئڻ
ڪارڻ، ۽ مير نصير خان، ڇاڪاڻ ته هوئي مراد علي خان
جو لاڏلو پٽ هو. مير صوبدار خان، چوياريءَ جو
مکيه مربي مير فتح عيل خان جو هڪ ئي پٽ هو، جنهن
مير مراد عليءَ جي راهه رباني وٺڻ تي راڄ ماڻڻ جو
لازمي حق ٿي سمجهيو. مير محمد خان پڻ ساڳيءَ ريت
پنهنجو حق ڄمائڻ پئي چاهيو، ڇاڪاڻ ته هو پڻ
پهرينءَ چوياري جي ڀائرن جو اولاد هو، ۽ پنهنجي
پيءُ جو سڪيلڌو پٽ. مير مراد عليءَ ڏاڍيءَ رمز سان
سندس قضيي پڄاڻا سنڌ جي مسند تي حق جو ذڪر انگريزي
ايلچيءَ سان ڪڍيو به، پر پاٽنجر پڻ ڏاهپ سان ڳالهه
مٽائي ويو. مير مراد علي خان، جو هيل انگريزن سان
ههڙو مٺو سٺو هليو هو، تنهن مان مڙئي انگريز تاڻي
ويا ته سندس من ۾ اها ئي مراد هئي ته انگريز سندس
دنيا مان رخصت وٺڻ ويل مير نصر خان جي سنڌ جي مسند
تي ويهڻ جي پٺڀرائي ڪن. خيرپور ۾ به ساڳيو قصو
لڳيو پيو هو. اُتي وري مير علي مراد خان پهنجن وڏن
ڀائرن جو حق مارڻ ٿي چاهيو. هن انگريزن کي ڀائرن
برخلاف برغلائڻ جي هرڪا ڪوشش ڪئي، مگر ڪامياب ڪين
ٿيو. هر دفي کيس ڪرنل پاٽنجر وٽان کُتو ۽
غيرذميواريءَ جو جواب مليو، ڇاڪاڻ ته پاٽنجر کي
مير علي مراد خان ڏاڍو ڏاهو ۽ انهيءَ ڪارڻ خطري
ڀريو ماڻهو پئي ڀاسيو. من جي مرادن ۽ حالتن جي
مجبوريءَ ئي، ميرن جي رخ ۾ هيڏو ڦيرو آندو هو.
هتي اهو اڻواجب نه ٿيندو ته انگريزن جي مير صاحبن ڏي موڪليل
سوغاتن، ۽ موٽ ۾ مير صاحبن جي انگريزي ايلچيءَ کي
ڏنل تحفن جو ڪجهه ذڪر ڪجي. هميشه موافق، هيل پڻ
پاٽنجر ميرن جي مکيه عملدارن ڪاڻ سوغاتون نيئي آيو
هو. مير صاحبن کي به انهيءَ جي ايتريقدر ته خاطري
هئي جو جيستوڻي انگريزي سوغاتن جو ذڪر نڪري، ان
کان اڳ، مير مراد علي خان پنهنجو پاڻ پاٽنجر کي
چوائي موڪليو ته مهرباني ڪري منهنجن ٻارن، ڀائٽين،
ٻين مائٽن ۽ سردارن ۾ سوغاتون نه ورهائيندا، ڇاڪاڻ
ته انهيءَ ڪارڻ منجهن پاڻ ۾ ضد وڌيڪ زور وٺندا.
جيتوڻيڪ ائين ڪنهن کي به چوائي موڪلڻ ادب ۽ اصول
جي خلاف هو، ته به جيڪڏهن حقيقتن کي حساب ۾ آڻجي
ته چئبو ته مير صاحب چڱو ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته ننڍن
ميرن جا هڪٻئي ۾ سخت حسد اُسري چڪا هئا، ۽ انهن کي
هيئن وڌيڪ هٿي ڏيڻ بلڪل واجب ڪين هو. مير مراد علي
خان کي جا پڪ هئي ته سوغاتون ضرور ملنديون، تنهن
اڳواٽ ئي مير اسماعيل شاهه هٿان انگريزي ايلچيءَ
کي چوائي موڪليو ته ”ٻڌو اٿم ته مون لاءِ سوغاتن ۾
ڪجهه شمعداني جهاڙ ۽ گهڙيال پڻ آهن؛ اهي مهرباني
ڪري مون ڏانهن نه موڪلجو، ڇاڪاڻ ته چراغِي جهاڙ
جوانن جي ئي شغل خاطر آهن، سي کين ئي سونهندا، ۽
گهڙيال پڻ منهنجي خاص ڪم جا ڪين ٿيندا، ڇاڪاڻ ته
انهن کي بمبئيءَ مرمت لاءِ موڪلڻ ۾ ايترو خرچ اچي
ٿو وڃي، جيتري سندس اصلوڪي قيمت به ڪانه هوندي.“
هيءَ ته بنهه ٻاراڻي هلت هئي، ۽ راڄ – ڌڻيءَ لاءِ
ڪنهن کي ائين چوائي موڪلڻ سندس شان وٽان ڪين هو؛
پر پاٽنجر هن عرض جو پورو پر کُتو جواب، هيٺينءَ
ريت، اسماعيل شاه هٿ ئي ڏياري موڪليو: ”مون کي
البت عجب ٿو لڳي ته مير صاحب ائين ڪيئن چوائي
موڪليو آهي. گورنر جنرل جيڪي سوغاتون مير صاحب
لاءِ ڏنيون آهن، سي ڪي سندن بزاري قيمت جي لحاظ
کان ڪين موڪليون ٿيون وڃن، پر انگريزي عالي سرڪار
جي عالي عملدار جي مير صاحب لاءِ عزت جي لحاظ کان؛
تنهنڪري مريادا ته ائين ٿي چوي ته مير صاحب کي آيل
سوغاتون سويڪار ڪرڻ کپنديون هيون، پوءِ اهي پاڻ
پنهنجي ڪتب آڻي يا پنهنجن مائٽن ۽ سردارن ۾ ورهائي
ڇڏي.“ خود ڪرنل پاٽنجر پنهنجيءَ سرڪار کي پڻ اهڙي
صلاح ڏني ته جئن ته ميرن وٽان مليل سوغاتن مان ڪي
کين ڪنهن به ريت ڪارائتيون ڪين ٿينديون، تنهنڪري
اهي نيڪال ڪيون وڃن. جيتوڻيڪ نئين عهدنامي بنسبت
ڳالهين جي چال ۽ رفتار ڪرنل پاٽنجر کي ڪانه آئڙي،
ته به هو آندل سوکڙيون وڌيڪ وقت پاڻ وٽ ترسائي نٿي
سگهيو، ڇو ته انهيءَ مان مير صاحب اهو اَنومان ڪڍي
ٿي سگهيا ته کين سوکڙيون تڏهن نصيب ٿينديون، جڏهن
هو نئون عهدنامو قبول ڪندا؛ پر انگريزن جي اها اصل
نيت ڪانه هئي. مير مراد علي خان کي هيل ست هزار هڪ
سو رپن جون سوغاتون آيون، جن ۾ ڪپڙي ۽ بندوقن کان
سواءِ آرسيون، چراغدان ۽ ٻيو شيشي جو سامان هو.
مير صاحب کي شيشي جو سامان صفا پسند ڪين پيو، ۽ هن
اسماعيل شاهه کي موڪليو ته اهو ڪيئن به مٽا سٽا
ڪري اچ؛ مگر ميراڻو وزير انهيءَ ۾ ڪامياب ڪين ٿيو.
هڪ دفعي درٻار ۾ گفتگو هلي رهي هئي ته مير صاحب
انگريزي ايلچيءَ کان سوال ڪيو ته ”اوهان کي ڏيهي
حاڪمن ڏي شيشي جي سوغاتن موڪلڻ جو خاص شوق ڇو
آهي؟“ پاٽنجر اُن جي ورندي ڏيندي چيو ته ”انگريز
لوڪ خاص طور شيشي جون سوغاتون انهيءَ ڪارڻ شوق پئي
ڏيهي راجائن کي ڏيندا آهن، ڇاڪاڻ ته کين پنهنجي
ملڪ ۾ ٺهندڙ شيشي جي سامان تي خاص فخر رهي ٿو، ۽
انهيءَ ڪارڻ ئي هو پنهنجي وطن جي بهترين ٺهيل
سامان جي سوغاتن ڏيڻ ۾ خاص چاهه وٺن ٿا.“ مير صاحب
کي بندوقون ۽ باروتي سامان گهڻو پسندو پيو، ۽ انهن
جي هن خوب ساراهه ڪئي. انگريزي ايلچيءَ مير مراد
علي خان جي وڏي پٽ کي ساڍي پنجين سو رپين جون
سوغاتون موڪليون، ۽ ٻئي نمبر پٽ مير نصير خان کي
ٽيهين رپين، ۽ فلالين جو ٽڪر موڪليو. حيدرخان
لغاريءَ، جاتيءَ جي گورنر، کي ٻن سون رپين، ۽ نواب
محمد خان لغاري، انگريزي وفد جي مکيه مهماندار، کي
ڏيڍ سو رپين جون سوغاتون پلئه پيون. حيدرآباد -
درٻار ڏنل سوغاتن تي انگريزن ڪُل اٺ هزار رپيا
خرچيا هئا. خيرپور ۾ پڻ انگريزن پاڻ ملهايو.
انگريزي ايلچيءَ مير رستم خان کي ساڍي ستين هزارين
جون سوغاتون ڏنيون، جن ۾ گهڙيال، واچون، بندوقون،
پستول، چراغي جهاڙ ۽ آرسيون هيون. مير صاحب
ڏيکاريل حب لاءِ انگريزن تي ڏاڍو راضي ٿيو. سندس
ڀاءُ ميرمبارڪ خان کي ساڍي ستين سوين جون، ۽ فتح
خان غوريءَ، خيرپور جي مکيه وزير کي ٽن سون رپين
جون سوغاتون مليون. خيرپور وارين سوغاتن تي
انگريزن جا ڪي ساڍا اٺ هزار رپيا لڳي ويا. خيرپور
جي مير، انگريزي ايلچيءَ کي گورنر جنرل خاطر هڪ
گهوڙو ۽ اُٺ، سونو ۽ روپو سنجيل، بندوقون ۽
شمشيرون، ڪشمير جون شالون ۽ سنڌ جون سوسيون،
گربيون ۽ ٻيو ڪپڙو، ”سندس ۽ گورنر جنرل جي تازي
برپا ڪيل ’دوستيءَ جي باغ‘ کي سرسبز رکڻ خاطر تڇ
ڀاڻ طور“ موڪليا. حيدرآباد جا مير پڻ هن ڳالهه ۾
پٺتي ڪين پيا. حيدرآباد جي مکيه مير نوَ گهوڙا،
چڙهيءَ لاءِ اُٺ، ٻه سنڌي ڪتا، جَڙيل ڳَنَ سان هڪ
قيمتي ترار، جا مير مراد علي خان کي ايران جي شاهه
وٽان تحفي طور آئي هئي، ٻارهن ريشمي ڪپڙي جا ٿانَ،
سنڌ ۽ پنجاب جون جڙيل جوڙيون ۽ ٻيو ڪپڙو، سنڌ جون
لونگيون، چار سهڻيون سينگاريل بندقون، ۽ جَڙيل
سنجن جو جوڙو، انگريزي ايلچيءَ ڏي گورنر جنرل لاءِ
ڏياري موڪليا.
هيلتوڻي انگريزن کي سنڌ جي حاڪمن جي ايتري ٿوري خبر هئي، جو
ائين سمجهيو ويندو هو ته بلڪل ئي ٻالا ڀولا هئا؛
پر هن دفعي انگريزي وفد وارن کي ڀليءَ ڀت پتو پيو
ته مير صاحب پنهنجي ڪم ۾ ڪيتريقدر ڀَڙ هو. مير
صاحب جي تيزفهميءَ ۽ حاضر جوابيءَ جو پڻ انگريزي
ايلچيءَ تي واه جو اثر پيو هوندو: هڪ لڱا جئن هو ۽
مير صاحب پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا، ته مير صاحب
فرنگي صاحب کان پڇيو ته ’هيءُ جو اوهان جي سرڪار
وتي ٿي سڀني سرحدن وارين حڪومتن سان ناتا جوڙيندي،
سو ڪهڙي ڪارڻ؟‘ پاٽنجر سوچي جواب ڏنو ته ’انگريز
اهي ڪوششون ٻنهي ڌرين جي ڀَلي ۽ يارويسيءَ ڪارڻ ٿا
وٺن.‘ انهيءَ تي مير صاحب مرڪندي چيو ته ’ها،
صاحب، اهي يارويسيءَ جون ڳالهيون ڪندي ئي ته سارو
ملڪ ڳڙڪائي ويا آهيو!‘ ڊيلهاسٽ ۽ وليم پاٽنجر پڻ
مير صاحب بنسبت ساڳيو رايو ڏنو آهي. وليم پاٽنجر
مير صاحب جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”ساريءَ سنڌ ۾
سندس جهڙو سُچيت ۽ قابل ماڻهو ڪين ملندو.“ ساڳئي
سُر کي وٺائيندي، ڊيلهاسٽ چوي ٿو ته مراد علي خان
”هڪ سياڻو ۽ سمجهو آدمي آهي، ۽ انهيءَ جي ثابتي
اسان کي ان مثال مان ملي ٿي ته جڏهن عهدنامو کيس
صحيح ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو، ته ٻه ڀيرا هن اهو چٻي چٿي
پاڻ پڙهيو، ۽ باريڪيءَ سان هرهڪ قدم ۽ قلم جي مطلب
تي غور ڪيو، ۽ آخر جڏهن هو ’ resident
‘ (انگريزي وڪيل) اکر تي آيو، ته گهُر ڪيائين ته
اهو کيس سمجهايو وڃي ته اهو وڪيل ڇا لاءِ ضروي
آهي؛ ۽ جڏهن ڳالهه پوريءَ ريت سمجيائين، تڏهن ئي
عهدنامو دستخط ڪيائين. ڪوبه ماڻهو سندس اها روش ۽
روبڪار ڏسي، هوند پاڻمرادو آکي ها ته ٻيلي بيشڪ
مير صاحب پنهنجي ڪم کان بخوبيءَ واقف هو.“
اهڙيءَ ريت، 4- اپريل ۽ 19 – جون 1832ع وارن سنڌ جي سرڪارن سان
ڪيل عهدنامن، ۽ ساڳيءَ طرح بهاولپور ۽ پنجاب وارن
سان سمجهوتي مطابق، سنڌونديءَ تي، مقرر نُول تي،
انگريزي منيبن (هڪ ڏيهي منيب سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽ،
۽ ٻيو گورو ايلچي مٺڻڪوٽ ۾) جي نظرداريءَ هيٺ،
واپاري سلسلو چالو ڪيو ويو. نُول هر هڪ ٻيڙيءَ تي
570 رپيا مقرر ڪيو ويو، پوءِ ٻيڙيءَ ۾ ڪهڙي به قسم
جون واپاري وٿون ڀريل هجن، جنهن مان 240 رپيا سنڌ
جي ميرن کي پلئه پوڻا هئا (اسي رپيا خيرپور وارن
کي، ۽ سو سٺ حيدرآباد وارن کي)، ۽ باقي بچيل، رهيل
ڌرين ۾ ورهائڻا هئا. جئن ته هاڻ سنڌ سرڪار سان
لکپڙهه ۽ اچ وڃ جي وڌڻ جو امڪان هو، تنهنڪري ڪرنل
پاٽنجر کي، ڪڇ جي ايلچيءَ هجڻ سان گڏ، سنڌ لاءِ پڻ
انگريزي وڪيل بڻايو ويو. سو، هاڻ سنڌونديءَ تي
واپاري سلسلو شروع ڪيو ويو، ۽ واپار سان گڏ سياسي
کيڏبازي پڻ وڌڻ ويجهڻ لڳي. |