مَنُو تولارام گدواڻي
ملاکڙو
سنڌ ڪيترين ڳالهين ۾ هندستان ڇا، پر دنيا جي ٻين ملڪن کان به
نياري آهي. مثال طور، اهو فقط سنڌ ۾ ئي رواج آهي
ته ننڍڙي ٻار کي تَنجڻ ۾ تَنجي سمهارجي، ٻئي ڪنهن
به ملڪ ۾ اهو رواج ڪونهي؛ ٻار کي مَکڻ جي دُڪي
وجهڻ جو رواج به فقط سنڌ ۾ ئي آهي. جيتوڻيڪ گهوڙن
کان مشهور عربستان آهي، ۽ سٺو گهوڙو هميشه عربي
مڃيو ويندو آهي، پر سُکئي سولي پنڌ ۾، جنهن ۾ ڀريل
کيرَ وٽو جي اُن تي چڙهِي ڪري کڻي وڃجي ته به هڪ
ڦُڙو نه هارجي، ته اُهو ٿيندو سنڌ جو پاليل گهوڙو.
ان جو سبب اهو آهي ته هتي جيئن ئي وَڇڙو وَهيءَ ۾
ايندو ته اُن کي ڪنهن گهوڙيسوار جي حوالي ڪندا، جو
گهوڙي کي اَلياڻ وغيره ڏيئي، عجيب غريب طريقن سان
کيس ساڌاريندو ۽ پنڌ ڪڍائيندو. اهو گهوڙو گهمائڻ
جو رواج به فقط سنڌ ۾ ئي آهي.
’تندرستي هزار نعمت آهي‘. ’تن درست ته من درست‘، ’بيدار دماغ
تندرست جسم ۾ ئي رهندو آهي‘—اهي ڳالهيون اسانجن
وڏن ڀليءَ ڀت سمجهيون هيون، جنهنڪري اسان کي ورثي
۾ اهڙيون ته رانديون مليون آهن، جي بدن جي هر هڪ
عضوي کي ورزش ٿيون ڏين؛ وندر الڳ ٿئي، ۽ خرچ به
اُنهن ۾ بلڪل ڪونه، يا معمولي.
هر ڪنهن ملڪ ۽ قوم کي پنهنجيون مختلف خاص رانديون آهن، جن کي هو
پنهنجو قومي ورثو ڪري ٿا سمجهن. جڏهن سورهيائيءَ
جي پرک سرير جو ٻَلُ هو، تڏهين ته بدني طاقت وڌائڻ
لاءِ هرڪا تدبير هلائي ويندي هئي؛ پر ڪنهن به حالت
۾ تندرست سرير ضروري آهي. ’آلمپيا‘ جي ميلي ۾
يوناني پنهنجين ملڪي راندين جو نماءُ ڪندا هئا.
دريائي سپهه سالار، ’نيلسن‘، مشهور ’واٽرلُو‘ جي
جنگ کٽڻ بعد ٺيڪ چيو هو ته ’مون اها جنگ ايٽن جي
راند کٽي آهي‘؛ ڇو ته اُن معرفت ئي هن کي اها بدني
قوت ملي هئي. تنهن کان سواءِ، جو سچو رانديگر
هوندو سو بزدل نه ٿيندو، حال ته همت رکي ڪهڙي به
مشڪل ڪم ڪرڻ جو حوصلو رکندو؛ تنگ نظر نه هوندو، هن
کي هر حال ۾ سرهائيءَ ۽ فتح جي ڳالهه پيئي نظر
ايندي؛ اڳتي وڌڻ جي ڪندو، درگذر ڪرڻ جي شڪتي هن ۾
جام هوندي، ۽ فراخدل ٿيندو؛ ٻيءَ ڌُر کان هار کائڻ
بعد ڏاڍي چوڄ مان هن سان هٿ ملائيندو، يا حب جو
ڀاڪر پائيندو.
اسان جيءَ سنڌ کي پنهنجيون خاص ملڪي رانديون آهن— جيئن ته
مَلهه، ٻلهاڙو، ونجهوٽِي، اِٽي – ڏڪر، تِيف تِيف،
نانگيل – ڦُوسيل، اُسَڙي – ڇانَوڙي، ڏائِي –
ٻُٽِي، وغيره. ’ڏائي – ٻُٽي‘ پاڻيءَ جي راند آهي؛
’اُسڙي – ڇانوڙي‘ چانڊوڪيءَ رات جي راند آهي؛
’نانگيل – ڦوسيل‘ ڏَڙهي يا بال جي راند آهي؛ ۽
’اِٽي – ڏَڪر‘، ذري گهٽ ڪرڪيٽ وانگر، نشان چٽڻ ۽
ڌڪ هڻڻ جي راند آهي. اهڙيءَ طرح، ’ونجهوٽيءَ‘ کي
فُٽبال سان ڪجهه مشابهت ڏيئي ٿي سگهجي، جنهن ۾
گوهين سان ٻئي کان پاڻ ڪڍائڻو ٿو پوي.
مغربي راندين ۾ ڳاٽي ڀڳو خرچ ۽ ٻيون انيڪ اخلاقي اوڻايون آهن،
پر سنڌ جون قومي رانديون ساديون سوديون آهن، ۽
ساڳئي وقت اُنهن مان اَنيڪ فائدا آهن. ’ڪٻٽي‘ مثل
راند ته ڪنهن به ملڪ ۾ ڪانهي، جنهن ۾ گويا
’پراڻايام‘ (دم پچائڻ) جو اَڀياس ٿيو وڃي. اهڙي دم
پچائڻ واري راند هندستان ۾ به ڪانهي، جنهنڪري سڀڪو
چاهه سان ان کي پنهنجو ڪري رهيو آهي. اڄڪلهه
’ڪٻٽيءَ‘ جا دنگل هتي (هندستان ۾) ڪيا ٿا وڃن.
ريلوي جا ان ڪري پنهنجن ملازمن کي، ڀرتي ڪرڻ وقت
خواهه پوءِ، خاص اهميت ٿي ڏئي، تنهن جي پروگرام ۾
ڪرڪيٽ، فُٽبال، هاڪِي، ٽينس ۽ ٻين راندين سان گڏ
’ڪٻٽيءَ‘ جي به ٽورنامينٽ ٿيندي آهي. ڪهڙي نه ڏک
جي ڳالهه آهي جو ٻين مغربي ڳالهين جي نقل ڪرڻ ۾
اسين رانديون به اُنهن جون ٿا کيڏون، جن جو
درحقيقت نه اسان جي سڀيتا سان ڪو واسطو آهي، ۽ نه
وري اُنهن ۾ ڪي خاص مردانگيءَ اُتپن ڪرڻ جون،
اسانجين راندين کان وڌيڪ ڪي خوبيون آهن.
انهن سڀني راندين ۾ ”ملهه“ کي وڌيڪ اهميت آهي، ڇو ته واقعي
تندرست ۽ صحتمند هجڻ جي اها ئي سچي شناس آهي.
جهيڙي جهٽي يا جنگ وقت فتح جو فيصلو ’اِٽيءَ –
ڏڪر‘ يا ’ونجهوٽيءَ‘ راند رکي ڪين ڪبو آهي، پر اصل
ٻَکين پئجي وڃبو آهي؛ ۽ پوءِ، ’جيڪو ڏاڍو سو
گابو‘. ائين آهي ته ٻيون رانديون به هن کي اِن ڏس
۾ پشتي ڏين ٿيون، پر ڏاڍائيءَ جو فيصلو ’ملهه‘
وانگر اَٽڪي پوڻ بعد ٿيندو آهي. اُتي پوءِ ’نانگيل
– ڦوسيل‘ مان پِرايل چِٽڻ جي ڪاريگريءَ، يا ’تيف
تيف‘ مان سِکيل پوري وقت ويهڻ ۽ اُٿڻ جو هنر، يا
’ڪرڪيٽ‘ مان حاصل ڪيل جهَٽڻ جي چالاڪي هروڀرو ڪتب
ڪانه ٿي اچي؛ اگر ’ونجهوٽيءَ‘ واريون گوهيون،
’ڪٻٽيءَ‘ ۾ پچايل دَم، يا ’ڪرڪيٽ‘ ۾ مضبوط ڪيل
پَٺا هن جي ڪجهه سهائتا ڪري سگهن ٿا.
آرين جي آڳاٽيءَ سڀيتا جو سنڌ هڪ تهخانو ٿِي پئي ڪم ڪيو آهي.
گهڻين هندستاني ٻولين مان سنڌي سنسڪرت کي وڌيڪ
ويجهي آهي. آرين جون ٻيون ريتيون رسمون، رواج،
ڪريا ڪرم ۽ سنسڪار به سنڌ ۾ وڌيڪ هئا، ۽ گهڻي چاهه
سان ڪيا ويندا هئا. اِنهن ڳالهين کي ڪنهن ٻئي وقت
لاءِ پاسيرو رکي، ڏسبو ته هيءَ ’ملهه‘ به آرين جي
پراڻي نشاني اسان وٽ رهجي ويئي آهي. ”مَل“ شبد جي
هنديءَ ۾ معنيٰ ئي آهي ’ڪُشتي لڙندڙن جي قديم قوم‘
(پاٺڪ صاحب جي هندي ڊڪشنري، ص 797). اهوئي سبب آهي
جو جيئن ڪنهن جي نالي کي معزز ڪرڻ لاءِ اُن جي
پوئتان ڏکڻ هندوستان جا هندو ’ڌرئيا‘ يا ’سوامي‘
گڏيندا آهن، بنگال ۾ ’چندر‘ يا ’ڪمار‘، مهاراشٽر ۾
’راءُ‘ يا ’پنت‘، وچ هندستان ۾ يوپيءَ ۾ ’نارائڻ‘،
’رنجن‘ يا ’ڪشور‘، راجستان ۾ ’سِين‘ يا ’لعل‘، ۽
پنجاب ۾ ’سِنگ‘ يا ’ديو‘، تيئن سنڌ ۾ ’رام‘،
’چند‘، ’راج‘ يا ’مَل‘ جي پڇاڙي (suffix)
لڳائيندا آهن. ”ملهه“ شبد، ’مل‘ جي انهيءَ صورت ۾
بگڙيل روپ آهي. شاهه صاحب سُر ’بلاول‘ ۾ چوي ٿو:
جکرو جوڙي، پاڻ ڌڻيءَ پيدا ڪيو،
ڪيهرَ جئن ڪَرَ کنيو، مُڇون ’مل‘ موڙي.
هينئر جو ڳوٺ وڃن ٿا ڦِٽندا ۽ شهرن ۾ ڳاهٽ ٿيندا، تنهنڪري نه
رهيون آهن اُهي خوشيون، نه اُهي قرب، نه اُهي
ڪچهريون ۽ نه رهاڻيون. هرڪو پنهنجيءَ ۾ پورو، ’پيٽ
ڪُٽيو پيو پيٽ ڪُٽي‘. ڊوڙ ڊوڙان ۽ ڀڄ ڀڄان لڳي
پيئي آهي، ڪو ڪنهن جو ڪونهي. پيٽ جي پچار بنا ڄڻ
ته ٻيءَ هاج لاءِ ڪا فرصت ئي ڪانهي. پيسو هوند
ڏيئي به سگهون، پر وقت جو ڏيڻ اُن کان به مهانگو
پيو لڳي. خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته وري الائي ڪڏهين
هي شهر ڦِٽائي، ڳوٺن ڏي ورنداسين. ڳوٺن جي سڪ ۽
حب، مٺو ۽ پاٻوهه جومعصوميت ڀريل ڳالهائڻ، تازا
کير ۽ مکڻ، ڀاڄيون ۽ اَنَ، قدرتي نظارا ۽ ٻي وندر
ورونهه، تن سان شهرن جي هٿراڌو ڪِلبن جي زندگي،
مصنوعي مُرڪ، کير جو پائوڊر ۽ مکڻ جون پُڙيون،
گاڏن جون گهمايل ڀاڄيون ۽ مَنڊيءَ جو اناج، سئنيما
۽ ڊرامي جا کيل توڙي ريڊيو جا ڪهڙا به سُريلا
آواز، ڪڏهين به برميچي نه سگهندا: نار جو بادستور
راڳ، تنهن ۾ فقط هوا جو بيٺل پوک ۾ سُوساٽ، ۽ ڪِل
– ڪِل ڪري وهندڙ نيسر جو پاڻي، اُن فضا ۾ ڪهڙو نه
دلڪش هوندو آهي!
سنڌ ۾ گهڻو ڪري هر ڳوٺ جي ٻاهران هڪ خاصو ميدان هوندو آهي، جتي
اِهي ميڙا ۽ ملاکڙا ٿيندا آهن. اَڳي هر ڪنهن ڳوٺ
جو ’راڄ – مهاڄڻ‘ چئبو هو. سرڪار وٽ ڪابه درخواست
ڳوٺ پاران ٿيندي هئي، ته گڏيل، ٻنهي هندو مسلمانن
جي، جنهن ۾ ’راڄ‘ معنيٰ مسلمان، ۽ ’مهاڄڻ‘ معنيٰ
هندو. اهڙو هو ٻنهي جو گهاٽو ميلو سٻنڌ. دک سک ۾
گڏ. هر ڪنهن ڳوٺ کي پنهنجو ٺهرايل مُکي ۽ وڏيرو
هوندو هو، جي ئي ڪري چئجي ته اُتان جا والي هئا؛
سڀڪو انهن کان ڪَنُ هڻندو هو. جيڪڏهن ڪنهن وڏيري
يا ڪنهن بيٺل جي گهر ڪنهن جو طهر يا شادي هوندي،
يا ڪو حج تان موٽيو هوندو، يا دلگهُريا لابارا لٿا
هوندا، يا ڪو ٻيو اهڙو شادماني جو موقعو هوندو، ته
صبح جو دهلاريءَ ڳچيءَ ۾ دهل وجهي، چوڌاري، هر
ڪنهن پاڙي ۽ گهٽيءَ ۾، خاص ڪري چونڪن تي، پڙهو
ڏيئي ويندو ته اڄ شام جو ملاکرو ٿيندو، جتي جيڪي
جُنگ جوان لڙندا، تن جا نالا ڏيندو. هاڻي شهر ويا
آهن وڏا ٿيندا، سو ڀلا دهلاري ڪٿان ٿو پُڄي،
تنهنڪري لائوڊ اسپيڪر جو رواج نڪتو آهي.
گهڻو ڪري ملاکڙو ٽپهريءَ جو شروع ٿيندو آهي. جڏهين سج لاڙائُو
ٿيندو آهي، تڏهين ملاکڙي جي ميدان ۾ دهل جو ٽاهو
ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. ڏاڍي ناز سان ٻَڌل پَٽڪي وارو
دهلاري، ذرا ڪنڌ نمائي- گويا دهل جي تالَ غور سان
ٻُڌي رهيو آهي- لڳاتار دهل جي ڏَونڪي سان ماڻهن کي
پيو سڏيندو آهي. جڏهين ويجهو اچبو ته شرنائيءَ جو
سُريلو آواز ڪن تي پوندو. ملاکڙي ڏسڻ جا خواهان
دهل جِي ڏونڪا ٻڌندي ئي تياري ڪندا. جيڪي خاص
شونقين هوندا، سي سويل ئي اچي ڪا سجهائتي جاءِ
والاريندا. اُتي رومال رکڻ سان جاءِ رزرو ڪري وڃڻ
ڪار ناهي. جي هوند وارا آهن، سي اَلپاڪي جو ڪوٽ،
ٿان جي دستار، ۽ وڏن ويڪرن ۽ گهڻن گهُنجن واري
سلوار پهري ايندا. ڳوٺ جو ڪامورو به هٿراڌو رعب
رکي اچي ويهندو. ڪيترا ته پيهن ۽ وڻن تي وڃي
اٽڪندا، ته ڪو ڪُميت يا سَمنڊ تي هسوار ٿي، ڪَرهو
ڪُڏائي، اچي خلق جي چڪر ٻاهران شامل ٿيندو، جتان
هن کي سڀڪجهه پيو ڏسڻ ۾ ايندو. ڳوٺ ڳوٺن ۾ گڏيا
پيا آهن، سو آسپاس جي ڳوٺن جا شونقين به جدا جدا
طرفن کان گس وٺيو، بَهِيرن ۾ پيا ايندا.
مَلهُه جيترو نامور، اوترو خلق گهڻي؛ ۽ جيتري خلق گهڻي، اوترو
اُهو گول، جنهن ۾ تماشبين قطارون ڪري ويهندا، سو
وڏو. اٽڪل ٽن سَو کان اَٺ سو فوٽن قطر جا گول ٿين
ٿا. اڳيان اَٺ – ڏهه قطارون ويٺلن جون، جن جي
پوئتان وري بيٺلن جون قطارون، ۽ انهن جي پٺيان
ٿيندا وهٽن سوارَ. هيڏيءَ ساريءَ خلق ۾ به انتظام
سٺو هوندو آهي. ”ملاکڙو“ لفظ به ’ملهه – آکاڙو‘ جو
بگڙيل روپ آهي؛ اُن جي معنيٰ آهي اُهو آکاڙو يا
ميدان، جتي ملهه وڙهي وڃي – (صحيح لفظ ’ملاکڙو‘
آهي، باقي ’ملاخرو‘ ته رڳو شهري پنهنجيءَ شهرائپ
ڏيکارڻ لاءِ چوندا آهن). اُهو ميدان صاف سٿرو ڪيو
ويندو آهي، ۽ ڪوبه ٺڪر ڇتر ڇڏيل نه هوندو آهي.
جائين سج جِي تائي ڪجهه گهٽ ٿِي ۽ وچينءَ جي نماز پڙهي چڪا، ته
اُهو ملهه – آکاڙو ٽُٻاٽٻ ماڻهن سان ڀرجي ويندو.
جيسين ملهه شروع ٿئي، تيسين هر طرف کان چِرٻٽو
چالو هوندو، جنهن ۾ هڪٻئي کي کيڪر ڪري، خاص احوال
پڇڻ بعد، ملاکڙي بنسبت ڳالهه ٻولهه شروع ڪندا؛ اُن
ميدان تي ڪيل اڳين ملاکڙن جا مکيه واقعا
دهرائيندا، يا تازو جيڪي ٻين ملاکڙن ۾ وهيو واپريو
هوندو، تنهن جي قيل مقال ڪندا.
ائين ئي، جن مَلهن کي لڙڻو هوندو، سي، پنهنجي پهلوانيءَ جي غرور
۾، ڏاڍي لاڏَ لوڏَ سان، وچ ميدان ۾ اچي پهچندا.
قداور، ڪشاديون ڇاتيون، نهرا عضوا، پٿر جهڙا
ڏَونرا، ۽ رِپ جهڙيون پِنيون—سڀني جون اَکيون وڃي
انهن پهاڙ جهڙن جوانن ۾ کپنديون. ڪو چوندو، ’اِهو
اٿيئي گُل شيدي، جنهن پنهنجي تَرَ ۾ ته واڄٽ
وَڄائي ڇڏيا آهن، اصل ڪنهن کي بيهڻ ئي نٿو ڏئي!
بس، آيو نه آهي، دَسيو نه آهي! اصل آيو رهيو...
ويرم ئي ڪانه!‘ ٻيو چوندو، ’هُون! ڀائو، توکي خبر
آهي ته هوشُو، جو ڪنهن کي وَٺُ ئي نه ڏيندو هو،
تنهن کي به هڪ کن ۾ گهمائي ورتائين! اصل پاسريون
ڀڃي ڇڏيائينس، جو ڪي ڏينهن ته پئي سيڪيائين! گهڻن
جي اڳيان بان ڀري ڇڏي!‘ ته ٽيون چوندو، ’ڀائو،
اِها به الله جي ڏنل رَتِي آهي، جا ڪنهن ڪنهن کي
ٿو مولا ڏئي!‘ وري چوٿون چوندو، ’ادا، هروڀرو ڪو
طاقت تي به ڪونهي: شير محمد ڏس، ڏيلُ ته ڏسينس،
ملهه ۾ ڪنهن کي بيهڻ ئي نٿو ڏئي! اهي اُستاديون
ياد اٿس جو ڪنهن ماءُ – ٻچي کي نه هونديون!‘ مطلب
ته هرڪو پنهنجي پنهنجي ٽيڪا ٽپڻي پيو ڪندو. ملهه ۾
شيدي ذات خاص طرح ٻين کان پرٻيڻ ۽ مشهور آهي.
ملهه شروع ڪرڻ جو وقت ايندو ته دهل ۽ شرنائي، پنهنجو يڪو سُر
بدلائي، ڍارَ واريءَ لَي تي ايندا. جنهن وڏيري
ملاکڙو لڳرايو هوندو، تنهن جو ڪو عيوضي اعلان ڪندو
ته ڪير اُن ملاکڙي جا مور آهن، ۽ ڪيئن جوڙيون ٿي
لڙنديون، ۽ ڪير اُنهن جو پلئه وٺندو. هن فن جي
اصطلاح ۾، ملهه پاڻ ۾ لڙندا ته اُن کي ”جوڙي“ چئبو
آهي. هرڪا جوڙي ٻه ملهون، يعني ’جوڙو‘ ملهن جو،
پاڻ ۾ لڙندي. فقط هڪ ملهه عيب ليکيو ويندو آهي، ۽
ان ڪري فني اصطلاح ۾ اُن کي ”گَنجو ٿيڻ“ چئبو آهي.
چوڻي آهي ته ”ملهه ته پوئين“، يعني پوئينءَ ملهه
کي وڌيڪ شرف آهي پهرينءَ کان؛ ڇاڪاڻ ته جڏهين ٻئي
رانديگر هڪٻئي جي ايرڀير جا واقفڪار ٿي ويا، ته
پوءِ هن جي پرک سچي چئبي. کٽيو اُنهيءَ، جنهن
پوئين ملهه ماري. مگر جيڪڏهين ٻئي ملهه اهڙيءَ طرح
ٿا ڪِرن جو پٺيءَ ڀر وڃي ٿا گڏ – سمهيل ڌرتيءَ تي
پون، ته کٽڻ هارائڻ جو فيصلو نه ڪري سگهبو؛ يا ٻئي
ملهه جوڙيءَ ۾ به جيڪڏهن ساڳيو ملهون ٿا دَسين، ته
ملهه جي اصطلاحي ٻوليءَ ۾ اُن کي ”آئومَٽ“ چئبو
آهي.
ملهن جا اڪثر پيٽ اُگهاڙا يا فقط گنجي پيل، ڪانچ جا وَرَ مٿي
کُنجيل، پير اُگهاڙا، ۽ چيلهه تي اَجرڪ جا مضبوط
سندرا ٻڌل هوندا اٿن. جيستائين ڪنهن ملهه جو ڀيچِي
نڪري ظاهر ٿئي، تيستائين، ڪُڏندي، واري سان، ساڄو
۽ پوءِ ڏائو هٿ ڌَنَڪ سان نراڙ تائين پهچائي، ٽَپَ
ڏيندو، پيو ماڻهن جي اڳيان گول ۾ ڦرندو. عموماً
هرڪو ملهه، هٿ ڳنڍڻ کان اڳي، پهريائين نِئڙي،
ڌرتيءَ تان آڱر ڦيري، پيران پير دستگير جو نالو
وٺي، ٽي ڀيرا پنهنجن ڪَنن، اَکين ۽ پيشانيءَ تي
لڳائيندو. بس، پوءِ هڪڙو هٿ ڪمر کان ڦيرائي، پٺيان
ڀيچيءَ جي گهُنجن سبب ٿُلهي ٿيل وَرَ ۾ پڪڙيندو،
ته ٻيو هٿ اڳيان وَرَ ۾ قابو ڪندو. اِتي هر ڪنهن
جو همراهه، جو ڀرسان بيٺل هوندو، پنهنجي ملهه جا
وَرَ ٺاهيندو؛ يا ملهه وڙهندي ڪنهن جو پٽڪو ڪِري
پيو ته عزت سان کڻي تيسين ڪَڇَ ۾ جهليندس؛ يا جي
ڏسندو ته سندس ملههُ ساري ڪندو پيو وڃي، يا همٿ ٿو
هاري، ته ٻنهي حالتن ۾ سندس حوصلي افزائي پيو
ڪندو. ملههَ وقت، سمجهو ته ملهن جا ڪلها ڪلهن سان
۽ ڇاتيون ڇاتين سان مليل هونديون آهن.
ملهن کي جيڪو به زور، هنر يا اکر ياد هوندو، سو ڪڍي، ظاهر ڪندا،
۽ پنهنجي پهلوانيءَ ڏيکارڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندا،
ڇو ته هو ڄاڻن ٿا ته سندن ان ملهه جو نتيجو بروقت
ڪٿان جو ڪٿان واشگاف ٿي ويندو—يعني سندس ناموس جو
مدار اُن تي آهي. اِهي ملڪ جا مڃيل مَلهه سڀني جا
دادلا ٿيندا آهن. لڙڻ وقت هو پنهنجين سڀني حرفتن ۽
چالاڪين کان ڪم وٺندا، ۽ سڀ داوَ پيچَ لڳائيندا
آهن، جيئن هنن ڏانهن ڪابه ميار نه رهي. انهن حرفتن
جا ڪيترا نمونا آهن: مثلاً، جي اَڳلي جي هڪ ٽنگ کي
پنهنجيءَ ٽنگ سان وڪڙ وجهي پاڻ ڏي ڇڪي هن کي
ڪيرائڻ جي ڪندو، ته ان کي ”اَنگوڙو“ يا ”آڙي“ چئبو
آهي: مگر جي اوچتو زور سان پريان پَٽي کڻي اچي
اَنگوڙو وجهيس، ته اُن کي ”جانٺو“ چئبو؛ ۽ جي ٻنهي
ٽَنگن کي گڏي آڙي ڄمايائينس، ته اُن کي ”وَنگُ“
وجهڻ چئبو.
سڀاويڪ، اهي ٽَنگن جون ڦاسيون اڳلو جلد ۾ جلد ڪڍائڻ جي ڪندو.
اُها جلد ۽ سولائيءَ سان ڇُٽي نه وڃي، تنهن لاءِ
اَنگڙي هڻندڙ وري ڪوشش ڪري، اُن کي محڪم ڪرڻ لاءِ،
ورائي، پير جي پَٻَ سان ٻيو به اَڌ وڪڙ چاڙهي، اڙي
ڦٻائي جهليندو. اِئين، واقعي ڀيچيءَ جي ٽنگ کي ڇڪڻ
۾ زور به خوب اُپڙندس، ۽ هو ڪيترو به ڇيڇاڙيندو ته
به اُها آڙي ڇُٽي نه ويندي. ان کي ”اُٺ – ڏور“
چوندا آهن، جا فقط ڪو هلڪو رانديگر وجهڻ ڏيندو، ۽
ڪو قابل ملهه وجهي سگهندو، اِن ڪري اُها تمام
اتفاقي ڏسبي آهي. پر جي اُها پئجي ويئي، ته سڄيءَ
خلق ۾ ڦڙتي اچي ويندي، ۽ ’اَٺ – ڏور‘ هڻندڙ جي ثنا
۾ نعرا لڳائيندا، ڇاڪاڻ ته ويهين ويسين ته اُها
’ڏور‘ لڳل کي نيٺ نيئِي پَٽَ تي هڻندي، ۽ ناڪامياب
نه ويندي—يعني ته اها اڻگُس آهي.
جيڪڏهين ڪو رتيءَ وارو مَلهه هوندو ۽ کيڏ پچايل هوندس، ته ڪوشش
ڪري ڀيچيءَ جا ”پير اُکوڙيندو“—يعني هن جا پير
زمين کان ڇڏائي مٿي هوا ۾ آڻيندو. اِن مان ڇا
ٿيندو ته اَڳلي جو زور اُپڙڻ بند ٿي ويندو—ڇو ته
پيرن سان زمين کي جهلي ئي ته رانديگر پنهنجو زور
لڳائيندو آهي! جڏهين پير زمين کان ڇهه انچ کن مٿي
ٿي ويندا، تڏهين چئبو ته هو ”مٿي کڻي ويو“. ائين
ڪونهي ته ڇاڪاڻ ته رانديگر مٿي کڄي ويو، تنهنڪري
پڪ هو دَسجِي ويندو—اگرچ عموما اِئين ئي ٿيندو
آهي—پر ساڳئي وقت غور ڪبو ته مٿي کڻندڙ کي به جو
کو آهي، جو هن پنهنجي طاقت ٻئي جي جسم کي کڻي مٿي
بيهارڻ ۾ صرف ڪئي آهي، تنهنڪري پنهنجي بدن کي آجي
رکڻ لاءِ هن وٽ باقي ڪا ٿوري قوت وڃي رهِي، سو جي
کنيل رانديگر اِن هنر مان ڄاڻندو هوندو، ته اُها
هڪ غنيمت سمجهي، اُتان مٿي ئي اهڙي ’آڙي‘ هڻي ”ڇِڪ
ڪڍندس“، جو ڪپاهه جي ٻوڙي وانگيان وڃي هو ٺڪاءُ
ڪندو. سو، جيڪو اهڙو ’پڙهيل‘ هوندو، جو آڙي وجهڻ
ئي نه ڏئي، يا جي پئجي وڃي ته اُن جي ڪيتريءَ به
’ڇِڪ‘ جو هن تي اثر نه ٿئي، سو ئي ڀيچيءَ کي
”پَٽي“ مٿي کڻڻ جو ساهس ڪندو. اِن ڪري، ڪي اِها
اٽڪل ڪندا آهن ته کنيل کي ڪو وقت يا موقعو ئي انهن
رمزن ڪرڻ جو نه ملي، ته هن کي کڻندي ئي
”گهمراٽيون“ ڪڍائيندس، ۽ ”ڦيرائيندس“؛ ۽ پوءِ
جڏهين ڏسندو ته هن اِن وچ ۾ پنهنجو بدن ٿورو ئي ڍل
ڪري ڇڏيو آهي، ته ڪمر تي زور ڏيئي کڻي دسيندس. ان
کي ”گهمائي يا ڦيرائي هڻڻ“ چئبو آهي.
جنهن وقت ڀيچي ڪِرڻ تي اچي، تنهن وقت مٿان پريان ئي هٿ ڪڍي
وٺبا، ته اڳلو زور سان وڃي پاڻيهي پري هيٺ ڦهڪو
ڪندو، جنهن ۾ هن کي گهڻو ايذاءُ ايندو. ائين گهڻو
ڪري ضد کان، يا ڪو پاڙو جهاڙو وٺڻو هوندو اٿن
تڏهن، ڪندا آهن. اهو سٺن کيڏارين جو ڪم نه آهي. ان
کي ”اُڇلي هڻڻ“ چئبو آهن، ۽ ڪُڌو ڪم سمجهيو ويندو
آهي. جڏهين ائين ٿيندو آهي، ته کَٽيل رانديگر لاءِ
تماشبينن جي مجموعي مان ’واه واه‘ جي عيوض ڦٽڪار
جا آواز ايندا آهن. ان ڪري اهو بلڪل ورلي ٿيندو
آهي. نه ته، رواجي ريت، رانديگر ڀيچيءَ کي ڪِرڻ
مهل ڏسندو ته جڏهين هن جو بدن زمين کان ڪجهه
سلامتيءَ جي مفاصلي تي آيو آهي، تڏهن هٿ ڪڍي
وٺندو. گهڻا وري پنهنجيءَ فتح جي ڌاڪي وڄائڻ لاءِ،
۽ ڀيڇيءَ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ۽ ائين ان کي کائي وڃڻ
واسطي، توڙ تائين هٿ قابو رکيو ايندا، تان جو هو
وڃي زمين تي چِت ٿي ڪرندو، ته به هِي مٿانئس چڙهيو
ويٺو هوندو: ان کي ”زور سان دَسڻ“ چوندا آهن. مگر
ائين ڪرڻ به جوکي کان خالي نه آهي، ڇو ته جڏهين
ڪيرائيندڙ کيڏاڙي پاڻ کي به هن سان گڏ ٻڌل رکندو
ٿو هلي، ته وچ تي ڪنهن به وقت ڪِرندڙ، پنهنجو هرن
هلائي، ڪانٽو ئي بدلائي سگهي ٿو. ائين ڪيترا دفعا
ڏسبو آهي ته بلڪل ڇَڪ – پوڻ تي ئي، اوچتو، هڪ جي
بدران ٻيو دسيو رکيو هوندو آهي. ان تي ته تماشبين
اهڙو بود ۾ ڀرجي ويندا آهن جو تاڙيون وڄائيندا،
هوڪاريندا، اصل اُڀا ٿي ويندا. جيڪڏهين ڪو ملهه
ڀيچيءَ کي بنا ڪنهن ريڙهه پيڙهه جي هڪدم اُڇَت ئي
مٿي کڻي ويو، ته اُن کي ”اُڀاري کڻڻ“ چئبو آهي.
هيڪر اَڙي لڳي ويئي ته تماشبينن جو انتظار شروع ٿيو. چوڌاري
سناٽو ڇانئجي ويندو، ۽ سڀني جون اکيون وڃي اُن
اَڙيءَ ۾ اٽڪنديون. ٿوريءَ سورَ پورَ ڏسڻ لاءِ به
پيا اُتا ٿيندا. جيسين ڪو اُن جو نبيرو ٿئي، تيسين
ڀانئي ته سڀني جو دم گهُٽيل رهندو. ڳالهائڻ ته ڇا،
چون چرا ته ڇا، پر ساهه کڻڻ جو آواز به ڄڻ بند ٿي
ويندو. ها، مگر جڏهين اَڙي ڇڏائجي ويندي، ته يڪايڪ
چو ٻولو مچي ويندو، ۽سڀڪو دم هيٺ لاهيندو—ڄڻ ته
رانديگر کي نه، پر هنن کي ڇوٽڪارو مليو هجي!
تنهن کان پوءِ، هن راند ۾ به باقاعدي ڪي رسمي عهد آهن. مثلا، جي
ڪنهن کيڏاريءَ جي ملهه وڙهندي فقط تِري وڃي ڌرتيءَ
سان کُتي، پوءِ جيتوڻيڪ هو وري پاڻ سنڀالي کيڏڻ
لڳي ويو ۽ ٻئي کي دسي به وڌائين، ته هن جي اُها
ملهه ڪار نه آهي، ۽ تريءَ کُتل کي هارايل سمجهبو.
يا، جيڪڏهن ملهه وڙهندي وڙهندي ڪنهن جي اڳٺ
ٽُٽڻ،ور اُکلجڻ، يا ائين ئي ڪنهن به ريت هٿ نڪري
وڃڻ جي ڳالهه ٿي، ته هنن جي قاعدي موجب راند هڪدم
ڇڏي ڏيڻي آهي، ۽ نئين سر هٿ ڳنڍڻا آهن؛ پر جي ٻيو
ان جي ڪابه پرواهه نه ڪري راند کنيو ٿو اچي، ته هٿ
نڪتل کي هڻي ڪيرائي ٿو رکي، ته اها ملهه به ڳڻي
ويندي. پر ڀيچي جڏهن پاڻ کي هارائيندو ڏسي، تڏهن
ڄاڻي ٻجهي ڪڍي ڇڏي، ته ائين به ڪار نه سمجهبو. ڪي
وري حالتون آهن، جن سان راند وڃايل يا ”کاريل“ (foul)
سمجهبي آهي. مثلا، جي ڪو ملهه ٻئي ٻانهون ورائي
ڀيچيءَ کي پٺيان ور ۾ هٿ وجهندو، يا جي ڪو ٻئي کي
پنهجي کاڏيءَ سان هن جي ڪلهي کي دٻائي زور
اُپرائيندو، ته اُها ”ڪُراند“ چئبي آهي، جنهن تي
بروقت اُن ڪُرانديگر کي آگاهه ڪبو آهي. جي ان
هوندي به ساڳي چال چِلي هو ملهه کڻي ويو، ته اُها
ملهه هن جي شمار ئي ڪانه ڪبي. انهن سڀني شڪي يا
تڪراري ڳالهين جو نبيرو وڏيري جي رکيل ماڻهوءَ تي
ڇڏيل هوندو آهي، جيڪو ’اَمين‘ (umpire)
ٿي ڪم ڪندو آهي، ۽ هن جو فيصلو آخرين سمجهيو ويندو
آهي. ڪُراند ڪرڻ وري کي چئبو ته هو راند ۾ ”گِدي
ٿو ڪري“، قڏئي آهي ۽ ”سچو“ نه آهي. پگهر سبب متان
هٿ تِرڪي نه وڃن، تنهن لاءِ ڪي زمين تي تريون هڻي
مِٽي لڳائيندا آهن. مطلب ته ملهه جو باقاعدي،
باترتيب هڪ علم ۽ هنر آهي، جو سٺن سٺن ملهن کان
ڪيترا سلسليوار سکندا آهن.
واقعي ڏسبو ته هيءُ هنر پنهنجي بچاءَ لاءِ به گهڻو ڪارائتو ٿو
ٿئي. ننڍي هوندي آءٌ، جو بدن ۾ البت ضعيف هوس،
باڊهه ۾ هڪ ملهه کان اهو هنر اسڪول جي ميدان تي
سکندو هوس. ڪيترا هندو به ملهه ۾ مشهور هوندا هئا،
جن سان گهڻا گهڻا پهچي نه سگهندا هئا. هن کي طاقت
۽ کيڏ ٻئي هيون، پر مون ڏٺو ته هو گهڻو تڻو رمز
کان ڪم وٺندو هو. هو عام جام چوندو هو ته ”سنڌ آهي
هنر سان.“ ڳوٺ جي ٻاهران، باڊهه اسٽيشن جي لڳ هڪ
وڏو ميدان هوندو هو، جتي ئي اهي ملاکڙا ٿيندا هئا
۽ ٻارهين – ٻارهين مهيني اتي ’تقي شاهه‘ جو ميلو
لڳندو هو. ڳوٺن ۾ ڪنهن پِير يا اولياءَ جو يا ڪو
ٻيو ميلو لڳندو آهي، ته به هَمُون ملاکڙو ان
پروگرام ۾ هڪ اسم هوندو آهي. سو، گهڻو ڪري وس
پڄندي آءٌ ڪوبه ملاکڙو نه گسائيندو هوس. ڇوڪري هئڻ
سبب مون کي اڳيان ئي اڳيان ويهڻ جو وجهه خوشيءَ
سان ڏنو ويندو هو، جتان آءٌ اهي کيڏن جون باريڪيون
۽ رانديگرن جون موقعي بموقعي حرفتون ۽ داوَ – پيچَ
ڏاڍي ڌيان ۽ غور سان جاچيندو ۽ اڀياس ڪندو هوس.
ڀرسان ’باليشاهه‘ اسٽيشن تان لهي، سال بسال لڳندڙ
ميلو ڏسڻ ويندو هوس. ڪاريگر ۽ هوشيار مَلهن لاءِ
تَرَ ۾ بلڪل گهڻي عزت ۽ تواضع هوندي آهي. مون کي
ننڍيءَ ڄمار هوندي به هنن لاءِ گهڻو قرب هوندو هو،
۽ وڌي وڃي ساڻس ڳالهائڻ جي ڪندو هوس. سنڌ جي ملهن
جي نالن ياد ڪرڻ ۽ هنن جي واقفيت رکڻ منهنجو ڪِرتو
هو. اڄڪلهه جا ڇوڪرا ته اَئڪٽرن ۽ ائڪٽريسن جي
نالن، رشن، ۽ هنن جي زندگيءَ جي ڄاڻ رکڻ، ۽ هنن جي
فوٽن ميڙڻ ۾ ئي پنهنجو فخر ٿا سمجهن، پر ان مان جو
سُود ٿو نڪري، تنهن جو ڇا ويچار ڪجي. منهنجي هن
مضمون ۾ ڪو مفصل بيان ڪونهي، در حقيقت هن راند جون
ڪيتريون باريڪيون اڃا بيان نه ڪيون وييون آهن.
جيتري قدر مون کي خبر آهي، هن راند جي قاعدن
قانونن، عمدين رسمن، کيڏن، حرفتن ۽ فائدن تي اڃا
ڪنهن چڱو لکيو ئي ڪونه آهي، ڇو ته جيڪي ملهه هوندا
آهن سي گهڻو ڪري اڻپڙهيل، تنهنڪري هيءُ علم قلمبند
نه ٿيو آهي.
خير، هاڻي وري اچون ٿا ملهه جي ميدان ۾. جڏهن ملهه دسجي ويندي،
ته دسيل همراهه ڪوشش ڪري ڦُڙتيءَ سان جهٽ پٽ اٿي
پيرن ڀر ٿيندو. ڪپڙا ۽ لِڱ به پوءِ پاسيرو ٿي
ڇڊيندو، يا سندس همراهه ڇڊيندا، جيئن ڪنڌ هيٺ نه
ٿئي. دسيندڙ وري آجو ٿيندي ئي جنهن طريقي ۽ ڀير
سان ميدان (arena)
اندر داخل ٿيو هو، ان نموني، پر ذرا جلدائيءَ سان،
وڌندو، تماشبينن جي ويجهو وڃي، سارو گول اندران
ڦِري ايندو. اتي سندس مُنهان – مُنهن دادڪاري
ٿيندي آهي، ۽ ڪي ته کيس مُجرايون ڏيندي ڪلدارَ عطا
ڪندا آهن. اڳي رپئي جا نوٽ ته هئا ئي ڪونه. پوءِ
هو ساڄي هٿ جي چپٽيءَ ۾ رپيو اُڀو جهلي، ساڳيءَ
چال سان ٽِٻڪيون ڏيندو، شڪرادائي به ڪندو ويندو، ۽
ويندو رپيا جمع ڪندو. ڪي وري، لاڏ وچان، رپيا وات
۾ اَڌ ڏندن ۾ ڦاسائي جهليندا.ڪيترا وڏيرا سخي مڙد
کن ۾ کيسا خالي ڪريو وَرن. رانديگرُ، وڌي پيو
ڏيندڙ کان پاڻ وٺندو—يعني نڪي اهو اُڇلائي ڏبو
آهي، ۽ نڪي ڏيندڙ ڪو پير ڀري اڳي ايندو آهي. دسيل
ملهه جو ”پلئه“ يا ”پلاند“ وري سندس رفيق وٺندو
آهي؛ ۽ان طرح ملهه جون ڪيئي جوڙيون ٺهي وينديون
آهن. اهڙيءَ طرح، ملهه راند جي به مرجات (decorum)
ٺهيل آهي.
ملهه جا دنگل (tournaments)
جڏهين ٿيندا آهن، ته ان ۾ ڌار ڌار ڳوٺن جا ملهه،
ڪٿي ڪٿي جا، اچي ڀاڳ وٺندا آهن. ان جي گهڻو اڳ ۽
وسيع پڌرائي ڪئي ويندي آهي، ۽ تنهن ۾ خلق جي به
گهڻي ڀيڙ ٿيندي آهي. اتي به آخرين راند (finals)،
اَڌراند (semi-finals)
۽ پاءُ راند (quarter
finals)
ٿيندي آهي، جنهن ۾ شهزور (winners)
۽ زور (runners)
ٿيندا آهن. اهو دنگل ٽي ڏينهن يا هفتو ساندهه به
هلندو آهي، جتي ڪو سٻر وڏيرو پاڻيءَ پيئڻ جو به
بندوبست ڪندو آهي. دهلاري ۽ شرنايون سُر ۽ تالَ
اها رکندا، جيڪا ان ماحول تي پئي ٽهڪندي. اڙي لڳي
نه آهي، ته دهل تي ڏَونڪي جي راند لڳي ويندي—جيسين
ڪا هڪ هِڪاڻِي ٿئي، حاجيءَ جي يا غازيءَ جي—يا ته
ڇُٽي وڃن، يا ته ڪو منجهانئن دسجي. دهل شرنائي هتي
اهو ڪم ٿا ڏين، جهڙو جنگ ۾ بگل باجا. دهل ۽
شرنائيءَ جا نرالا آواز ۽ لاهيون- چاڙهيون ڪو رڳو
تماشبينن کي ڪونه اڀارينديون آهن، پر رانديگرن تي
به گهڻو اثر ٿيون ڪن.
ائين هرگز ڪونهي ته کَتيل ۽ هاريل جو پوءِ ڪو پاڻ ۾ ويڇو ٿي
ويندو آهي؛ هيڪاري دليان جانيان هو پاڻ ۾ وڌيڪ
رغبت سان پيش ايندا آهن. اها ئي ته هن راند جي
خوبي آهي! پنهنجي ٻئي همراهه کي ڪوٺين ئي ”ڀيچي“،
جنهن جو ’ڀ‘ اکر ڀائپيءَ جو يادگار آهي. کٽندڙ
ڪنهن به صورت ۾ هارايل کي نيچيءَ نگاهه سان نه
ڏسندو، ۽ نڪي هارايل ئي ڪو کٽندڙ کي اوچيءَ نگاهه
سان سامهون ايندو. اهي ئي ڀائر، جهڙا اڳي هئا تهڙا
پوءِ، هٿن جا مُنڊا ڳنڍي يا هڪٻئي جي ڪنڌ ۾ ٻانهن
ورائي هلندا، مٺيون ڳالهيون ڪندا، پنهنجي هلايل
حرفتن جي اثر ۽ علاج تي بحث ڪندا؛ باقي هارَ کَٽَ
جي ڳالهه، راند جي راند ۾ رهِي!
اڳي جڏهين هن راند جو مانُ هوندو هو، تڏهين ڪيترا هن ۾ بهرو
وٺندا هئا. وڏيرا پاڻ وٽ خاص ملهه رکندا هئا، جن
لاءِ خاص پرورش جو پرٻنڌ هوندو هو. هنن جي خوراڪ
تي ڌيان ڏنو ويندو هو: هنن لاءِ خاص مينهيون
بيهاريل هونديون هيون، جن جو تازو کير پي مست
رهندا هئا. ملهه ئي هنن جو پيشو هو، جنهن ۾ هو
پنهنجو جوهر ڏيکاري، ڪيترن مهينن جو خرچ اُتي ئي
ڪڍي وٺندا هئا. جي مَلههَ هئا، ته مَلهه جو مُلهه
ڪندڙ به هئا، جي هنن جي پوري قدرداني ڪندا هئا.
ملاکڙي ۾ عامَ جي اڳيان جڏهين ڪو سنڀاليل مَلههُ
پنهنجا جوهر ڏيکاريندو هو، ته اُن ۾ سنڀاليندڙ جو
نالو ٿيندو هو، جنهن ۾ هو پنهنجو شان سمجهندو هو.
هاڻي جڏهن بم باروت نڪتو آهي، ته سرمائيدار طبقي
هن فن مان هٿ ڪڍائي ورتو آهي، جنهنڪري ملهه جو فن
پوڻو پئجي ويو آهي. تنهن هوندي به، اهو سچ آهي ته
پهلوانيءَ جي سچي پرک ته ملهه سان ئي آهي، ۽ نه
ڪنهن هٿيار سان. سچن سورمن جي حالت ۾، تاريخ ۾
پڙهبو ته هنن هٿيار ڦٽا ڪري اِهو طريقو اختيار
ڪيو. ڇا به ٿي پوي، ته به بدني طاقت کي شرف ته آهي
ئي، باقي بندوقن جي گهوڙي دٻائڻ ۾ ڇا رکيو آهي؟
مڙسن جون خبرون آهن ملهه سان، باروت ۽ بندوق جون
باتيون زنانيون آهن. طاقتور بُت نرويو رهي، کڙو
تڙو رهي، هرڪار ۾ پار پئجي وڃي؛ رشٽ پشٽ اولاد
ٿئيس، ۽ موج مزي ۾ ڳچ جيوَن گذاري. شاهه ڀٽائي به
سُر ڌناسريءَ ۾ چوي ٿو:
واهر ڪر وري، پِير منهنجا مَلهڻا،
اسان توريءَ نانهه ڪا، ڳجهاندر ڳري،
دستگير دري، اُپٽ ڪا احسان سين.
هن بيت ۾ ’ملهڻي‘ لفظ جي معنيٰ ئي آهي مُرڪندڙ يا مُرڪڻو، جيئن
عام طرح چئبو آهي، ”مَلهندو مُرڪندو پيو اچي.“
انهيءَ ڌاتوءَ مان ئي ’ملهڻ‘، ’مُرڪڻ‘ ۽ ’مَلهائڻ‘
لفظ نڪتا آهن.
هڪ انگريز اوڻويهين صديءَ ۾ ڪو ملاکڙو ڏٺو هو، ڇو ته اڳي اهي
عام هئا، سو لکي ٿو ته ”لابارن پوڻ جو شغل ساريءَ
سنڌ ۾ گهڻي چوڄ سان ملهايو ويندو آهي. انهن سڀني
ميلن ۾ جيڪو ڏسڻ وٽان آهي، سو آهي ملاکڙو—هڪ
ڪشتيءَ جي قسم جو ڀيرُ. چهه ٻهه ڪندڙ ۽ مست خلق جي
وچ ۾ ڳرين جهولدار شلوارن ۽ مٿي تي مجازي طرح رکيل
دستارن وارا جانباز، ڪمر ۾ هٿ جهلي، سينو سيني سان
ملائي، پنهنجيءَ طاقت ۽ فن جو جوهر ڏيکارين ٿا.“
بيتوجهيءَ سبب، جيڪي ملهه پيشي وارا يا قابل ملهه هئا، تن وڃي
پيٽ گذر لاءِ ٻيو ڪو پورهيو اختيار ڪيو آهي، ۽
جيڪڏهن ڪو خوددار کين ملهه ۾ اچڻ لاءِ چوندو آهي
ته کيس روڪ ٺوڪ جواب ڏيندا آهن ته اُهي ڪي سندس
خاصڪيلي ڪينهن جو هنن جي چوڻ تي وڃي مفت مٽيءَ ۾
ليٿڙندا ۽ پاسريون ڀڃائيندا! ڀيٽي ڏسبو ته هن راند
مان انيڪ فائدا ۽ گُڻ آهن، جي ٻين ۾ ڪونهن. هيءَ
صاف سڌي راند آهي. رانديگر لاءِ خرچ ته هن ۾
پائيءَ جو به ڪونهي. جي پنهنجي بدنَ طاقتور ڪرڻ
لاءِ ڪا مقوي غذا کاڌائين ته اها به کيس ئي ڪم
آئي، جو اوترو ڊاڪٽرن جو بل گهٽ ڏيندو، بلڪ هنن جو
منهن به نه ڏسندو. پِيڙا کان ڇُٽو، ته وقت جو
بچاءَ الڳ ٿيو. ڪهڙو نه سٺو ٿئي جو سنڌ جي هن
’قومي راند‘ کي، فري اِسٽائيل ڪُشتين وغيره جي
مقابلن جيان، بين الاقوامي سطح تي زور وٺايو وڃي!
رسول بخش پليجو
مشرقي ادب، ۽ مغربي عالم
”—هن جو خطاب دنيا جي سمورين قومن سان آهي، ۽
]مغرب جي عظيم شاعرن ۽ اديبن
[
شيڪسپيئر، هومر (يوناني)، سَروينٽِيز (اِسپيني) ۽
مانيٽن (فرينچ) وانگر، سندس ڪلام نت نئون ۽ زنده
جاويد آهي.“ هاڪاري آمريڪي اڪابر ۽ دانا ’ايمرسن‘
اهو خراج تحسين نه ڪنهن روسيءَ کي ڏنو آهي، ۽ نه
والٽيئر، ڊيڪارٽ، بيڪن، مِلٽن، شيلي ۽ گوئٽي کي،
يا مغربي دانشمنديءَ، شعر ۽ علم جي آسمانن جي
هزارين ٻهڪندڙ ستارن مان ڪنهن به ٻئي کي. مغرب جي
ڏاهي اهي عقيدت ڀريا لفظ شيخ سعدي عليه الرحمت
لاءِ چيا آهن. شيخ سعديءَ جي ”گلستان“ لاءِ هيءُ
عيسائي مفڪر چوي ٿو ته ”هيءُ ڪتاب دنيا جي اِنجيلن
(مقدس ڪتابن) مان هڪ آهي.“
شيخ سعديءَ واسطي مغربي دنيا ۾ ايڏيءَ مقبوليت پيدا ڪرڻ جو سهرو
اِٽليءَ جي هڪ مترجم تي آهي، جنهن 1651ع ۾
”گلستان“ جو لاطيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنهن کي
فرانس جي مشهور دانشورن—والٽيئر، روسو ۽ ٻين—بيحد
پسند ڪيو. هڪ انگريز پادريءَ، ’جيريمي ٽيلر‘ جڏهن
لاطيني ٻوليءَ مان ”بوستان“ جو ترجمو انگريزيءَ ۾
ڪيو، تڏهن آمريڪا جي نامڪٺئي مدبر، دانشور ۽
آمريڪي حڪومت جي بانيءَ، ’بنجامن فرينڪلن‘ هڪ
مزيدار چرچو ڪيو: هن کي هڪڙي حڪايت ڏاڍي وڻي، جنهن
۾ رواداريءَ ۽ ٻين سڀني سان مروت ڪرڻ جي نصيحت ڪيل
آهي، سو هن وٺي اعلان ڪيو ته مون کي انجيل جي هڪ
اصلوڪي گم ٿيل آيت ملي آهي! ان زماني جي آزاد خيال
ماڻهن کي اها حڪايت اهڙي پسند آئي، جو سڀ وسمي ويا
ته برابر هيءَ ڪا انجيل جي سوره مبارڪ آهي. سالن
کان پوءِ مس وڃي اها ڳالهه کلي ته اصل ۾ هيءَ
فارسيءَ جي حڪايت آهي. ’ايڊون ارنالڊ‘، ”گلستان“
کي ’عقلي پلاءُ، ادبي ٻوڙ، ۽ هڪ گونا گون اڪابر جو
تيار ڪيل ڪباب‘ ڪري ڪوٺيو آهي. ان کان پوءِ ته سڄي
يورپ ۾ ’سعديءَ‘ جي ڌوم مچي ويئي. ’سر رچرڊ برٽن‘
۽ جرمن عالم ’رهاتيسڪ‘ جا ترجما اڄڪلهه گهڻو مقبول
آهن. جديد آمريڪي عالم ’يوحنا‘ (يهودي) لکي ٿو ته
”جيترو هئا سعديءَ جي وقت جا مغربي عالم تنگ خيال
۽ ڪوتاه نظر، اوترو ئي هُو فراخدل ۽ روشن خيال
هو.“
اهڙيءَ ريت مغربي پادري، عالم ۽ اڪابر، نهايت محنت ۽ جانفشانيءَ
سان مشرقي ٻوليون سڱي، انهن جا قيمتي شاهڪار ترجمو
ڪري پنهنجي وطن وارن اڳيان پيش ڪندا رهيا آهن. وري
مغرب جا پڙهڻ وارا به اهي ترجما پڙهي، انهن جو
پورو پورو قدر ڪن ٿا. چوٽيءَ جا مغربي دانشور،
ڪمال فراخدليءَ سان انهن کي خراج تحسين ڏيندا رهيا
آهن. ڪي مغربي مفڪر ته هن چوڻ کان به نٿا هٻڪن ته
مشرق جي فقط هڪڙي ڪتاب ئي پوريءَ هڪ صديءَ جي
مغربي تهذيب کي مشرقي رنگ ۾ رنڱي ڇڏيو. چنانچه
”ايشيائي ادب جو خزانو“ نالي ڪتاب جو مولف لکي ٿو
اڻويهين صديءَ جي يورپي تهذيب تي جيڪو مشرقي رنگ
چڙهيل هو، تنهن جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو ڪتاب
هو—’الف ليليٰ‘! جيڪڏهن ’الف ليليٰ‘ جو پس منظر نه
هجي ها، ته ’ڊيلاڪرو‘ جي مصوري، ’رمسڪي ڪورساڪو‘
جي موسيقي ۽ ’لارڊ بائرن‘ جون ترڪي آکاڻيون جيڪر
وجود ۾ ئي نه اچن ها. انگلنڊ توڙي آمريڪي بيٺڪن جي
ارڙهين صديءَ جا سمورا اوائلي رسالا ۽ مخزنون ’الف
ليليٰ‘ جي نموني تي لکيل آکاڻين سان ٽمٽار هوندا
هئا. اڄڪلهه هاليووڊ جي فلمي صنعت جنهن نموني ’الف
ليليٰ‘ جي ڪهاڻين جون فلمون ڌڙا ڌڙ ٺاهي رهي آهي،
تنهن مان ڏسجي ٿو ته ’الف ليليٰ‘ جو فيشن مغرب ۾
هميشه مقبول رهندو.
عمر خيام جي رباعين مغربي دنيا تي جيڪو جادو ڪيو، تنهن جو ذڪر
هتي دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو. انگريز اديب
’فِزجيرالڊ‘ جڏهن اوڻيهين صديءَ ۾ خيام جي رباعين
کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري مغربي دنيا اڳيان پيش
ڪيو، تنهن کان وٺي هڪ صديءَ اندر عمر خيام جو مغرب
۾ ايڏو ڌاڪو مچي ويو، جو خود سندس وطن ايران ۾ اَٺ
سو سالن اندر به کيس ايتري مشهوري ڪانه ملي.
انگلنڊ ۽ آمريڪا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ خيام جي نالي جون
ڪِلبون قائم ٿي ويون. رباعين جا هزارين رنگبرنگي
ايڊيشن شايع ٿي ويا. هڪ ايڊيشن، جنهن تي مشهور
آمريڪي مصور ’ايلهوويڊر‘ مصوري ڪئي هئي، تنهن جو
وزن اَٺ سير هو! ’رباعيات‘ جو ٻيو ايڊيشن، دنيا جو
ننڍڙي ۾ ننڍڙو ڪتاب آهي: ان جي ڊيگهه هڪ ڀاڱي چار
انچ، ۽ ويڪر ٽي ڀاڱي چوڏهن انچ آهي! اڃا هڪ ٻئي
ايڊيشن جي هڪ نسخي تي هيرن جواهرن سان جڙت ٿيل
هئي، تنهن جي قيمت لک رپيا هئي! بدقسمتيءَ سان اهو
ڪتاب 1912ع ۾ ٽٽئنِڪ جهاز سان گڏ ٻُڏي ويو. 1920ع
۾ جڏهن آمريڪا ۾ شراب تي بندش وجهڻ جي ڪوشش ڪئي
ويئي، تڏهن ان جي مخالفن زورشور سان عمر خيام جون
شراب جي ساهه ۾ چيل رباعيون پڙهي دليل طور پيش
ڪيون، ۽ اخبارن ۾ مضمون لکيا. خود ’ڪلئونس ڊئرو‘ ۽
’ٿيوڊور ڊريسر‘ جهڙا هاڪارا اديب پڻ پنهنجي تقدير
پرست فلسفي جي حمايت ۽ عمر خيام جي رباعين جا
حوالا پيش ڪرڻ لڳا. خيام جي هڪ مغربي پرستار جو
چوڻ آهي ته ”عمر خيام جون رباعيون ثابت ٿيون ڪن ته
انساني پُڪار قوميت جي ٻنڌڻ کان بالاتر آهي.“ اڄ
به ڪيترن انگريزن ۽ آمريڪا جي ماڻهن جا نالا عمر
خيام پويان آهن: چنانچه آمريڪا جي چيف آف اسٽاف،
جنرل ’عمر برئڊلي‘، ۽ مشهور آمريڪي تعليمي ماهر،
’عمرخيام مُور‘، جا نالا انهيءَ جا زنده مثال آهن.
ارڙهين صديءَ جي اوائل ۾ ’ميٿيو ارنالڊ‘ ۽ ’ايٽڪنس‘، ’فردوسيءَ‘
جو ”شاهنامو“ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هڪ صديءَ
پوءِ مسٽر ’نڪلسن‘، عرب جي مشهور نابينا شاعر ۽
فيلسوف ’السُعريءَ‘ جا شعر، ۽ ’مولانا روم‘ جي جڳ
– مشهور ”مثنوي“، ۽ ”ديوان شمس تبريز“ انگريزي ۾
ترجمو ڪيا. ارڙهين صديءَ جي آخر ۾، ليڊي ’ائن
ولفريڊ بلنٽ‘، اسلام کان اڳ جي عرب شاعرن جي
شهزادي، البيلي شاعر ’امرالقيس‘ جا قصيدا ترجمو
ڪيا؛ ۽ اڳتي هلي، اوڻيهين صديءَ ۾، ”شاهه جو
رسالو“ ’ٽرمپ‘ صاحب جرمنيءَ مان شايع ڪيو. ان بعد،
ڊاڪٽر ’سورلي‘ ’شاهه جي رسالي جو ترجمو‘ انگريزيءَ
۾ ڪيو. ڊاڪٽر سورلي ’شاهه‘ جي ڪمال کي دل کولي داد
ڏنو آهي، ۽ سندس ڀيٽ مغرب جي عظيم شاعر سان ڪئي
اٿس.
”ديوان حافظ“ عمر خيام جي رباعين کان ٻه صديون اڳ انگريزيءَ ۾
ترجمو ٿيو. اهو ترجمو انگريز مشرق دانن جي اَبي،
’سر وليم جونس‘ ڪيو. يورپي نقادن جو چوڻ آهي ته
’حافظ‘ شيرازيءَ مغربي اديبن تي زبردست اثر وڌو.
’لارڊ بائرن‘، ’ٿامس مور‘، ۽ ٻين رومانوي شاعرن تي
’حافظ‘ جو اثر هڪ تسليم شده حقيقت آهي. ’گوئٽي‘،
”ديوان حافظ“ جي نموني تي، مغربي – مشرقي ديوان
لکيو. بلبلِ شيراز جا مٺڙا نغما يورپ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾
ڦهلجي ويا. ڪيترن يورپي شاعرن پنهنجو تخلص ’حافظ‘
رکيو. سندس يورپ ۾ مقبوليت جو هڪ دلچسپ مثال هي
آهي ته ’سر آرٿر ڪانن ڊائل‘ پنهنجي جاسوسي ناولن
جي مشهور ڪردار ”شرلاڪ هومز“ واتان ’حافظ‘ جي شعرن
کي سند طور پيش ڪرايو آهي. انگريز نقاد ’جان پين‘،
’حافظ‘ کي دنيا جي ٽن عظيم ترين شاعرن ۾ شمار ڪيو
آهي- يعني شيڪسپيئر، حافظ، ۽ هوريس. ’رالف والڊو
ايمرسن‘ جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ نج شاعر فقط ٻه آهن-
هڪ شيڪسپيئر، ٻيو حافظ! فارسي شاعرن جي هن شهزادي
جي شهپارن کي هر پنجين – ڏهين سال ڪو نه ڪو نئون
يورپي پرستار ترجمو ڪندو رهندو آهي، تان جو ساڳيو
غزل سوين شائق ترجمو ڪري ۽ ڇپائي چڪا آهن.
ايشيا جي ٻين عظيم ٻولين – جهڙوڪ سنسڪرت، هندي، چيني جپاني- جي
ادبي خزانن کي به يورپ وارن هرگز نظرانداز نه ڪيو
آهي. انهن ٻولين جو سڀ کان قابل ذڪر شاهڪار
هندستان جي ’ڪاليداس‘ جو ناٽڪ ”شڪنتلا‘ آهي، جو هن
اڄ کان اٽڪل ڏيڍ هزار سال اڳ لکيو. ڪن مغربي نقادن
کي شڪايت آهي ته ’ڪاليداس‘ وٽ ’بلند سنجيدگي‘
ڪانهي، ۽ ٻين هندستاني ناٽڪ نويسن وانگر هو به
انساني دل جي اونداهن تهن کي ڦولهڻ جي ڪا ڪوشش نٿو
ڪري، ڄڻڪ هماليه جبل جي چوٽيءَ تي ويهي تمام پري
کان انساني ڪمن ڪارين جو نظارو مزي سان ويٺو پَسي:
هو قديم يوناني ناٽڪ نويس ۽ راڻي ايلزبيٿ پهرينءَ
زماني جي انگريز ناٽڪ نويسن (جهڙوڪ شيڪسپيئر) جي
رتبي کي رسي نه سگهيو آهي، جن انساني زندگيءَ ۾
ٽٻيون هڻي ان جي فطرت، عادت، اخلاق ۽ ڪردار جا ڀيد
کوليا آهن. پر، انهيءَ هوندي به، مغرب جي نظر ۾ نه
رڳو هندستاني پر سموري ايشائي ادب جو اوچي ۾ اوچو
پرواز ”شڪنتلا“ ليکيو وڃي ٿو. ارڙهين صديءَ ۾ ’سر
وليم جونس‘ ان جو سنسڪرت مان انگريزيءَ ۾ ترجمو
ڪيو، ۽ يورپي پڙهندڙ سان ان جو تعارف ڪرايو، تڏهن
کان انهيءَ ناٽڪ بي انداز مغربي پڙهندڙن ناٽڪ
ڏسندڙن کي مزو پئي ڏنو آهي. مشهور معروف جرمن ناٽڪ
نويس ’گوئٽي‘، ’ڪاليداس‘ جون ڪيتريون طرزون اختيار
ڪيون آهن- مثلا، ناٽڪ جي شروع واري اعلان جو ڍنگ.
’جان يوحنا‘ امريڪي عالم جو چوڻ آهي ته ”شڪنتلا“ ۾
اها خوبي آهي جو اُهو نسل، ثقافت ۽ زبان جا ويڇا
ميساري، پڙهندڙن جي دل ۾ هڪدم گهر ڪريو وڃي. اها
خوبي ٻين ترجمي ٿيل ادبپارن ۾ ورلي نظر ايندي.“
ٻارهين صديءَ جي شيرين بيان هندي شاعر ’جَئي ديوَ‘ جي شاعريءَ
به مغرب ۾ گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي آهي. سندس نظم
”گيتا گووند“، جنهن ۾ هن ڪرشن ڀڳوان جي گوپين سان
رنگ رلين منائڻ ۽ ’راڌا‘ سان عشق ڪرڻ جي رنگين
داستان بيان ڪيو آهي، تنهن کي سنسڪرت جي انگريز
عالم مسٽر ’ڪيٿ‘ هڪ اهڙو شاهڪار سڏيو آهي، جو
ڀرپور تاثر جي نقطهء نگاهه کان سمورن هندستاني
نظمن کان بلند آهي. هن کيس يوناني شاعرن—’ايسڪلس‘،
’سافوڪلس‘، ’يورپيڊس‘ سان ڀيٽيو آهي. ’سر ايڊون
آرنالڊ‘ ان کي ’هندستاني نغمن جو سرتاج‘ ڪري سڏيو
آهي. بظاهر ته هيءُ هڪ مذهبي نظم آهي، پر منجهس
وصال ۽ فراق جي جذبات جنسي لذتيت جي جهڙي مڪمل ۽
رنگين تصوير چٽي ويئي آهي، تنهن جو مثال خود
’امرالقيس‘ جهڙي بيباڪ شاعر وٽ به نه ملندو. هن
صديءَ ۾ ’جارج ڪيٿ‘ جيڪو ان جو ترجمو ڪيو آهي، سو
عمر خيام جي ترجمان، ’فزجيرلڊ‘ جي ترجمي سان ڪلهو
هڻي ٿو.
چيني ٻوليءَ جي قديم قصن— جهڙوڪ ”سوئي ننگ جو قانوني قتل“، ۽ ان
جي خوش نوا شاعرن—جهڙو ’وئنگ وي‘، ’لي پو‘،
’ٽوفو‘، جي شعرن مغرب ۾ ڪافي دلچسپي پيدا ڪئي.
’رابرٽ پين‘ ۽ ٻين يورپي عالمن کين ترجمو ڪيو.
ساڳيءَ طرح جپان جي هر دلعزيز ناٽڪن (جهڙوڪ
”اتسوموري“) ۽ انهن جي باڪمال شاعرن—’تابيتو‘،
بيگم ’ساڪالوئي‘، ’ياڪا موچي‘، ’اڪي مني‘، بيگم
’ايگوچي‘ ۽ ’باسو‘ جا رباعين جهڙا ننڍڙا ننڍڙا مگر
بيحد دلچسپ ۽ با معنيٰ شعر پڻ يورپ ۾ ترجمو ٿي
شايع ٿي چڪا آهن، ۽ يورپي نقادن دل کولي انهن تي
بحث ڪيو آهي. ازانسواءِ، سمورن ايشائي مذهبن—جهڙوڪ
اسلام، ٻُڌمت، هندوڌرم، شنٽواِزم، ڪنفيوشس جو
مذهب، تائو مذهب—جا مذهبي ڪتاب زبردست محنت سان
ترجمو ڪري، شاندار نموني شايع ڪيا ويا آهن.
منهنجي خيال ۾ يورپي ادبين ۽ عالمن جي انهيءَ حيرت انگيز
فراخدليءَ، بيپناهه ڳولا ۽ اڻٿڪ محنت مان خاص ڪري
اسان جا اهي نوجوان سبق پرائي سگهن ٿا، جيڪي
انگريزي ۽ ٻيون ٻوليون ڄاڻڻ جي باوجود پنهنجيءَ
مادري ٻوليءَ ۽ پنهنجن هموطنن جي خدمت لاءِ ڪجهه
به نٿا ڪن. ڇا، سندن اهو فرض نه آهي ته هو به دنيا
جي سڌريل ٻولين جا شاهڪار سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ان
لاءِ مالا مال ڪن؟
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي
رند ۽ مگسيءَ جي ”جنگ بنگاهه جي ڪهاڻي“
سُگهڙ قادربخش جويي جي زباني
ٻاروچي ٻوليءَ ۾ سوين شعر چيا سگهڙن،
آءٌ ڀي منجهان تن، ڪيرائي ڪُڍي ڪئي.
سنڌ ۾ ننڍي وڏي جي واتون اوهان کي ”چانڊيي ۽ مگسيءَ وارو وير“
جي عام چوڻي ٻڌڻ ۾ آئي هوندي، پر قبائلي زندگيءَ ۾
جتي ڪن قبيلن ۾ هڪٻئي سان لڙائيءَ جي ڪهاڻي ٻڌڻ ۾
ايندي، اتي ساڳين قبيلن جي هڪٻئي سان همدردي، آئي
جي اَڌر، ۽ سام پِئي تي سر ڏيڻ جا واقعا به اوهان
کي نظر ايندا.
چانڊين ۽ مگسين جو پاڻ ۾ مارو ۽ لڙائي ته هاڻي جي ڳالهه آهي، سا
به ڌاڙن ۽ ڦُرلٽ تائين محدود هئي—ڪڏهن به ٻئي
ڌريون لشڪر وٺي هڪٻئي آڏو نه آيون، ۽ ستت ئي ٻنهي
قبيلن جي سردارن، نواب قيصر خان ۽ نواب غيبي خان،
جو پاڻ ۾ صلح ٿي ويو؛ پر، ان کان گهڻو اڳ، ميرن جي
صاحبيءَ ۾ جيڪو پهاڪو مشهور هو، سو هو—”رند مگسيءَ
جو، آهي اصل کان وڏو وير“. انهن ٻنهي قبيلن جي وير
۽ دشمني اوڙڪ وڃي ’بنگاهه‘ جي جنگ جي شڪل اختيار
ڪئي، جنهن ۾ بلوچن جا اڪثر قبيلا ميدان جنگ ۾ نڪري
نروار ٿيا. رندن سان جلباڻي، جتوئي، جمالي،
عمراڻي، بڙدي، گڙد، گبول، گاڏهي، ديناري، لاشاري ۽
ٻيا قبيلا گڏجي ويا، ته ٻئي پاسي مگسين پنهنجي
پاڙيسري قبيلي چانڊين کان مدد ورتي، ۽ اهي ٻئي
سورهيه قبيلا، ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي، مرد ٿي، ٻين مڙني
قبيلن کي منهن ڏئي بيٺا.
هن لڙائيءَ جو ڪارڻ ڪهڙو هو، ۽ نتيجو ڇا نڪتو، ان جو تفصيلي
بيان مخلتف بلوچ شاعرن ۽ سگهڙن پنهنجي ڪلام ۾ بيان
ڪيو آهي، پر جنهن غيرجانبداريءَ سان قادربخش جويي
پنهنجي ڪلام ۾ آندو آهي، اهڙو ٻين جي واتان ٻڌڻ ۾
نه ايندو. هن جي آڏو جدا جدا سگهڙن جو هن قصي بابت
چيل ڪلام به آهي، ته وري وڏڙن کان به اهو قصو ٻڌو
اٿس. پاڻ ڪنهن به بلوچ قبيلي مان نه آهي، پر خالص
سنڌي جويا قوم مان آهي، تنهنڪري مٿس ڪنهن به
جانبداريءَ ۽ رک رکاءَ جي تهمت نٿي اچي سگهي.
مناسب آهي ته پهرين هن سگهڙ جو مختصر احوال پيش
ڪجي.
فقير قادر بخش جويو، ڳوٺ جويا، تعلقي ميرو خان، ضلعي لاڙڪاڻي جو
ويٺل هو. سندس ولادت جو سال معلوم نه ٿي سگهيو
آهي، پر ان لاءِ اُتي عام طرح ائين مشهور آهي ته
85 ورهين جي عمر ۾، سن 1913ع ڌاري وفات ڪيائين.
طريقت ۾ قمبر علي خان جي مشهور راشدي خاندان جي
پير عبدالله شاهه جو مريد هو، ۽ پاڻ پنهنجي مرشد
وانگر چڱو معالج به هو. يوناني علاج ڪندو هو. ڪنهن
کان پيسو – پائي نه وٺندو هو، مفت علاج ڪندو هو.
نسخو به اهڙو لکي ڏيندو هو، جو پنجن پيسن کان وڌيڪ
قيمت جو نه هوندو هو. عابد ۽ زاهد به هڪ هو. شعر
سان سندس ڏاڍو چاهه هو. جڏهن ته فقير جي ٻولي
سرائڪي هئي، ان ڪري سندس گهڻو ڪلام سرائڪيءَ ۾
آهي، پر سنڌي ۾ به ڪافيون، مولود ۽ بيت گهڻا ئي
چيا اٿس. سرائڪي ڪلام ڏاڍو رس ڀريو اٿس. نموني طور
ڪجهه بيت ڏجن ٿا:
سُڻيم حديث سونهاري، دي وچ، مسئله هڪ ڪتابون،
سختيان چار زماني اندر، وڏيان هِنِ هر بابون:
هووي ڌيءُ هِڪا گهر ڄائي، پر زر نال نقابون،
ماءُ – پيءُ تنهن دا رنج رهيسِي، تنگ گهڻائِي
تابون؛
ٻاهر ڪوهه وڃڻ هڪ گهر نون، سفر سخت عذابون؛
ٽيجِهي سختي سوال ڪرڻ دي، بيحد شرم حجابون،
توڻي هووي ماءُ – پيءُ آپڻا، آڻي ڏمر عتابون؛
چوٿا چانوڻ قرض اُڌارا، ڀائران ڪن جوابون،
توڻي پئسا توڻي پائِي دمڙي هڪ حسابون،
ڪام ڪِسي وچ يار نه آوي، سو ڀِي خام خرابون،
حيف تنهان تي، ’قادر بخشا‘، جلدي آک شتابون.
...
پُٽ هووي ته پارک هووي، نه تو مورک جهنگ دا ڍور،
يا وَتِ ظالم زاني ٿِيسِي، يا وَڃ ٿِيسي چور،
جُهڳا اُڄاڙي پاڙان پَٽي، ڇوڙيسِي نا ڀور،
’قادر بخش‘ تڏان ڪَلَ پوسيس، جڏان ٿيسي سُڃا زور.
فقير پنهنجي وقت جي والين ۽ حاڪمن جو جيڪو نقشو چٽيو آهي، سو به
ٻڌڻ وٽان آهي. چوي ٿو:
وقت اڄوڪي والِي ڏيکو، ياران دي وه ياري،
دولت وارا آسِس گهر وچ، روزبروز ڏهاڙي،
ٿي خوش خوب ڪريسي خذمت، نال اڳوان نيچاري،
جو ڪم هوس وَس- وهيڻا، تِل نه گهتي هڪ گهاري،
غريب ويسِي نال اُهِيندي، ڪنهن ڏي ٿي قراري،
ٻيڻا چڙهسيس برا سر تي، بَڙي گهِنسيس بيماري،
اڳهين اُنهن ڪون اک سڻاوي، ڪرشودا مال شماري،
پَلِ اميد اُهين تون وَلسِي، عاجز تي آزاري،
مولا مشڪل ڪُل دي کولي، ڪري ستار سَتاري،
’قادربخش‘، سهي ڪر قصا، ڪر ياد سخن يڪباري.
هن درويش جا رند – مگسيءَ جي ’جنگ بنگاهه‘ بابت چيل سنڌي بيت
اوهان جي آڏو آهن. قصي جو تت اهو آهي ته مغيري قوم
جا ماڻهو مگسين جا پاڙيسري هئا، ۽ ڀاڳيا ماڻهو
هئا. جمالين کي اچي جوش جاڳيو ته مغيرين ۽ مگسين
جو مال هڻي اچون. نيٺ اُهي حملو ڪري ويا، ۽ مغيرين
جي مال به ڪاهيائون. انهيءَ ويڙهه ۾ ٻه – ٽي ماڻهو
به مري پيا. اتفاق اهڙو جو سردار احمد خان مگسي ڪو
’شاديهڙ‘ شهر ۾ لٿل هو، جنهن کي ڏاهين وڃي انهيءَ
ڌاڙي ۾ گهل جي ڏاهه ڏني. احمد خان ته بهادر ۽ ارڏو
هڪ ئي هو، سو ڪوڏ ڪري اچي جمالين سان جنبي مارو
ڪرڻ لڳو. ڌاڙي وارا مال ڇڏي وٺي ڀڳا، ۽ جيڪي ارڏي
احمد خان جي سامهون ٿيا، سي مارجي ويا.
انهيءَ واقعي ڪري غلام محمد جماليءَ کي ڏاڍو غم ٿيو، تنهن اها
صلاح ڪئي ته سردار شير محمد خان رند (جو ان وقت
حيدرآباد ۾ مير صاحبن وٽ رهندو هو) ڏانهن حيدرآباد
وڃي، کيس مگسيءَ کان وير وٺڻ لاءِ چاڙهي اچجي. نيٺ
غلام محمد خان جمالي پنهنجو ڳوٺ ڳڙهي ڇڏي، ٻه – ٽي
ماڻهو پاڻ سان وٺي، چانگي تي چڙهي، ٿيو راهي
حيدرآباد ڏانهن. نيٺ وڃي حيدرآباد پهتا، ۽ شير
محمد خان رنگ آڏو پڳوان اڇلائيندي مگسيءَ جي دانهن
ڏيڻ لڳا. کيس ائين به چيائون ته ’مگسي پاڻ کي ”جنگ
دوست“ ٿو سڏائي، هن جي ڪنهن تي نگاهه ئي نٿي پئي!
سنجهه صباح، اوهان جي ڳوٺ ”شورڻ“ تي نه حملو ڪري!‘
اهو احوال ٻڌي، سردار شير محمد خان وراڻيو ته مان
مير صاحبن کان ستن ڏينهن اندر رخصت وٺندس. جمالين
ايتري دير نه به سَٺي. نيٺ سردار شيرمحمد خان مير
صاحبن جي سلام تي ويو، ۽ اُتي سمورو احوال ٻڌائي
موڪل به گهرڻ لڳو. مير صاحبن سمجهايس ته سيال تي
سمجهي حملو ڪجي، جنگ وارڻ خلل کان خالي نه آهي،
مگر تڏهن به رند مڙيو ئي ڪين: چئي، ’قبلا، مگسيءَ
کي قيد ڪري اوهان وٽ آڻيندس!‘ نيٺ رند جو لشڪر
چاڙهي اچي اتر پهتو.
احمد خان کي به انهيءَ تياريءَ جي خبر پئي، تنهن پنهنجن مسگيءَ
ڀائرن کي ڪٺو ڪيو، جن سڀني جنگ لاءِ تياري ڏيکاري،
پر مير احمد خان چيو ته جيئن رند گهڻا ئي تمندار
ڪٺا ڪيا آهن، تيئن اسين به ڪي ڪيهر جُنگ جوان پاڻ
سان ملايون ته چڱو، باقي سوڀ ته آهي ڌڻيءَ جي هٿ
۾؛ سو پنهنجي پٽ ۽ ڀائٽي کي فرمايائين ته چڙهي وڃو
ڪاڇي ڌڻيءَ، وڏيري ولي محمد خان چانڊيي ڏانهن. نيٺ
ميهان خان ۽ گهرام خان ڪجهه سپاهه وٺي وڃي ديري
پهتا، ۽ ولي محمد وِير سان ويهي اورَ اوريائون،
جنهن تي ولي محمد خان چانڊيو کين جواب ٿو ڏئي ته
’اوهين الله تي آسرو رکي وڏي دل ڪريو، رند ڀلي ته
حيدرآباد کان جيسلمير، ۽ قلات کان گجمير تائين
لشڪر گڏ ڪري، پر اسين به شوق منجهان ٻنهي هٿن سان
شمشيرون هڻنداسين، ۽ منهنجو اوهان سان قرآن تي قسم
آهي ته آءٌ نه هٽندس! اوهان جو شهر ”جهل“ (مير
احمد خان مگسيءَ جو ڳوٺ) ته منهنجي ماءُ آهي، مادر
کي ڇڏي پُٽ ڪيئن پوئتي ويهندا؟‘ اهو چئي، پنهنجي
پٽ ڪُنڍي خان سان چانڊين جو لشڪر چاڙهي موڪليائين،
۽ کين چيائين ته ’جنگ سوڙهه ڏسو ته مون ڏانهن
ڏياري موڪلجو ته مان به اچي نڪرندس.‘ نيٺ چانڊڪو
لشڪر جهُلي وڃي ’جهل‘ شهر ۾ رسيو.
چانڊين جي اميرن پهرين ته جنگ ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي. شهولي خان چڙهي
ويو، تنهن تي رند چار مهينا مهلت ڏني، ۽ چانڊين کي
چوڻ لڳو ته ’اوهين پرائيءَ باهه ۾ ڇو اچي پيا
آهيو، مان ته اڳيون پويون ڪُل قرض مگسيءَ کان
اڳاڙيندس.‘ اهو چئي، پنهنجيءَ سپاهه کي بُڙدين
ڏانهن وٺي ويو، ته جيئن چانڊيو ويهي ويهي ڪَڪ ٿي
’ميل‘ ڀڄي وڃي؛ نيٺ ’جهل‘ ڇڏي وڃي ’ڪنڌڪوٽ‘ پهتو.
هوڏانهن چانڊين به مگسين کان موڪلاڻي ڪئي ته ’هاڻي
اجايو ويٺا مفت جون مانيون کائون، جڏهن ڪا ضرورت
پئي ته اسان کي سڌ ڏجو.‘ تنهن تي مخالف ڌر، چانڊين
کان ميدان خالي ڏسي وري حملي جون تياريون ڪرڻ لڳي.
وڏيري ولي محمد خان کي خابرن وڃي خبر پهچائي، سو پنهنجن ڀائرن
کي چوڻ لڳو ته بروهين جا عذر رهيل آهن، هلو ته
انهيءَ بهاني سان هلي سردار شير محمد خان کي ويجها
ٿيون، ۽ ساڻس ملاقات ڪري کيس لڙائيءَ کان موڙيون.
نيٺ اچي بروهين وٽ پهتا، جن ڏاڍي آڌرڀاءُ ڪئي. پر
رندن جو سردار هن سان ملڻ نه آيو، تنهن تي وڏيري
کي عجب لڳو. تنهن هوندي به، صلح جو خيال ڪري، علي
الصبح چڙهي ويو رند وٽ. ٻنهي سردارن ۽ ڀائرن پاڻ ۾
ويهي ورونهه ڪئي. وڏيري کيس رنج ڪڍڻ لاءِ چيو، ۽
هيڻن تي هلان ڪرڻ کان روڪيو. تنهن تي غلام محمد
جماليءَ گوڙ ڏئي ڳالهايو ته ’ادا ولي محمد، تون
اسان جي وچ ۾ نه پئُه، اسين مگسيءَ کي ڏسي
رهنداسين.‘ انهيءَ ’ادا‘ چوڻ تي سوني خان ڇتاڻي
چانڊيي کي ڏاڍي چڙ لڳي، ۽ جماليءَ کي چوڻ لڳو ته
’هوش ڪري ڳالهاءِ، اسين تنهنجا ادا آهيون، تون ٿو
اسان جي سردار کي ادا سڏين!‘ تنهن تي وري جماليءَ
کيس شيرمحمد خان جو دڙڪو ڏنو ته ’اوهين ديري وڃي
دانهون ڪندوء!‘ اهو دڙڪو ٻڌي، چانڊين جو مشهور
پهلوان محرم خان ڇتائي (جو اڳتي هلي سچل سائين
درازيءَ جو خليفو ٿيو ۽ هڪ وڏو شاعر به هو) گجگوڙ
ڪري للڪارڻ لڳو. پوءِ ته جمالين، رندن ۽ چانڊين
جون تراريون مياڻن مان نڪري ويون. پر بروهين وچ ۾
پئي جنگ ٽاري؛ چي، ’مهمانن سان جنگ نه جڳائي.‘
سردار ولي محمد وري اچي رسيو مير احمد خان وٽ. پر تڏهن به صلح
جو خيال نه ويس. نيٺ پنهنجي هڪ امير الهه بخش خان
ڇتاڻي چانڊيي کي راڻيپور چاڙهي موڪليائين. الهه
بخش پير صاحب کي چاڙهي آيو، پر رندن جي سردار اهو
چئي پير کي واپس ڪيو ته ’مان مگسيءَ کي ڪڏهن به نه
ڇڏيندس. پير فقير اسان کي پنهنجا به گهڻا آهن!‘
آخر رند جو لشڪر اچي ’جهل‘ کان اَٺ ڪوهه پري روهيلن ۾ رسيو.
اُتي ڪي سيداڻيون بيبيون به وٽس ميڙ ڪري آيون، پر
مُڙيو ڪونه. پوءِ ته اچي جنگ لڳي. ڇهه سو چانڊيا
هئا، ۽ هڪ هزار مگسي. سردار شير محمد خان پنهنجيءَ
فوج کي هن طرح هدايت ڪئي: ’گڙد، گبول، گاڏهي،
ديناري، جلب، جتوئي ۽ لاشاري، وڃو چانڊين تي ڪاهي؛
۽ ٻيا مگسيءَ تي مارو ڪن.‘. ٻئي پاسي، احمد خان ۽
ولي محمد خان پنهنجي لشڪر جون صفون سڌيون ڪيون؛
مگسي اوڀارو ٿيو، ۽ چانڊين اولاهين ٻانهين جهلي.
جنگ ۾ ڇا وهيو واپريو، سو اوهان کي بيتن مان
ملندو. شير محمد خان شير خود هڪلون ڏيندو جنگ ۾
ڪُڏي پيو، ۽ ڪٽڪ ۾ ڪاهي پيو. جيڪو سورهيه پئي سندس
سامهون آيو، سو پهرئين ڌڪ سان ختم ٿي پئي ويو. نيٺ
سراج، نالي ڪاتير سان وڃي ٻَکيو. ايتري ۾ خول مٿي
کان ٿڙي ويس، ۽ مٿي تي سرواهي جهلي، ڪونڌر وڃي
زمين تي ڪريو، ۽ سندس پساه پورا ٿيا. جيڪي ساڻس
همراهه هئا، سي به ماهو ٿي ويا.
شاعر جي خيال ۾، سردار شيرمحمد شڪست کائڻ وارو نه هو، پر ان
پنهنجو پاڻ پِيرن کان پِٽايو.
هنن بيتن پڙهڻ سان پورو پرو پوندو ته قادر بخش ڪنهن جي به
طرفداري نٿو ڪري، پر هڪ مبصر ٿي قصي تي روشني وجهي
رهيو آهي. هڪ طرف کان جيڪڏهن شير محمد شير جي
بهادريءَ جي هن طرح واکاڻ ڪري رهيو آهي—
هڪلان ڏيندو آيو، شير محمد شير،
ڪاهي پيو ڪٽڪ ۾، دهشت ساڻ دلير،
ڌڪ پهرئين سان تَڪ ڪري، وهائي شمشير،
ڪير آهي ڪير، جو دهشت جهلي ديوَ جي!
ته ٻئي پاسي مير احمد خان مگسيءَ جي بهادريءَ جو داد به ڏيئي
رهيو آهي—
گانءُ ته غازي شير جو، جوڙ وڏي سان جَهل،
وڄن نغارا ويڙهه جا، تنهين منجهه طبل،
پري ٻُجهي پرڌان جي، هيبت ساڻ هڪل،
ڪاهيو ڪٽڪن سان وڙهي، پوي ڪڙدن ساڻ اُڇل،
ديوَ نمايا دَل، جي جوان بهادر جنگ جا.
انهيءَ تياريءَ ۾ چانڊين کي سندن وڏيرو جيڪي چئي ٿو، سو به سگهڙ
ڪيئن نه ادا ڪري رهيو آهي:
چين وڏيري جانءَ، ته چانڊيا! گهوڙي نه چڙهو،
هرڪو پيادو ٿي هلي، توڻي شاهه گدا،
پيءُ نه ساري پُٽ کي، پُٽ نه ساري ماءَ،
مڙس نه ساري زال کي، ڀاءُ نه ساري ڀاءَ،
سيال اڳيون اٿوَ سامهان، هلي لهو سڌ سماءَ،
ڏسي ترارن تاءَ، متان پوندي ڀيڙ ڀڄي وڃو.
وري جڏهن مگسي ڀڄڻ لاءِ پٺ ڦيرائي، تڏهن مينهان ان مگسي انهن
کي، شاعر جي زباني، هن طرح سمجهائي رهيو آهي:
مينهان خان مُڙي، نِئي مارو مگسين ۾ وڌو،
ڏسي ڀيڙ ڀڳا وڃو، ٿا ڪيو خر کڙي،
هو ٿو ڄاڃي (چانڊيو) مارجي، گهوٽو هن گهڙي،
ڏيو چوٽ چڙهي، ٿو ٻيلي ساڻ ٻروچ جي.
ساڳيءَ ريت، جن سورهين پنهنجي بهادري ڏيکاري آهي، تن کي به ڏاڍو
ساراهيو اٿس. انهن قبائلي لڙائين ۾ هندو به پوئتي
نه پوندا هئا، پنهنجي تَرَ جي سردارن سان ساٿ
هوندا هئا. قادر بخش انهن کي به نٿو وساري:
جهلي نڪا تان جهل مون، جهنڊا جهڙلائي،
چوٽ دمامن تي چڙهي، طبلن کون تائي،
مهاڄڻ مڙي هليو، پخالون پائي،
اڄ ته پنهنجي اُڙدن ڏيون، پاڻي پهچائي،
هندو هيبت نه ڊنا، ٿيا سورهيه سر آئي،
ويا ورنهه واڌائي، سانگا لاهي سر جا.
قادربخش جي ڪلام جي وڏي خوبي اها آهي جو جڏهن جنگ جو نظارو پيش
ٿو ڪري، تڏهن ائين پيو معلوم ٿئي ته ڄڻ اکين آڏو
جنگ ٿي رهي آهي.
آخر ۾ اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته هنن بيتن جا ٻه نسخا، هڪ حافظ
عبداللطيف کان پهتل ۽ ٻيو سگهڙ بنگل خان کان پهتل،
مون وٽ موجود هئا. قادر بخش جويي جو ڳوٺ منهنجي
اباڻي وٿاڻن کان رڳو هڪ ميل آهي. مان پاڻ به وڏڙن
کان بيت ٻڌندو هوس. اهي ٻئي نسخا ناقص هئا. آخري
بيت بنگل خان سگهڙ زباني ٻڌايا، جي آخر ۾ آندا
ويا. هيءَ رڳو عوامي ادب جي سلسلي ۾ ڪوشش آهي،
ڪنهن به قبيلي کي رنجائڻ مطلوب نه آهي.
جنگ بنگاهه جي ڪهاڻي
تون صاحب صفتن جو ڌڻي، تون مالڪ مُلڪ جهان،
ڪهڙيون تعريفون ڪجن، ڪيئن ظاهر ساڻ زبانَ،
حڪمت ڏس حڪيمَ جي، اونهان بحر بيانَ،
ڪير پروڙي پرور کي، ڪنهن کي طاقت ڪانَ،
شان شفيع اڳرو ٿيو، درماندن رمانَ،
چارئي يار رسول جا، افضل عاليشانَ،
اُچي قرب ابوبڪر، عمر ۽ عثمانَ،
علي مير امير کي، ساراهيو سبحانَ،
حسن مير حسين جون، ڪيون تعريفون قرآن،
ٻئي دُولهه دادلا، گوهر گلستان،
مڙيئي ٿيا مادتُو، سڀيئي سلطان،
ڪُوپي ڪوهستان، احمد خان امير جا.
احمد خان امير هو، مگسي مڳ مٿيرُ،
هر مُنهن هڪل تي چڙهي، دودو ڌم دلير،
رند مگسيءَ جو پاڻ ۾، اهو اصلون وڏو وير،
شور مچايو شير، ٿو هاتڪ هيئن هاڃا ڪري!
گانءُ ته غازي شير جو، جوڙ وڏي سان ’جهلَ‘،
وڄن نغارا ويڙهه جا، تنهين منجهه طبلَ،
پري ٻُجهي پرڌانَ جِي، هيبت ساڻ هڪل،
ڪاهيو ڪٽڪن سان وڙهي، پوي ڪُڙدن منجهه اڇل،
ديوَ نَوايا دَل، جي جوان بهادر جنگ جا.
ٻيا ڀِي ڪُونڌ ٻروچ هئا، سِنگَ صوبا سردارَ،
حاڪمَ پنهنجيءَ حد جا، دانَههَ دعويدار،
هيڻا هاڙن کون ڊڄن، ويٺا جي ويچارَ،
ماڻهو تن ملاحظي، ڏڪن سڀ ڏهڪار،
ڪريو ڌاڙا ڌاڙ، هڪٻئي مالُ هنيو وڃن.
|