طارق اشرف
هوا کي ڪير روڪي؟
گل ڇنڻ منع آهي.
”سائين، معاف ڪجو-“
هن ڪنڌ ورائي پٺيان ڏٺو، مالهي بيٺو هو.
”معاف ڪجو، سائين، شايد اوهان سامهون لڳل بورڊ نه پڙهيو آهي.“
مالهيءَ بورڊ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
هن بورڊ ڏانهن ڏٺو، لکيل هو- گُلن ڇنڻ جي سخت منع آهي.
هن ڇنل گل ڏانهن ڏٺو، ۽ وري اُن ٻُوٽي کي ڏٺائين، جنهن مان هن
اهو گل ڇنيو هو. ٻوٽي ۾ اهو واحد گل هو، جيڪو هن
ڇنيو هو، باقي ٻوٽي جي هيٺان ۽ چوطرف ڪئين ڪومايل
گل پيا هئا. هن مُرڪي مالهيءَ ڏانهن ڏٺو. اڃا ڪجهه
ڪڇڻ تي ئي هو ته مالهيءَ چيو:
”سائين، اهو ڪم هوا جو آهي. رات واچ لڳي هئي، ڏاڍو نقصان
ڪيائين؛ ڪيترا ٻوٽا پاڙون پٽي ڇڏيائين، گل ته سڀ
زيان ٿي ويا.“
هن صرف ايترو چيو، ”ها هوا پڙهي نٿي سگهي.“ هن ڇنل گل ٻوٽي
ڏانهن اڇلائي ڇڏيو، ۽ وڏا وڏا قدم کڻندو باغ کان
ٻاهر نڪري ويو.
باغ کان ٻاهر نڪري هن جي رفتار وري ڍري ٿي وئي. هو ڪنڌ جهڪائي
ننڍا ننڍا قدم کڻڻ لڳو. سڄيءَ واٽ تي سُڪل ۽
ڪومايل گل ۽ پَنَ پکڙيل هئا. هن جا قدم آهستي
آهستي انهن تي پئجي رهيا هئا.
سُڪل گلن ۽ پنن تي جڏهن هن جا قدم ٿي پيا، ته اُهي چيڀاٽجي ٿي
پيا. چيڀاٽجڻ سان انهن مان هڪ دردناڪ آواز ٿي
نڪتو. هن کي اهو آواز ائين پئي لڳو، ڄڻ گل روئي
رهيا هئا ۽ چئي رهيا هئا، ’هوا ته انڌي آهي، پر
تون.. توکي ته اکيون آهن!‘
ڄڻ هن گلن ۽ پنن جو اهو آواز ٻڌي ورتو هو. هو اُهو رستو ڇڏي،
پاسو ڏيئي هلڻ لڳو ته جيئن ڪو گل سندس پيرن هيٺان
نه اچي. هن ڪنڌ ورائي پٺيان ڏٺو. رستي تي هر طرف
گل ۽ پَنَ پکڙيل هئا، سڪل ۽ ڪومايل- اهڙا، جهڙا
سندس آرزوئون ۽ اُميدون سُڪي ۽ ڪومائجي ويون هيون.
پٺيان نهارڻ سان هن کي پٺيون ڳالهيون، ماضيءَ جون
ياد اچڻ لڳيون.
انڌو گُڏو
”اڙي، ... هيءُ! هن کي هتي ڪنهن رکيو آهي؟“ عائشه نفرت سان هڪ
گُڏو کنيو، ۽ کڻي اڇلائي ڇڏيائين.
”ڇو، عائشه تو هي گُڏو ڇو اڇلائي ڇڏيو؟“ شفيق معصوميت سان پڇيو.
”انڌو آهي!“ عائشه ساڳيءَ نفرت منجهان چيو.
”انڌو آهي؟ انڌو آهي ته ڇا ٿيو، تون هن سان راند کيڏي سگهين
ٿي!“
”انڌي گڏي سان راند ڪيئن ڪبي؟ مان انڌي گڏي سان پنهنجيءَ گڏيءَ
جو وهانءُ ڪيئن ڪنديس؟ منهنجي گڏي ڪاوڙجي نه
پوندي؟ مون وٽ ٻيو به ته گُڏو آهي، مان انڌي گڏي
کي ڇا ڪريان. مون کي انڌا اصل ڪونه وڻن!“ عائشه
ٻئي گڏي جا ڪپڙا بدلائڻ لڳي.
شفيق اُٿي وڃي گڏو کنيو. ڪافور جو سهڻو گڏو هو، جنهن کي ليٽائبو
هو ته اکيون بند، ۽ سنئين ڪرڻ تي اکيون کولي
ڇڏيندو هو؛ پر ويچاري جون ٻئي اکيون نڪري ويون
هيون. شفيق کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هن سوچيو، ’عائشه هاڻي
هن سان ڪڏهن به راند نه ڪندي، ۽ نه ئي هن ويچاري
جو ڪڏهن وهانءُ ٿيندو!‘ هن جون اکيون ڀرجي آيون.
سندس دل ۾ گُڏي لاءِ بي انتها همدردي جاڳي پيئي.
هو گڏو کڻي عائشه جي ويجهو آيو، ۽ چيائين، ”عائشه،
هيءُ گڏو مون کي ڏيندينءَ؟“
”هيءَ؟ انڌو گڏو!“ عائشه حيران ٿي پڇيو. ”توکي مان ٻيو نئون گڏو
ٿي ڏيان.“
”نه مون کي هي گڏو گهرجي.“
”تنهنجي مرضي، ڀلي کڻ.“
پرين جي شهزادي
عائشه کي گلن سان ڏاڍي محبت هئي. پڻس کي چئي، بنگلي ۾ پنهنجي
لاءِ هڪ باغ ڌار هڻايو هئائين. هن جي باغ ۾ پاڻ ۽
شفيق کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به وڃڻ جي اجازت نه
هئي. عائشه کي گلن سان نرالي محبت هوندي هئي. هوءَ
نه پاڻ، ۽ نه ٻئي ڪنهن کي گل ڇنڻ ڏيندي هئي.
عائشه ۽ شفيق هڪڙي اسڪول ۾ گڏ پڙهندا هئا. رستي ۾ هڪڙو باغ
ايندو هو. عائشه صبح شام جڏهن به اتان لنگهندي
هئي، باغ وٽ بيهي ڏاڍي پيار سان گلن کي ڏسندي هئي.
”شفيق، هي گل ته ڏس، ڪهڙو نه سهڻو آهي!“
”ڇنانس؟“ شفيق شوخيءَ سان چيو.
”نه نه!... توکي خبر نه آهي ته مون کي گل ڇنڻ نه وڻندا آهن.
ٽاريءَ مان ڇنڻ سان ويچارن کي ڪيڏو نه سور ٿيندو
هو. ٽاريءَ ۾ هي ڪهڙا نه ٽڙيل هوندا آهن، ۽ ڇنڻ
کان پوءِ ويچارا ڪومائجي ويندا آهن. هي مکڙيون ته
ڏس، ڪهڙيون نه وڻندڙ آهن... الائي ڪيڏيءَ مهل
ٽڙنديون!“
”رات جو.“ شفيق چيو.
”رات جو ڇو؟ خدا ڪري پاڻ اسڪول مان موٽون ته ٽڙيل هجن!“
”مکڙيون فقط رات جو ٽڙنديون آهن.“
”ڇو ڀلا؟“
”انهيءَ ڪري جو رات جو پرين جي شهزادي ايندي آهي، ۽ اچي مکڙين
کي چمندي آهي، تڏهن مکڙيون ٽڙي پونديون آهن.“ شفيق
پنهنجي ڏاڏيءَ کان ٻڌل ڳالهه چئي.
”الا، پاڻ جيڪر پرين جي شهزاديءَ کي ڏسون!“
”پاڻ ڪيئن ڏسي سگهنداسين؟ پرين جي شهزادي ته اڌ رات جو ايندي
آهي.“
”ڇو، ڏينهن جو ڇو نٿي اچي؟“ عائشه پڇيو.
”ڇو ته هوءَ تمام شرميلي آهي. هوءَ تمام نازڪ به آهي. ڏينهن جو
اچي ته جيڪر اُس ۾ سندس پَرَ جلي وڃن!“
اوچتو عائشه جي نظر پريان ايندڙ انڌي تي پئجي ويئي. ”انڌو!“
عائشه ڪرهت سان منهن ڦيري اسڪول ڏانهن هلڻ لڳي. پر
شفيق اتي ئي بيٺو رهيو. هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ
اهو انڌو فقير نه هو، پر سندس ساڳيو انڌو گُڏو هو-
اهو گُڏو، جنهن کي عائشه نفرت سان اڇلائي ڇڏيو هو،
۽ جنهن جو وهانءُ نه ٿي سگهيو هو. شفيق سوچيو، هن
فقير جي به شادي نه ٿي هوندي. ’ويچارو!‘ هن کي
فقير تي ڏاڍو قياس اچڻ لڳو. هن کيسي مان پنهنجي
سموري خرچي ڪڍي فقير کي ڏيئي ڇڏي.
اختلاف
عائشه ۽ شفيق پاڻ ۾ سوٽ هئا. ٻنهي جا بنگلا گڏوگڏ هئا. ۽ ٻنهي
کي ننڍي هوندي کان پاڻ ۾ محبت هئي. اسڪول ۾ گڏ
پڙهيا، گڏ رانديون ڪيائون، ۽ وڏي ٿيڻ تي به هڪ ئي
ڪاليج ۾ هئا. ننڍپڻ جي محبت، وڏي ٿيڻ تي وڌيڪ گهري
ٿي ويئي. ٻنهي کي هڪٻئي سان تمام گهڻي محبت هئي،
پر طبيعتن ۾ اختلاف هو. انهيءَ اختلاف سبب، ڪڏهن
ڪڏهن منجهن لفظي تڪرار ٿي پوندو هو.
هڪ اختلاف هو ’گل ڇنڻ‘. عائشه گلن ڇنڻ جي سخت مخالف هئي. هن جو
چوڻ هو ته ’گل جيترو پنهنجي ٻُوٽي ۾ سونهن ٿا،
اترو ڪنهن گلدستي ۾ نٿا سونهن.‘ پر شفيق جو نظريو
ان جي برعڪس هو. هن جو چوڻ هو ته ’گل انهيءَ لاءِ
ٿين ٿا ته انهن کي گلدستي ۾ سينگارجي.‘
بنگلي ۾، عائشه جي باغ ۾، طرح طرح جا گل هئا، پر انهن کي ڇنڻ جي
ڪنهن کي به اجازت نه هئي. عائشه انهن لاءِ هڪ وڏو
بورڊ هڻائي ڇڏيو هو. ’گلن ڇنڻ جي سخت منع آهي.‘.
تنهن هوندي به شفيق هن کي ستائڻ لاءِ گل ڇنندو
وتندو هو. شفيق جي انهيءَ ڳالهه تي عائشه روئي
ڏيندي هئي، ۽ شفيق کي اهو روئڻ ڏاڍو وڻندو هو. هو
چاهيندو هو ته عائشه هميشه سندس سامهون ويٺي
روئندي رهي، ۽ هو ويٺو هن کي ڏسندو رهي. عائشه جي
وڏين ڪارين اکين مان جڏهن شفاف ڳوڙها نڪري هن جي
ڳلن تان وهڻ لڳندا هئا، ته شفيق کي ائين لڳندو هو
ڄڻ گلاب جي پنکڙين تان سفيد موتي پيا ترڪندا هجن.
ٻيو اختلاف هو ’انڌا‘. عائشه کي ننڍي هوندي کان ئي انڌن کان
نفرت هئي. هن کي انڌين اکين کان ڀؤ لڳندو هو.
انڌيون اکيون هن کي ائين لڳنديون هيون، جيئن ڪو
سُڪل اونهون کوهه، جنهن جي اندر فقط تاريڪي ئي
تاريڪي هوندي آهي. شفيق کي عائشه جي انڌن سان نفرت
ڪانه وڻندي هئي. ڪيترائي دفعا هن عائشه کي چيو به
هو ته ’تون انڌن سان نفرت نه ڪندي ڪر‘، پر اهو
عائشه جي وس ۾ نه هو. جڏهن شفيق پڇيو، ”ڀلا،
عائشه، توکي انڌن کان ڇو ٿي ڪرهت ٿئي، ڇو ٿو ڊپ
لڳيئي“، ته هوءَ شفيق کي مطمئن ڪري سگهي؛ فقط
ايترو چيائين، ”انهن جون بي نور اکيون! ڪن جي اکين
۾ چِمڪندڙ کڏا هوندا آهن، ڪن مان پاڻي پيو ڳڙندو
آهي، ۽ ڪي اکيون ته اهڙيون ڦَٽَ!“ ايتري چوڻ سان
عائشه جي منهن تي بُڇاڻ ۽ گهٻراهٽ ڇانئجي ويئي.
جواب
”مون کي تمام گهڻو افسوس آهي.“ شفيق چيو.
عائشه خاموش رهي.
”چه چه.. هوا ڪيڏي نه ظالم آهي. قياس ته اچيس ئي ڪونه ٿو. ڪچڙين
مُکڙين جوبه خيال نه ڪيائين!“ شفيق همدرديءَ جي
لفظن ۾ طنز ڪئي.
”هوا کي ڇا... هوا ته انڌي آهي!“ عائشه غصي سان چيو.
”جڏهن هوا انڌي آهي ته پوءِ هن بورڊ لڳائڻ مان ڪهڙو فائدو. تون
اسان کي روڪي سگهين ٿي، پر هوا کي ڪير روڪيندو؟
رات واچَ لڳي، تنهنجا سڀ گل زيان ڪري ڇڏيائين، تون
ان کي ڇا ٿي ڪري سگهين؟ عائشه، گل ٿيندا ئي ان
لاءِ آهن ته انهن کي گلدستي ۾ سينگارجي. تون نه
ڇنندينءَ ته هوا ڇني ڇڏيندي، جي هوا نه ڇنا ته هي
پاڻمرادو ئي ڇڻي ويندا!“
”ايڏي وڏي ليڪچر جو مطلب؟“ عائشه خفي ٿي چيو.
”مطلب؟ - ’گُل ٽڙن ٿا ڇڻي وڃڻ جي لاءِ!‘ تون انهن جي رکوال نه
آهين. جڏهن هڪڙا گل ڪومائجي ڪِري پون ٿا، تڏهن ٻيا
گل ٽِڙي انهن جي جاءِ ڀرين ٿا. نئين سونهن، نئين
سڳنڌ! تون انهيءَ سرشتي کي ڦيرائڻ جو اختيار نٿي
رکين. جڏهن گل ٽڙن، ته انهن کي گلدستي ۾ سينگارجي!
اهي ڪومائجي ويندا، ته ٻيا نوان گل، ٽڙي، گلدستي
تائين پهچڻ جا منتظر هوندا. توکي هميشه انهيءَ
ڳالهه سان اختلاف رهيو آهي. توکي انڌن کان به نفرت
آهي. حالانڪ سڄيءَ دنيا کي انڌن لاءِ ڪهڪاءُ ۽
همدردي آهي. انڌا به ته خدا جا بندا آهن؛ ڀلا توکي
خدا جي بندن سان نفرت جو ڪهڙو حق آهي؟“
”پنهنجي پنهنجي طبيعت آهي. مان نفرت ڪا ڄاڻي ته ڪانه ٿي ڪريان.“
”ٺيڪ آهي، پنهنجي پنهنجي طبيعت آهي. تون انڌن سان نفرت ٿي ڪرين،
توکي انهن کان ڪرهت ٿي ٿئي، ڇو ته هو بڇڙا ٿا لڳن.
تون ظاهري حسن پسند ڪرين ٿي، ليڪن اهو حسن ته رڳو
نظر جو دوکو آهي، اصلي حسن ته ظاهري ڏيک کان بلند
آهي. تون ڪڏهن ڪنهن انڌي جي دل کي پرکي ڏس،-“
”تنهنجو ليڪچر ڪڏهن ختم ٿيندو ڀلا؟“ عائشه بيزار ٿيندي چيو.
”تون سچيءَ ڳالهه تي ڪاوڙجين ٿي. جيڪڏهن سڀاڻي تنهنجو ڪنهن انڌي
سان واسطو پئجي وڃي ته پوءِ؟“
”واسطو ڇو پوندو؟“
”زندگيءَ ۾ ڪئين اتفاق ٿيندا آهن، عائشه. مثال طور، ... توکي ته
مون سان محبت آهي نه؟... ۽ جيڪڏهن آءٌ انڌو ٿي
پوان ته پوءِ... ڇا تون مون کي به ڇڏي ڏيندينءَ؟
مون سان به نفرت ڪندينءَ؟“
”بس بس، مهرباني ڪري مون سان اهڙيون ڳاليهون نه ڪندو ڪر!“
”ڇو؟ ٻڌاءِ، پوءِ تون ڇا ڪندينءَ؟“
”مان نه ٻڌائينديس!“
شفيق عائشه جي ٻانهن جهلي ورتي. ”عائشه، توکي ضرور ٻڌائڻو
پوندو. جيڪڏهن آءٌ انڌو ٿي پوان ته تون ڇا
ڪندينءَ؟“
عائشه هٿ ڇڏائيندي، چڙ وچان چيو: ”ته مان توکي به ڇڏي ڏينديس!“
ائين چئي، عائشه هلي ويئي.
سوچ
تنهن ڏينهن عائشه ڪاوڙجي- يا شايد جند ڇڏائڻ لاءِ- شفيق کي چئي
ڇڏيو ته ’جيڪڏهن تون انڌو ٿي پوين ته مان توکان به
نفرت ڪنديس.‘ شفيق انهيءَ ڳالهه تي سنجيدگيءَ سان
سوچڻ لڳو. هن کي اها اميد نه هئي ته ڪو عائشه اهڙو
جواب ڏيندي. هن کي بيحد ڏک ٿي رهيو هو. هن سوچيو،
’جيڪڏهن عائشه کي مون سان سچي محبت هجي ها ته هوءَ
جيڪر ائين نه چوي ها. محبت اکين جي روشنيءَ سان
ڪانه ڪبي آهي، محبت لاءِ دل جي روشني گهرجي.‘ هن
سوچيو، ’عائشه کي هن سان نه، بلڪ هن جي صورت سان
محبت آهي. اها ته ظاهري محبت چئبي. جيڪڏهن اتفاق
سان آءٌ انڌو ٿي پوان، ته ڇا سچ پچ عائشه مون کي
ڇڏي ڏيندي؟ ڇا هوءَ ڪنهن ٻئي...‘ هو انهيءَ کان
اڳتي ڪجهه نٿي سوچي سگهيو. عائشه جي اها ڳالهه هن
جي دل ۾ ايتريقدر ته گهر ڪري ويئي جو اٿندي ويهندي
رڳو ان بابت ئي پيو سوچيندو هو. اها سوچ پوءِ
ايتري ته وڌي ويئي جو هو اڪثر بيحال رهڻ لڳو؛ ۽
ڪيترا ڀيرا انهيءَ بيخياليءَ ۾ هو گاڏين موٽرن
هيٺان ايندي بچيو هو.
حادثو
عائشه جڏهن اوچتو ٻڌو ته شفيق کي حادثو پيش آيو آهي ته هوءَ مٿي
۽ پيرين اُگهاڙي ڪمري مان ڊوڙي نڪتي. اوڏيءَ مهل
ئي سڀ اسپتال ويا. شفيق پلنگ تي ليٽيو پيو هو. هن
جي مٿي، پيشانيءَ، اکين ۽ ٻانهن تي پَٽيون ٻڌل
هيون. عائشه اهو ڏسي ڏڪي وئي. لڙڪ سندس اکين مان
وهي آيا، پر هن جلدائيءَ سان اهي اگهي ورتا ته
متان ڪو ڏسي وٺي.
شفيق ٻه ڏينهن اسپتال ۾ رهيو، پر ٽئي ڏينهن عائشه ضد ڪري شفيق
کي ان جي گهر کڻائي آئي. هوءَ نرس کي هٽائي پاڻ
تيمارداري ڪرڻ لڳي. عائشه شفيق لاءِ سڄيون سڄيون
راتيون جاڳندي رهي. ڪجهه وقت کان پوءِ ڦٽ ڇُٽڻ
لڳا. سڀ کان پهرين مٿي وارو ڦٽ ڇٽو، پوءِ ٻانهن ۽
پيشانيءَ جو، ۽ سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ اکين جي ڀرسان
آيل ڦٽ. پر جڏهن اکين تان پٽي کُلي، ته ڊاڪٽر اها
افسوسناڪ خبر ٻڌائي ته شفيق تمام گهڻي رت وهڻ ڪري
۽ اکين وٽ ڦٽ ٿيڻ ڪري نظر وڃائي چڪو آهي!
شفيق جي انڌي ٿيڻ جو سڀني کان بيحد افسوس هو. ڏک ته عائشه کي به
گهڻو ٿيو، پر هن ڪجهه وقت کان پوءِ شفيق جي
تيمارداري ڪرڻ ڇڏي ڏني. هاڻي هن شفيق وٽ اچڻ به
گهٽائي ڇڏيو هو. شفيق سمجهي ويو ته عائشه اچڻ ڇو
ڇڏي ڏنو، هن جي دلچسپي ڇو گهٽجي ويئي: انهيءَ ڪري
جو شفيق انڌو هو، ۽ عائشه کي انڌن کان نفرت هئي،
هن کي انڌن کان ڪراهت ٿيندي هئي. کيس عائشه جا اکر
ياد پيا- ’مان توکي به ڇڏي ڏينديس!‘ پهرين ته شفيق
کي اهو خيال به ايندو هو ته عائشه ائين چڙ ۾ چيو
هوندو؛ پر هاڻ ته شفيق کي پڪ ٿي ته عائشه کيس ٽارڻ
لاءِ نه، بلڪ سچ پچ پنهنجي دل جي ڳالهه ڪئي هئي.
شفيق کي هي يقين ٿي ويو ته عائشه کي ساڻس ڪا محبت
ڪانهي، هوءَ ظاهري سونهن چاهي ٿي.
پر اصل ۾ ائين نه هو. عائشه کي شفيق سان گهڻي محبت هئي، پر
انڌپڻ کان نفرت ڪرڻ هن جي فطري ڪمزوري بنجي ويئي
هئي. جڏهن هوءَ سوچيندي هئي ته شفيق انڌو آهي، ته
سندس تصور ۾ ڪيترا انڌا اچي ويندا هئا. ڪن جي اکين
۾ چِڪندڙ ڦٽ هئا، ڪن جي اکين مان گندو پاڻي پيو
وهندو هو، ڪي اکيون سُڄيل هيون، ۽ ڪي اندر پيهي
ويل اکيون اونداهي کوهه جيان ٿي ڏٺيون. جڏهن اهي
خيال عائشه کي ايندا هئا، ته هن کي ايڏي همت ئي
ڪانه ٿيندي هئي جو هوءَ شفيق جي سامهون وڃي. ڇا
خبر، شفيق جون اکيون به اهڙيون هجن! عائشه ڪڏهن
ڪڏهن شفيق وٽ ويندي هئي ۽ ڪوشش ڪندي هئي ته سندس
منهن کي نه ڏسي. هن کي ڊپ لڳندو هو ته الائي شفيق
جون ڪاريءَ عينڪ پٺيان ڪهڙيون اکيون هونديون.
هڪ دفعي جڏهن شفيق چيو، ”عائشه، تون منهنجون اکيون ڏسندينءَ؟“
عائشه خاموش رهي. هوءَ ڊوڙ پائي ڪمري مان نڪري
ويئي. شفيق کي ڏاڍو ڏک ٿيو. اهو ته کيس يقين هو ته
عائشه کي ساڻس محبت ڪانهي، پر هاڻ ته هوءَ ساڻس
نفرت ڪرڻ لڳي هئي!
عائشه اڪيلائيءَ ۾ سوچيندي هئي ته شفيق ڇا سمجهندو هوندو؟ هو
ائين ئي سوچيندو هوندو ته هن جي محبت ڪوڙي آهي،
هوءَ ڌوڪيباز آهي. ڪيترا ڀيرا هن رات جو شفيق وٽ
وڃڻ چاهيو- ته جيئن هو ان جي اکين کي نه ڏسي؛ پر
هر ڀيري در وٽ شفيق جي هيبتناڪ اکين جي تصور کان
ڊڄي موٽي آئي- ڄڻ شفيق وٽ وڃڻ سان هوءَ اونداهي
کوهه ۾ ڪِري پوندي.
اتفاق
شفيق کي اکيون وڃائي مهينو ٿي ويو هو. انهيءَ عرصي ۾ عائشه هن
وٽ ايندي رهي هئي، پر گهٽ ۽ ڌارين وانگي.
هڪ ڏينهن عائشه ماڙيءَ تان ڪري پيئي. جيئن هيٺ پئي لٿي ته پير
نڪري ويس. ڏاڪڻ تان بولاٽيون کائيندي اچي پٽ تي
پيئي. سخت زخمجي پيئي. بيهوشيءَ جي حالت ۾ اسپتال
کڻائي ويس.
شفيق ٻئي ڏينهن گهر وارن سان گڏ اسپتال ويو. گهڙيءَ گهڙيءَ ٻين
کان پئي عائشه جي حالت پڇيائين. ٻڌايائونس ته
عائشه جو مٿو، منهن، ٻانهون ۽ ٽنگون زخمجي پئيون
آهن.
ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ جڏهن عائشه کي ڪجهه هوش آيو ۽ معلوم
ڪيائين ته هوءَ اسپتال ۾ آهي، ته ضد ڪري پاڻ کي
گهر کڻائي ويئي؛ ڇو ته سندس منهن، هٿ پير، مٿو سڀ
پٽين سان ٻڌل هئا، جنهنڪري کيس ڏاڍي مُنجهه محسوس
ٿيندي هئي، ۽ جڏهن هن اهو سوچيو ٿي ته ٻيا ماڻهو
کيس ڏسي ڇا خيال ڪندا، ته هوءَ بيچين ٿي ويندي
هئي.
ڊاڪٽر عائشه جي پيءُ کي جلد هيءَ بدخبر ٻڌائي ته گهڻن زخمن ڪري
عائشه نه صرف پنهنجي شڪل وڃائي چڪي آهي، پر هڪ اک
به ضايع ٿي ويئي اٿس. اها ڳالهه عائشه کان به ڳجهي
ڪانه هئي. پنهنجي جسم جي زخمن کان ڀلا هوءَ ڪيئن
بيخبر هوندي. پر هن ائين ظاهر نٿي ڪيو ته ڪو هوءَ
پنهنجي هڪڙي اک وڃائي چڪي هئي. هن ۾ ايتري همٿ نه
هئي جو ڪنهن کي ٻڌائي سگهي- ۽ ٻڌائي به ڪيئن؟
عائشه جي خوبصورت چهري ۽ هڪ اک جي وڃڻ تي ئي سندس ماءُ-پيءُ
روئي رهيا هئا، ته پٽين کُلڻ تي ڊاڪٽر کين ٻڌايو
ته عائشه پنهنجي ٻي اک به وڃائي چڪي آهي! هن جا
ماءُ – پيءُ تڙڦڻ لڳا، پر هو ڪجهه به ڪري نٿي
سگهيا.
ڪجهه وقت کان پوءِ ڦَٽَ ته ڇٽي ويا، پر هميشه لاءِ نشان ڇڏي
ويا. عائشه کي هميشه سهڻي شڪل وڻندي هئي، انڌن کان
کيس سدائين نفرت هئي، انهيءَ ڳالهه جي سڀني کي خبر
هئي. سڀني سمجهيو ته عائشه چري ٿي پوندي، يا
چيڙاڪ؛ پر ٻنهي مان ڪابه ڳالهه ڪانه ٿي، هن کي يڪي
ماٺ وٺي ويئي. اتفاق سان ئي ڪنهن سان ڳالهائيندي
هئي. سندس ڪمري ۾ ماءُ – پيءُ ۽ ڊاڪٽر کان سواءِ
صرف چاچو (شفيق جو پيءُ)، چاچي، يا ڪڏهن ڪڏهن شفيق
ايندو هو. ڪوبه ڀلجي اهو ذڪر نه ڪندو هو ته عائشه
ڪا بدصورت ۽ انڌي آهي؛ پر عائشه سڀ ڄاتو ٿي. اکيون
ته ظاهر هيون، ۽ هٿ لائڻ سان منهن جو به پتو پئجي
ويس. پر ڪهڙي منهن سان شڪايت ڪري؟ ڪيئن تڪليف جو
اظهار ڪري؟ ٻه ٽي دفعا شفيق به ماڻس سان گڏ آيو،
پر هو صرف زباني همدردي ئي ڪري سگهيو.
عائشه کي سونهن ۽ اکين وڃائي ڏيڍ مهينو کن ٿي ويو. هڪ ڏينهن،
شفيق نوڪر سان گڏجي عائشه جي گهر ويو. اتفاق سان
سڀ پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ رڌل هئا. نوڪر شفيق کي
عائشه جي ڪمري ۾ ڇڏي ويو. ڪجهه دير خاموش رهڻ کان
پوءِ شفيق آهستي چيو،
”عائشه!“
”ڪير؟“ عائشه ڇرڪي ويئي.
”مان آهيان، شفيق.“
”او-“
”مون کي ڏاڍو افسوس آهي، عائشه، تنهنجون...“
”ڇا جو افسوس؟“ عائشه ڳالهه وچ ۾ ڪٽي چيو، ”اکين جو؟ توکي افسوس
نه هجڻ کپي.“
”ڇو؟“
”ان ڪري جو مون کي افسوس نه آهي. مون کي انڌن کان نفرت هئي
نه،... ان جي سزا ملي اٿم؛ هاڻي پاڻ انڌي آهيان.
اڳي مون کي انڌن کان ڪراهت ٿيندي هئي، هاڻي ٻيا
مون کي ڏسي ڪراهت ڪندا. تو ٺيڪ چيو هو، ڪنهن کان
نفرت ڪرڻ جو ٻئي کي ڪهڙو حق آهي. پر مون ٻين کان
نفرت ڪئي، ۽ ٻين کي حق آهي ته اهي به مون کان نفرت
ڪن.“
”تنهنجو خيال غلط آهي، عائشه. ماڻهن کي انڌن کان نفرت نه، بلڪ
انهن سان همدردي ٿيندي آهي.“
”پر مون سان ڪير همدردي ڪندو؟ تنهنجي انڌي ٿيڻ تي مون توسان
ڪابه همدردي ڪانه ڪئي هئي. هاڻي توکي يا ٻين کي
مون سان ڪهڙي همدردي ٿيندي؟“
”تون مون سان ڪا همدردي نه ڪئي ته اهو تنهنجو قصور ڪونه هو. مون
کي توسان تمام گهڻي همدردي آهي، عائشه!“
”ٿي سگهي ٿو. پر مان سمجهان ٿي ته هاڻي ڪوبه ماڻهو مون ڏانهن
ڏسڻ پسند نه ڪندو.“
”ڇو ڀلا؟“
”توکي اکيون ڪينهن، شفيق. هينئر توکي مون سان همدردي آهي، پر
جيڪڏهن تون ڏسي سگهين ها ته توکي مون کان نفرت ٿي
وڃي ها!“
”ڇو نفرت ٿئي ها؟“
”انهيءَ ڪري جو مان نه صرف انڌي آهيان، پر انتهائي بدصورت به ٿي
ويئي آهيان.“
”اها ته ڪا اهڙي ڳالهه ڪانهي، جنهنڪري مون کي توکان نفرت ٿيڻ
لڳي.“
عائشه ڦڪي مرڪ مرڪندي چيو: ”جيڪڏهن توکي اکيون هجن ها ته پوءِ
خبر پوي ها!“
”اهو تنهنجو خيال آهي. عائشه، مون کي توسان محبت هئي، آهي، ۽
سدائين رهندي. محبت دل سان ڪبي آهي، نه صورت سان.
ظاهري سونهن کي ته ڪا اهميت ڪانهي. تون جيئن به
آهين، مون لاءِ حسين آهين. آءٌ توسان محبت ڪريان
ٿو، ۽ توسان شادي ڪندس!“
”ٻُڌ، مان نه صرف انڌي آهيان، پر منهنجو سڄو چهرو داغ داغ آهي،
هڪ ٻانهن ڀڳل اٿم ۽ ٽنگ ۾ پڻ نقص آهي! مون وانگي
تون به ڏسي نٿو سگهين، نه ته مون سان شادي ڪرڻ ته
پري رهيو، مون سان جيڪر ڳالهائڻ به پسند نه ڪرين.“
”ته تون به ٻڌ،“ شفيق چيو، ”مون ٻڌائڻ نٿي چاهيو، پر تو مجبور
ڪري ڇڏيو آهي... آءٌ انڌو نه آهيان!“
”ڇا! تون انڌو نه آهين؟“ عائشه کان رڙ نڪري وئي.
”نه، مان انڌو نه آهيان. مون فقط تنهنجي محبت کي آزمائڻ ٿي
گهريو.“
”پر اهو حادثو؟“
”ها، حادثو ٿيو هو. حادثي کان پوءِ جڏهن مون کي هوش آيو، ته اها
ترڪيب سُجهي آيم. مون اما، ڊاڪٽر ۽ نوڪرن کي پاڻ
سان ملائي ورتو هو. خير، ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي...
آءٌ توکي ٻڌائي چڪو آهيان ته آءٌ ظاهري حسن کي
ايتري اهميت نه ڏيندو آهيان. مون کي توسان اهائي
محبت آهي. آءٌ اڄ ئي اما کي چئي، شاديءَ جو
بندوبست ڪريان ٿو.“
هوا پڙهي نٿي سگهي
اوچتو پٿر تان ٿاٻي کائڻ ڪري شفيق جي خيالن جو وسيع سلسلو ٽُٽي
پيو. هن ڏٺو، هو عائشه جي بنگلي جي سامهون بيٺو
آهي- انهيءَ بنگلي جي سامهون، جنهن ۾ عائشه جو باغ
آهي، عائشه جا گل آهن، عائشه جا ماءُ – پيءُ آهن،
پر عائشه نه آهي.
انهيءَ ڏينهن شفيق عائشه کي چئي ويو ته هو ماءُ کي چئي شاديءَ
جون تياريون ٿو ڪرائي. انهيءَ رات، عائشه کُڏ تان
ٽپ ڏيئي خودڪشي ڪري ويئي. ڪمري مان ڦڏن سڏن اکرن ۾
هڪ خط مليو-
’پيارا شفيق، تون شاديءَ جي تيارين ۾ آهين. تون شادي ڪرڻ ٿو
چاهين- هڪ انڌيءَ، بدصورت، ٺونٺيءَ سان- انهيءَ
ڪري جو توکي مون سان محبت آهي، ڇو ته تون ظاهري
حسن جو قائل نه آهين. مان اها ڳالهه پسند نٿي
ڪريان ته تون مون جهڙي اپاهج سان شادي ڪري پنهنجي
عمر وڃائين. مون کي انڌن ۽ بدصورتن کان نفرت هئي،
انهن کان ڪراهت ٿيندي هيم، هاڻ مان پاڻ انڌي ۽
بدصورت آهيان: مون کي پاڻ کان نفرت ۽ ڪراهت ٿي پئي
آهي... مان هاڻ دنيا ۾ رهڻ نٿي چاهيان.- بدنصيب،
عائشه!‘
شفيق، ننڍا ننڍا قدم کڻندو، عائشه جي بنگلي ۾ آيو. عائشه جي باغ
وٽ پهچي ڏٺائين، مالهيءَ ٻوٽن کي صاف پئي ڪيو.
شفيق پڇيو، ”ڇا پيو ڪرين، مالهي؟“
”سائين، رات ڏاڍي هوا لڳي، گل سڀ ڇڻي ويا آهن، ڪن ٻوٽن کي به
نقصان رسيو آهي.“
”هي بورڊ لاهي ڇڏي، مالهي!- ’گلن ڇنڻ جي سخت منع آهي.‘“
”ڇو، سائين؟ هي عائشه بيبيءَ پاڻ هتي هڻايو هو.“
”ها، مالهي، پر هوا تي ان جو اثر نٿو ٿئي. هوا ته انڌي آهي،
پڙهي نٿي سگهي. ماڻهن کي ته گلن ڇنڻ کان روڪي
سگهبو، هوا کي ڪير روڪيندو؟“
غلام نبي مغل
شيشي جو گهر
ڀانيان ٿو ته اُن وقت رات جا نوَ کن لڳا هوندا. جي نوَ نه، ته
ساڍا اٺ، پوڻا نوَ ضرور ٿيا هوندا. اما جي طبيعت
ٺيڪ ڪانه هئي، نه ته نماشام کان پوءِ آءٌ گهر ۾
ورلي هوندو آهيان. هونئن ماءُ سان مون کي ايتري
محبت ته ڪانهي، پر پوءِ به جيجل اٿم، سو ڪجهه ٿئيس
ٿو ته دل کي البت لوڏو اچيو وڃي؛ ممتا ٿئي ئي اهڙي
ٿي. جڏهن اما جي کٽ وٽ ويس ۽ کيس ڏٺم، ته اُن وقت
سچ پڇو ته الائي ڇا ڇا پَسيم. اما کي وري دل جو
دورو پيو هو. اهو دورو هر ڀيري کيس موت جو مزو
چکائي ڇڏيندو آهي، ۽ اسين گهر جا ڀاتي به لوڏي ۾
اچي ويندا آهيون. ڊاڪٽر تپاسي دوا ڏيئي ويو هو، سو
اما گهريءَ ننڊ ۾ پيئي هئي. جيڏيءَ مهل کٽ وٽ بيهي
سندس چهري ڏانهن ڏٺو هوم، ۽ انهن گهُنجن کي به، ته
الائي ڇو ائين محسوس ڪرڻ لڳس ڄڻ اُهي گهُنج گهُنج
نه، پر ممتا جون لهرون هيون. اُهو گنڀير چهرو،
چهرو نه بلڪ ڪو اٿاهه سمنڊ هو، جنهن ۾ ممتا جون
لهرون موجزن هيون- ۽ آءٌ ڪيتريءَ دير تائين انهن
لهرن جي لاهه چاڙهه کي ڏسندو رهيس.
ان کان پهرين جو آءٌ ڪجهه اڳتي چوان، بهتر آهي ته ڪجهه پنهنجي ۽
پنهنجي گهر متعلق به چوندو هلان. مون ۾ هڪڙي وڏي
خامي آهي- صاف گوئيءَ جي. جيئن دل ۾ ايندو اٿم،
تيئن چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ ڪابه هٻڪ ڪانه ٿيندي اٿم. مون کي
پاڙي پتي وارا لفنگو چوندا آهن. ادا به ڪنهن ڪنهن
مهل لوفر چوندو آهي. پر هو مون کان وڏو آهي، اَبي
جي برابر ٿيو، سو تنهن کي ڪجهه ڪونه چوان؛ باقي
پاڙي وارا، سي منهن تي بنهه ڪين ڪُڇن. کين خبر آهي
ته آءٌ پنهنجي متعلق ڪجهه به نه سهندو آهيان. پر
پُٺ گهڻو ئي ٿاڦيندا آهن. هو مون کان ڊڄن ٿا،
انهيءَ ڪري جو آءٌ لوفر آهيان، لفنگو آهيان؛ بُت
جو سگهو ۽ ’ايمان وارو‘ آهيان. جهڳڙي کان بنهه ڪين
ڊڄان. ڇا به هجي، ٽپي پوندو آهيان وچ ۾، پوءِ کٽي
قسمت؛ مرڻو ته هونئن ئي هڪڙي ڏينهن آهي. ادو
انهيءَ ڪري ڪلٽيون کائيندو آهي، جو نه آهيان ڪنهن
ڪم جو، نه ڪار جو. ڀلا ڪير کيس سمجهائي،... ٽِوقتي
ماني پاڻ کارائي، رهڻ لاءِ ابي جو گهر اٿم، باقي
رهيو مٿيون خرچ، سو جي ڪنهن سنيما تي چڪر هنيم ته
پئون ٻارهن! پنج ڇهه ٽڪيٽون بليڪ ڪيم، ته سڄي
ڏينهن جو خرچ نڪري پيو. انهيءَ کان سواءِ، شڪرآهي
مولا پاڪ جو، جي ’آگل ڇَڪو‘ به ڪيم ته هارائي ڪونه
ايندو آهيان، قسمت مڙيئي سڻائي آهي. گهر ۾ هڪ ماءُ
اٿم، ٻيو ڀاءُ ۽ ڀاڄائي- بس. ڀاءُ آفيس ۾ ڪلارڪ
آهي، ڪجهه ڏوڪڙ اُتان اچن، ۽ انهيءَ کان سواءِ اما
۽ ڀاڄائي ڀرت ۾ ڀڙ آهن، اوڙي پاڙي جو ڪم ڪن ٿيون.
آءٌ ڏينهن جو گهڻو ڪري گهر ۾ هوندو آهيان، پر رات جو مڙيئي ڪجهه
اوير ٿي ويندي اٿم. ڀلا آهيان ڇڙهو، نه زال نه ٻار
ٻچو، سو رات جا ٻه اڍائي لڳي ويندا اٿم. يار دوست
اچي گڏ ٿيندا آهيون، سو اٿڻ تي دل ئي ڪين ٿيندي
آهي. انهيءَ کان سواءِ، رات جو گهر ۾ منجهي پوندو
آهيان، دل ئي اٻاڻڪي ٿي پوندي اٿم. سو، انهيءَ
رات، اما جي طبيعت خراب هئڻ ڪري، ٻاهر وڃڻ جو خيال
لاهي ڇڏيم. پر پوءِ ڊاڪٽر به چيو ته ڪا تڪليف
ڪانهي، ۽ اهو به ڏٺم ته اما گهريءَ ننڊ ۾ الوٽ
هئي، سو ڀاڄائيءَ کي چانهه جو بهانو ڏيئي ٻاهر
نڪري ويس.
جڏهن آءٌ ۽ يارو، مارڪيٽ جو موڙ مٽي، جيل روڊ واري سنئينءَ
سڌيءَ سڙڪ تي آياسين، ته ٽاور ٻارهن ٺڪاءَ هنيا.
رستو بلڪل سنسان هو. پاڻ ميونسپل جا لڳل ٿنڀا ۽
سندن جهَڪي روشني رستي کي وڌيڪ ڀوائتو ڪري رهي
هئي. ياروءَ جا ٽهڪ اصل پڙاڏو ٿِي ٿي موٽيا، ۽
رستي تي ستل ڪن ڪن ڪُتن ته ماڳهين ڏمرجي ڀونڪڻ ٿي
شروع ڪيو.
يارو منهنجو دوست آهي. ساڻس دوستي نئين نئين ٿي آهي. پر مڙس ڍول
آهي. گول منهن ۽ سُڄيل مِٽن وارو ڪڻڪ رنگي ڏاڙهي.
ياروءَ ۾ هڪ ٻي به خوبي آهي- يعني پاڻ ڳنڍيڇوڙ به
آهي. اصل اک ڇنڀ ۾ ٻٽون تڳايو وڃي، ۽ کيسا ڪتريو
ڇڏي؛ بدن جو به چڱو سٻر آهي، پر سندس ڊگهين آڱرين
۾ واه جي ڦُڙتي آهي؛ ائين ٿيون هلن، ڄڻ مشين. مون
کي مڙيئي ساڍي يارهين ڌاري ٽاور واريءَ هوٽل وٽ
گڏجي ويو. اصل پڙ ڪڍي بيهي رهيو ته اُها رات ساڻس
گڏ گذاريان. چي، ”اُستاد، ڇا ياد ڪندين ته ڪڏهن
اسان پارا يار گڏيا هئهءِ! جيڪي حڪم ڪندين، سو
حاضر ٿيندو.“ اهو ٻڌي، مون مُرڪي ڏنو. آءٌ سندس هر
ڳالهه تي مُرڪندو آهيان. اڃا ٻاراڻو ڪونه ويو اٿس.
جيل روڊ جي خاموشيءَ ۾ هلندي هلندي آءٌ ڪڪ ٿي پيس. پڇيومانس ته
وراڻيائين، ”يار، استادَ وٽان ٿورو حساب لاهي
وٺجي، ته پوءِ آجا ٿيون.“ آءٌ سندس ڳالهه سمجهي
ويس، سو وري مُرڪي ڏنم. ٿورو اڳتي هلي هو هڪ ڏاڪڻ
چڙهي ويو، ۽ آءٌ رستي جي ٻئي ڀر هڪ ٿنڀي وٽ وڃي
بيٺس.
يارو ۽ سندس اُستاد متعلق مون کي رڳو ايتري خبر آهي ته سندس هڪ
چڱو خاصو ٽولو آهي، جنهن جي هر ماڻهوءَ کي سندن
اصطلاح ۾ ’ڪاريگر‘ چئبو آهي. استاد جو ڪم آهي کين
طريقا ٻڌائڻ- هيڏانهن ڪنهن همراهه جو کيسو ڪنهن
ڳرو ڏٺو نه آهي، اصل چپٽين ۾ خالي ٿيو نه آهي! اهي
ڪاريگر سڄي ڏينهن جي ’حق حلال‘ جو پورهيو اچي
استاد جي سامهون رکندا آهن، جنهن مان چوٿين پتي
کين ملندي آهي، ٽين پتي سندن ’رکوالن‘ کي ۽ باقي
استاد وٽ جمع ٿيندو آهي.
ٿوريءَ دير کان پوءِ يارو آيو. خوشيءَ منجهان منهن اصل ٻهڪيس
پئي. ايندي شرط مون کي پٺن وارو ڌڪ وهائي ڪڍيائين.
”يار، عيد ٿي ويئي! استاد جي اکين ۾ سرمو پارائي آيس!“
”آءٌ سندس چهري ڏانهن ڏسڻ لڳس.
”اڄ سڄي ڏينهن ۾ ڪو شڪار ئي نظر ڪونه آيو، پر توسان ملڻ کان اڌ
ڪلاڪ پهرين واه جو ’مُرغو‘ مليو. ڌڪ ئي هڪڙي سان
ڏيڍ سؤ ملي ويو- هڪ سؤ جو سائو نوٽ، ۽ پنج ڏهين
ڏهين جا... هل ته موج ڪريون!“
”پر، ميان، توکي ملي هوندي چوٿين پتي، اجايو پيو ڊاڙ هڻين!“
”منهنجي به ته ٻڌ نه! ’مرغي‘ سان هٿ- صفائي ڪندي، مون کي استاد
جي ڇڏيل ماڻهن مان ڪنهن به ڪونه ڏٺو هو؛ سو استاد
کي سڄي ڏينهن جي ’پيدا‘ پنجاهه رپيا ٻڌايم! اوڏيءَ
مهل جُهڪي هن هڪ بوٽ لاٿو ۽ سؤ جو مُڙيل سُڙيل نوٽ
ٻاهرڪڍيائين. نوٽ جا سَرَ کولي چُمي ڏنائينس.
”چئه- سڄڻ، ڪريون عيش؟“
مون سندس اکين ۾ شرارت ڏٺي، ۽ مُرڪي آهستگيءَ سان وراڻيم،
”نيڪيءَ جي ڪم ۾ دير!“
ساڳئي رستي تان موٽي، وري اچي مارڪيٽ چوڪ تي بيٺاسين. سڄو رستو
يارو پنهنجي بيسُري آواز ۾ فلمي گانا ڳائيندو، اچي
هڪ پان جي ننڍڙيءَ ڪيبن وٽ بيٺو، جنهن تي چاپئين
ڏاڙهيءَ، ڀوائٽين مڇن، سُڄيل مٽن ۽ ڀريل جسم وارو
شخص ويٺو هو.
”آ، جمعا سيٺ، ڪهڙا حال آهن؟“
”دعا آهي اوهان ڀائرن جي تون ڪر ڪا خبرچار.“ جمعي هٿ صاف ڪندي
وراڻيو.
”ڀلا، آهي ڪو ’داڻو؟‘“ ياروءَ اڳتي وڌي ڏاڍي رازداريءَ سان
پڇيس.
”ميان، رات ويئي وهامي، هينئر وري ڪير سجاڳ هوندو.“
”ائين نه ڪر، سچائي ڏيکار، تنهنجو اُجورو اسان تي لڳو.“
”ڏس وري، ڦڏي جهڙا ڪم ٿو ڪرين نه!“ جمعي جي ٿلهن چپن تي مُرڪ
اچي ويئي. ”خير، اماڻڻ ڪم منهنجو پو کٽن اوهان جا
ڀاڳ.“
اهو ٻڌي يارو کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ جمعي پريان بيٺل هڪ ٽانگي واري
کي سڏ ڪيو: ”خميسا، او خميسا!... پِنڪي اچي ويئي
ڇا؟“
خميسو سڏ تي هوشيار ٿيو، ۽ اکيون مهٽيندو، گاڏي ڦيرائي اچي
اڳيان بيٺو.
”ابا، هنن کي وٺي وڃ. پنهنجا ماڻهو آهن!“
خميسي ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي، ۽ اسان ڏانهن نهارڻ لڳو. اسين ٻئي
ٽپ ڏيئي چڙهي ويٺاسين ٽانگي ۾. مون خميسي کي چتائي
ڏٺو ته هُو مون کي عمر جو ڪو اهڙو وڏو ڏسڻ ۾ نه
آيو. شايد اسان جي وهيءَ جو هجي، پر غربت ڪري مٽن
۾ کڏا پئجي ويا هئس، ۽ اکيون ڏرا ڏيئي ويون هئس.
سندس اڻڀا وار ننڍيءَ پيشانيءَ تي ائين پريشان
هئا، جنهن مان سندس زندگيءَ بابت اندازو قائم ٿي
سگهيو ٿي. هن پيشانيءَ تان وار هٽائيندي گهوڙي کي
ڇٻي ڏني. گهوڙي جي سست قدمن جا آواز رات جي
خاموشيءَ ۾ ڏاڍا ڀوائتا ٿي لڳا. گاڏي سخي پير وارو
رستو مٽيندي، شهاب سنيما کان ڳپل پنڌ اڳيان وڃي
بيٺي. گاڏي بيهاري خميسو هيٺ لٿو ۽ اسان کي پنهنجي
پٺيان اچڻ جو اشارو ڪري، اڳيان هلڻ لڳو. مون يارو
ڏانهن ڏٺو، پر سندس منهن تي ڪو احساس نظر ڪونه
آيم. اسين ٻئي خميسي جي پٺيان گهٽيءَ ۾ وڃڻ
لڳاسين.
”سائين ٻڌو-“ اسان خميسي ڏانهن نهاريو، جنهن پهريون دفعو
ڳالهايو هو. ”توهين هتي آيا ته آهيو، پر هتي جا
پوڙهي رن آهي، سا گراهڪن سان تمام گهٽ ٺهندي آهي؛
اجائي بڪ بڪ ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه اُجهيس ئي ڪونه
ٿو. جي توهان سان ڳڙ ٻڙ ڪري ته هليا اچجو هنڌ کُٽا
ڪونه آهن. مان ٽانگي ۾ ويٺو هوندس.“
اسان مان ڪنهن به جواب ڪونه ڏنو. ٻه گهٽيون مُڙي، اسين هڪ
ماڙيءَ هيٺان اچي بيٺاسين. خميسي اڳيان وڌي در تي
ٺڪ - ٺڪ ڪئي. ڪجهه ويرم کان پوءِ اندران آواز آيو،
”ڪير؟“
”جمعي سيٺ جا ماڻهو.“
ٿوريءَ دير کان پوءِ ڪنهن جي ڏاڪڻ تان لهڻ جو آواز آيو. مون وري
يارو ڏانهن ڏٺو. هُو بلڪل بيڊپو ٿيو بيٺو هو. در
کليو، خميسي اسان کي اندر وڃڻ لاءِ اشارو ڪيو.
اڳيان يارو، پٺيان مان— اسان سوڙهي بدبودار ڏاڪڻ
چڙهي، مٿي هڪ ننڍڙي اڱڻ ۾ پهتاسين. اڱڻ جي وچ ۾ هڪ
کٽ پيئي هئي، جنهن تي ڪو معمولي هنڌ وڇايل هو.
”توهان کي خبر آهي ته هت ٻارهين کانپوءِ ڌنڌو بند آهي!“ پوڙهيءَ
ياروءَ کي گهوريندي چيو. پوڙهي ڏسڻ ۾ اڌڙوٽ ٿي
آئي. قد جي بِندري، ٻيو ٿولهه، سو بيڊولي پئي لڳي.
جنهن تي ماس ايتريقدر هوس جو ڳچيءَ ته نظر ئي ڪين
ٿي آئي، ۽ اکيون به ڏاڍيون ڀوائتيون هيس.
”چڱو، پوڙهي، گهپي ڇڏ، ڪم جي ڳالهه ڪر!“
پوڙهيءَ ياروءَ کي ڪاوڙ منجهان نهاريندي چيو، ”آئيندي جو خيال
رکجانءِ. ٻه داڻا ته آهن، پر اوهين انهن جي قيمت
ڏيئي سگهندا؟“
”ڏوڪڙن لاءِ ڊڄ نه، تون رڳو ڪا چيز ڏيکار.“
”اچو، ايترو چئي پوڙهيءَ هڪ دروازو کوليو. مون سمجهيو ڪو ڪمرو
هوندو، پر هڪ سنهڙي گهٽي هئي، جنهن جي ٻنهي پاسي
ڪمرا هئا. اسين ڪمرا مٽيندا هڪڙي ڇيڙي واري ڪمري ۾
پهتاسين. ڪمرو چڱو هو، جنهن ۾ هڪ پلنگ تي ٻه
ننڍيون نيٽيون ڇوڪريون ڀاڪر پايو ليٽيون پيون
هيون. اسان کي ڏسي اٿيون، ۽ ڀت تي لڳل آرسيءَ ۾
منهن تي ٿڦيل پائوڊر ۽ وارن کي ٺيڪ ڪرڻ لڳيون. آءٌ
ڪمري جي در وٽ ئي بيٺو رهيس. پوڙهي پلنگ کي ٽيڪ
ڏيئي بيهي رهي، ۽ يارو اڳيان وڌي انهن ڇوڪرين کي
ڏسڻ لڳو. رنگ جون ٻئي اڇيون هيون، پر هڪڙي مڙيئي
ٻيءَ کان ڪجهه بت ۾ ڀريل هئي. ٻنهي کي تمام سوڙها،
ڄڻ سندن عضون ۾ ڦاٿل، ڪپڙا پيل هئا. يارو کين ائين
ڏسڻ لڳو، ڄڻ ڪو ڪاسائي ٻڪري خريد ڪري رهيو هجي.
”دير نه ڪر،“ پوڙهيءَ ياروءَ جي نوس نوس کان بيزار ٿيندي چيو،
ڀاڳ اٿوَ جو اهي مليون آهن اوهان کي! پيسا به ٻڌي
ڇڏ-“ ياروءَ ڪنڌ ورائي کيس ڏٺو. ”سڄيءَ رات جا،
جدا جدا ڪمرن ۾، نوي رپيا... شراب به ملي سگهي
ٿي.“
”نوي!“ ياروءَ مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”رات وڃي ڪي ڪلاڪ رهي آهي.
پوڙهي اهي تمام گهڻا آهن- ۽ وري چيز به ٺاهوڪي
ڪانه ڏيکاري اٿئي!“ انهي تي ٻنهي ڇوڪرين نڪ کي
موڙا ڏنا، ۽ پوڙهيءَ ڏانهن ڏسڻ لڳيون.
”هيءُ بازار ڪانهي، جتي اگهه لهن چڙهن... اٿئي اِهي- وڻيئي ته
رهه، نه ته پنهنجو گس وٺ!“
ياروءَ پوڙهي جي اکرن کي نظرانداز ڪندي چيو. ”ڏس، اسين نوان نه
آهيون جو مُڏي ڪاتي سان ڪهين ٿين!“
”انهيءَ کان گهٽ ڪونه ٿيندو.“
اهو ٻڌي يارو ڪجهه دير سوچيو. مون ڏانهن ڏٺائين. آءٌ ماٺ ڪيو
بيٺو هوس. وري انهن ڇوڪرين کي ڏسندي چيائين، ”اها
ڳالهه قبول ڪانهي. هليا!“ ۽ مون کي هٿ کان جهلي
ٻاهر وڃڻ لڳو. مون ويندي ويندي پوڙهيءَ ڏانهن
نهاريو، جا نفرت منجهان اسان ڏانهن نهاري رهي هئي؛
۽ ڇوڪريون وري پلنگ تي ڪِري پيئون، ڄڻ آجيون ٿيون.
ساڳيون گهٽيون لنگهي، اسين رستي تي آياسين. ٽانگو بيٺو هو.
خميسو اسان کي ڏسي هيٺ لهي آيو. ”ڪانه ٺهي نه؟ مون
پهرئين چيو. ڏائڻ آهي، اصل ڪنهن سان ٺهي ئي ڪين!
خير، ويهو، اوهان کي اهڙي هنڌ وٺي هلان جتي چار
پهر رات جا آرام سان ڪاٽي سگهو.“
اسين وري ٽانگي ۾ چڙهياسين، ۽ ٽانگو وري به ساڳيءَ سست رفتار
سان هلڻ لڳو. مونکي اوڏيءَ مهل ننڊ به پئي آئي، پر
ياروءَ جي چرچي ڀوڳ ڪري جاڳيس پئي. ٽانگو نشاط
سئنيما وارو چونڪ لنگهي، نورمحل سئنيما واري رستي
تي هلڻ لڳو. ڳچ پنڌ کان پوءِ ٽانگو هڪ سنهڙيءَ
گهٽي جي مهڙ وٽ اچي بيٺو. وري به پهرئين خميسو هيٺ
لٿو، ۽ اسان کي پٺيان اچڻ لاءِ اشارو ڪري، پاڻ
انهيءَ بدبودار گهٽيءَ ۾ وڃڻ لڳو. گهٽيءَ ۾ گگهه
اوندهه هئي، سو اسين به ٿڙندا ٿاٻڙندا وياسين پئي.
گهٽيءَ جي ڇيڙي وٽ هڪ ڪچي گهر جي در تي خميسي ٽي دفعا ٺڪ – ٺڪ
ڪئي. ڳچ دير کان پوءِ آواز آيو، ”ڪير؟“
”پنهنجا آهيون!“ خميسي بيفڪريءَ سان چيو.
در کليو، اسين ٽيئي ڄڻا اندر وياسين. گهر ڏسڻ ۾ ڪچو هو ۽ ڪجهه
ننڍو به، پر ننڍيون ننڍيون ڪوٺڙيون جام هيون، جن
مان ڪن ۾ اوندهه هئي ته ڪن ۾ لالٽين جي جهڪي
روشني؛ ڪنهن ڪمري مان ڪنهن وقت زناني کِل جو آواز
پئي آيو. اندر ايندي ئي خميسي جُهڪي پوڙهي کي ڪجهه
چيو، ۽ پوڙهي به سمجهندي هائوڪار ڪئي.
”اچو.“ پوڙهي اسان ڏانهن ڏسندي چيو، ۽ اڱڻ لتاڙي گهر جي پوئين
حصي ڏانهن وڃڻ لڳو. اسين به سندس پٺيان هئاسين.
آخر اچي ٻن ننڍن ڪمرن وٽ بيٺاسين. هن هڪ ڪمري کي
کوليو، ۽ اندر وڃي اُتي ڪو پيل لالٽين ٻاريائين،
اسان کي اُتي ويهڻ لاءِ چئي پاڻ ٻاهر ويو هليو.
مون روشنيءَ ۾ سندس شڪل پهريون دفعو ڏٺي؛ ڏاڍي ڀوائتي پئي لڳي.
اسين ٻئي ڪمري کي ڏسڻ لڳاسين. ڪمرو تمام سوڙهو هو،
جنهن ۾ هڪ کٽ مس ٿي پيئي. کٽ جي سيرانديءَ هڪ ڦڏي
سڏي ٽپائي رکي هئي، جنهن تي ٻيڙين ۽ سگريٽن جا اڌڙ
پيا هئا. ايتري ۾ پوڙهو آيو، ۽ اسان کي ٻاهر اچڻ
لاءِ چيائين. اسين ڀر واري ڪمري ۾ وياسين، جتي به
ساڳيو سامان پيل هو، پر کٽ تي ٻه ڇوڪريون ويٺيون
هيون- جن کي شايد تمام گهريءَ ننڊ مان اٿاريو ويو
هو، ۽ جن کي ننڊاکرين اکين ۾ جا نماڻائي پئي نظر
آئي، تنهن مان صاف ظاهر هو ته هو مجبور هيون. يارو
وري به کين چتائي ڏسڻ لڳو. ڇوڪريون هيون ڪڻڪ
رنگيون، پر نمڪ هونِ. ياروءَ پوڙهي ڏانهن ڏٺو، ۽
پوڙهي سمجهندي چيو- ”صبح تائين، ٻن ڪمرن ۾، سٺ
رپيا.“ ياروءَ ڪجهه سوچيو، ۽ پوءِ سؤ جو نوٽ پوڙهي
کي ڏيندي چيائين، ”چڱو، اچي، هي سؤ رپيا- سٺ تون
رک، ڏهه ٽانگي واري کي ڏي، باقي پيسا صبح جو
ڏجانءِ.“ پوڙهي نوٽ ورتو، ڪجهه دير نوٽ کي ڏٺائين،
۽ پوءِ قميص جي پاسي واري کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين،
واپس وڃڻ لڳو. ياروءَ مون ڏانهن ڏٺو، ۽ مون مُرڪي
ڏنو.
* * *
صبح جا ڇهه کن لڳا هجن، آءٌ ۽ يارو سخي پير روڊ تان لنگهي رهيا
هئاسين. راتوڪو اوجاڳو اکين ۾ هو، سو ڊيل جيان
ٽلندا، سيٽيون وڄائيندا، فلمي گيت ڳائيندا، هوريان
هوريان هلي رهيا هئاسين.
”ڪيئن، هئي ڪا رات بهاري؟“ ياروءَ مرڪندي پڇيو.
”ٺيڪ آهي، شل اهڙيون جڳهيون وسن!، مون کي ته رات خبر پيئي ته
تون به گهٽ نه آهين!“
”مڙيئي پيا دل خوش ڪريون.“ ياروءَ ٽهڪ ڏيندي چيو، ڪڏهن ڪڏهن جي
ڪو سڻڀو مرغو هٿ چڙهي ويندو آهي ته پاڻ به ڪجهه
عيش ڪري وٺندا آهيون. ٻي ڳالهه ٻڌي اٿئي؟“
”ڪهڙي؟“
”هي ڏس، منهنجي هٿ ۾!“ مون سندس هٿ ڏانهن ڏٺو، جنهن ۾ سؤ جو نوٽ
هو.
”اڙي، ٻيو وري ڪٿان آيو؟“
”اڙي، ٻيو وري ڪٿي، ساڳيو آهي! پوڙهي نه وڃڻ وقت هٿ ملايو، ته
پاسي واري کيسي ۾ ڏسي ورتو مانس... صبح صبح جو
ٻُهڻي ٿي ويئي!“ هن نوٽ کي چُمي ڏني.
”پر، يار، تو اهو سٺو ڪونه ڪيو.“
”سٺو؟ وڏا حرامي آهن! بچل پاروٿو مال ڏنائون اسان کي، سو نه؟“
”چڱو، ڇڏ انهيءَ بڪ کي آءٌ ته هاڻي گهر ويندس.“
”پهرين نيرن، پوءِ ڪا ٻي ڳالهه.“
* * *
ياروءَ کان جدا ٿي گهر ڏانهن وڃڻ لڳس. سڄيءَ رات جو اوجاڳو هو،
سو سوچيم ته لت کوڙي وڃي سمهي رهندس. سڄو رستو
ياروءَ بابت سوچيندو ويس، جنهن هڪ ئي ڦيري ۾ هڪ سؤ
جو سائو نوٽ ۽ پنج ڏهين ڏهين جا ’ڪمايا‘. مون کي
ياروءَ جي فن تي رشڪ اچڻ لڳو. اڃا گهر واريءَ
گهٽيءَ ۾ ئي پير مس رکيم ته پريان ادا کي ڏٺم.
”ادا، اما ڪيئن آهي؟“ جيئن ئي ادا سامهون آيو، مون پڇيومانس. پر
ادو ڪو ڏمريو ويٺو هو، اصل چڙهي ويو.
”ميان، شابس آهي توهان کي! نه گهر جي اونَ، نه پٺ جو ڪو خيال!
هوڏانهن ماءُ پئي آهي سڪرات ۾، ۽ توهين پيا دوستن
سان ٽيلارا ڏيو! هاڻي ڇو آيو آهين؟“
”ڇو، اما جي حالت ٺيڪ ڪانهي ڇا؟“ مون سندس ڪاوڙ کي نظرانداز
ڪندي پڇيو.
”حالت وري ڇا..... هوءَ وڃي سُکي به ٿي، ۽ تون وري پڇين ٿو!“
مون کي اوڏيءَ مهل الائي ڇا محسوس ٿيو- ڄڻ ڪو ڳرو
بار هٿ مان ڪري پيم. پير اصل چيڀاٽجي ويا، چُريو
ئي ڪونه ٿي سگهيس. آخر سُرت ساري گهر ڏانهن ڀڳس.
اڱڻ ۾ انهيءَ کٽ تي اما جو لاش رکيو هو، جنهن تي رات پاڻ آرام
سان ستي پيئي هئي- پر هينئر ته کيس سدائين لاءِ
آرام ملي چڪو هو. آءٌ ڪي گهڙيون ته کٽ جي ڀرسان
انهيءَ وسمي ۾ بيٺو رهيس ته ڇا ڪريان. آخر وڌي،
ڏڪندڙ هٿن سان منهن تان پلئه چادر جو کڻي، جيجل جو
چهرو ڏٺم. مون سندس چهري کي ڏاڍي غور سان ڏٺو.
سندس پوريل اکين کي، نڪ کي، پوڙهن ضعيف ڳلن کي،
سڪل چپن کي- انهيءَ هستي کي ڏٺم، جنهن مون کي وجود
۾ آندو. اوڏي مهل ائين محسوس ڪيم، ڄڻ جيجل ڏاڍيءَ
اُڪير مان چئي رهي آهي، ’پُٽ، خدا ڪري سؤ حياتيون
ماڻين! شل تنهنجا ڏينهن عيد مثل هجن، ۽ راتيون...
راتيون، جهڙي تو رات گذاري!‘ الائي ڇو، اما جي
گنڀير چهري جي دهشت جهلي نه سگهيس، ۽ چادر کي وري
ڍڪي ڇڏيم.
گهر ۾ ڪجهه پاڙي واريون به ويٺيون هيون، پر تمام خاموشي لڳي پئي
هئي. ايتري ۾ ڀاڄائي به روئندي اچي ڀرسان بيٺي.
”اما کي ڇا ٿيو؟ آخر ڪجهه مون کي به ته ٻڌايو!“ منهنجو آواز ڏڪي
رهيو هو، ۽ اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيم، پر جواب ۾ رڳو
ڀاڄائيءَ جا سڏڪا ٻڌڻ ۾ آيم. ”توهين مون کي ٻڌايو
ڇو نٿا؟- هيءَ ته چڱي ڀلي هئي!“
”بس، ادا، رب جي رضا هئي، ائين ٿيڻو هو.“ هن جو آواز پڻ ڏڪي
رهيو هو. تون وئين، ڪلاڪ کن کانپوءِ وري دورو پيو،
جنهن اصل قهر ڪري ڇڏيو... ڀاڻهين ڊاڪٽر کي وٺي
آيو، تنهن ڏسي چيو، ’سور تمام خراب آهي، جي ڪلاڪ
اندر ٽي سُيون لاڳيتيون نه لڳنديون ته بچڻ محال
آهي.‘ ڊاڪٽر ويو هليو. ڀاڻهين منهنجا سڀ زيور کڻي
ويو ڀر واري پٺاڻ وٽ جنهن مس مس ڪُرڪي پيسا ڏنا.
سيون هيون سؤ پنڌرهين جون...“ ايترو چئي ڀاڄائيم
وڌيڪ سڏڪا ڀرڻ لڳي: ”ادا چوندا ڪين آهن ته غريب
رکيا روزا ته ڏينهن به ٿيا وڏا... سو، ڀاڻهين کڻيو
بازار پئي ويو... قضا اچي رسي هئي... پوي جو ڪو
شاهينگ ته ماڳهين ٻٽون ئي تڳائي ويو! ريزي کان
سواءِ، قرض ورتل هڪ سؤ جو نوٽ ۽ پنج ڏهين ڏهين جا
به کڻي ويو!“
هوءَ وري سڏڪا ڀرڻ لڳي، پر مون کي محسوس ائين ٿيو، ڄڻ اڳيان
جيجل جو لاش ڪونه رکيو آهي پر ممتا جو شاهڪار رکيو
آهي، ۽ مون کي چئي پيو؛ ”پٽ، شل سدائين سکيو
هجين! ڪڏهن ڪوسو واءُ نه لڳيئي!“ |