آغا سليم
ڊڄڻي
پياري نسرين، تنهنجو خط مليو. اها ئي ساڳي شڪايت ته شاديءَ کان
پوءِ مان ايترو بدلجي ڇو وئي آهيان! پياري، شادي
پاڻ هڪ وڏي تبديلي آهي. تون شايد چاهين ٿي ته هن
وقت جڏهن منهنجي شاديءَ کي ست سال پورا ٿيڻ وارا
آهن، مان ڪنهن اسڪولي ڇوڪريءَ جيان سارو ڏينهن ٽهڪ
۽ ٽپ ڏيندي وتان. هر هڪ شي جو پنهنجو پنهنجو وقت
ٿيندو آهي، ۽ هر شي پنهنجي پنهنجي وقت تي ئي
سونهندي آهي. شاديءَ کان اڳ عورت جي محبت هن جي
پنهنجي وجود ۾ ئي قيد هوندي آهي، پر شاديءَ کان
پوءِ هن جي محبت وڌي، ويڪري ٿي هڪ نئون روپ اختيار
ڪندي آهي. هن جي ’اَنا‘ هڪ ٻيءَ ’اَنا‘ ۾ مدغم ٿي
ويندي آهي. جيئن هڪ ننڍي لهر ٻيءَ وڏيءَ لهر ۾
مدغم ٿي ويندي آهي. هن جون ساريون خوشيون، ويڙهجي
سهيڙجي، ان شخصيت جو روپ اختيار ڪنديون آهن، جيڪا
هن جو هٿ هٿ ۾ وٺي، هن کي ڪنوارپ ۽ عورتپڻي جي وچ
واري چانئٺ ٽپائيندي آهي. اسان مشرقي، ۽ خاص ڪري
سنڌي عورتن وٽ محبت جو تصور ئي اهو آهي ته اسين
پنهنجيءَ ذات کي محبوب جي وجود ۾ فنا ڪري ڇڏيون.
مومل جو ئي مثال وٺ. راڻي سان ملڻ کان اڳ وارو هن
جي ڪاڪ جو طلسم ۽ اسرار، ڀڀڪو ۽ ٽڪساٽ، هن جي
’انا‘ جون علامتون آهن. راڻي جو روپ هن جي ساريءَ
ڪاڪ کي ڌوڏي ٿو ڇڏي. ساڳي مومل، ماڙين کان منهن
موڙي، راڻي لاءِ رڙندي ٿي وتي۔ شاديءَ کان اڳ مان
قيمتي ڪپڙا پائي خوش ٿيندي هيس، هينئر پنهنجي
قيمتيء رَئي جي پلاند سان مڙس جا بوٽ صاف ڪرڻ ۽
مسرت محسوس ڪندي آهيان. پنهنجي محبوب جي خذمت ڪندي
روح کي جا راحت ملندي آهي، ان کان تنهنجو روح اڻ
سونهون آهي، پياري!
تون پڇندين آهين ته روحاني مسرتن ميسر هجڻ کان پوءِ به منهنجن
وارن جون ٻه چڳون ڇو اڇيون ٿي ويون آهن، منهنجا ڳل
هيڊ جيان پِيلا ڇو ٿي ويا آهن. پياري، روحاني
مسرتن، ۽ وارن ۽ ڳلن جي رنگ جو پاڻ ۾ ڪهڙو لاڳاپو؟
جسماني بيماريون به ته وارن کي اڇو ۽ ڳلن کي هيڊو
ڪري سگهن ٿيون. توکي ته خبر آهي، مان پيٽ جي پراڻي
مريض آهيان. شايد اهو ئي سبب هجي جو هن عمر ۾ ئي
منهنجا وار اڇا ٿي ويا آهن ۽ رنگ به پِيلو ٿي ويو
آهي. سونهن کان وڌيڪ پيار آهي، پياري! منهنجو مڙس
مون سان بيپناهه محبت ڪري ٿو، ان کان وڌيڪ مون کي
گهرجي به ڇا؟ توکي ان ڳالهه جي ڪهڙي پروڙ، تون ته
سارو ڏينهن هار سينگار ۾ لڳي پئي هوندي آهين، ۽ هر
گهڙي مڙس سان وڙهندي رهندي آهين. پياري، رنگ ۽ روپ
کان وڌيڪ قرب ۽ پيار ئي گهر جي ننڍڙي جڳتر کي جنت
بڻائي ٿو.
تو لکيو آهي ته تنهنجي ۽ تنهنجي مڙس جي جهيڙي جو ڪارڻ اهو آهي
جو تون پنهنجيءَ انفراديت کي قائم رکڻ ٿي گهرين.
جيڪڏهين تون پڙهيل نه هجين ها ته جيڪر توکي
انفراديت لفظ جي معنيٰ به ڪانه اچي ها. پڙهڻ
کانپوءِ تو ڪنهن مغربي ليکڪ جي لکڻين جي اڀياس مان
اهو ته پرايو ته اسان عورتن کي پنهنجي انفراديت
قائم رکڻ گهرجي، پر تو اسانجي سنڌ جي سورمين جي
ڪهاڻين مان ڪا سکيا ڪانه ورتي. تون سسيءَ وانگر
سور سهي ته ڏس، ڏس ته انهن سورن ۾ به ڪيتري نه لذت
آهي! پنهنجي گهر-ڌڻيءَ سان رڳو پنهنجي انفراديت
قائم رکڻ جي ڳالهه تي وڙهڻ اسان سنڌي عورتن کي
ڪونه سونهي. اسان ته سنڌ جي ان مٽيءَ مان جنم ورتو
آهي، جنهن جي ذري ذري مان محبت جا چشما ڦاٽي ٿا
نڪرن. الائي تنهنجو محبت ڪندڙ من، محبوب سان وڙهڻ
جي توکي اجازت ڪيئن ٿو ڏئي؟
چڱو، هاڻي اجازت ڏي، وحيد جي اچڻ جو وقت ٿي ويو آهي. شل تنهنجن
ٻچڙن ۽ گهر – ڌڻيءَ سان سدائين سکي
رهين! -- تنهنجي پنهنجي، نسيم.
(2)
منهنجي پنهنجي نسرين، تون منهنجو هيءُ خط پڙهي حيران ٿي
ويندينءَ؛ ان لاءِ ته هن لفافي ۾ مان ان راز کي
بند ڪري تو ڏانهن موڪلي رهي آهيان، جنهن راز کي
مان شروع کان پنهنجي اندر جي اونهائين ۾ سانڍيندي
آئي هيس.
نسرين، قدرت اسان کي هڪ اهڙو رانديڪو بڻايو آهي، جنهن سان هوءَ
ڪنهن چلولي ٻار جيان کيڏندي رهندي آهي. مون کي
قدرت سان اها شڪايت ڪانهي ته هن اسان کي رانديڪو
ڇو بڻايو آهي، مون کي رڳي اها شڪايت آهي ته جيڪڏهن
قدرت اسان کي رانديڪو ئي بڻائي رهي هئي ته پوءِ هن
اسان جي اندر ۾ احساسات جي عظيم دنيا ڇو بڻائي؟ ٿي
سگهي ٿو ته اها به چلولي ٻار جي چلولائي هجي؛ پر،
نسرين، قدرت جي اها چلولائي ڪيتريقدر نه ستمگر
آهي!
توکي ته خبر آهي ته مون ڪهڙي گهراڻي ۾ جنم ورتو. اسان جي
برادريءَ ۽ خاندان وارا منهنجي پڙهائيءَ جا ڪيترو
نه مخالف هئا، پر منهنجي پيءُ ڪنهن جي به پرواهه
ڪانه ڪئي؛ هن مون کي پڙهايو. مون دل ۾ عهد ڪيو ته
مان ساريءَ برادريءَ وارن کي اهو ثابت ڪري
ڏيکارينديس ته تعليم اسان جي نس نس ۾ سمايل مشرقيت
کي ختم ڪري نٿي سگهي. منهنجو ماسات، احمد، مون سان
ڪيتري نه بيپناهه محبت ڪندو هو، پر مون هن کي ڪڏهن
به محبت جو اظهار جي جرات جو موقعو نه ڏنو؛ مان هڪ
مشرقي عورت جيان دل ئي دل ۾ پنهنجي سوٽ وحيد کي
پوڄيندي رهندي هيس.
جڏهن منهنجي ۽ وحيد جي شاديءَ جون ڳالهيون هلي رهيون هيون، تڏهن
احمد هر ممڪن طريقي سان اسان جي شاديءَ جي مخالفت
ڪئي؛ پر پوءِ جڏهن گهر جي مخالفت جو ڪو نتيجو نه
نڪتو ۽ اسان جي شاديءَ جي ڳالهه پڪي ٿي وئي، تڏهين
هو گهر ڇڏي الائي ڪيڏانهن هليو ويو.
شاديءَ جي رات مان ڪيتري نه خوش هيس. منهنجين ڪنوارين خواهشن
جون جلپريون، منهنجيءَ دل جي اٿاهه ساگر مان نڪري،
منهنجن ڪنن ۾ شهنائيون وڄائي رهيون هيون. شهنائين
جا مڌر سُر ٻڌي منهنجن ڳلن ٿي گلاب جا گل ٿي ٽڙي
پيا. منهنجيءَ نس نس مان خوشيءَ جون ڌارائون ڦُٽي
رهيون هيون.
اها ئي رات ٿيندي آهي، جنهن جو انتظار عورت اول کان ڪندي ايندي
آهي. ان رات ئي هن جي خواهشن جون ڪنواريون مُکڙيون
ٽڙي گل بنيون آهن. پر مون کي ڪهڙي خبر، نسرين، ته
منهنجي خواهشن جي مکڙين کي لتاڙيو ٿو وڃي! سڳن ساٺ
ڪري، ڪنوار بڻائي، مون کي جيئري جلايو ٿو وڃي!
وحيد خوبصورت ۽ جوان هو، نسرين، پر هو زندگيءَ جي
سڀني رنگينين کان محروم هو: هو هڪ اهڙو ساز هو،
جنهن ۾ ڪوبه سُر ڪونه هو. منهنجي جوانيءَ جو ساگر،
ڪنارن کان اٿل کائي، وهڻ لاءِ ڇوليون هڻي رهيو هو،
پر وحيد ۾ اها اُڃ ئي ڪانه هئي، جنهن جي شدت کان
مجبور ٿي هو ان ساگر مان پاڻيءَ جو ٻڪ ڀري پيئي!
منهنجي حالت ان انسان جيان هئي، جنهن جي ساري ڪائنات هن جي اکين
آڏو لٽجي رهي هجي، پر هن کي اُف ڪرڻ جي اجازت نه
هجي؛ جنهن جو سارو بت زخمن سان چور هجي، پر جنهن
کي پنهنجن لڪل زخمن ڏيکارڻ جي به اجازت نه هجي!
مون پنهنجن اڻپورن ۽ زخمي جذبن کي پنهنجي سيني جي
قبرستان ۾ دفن ڪري ڇڏيو، ۽ حالات سان ٺهراءُ ڪري
ڇڏيم. ان کان سواءِ ٻيو مان ڪري به ڇا ٿي سگهيس؟
مون پنهنجي اندر ۾ ويٺل مشرقي عورت کي مرڻ نه ڏنو،
۽ پنهنجي مڙس جي خذمت ڪندي رهيس. ست سال گذري ويا!
منهنجي زندگي ان ريگستان جيان ٿي وئي، جتي هر گهڙي
واچوڙا اٿندا رهندا آهن. منهنجو رنگ هيڊ جيان
پِيلو ٿي ويو، ۽ وارن جون ٻه چڳون به اڇيون ٿي
ويون. منهنجي جواني ان گمنام ۽ لڪل تلاءَ جيان
هئي، جنهن جي مٿاڇري تي ساواڻ ڄمي وئي هجي. هاڻي،
ستن سالن کان پوءِ، هڪ ٿڪل ۽ اڃايل مسافر،ٿڪي
ٽٽجي، ان تلاءَ جي ڪناري تي اچي ويٺو آهي. هو ان
تلاءَ جي ڪني پر اڻڇُهيل پاڻيءَ مان پنهنجي اڃ
اجهائڻ ٿو چاهي. خبر اٿئي، نسرين، ته اهو مسافر
ڪير آهي؟ اهو مسافر، مون سان بيپناهه محبت ڪرڻ
وارو، احمد آهي!
ڪالهه رات مان پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي هيس. ٻاهر آسمان تي ڪارا ڪڪر
ڇانيل هئا. وحيد ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ ويل
هو. رات جا نوَ لڳا ته ڪنهن ٻاهرئين دروازي تي
گهنٽي وڄائي. مون سمجهيو، وحيد موٽي آيو هوندو.
ٿوريءَ دير کان پوءِ نوڪرياڻيءَ اچي ٻڌايو ته ٻاهر
احمد بيٺو آهي. ’احمد!‘ مون کان ڄڻ دانهن نڪري
وئي. ’احمد اڄ هتي ڪيئن آيو؟‘مان چپن ۾ ڀڻڪڻ لڳيس.
يڪدم مون کي نوڪرياڻيءَ جي موجودگيءَ جو احساس
ٿيو. مون هن کي چيو، ”احمد کي هيٺيون ڪمرو کولي
ڏي. جڏهين هو ڪپڙا بدلائي وٺي ته کيس مٿي وٺي
ڊرائنگ روم ۾ ويهار، ۽ چانهه به تيار ڪري وٺ.“
نوڪرياڻي هلي وئي، ۽ مان اڪيلي رهجي ويس. مان سوچڻ
لڳيس، ’ستن سالن کان پوءِ ته هو مون کي سڃاڻندو به
ڪونه!‘ مان آهستگيءَ سان اٿيس، ۽ آئيني جي سامهون
بيهي، پنهنجي عڪس کي ڏسڻ لڳيس. ستن سالن ۾ پهريون
دفعو مون کي احساس ٿيو ته منهنجا ٻارهوئي مينهن
وسائيندڙ ڪڪرن جهڙا وار اڇا ٿي ويا آهن، گلاب جي
گلن جيان ٽڙيل ڳل هيڊ جيان پِيلا ٿي ويا آهن، ۽
آتشدانن وانگر روشن ۽ چمڪندڙ اکين ۾ رَکَ جا ڍير
پيل آهن. ايتري ۾ نوڪرياڻيءَ اچي ٻڌايو ته احمد
ڊرائنگ روم ۾ ويٺو آهي ۽ منهنجو انتظار ڪري رهيو
آهي. مان احمد سان مليس، هو اهوئي احمد هو. هينئر
جڏهن منهنجي ساري زندگي بدلجي وئي هئي، احمد ۾
ڪابه تبديلي ڪانه آئي هئي. زندگيءَ ۾ پهريون دفعو
مون کي احساس ٿيو ته احمد جو قد ڊگهو هو، ڇاتي
ويڪري ۽ گوشت سان ڀريل هيس، ۽ اکين ۾ جوانيءَ ۽
مردانگيءَ جي چمڪ. مون کي ڏسي، هن کان دانهن نڪري
وئي.
”توکي ڇا ٿي ويو آهي، نسيم!“
”مون کي ته ڪجهه به ڪونه ٿيو آهي، البت تون بدلجي ويو آهين.
ٻڌاءِ ته سهي، ايترا سال ڪٿي رهين؟“
”گهران نڪري، پهرين ته دربدر ٿيندو رهيس، پر پوءِ هڪ يورپي فرم
۾ نوڪري ملي وئي. هاڻي ان فرم ۾ مئنيجر آهيان، اٺ
سو رپيا پگهار ملندو اٿم. فرم طرفان ڪار به مليل
آهي--“
”پوءِ ته مزي ۾ هوندين—“
”منهنجي زندگيءَ ۾ مزو ڪٿان آيو!“ هن اداس لهجي ۾ چيو.
مون ڳالهه جو رخ بدلائيندي چيو، ”ستن سالن ۾ ڪڏهن گهر ويو
آهين؟“
”گهر وڃي ڇا ڪندس؟ گهر ۾ رکيو ڇا آهي؟ اما ته آهي ڪانه، بابا کي
سڪ لڳندي آهي ته ڪراچيءَ اچي ڏسي ويندو اٿم.“
”ڀلا توکي ڪيئن خبر پئي ته اسين هت اچي رهيا آهيون؟“
”بابا ٻڌايو هو.“
”ايتري عرصي ۾ تنهنجي دل ئي نه گهري جو هت اچي اسان سان ملي
وڃين؟“
”منهنجي ان سوال جو احمد ڪو جواب ڪونه ڏنو. ايتري ۾ نوڪرياڻي
چانهه کڻي آئي. اسين چانهه پيئندا رهياسين ۽
هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندا رهياسين. مون
چانهه جو ڍُڪ ڀريندي هن کان پڇيو، ”شادي ڪئي اٿئي
يا اڃا......“
شاديءَ جي نالي سان هن جي چهري تي اداسي ڇانئجي وئي. هن چيو،
”شاديءَ ڪري ڇا ڪندس؟“
”ڇا ڪندين؟ شاديءَ کان پوءِ آرام ملندءِ، خوشيون ملندءِ—“
”جيئن توکي شاديءَ کان پوءِ آرام مليو آهي، خوشيون مليون آهن!“
”ڇو، شاديءَ کان پوءِ مون کي آرام ڪونه مليو آهي ڇا؟ مون وٽ ڇا
نه آهي؟ هر قسم جي سهولت ۽ آرام آهي، وڌيڪ مون کي
گهرجي به ڇا؟“
”وڌيڪ توکي گهرجي... اها شي، جيڪا هر عورت جي بنيادي ضرورت
ٿيندي آهي!“
مان گهٻرائجي وئيس، ۽ پريشان نگاهن سان احمد ڏانهن نهارڻ لڳيس.
احمد تيز نگاهن سان مون ڏانهن نهاري رهيو هو. مون
کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ته هن جون اهي تيز نظرون
منهنجي اندر جي اونهائين ۾ پيل راز کي گهلي ٻاهر
ڪڍي رهيون هيون.
”مون تنهنجو مطلب ڪونه سمجهيو...“ منهنجو آواز ڏڪي رهيو هو.
”ڇا، تنهنجي دل نه چاهيندي هوندي ته تنهنجيءَ هنج ۾ به ڪو
روئندڙ ٻار هجي؟“
”مون کي روئندڙ ٻار کان نفرت آهي.“
”ٻارن کان ڪنهن کي به نفرت ڪانه ٿيندي آهي. هڪ فيلسوف جي ڳالهه
ياد آئي اٿم، جنهن علم ۽ فلسفي لاءِ ساري زندگي
شادي ڪانه ڪئي. جڏهن هو مرڻ لڳو، تڏهين پنهنجا
لکيل سمورا ڪتاب گهرائي هنج ۾ رکيائين، ۽ چيائين:
اڄ جيڪر هنن ڪتابن جي بجاءِ منهنجيءَ هنج ۾ ڪو
روئندڙ ٻار هجي ها!“
”ممڪن آهي ته مرڻ وقت مون کي به اها ضرورت محسوس ٿئي.“
”نسيم، مان توکان هڪ ڳالهه پڇڻ ٿو گهران؛ پر وعدو ڪر ته سچ پچ
ٻڌائيندينءَ.“
منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. بت ڏڪڻ لڳو. دل ۾ چيم، ’الائي
ڪهڙي ڳالهه پڇندو؟‘
”پُڇ.“ مون ڏڪندڙ آواز سان جواب ڏنو.
”شاديءَ کان پوءِ تون سچ پچ خوش آهين؟“
”ها، مان سچ پچ خوش آهيان.“
”غلط! خوشي ته پنهنجو پاڻ ظاهر ٿيندي آهي. هن ئي عمر ۾ تنهنجا
وار اڇا ڇو ٿي ويا آهن؟ تنهنجو رنگ ڪنهن مرده
انسان جيان پِيلو ڇو ٿي ويو آهي؟ تنهنجي آواز مان
سنگيت ڇو غائب ٿي ويو آهي؟...“
مان غصي مان اٿي بيٺيس. منهنجو مُٺيون ڀڪوڙجي ويون. ڪاوڙ وچان
پڇيم، ”تون پڇڻ ڇا ٿو گهرين؟“
”مان توکان اها ڳالهه پڇڻ ٿو گهران، جيڪا تون ٻڌائڻ نٿي چاهين.
مان ٿو توکي کولي ٻڌايان. مونکي سڀ خبر آهي... مون
کي خبر آهي ته وحيد—“
”بس بس، پنهنجي بڪواس بند ڪر!“ مون زور سان رڙ ڪئي.
غصي ۽ جوش وچان منهنجو سارو بت ڏڪي رهيو هو، ۽ ٿڙندڙ قدمن سان
پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃڻ لڳيس. احمد ڊوڙي اچي منهنجي
اڳيان ٿي بيٺو. هن منهنجين اکين ۾ پنهنجون
ڀوائتيون اکيون کُپائيندي چيو، ”مون کان نه لڪاءِ،
نسيم! مون کي سڀ خبر آهي، مان ئي وحيد کي حڪيمن ۽
ڊاڪٽرن وٽ علاج لاءِ وٺي ويندو هوس!“
مون هن کي زور سان چماٽ هڻي ڪڍي، ۽ ٿڙندڙ قدمن سان ڪمري ڏانهن
وڃڻ لڳيس. ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ منهنجن قدمن
۾ منهنجي جسم جي بار کڻڻ جي طاقت ڪانه هئي. مان
ٿڙندي ٿاٻڙندي پنهنجي ڪمري ۾ پهتيس، ۽ دروازو
اندران بند ڪري، پنهنجو پاڻ کي پلنگ تي اڇلائي
ڇڏيم.
اڄ رات منهنجا ڇُٽل ڦٽ ڇِڙي پيا هئا. سيني جي قبرستان ۾ دفن
ٿيل، منهنجين ڪنوارين خواهشن ۽ اڻپورن جذبن جا
مُردا قبرون ڦاڙي نڪري آيا هئا. ڄڻ اڄ رات ئي مان
ننڍپڻ جي چانئٺ ٽپي جوانيءَ جي منزل تي پهتي هيس-
ڄڻ اڄ رات ئي جوانيءَ منهنجي سيني تي پنهنجا خيما
کوڙيا هئا، ۽ انهن خيمن ۾ باهه جا ڀڀڙ ڀڙڪايا هئا.
منهنجو سارو بت، لونءَ لونءَ ڄرڪي رهي هئي- ڄڻ مان
ريشمي بستري تي نه، پر ڌڳندڙ ٽانڊن تي ستل هيس. ڄڻ
ته بيشمار زهريلا ڪينئان منهنجي ساري بت ۾ چڪ پائي
رهيا هئا. ساري رات مان لڇندي، ڦٿڪندي، روئندي
رهيس. ساري رات آسمان ڪارن ڪڪرن جو ماتمي لباس
پائي روئندو رڙندو رهيو.
صبح پاڻ سان سانت کنيو آيو. مان آهستگيءَ سان بستري تان اٿيس ۽
دري کولي ٻاهر نهارڻ لڳيس. ٻاهر پره ڦٽي رهي هئي.
هر طرف ميرانجهڙو سوجهرو ڇانيل هو. مان خاموش هيس،
جيئن طوفان کان پوءِ سمنڊ خاموش ٿي ويندو آهي، پر
منهنجي خاموشي سمنڊ جي خاموشيءَ کان به وڌيڪ عميق
۽ اونهي هئي. مان خوشيءَ سان دريءَ کي ٽيڪ ڏيئي
بيٺي هيس، ته ڪنهن آهستگيءَ سان ڪمري جو دروازو
کڙڪايو. مون دروازو کوليو. منهنجي سامهون احمد
بيٺو هو. احمد کي ڏسي، مون ۾ ڪنهن به قسم جو احساس
پيدا ڪونه ٿيو- ڄڻ اڄ قدرت جي چلولي ٻار مون کان
جذبن جي عظيم دنيا ڦري ورتي هئي. ڄڻ ته ڪنهن
منهنجي سيني مان دل ڪڍي گهڙيال رکي ڇڏيو هو، جيڪو
چاٻيءَ جي زور تي ٽڪ ٽڪ – ٽڪ ٽڪ ڪندو رهندو آهي.
ڄڻ مان اهڙي مورتي هيس، جنهن کي قدرت گهمڻ ڦرڻ جي
شڪتي ڏيئي ڇڏي هئي، ۽ جيڪا پنهنجين بينور نگاهن
سان زندگيءَ جو تماشو ڏسي رهي هئي.
مان وري اچي دريءَ کي ٽيڪ ڏيئي بيٺيس. احمد به اچي منهنجي ڀرسان
بيٺو ۽ ماٺ ڪري مون ڏانهن نهاريندو رهيو. آخر هن
خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چيو: ”نسيم، ڪيستائين پنهنجو
پاڻ کي فريب ڏيندي رهندينءَ؟ ڪيستائين زندگيءَ جي
حقيقتن کان ڀڄندي رهندينءَ؟ مان توکي سچ ٿو ٻڌايان
ته مون کي سڀ خبر آهي. ان ڪري ئي مان گهران ڀڄي
ويو هوس جو مان پنهنجين اکين سان توکي اوڙاهه ۾
ڪرندي ڏسي نٿي سگهيس. ڇو ٿي پنهنجو پاڻ کي آليءَ
ڪاٺيءَ وانگر دکائي دکائي رک ڪرين! ڇو ٿي پنهنجي
جوانيءَ کي نڙيءَ تي ننهن ڏيئي مارين! تون پڙهيل
لکيل عورت آهين، اکيون کول ۽ زندگيءَ جي حقيقتن کي
سمجهه ۽ سڃاڻ. ڪوڙيءَ ناموس ۽ ڪوڙيءَ عزت جي
زنجيرن کي ٽوڙ! هو ڏس، ڪارونڀار کان پوءِ صبح جو
سورج اُڀري رهيو آهي!“
احمد خاموش ٿي ويو. مان هن کي گونگين نگاهن سان نهاري رهي هيس.
هو مون کي ٻنهي ڪلهن کان جهلي چوڻ لڳو: ”مون کي
جواب ڏي، نسيم! ٻڌاءِ، تون خاموش ڇو آهين؟“ مان
تڏهن به خاموش رهيس. ڪڏهن پٿر جي مورتيءَ به
ڳالهايو آهي؟ آخر احمد ٽٽل آواز سان چيو، ”آءٌ ڪار
وٺي اچي هيٺ بيهندس..... جيڪڏهن توکي پنهنجو پاڻ
تي رحم اچي ۽ تون پنهنجو پاڻ ۾ جيئڻ جي جرات محسوس
ڪرين، ته پوءِ هلي اچجانءِ، مان تنهنجو انتظار
ڪندس.“
هو آهستي آهستي قدم کڻندو هليو ويو، ۽ مان دريءَ کي ٽيڪ ڏيئي
خاموش بيٺي رهيس.
آخر سورج شاخون ڪڍيون، ۽ هر طرف چمڪندڙ اُس ڦهلجي وئي. مون
دريءَ کان هيٺ نهاريو. هيٺ ماڻهن جي اچ-وڃ لڳي
پيئي هئي. ڀر واري گهر مان هڪ عورت ۽ مرد جي کلڻ
جو آواز اچي رهيو هو، ۽ هڪ ٻار روئي رهيو هو. هي
ويڪرو، نيرو ۽ روشن آسمان، هي دور نظر ايندڙ ساوا،
گهاٽا ۽ مينهن جي پاڻيءَ ۾ ڌوتل وڻ، هي ماڻهن جي
چرپر، روئندڙ ٻار ۽ ٽهڪ... زندگي ڪيتري نه حسين
آهي! ڄڻ ستن سالن کان مان ننڊ ۾ ستي پئي هيس، ڄڻ
مان ستن سالن کان اونداهي ڪمري ۾ بند هيس: اڄ ستن
سالن کان پوءِ احمد مون کي ننڊ مان جاڳايو هو، ستن
سالن کان پوءِ احمد اونداهي ڪمري جي دري کولي ۽
مون کي زندگيءَ ۽ ان جي حسن سان روشناس ڪرايو هو.
مان پنهنجو پاڻ ۾ جيئڻ لاءِ امنگ محسوس ڪرڻ لڳيس،
زندگيءَ جي حسن کي سيني سان لڳائڻ جي خواهش محسوس
ڪرڻ لڳيس... انهن امنگن ۽ خواهشن سان توڏانهن هيءُ
خط لکي رهي آهيان.
وحيد ۽ منهنجو پاڻ ۾ ڪهڙو ميل؟ اونداهيءَ ۽ روشني به ڪڏهين پاڻ
۾ مليون آهن؟ وحيد اونداهي آهي، ۽ مان روشني. هن
جي وجود جون حدون عدم، فنا ۽ انداهيءَ وٽ وڃي ختم
ٿيون ٿين، ۽ منهنجيءَ ڪُک ۾ هزارين سج ۽ چند آهن!
ڇا، مان اونداهيءَ خاطر انهن چنڊن ۽ سجن جي چهري
تي ڪارنهن ملي ڇڏيان؟ وحيد وٽ زندگيءَ جو وهڪرو
اچي ڇوڙ ٿو ڪري، ۽ مون ۾ زندگيءَ جا هزارين چشما
ڦاٽي وهڻ لاءِ بيتاب آهن. هن کي ڇڏيو ته هو فنا جي
منزل ڏانهن وڃي، ۽ مون کي ڇڏيو ته مان حياتيءَ جي
تجديد ڪريان!
مان هڪ ٻواٽي تي بيٺي آهيان. هڪ طرف منهنجي پوڙهي ڀاءُ جي عزت
آهي—هيءُ ئي اها سُوري آهي، جنهن تي مون پنهنجو
پاڻ کي لڙڪائي ڇڏيو هو؛ ۽ ٻئي طرف منهنجي زندگي
آهي، زندگيءَ جو حسن آهي. تون ئي ٻڌاءِ، نسرين، ته
مان ڪهڙي واٽ اختيار ڪريان؟... پر هينئر مون وٽ
ڪنهن کان صلاح وٺڻ جو وقت ڪونهي. وقت تمام ٿورو
آهي، ۽ پنڌ ڏاڍو ڏورانهون. جيڪڏهن مون پنهنجي منزل
ماڻي، ته ٻيو خط توکي اُتان لکنديس.—هميشه لاءِ
تنهنجي، نسيم.
(3)
پياري نسرين، مون ڪهڙي واٽ اختيار ڪئي، ڪهڙيءَ منزل تي پهتي
آهيان، ۽ ڪٿان توکي هي خط لکي رهي آهيان، اهو
سڀڪجهه توکي پوءِ ٻڌائينديس؛ پهرين تون منهنجي اها
ڪهاڻي ٻڌ، جنهن کي مون اڌ ۾ ڇڏيو هو.
وحيد آيو، ته اڳي جيان مُرڪ سان مون هن جو آڌرڀاءُ ڪيو. پنهنجن
هٿن سان هن جو بوٽ لاٿم، هن جا هٿ ڌوئاريم، ۽ کيس
ماني کارايم. شام جو هو آفيس هليو ويو، ۽ مان
اڪيلي رهجي ويس. ڏينهن جي روشني جهڪي ٿيندي وئي، ۽
رات جا پاڇا وڌندا ويا. مان خوش هيس، پر الائي ڇو
پنهنجيءَ دل مٿان ڪجهه بوجهه محسوس ڪري رهي هيس—ڄڻ
منهنجي روح مٿان ڪي تاريڪ پاڇا پئجي رهيا هئا. رات
ٿي، وحيد سمهي پيو، ۽ مان پلنگ جي پائي سان مٿو
ٽيڪي سامهون ڀت تي ٽنگيل گهڙيال ڏانهن نهارڻ لڳيس،
۽ ان زندگيءَ جا سپنا سينگارڻ لڳيس، جنهن زندگيءَ
جي احمد مون کي بشارت ڏني هئي. ڪمري ۾ خاموشي
ڇانئي پئي هئي. ان خاموشيءَ ۾ گهڙيال جي لڳاتار
ٽڪ- ٽڪ- جو آواز بلند ٿي رهيو هو. مان مسلسل
گهڙيال جي ڪانٽن ڏانهن نهاري رهي هيس، پر گهڙيال
جون سيون ڄڻ چريون ئي نٿي. اڄ وقت به ٿڪجي پيو هو؛
اڄ گهڙيال جي سيون تمام وزني ٿي ويون هيون، ۽ ٿڪل
وقت ۾ ايتري طاقت به ڪانه هئي جو گهڙيال جي سين کي
سوري سگهي. گهڙيال ’ٻارهن‘ جا ٺڪاءَ هنيا، ۽ پوءِ
’هڪ‘ جو. گهڙيال جي لڳاتار ٽڪ – ٽڪ ۽ ٺڪائن جو
آواز مان مون کي هزارين آواز ٻڌڻ ۾ آيا—هيبتناڪ ۽
ڀوائتا آواز، ڄڻ منهنجي ساري خاندان ۽ ساري
برادريءَ وارا منهنجي پلنگ جي چوڌاري بيهي مون تي
ٺٺوليون ۽ چٿرون ڪري رهيا هجن. مون کي پنهنجو پاڻ
ڏانهن هزارين آڱريون وڌنديون محسوس ٿيون، جيڪي
منهنجي ويجهو اچي، زهريلا نانگ بڻجي، منهنجي جسم
کي ڏنگڻ لڳيون. منهنجو سارو جسم سُڄي ويو، ۽ نِيرو
ٿي ويو. يڪايڪ گهڙيال ’ٻن‘ جا ٺڪاءَ هنيا، ۽
منهنجو سڄو جسم لرزي ويو. مان دانهن ڪري اٿيس—”نه
نه!... مان ڪانه اينديس... مان ڪانه اينديس!“ بي
اختيار، ڊوڙي وڃي وحيد جي پلنگ مٿان ڪريس، ۽ وحيد
سان چنبڙي پيس. وحيد ڇرڪ ڀري اٿيو. منهنجو سارو بت
ڏڪي رهيو هو، ۽ سارا ڪپڙا پگهر ۾ پسي رهيا هئا.
منهنجي حالت ڏسي هن پڇيو: ”ڇو، ڇا ٿيو، نسيم؟ ڪو
ڀوائتو خواب ڏسي ڊڄي وئي آهين ڇا؟ چري، خوابن کان
به ڪو ڊڄبو آهي!“
خوابن کان ڊني هيس، الائي حقيقتن کان: ”تون ئي ٻڌاءِ، نسرين،
مان ڇا کان ڊني هيس؟... وڌيڪ ڇا لکان، لڙڪ لکڻ ئي
نٿا ڏين.“ – تنهنجي، جهڙي تون سمجهين، نسيم.
ثميره زرين
غيرت
جڏهن هوءَ پيدا ٿي هئي، تڏهن ته سندس معصوم خوبصورتي ڏسي هن جي
پٿر جهڙيءَ دل ۾ الائي ڪٿان کان پيار پيهي آيو هو،
۽ هن سندس نازڪ ڳلن تي ڪيتريون ئي مِٺيون ڏنيون
هيون. ان وقت کيس اها خبر ڪانه هئي ته ڪو هن جي
هٿان سندس غيرت جو ائين خاتمو ٿيندو.
جنهن غيرت پويان هن وڏيون وڏيون قربانيون ڏنيون هيون، ان جي موت
تي هن کي ايڏو ته ڏک ٿيو، ايڏو ته غصو آيو، جو هن
جي دل چوندي هئي ته جيڪر ’باشي‘ ننڍي ئي نهوڙجي
وڃي ها! ڪهڙو نه سخت ڏينهن ڏسڻو پيس! بيوسيءَ کان
هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ايندا هئا، ۽ هن جون جوش
سان آڪڙيل رڳون ساڻيون ٿي وينديون هيون.
باشيءَ کي وئي اڄ هفتو کن گذري چڪو هو، ۽ هن اهي ڏينهن پنهنجيءَ
دل کي ان طرح پرڀائيندي گذاريا هئا ته ’ٺهيو، وري
به سيد آهي... پر، تڏهن به ماڻهو ڇا چوندا هوندا؟‘
اهو احساس هر وقت هن جي دل ۾ چهنڊڙيون پائيندو هو.
سڄو ڏينهن هو پنهنجيءَ ڀڳل ٽٽل اوطاق ۾ ويڳاڻو
ويٺو پنهنجي ماضيءَ کي ياد ڪندو هو، جيڪا ياد ڪڏهن
هن جي دل کي آٿت ڏيندي هئي، ته ڪڏهن وري ستا سور
به جاڳائي ڇڏيندي هيس. ڪنهن ٿي ڄاتو ته بيترس قسمت
هٿان هن جو ههڙو حشر ٿيندو؟ سوين ايڪڙ ڀلي زمين
الائي ڪيئن سميٽجي هڪ ننڍڙو ٽڪر بڻجي وئي، جنهن
مان هو کائڻ جيترو اناج به مس حاصل ڪري پئي سگهيو.
سندس ڏاڏي ته کين قبر تائين اها دعا ڪندي ويئي ته
’خدا خير جي خزاني مان ججهو زرق ڏئيوَ، ست پيڙهيون
کائين ته به نه کٽي.‘ هاڻي ته اها ڳالهه ئي الڳ
هئي ته هنن خير جي خزاني مان رزق ورتوئي ڪونه، ۽
لکن جي ملڪيت به اسپريٽ جيان الائي ڪيئن کن ۾
اڏامي وئي.
زندگيءَ جي صورت اهڙي بدلجي وئي هئي، جو اڳي جن ڪڙمين کي هن جي
گرجدار رڙ ڪنبائي ڇڏيندي هئي، هينئر اُنهن ئي
اڳيان هو پنهنجي خسته حاليءَ ڪري اکيون نه کڻي
سگهندو هو. پٽس به ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو. پڙهيل نه
هو، ته نوڪري نه سهي، ٻيا ڌنڌا ته ڪونه کٽا هئا،
پر ڪچيءَ ۾ ئي پيءُ جون عياشيون ڏسي ۽ ٻڌي، سندس
ذهن جي هر صلاحيت ڄڻ مفلوج ٿي وئي هئي، سو ٻيو
ڪجهه ته نه ڪري سگهيو، اناج- منڊيءَ ۾ وڃي منشگيري
ڪيائين.
اباڻيءَ زمين کان سواءِ، خدابخش پنهنجي لاولد مامي جي ملڪيت به
پنهنجي قبضي ۾ آندي هئي، جيڪا لکن جي ڳاڻاٽي ۾ وڃي
لڳي. سچ پچ، سندن ڏاڏيءَ جي چوڻيءَ موجب، ستن
پيڙهين کائيندي به ڪين کٽي ها، پر الائي ڇو هو رڳا
ٻه ڀائر به سک سان ڪين کائي سگهيا. طوفان جهڙي
تيزيءَ سان وٽن دولت آئي به، ۽ هلي به وئي.
خدابخش جو ڀاءُ گهر توڙي زمينداري ڪمن ڏانهن اک کڻي به ڪونه
ڏسندو هو. هيءُ پربت جيڏو شير مرد، زمينداري ڏکن
ڏاکڙن سان پيو نباهيندو هو. مجال جو ڪڏهن فصل مان
نقصان ٿيو هجيس! جڏهن ڳوٺ ويندو هو، ته کيس ڏسي
بيخوف ۽ بيپرواهه ڪڙمياڻين جو رت ئي سڪي ويندو هو.
سندس باز جهڙي نگاهه جنهن تي پئي، تنهن کي بس الله
بچائي. شهر ۾ صبح جو سوير جڏهن ننڍڙيون بيفڪر
ڇوڪريون اسڪول وينديون هيون، ته خدابخش کي ڏسي
سندن ننڍڙيون دليون ڪبوتر وانگي ڦڙڪڻ لڳنديون
هيون. سندس اوطاق واري رستي تي ايندي ئي ڇوڪرين جا
قدم تيز ٿي ويندا هئا. سندن هراس ڀري صورت ڏسي
ائين لڳندو هو، ڄڻ بگهڙ سندن پٺيان پيو هجي!
اهي ته خير سندس باطني ڳالهيون هيون. اندر اڇو آهي ئي ڪنهن جو؟
باقي هونئن هو ڏاڍو غيرتي مڙس هو. هن جي ڪنهن به
لچ لوفر سان دوستي ڪانه هئي. سندس دوستيءَ جي حلقي
۾ شهر جي معزز کان وٺي شاهه صاحب جهڙو ڪرامت جو
ڌڻي به هو. سندس نيڪنامي ۽ غيرتمندي جتي ڪٿي مشهور
هئي. البت ڀاڻس جا خيال هن کان ڦريل هئا. کيس
’انگورن جي رس‘ ۽ گهنگهروءَ جي جهنڪار کان سواءِ
ڪنهن به چيز سان دلچسپي ڪانه هئي. ان تان هن ڀاءُ
کي گهڻو ئي سمجهايو هو ته اهڙيءَ طرح شخصي عزت
بلڪل نٿي رهي؛ پر ٻيا سڀ هن جهڙا سياڻا ٿوروئي
هئا. هن به کيس وڌيڪ چوڻ ڇڏي ڏنو؛ ڇو ته ڀاڻس
ويچاري کي بدقسمتيءَ سان صرف ٻه ڌيئر هيون، پٽ جو
اولاد ڪونه هوس، ۽ هن کي هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي، سو
اڳي پوءِ ملڪيت هن جي پٽ ڏانهن ئي اچڻي هئي،
تنهنڪري متان، اهو خيال ڪري ته کيس پيسو خرچ ڪرڻ
نٿو ڏنو وڃي، هو ڀاءُ سان ڏاڍيءَ درياهه دليءَ سان
پيش ايندو هو. ڪيترو ٿو خرچ ڪري، اها خبر رکڻ به
هو پنهنجي ڀائپيءَ لاءِ مناسب نه سمجهندو هو. ڀاڻس
پنهنجن ٻارن جو وڏو به کيس بڻايو هو، تڏهن کيس
انهيءَ عزت جي موٽ ۾ ايترو اختيار ڏيڻ ڪا وڏي
ڳالهه ته ڪانه هئي.
هو ڏاڍو بارعب ماڻهو هو. ڪنهن هن کي گهر ۾ کلندي ته ٺهيو،
مرڪندي به مشڪل ڏٺو هوندو. هن جو اهو نظريو هو ته
گهر وڃجي ته ڏاڍي رعب تاب سان؛ نه ته زال ذات قابو
۾ اچڻ جي ئي ڪانهي. اهوئي سبب هو جو هن جي اچڻ سان
گهر ۾ قبرستان جهڙي خاموشي ڇانئجي ويندي هئي. مجال
جو ڪير ڪنهن سان وڏي واڪي ڳالهائي سگهي! اها ٻي
ڳالهه آهي ته جڏهن خدابخش هفتي ڏيڍ لاءِ زمين تي
هليو ويندو هو ته گهر ۾ اها ڌماچوڪڙي لڳندي هئي جو
ٻاهر به ماڻهن کي پتو پئجي ويندو هو ته خدا بخش
گهر ڪونهي.
هو زالن کان ٻاهر ته قدم به رکڻ نه ڏيندو هو. ٻئي هنڌ ته خير،
اهي مائٽن وٽ به سخت ضرورت ۾ وينديون هيون. مائٽن
وٽ نه ڇڏڻ جو سبب اهو به هو ته خدا بخش جي زال کي
هڪ ڀاڻيجو هو، جنهن کي قدرت شايد نويڪلائيءَ ۾
ڏاڍي چاهه سان ويهي ٺاهيو هو جڏهن هو ايندو هو ته
گهر جي ننڍين وڏين جي ڄڻ عيد ٿي ويندي هئي. ننڍين
جي دلچسپي ته خير سمجهه ۾ اچي پئي سگهي، پر وڏين
جي شفقت بنسبت ڪو اندازو نه لڳائي سگهبو هو.
خدابخش زماني ساز شخص هو، هو ڪنهن جي دل جو چور
هڪدم پڪڙي وٺندو هو. انڪري جو خود سندس دل ۾ چور
ويٺل هو. چور ته ڇا، ڊاڪو ويٺل هو. جڏهن خطري جو
چتاءُ محسوس ڪيائين، ته ڇوڪر کي گهر اچڻ جي منع
ڪري ڇڏيائين.
تعليم متعلق هن جو جڳ جهان کان الڳ نظريو هو. چي، ”جن کي علم
مان ٽڪا ڪمائڻا نه هجن، اُنهن کي علم حاصل ڪرڻ
جهڙيءَ حماقت ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي؟“ وٽس
سڀڪجهه هو، تنهنڪري پٽ کي پڙهائڻ جي ضرورت ڪانه
سمجهيائين. پٽس به اهڙو نالائق ته هو ڪونه، جو
پنهنجي پيءُ جي اصولن جي خلاف ورزي ڪري. گهر جي
زالن کي سواءِ قرآن شريف جي ٻيو ڪجهه به نه
سيکاريو ويو هو؛ پر عقل ۽ سمجهه ته خدا هر ڪنهن کي
ڏني آهي، سو خدابخش جي گهر جون زالون به ڪن ڳالهين
۾ ڏاڍيون ڀڙ هيون، توڙي جو اسڪول جو در به ڪونه
ڏٺو هئائون. جيڪڏهن ملڪ ۾ ٻوليءَ جي لغت کان سواءِ
ڪَچن لفظن جي لغت به تيار ڪئي وڃي ها، ته خدا بخش
جي گهر جون زالون پنهنجي ٻوليءَ لاءِ اهو قابل فخر
ڪارنامو ڏاڍيءَ خوش اسلوبيءَ سان انجام ڏين ها. هو
گندي کان گنديون گاريون اهڙيءَ ته بيباڪيءَ ۽
روانيءَ سان هڪٻئي کي ڏينديون هيون جو سندن مقابلي
۾ جيڪڏهن گُتي مان ڪو شرابي اُٿي اچي، ته به هوند
شڪست کائي وڃي. پردي جي سلسلي ۾ هو ڪنهن به طرح
بيبين کان گهٽ ڪين هيون. انهيءَ پابنديءَ جو هو
فقط ايترو سو معمولي فائدو وٺنديون هيون جو جڏهن
خدابخش وٽ اوطاق ۾ ڪو ملڻ ايندو هو ته هو ان کي
سِير يا سوراخ مان ڏسڻ لاءِ هڪٻئي مٿان پيون
ڪرنديون هيون، ۽ ان سان هڪٻئي کي منسوب ڪندي کين
ذرو به هٻڪ يا حجاب محسوس ڪين ٿيندو هو.
وڏيري خدابخش جي ايڏي ضابطي کانپوءِ به زالن جي اها ذهنيت ڏسي
ائين ٿي چوڻو پيو ته عورت به ڪا ڏاڍي نِرجي مخلوق
آهي، جا ڪنهن به طرح قبضي ۾ نٿي اچي. بنهه بال
مثل، جنهن کي جيترو زور سان پٽ تي هڻجي اوترو زور
سان مٿي اُڇل کائي اچي. باشي ته ڄڻ هن جي خيالن جو
بنهه ضد بڻجي پيدا ٿي هئي. پڻس کي جيڏي چڙ گهڻي
هئي، هن کي اوڏي ئي کل گهڻي. سڄو ڏينهن پئي هرڻيءَ
جيان نچندي ٽپندي هئي. انگ انگ ۾ ڄڻ شرارت ۽ مستي
ڳوهيل هيس. گهر ۾ هڪ اها ئي هئي، جنهن کي دلي طرح
پيءُ جي غصي جي پرواهه نه هوندي هئي.
خدابخش جي غيرتمنديءَ سبب، ڌاريان ته پري رهيا، پر مائٽيءَ وارن
کي به کانئس ڌيءَ يا ڀائٽين گهرڻ جي همٿ ڪانه
ٿيندي هئي. نيٺ هن اهوئي ڪيو، جيڪو هن جي مائٽن کي
خوف هو. پٽس ارڙهن ورهين جو مس ٿيو، ته هن ڀاءُ کي
چئي ان جي ڇويهن ورهين جي وڏي ڌيءَ پنهنجي پٽ سان
پرڻائي؛ ۽ پيءُ ٽائيفائڊ ۾ مري هنن جي جند آزاد
ڪئي. پنهنجي ڀائٽيءَ جي زندگي ته هن ائين سنواري،
باقي ڌيءَ لاءِ سو هن کي گهڻو فڪر ڪونه هو. ’خدا
ڪندو ته سوٽ وانگر مري موچاري ٿيندي، نه ته به
شادي نه ڪيائين ته ڪهڙي اربع خطا ٿي پئي!‘ پر
باشيءَ ڄڻ ته ڪانوءَ جي هڏي کاڌي هئي. هوءَ ته
سندس غيرت جي گلي گهٽڻ لاءِ پيدا ٿئي هئي! الائي
ڪيئن سندس واقفڪار شاهه صاحب جي شامت آئي جو هن
کان پنهنجي وڏي صاحبزادي اصغر لاءِ باشيءَ جي گهُر
ڪيائين. خدابخش کي انهيءَ ڳالهه تان ايڏي ته غيرت
وٺي وئي جو سندس رڳ رڳ ۾ ڄڻ بارود ڀرجي ويو. رت
پئي ٽهڪيس. سادات ٿي پيو، نه ته خدا بخش جي گولي
هن جي سيني کان پار هجي ها!
شاهه صاحب ته خير انڪار ٻُڌي ٻئي هنڌ پٽ پرڻائي آيو، پر خدابخش
ڪيترن ڏينهن تائين غيرت جي باهه ۾ پڄرندو رهيو.
’آخر هن کي اِها همٿ ڪيئن ٿي؟ يعني منهنجي
ڌيءَ...!‘ ان کان اڳتي هو سوچي ئي ڪين سگهندو هو.
البت باشيءَ جڏهن اڳئين دفعي شاهه صاحب جي وڏي
صاحبزادي کي دريءَ جي ڳڙکيءَ مان ڏٺو هو، ته کيس
دل ئي دل ۾ پنهنجو ساٿي ڪري قبول ڪيائين. پوءِ
شاهه صاحب طرفان اهو پيغام ٻڌي ته هن جي رڳ رڳ
خوشيءَ جو نغمو آلاپڻ لڳي هئي. پر هن جي ڪومل دل
مان نڪتل لطيف نغما، سندس پيءُ جي غضبناڪ رڙين ۾
دٻجي ويا. اها باشي ئي هئي، جنهن کي ڏسي خدابخش جي
فولاد جهڙيءَ دل ۾ ڪجهه پيار جي نرمي ايندي هئي؛
پر هينئر شاهه صاحب جي پيغام تي هن کي مٿس ايڏي ته
ڪاوڙ آئي جو ڀانئي ته اصل گولي هڻي ماري ڇڏيس.
ڪاش، سندس نگاهن جي غضبناڪيءَ ۾ ايتري گرمي هجي ها
جو هو باشيءَ کي رک جو ڍير بڻائي سگهي ها! ’ڪمبخت،
نه ڄمين ها ته ڇو ائين گار کائڻي پئي ها!‘
* * *
پوءِ حالتون بلڪل جلد، بنهه سئنيما جي پردي تي ڦرندڙ تصويرن
جيان بدلجي ويون. ڀاڻس هڪ ڏينهن شڪار تان موٽندي
گهوڙي تان ڪري پيو. لوندڙيءَ جو ڌڪ لڳس، اُتي ئي
ختم ٿي ويو. اُن جي اوچتي موت خدا بخش جي دل کي
ڏاڍو صدمو پهچايو. ڏک ڪهڙي چيز آهي، تنهن سان هو
پهريون ڀيرو آشنا ٿيو. ڀاءُ جي موت جو غم سهسائي
جڏهن هن بئنڪ جي ڪيش وغيره ڏانهن نظر ڪئي، ته تختو
نڪري ويس. مرحوم هيڏي پونجيءَ مان ته ٽڪو به نه
ڇڏيو، پر اٽلو هِن-هُن کان قرض ورتو هئائين، ۽
ڪيترا ٽڪر زمين به وڪڻي ڇڏي هئائين. جڏهن هڪ هڪ
سان حساب چڪتو ڪري واندو ٿيو، ته هن لاءِ ميلن ۾
پکڙيل سرسبز زمين چند ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ سميٽجي
وئي. ڀاڻس پنهنجو حصو ته ڪونه ڇڏيو،پر اٽلو سندس
به ڪجهه حصو اُڏائي ڇڏيو هئائين.
خدابخش پيسي جي سوڙ ۽ ڀاءُ جي موت سبب ڏاڍو دل شڪستو ٿي پيو.
پنهنجي عزت ۽ شان کي ائين سگريٽ جي دونهي وانگر
هوا ۾ تحليل ٿيندو ڏسي، هن جي دل ٻڏندي ويندي هئي؛
نيٺ وڃي بستري داخل ٿيو. جبل جيڏي بيماري ڪاٽي
اٿيو، ته زيور به ختم ٿي ويا. پر اڃا تائين
زمينداري شان ۽ آڪڙ باقي هئي! شهزادي جهڙو پٽ ڪٿي
وڃي نوڪري ڪري، اها ڪهڙي نه ذلت جهڙي ڳالهه هئي؟
پر پيٽ جي بک ڪو بيڪار اصولن ۽ انڌيءَ غيرت سان
تعاون ته ڪونه ڪيو هو: سو جڏهن تنگدستيءَ هيڪاري
اچي تنگ ڪيس، تڏهن لاچار، پنهنجي غيرتمنديءَ جو
گلو گهٽيندي، خدابخش پنهنجي پٽ کي منشگيريءَ جي
اجازت ڏني.
* * *
زندگيءَ سرءُ جهڙي ويران ۽ بيڪيف ٿي وئي. ڪٿان به بهار جي آمد
جو اشارو نٿي مليو. اِنهيءَ ڪري مايوسيءَ گهر جي
ڀاتيءَ ڀاتيءَ کي بيزار بنائي ڇڏيو. سس ۽ ننهن جو،
نڻان ۽ ڀاڄائيءَ جو، زال ۽ مڙس جو، ذريءَ ذريءَ
ڳالهه تي پاڻ ۾ جهڳڙو ٿيڻ لڳو. خدابخش سڄو ڏينهن
ٻاهر اوطاق ۾ ويٺو پنهجي گذريل عيش عشرت کي ياد
ڪندو هو. پر ائين ڪندي جڏهن سندس ڦٽ چِڪڻ لڳا، ۽
بهار جي ڳالهين ڪندي بهار ڪانه آئي، ته سڀ کان
مايوس ٿي مسجد جو سهارو ورتائين، ۽ باقاعدگيءَ سان
پنج وقت نماز ادا ڪرڻ لڳو. مسرتن جا سڀ ساٿي جڏهن
ساٿ ڇڏي ويندا آهن، ۽ ڪو سهارو باقي نه رهندو آهي،
تڏهن مصيبت ۾ هونئن به خدا ياد ايندو آهي.
هڪڙي ڏينهن منجهند جو خدا بخش گهر ۾ اندر ليٽيو پيو هو. چپ چپات
لڳي پئي هئي. ڏينهن ڏاڍو گرم هو، ڪانءُ جي اک پئي
نڪتي. سڀئي پنهنجين ڪوٺڙين ۾ ستا پيا هئا. پر
باشيءَ کي آرام ڪٿي! ورانڊي ۾ ويٺي ڀائٽين سان
راند ڪيائين، ته اوچتو هن جي هٿان ننڍڙيءَ سعيده
کي ڌڪ لڳي ويو. هوءَ رڙيون ڪري روئڻ لڳي. ڪوٺيءَ
مان ڀاڻس ٻاهر نڪتو، ۽ خار مان باشيءَ کي چوٽيءَ
کان وٺي چيائين، ”انڌي آهين ڇا؟“ باشي روئڻهارڪي
ٿي اندر هلي ويئي. اندران خدابخش ڏٺو ته کيس ائين
محسوس ٿيو، ڄڻ پٽس باشيءَ جي چوٽيءَ ۾ نه، پر سندس
ڏاڙهيءَ ۾ هٿ وڌو هو. ’ڪيڏو نه نالائق ٿي پيو! ڪا
ساڃهه نه رهيس!... جي سعيده هن جي هئي، ته باشي
وري ڪنهن جي هئي؟ مون ته ڀاءُ سان ڪڏهن ڦوروئي نه
ڦوليو، پرهن جي منهنجي جيئري ئي ڪڏهن باشيءَ کي
پنهنجي پگهار مان رپيو به خرچي ڪانه ڏني!‘ زندگيءَ
۾ پهريون دفعو هن کي باشيءَ تي قياس اچي ويو، ۽ هن
جي فولاد جهڙيءَ سخت دل ۾ ننڍاکري شفقت سجاڳ ٿي
اُٿي. باشي سندس رت ئي ته هئي—اُهو رت، جنهن جي
ڦڙي ڦڙي ۾ سمايل هن جي انڌي غيرت هينئر دم ٽوڙي
رهي هئي.
* * *
دل بهلائڻ خاطر، خدابخش هڪ ڏينهن شاهه صاحب جي اوطاق تي ويو.
معمولي ڪپڙن ۾، اداس. کيس ڏسي، بس خدا جي ذات پئي
ياد آئي. سندس مڇون، جيڪي اڳي بنهه وڇونءَ جي ڏنگ
مثل کڙيون هونديون هيون، هينئر اُهي هيٺ لڙڪي پيون
هيون—ائين، ڄڻ ته ڪنهن انهن کي منڊي سندن ڏنگ ڪڍي
ڇڏيو هجي.
اها ته شاهه صاحب جي دل کي خبر ته هن ائين ڇو ڪيو، بهرحال هن کي
مٿس مهر ضرور اچي وئي هئي. هڪ ڏينهن هن وٽس سڳداسي
چانورن جون ٻه ڳوڻيون، ۽ هفتي کان پوءِ پنهنجو
خليفو موڪلي چوايو ته ’آءٌ تنهنجي نياڻيءَ سان
نڪاح ڪرڻ ٿو چاهيان.‘
ان وقت خدابخش کي پنهنجي اڳين ڪاوڙ ياد ضرور آئي، پر هينئر رڳن
۾ گردش ڪندڙ خون ۾ اها گرمي ئي ڪانه هئي. اُهو
خون، جنهن جي ڦڙي ڦڙي ۾ سندس غيرتمندي جذب ٿيل
هئي، جنهن شاهه صاحب جي جوان پٽ جي پيغام تي طوفان
مچائي ڏنو هو، اُهو هينئر برف مثل ٿڌو هو. وقت وقت
کي پنهنجي اهميت هوندي آهي. اڳي جواني هئي، هينئر
ٻڍاپو؛ اڳي رڳن ۾ ڊوڙندڙ خون ۾ بجليءَ جهڙي طاقت
هئي، ۽ اڄ سندس جسم جو سمورو جوش ۽ خروش ختم ٿي
چڪو هو. بنا چون چران جي، هن شاهه صاحب کي اقرار
ڪري موڪليو. سندس زال پنهنجن ٽوڻن ڦيڻن جي ڪرامت
سمجهي، دل ئي دل ۾ سکائون باسيون.
* * *
شاهه صاحب جي اڳين زال مري وئي هئي. هن کي ٻين پيرن جيان نه
گهڻين زالن پرڻجڻ جو شوق هو، ۽ نه وري سريتن رکڻ
جو. کيس پنهنجن مريدن سان ڏاڍو پيار هوندو هو، سو
سڄو ڏينهن اُنهن سان مشغول هوندو هو؛ ۽ اندر، زالن
۾، مريدياڻين سان منهن ڏيڻ لاءِ شاهه صاحب کي
بيبيءَ جي ضرورت هئي.
ڀاڄائيءَ کي باشيءَ جي قسمت تي رشڪ اچي ويو. ماڻس جي رڳ رڳ ٺري
پئي. پر، الائي ڇو، بيوقوف باشيءَ هنن سان انهيءَ
خوشيءَ ۾ ساٿ نه پئي ڏنو. هو ائين نستي ۽ ويڳاڻي
لڳندي هئي، ڄڻ ڪنهن هن جي جسم مان سڄي شرارت ۽
مستي نپوڙي ڪڍي ڇڏي هجي.
پوءِ، هڪ پورنماسي رات جو، شاهه صاحب پنهنجن ڏيڍ ڊزن ڏوهٽن پوٽن
جو ڪٽڪ ساڻ وٺي، باشيءَ کي ڪنوار بڻائي وٺي ويو.
جنهن وقت باشي ڄڃ سان گڏ ساهري گهر پئي وئي، اُن وقت خدا بخش کي
ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ اها باشيءَ جي ڄڃ نه
هئي، پر هن جي غيرت جو جنازو نڪري رهيو هو. هر
ڪنهن ڄاڃيءَ جي سواليه نگاهه خدابخش جي چهري تي
پئجي رهي هئي. هر ڪو ائين سوچي رهيو هو ته خدا بخش
جهڙي غيرتي شخص سالن جو اصول ٽوڙي ڌيءَ جي شادي
ڪئي.، سا به وري ڌارين ۾!
* * *
شاديءَ جي ٻئي ڏينهن شاهه صاحب جي سڀني ڏوهٽن پوٽن سان گڏ، سندس
وڏو صاحبزادو به رسم موجب باشيءَ جي پيرن تي هٿ
رکي کيس منهن ڏيکارڻ جي خرچي ڏيڻ آيو. جڏهن هن
سندس پيرن تي هٿ رکيا، ته باشيءَ جي سڄي جسم ۾ ڄڻ
بجليءَ جو ڪرنٽ اچي ويو. هن جي دل تيزيءَ سان ڌڙڪڻ
لڳي، ۽ اوچتو، ڪنهن نامعلوم جذبي سببان هنجي اکين
مان جهرجهر ڳوڙها وهڻ لڳا. صاحبزادو سندس ڳوڙهن جو
تاب نه جهلي، منهن ڦيري هليو ويو؛ ۽ شاهه صاحب جي
ٻڍڙي ماسي، کيس روئندو ڏسي چوڻ لڳي: ”سڀاڳي ڌيءَ،
روءُ نه، مائٽن کان ڪهڙي ڌيءَ نه جدا ٿي آهي!“
رشيده حجاب
چڻنگ
مريءَ جي هڪ سرد رات هئي. ستارن جي روشني ڪجهه وڌي وئي هئي.
ٻاهر ’ڪُئين آف نائيٽ‘ جي هلڪي خوشبو، ڪافيءَ ۾
’مئڪراپول‘ جي پياريءَ ۽ فرحت بخش خوشبوءَ سان هوا
۾ اڏامي رهي هئي.
ڀاڀيءَ ادا کان لائيٽر کسي ڦٽي ڪيو. ”بس، حد ٿي وئي، هي ڏهون
سگريٽ هو توهان جو!“
”هون! ڀاڀي تڏهن سڄو وقت ادا جي سگريٽن کي ڳڻي رهي هئي!“ زلفيءَ
ڀاڀيءَ جي شوهر پرستانه جذبي تي ٽوڪ ڪئي.
”هتي ٻيو ڪري ئي ڇا ٿو سگهجي؟ ڇا، لپٽن جي گرم گرم سونهري
چانهه، ڪريم – ڪافي، مئڪراپول، چيسٽرفيلڊ —
زندگيءَ انهن ئي شين تائين محدود ٿي وئي آهي!“
لائيٽر هڪ سيڪنڊ لاءِ ڀڙڪيو، ۽ سونهري لاٽ غائب ٿي
وئي.
”هڪ ٻي به شي آهي، ادا!“ بينا فرش تان گلابي اُن کڻندي چيو،
”—نِٽنگ!“ سڀ هڪ لمحي لاءِ مرڪيا.
”ڀاڀي، فوزيءَ جي فراڪ لاءِ اوهان ڪهڙي اُن منتخب ڪئي؟“ پرينءَ
ڪنڊ کان صُوما رڙ ڪئي.
”ڇا، نٽنگ کان سواءِ ڪو ٻيو موضوع ڳالهائڻ لاءِ نه رهيو آهي؟“
فلسفي مزاج، ليلا آپا تنگ ٿي پڇيو. ”زلفي، ڇو نجمه
توسان نه آئي؟ فوزيءَ جي سالگرهه به هن سال هتي
ملهائي ويندي، نجمه جي شرڪت ضروري آهي.“
”ادي، ڇا رکيو آهي انهن اجاين سجاين پارٽين ۾!“ زلفيءَ بيزار ٿي
چيو. ”تنهن کان سواءِ شفيءَ کي ٽائفائڊ هو، ۽
اوهان کي ته خبر آهي ته هو نجمه کان سواءِ هڪ پل
به نه رهي سگهندو آهي.“
”سچ ٿو چوين، زلفي!“ ادا کي عورتن تي حملي ڪرڻ جو ٻيو نادر
موقعو هٿ اچي ويو. ”هنن زالن کي ائين ڏهه – ٻارهن
زالون ميڙي ٺشا مشا ڪرڻ ۾ الائي ڪهڙو مزو ايندو
آهي!“
”اهڙو ئي مزو، ادا، جهڙو توهان کي ڪلب ۾ ويهي ’بِرج‘ کيڏڻ ۾
ايندو آهي.“ بينا تيزيءَ سان هٿ هلائيندي چيو.
زلفي بينا جي تيزيءَ سان نٽنگ ڪندڙ هٿن کي شوق ڀرين نظرن سان
ڏسي رهيو هو. خوبصورت ۽ نازڪ هٿ ڪاريگريءَ سان
گلابي ۽ ڪاريءَ اُن تي هلي رهيا هئا.
مسعود پهريون دفعو اکيون مٿي کنيون. ’لائيف‘ رسالي جو هڪ صفحو
صوما جي اکين اڳيان نچائيندي چوڻ لڳو: ”صوما پليز،
هڪ نظر ڏس. ڏس نه! صفا تو جهڙي ڇوڪري آهي!“
صوما لاچار اکيون مٿي کنيون. ”بدتميز!“ هن ايڏي رڙ ڪئي، جو
ڀاڀيءَ جو هنج ۾ آرام سان ستل ٻاٻو ڇرڪي روئڻ لڳو.
زلفيءَ ۽ بينا چتائي ڏٺو. ’لائيف‘ جي سڄي صفحي تي هڪ حبشڻ جا
ڏند نمايان هئا! سڀ کلڻ لڳا. مسعود بي تعلقي سان
سيٽي وڄائي رهيو هو. صوما ڪاوڙ مان ٺڪ – ٺڪ ڪندي
هلي وئي.
ادا غالبا ٻارهون سگريٽ دکائي رهيو هو. بينا اوٻاسيون ڏيڻ لڳي.
زلفيءَ ۽ مسعود جون پُراشتياق اکيون وري بينا جي
چهري جو طواف ڪرڻ لڳيون. ستارن جي اکٻوٽ گهٽجي وئي
هئي، ۽ هيٺ ميدانن ۾ زندگي ڪڏهن جو محو خواب هئي.
”سمهڻ گهرجي.“ ڀاڀيءَ ٻاٻوءَ کي ڪلهي تي وجهي اٿندي چيو.
”ٻاٻوءَ جي شال کڻندا اچجو.“ دروازي وٽ بيهي،
ڀاڀيءَ ادا کي چيو.
صوما جي ڪمري مان هلڪن هلڪن سڏڪن جو آواز اچي رهيو هو.
”ڏاڍو خراب آهين، مسعود!“ ليلا آپا خفا ٿي چيو. ”آخر روئاڙي
ڇڏيئه معصوم کي!“
”سمجهي الائي ڇا ٿو هي مسعود پاڻ کي!“ بينا ننڊ جي غلبي سبب بند
ٿيندڙ اکين کي زبردستيءَ کوليندي چيو.
”اکين جا ڪنول، ننڊ سبب ڪومائجي رهيا آهن!“ مسعود بهڪندي چيو.
ليلا آپا ۽ زلفي دروازي وٽ پهچي چڪا هئا.
سڄي رات، پلنگ تي منهن ڀر سمهي، هوءَ نرم نرم وهاڻي کي پنهنجين
اکين جي گرم پاڻيءَ سان تر ڪندي رهي.
”صوما“، بينا پيار سان هن جي وارن جي ريشم کي سنواريندي چيو،
”صفا چري آهين تون به. معمولي مذاق تي روئي ٿي
ويهين! مسعود جي ته عادت ئي مذاق ڪرڻ جي آهي. تون
ناراض تڏهن ٿيءُ، جڏهن تو ۾ حبشڻ جهڙي ڪا مشابهت
هجي، خواهه مخواهه چڙي، هن شيطان کي موقعو ٿي ڏين
ته جيئن هو توکي وڌيڪ چيڙائي. چري!“
هن ڪنڌ مٿي کنيو. خوابگاهه جي گلابي ڀتين تي، گلابي روشني،
پکڙجي، خوبصورت رنگين منظر پيش ڪري رهي هئي، ۽
وهاڻي جي وچ تي هن جو گلابي چهرو ۽ سونهري ريشم!
هن جي اکين ۾ سرخ سرخ ڏورا اُڀري آيا هئا، ۽ بينا
سوچي رهي هئي- ’ڏاڍو ظالم آهي هي مسعود. هنن گلابي
اکين تي به هن کي رحم نه ٿو اچي!‘
بينا، نيري ڪمبل ۾ ويڙهي، سڪون جي ننڊ ڪري رهي هئي؛ ۽ هن جون
اکيون ننڊ جون دشمن بڻجي ويون هيون. اڄ هوءَ
سنجيدگيءَ سان مسعود جي رويي بابت سوچي رهي هئي-
’بينا ۽ ليلا آپا چونديون آهن ته اهو سڀ مذاق آهي.
مذاق! ڏهن سالن کان مسعود مذاق ئي ڪندو آيو آهي؟‘
هوءَ معصوم ضرور هئي—بلڪل ڪنهن شفاف ڍنڍ جي سطح تي ترندڙ ڪنول
جي اڌٽڙيل، منهن – بند مکڙيءَ وانگر- پر بيوقوف نه
هئي. مسعود جون اکيون هميشه هن ڏانهن هڪ بيزاريءَ
ڀريل احساس سان کڄنديون هيون، هر وقت هو هن کي
ستائيندو رهندو هو، ۽ بينا چوندي هئي، ”مسعود مذاق
ٿو ڪري!“ اهو ٻڌندي ٻڌندي هوءَ خود سراپا مذاق
بنجي وئي هئي—اهڙو مذاق، جنهن تي کِلي نٿو سگجي،
صرف دل ڀري روئي سگهجي ٿو. هن جي ماءُ ۽ چاچيءَ به
شايد مذاق ۾ ئي کيس ٻاراڻيءَ عمر ۾ مسعود سان جڪڙي
ڇڏيو هو!
* * *
مسعود جو اهو مذاق هميشه کان جاري هو. ننڍا ئي هئا، تڏهن مسعود
هڪ دفعي، صوما کي ڏيکاري، بينا کي چاڪليٽ ڏيئي
رهيو هو. هن به ڏاڍي پيار مان چيو هو، ”ادا، اسان
کي به ڏيو!“
”اجها، اچي وئي شهزادي صاحبه! ڀلا تون ڪهڙي ملڪ جي راڻي آهين جو
’اسان – اسان‘ ڪري ٿي ڳالهائين؟“
”چاچي جو چوندي آهي ته تون منهنجي گهر جي راڻي آهين!“
”هون! اما ته بس... چڱو، وڃي اما کان وٺ، مان ته ڪونه
ڏيندوسانءِ!“
”ڏي نه صوما کي به چاڪليٽ! نه ته وٺ پنهنجا چاڪليٽ، مان به ڪونه
کائينديس!“
”چڱو بابا، تون رک اهي پاڻ وٽ، مان صوما کي ٻيا چاڪليٽ ٿو
ڏيان.“ پوءِ هن نِڪر جي کيسي مان ٻه – چار چاڪليٽ
ڪڍي صوما کي ڏنا.
”ٿُو!... ٿُو!“ صوما بي تحاشا اوڇارا ڏيڻ لڳي. بينا گهٻرائجي هن
جي پُٺي مهٽڻ لڳي، ۽ مسعود وڻ تي ويهي وڏا وڏا ٽهڪ
ڏيئي رهيو هو.
”ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيو؟ صومي!“ بينا پريشان ٿي پڇيو.
”صا...بڻ!“ هن اوڇنگار ڏيندي چيو. ”خدا ڪري، اهو چنڊو مسعود
مر... مر—“ الائي ڇو، هوءَ اهو جملو پورو ڪري نه
سگهي. ”خدا ڪري، مسعود بندو... فيل ٿئي!“
”اَها!... اَها! صوما جي دعا آهي فيل، مان ته فرسٽ آيو آهيان!
پڇ کڻي بينا کان، اڄ ئي رزلٽ آئوٽ ٿي آهي!“
هوءَ بيوسيءَ سان بينا کي ڏسڻ لڳي.
بينا پيار سان هن جا ڳوڙها اگهڻ لڳي. ”بس بس، مسعود ته ائين ئي
مذاق ٿو ڪري!“
مسعود وڻ تان لهي آيو. ”هان، هي وٺ، بينا! تون ڪالهه زلفيءَ کي
فيروزي ربينن لاءِ چئي رهي هئينءَ نه؟ مان وٺي آيو
آهيان.“
فيروزي رنگ جون ٻه چمڪدار ربينون بينا جي سفيد هٿ تي رکيون
هيون. صوما کان روئڻ وسري ويو. هوءَ اداسيءَ جي
احساس ڀريل اکين سان ربينن کي ڏسڻ لڳي.
بينا هن جي اداسي پڙهي ورتي. ”اچ، صوما، تنهنجن وارن ۾ ٻڌان.“
”نه، بينا، هي تنهنجيون آهن، تون ئي رک.“ هن ڏکويل لهجي ۾ چيو.
”ها ها، هن جي ڀورن ٻليءَ جهڙن وارن ۾ هي ربينون ٺهنديون به
ڪونه! تنهنجا وار ڪهڙا نه سٺا آهن، ڪارا ڪارا!“
صوما وڏين وڏين اکين ۾ ڳوڙها ڀري، اندر هلي وئي.
* * *
اهو ننڍپڻ هو. مسعود جي هن سان بيزاريءَ ۽ بينا سان محبت کي
ٻاراڻي طبيعت وغيره سمجهي، ڪنهن خيال ڪونه ٿي ڪيو؛
۽ وڏو ٿي مسعود خود محتاط بڻجي ويو هو. مسعود جي
ماءُ صوما کي پنهنجي گهر جي راڻي بنائي وئي هئي، ۽
هو مغرب ۾ پنج سال رهڻ کان پوءِ به پاڻ ۾ ايتري
همت نه ڌاري سگهيو هو جو هن مڱڻي جي ڪمزور تار کي
ڇني ڦٽو ڪري.
جيئن جيئن صوما وڏي ٿيندي وئي، تيئن تيئن مسعود جي بيزاري هن جي
جسم ۽ روح ۾ اداسي بڻجي تحليل ٿيندي وئي. اها
اُداسائي ۽ افسردگي هن جي نس نس ۾ رچي وئي هئي—تان
جو هوءَ خود مجسم اُداسائي بڻجي وئي.
پٽوليا جي ڍير تي مٿو رکي، زمرد جي فرش تي دراز، هوءَ آسمان تي
هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندڙ ڪڪرن کي ڏسي رهي هئي.
سُرمائي ڪڪرن جا ڪنارا، سج جي روشنيءَ سان چمڪي
رهيا هئا. هوءَ سوچڻ لڳي، هنن ڪڪرن جي عميق ڪاراڻ
۾ به روشنيءَ جا ڪجهه شعاع شامل آهن، رنگ جي ڪجهه
آميزش آهي؛ ان جي برخلاف، هن جي پنهنجي زندگيءَ جي
ارد گرد خاموشيءَ ڀريل گهُور اُداسائي پکڙيل هئي،
ڪو روشنيءَ جو هلڪو ترورو به ڪونه هو، ڪو رنگ ڪونه
هو، ڪا دلڪشي، ڪا خوبصورتي ڪانه هئي—هن جي روشنيءَ
جي مناري تي هن جي سڀ کان پياريءَ عزيزه جو قبضو
هو!
اندر بينا، مسعود، ليلا آپا ۽ زلفي ’ڪيرم‘ کيڏي رهيا هئا. هو
زور زور سان ٽهڪ ڏيئي رهيا هئا، تاڙيون وڄائي رهيا
هئا. هن ڪنن ۾ آڱريون وجهي ڇڏيون. انهيءَ شور کان
بچڻ لاءِ هن اها پُرسڪون ڪُنڊ ڳولي هئي؛ پر هي
شور، هي ڳالهيون، بي مطلب ۽ بي مقصد، ۽ پوريءَ
طاقت سان ڏنل اجايا ٽهڪ هن جو پيڇو ڪندا هيستائين
هليا آيا هئا!
هن ڀريل جهان ۾ هن جو پنهنجو ڪير هو؟ ڪوبه نه! سڀ هن جي بيموقعي
خاموشيءَ کان ڪڪ هئا. پهرين هن جي اُداسائيءَ کي
دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هوءَ خودبخود انهن
محفلن کان علحده ٿي وئي. درحقيقت هن مسعود جي اکين
جي التجا پڙهي ورتي هئي. هن جي موجودگيءَ ۾ هو
اهڙو ته خاموش ۽ موڙهل نظر ايندو هو، ڄڻ ته سندس
زبان کي تالا لڳي ويا هجن؛ هوءَ ان ڪري گوشي نشين
ٿي وئي. بينا ڪجهه وقت هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي،
پر هن بينا کي به ناراض ڪري ڇڏيو.
اڄ هن فيصلو ڪيو ته هوءَ مسعود سان دل ڀري نفرت ڪندي. جنهن
سنگدل کي ڏهن سالن ۾ ڪڏهن به پنهنجي منڱ جو ذرو به
خيال ڪونه ٿيو، اُن لاءِ هوءَ ايتريقدر بيتاب ڇو
ٿئي؟
’نفرت!‘ هوءَ روئي پئي. هن پنهنجيون فريادي نظرون وسيع نيري
آسمان تي ڄمائي ڇڏيون. ’هيءُ ڪهڙو انصاف آهي؟ جيڪو
محبت ڪري ان سان محبت نه ڪئي وڃي، ۽ جيڪو ڪنهن سان
نفرت ڪرڻ چاهي ته نفرت به نه ڪري سگهي!‘ هن جي دل
جي چور دروازي کان شرير چهري وارو مسعود ليئا پائي
رهيو هو؛ ۽ هن جي بي انتها نفرت اُتي جو اُتي پاڻي
بنجي اکين جي راهه کان نڪري وئي.
”اڙي صوما!... او صومي!“ بينا هن کي سڏي رهي هئي.
”جيءُ—“ هن گهٽيل آواز ۾ چيو.
”سڀاڻي تنهنجي رزلٽ اچي رهي آهي. هي ڏس اخبار!“
”هون—“ هڪ گهڙيءَ لاءِ هن جي دل زور سان ڌڙڪي خاموش ٿي وئي.
سڀ هن کي پاس ٿيڻ تي تحفن ڏيڻ جي باري ۾ گوڙ ڪري رهيا هئا. هوءَ
دل ئي دل ۾ کلڻ لڳي—’پاس ڪير ٿيندو جو هي احمق
تحفن لاءِ سوچي رهيا آهن!‘
”صوما ويچاريءَ سان به عجيب ٽريجڊي آهي. هميشه هڪ – ٻن مارڪن
تان پوزيشن ٿي وڃائي!“ ليلا آپا افسوس ڪيو.
”فرسٽ ڊويزن به بُري نه آهي!“ زلفيءَ چيو.
”هون! ڪتابن جو ڪيڙو بڻجي جيڪڏهن ڊويزن کڻجي ته ڪا خاص ڳالهه نه
آهي؛ ذهانت ٻي ڳالهه آهي. مثلاً... مثلاً—“ مسعود
جون نظرون بينا جي چهري تان ڀٽڪي موٽي آيون، ۽
پنهنجي چهري جي ڪيفيت کي لڪائيندي، خوشمزاجيءَ سان
چوڻ لڳو: ”—مثلاً... مان!“ ۽ پوءِ هڪ مصنوعي ٽهڪ
ڏيئي چيائين، ”ڪڏهن ڪتاب به ڪونه کڻان، تڏهن به
هميشه سيڪنڊ ڪلاس ته اچي ئي ويندو اٿم!“
”پر هن سال ته صوما ڪجهه ڪونه پڙهيو آهي. الائي...“ ادا تشويش
ظاهر ڪئي.
”ها، ائين ته آهي.“ بينا پڻ ڪجهه فڪر ظاهر ڪيو. ”هن سال ته صوما
پڙهائيءَ کان بلڪل بيزار نظر ايندي هئي. خير، فيل
ته صوما ڪنهن حالت ۾ ٿي نٿي سگهي!“
”اوهين ائين ٿا چئو، ۽ منهنجو اڃا به ٻيو خيال آهي.“ زلفيءَ
چيو. سڀ سواليه نظرن سان زلفيءَ کي ڏسڻ لڳا. ”هن
سال صوما ضرور ’ٽاپ‘ ڪندي!“
سڀ چپ ٿي ويا. مسعود هڪ وڏو طنزيه ٽهڪ ڏنو. ۽ ٿوريءَ دير کان
پوءِ صوما کي احساس ٿيو ته سندس رخسار تر ٿي چڪا
هئا—شايد بيخبريءَ ۾ هن جا ڳوڙها وهي آيا هئا.
* * *
ٻئي ڏينهن، ڏهين بجي تائين سمهڻ وارو زلفي صبح جو پنجين بجي کان
اچي ريڊيو جو پاسو جهلي ويٺو هو. بينا ۽ ليلا آپا
بيچينيءَ سان بسترن تي پاسا ورائي رهيون هيون.
ورانڊي ۾ ادا جي سليپرن جو آواز هن جاڳڻ جو پتو
ڏيئي رهيو هو. هڪڙو مسعود هو، جيڪو اڃا بيخبر ستو
پيو هو. هوءَ بيفڪريءَ سان اوٻاسيون ڏيڻ لڳي. رزلٽ
ته هن کي معلوم ئي هئي!
پهرين فرسٽ اچڻ وارن جا نالا ٻڌايا ويا. سڀ ريڊيو جي چوگرد اچي
گڏ ٿيا. هن جو نالو ڪونه هو. زلفي پنهنجي غلط
پيشگوئيءَ تي شرمندو نظر اچي رهيو هو. اُن وقت
ڀاڀي اخبار هٿ ۾ کڻي آئي.
”ڇا ٿيو، ثروت؟“ ادا بيتابيءَ سان پڇيو.
هوءَ سوڙ جي ڪنڊن مان ٽيڏيءَ اک سان نهارڻ لڳي.
”صوما فيل ٿي ڇا؟“ ليلا آپا پڇيو.
”نه،..... ٿرڊ ڊويزن ۾ آئي آهي!“ ڀاڀي افسوس ڀرئي لهجي ۾ چيو.
اُن وقت مسعودَ، هٿ ۾ ڏندن جو برش ۽ پيسٽ کڻي، دروازي مان رڙ
ڪئي: ”زلفي! او زلفي! صوما فرسٽ آئي يا سيڪنڊ!“ هن
جي لهجي ۾ سخت طنز ۽ ٽوڪ هئي.
”چپ ڪر، مسعود! هر وقت مذاق ٺهي نٿو!“ ڀاڀيءَ ڀاڻس کي دڙڪو ڏنو.
”اڙي بابا، مون کي ڇو ٿا دڙڪا ڏيو، مون صوما کي ٿرڊ ڪلاس ۾ آندو
آهي ڇا؟ رَٽائُو ڇوڪرين جا اهي ئي حال ٿيندا آهن!“
هو ٽوال ڪلهي تي رکي، باٿ روم ڏانهن هليو ويو.
هوءَ سوچڻ لڳي، ’ڪمبخت کي نظر به نٿي لڳي!‘ ۽ پوءِ هن جي نظرن ۾
مسعود جو تازو تصور اچي ويو—نيريون نيريون خوابناڪ
اکيون، ڀورا ۽ سرخي مائل خمدار وار، ۽ هن جو طنزيه
ٽهڪ! هن کان هڪ ٿڌو سڏڪو نڪري ويو—’تون ايڏو ظالم
ڇو آهين، مسعود! ايڏو سنگدل ڇو بڻجي ويو آهين؟‘ پر
اهو ظلم ۽ سنگدلي فقط هن تائين محدود هئي، بينا ۽
ٻين سان ته هو ڏاڍي پيار سان پيش ايندو هو.
سڀني سمجهيو، هوءَ ٿرڊ ڊويزن ۾ اچڻ ڪري روئي رهي آهي. سڀ هن کي
دلاسا ڏيڻ لڳا:
”چري آهين، ڏس ته رزلٽ ڪهڙي نه خراب آئي آهي! چاليهه سيڪڙو به
ڪا رزلٽ آهي؟ خوش نصيب آهين تون، جو نڪري ته
وئينءَ نه!“
”ٻيو وري ڇا، خالد ۽ ساجده ته ويچارا ٻئي فيل ٿيا، ڪيترو نه
پڙهندا هئا!“
”تون هن سال پڙهيو وري ڪهڙو هو؟“
”۽ امتحان جي ڏينهن ۾ توکي ٻه دفعا زڪام هڪ دفعو بخار به ته
ٿيو هو!“
هن سڀني جي نادانيءَ تي کِلي ڏنو، ۽ سڀني سمجهيو ته هو صوما جي
غم غلط ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
* * *
رات ڪافي گذري چڪي هئي. سڀ پنهنجن پنهنجن بسترن تي آرامي هئا.
هوءَ بينا جي پاسي ۾ ليٽي، بيچينيءَ سان پاسا
ورائي رهي هئي. هن کي ٿورا مهينا اڳ جو اهو واقعو
ياد اچي رهيو هو، جڏهن هو سڀ شروع ۾ مريءَ اچي
رهيا هئا.
مسعود بينا کي آهستي آهستي چئي رهيو هو: ’ڇا ڪريان، بينا، مان
هاڻي بلڪل برداشت نٿو ڪري سگهان. هيترو وقت ته
ٽاريندو پئي آيس، پر اديءَ ثروت هاڻي چئلينج ڏنو
آهي ته مريءَ کان موٽڻ بعد..... ڪاش، مريءَ جو ڪو
جبل مون تي ڪري پوي!‘ مسعود جهڙي سنگدل جو آواز اڄ
درد ۾ ٻڏل هو ’اها به قدرت جي ستم ظريفي چئبي جو
جيتريقدر صوما منهنجي قريب ڪئي وئي، مان هن کان
اوترو ئي پري ٿيندو ويس؛ ۽ هاڻي... هاڻي ته مون کي
ائين ٿو محسوس ٿئي ته اسين ٻئي ڪي اجنبي روح
آهيون، جيڪي غلطيءَ سان هڪ ئي گهر ۾ گڏ اچي ٿيا
آهن، پر انهن جو هڪٻئي سان ملڻ ايترو ئي ناممڪن
آهي جيترو آسمان جو زمين تي اچڻ: ائين کڻي سمجهه
ته صوما ۽ مان نديءَ جا ٻه ڪنارا آهيون، جيڪي
گڏوگڏ هوندي به پاڻ ۾ ڪڏهن به ملي نٿا سگهن. جڏهن
مون پنهنجيءَ دل جي ايوان ۾ صوما کي ويهارڻ چاهيو،
ته مون کي خبر پئي ته اُتي اڳي ئي ڪو ديرو ڄمائي
چڪو آهي؛ اها تصوير، اهو جلوو، منهنجيءَ هستيءَ کي
جلائي خاڪستر ڪري چڪو آهي، هاڻي ڪا صوما اُن کي
جيئاري نٿي سگهي....... سواءِ تنهنجي!‘
’مسعود!‘ بينا رڙ ڪئي.
’ها، بينا، تون تعجب نه ڏيکار. اها ڪا تنهنجي لاءِ نئين ڳالهه
نه آهي، تون سڀڪجهه ڄاڻندي به اڻڄاڻ ٿي بڻجين!‘
’مسعود‘، بينا روئي پيئي، ’تو آخر پاڻ سان گڏ مون کي به ٻوڙي
ڇڏيو. جنهن باهه کان مون ڀڄڻ ٿي چاهيو، آخر ان جا
شعلا مون تائين پهچي ئي ويا. مان مڃان ٿي ته مون
صوما جي دولت تي زوريءَ ڌاڙو هنيو آهي. پر، مسعود،
صوما مون کي بيحد عزيز آهي—دنيا جي هر شي کان
زياده، توکان به زياده! آءٌ ڪڏهن به هن جي خوشين
کي پنهنجن هٿن سان برباد ڪرڻ پسند نه ڪنديس. تون
صوما لاءِ بڻايو ويو آهين، مسعود، ۽ توکي صوما
جوئي ٿي رهڻو پوندو!‘
’چڱو، بينا‘، مسعود ڊگهو ساه کڻندي چيو، ’جيڪڏهن تنهنجي به اها
ئي مرضي آهي، ته ائين ئي سهي. اها شادي ضرور
ٿيندي، صوما جي هٿن ۾ مهندي ضرور رچندي، ليڪن...
اها مهندي مسعود جي خون ۾ سرخ ڪئي ويندي، ۽ اهو
ڏينهن مسعود جي زندگيءَ جو آخرين ڏينهن هوندو!‘
’مسعود!...... ترس!‘ بينا رڙ ڪئي. پر مسعود وڃي چڪو هو.
ورانڊي ۾، صوما پنهنجي ڪنبندڙ جسم کي مرمر جي ٿنڀي تي ڪيرائي
ڇڏيو. هن جي دل، جيڪا اميد جي طوفانن ۾ آهستي
آهستي پئي لوڏا کائيندي هئي، اڄ هڪ دفعو مٿاڇري تي
اُڀري، هميشه لاءِ اونداهن سمنڊن ۾ غرق ٿي وئي.
بينا سان هن بي انتها محبت ڪئي، ذري گهٽ مسعود جي مقابلي جي؛ ۽
اڄ اها ئي بينا سندس بي انتها محبت جو ثبوت گهري
رهي هئي. جنهن کي چاهبو آهي، ان لاءِ هر قرباني
ڪري سگهبي آهي، ۽ صوما پڻ بينا جي صدقي سڀڪجهه ڪرڻ
لاءِ تيار هئي. پاسو ورائي، ڪمال قرب سان، هن بينا
جي گلي ۾ پنهنجيون ٻانهون وجهي ڇڏيون.
* * *
هن جي ڀائٽيءَ فوزيءَ جي سالگرهه هئي. وڏي هال ۾ سڀ مهمان اچي
گڏ ٿيا هئا. ٻار خوشيءَ جو راڳ ڳائي رهيا هئا.
هوءَ بالڪنيءَ ۾ چپ چاپ بيٺي هئي. هيٺ ڪيترائي خوش
پوشاڪ ٻارڙا، مرد ۽ عورتون، کل خوشيءَ ۾ مصروف
هئا. ليڪن هوءَ اڄ به اڪيلي هئي-- سفيد لباس، بي
ربط خيال، اداسي، تنهائي، وحشت، ۽ نفرت!
”صوما!“ بينا کيس سڏي رهي هئي. ”هل، سڀ توکي سڏين ٿا. تون پيانو
نه وڄائيندينءَ ڇا؟ اڄ فوزيءَ جي سالگرهه آهي نه!
مهمان تنهنجا منتظر آهن.“
”سڀني کي چئه ته منهنجو انتظار نه ڪن، مون کي اتي ئي ڇڏي ڏين!“
ائين چوندي، هن پنهنجو مٿو آهستگيءَ سان بينا جي
ڪلهي تي رکي ڇڏيو.
”چڱو، ڇڏ ڀلا مهمانن کي. آءٌ ٿي توکي چوان، منهنجو چيو به نه
مڃيندينءَ؟“
”ها“، هن ڦڪي مرڪ مرڪندي چيو، ”تنهنجو چيو مان ضرور مڃنديس،
بينا! تنهنجي لاءِ ته مان سڀڪجهه ڪري سگهان ٿي...
سڀڪجهه!“ پويون جملو هن اهڙي ڏک ڀرئي اعتماد سان
چيو جو بينا دل ئي دل ۾ الائي ڇو ڏڪي وئي.
مهمان سڀ خاموش ٿي ويا، ۽ هوءَ پياني تي جهڪي وئي. خوشين جا ٽهڪ
الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويا هئا، ۽ آهستي آهستي
اداسيءَ جي دونهين جا ڇلا فضا ۾ ڀٽڪڻ لڳا. ائين
پئي لڳو، ڄڻ ڪيترا سارا رنجايل روح هڪ ئي مهل رڙي
رهيا هئا.
بينا هڪ ڪرسيءَ جي سهاري بيٺي هئي—ڄڻ هن تي ڪنهن سحر ڪري ڇڏيو
هجي، ڄڻ پياني جا اهي غضبناڪ سُر ڀتيون بنجي هن جي
اڳيان اچي ويا هجن. اهي سُر اداس ۽ مغموم هئا، ڄڻ
هوءَ پياني کي ڪنهن غمزده، معصوم ڇوڪريءَ جو
المناڪ داستان محبت ٻڌائي رهي هجي، ۽ پيانو آهستي
آهستي سڏڪا ڀريندو هجي. ڄڻ هن جي اداس نغمن مقدس
خانقاهن جا سربلند ۽ عظيم دروازا کولي ڇڏيا هجن،
جن جي پاڪ آستانن تي، لوبان ۽ ڪافور جي هلڪين
هلڪين لاٽن تي، محبت جي ماريل شاهزادين جا روح
فرياد ڪري رهيا هجن. ڄڻ هڪ باهه هئي، وڄ هئي، جيڪا
ٻڌڻ وارن جي دلين کي جلائي ڀسم ڪري رهي هئي. هڪ
لهر هئي، جيڪا اداسين جي اڻڄاڻ ٻيٽن طرف سڀني کي
گهلي رهي هئي. هڪ خيال هو، عظمت ۽ سربلنديءَ جو.
سرد هوا جو هڪ جهوٽو هو، هلڪو هلڪو -- ۽ بينا کي
پنهجو وجود ان هوا ۾ ڳرندو محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ هوءَ
ڳريل برف جو نرم پاڻي بڻجي، پري پري، سُرمائي ڪڪرن
۾ تحليل ٿيندي ٿي ويئي. اها عظمت نئين هئي، اها
سوزش عجيب هئي، انهن سُرن تي اڳئي ڪڏهن معبدن جي
گهنٽين جو گمان ڪونه ٿيو هو، اڳي ڪڏهن پياني جي
سُرن فرياد نه ڪئي هئي: سڀڪجهه نئون هو، پر تڏهن
به ڪيترو نه پراڻو!
هن پنهنجو ڪنڌ مٿي کنيو. ڏيئن جو تيل ختم ٿي چڪو هو؛ صرف هڪ
آخري لاٽ هئي، جيڪا پنهنجي وجود جي سهاري فروزان
هئي. سحر ٽُٽي ويو. پيانو هڪ گهرو سڏڪو ڀري خاموش
ٿي ويو. روشنيءَ جو آخري شعاع به، مرمر جي ڏاڪن
تان ٿڙندو، سياهه پردن جي پويان غائب ٿي ويو. ان
مهل، ’مسز اَٽيلاجيمس‘ پنهنجو چوٿون جام لبريز
ڪندي چيو:
”روم جي اُنهيءَ اُداس شهزاديءَ جي نالي، جيڪا پنهنجي اڻڄاڻ
محبوب جي تلاش ۾ ’مس معصوم‘ جو روپ وٺي آئي آهي!“
گلاس ٽيبل تي رکندي، هن پنهنجو منهن هڪ مهمان پائلٽ ڏانهن ڪيو:
”ٽيزيءَ جي نغمن ۾ به اهڙو درد هو، بيپناهه سوز!
پر، مسٽر رشيد،... ها، مسٽر رشيد، توهان کي ڪهڙي
خبر ته ٽيزي ڪير هو! بيهو، مان توهان کي ٻڌايان
ٿي—“
ڪجهه مهمان بيزار ٿي کسڪڻ لڳا. هونئن ته مسز اٽيلاجيمس بلڪل
صحيح دماغ هئي، پر اِن معاملي ۾ ڪيترن جي راءِ هئي
ته ضرور هن جي دماغ جي ڪا ڪَل ٿڙيل آهي. هزار دفعا
هوءَ انهيءَ قصي کي دهرائي چڪي هوندي، پر وري به
هر دفعي هوءَ ان کي اهڙيءَ ته ڪمال دلچسپيءَ سان
بيان ڪندي هئي جو هڪ اڻٻڌل نئون افسانو پيو معلوم
ٿيندو هو. هينئر به هن جي نيرين اکين ۾ اها مخصوص
چمڪ تجلا ڏيئي رهي هئي، جيڪا قصي ٻڌائڻ کان اڳ
هميشه هن جي نظرن ۾ هوندي آهي. هن چوڻ شروع ڪيو:
”مون پهريون دفعو هن کي چرچ جي عظيم ڏاڪڻ تي ڪنڌ جهڪائي ويٺل
ڏٺو هو. منهنجي سئنڊل جي ٺڪ – ٺڪ تي هن پنهنجو
خوشنما مٿو مٿي کنيو، ۽ منهنجي اڳيان پنهنجو هٿ
ڊگهيريو. مان، جيڪا انهيءَ ٿوري وقت ۾ هن جي
سرخيءَ مائل ڀُورن وارن جي پيچن ۾ جڪڙجي ويئي هيس،
ڇرڪي وئيس. منهنجيءَ دل کي ڌڪ لڳو، ڄڻ مون کي هن
جو هٿ ڊگهيرڻ سٺو نه لڳو هو...
”مسٽر پائلٽ، مون کي حيرت سان نه ڏس! اها اٽڪل ٽيهه سال پراڻي
ڳالهه آهي. ان وقت اسان جي ملڪ ۾ پنڻ معيوب نه
سمجهيو ويندو هو. حيرت نه کاءُ، هن وقت مان پورن
اٺيتاليهن ورهين جي آهيان، پر اها منهنجي صحت آهي
جو هن وقت ڪو به مون کي ٽيهن کان وڌيڪ نه سمجهندو.
”... اونهه، ڪرنل، پليز! منهنجو سلسلو نه ٽوڙ، مان ٻيءَ هر
ڳالهه ۾ مداخلت پسند ڪري سگهان ٿي، پرهن واقعي ۾
مداخلت ڪرڻ وارن کي به مان ڪڏهن به معاف نٿي ڪري
سگهان. بهرحال، هن دفعي مان توکي معاف ڪريان ٿي،
آئيندي احتياط ڪجانءِ! اهو منهنجي زندگيءَ جو سڀ
کان حسين دلڪش ۽ المناڪ باب آهي.
”ها، ته مان چئي رهي هيس، مون کي هن جو پنڻ بلڪل پسند نه آيو.
مون کي ائين لڳو، ڄڻ ڪو ديوتا، ڪو معبود، پنهنجيءَ
ادنا ڪنيز جي اڳيان جهُڪندو هجي. مون بي اختيار هن
جو هٿ...“
گهڙيءَ لاءِ هوءَ خاموش ٿي وئي، ۽ پوءِ چوڻ لڳي:
”هن حيرت سان مون کي ڏٺو. آءٌ هن کي هٿ کان جهلي هڪ هوٽل ۾ وٺي
آيس. هو بکيو هو، اهو مون هن جي اکين مان پڙهي
ورتو هو. اها اسان جي آخري ملاقات نه هئي. اُن کان
پوءِ ٽيزي، اِٽليءَ جو هڪ حسين مغني، منهنجي
زندگيءَ جو هڪ جزو بڻجي ويو. هن جا نغما هن
پياريءَ ڇوڪريءَ جي پاڪ نغمن کان به زياده دلڪش
هئا... پر تڏهن به هو هتي بکيو آيو هو؛ هن جي قميص
۾ ست اَٺ چتيون هيون، ۽ هن جا نرم وار تيل کان
محروم هئا. جڏهن مون کانئس ان جو سبب پڇيو، ته هو
کِلي پيو—’اوه، اٽيلا، پياري، تون بلڪل ٻار آهين،
توکي خبر نه آهي ته اٽليءَ جو هر ٽيون ماڻهو مغني
بڻجي ويو آهي! اڃا ’مغني‘ اکر مون غلط استعمال ڪيو
آهي: اٽليءَ جو هر ٽيون شخص هڪ فنڪار آهي—مصور،
مغني، اديب، شاعر، صناع، ۽ الائي ڇا ڇا. غريب عوام
ڪنهن ڪنهن جي همت افزائي ڪن، ڪنهن ڪنهن کي ماني
ڏين؟ اهو ئي سبب آهي جو اُتي هر فنڪار بکيو آهي،
محتاج آهي‘!“
’پر تون هتي پنهنجي فن کي اُجاگر ڪري سگهين ٿو.‘
”ڪري ته سگهان ٿو، پر ڪندس ڪونه؛ ڇاڪاڻ ته منهنجو سمورو فن هاڻي
صرف هڪ ئي نغمي تائين محدود ٿي چڪو آهي..... اهو
لافاني نغمو آهي—اٽيلا!“
”هن جي چپن تي پيار ڀري مرڪ نچي رهي هئي، ۽ مان هڪ
گهريءَ سوچ ۾ غلطان ٿي ويس. مون هڪ مغنيءَ کان هن
جو نصب العين وسارائي ڇڏيو هو! هو صرف منهنجيءَ
ذات ۾ گم ٿي رهجي ويو هو، ۽ ان لاءِ مان پنهنجو
پاڻ کي مجرم سمجهڻ لڳيس. ٽيزيءَ جو مستقبل روشن ۽
شاندار هو، جيڪو صرف منهنجي ڪري اونداهو ٿي رهيو
هو. پر، منهنجي اندر جي عورت جي تقاضا هئي ته هو
صرف پنهنجي اکين منهنجين اکين جي نيراڻ ۾ ئي گم
رهي. پر، مسٽر پائلٽ هر ملڪ جي عورت حماقت جي حد
تائين محبت ڪندي آهي، ۽ اها بي انتها محبت سدائين
ڪانه ڪا قرباني طلب ڪندي آهي- ۽ مون ٽيزيءَ جي
محبت تي پنهنجو پاڻ کي قربان ڪري، پنهنجي اندر
واريءَ عورت جو گلو گهٽي ڇڏيو!“
هڪ گهڙيءَ لاءِ هوءَ خاموش ٿي ويئي. شئمپين جو ڇهون جام هن ٽيبل
تي رکيو. نيرين اکين جي چمڪ ۾ وحشت اچي وئي هئي، ۽
لهجي جو جوش تيز ٿي ويو هو.
”پوءِ؟“ پائلٽ اتاوليءَ سان پڇيو.
”ٽيزيءَ کي مون پارٽين جي ڪري ڪافي مشهور ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾،
ڪيترين ميوزڪ ڪمپنين جا ڊئريڪٽر هن کي هٿوهٿ کڻڻ
لاءِ تيار هئا؛ پر هن هر دفعي انڪار ڪري ڇڏيو. ۽
پوءِ...... پوءِ—“
مسز اٽيلا کي هڏڪيون اچڻ لڳيون هيون، ۽ پوءِ نيرا پيالا سفيد
شيشي جا موتي ڪيرائڻ لڳا.
”پوءِ مون پنهنجي ديوتا کي ٿُڏو هڻي ڇڏيو! مون هن کي چيو—“ هوءَ
زور زور سان سڏڪڻ لڳي. ”مون هن کي چيو،... ’ مون
کي تو جهڙي فقير جي ضرورت نه آهي! مون کي دولت جي
ضرورت آهي، شهرت جي ضرورت آهي... مان هڪ وڏي
ماڻهوءَ جي بيگم بنجڻ چاهيان ٿي، هڪ سُڃي مغنيءَ
جي نه، جنهن وٽ رُکا واهيات گيت آهن!... مون کي
اُچن ڪپڙن، هيرن ۽ جواهرن جي ضرورت آهي، تنهنجن
سڙيل نغمن جي نه!... مون کي هڪ معزز شوهر جي ضرورت
آهي، منهنجي ئي ٽُڪرن تي پلجڻ واري ڪُتي جي
نه!...‘
”آه، اهو سڀڪجهه مون پنهنجي دل تي زهريلو خنجر رکي چيو هو!.....
هو هليو ويو... ڪرنل، هو هليو ويو!.... اوهين مرد
ڪيترا نه جلد باز آهيو! هن اهو به نه سوچيو ته
پرواني وانگر نثار ٿيندڙ عورت، ڪيئن هڪ ڏينهن ۾
بدلجي سگهي ٿي! ورهين جي محبت هڪ گهڙيءَ ۾ ڪيئن
نفرت ۾ بدلجي سگهي ٿي؟ پر، خير، مون خود ائين ئي
ته چاهيو ٿي! ليڪن مون کي ان ڳالهه جو تجربو ضرور
ٿيو ته مرد صرف سطحي شيون ڏسي سگهي ٿو. اوه، ڪرنل،
اها حقيقت آهي، ۽ حقيقت هميشه ڪَوڙي ٿيندي آهي.
”۽ هاڻي سڀڪجهه ختم ٿي چڪو آهي، سڀڪجهه. مان هڪ پياري ٻار جي
ناني بڻجي چڪي آهيان، ۽ هو هڪ مشهور معروف مغني!
وقت هر چيز بدلائي ڇڏي آهي. اوهان جو هندستان
تقسيم ٿي ويو آهي. منهنجي دل جي باهه به آهستي
آهستي سرد ٿي وئي. سوزش گهٽ ٿيندي ويئي، ۽ هاڻي
صرف هڪ چڻنگ باقي آهي. ٻڌين ٿو، آفيسر، -- صرف هڪ
چڻنگ! اها چڻنگ ئي منهنجي مرده سرد لاش کي حرارت
بخشي ٿي، ۽ ان جي سهاري ئي مون زندگيءَ جا هيترا
سال گذاريا آهن. جيستائين اها دکندي رهندي، منهنجي
حياتيءَ جو ڏيئو ٻرندو رهندو؛ ۽ جنهن ڏينهن اها
وسامي وئي، اهو منهنجي حياتي جو آخرين ڏينهن
هوندو!...“
نشو هن تي چڙهي ويو هو، ۽ هوءَ آهستي آهستي پائلٽ جي مٿان ڪرندي
ٿي وئي.
رات سرد ٿي وئي هئي. ڪافي مهمان رخصت ٿي ويا هئا. بينا پنهنجي
گلابي ۽ ڪاري اُن کڻي آئي هئي. زلفي فوزيءَ جا
رانديڪا کڻڻ ۾ مصروف هو، ۽ مسعود گلابي پردا
هٽائي، ٻاهر ڪائنات جو ازلي رقص ڏسڻ ۾ مصروف هو.
مريءَ جي رات! شام جي وقت جڏهن سونهري اُس جي چمڪ زائل ٿيڻ
لڳندي هئي، ته فضا تي هڪ اُداس قسم جي سُرمائي
اوندهه ڇانئجي ويندي هئي. پهاڙ جي ٿڌي هوا رات جي
وقت برفيلي بڻجي ويندي هئي، ۽ سرد هوا جا جهوٽا
بند درين سان ٽڪرائجي هڪ عجيب قسم جي پُراسرار
موسيقي پيدا ڪندا هئا. اها موسيقي صرف ٻڌي سگهجي
ٿي، پيدا نٿي ڪري سگهجي. اُن وقت گهري نيري آسمان
تي چمڪندڙ ستارن جون ڏياٽيون روشن ٿي وينديون
هيون، ۽ ننڍن بنگلن جا نيم روشن گرم ڪمرا عمدي
چانهه جي لطيف خوشبوءَ سان ٻهڪي اُٿندا هئا. هلڪن
هلڪن آوازن ۾ محبت جي پُرسڪون حرارت ۽ چاشني پيدا
ٿي ويندي هئي، ۽ پوءِ آهستي آهستي انهن آوازن تي
خوابن جا پاڇا سرڪڻ لڳندا هئا. صوفن ۽ گرم غاليچن
تي ويٺل ۽ ليٽيل جسم، آتشدان ۾ ٻريل باهه جي ڪري
سرخ ٿيڻ لڳندا هئا. ۽ پوءِ... ٻاهر ڪائنات جو ازلي
رقص آهستي آهستي رڪجڻ لڳندو هو، ۽ هوا جي پراسرار
موسيقي ختم ٿيڻ لڳندي هئي—ڄڻ انهيءَ قدرتي ساز کي
وڄائڻ واريون نازڪ، ڊگهيون مخروطي آڱريون زخمجي
پيئون هجن—ڄڻ انهيءَ سنگيت جون حورون سڄي ڏينهن جي
مشقت سبب ٿڪجي پيون هجن، ۽ اُنهن جا خوبصورت
مرمرين جسم ننڊ جي غلبي سبب جهڪڻ لڳا. آتشدانن جون
ڪاٺيون ٻري رک ٿي وينديون هيون، صرف ڪي چڻنگون
رهجي وينديون هيون، جيڪي وڏين وڏين ڪاٺين جي
مقابلي ۾ زياده ديرپا هونديون هيون. پوءِ سڀڪجهه
ختم ٿي ويندو هو، سڀڪجهه. هر شي تي خوابن جا پاڇا
جهُڪڻ لڳندا هئا. هر شي ساڪت ٿي ويندي هئي. ۽
ٻاهر، وسيع نيري آسمان تي ستارن جي اکٻوٽ تيز ٿي
ويندي هئي.
’ڇي...!‘ هن جي خيالن جو سلسلو ٽٽي ويو. سڄي ڪمري ۾، جتي ڪجهه
وقت موت جهڙي خاموشي هئي، وري زندگيءَ جي لهر ڊوڙي
ويئي. ليلا آپا سڀني کي نئين سر سجاڳ ڪري ڇڏيو.
هو. ثروت ڀاڀيءَ جي هنج ۾ ستل ٻاٻو ڇرڪ ڀري اٿيو،
بينا جا هٿ وري تيزيءَ سان هلڻ لڳا.
مسز اٽيلا جيمس تي نشو چڙهي ويو هو. هلڪي نيري رنگ جي پيالن ۾
سفيد پاڻي اڃا ڇلڪي رهيو هو، ۽ هوءَ ڪنبندڙ آواز ۾
چئي رهي هئي:
”اوهين سڀ مون تي کلو ٿا؟ ڀلي کلو! ڪيئن، مسٽر پائلٽ، آهي نه
اها عجيب ڳالهه؟ هڪ هڪ کي پنهنجي محبت جو داستان
ٻڌائڻ، قرباني ڏيئي اُن جو پرچار ڪرڻ، اوهان جي
نزديڪ بيوقوفي آهي نه؟ پر اسين مغربي عورتون اڃا
ايتريقدر عظيم نه ٿيون آهيون جو قرباني ڏيئي وري
زبان تي نه آڻيون. اهو صرف هِنن سانورن جسمن ۾
وڏين ڪارين اکين وارين مشرقي ڇوڪرين جو حصو آهي،
جن جون قربانيون هنن جي وارن وانگر ڊگهيون، ۽ هن
زمين وانگر خاموش آهن. زمين ته اڃا ڪڏهن ڪڏهن
غضبناڪ ٿي ڦاٽي به پوندي آهي، پر هي ڪڏهن به نٿيون
ڪڇن! مون کي هڪ دفعي هن عظيم روح، صوما، ٻڌايو هو
ته هنن جي زندگي صرف هڪ ئي بنياد تي قائم آهي، هنن
جي ڊگهي حياتيءَ جو هڪ ئي نصب العين آهي—’سڀڪجهه
ڏيو، ۽ ڪجهه به وٺڻ جي خواهش نه ڪريو! جيڪو مزو
فنا ٿيڻ ۾ آهي، اهو فنا ڪرڻ ۾ ڪٿي؟ چپ چاپ رَکَ ٿي
وڃڻ ۾ جيڪو لطف آهي، اهو شعلي بنجڻ ۾ ڪٿي؟ ڪارن
مخملي ڇپرن جي جهالرن تي اکين جا سفيد موتي بيحد
خوبصورت ٿا لڳن، پر جڏهن ڪي موتي هيٺ ڪِري مٽيءَ ۾
ملي وڃن ٿا، تڏهن انهن جي ڪا قيمت نٿي رهي، ڪو
حسن، ڪا خوبي باقي نٿي رهي.‘ ٻڌين ٿو، مسٽر پائلٽ!
توکي پنهنجو ڪنڌ فخر سان اوچو ڪرڻ گهرجي؛ ڇاڪاڻ ته
اهو حوصلو، اها عظمت، صرف تنهنجي ئي ملڪ جي ڇوڪرين
کي حاصل آهي. مان هنن کي صرف ’چڻنگون‘ چئي سگهان
ٿي، جيڪي رَکَ جي هيٺان دٻجي به پنهنجو ازلي حسن
نٿيون وڃائين، هميشه خاموشيءَ سان دُکنديون رهن
ٿيون: هيءُ آخري جام، انهن عظيم ڇوڪرين جي نالي!“
* * *
”صوما، رات تو ٻڌو، مسز اٽيلا تنهنجي لاءِ ڇا چئي رهي هئي؟“
”ڇا چئي رهي هئي؟“
”چئي رهي هئي، توکي ڪو وڏو ڏک آهي، جنهن کي تو دل ۾ دٻائي ڇڏيو
آهي، ۽ انهيءَ ڪري تون چپ ٿي رهين؛ ٻيو به الائي
ڇا ڇا ٿي چيائين.“ بينا بلڪل تفريحي انداز ۾ چئي
رهي هئي.
”سچ؟ پوءِ ته مسز اٽيلا جيمس ڪا جادوگرياڻي چئبي!“
”تڏهن سچ پچ توکي ڪو غم آهي ڇا؟“ بينا اڻڄاڻ بڻجي پڇيو.
”اهو غم گهٽ آهي ته تنهنجي هيڏي ڊگهي نڪ هوندي به ماڻهو توکي
بينا ۽ بيني ٿا ڪوٺين!“
”ڏس، مون سان به استادي!“
”تون ته آهين چري! مون کي ڇا جو غم هوندو؟ توکي خبر نه آهي، مان
ماءُ-پيءُ جي اڪيلي ڌيءَ آهيان، ۽ ڇهن ڀائرن جي هڪ
ڀيڻ؛ ۽ توکي ته خبر آهي،“ هن طنزيه انداز ۾ مشڪندي
چيو، ”ته اسان ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي هڪ ڌيءَ هوندي، ته
اکين جو نور، دل جو سرور، ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا
سمجهيو ويندو؛ ۽ اڃا اهو عدد هڪ مان ڦري ٻه يا ٽي
ٿيو، ته اهي ئي اکين جو نور، دل جو سرور، چهنبدار
ڪَنڊن ۾ بدلجي وينديون. نه، بينا، ڏک ۽ ڳڻتيون
اسان جهڙن ماڻهن لاءِ نه آهن؛ ڏک ته هنن جي غذا
آهي-“ هن ٻاهر اشارو ڪيو. رستي تي ڇهن کان وٺي سٺ
سالن جي عمر جون ڇوڪريون ۽ عورتون، مٿن تي ڪوئلن ۽
فروٽ جا ٽوڪرا کنيو، بنگلن ۽ هوٽلن طرف وڃي رهيون
هيون. ”ڏس، بينا، غم ان کي چئبو آهي. ڀلا هيءَ
ٻاراڻي اوستا، ۽ ڪوئلن جا ٽوڪرا! توکي ياد هوندو،
اسين انهيءَ عمر ۾ خوبصورت گلن وارا فراڪ پائي سڄو
ڏينهن پيون شرارتون ڪنديون هيونسين. شام جو، جنهن
وقت هي ٿڪجي ٽٽجي وڃي پٿريليءَ زمين تي ڪرنديون،
اهو وقت اسان جي هوا خوريءَ جو هوندو هو. فوزيءَ
کي ڏس، ماشاالله اٺن سالن جي ٿي، گذريل رات، پر
شايد ئي هن ڪڏهن پاڻ پاڻيءَ جو لوٽو ڀري پيتو هجي.
جيڪڏهن هوءَ ائين نٿي ڪري، ته هو ان لاءِ مجبور نه
آهي؛ ڇاڪاڻ ته آخر هي ايترا نوڪر تڏهن ڪهڙي مرض جي
دوا آهن؟ پر هنن بدنصيب نينگرين جي ڄمڻ سان ئي
سندن مائرون ائين سوچڻ لڳنديون آهن ته هي جلد
وڏيون ٿي وڃن، ته جيئن هو روز اٺ – ڏهه آنا ڪمائي
سگهن. چاچيءَ جي عمر اڃا پنجاه سال مس آهي، پر ڏس
ته هوءَ ڪيئن نه نرم گرم ريشمي ڪمبلن ۾ ويڙهي، سڄو
ڏينهن پلنگ تي پيئي آهي. پر هي ٻڍڙيون عورتون، جن
کي آرام جي اهڙي گهڙي به نصيب نه ٿي آهي، جن جي
حياتيءَ جو مقصد ئي ڄڻ ڪوئلا ڍوئڻ آهي، ته جيئن
پيٽ جي دوزخ کي ڀري سگهجي،... اوه، منهنجي نازڪ
مزاج بينا، تون پريشان ٿي وئينءَ نه! مون صرف توکي
اهو ٻڌائڻ پئي چاهيو ته غم ۾ ايتري همٿ ڪانه آهي،
جو هو بنگلن جون مضبوط ڀتيون ٽپي سگهي، تنهنڪري هن
کي پنهنجو شڪار فُٽپاٿن تي سمهڻ وارن کي ئي ٿو
بنائڻو پوي. آخر هن ويچاري کي به پنهنجو پيٽ ته
ڀرڻو ئي آهي نه!“
جيڪڏهن ائين هجي ها ته هي ريشم ۾ ويڙهيل چهرا زرد ۽ ڪومايل نه
هجن ها، هنن سُرمي ڀريل اکين مان ههڙي ويراني ۽ رڃ
نه بکندي هجي ها! مان توسان متفق نه آهيان، صوما،
ته اسان کي ڪو غم ٿي نٿو سگهي.“ بينا جي لهجي ۾
الائي ڇو غمگيني ڀرجي آئي هئي، ۽ سندس دماغ جي
پردي تي مسعود جي تصوير نمايان ٿي رهي هئي.
”مان ائين نٿي چوان ته اسان کي ڪو غم ٿي ئي نٿو سگهي.“ صوما چوڻ
لڳي، ”مثلاً، مون کي هن وقت اهو غم آهي ته مان رات
مسز جيمس جون پُرلطف ڳالهيون نه ٻڌي سگهيس؛ ۽
ڀاڀيءَ ثروت کي اهو ڏک آهي ته رات هن جو لباس ليڊي
تنوير کان گهٽ هو. بس، اهي آهن اسان جا غم. تنهن
کان سواءِ، اهي غم گهڻو ڪري اسان جا پنهنجا پيدا
ڪيل ٿين ٿا. انسان ڪنهن به قسم جي يڪسانيت کي گهڻي
وقت تائين پسند نٿو ڪري سگهي. ڪابه شي جيڪڏهن حد
کان زياده ميسر هوندي ته ان مان دل ضرور کٽي ٿي
پوندي، پوءِ اها شي ڪيتري به مرغوب ۽ دلڪش ڇو نه
هجي. توکي گلابي رنگ بيحد پسند آهي؛ پر جيڪڏهن مان
هاڻي ئي تنهنجا سڀ ڪپڙا وڃي گلابي رنگ ۾ رنڱي اچان
ته اهوئي تنهنجو پسنديده رنگ توکي بيزار ڪري
ڇڏيندو. ساڳي حالت اسان جي ٻين ڳالهين ۾ به آهي.
زندگي ڪهڙي به حسين ڇو نه هجي، دل ان جي يڪسانيت
سبب ڀرجي وڃي ٿي، ۽ اسين خودبخود ان ۾ هڪ قسم جي
تڪليف محسوس ڪرڻ لڳندا آهيون: پوءِ اسين انهن
هموار حالتن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، ۽ ان
طرح گويا اسين پنهنجي لاءِ نيون نيون تڪليفون پاڻ
ئي پيدا ڪندا ٿا رهون. اها اسانجي فطرت آهي، ۽--“
”توبهه! بس ڪر، صوما، تو ته بيزار ڪري ڇڏيو! ڪڏهن ڪڏهن ته مون
کي ايڏي حيرت وٺندي آهي ته خدا تو ۾ حسن ته پيدا
ڪيو مُکڙين جهڙو، ۽ دل ڏني پٿر جهڙي! توجهڙين
ڇوڪرين کي ته صرف گلن ۽ رنگن، ستارن ۽ خوشبوئن جون
ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، پر حالت اها آهي جو سڄو ڏينهن
محترمه کي اميري – غريبيءَ جا خواب ٿا نظر اچن!“
”هاڻي جيڪڏهن تنهنجيءَ ڳالهه جو جواب ڏينديس ته تون منهنجي
پويان لٺ کڻي ڪاهي پوندينءَ، تنهنڪري بهتر آهي ته
خاموش رهان.“
”ها ها، چپ ئي رهين ته چڱو!... پر هڪ ڳالهه ٻڌ، صوما، مان تو
وانگر ڪا اديب ۽ عالم فاضل ته نه آهيان، پر هڪ سڌي
سنواٽي ڳالهه چونديسانءِ. اوندهه سان گڏ روشني به
هوندي آهي، مايوسيءَ ۽ نااُميديءَ جا ڪڪر هميشه
حياتيءَ جي آسمان تي ڇانئيا نه رهندا آهن، ان کان
پوءِ خوشيءَ ۽ آسودگيءَ جي ڪِرڻن جون سون به
چمڪندو آهي: تعجب آهي، تو ههڙي عقلمند ڇوڪري ٿي به
ان ڳالهه تي نه سوچيو!“
”ڇڏ انهن ڳالهين کي، اچ ته هاڻي ٻيون ڳالهيون ڪريون. اهي ئي،
پنهنجون زنانيون ڳالهيون... مثلاً، ’تنهنجيءَ قميص
جو ڪپڙو ڏاڍو سٺو آهي! رنگ ته واه واه ڏاڍو پيارو
آهي! ڪٿان خريد ڪيو اٿئي؟‘ يا وري، ’ولايتي ڪپڙو
ته بازار مان بلڪل غائب ٿي ويو آهي! ڪير ٿو هي
کاڌيءَ جهڙا ڪپڙا پائي!‘ يا وري، ’آپا زليخان ٽيون
ڏينهن خواب لڌو هو ته ڪو بزرگ هن کي انب ڏيئي رهيو
آهي؛ ان جو مطلب ٿيو ته هن دفعي کيس پٽ ضرور
ڄمندو!‘
”ڏاڍي خراب آهين، صوما!“ بينا ٽهڪ ڏيندي چيو. ”عورتون رڳو اهي
ئي ڳالهيون ڪنديون آهن ڇا؟“
”ٻيو وري ڇا؟ وڏيون ته ڇڏ، اُهي گهڻو ڪري اڻپڙهيل هونديون آهن،
۽ اسين چونديون آهيون ته ويچاريون جاهل آهن ۽
سواءِ لوڻ – مرچ جي هن وٽ ڳالهائڻ لاءِ ٻيو موضوع
ئي ڪونه آهي؛ پر پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪريون به، ڪجهه وقت
فطرت تي نقاب وجهي، ادبي، علمي ۽ فلمي وغيره مسئلن
تي ڳالهائينديون رهنديون، پر پوءِ آهستي آهستي
نقاب هٽڻ لڳندو، ۽ هڪ محترمه ڇوٽ مان فرمائيندي،
’هاءِ، هي سئنڊل ته ڪهڙا نه پيارا آهن‘!“
”۽ تون ان وقت چوندي ڪر، ’ٺُڪائي به ڏاڍي پياري ڪندا آهن‘!“ ٻئي
کلڻ لڳيون.
”چڱو ڀلا، مان ته هاڻي وڃان ٿي مٿي.“ صوما وڃڻ لڳي. ٿورو هلي،
وري چيائين، ”ليلا آپا کي چئجانءِ، ڪم ختم ڪري ته
مٿي مون وٽ اچي، ڪم آهي.“
”ڪهڙو ڪم؟“ بينا پڇيو.
”بس، آهي، توکي ڇو ٻڌايان؟“
”نه ٻڌاءِ، مان سمجهي ويس: سڀاڻي ثروت آپا ۽ ليلا آپا تنهنجي
ڏاج جا ڪپڙا خريد ڪرڻ ٿيون وڃن، ان جي باري ۾ ڪجهه
چوڻو هوندءِ... ها نه؟“ بينا جو آواز خوبخود ملول
ٿي ويو هو.
هڪ لمحي لاءِهن جو چهرو گلابي ٿي وري زرد، ۽ پوءِ سفيد ٿي ويو.
هن مشڪل سان پاڻ تي قابو پائيندي چيو، ”هل، ائين
ئي سهي؛ پر آپا کي ضرور موڪلجانءِ!“
ٻه ٻه ڏاڪا ٽپندي، هوءَ بالڪنيءَ ۾ غائب ٿي وئي. جنهن تيزيءَ
سان هوءَ ڏاڪڻ چڙهي رهي هئي، ان کان وڌيڪ تيزيءَ
سان ڳوڙها هن جي اکين ۾ اچي رهيا هئا.
بينا سوچي رهي هئي، ’خدا خير ڪري، صوما جي اها خوشمزاجي خلاف
معمول هئي، اهو سڪون ۽ اطمينان غير معمولي هو!‘
هنجي ذهن ۾ انهيءَ سمنڊ جو مثال اچي رهيو هو، جيڪو
طوفان کان اڳ بلڪل پُرسڪون ۽ ساڪت هوندو آهي. هن
جي دل ڏڪي وئي—صوما جي زندگيءَ ۾ به ڪو اهڙو ئي
طوفان ته نه اچڻ وارو هو؟ رکي رکي هن کي صوما جي
ڪارين اکين جي پُراسرار چمڪ ياد اچي رهي هئي—ڄڻ ته
اها چمڪ رڙي رڙي چئي رهي هئي، ’اڄ ڪجهه ٿيندو، اڄ
ڪجهه ٿيڻ وارو آهي! اهو سڪوت، اها خاموشي بي معنيٰ
نه آهي!‘ بينا بلڪل گهٻرائجي وئي.
* * *
”بينا، ڏس هيءَ ڊزائين ڪيئن آهي؟“ ليلا آپا فيروزي بلاؤز
ڏيکاريندي چيو.
”ٺيڪ آهي، آپا. پر صوما توهان کي مٿي سڏيو آهي.“
”ڇو، صوما پاڻ هيٺ ڪانه ايندي ڇا؟“
”شايد ڪا خلاصي ڳالهه چوڻي هونديس... شايد ڏاج جي ڪپڙن ۽ زيورن
جي باري ۾--“ باوجود ڪوشش جي، هوءَ پنهنجي لهجي جي
پريشانيءَ کي لڪائي نه سگهي.
”صوما سان ويهه سال گذرڻ کان پوءِ به تون هن کي سمجهي نه سگهي
آهين! هوءَ ڀلا اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪندي؟“
ليلا آپا جواب جي انتطار ڪرڻ بنا مٿي هلي ويئي..... ۽ پوءِ هن
کي ائين لڳو، ڄڻ مريءَ جا سڀ پهاڙ ڌڙ – ڌڙ ڪندا هن
جي مٿان اچي ڪريا هجن، ڄڻ هن جي دماغ جون سڀ رڳون
ڦاٽي پئيون هجن! هڪ گهڙيءَ لاءِ هن جي اڳيان
روشنيءَ جو تيز جهلڪو ٿيو، ۽ پوءِ گهري اوندهه
ڇانئجي ويئي.
ليلا آپا جڏهن هوش ۾ آئي، ته صوما هن جي مٿان جهڪيل هئي. هن
حيران اکين سان هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ چپ
چاپ صوما کي تڪيندي رهي. پوءِ هن جي نظر ثروت آپا
تي پئي، جيڪا روئي روئي بيحال ٿي رهي هئي. ليلا
آپا بلڪل خاموش هئي. ڪجهه دير رکي، ثروت آپا
روئندي چيو:
”صوما، مون کي ٻڌاءِ، آخر مسعود ۾ ڪهڙي برائي پيدا ٿي وئي آهي،
جنهن سبب تون ويهن سالن جي ٻنڌڻ کي ٽوڙي رهين
آهين؟“
”نه، ڀاڀي، مان ڪڏهن ٿي چوان ته مسعود ۾ ڪا برائي آهي، برائي ته
خود مون ۾ آهي.“
”تو ۾؟“ ڀاڀيءَ حيرت وچان، ”اول ته تو ۾ ڪا برائي آهي ئي ڪانه،
جيڪڏهن هجي به، ته اها اسان کي قبول آهي.“
”پر... پر، ڀاڀي—“
”ها ها، چئه.“
”اوهين منهنجي ڪمي بينا سان پوري ڪري سگهو ٿا!“
”بينا...!“
”ها، بينا! منهنجي خوشي انهيءَ ۾ آهي—“
”هي تون ڇا پئي چوين! آخر انهيءَ جو سبب؟“
”نه پڇو، ڀاڀي، اوهان کي افسوس ٿيندو.“
صوما جي ڪنن ۾ مسز جيمس جي افساني جو اهو حصو ٻُرڻ لڳو، جڏهن هن
پنهنجي محبوب مغنيءَ کي چيو هو ته هوءَ کانئس نفرت
ٿي ڪري. صوما پنهنجيءَ تڙڦندڙ دل تي ڄڻ زهر ڀرئي
خنجر جي نوڪ رکي ڇڏي: ”مون کي هن کان نفرت آهي؛
ڀاڀي، بيحد نفرت!“ ۽ ٻيءَ گهڙي هوءَ ڪمري کان ٻاهر
هئي. هن جون اکيون سندس راز فاش ڪرڻ تي آماده نظر
اچي رهيون هيون. ان وقت هن کي پنهنجو جسم باهه جو
هڪ ڀڙڪندڙ شعلو معلوم ٿي رهيو هو. ڏسندي ڏسندي،
شعلا ٽانڊن ۾ تبديل ٿي ويا؛ ۽ پوءِ اُتي ڪجهه نه
رهيو، ڪجهه به نه—صرف هڪ دُکندڙ چڻنگ، جيڪا رَکَ
جي ڍير هيٺ دٻيل هئي، ۽ جنهن جي وجود جو احساس
ڪنهن کي به ڪونه هو. |