ميلو مخدوم قلندر لعل شهباز، غريب نواز، سيوهاڻي عليہ الرحمة جو
از: مرحوم شمس الدين ’بلبل‘[1]
هر سال، فرخ فال، شعبان شهر، ميمنت بحر، سيوستان، رشڪ بستان، ۾
عالم اَشڪار، شهرهء آفاق ميلو، حضرت مخدوم قلندر
بادشاهه، لعل شهباز، بلند پرواز، عليه الرحمت جو،
مقرر ميعاد، فرحت سواد، 18 – تاريخ کان مثلث،
نوبتن جي بدولت، نهايت هجوم، غايت ڌوم سان وقوع ۾
اچي ٿو، جتي بيشمار هزار اشخاص، عام ۽ خاص، هر
اطراف همه اڪناف، ۽ مڙئي اوصاف عالم جا موجود، بلڪ
شاهد ۽ مشهود ٿين ٿا.
ماڻهن جا قسم
پير فقير، امير نواب، چڱا مٺا، غريب بيحساب: ذڙا زميندار،
چورچڪار، ڪَڙا ڪامورا، رئيس سردارَ: بازيگر
رانديگر، نامي ملهه؛ جوڳي ٺوڳي، دلبائي دَلَ:
لنگها ڏوم، ڀَٽَ دلالَ؛ کدڙا پانڊي، ڪڃريون قوالَ:
ٽاٽر ٽوٽر، آڪڙ بازَ؛ ڳنڍي ڇوڙ، جواسازَ: غرض ته
هر ملڪ جا هر انسان، هر سوداگر هر سامان، هر جنس
هر حيوان، هر ساز هر باز، هر حسين هر ناز، اچي گڏ
ٿين ٿا.
رهڻ جي جاءِ
هڪ مڪان ته سو مهمان، هڪ وڻ ته اَسي انسان: هر هڪ اوطاق ۾ اها
مذاق. جتي وڃ، اُتي پاسي پاسي، پوش پوش. وسلا ڪَڇَ
۾، خانه بدوش. هڪ چارپائي، ته پنج ڀائي. چِٽائي
بمنزل چارپائِي، سا به وڇائي ته سو لَتن هيٺ آئي.
نانوائي، ته ’خرچُ – کَپاءِ‘ جي وائي. ڦَڪي ۾ دُڪي
جو ڦلڪو، ويهي کاءُ ته به نه لهي اُلڪو. جي ٻوڙُ،
ته مرچن جو موڙُ، چرٻي جو چرڙ. آنو ڏي، ته لَپَ
شوري جي هڏيءَ اُگهاڙيءَ ۾، سا به ڇِڪ ته
ڌوڏاڙهيءَ ۾. اَڙل جو پاڻي، ديڳڙي جيئن ٽهڪي نه
لهي اُڃ نه لهي سهڪي. شربت ڄڻ شيرين شراب، ڪوسو
نسورو ڳُڙ جولعاب چُڪڙو پيءُ ته خانو خراب، چپ خشڪ
بدن بيتاب. مِٺائيءَ ۾ هيءَ مَٺائي، جو ذرو کنڊ جو
ته چَڻن جي چوٿائي. پڪوڙا جليبيون تيل جون باسي،
جيڪو کائي ته زڪام ۽ کانسي. ريوڙي شَڪر جي لَڏن ۾
لابارو، تِر – بوڙِينڊا ڏُونگهي ڇُهارو. ڪُت خلق
ڪتل ۾ مَتل، پينو پنبو گپ ۾ گَتل.
ڪچو سيڌو
ڪچو سيڌو، وٺو ته اڌ گيدو. اَٽو آڻ ته ڏَڏر ڦَڏر؛ ڪڻڪ جَوَ،
چَڻُو مَٽر. گيهه وٺو ته نسورو شحم لحم، ڏسو ته
رڳو وهم هڪ هڪ ٻڪري آدم جو سَن، ڪنهن جو پُڇ ته
ڪنهن جو ڪَن. جي ڪاٺِي، ته ٽَڪي ايڪ لاٺي؛ سا به
اڌ سُڪي اڌ آلي، ڦُوڪان ڏئي ڏئي مغز خالي. مسالو
ته بيتالو، هئڊ سُنڍ جو سالو. کير ڳائو، اڌو اڌ
پاڻي سڀڪو پي ڍائو. اگرچ دولت واري لاءِ هر نعمت
هر آرام، پر اُهو به اِن انبوهه ازدهام ۾ حرام.
درگاهه، بهشت بارگاهه تي زوارن جو زور در زور؛ ايوان، عجوبه
آوان تي نظاره گينن جو شور در شور. سائلن جا طرح
طرح جا سوال؛ ڪي طالب اولاد جا، ڪي راغب مال.
ڪافين تي ڌمال جو وجد ۽ حال ڪافي، نوبتن ۽ ڀيرين
جي ڌان – ڌان ۽ واڄٽ وافي. ڏنڊن – ڪونڊن جا
گهرڙاٽ، ناد نفيلن جا ٻڙراٽ.
ڌمال
ملڪ ملڪ جا فقير فڪريلا، گروهه گروهه، جا گُرو ۽ چيلا. ڪي صفا
با نفعا مست ۽ ملنگ، ڪي ارڏونگ اڙٻنگ. ڪي روڏا
توڏا، يڪ سر دو گوش؛ ڪي لنگوٽ بند، دلق پوش. ڪن کي
حال ڌاڳا، ڪن کي ڪنٺا ڪستا، ڪن کي ڳانا لعل؛ ڪن کي
ٽليون ڇيڙيون، ڪن کي ڪنگڻ ڪڙا، ڪن کي گهنڊ گهڙيال.
ڪن کي کُنجون چيلهه سان، ڪن کي سَونٽا در دست؛ لعل
و لعل، مست و مست. ٻاهر اندر ’مست قلندر!‘ وڏن
ماڻهن جا ڪافين تي وارا، ذريءَ ذريءَ جاءِ تي
ماڻهن جا مارا. ٽونٽن جا اهڙا وسڪارا، جو ڦيڙها
لونگيون ٻرگهل ٻارا. رنن روڳڙين جا مٿي اوتارا، ڄڻ
آسمان ۾ تارا. مرد انهن کي اهڙا اوڏا، جو ڪلها
ڪلهن سان، گوڏن ۾ گوڏا. تماشي ۾ اهڙيون محو منظر،
جو نه تَنَ جي سُڌ نه بدن جي خبر. جي هيٺ ڏسو ته
لکين آدمي گهڻا ۽ گهاٽا، ڪن جو ڌيان ڌمال ۾، ڪن جا
مٿي ئي وات ڦاٽا. اکيون مٿي، ڀڳل ڳاٽا، هڪٻئي مٿان
اوراٽا.
اِهو مزو به سوا پهر تائين قابل ديد ٿئي ٿو. اتاهون ٿي، پوءِ
سڀني جي شهر ۾ ڊِيڙ، شور شر فساد ڀِيڙ. جي گهُم،
ته ڌڪ ۽ مُڪَ؛ جي ويهه ته ڌوڙ جا ٻُڪَ. وڻ ٽڻ
لاڻولَئِي، ڪپڙو لَٽو رَئي. ڪاٿي ڪافيون ڪاٿي راڳ،
ڪاٿي آتش ڪاٿي لاڳ. ڪٿي دڦ دڦوڙا دهل دماما، ڪٿي
ڌُڪڙ ڊلا تالا ترانا. ڪٿي تار طنبورا، سُرندا
منڊليون؛ ڪٿي مُرليون سرليون، ڪٿي چنگ بچنگ ۽ نَڙ
درنائي، ڪٿي بِين بنسريون ۽ شرنائي. ڪٿي چوپڙ ڪٿي
تاسَ، ڪٿي رنگ ته ڪٿي رات. ڪٿي کدڙن جون تاڙيون
’لوئيءَ ۾ لعل‘، ڪٿي بازيگر بنگاليءَ جا تال پخال.
ڪٿي حرڪت، ڪٿي شرڪت. مطلب ته جاڏي ڏسو تاڏي گوڙ
گمسان، عقل حيران.
لعل بازار
هيڌي وڃو ته هر هڪ ملڪ جون رنون موجود، سڀ پنهنجي سُود ۾ ربود.
سڀڪا مادي، سهڻي يا سادي، آمدي. تن جي وري خلاصي
بازار، پر اُتي به اِهو آزار. يڪ انار ته صد
بيمار، يڪ رنڊي ته صد خريدار. پيسا هٿ ۾ ٽَنگ
آسمان تي؛ هڪڙي ڇَڏي ته ٻئي جي رانَ تي، لعنت
شيطانَ تي.
ڪڃري پاٽي
جي وري هيڏي ڏسو ته ڪڃري پاٽي جو نڪادئو. ٽڪو گهڙيءَ جوته ٽڪي
جو ٽُوئو، سو کڻي ٽنگيو، هڪ آيو ته ٻيو لنگهيو. تن
کي به فرصت نه ساهي، هڪ اندر ته ٻيو ٻاهر واهي. جي
واءَ ڏني ڦيري، ته ٽوئو هيٺ ته مال ڍيري. ڪي ڄٽ
بدڪار، ته هاسڪار، مٿو رنن جو ٽوئي مان پار ڪريو
ڇڏين.
ملاکڙو
جي وري هيڏانهن نهاريو ته ملاکڙي جا ٽاهُو، ڌوتيون تنهن جون
ٺاهُو ۽ ڊاهُو. هڪ هڪ ملهه ڌنير ڍِنڱُ، هڻ جانٺو
ته لُڏي نه لڱُ. ميدان ۾ تن جاٽپا ۽ لوڏون، هڪ ٻين
سان جوانن جون هوڏون. هڪڙا رمن ته ٻيا پيا دسجن؛
هُش تي خوش، ڄٽ پيا ڦسجن. لکين خلق جو چوڌاري حلقو
۽ هالو، تن جي پٺيان اٺن گهوڙن جو رسالو؛ جن کي
سونا روپا ساز، راهون دوگامان، ٽپ ۽ ناز. دهلن جي
ڌان – ڌان، ته گهوڙن جي هان - هان. گڏهن جو
هينگاٽ، ته اٺن جو رڙاٽ. نه وِٿَ نه سَنڌو، سڄو به
انڌو. نه شمار نه ڪمي، آدمي آدميءَ تي پيو ڪري ۽
مري.
ميندي
جي وري هيڏي مينديءَ جي تياري ٿي ته ٻي ڪُل بات مات، سڀ کي ان
جي ڏسڻ جي هات تات، هيهات هيهات! اهڙي گپا گيهه ۽
پيهوڙ پيهه، جو اَلامان، هن جو بيان ته وري غير
امڪان. نازنين حسين ڪڃريون پابرهنه، گروهه گروهه؛
سوڙهه سنگهوڙ ۾ عرق بسينه؛ غرق به انبوهه. پوش پوش
۾ دست دراز سان آواز، سڀ هُل ۾ باز. مٿين سڀن فرقن
جون هڪٻئي پٺيان جوڙيون جوڙيون، ٽوليون ٽوليون،
سوڙهيون سوڙهيون. فقراءَ جون فوجون، مزا ۽ موجون.
گهُوسم گهُوسا، جُوتم جُوتا، ڌِڪم ڌِڪا، لَٺم
لَٺا. تماشي بينن جا اهڙا ڍير، جو هٿ چيلهه ۾ مٿن
تي پير. ماڻهن جو اهڙو مارو، جو وِٿُ نه وارو. ناچ
تماشا، راڳ سرود، زور شور ۾ غير شنود. بازر ڳلي سڀ
ڀرپور، ڪوٺا ماڙيون سڀ معمور. هيٺ مٿي ڪُل هُل
حشام، ڌُوڙ مَتِي ڌام. جان بچائڻ دشوار، شاهه گدا
سڀ ايڪ شمار.
ناچ ۽ ناٽڪ
هاءِ هاءِ، ڏينهن ته ڏينهن بهجت اندازو، پر رات به برات – رشڪ
روز بروز؛ جنهن جو نُور نُدرت نشور کان شمس شمع
سڏائي ته روا، ۽ رشڪ محافل موسيقيءَ کان زُهرو زهر
پِيئي ته بجا. رات عيش آيات پَئي، ته هر طرف کان
جوڪ ٿيا ٿَئي. هيڏانهن پنجاب جي جنسي پرين جو ناچ
۽ شغل، گويا اِندر جي آکاڙي جو اصل. هوڏانهن وري
ناٽڪ جو ڦاٽڪ کُليو، ته ٽڪٽ لاءِ پاڪٽ خالي. هُت
وري جادوءَ مثل، نئين نموني سَڀا جو نقل. ڏينهن
جوسيہ روُ، ته رات جو گُلفام؛ چيلهه چمڙي جي ته
رنگ بادام؛ مَڇَر مُڇَر جو اِندرُ نام. ڇوڪر ڇَڙي
سبب ڏيڍ گهڙي. جي پَري، گِلٽي سون، ڪلاباتي زري.
گهڙيءَ جو گهاٽ، پريءَ پريءَ جو پاٽ، پَردن ۽
سامان جو ٺاٺ. عجب ادائون عجب گانا، عجب سرور عجب
پيانا، سياڻا به ديوانا ٿيو پون. غرض ته اهڙو مزو
مزيد، نه ديده هر ديد، نه گوشِ فلڪ شنيد.
وسلن جي ڦول
ڪنهن جي ڳنڍ ڪپي ته ڪنهن جو گهوڙو گم، ڪنهن جو پٽڪو لونگي چٽ ته
ڪنهن جو اُٺ عدم. ڪنهن جي جوا جي هار، ته ڪنهن کي
شرط جي مار. ڪنهن کي پِير جي پڇاڙ، ڪنهن کي دعا جي
ڌپاڙ. ڪنهن جي هڙ هلاڪ، ته ڪنهن جا پيسا پاڻي،
ڪنهن جو داد نه فرياد، ڪنهن جو ڌڻي نه ڌياڻي. ڪنهن
جو بسترو چَهُو، ته ڪنهن جو بغچو بيران، هميشہ هڪ
نه هڪ جان جو نقصان به ضرور ٿئي، ڪونه ڪو مڙيوئي
ڇيهو. نه سوڻ جو، نه ساٺ جو؛ نه گهر جو، نه گهاٽ
جو.
تياريءَ جي واپسي
ٽن ڏينهن کان پوءِ وري ماڻهن جي پٺتي تياري ٿي، اسٽيشن آزاري
ٿي. مسافر چند درچند، دروازا مقفول ته ٽڪٽ بند.
پاسنجرن جي پيهه، موچڙن جي ريهه. بابُو يابُو، ته
ماستر ماندو؛ پوٽر پامال، ته سِنگلر کي سياندو.
واٽرمين وائڙو، ته ٽڪٽ چيڪر چريو؛ گارڊ گوڙبگوڙ ۾،
ته ڊرائيور اڙيو. نيٺ جي وڙهي سڙهي، پادر کائي وڃي
چڙهيا، سي چڙهيا، پر هڪٻئي جي مٿون وڃي ڦَڙهيا.
ايتري ۾ ريل روان، ٽڪٽون هٿن ۾، خلق نالان.
پڙاءَ پڙاءَ تي موچڙي جا ٺڪاءَ. هر هنڌ تار ته خبردار خبردار،
نه ڪلاس جو سنڌو نه پاس جو تڪرار، هڪ هڪ جي جاءِ
تي چار چار. اهڙي دٻ دس، ڄڻ ٻڪرين جا ڌڻ؛ ڪي اڌ –
ويٺا ڪي آسيرا، ڪي اُڀا ته ڪي پاسيري، پاڻ ۾ به اٿ
– ويهه مَٽ سَٽ ڪندا ٿي ويا. نيٺ، سڀڪو وڃي خير يا
شر سان ڳوٺ پهتو.
آيو منهنجو شوق شير، ڪارو منهن ۽ نيرا پير! سڀڪو ڀيلو ڀنو، ميلو
پنو!
”مهراڻ“ جا موتي
”علم حاصل ڪرڻ هر مرد ۽ هر عورت تي فرض آهي.“ – حضرت محمد صلعم
”حق بهترين راهه آهي، ۽ علم بهترين رهنما.“ – حضرت علي رضه
”منهنجي سوانح عمريءَ لکڻ وقت اها ڳالهه بيسود اهي
ته مون ڪٿي ۽ ڪڏهن تعليم ورتي: اهم ڳالهه ته
اُنهيءَ عظيم ذهني ڪشمڪش جو جائزو آهي، جنهن مان
مون کي گذرڻو پوندو، ۽ جنهن جي نتيجي ۾ منهنجو فڪر
مٿي چڙهيو.“ – اقبال
”دنيا وارا منهنجي باري ۾ الائي ڪهڙو خيال ٿا رکن:
پر آءٌ خود پنهنجو پاڻ کي هڪ اهڙي بيسمجهه ٻار
جيان ٿو ڀانيان، جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي پيل سُهڻن
ڪوڏن، چمڪندڙ سِپُن جي ٽُڪرن، ۽رنگا رنگي پهڻين
سان راند ڪُڏي رهيو هجي، ۽ علم جو اٿاهه ساگر سندس
سامهون ڇوليون هڻي رهيو هجي.“ – سر آئزڪ نيوٽن
”’نُطق‘ لکيل زبانن جي غلط بيانيءَ کان محفوظ،
انساني فطرت جو ترجمان آهي.“ – راجرس
”گفتگو جيڪڏهن چاندي آهي، ته خاموشي سون.“ – مير
اسد علي خان
”جيڪڏهن اوٻاسيءَ ڏيڻ سان فضا ۾ جيوڙا ٿا ڦهلجي
وڃن، ته پوءِ خواهه مخواهه جي ٽهڪن سان ته دنيا ۾
تباهي مچي سگهي ٿي.“—راجرس
”ماڻهن ۽ حڪومتن اڪثر ’تاريخ‘ مان ڪو صحيح نتيجو
نه ڪڍيو آهي، نه ته جيڪر موجوده نظام هن طرح نڪو
انسانيت کان خالي رهي ها، نڪو عوام دشمن رهي ها.“
– سينٽ پال
”دين ۽ دنيا ڌار ٿي نٿا سگهن. دين يا ڌرم جي معنيٰ
آهي ’فرض‘. برهمڻ ڌرم کتري ڌرم، وئش ڌرم، ۽ اهڙا
ٻيا لفظ، ’ڌرم‘ جي حقيقت موجب پورا لفظ نه آهن.
ڌرم ۾ حياتيءَ جا سڀ پهلو اچي وڃن ٿا.
”اسان جي روزاني زندگي، هلت چلت، لين دين، ڳالهه
ٻولهه، دين ۽ ڌرمَ يعني ايمانداريءَ موجب ٿيڻ
گهرجي. جيسين اسين لالچ کي ماري، ’پنجن دشمنن‘ کي
پنهنجو غلام نه بنائينداسين، تيسين اسين دين يا
ڌرم تي هلي ڪين سگهنداسين. اسان جي ڪمائيءَ جي
ڏهين پتي به جي پاپ جي ڪمائيءَ جي آهي، ته ڌڻيءَ
در اسان جي دعا به قبول ڪانه پوندي.
”ڌڻي ڏيندڙ آهي، وٺندڙ نه آهي. جيڪو شخص مالڪ جي
مخلوقات سان— جنهن کي هو اکين سان ڏُک ۾ مبتلا ڏسي
ٿو— قرب نٿو ڪري، سو اڻڏٺل مولا سان محبت ڪيئن ڪري
سگهندو؟“— علامه آءِ. آءِ. قاضي.
”منهنجي نزديڪ اهو ئي انسان نيڪ آهي، جيڪو ملڪ جي
ڏکين بکين جي سهائتا ڪري ٿو.“—مهاتما گانڌي
”اها دل آزاد آهي، جا حواسن جي وس نه آهي، پر انهن
تي غالب پوي ٿي، ۽ نيڪيءَ جي رستي تي هلندڙ آهي.“
– چئننگ
”مون کي موت جو ڪوب ڊپ ڪونهي، آءٌ ڊڄندو آهيان ته
فقط بُري ڪم کان.“ – سقراط
”جيڪو شخص انسانن سان گڏجي رهڻ جوڳو نه آهي، يا
جنهن کي انسانن سان گڏجي رهڻ جي ضرورت نه آهي، سو
يا ته حيوان آهي، يا فرشتو.“ – ارسطو
”بي انصافيءَ کي برداشت ڪرڻ آسان آهي، پر انصاف تي
هلڻ تمام مشڪل آهي.“ – بيڪن
”ماڻهن ۾ انصاف جي محبت، بي انصافيءَ جي خوف ڪري
پيدا ٿئي ٿي.“ – روچيفاءِ ڪالڊ
”جڏهن ڪنهن شخص کي ائين چوندي ٻڌندو آهيان ته
’قانون بهرحال قانون آهي ته ان ۾ تبديلي اچڻ
ناممڪن آهي‘، تڏهن آءٌ سمجهندو آهيان ته اهو هڪ
ناقابل صلاح بيوقوف آهي.“ – سڊني سمٿ
”سڀ کان عجيب ڳالهه هيءَ آهي ته ماڻهو اڪثر ڪري
قانون قائم ڪرڻ لاءِ سرگرم رهن ٿا، پر پاڻ قانون
جو احترام ڪرڻ وساريو ڇڏين.“ – فرانسس
”هڪ غيرتمند انسان لاءِ دنيا ۾ فقط ٻه ڪم ٿين ٿا:
يا ته پنهنجي مقصد ۾ ڪامران ٿئي ٿو، يا پنهنجو سر
قربان ڪريو ڇڏي. آزادي بادشاهيءَ کان وڌيڪ آهي، ۽
ٻئي جي فرمان جو تابعدار ٿيڻ غلامي.“ – خوشحال خان
خٽڪ
”جهڙيءَ طرح دوستن جي انتخاب جو معاملو نهايت اهم
آهي، تيئن ڪتابن جو انتخاب ڪرڻ به ڏاڍي ڏکي ڳالهه
آهي. هڪڙي مصنف جو املهه خون آهي سندس عمدو ڪتاب،
جنهن تي هن انهيءَ مقصد لاءِ مرتب ڪيو آهي ته ان
وقت ماڻهن کي ڪم اچي، جڏهن خود مصنف دنيا ۾ موجود
نه هجي.“ – ملٽن
”قبرن، مقبرن ۽ سماڌين جو زمانو گذري ويو. هاڻي
زمانو آهي عظيم هستين جي حياتيءَ، تجربن، سکيا،
شعر ۽ فڪر جي ڪتابن ڇپائڻ جو. قوم اها زنده آهي،
جا هر سال گهڻي ۾ گهڻا سٺا ڪتاب ڇپائي.،
”هلندڙ زماني ۾ ’لئبرريون‘ سچا پچا مندر ۽ عبادت
گهر آهن، جتي درويشن جا رچيل ڪتاب رکيل آهن. اهي
ئي علم جا روشني – گهر آهن.
”علم اهو سچو آهي، جنهن مان انسان پاڻ سڃاڻي، ۽
پنهنجيءَ منزل مقصود جي کيس ڄاڻ پوي. هيءُ سجاڳيءَ
جو زمانو آهي. اڳي چوندا هئا، ’تن درست ته من
درست‘؛ پر هاڻي چون ٿا، ’مَن درست ته تن درست‘.“ –
علامه آءِ. آءِ. قاضي
”اديبن کي وڏين ڀتين جي پاڇن ۾ نه، بلڪ وچ – رستي
تان ئي زندگيءَ ڏانهن هلڻ کپي: اديب جو عوامي
سياست کان پري رهڻ هڪ فرضي چيز آهي، جنهن کي
سرمائيدار جنم ڏنو، ۽ پالي نپائي وڏو ڪيو آهي.“ –
پبلو نرودا
”فن ۽ ادب اهوئي آهي، جنهن جو ديس جي عام ماڻهن
سان تعلق هجي، فن کي ضرورت کان الڳ نٿو ڪري
سگهجي.“ – مهاتما گانڌي
”سچا اديب ۽ شاعر جڏهن ساهه کڻڻ لڳن ٿا، تڏهن خود
غرض ماڻهن جي زندگي ئي زهر بنجيو پوي؛ ۽ جڏهن اهي
پنهنجي قلم کي جنبش ڏين ٿا، تڏهن ته اهڙو شور مچيو
وڃي جو مئل به جاڳيو اٿن.“—لوئي اراگاؤن
”ڪانئر ۽ گيدين لاءِ سوراج نه آهي؛ مگر اهو انهن
دليرن ۽ سرويچن لاءِ آهي، جيڪي سوريءَ کي سيج
سمجهي، ان ڏانهن اڳتي وک وڌائين ٿا، ۽ اکين تي
پٽيءَ ٻڌائڻ کان به نابري ٿا وارين.“—جواهر لال
نهرو
”ڇا، حياتي ايتري پياري چيز آهي جو ان قيمت تي
جيڪڏهن آزادي ملي ته اها هٿ نه ڪجي؟ آءٌ ائين ئي
چوان ٿو ته ’مون کي آزادي ڏيو، يا موت!‘“ – ايليا
اهرن برگ
”سرمائيداريءَ جا بنياد، جن جي اڏاوت ايتريقدر
مضبوط ٿي ڏسجي، سي اڀرندڙ سجاڳيءَ اڳيان ڏري رهيا
آهن. اڳتي وڌندڙؤ، صدين جي گجڪار جو آواز ٻڌو...
هيءُ انساني ارتقا جو گڏيل غصو آهي، سرڪشيءَ جو هڪ
طوفان آهي، جنهن جون کنوڻيون غلاميءَ کي ڀسم ڪري
ڇڏينديون آهن، ۽ بغاوت جا ڀڙڪندڙ شعلا عوامي
انقلاب بنجي ويندا آهن.“ -- مائيڪانسڪي
”آءٌ جڏهن سينٽ لارينس يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هوس،
ته هڪڙي ڏينهن پاڻ وٽ موجود سموري رقم جُوا ۾
هارائي ڇڏيم. اها رقم تمام خسيس هئي، پر آءٌ تڏهن
به شرمسار ٿي رهيو هوس، ڇو ته مون کي پنهنجيءَ
تنگدست ماءُ کي اها ڳالهه ٻڌائڻي هئي.
”ماءُ جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ته ڪاوڙجي چيائين ’تون
به عجيب احمق آهين، تاسَ جي پَتن تي ٿو بازي
لڳائين! ڀلا، ڪاغذ جي هنن پَتن کي تنهنجي حال جي
ڪهڙي خبر؟ جيڪڏهن خبر هجي به سهي، ته به انهن کي
تنهنجي ڪهڙي پرواهه؟‘ ائين چئي، ماءُ مون کي گلي
سان لڳايو، ۽ ڏاڍي پيار سان چوڻ لڳي، ’هرڪو ماڻهو
جوا ڪرڻ پسند ڪندو آهي، ۽ بازي لڳائڻ ۾ ڪابه
بُرائي ڪانهي... پر هميشه بازي پنهنجو پاڻ تي
لڳاءِ!‘“ – برٽ لئنڪاسٽر، فلم اسٽار
”مان انهيءَ مساوات جا گيت ڳايان ٿو، جتي پهچڻ بعد
سڀ اختلافات ۽ تفرقا مٽجي ويندا آهن، ۽ جنهن جي
سايي ۾ هندو، ٻُڌ، مسلمان، يهودي ۽ عيسائي—سڀ ڪلهو
ڪلهي سان ملائي بيهن ٿا. مان فقط ان مساوات جو
نغمه سنج آهيان.
”توهين ڪير آهيو؟ پارسي، جيني، يهودي... ٻڌايو،
توهين ڪير آهيو؟ خير، توهين ڪير به هجو، توهان جي
مرضي. پٺيءَ تي خواهه ڪيترن ئي ڪتابن جو بار کڻي
گهمندا وتو، پر ٻڌايو ته انهيءَ درد سريءَ جو مطلب
ڇا؟ هنن ڪاغذي گُلن لا ڇو ٿا پنهنجي جان ڏيو؟
”ڏسو، هو دنيا جي باغ ۾ نئين چمن بندي ٿي رهي
آهي!“
”سڄي جهان جي علم ۽ عقل جا ٺيڪيدارو، ذرا دل جي
ڪتاب ڏانهن به ته هڪڙي نظر کڻي نهاريو: اوهان کي
پنهنجيءَ دل ۾ ئي حق جو چراغ چمڪندو نظر ايندو!
”اوهان جي دل اهو ڪعبو آهي، جو بني نوع انسان جو
قبله نما آهي. مُرده ديوتائن ۽ فرسوده ڪتابن جي
تلاش ۾ ناحق هيڏانهن هوڏانهن ڇو ٿا ڀٽڪو؟ اوهان جي
دل، جا خود نُور جو مشعل آهي، اوهان جي هن ڪور –
چشميءَ تي حقارت وچان کلي رهي آهي.
”وڏا وڏا تاجدار هن دل اڳيان پنهنجا گردَن
جهُڪائين ٿا. هيءُ ئي تيرٿ آهي ۽ هيءُ ئي ڪعبو،
هيءُ ئي ڪاشي آهي ۽ هيءُ ئي جيرو سلم؛ دير ۽ حرم،
مسجد ۽ ڪليسا، سڀڪجهه انهيءَ دل جي اندر آهي.
”عيسيٰ ۽ موسيٰ انهيءَ ئي دل ۾ ويهي حق جي جهلڪ
ڏٺي هئي. هي اهو ئي ميدانِ جنگ آهي، جتي ڪرشن ويهي
گيتا جو وِرد ڪيو هو. هيءُ ئي اهو ’ڪوه ندا‘ آهي،
جتي گوتم ٻُڌ کي مظلوم انسان جي پڪار ٻڌڻ ۾ آئي
هئي، ۽ جنهن جي نجات لاءِ هن پنهنجي تخت ۽ تاج،
بخت ۽ ڀاڳ کي ترڪ ڪري ڇڏيو. انهيءَ ئي دل جي
رياضتگاهه ۾ ويهي، رسول عربي (صلعم) دنيا کي حيرت
۽ آزاديءَ جو پيغام ڏنو. اي همدم، تون ڪهڙي فريب ۾
مبتلا آهين؟ سچ ڄاڻ ته هن دل کان بهتر ٻيو ڪوبه
سجده گاهه ڪونهي!
”اوهين آڪاش ۽ پاتال ۾، دشت ۽ جبل ۾، ڪهڙي خدا کي
ڳولي رهيا آهيو؟ درويشو، صوفيو، ۽ سنتو، اوهان به
ڪمال ڪري ڇڏيو آهي! دنيا اوهان جي منهن ڏانهن
نهاري رهي آهي، ۽ اوهين اکيون بند ڪري ويٺا آهيو!
”مان مساوات جا گيت ڳايان ٿو. انسان کان مٿي ڪوبه
ڪونهي. هر زماني ۾، هر ملڪ ۾، هر نسل ۾، جيڪي به
انسان پيدا ٿين ٿا، سي سڀئي هڪڙي ئي رشتي ۾ ڳنڍيل
آهن؛ اهي سڀ انسانيت جي ڌاڳي ۾ ٻڌل آهن...
”ماءُ جي عظمت جو اندزو ڪير ٿو لڳائي سگهي؟ ممڪن
آهي ته سندس شفقت ڀريءَ گود ۾ ڪو ڪلجڳي اوتار هجي،
ڪو مهدي هجي يا عيسيٰ! پوءِ تون ڪنهن کان نفرت
ڪرين ٿو؟ ڪنهن تي وار ڪرڻ چاهين ٿو؟ اي نادان، هن
جو سينو به بيت الله ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن هوءَ
بيمار ۽ ضعيف آهي، جيڪڏهن هو نادار ۽ مفلس آهي، ته
ڇا ٿي پيو؟ دنيا جا سمورا عبادتخانا هن پَيڪر
خاڪيءَ کان وڌيڪ مقدس ٿي نٿا سگهن. ممڪن آهي ته هن
ڏُکياريءَ عورت جي پيٽ مان ڪو اهڙو انسان پيدا
ٿئي، جيڪو تاريخِ عالم ۾ پنهنجو ثاني نه رکندو
هجي، جنهن جي نوراني جلوي کي دنيا اڃا تائين نه
ڏٺو هجي: جنهن نداءَ کي ٻُڌڻ لاءِ دنيا منتظر آهي،
ممڪن آهي ته اهڙو انسان هن غريب عورت جي جهوپڙيءَ
کي ئي نوازي! ”... ڪِسان جو نالو ٻڌي، منهن ۾
گهُنڊ ڇو ٿا وجهو؟ سچ پڇو ته هيءُ دنيا جو سرتاج
آهي! ڄٽ ۽ ڳَنوار چئي، ڇو ٿا هن کي نفرت جي نظرن
سان ڏسو: ٿي سگهي ٿو ته هن جي گهر مان وري ڪو ڪرشن
پيدا ٿئي!
”هنن گودڙي پوشن کي ڏسي، هنن کان ڪراهت ڇو ٿا
ڪريو؟ انهن مان ئي اهڙو نبي پيدا ٿيو هو، جنهن جو
پيغام اڃا تائين دنيا کي منور ڪري رهيو آهي!
”... مان انهيءَ مساوات جا گيت ڳايان ٿو، جتي پهچڻ
بعد سڀ اختلاف ۽ تفرقا مٽجي ويندا آهن.“ – شاعر
انقلاب، قاضي نذرالاسلام
سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا
- ”ڪردار جو ٻيو نالو تقدير آهي. ڪردار جي بدلجڻ سان تقدير
بدلجي ويندي آهي. مثلاً، ڪو چور چوريءَ ڪرڻ سبب
سخت سزائون پيو سهي، پر جي چوري ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿو ته
وري مٿس عطائون ٿين ٿيون.
”’تقدير‘ عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’معين ڪرڻ‘—
يعني هر عمل جو هڪ بدلو ابتداي آفرينش کان معين ٿي
چڪو آهي. فعل جي انتخاب ڪرڻ ۾ انسان آزاد آهي، مگر
ان جي بدلي لوڙڻ ۾ مجبور.
”هي نظريو غلط آهي ته انسان جي زندگيءَ جو پروگرام ڄمڻ سان ئي
بنجي وڃي ٿو، ۽ ان ڪري انسان هڪ قدم به ان پروگرام
کان گهٽ – وڌ ڪري نٿو سگهجي. انهيءَ نظريي کي
جيڪڏهن صحيح تسليم ڪجي، ته پوءِ نبين ۽ رسولن جي
بُعثت جي ضرورت ئي باقي نٿي رهي. ڇا، ڪو رسول ڪنهن
ماڻهوءَ کي ان رستي تان هٽائي سگهندو، جنهن رستي
تي هن کي الله هلائي رهيو هجي؟ يا وري هڪ طرف ڪنهن
ماڻهوءَ کي يا ڪنهن قوم کي الله هڪ رستي تي هلائي،
۽ ٻئي طرف نبين کي وري ان جي برخلاف حڪم ڪري؟ ظاهر
آهي ته تقدير جواهو نظريو مضحڪه خيز آهي؛ تنهنڪري
تقدير يا تعين جو صحيح مفهوم هيءُ آهي ته هر عمل
جو بدلو مقرر ٿي چڪو آهي، ۽ عامل کي طُوعا وڪَرها
اهو بدلو قبول ڪرڻو پوندو آهي- جهڙيءَ طرح جسم
لاءِ سير ۽ تفريح يا ورزش جو بدلو صحت، ۽ ترڪِ روش
جو بدلو بيماري آهي.“
(مخدوم محمد زمان ”طالب موليٰ“ جي ڪتاب ”اسلامي تصوف“ مان ورتل
اقتباس: چونڊيندڙ عبدالعزيز ٻرڙو، ٽنڊو ڄام، سنڌ.)
- ”هڪ گنڀير ويچار اوهان جي اڳيان رکان ٿو. اوهان جي شهر ۾ جيڪي
مشهور ماڻهو ۽ عورتون رهن ٿيون، تن جا نالا اوهين
مون کي ٻڌائيندا؟ منهنجي هن سوال جي جواب ۾، شايد
ڪيترا اهڙا ماڻهو نڪرن جيڪي چوندا ته ’اسان جي شهر
۾ ڪوبه مشهور مرد يا عورت نه آهي. مشهور ماڻهو هِت
نه رهندا آهن؛ اُهي يا ته پيرس ۾ رهندا آهن، يا
تمام دُور، روم ۾ يا لنڊن ۾ يا ڪنهن ٻئي هنڌ.
اوهان کي اُهي اُتي ڏسڻ ۾ ايندا، پر هِت نه!
”اهو ڏٺو ويو آهي ته ماڻهو اڪثر پنهنجي شهر يا ديس جي گلا ڪندا
رهندا آهن، ۽ ان جي باري ۾ گهٽ – وڌ پيا
ڳالهائيندا آهن. شهر ۾ سڌاري جو ڪو سٺو ڪم ٿيندو
ته ان جي گلا ڪندا، ڪو سٺو اسڪول کلندو ته ان جي
گلا ڪندا، ڪا سٺي جماعت ٺهندي ته ان جي گلا ڪندا:
مطلب ته جيڪڏهن ڪپڙو صحيح سلامت هوندو، ته اُن ۾
به ٽُنگ ڳولڻ جي ڄڻ ماڻهن کي عادت پئجي وئي آهي.
”منهنجو چوڻ آهي ته هيءُ ئي نيڪ وقت آهي جو اوهين گهمي ڦري ٺيڪ
جڳهه تي اچو: پنهنجي شهر ۽ ديس جي گلا ڪرڻ بجاءِ
ان جي ساراهه ڪريو، ۽ ان ڳالهه کي دنيا اڳيان
اهڙيءَ طرح رکو، جهڙيءَ ريت ٻين وڏن شهرن جا ماڻهو
ڪندا آهن.
”وڏي ماڻهوءَ بنجڻ لاءِ ڪنهن به ماڻهوءَ کي هينئر، ۽ پنهنجي شهر
۾ ئي وڏو ٿيڻ گهرجي. جيڪو ماڻهو پنهنجي شهر ۾
چڱيون سڙڪون، چڱا گهمڻ جا هنڌ، چڱا اسڪول، چڱا
ڪاليج ۽ ٻيا چڱا فائديمند ادارا قائم ڪرائي سگهي
ٿو، سو هر هنڌ معتبر ٿيڻ جي لائق آهي. جيڪڏهن
اوهين وڏا ماڻهو بنجڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اوهين جنهن
به حالت ۾ آهيو، جو ڪجهه به آهيو، پنهنجي ئي شهر ۾
اڄ کان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو!“
(ڊاڪٽر رسيل ايڇ. ڪانويل جي ليڪچر، ”هِيرن جي کاڻ“، جي ترجمي
مان اقتباس، آگري (ڀارت) مان نڪرندڙ ماهوار رسالي
”سنڌو“، اپريل 56ع، تان
ورتل؛ چونڊيندڙ نور احمد ’پرواز‘، ٽنڊومحمد خان.)
- ”هاڻي ويچار ڪرڻ گهرجي ته دنيا ۾ اسان کي لاڳاپو ڪنهن سان
گهڻو هوندو آهي؟ ان لاءِ ڪوبه قاعدو مقرر ناهي.
ويجهيءَ مائٽيءَ ۾ به هميشه لڙائيون، هميشه بگاڙو
رهي، ته اهڙا مائٽ ڌارين ۾ داخل ۽ ڌاريا آهن—مٽي
مائٽي ڪانهي، ويجهڙائي ۽ عزازت ڪانهي: ملطب ته
محبت ۽ ميلاپ گهڻو ئي ڪجهه آهي، ۽ اها مٽيءَ
مائٽيءَ کان به وڌيڪ آهي.
”هرڪو شخص، پنهنجيءَ حالت موافق، خاص تعلق رکي ٿو. هي دنيا جا
لاڳاپا سڀ فائدي ۽ مطلب کان خالي نه هوندا آهن.
جيڪڏهن پنهنجو سڳو ڀاءُ اسان جي فائدي ۾ خلل وجهي،
ته ضروري آهي جو هو اسان کان ڇڄي وڃي: ۽ جيڪڏهن
ڪوڌاريو ماڻهو اسان کي ڪم اچي، ته ضروري آهي ته
اهو اسان کي پنهنجن وانگر پيارو هجي.“
(سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتاب ”ڪنوار جو آئينو“ مان ورتل اقتباس؛ چونڊيندڙ مَلڪ
محمد اشرف، ميرپورخاص)
”آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين!“
از: غ. م. گ. (شاهه)
حڪيم شمس الدين، مرحوم.
سنڌ جي اهل علم طبقي لاءِ نهايت وحشت انگيز امر ٿيندو ته سنڌ جا
مشهور چار حڪيم ۽ فنِ طب جا عالم—حڪيم شمس الدين،
ڊاڪٽر شيخ شمس الدين، حڪيم سيد غلام مرتضيٰ شاهه ۽
مولانا حڪيم محمد صادق راڻيپوري هن جهانِ فاني مان
انتقال ڪري، عالمِ جاودانيءَ ۾ پهچي چڪا آهن.
اِنالِله و اِنا اِليہ راجعون.
حڪيم شمس الدين مرحوم، يوناني طب جي متبحر ۽ مستند ماهرن ۾ شمار
ڪيو ويو آهي. سندن فني مهارت جو داد سندس استاد،
حڪيم اجمل خان مرحوم به ڏنو هو. حڪيم صاحب جي طبي
۽ فني ڪمالات جو اعتراف سنڌ کان ٻاهر هندستان،
ايران، عرب ۽ افغانستان جي مشهور طبيبن به ڪيو هو.
حڪيم صاحب گويا سرزمين سنڌ ۾ يوناني طب جو واحد
امام الفن تسليم ڪيو ويو هو. حڪيم صاحب ’طبيه
ڪاليج دهليءَ‘ جو فارغ التحصيل هو، ۽ حڪيم اجمل
خان مرحوم جي پيارن شاگردن ۾ شمار ڪيو ويو ٿي. هن
طب جي تحصيل کان پوءِ فورا کيس اُتي جي طبيه ڪاليج
۾ پروفيسر ڪري رکيو ويو، ۽ حڪيم صاحب پنهنجيءَ
خداداد ذهانت سان فن جي خدمت ڪري ڪافي شهرت حاصل
ڪئي. سندس انهن طبي خدمتن جي صلي ۾ رياستن جي
والين، عالمن، طبين ۽ ٻاهرين ملڪن جي مريضن جا
سرٽيفڪيٽ موجود آهن. ان کان پوءِ حڪيم صاحب
حيدرآباد سنڌ ۾ پنهنجو مطب کوليو. اهو دواخانو،
ترقي ڪندي، ”طبي ڪمپني“ جي نالي ۾ اڄ به خدمت ڪري
رهيو آهي.
حڪيم صاحب ديوبند جو فارغ التحصيل عالم هو. ابتدائي دور ۾ خلافت
تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن رهيو، پر پوءِ هميشه لاءِ
سياسي دنيا کان الڳ رهيو.
حڪيم صاحب کي نرينو اولاد ڪونه هو، فقط نياڻيون آهن.
فنِ طب تي مرحوم حڪيم شمس الدين جا ڪتاب مستند سمجهيا وڃن ٿا.
آخري ايام ۾ پنهنجي پوري طبي لئبرري، سنڌ
يونيورسٽيءَ جي لئبرريءَ کي سپرد ڪري، هڪ عمدو
مثال قائم ڪيائين.
سندس خاندان ۾ قاضي فضل الله (سابق وزير سنڌ)، اهليه ۽ نياڻيون
آهن. ان کان سواءِ حيدرآباد جو مشهور ’طبيه ڪاليج‘
سندس قابل قدر يادگار آهي.
حڪيم صاحب 12- ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. خدا پاڪ مرحوم کي مغفرت ڪري،
آمين!
ڊاڪٽر شيخ شمس الدين، مرحوم.
مرحوم ڊاڪٽر شيخ شمس الدين، حيدرآباد جي مشهور عامل هندو
فيمليءَ جو مشهور فرد هو، ۽ مرحوم ڊاڪٽر شيخ
نورمحمد، ڊاڪٽر شيخ محمد يعقوب، ۽ مرحوم شيخ
عبدالعزيز قنڌاريءَ سان گڏ، ان دور جي مشهور
نومسلم بزرگ شيخ عبدالرحيم جي صحبت ۽ تبليغ تي
اسلام قبول ڪيو هئائين.
خلافت تحريڪ جي مشهور عملبردار، مولانا شيخ الهند محمودالحسن
سان گڏ کين به جلاوطن ڪيو ويو. پاڻ پنهنجي پوري
ڪٽنب سميت هجرت ڪري وڃي ترڪيءَ ۾ رهيو، ۽ اتي ديني
علوم جي تحصيل ڪيائين. ترڪيءَ کان پوءِ، حج ڪري،
پنهنجي وطن ۾ واپس آيو. سندس شخصيت نهايت دلڪش ۽
لذيذ هئي. انتها درجي جو خاموش ۽ محبوب شخص هو.
آخرت تائين صوم و صلوات جو پابند رهيو؛ ۽ غريبن،
يتيمن ۽ بيواهن جي امداد ۾ مصروف رهيو. پاڻ 14-
جنوري 1961ع تي وفات ڪيائين. رب ڪريم کيس اجرا
جزيل عطا فرمائي، ۽ سندس پوين کي صبرِ جميل عنايت
فرمائي.
حڪيم سيد غلام مرتضيٰ شاهه، مرحوم.
شمس الاطباء، حڪيم سيد غلام مرتضيٰ شاهه 27 – جنوري 1961ع تي
وفات ڪئي آهي. شاهه صاحب سنڌ جي قديم طبي خاندان
جو فردِ وحيد هو، ۽ فنِ طب ۾ وڏي مهارت جو صاحب
هو. سنڌ جي طبيبن جي تنظيمن—’جميعت الاطباء‘ ۽
’پاڪستان طبي ڪانفرس‘—جو پريزيڊنٽ هو. پاڻ اول اول
ٽنڊي محمد خان ۾ طبيه ڪاليج جو بنياد رکيائين، ۽
’طبي مخزن‘ به جاري ڪيائين؛ ان کان سواءِ ’سنڌ
ڪوآپريٽو دواخانه، لميٽيڊ‘، جو محرڪ ۽ باني به
شاهه صاحب ئي هو. سندس مخلصانه جدوجهد، طبيبن جي
حقن تسليم ڪرائڻ جي سلسلي ۾ تاريخي يادگار جي
حيثيت رکي ٿي. سندس طبي مهارت جو اعتراف سنڌ ۽ هند
جي نامور ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن پڻ ڪيو آهي. رب ڪريم شال
کيس مرهي!
حڪيم محمد صادق راڻيپوري، مرحوم.
سنڌ جي مشهور عالم، اديب ۽ حڪيم حاذق، مولانا محمد صادق
راڻيپوريءَ 18 – جنوري 61ع تي وفات ڪئي آهي. حڪيم
صاحب مرحوم پنهنجي فن ۾ يگانه روزگار شخص هو. سندس
ڪمالات کان متاثر ٿي، راڻيپور جي مشهور پير صالح
شاهه کيس پاڻ وٽ فيملي حڪيم ڪري رهايو. هزهائنس
نواب آف جهوناڳڙهه جي لاعلاج بيگم جو علاج ڪري،
حڪيم صاحب پنهنجو مثال قائم ڪيو. ان سلسلي ۾
برصغير هند و پاڪ جا هزارها ڊاڪٽر ۽ حڪيم ناڪامياب
ٿي چڪا هئا. جهوناڳڙهه جي رياست مان، ان ڪري، آخري
تائين کيس وظيفو ملندو رهيو. طب کان سواءِ سندس
ديني ۽ علمي خدمتون ۽ قلمي ڪوششون پڻ نمايان حيثيت
رکن ٿيون. ابتدا ۾ سنڌي ديني رسالا ۽ ڪتاب به شايع
ڪيائين. سنڌي ادبي بورڊ جو ڇپايل، ”سچل جو سرائڪي
ڪلام“ سندس بهترين يادگار آهي. ان جو مقدمو، تصوف
جي معارف ۽ حقائق سان لبريز آهي. رب ڪريم شال کيس
مرهي ۽ مغفرت ڪري، آمين!
محمد نسيم تلوي، مرحوم.
ڪراچيءَ جي مشهور اخبار ”بلوچستان جديد“ جي ايڊيٽر، محمد نسيم
تلويءَ، 2 – فيبروري 1961ع تي، لاهور ۾ حرڪت قلب
بند ٿيڻ سان وفات ڪئي. مرحوم تلوي نهايت بيباڪ ۽
دلير ايڊيٽر هو. پاڻ 1923ع ۾ ڪراچيءَ مان
’بلوچستان جديد‘ پهرين اخبار جاري ڪيائين. ان جون
هفتيوار اشاعتون عملي ۽ ادبي، سائنسي ۽ فلسفيانه
مقالن تي مشتمل رهنديون هيون، ۽ عملي طبقي ۾ سندس
اهي نمبر نهايت مقبول رهيا. آخري دور ۾ ڪراچيءَ
کان سواءِ ڪوئيٽا مان به اخبار جو ايڊيشن ڪڍندو
رهيو. سندس عملي ۽ صحافتي خدمتون بلوچ ايراضيءَ
لاءِ غنيمت هيون. مرحوم تازو محڪمه تعمير نو جي
دعوت تي مشرقي پاڪستان جي دوري تي ويل هو، ۽ واپس
ايندي لاهور ۾ وفات ڪيائين. نهايت پرجوش ۽ مخلص،
ديانتدار ۽ بيريا، زنده دل ۽ غيور شخص هو. رب ڪريم
شال کيس جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي، آمين!
ساقي سجاولي، مرحوم.
سنڌ جي مشهور اهل قلم ۽ اديب، غلام احمد ’ساقي‘ سجاولي، 20 –
سپٽمبر 1960ع تي، پنهنجي ڳوٺ ٻَني (ضلعو ٺٽو) ۾،
طويل علالت کان پوءِ وفات ڪئي آهي. ساقي سجاولي
نهايت پختو فنڪار هو. علم ادب جي هر صنف تي لکيو
اٿس، ۽ اڪثر ڪري سنڌ جي سڀني قديم ۽ جديد اخبارن ۽
رسالن ۾ سندس مقالات شايع ٿيا آهن. ’الوحيد‘ ۽
’سنڌ زميندار‘ جي دور ۾ ساقي سجاولي مشهور مضمون
نگار جي حيثيت سان لکندو آيو آهي. خليل جبران ۽
ٽئگور کان گهڻو متاثر هو. خليل جبران جي ڪتاب ”اس
نــــــي کها“ جو ترجمو، ”پيغمبر“، سندس مشهور
ڪتاب آهي. سندس افسانن جا ٻه – چار مجموعا شايع
ٿيا آهن. پوئين دور ۾ پاڻ هڪ ’سنڌي لغت‘ کي ترتيب
ڏئي رهيو هو، ۽ اٽڪل اوڻيهه هزار لفظ ۽ انهن جون
معنائون سهيڙي ۽ مڪمل ڪري چڪو هو. توقع آهي ته
سندس احباب انهيءَ ڪاوش کي ڇپائي محفوظ ڪندا. سندس
هموطن دوستن سندس يادگار قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾
’ساقي لئبرري‘ قائم ڪئي آهي. سندس وفات علم ادب جي
دنيا ۾ وڏو خال پيدا ڪيو آهي. رب ڪريم مٿس رحمت
ڪري، شال!
علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون
چوٿون ’اَکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سميلن‘
(آديپور، ڪَڇ: 29 – 30 – 31 آڪٽوبر، 1960ع)
آڪٽوبر 1960ع جي آخري تاريخن تي، ڀارت ۾، ڪَڇ رياست جي آڌيپور
شهر ۾، چوٿون ’اَکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سميلن‘
ٿي گذريو. هن کان اڳ اهڙا ٽي سميلن دهلي (57ع)،
بمبئي (58ع) ۽ ناگپور (59ع) جهڙن مرڪزي شهرن ۾ ٿي
چڪا آهن. ڀارت ۾ سنڌي ادب جي عام اوسر، ۽خاص ڪري
سنڌي زبان کي سرڪاري درجي ڏيارڻ جو تحرڪ هونئن ته
1951ع کان زور شور سان هلندڙ آهي، پر جڏهن کان
اُتي جي سنڌي زبان اُتي سرڪاري طرح تسليم ٿي رهڻ
کان گهڻي قدر بي نياز بنجي وئي آهي. هندستان جي
سڀني زبانن جو عوامي ۽ ادبي حلقن توڙي سرڪاري
محڪمن ۾، پنهنجي ئي زور تي، سنڌي پنهنجو مقام ۽ حق
حاصل ڪري رهي آهي. گذريل چند سالن جي لڳاتار ڪوششن
مان هيٺيان نتيجا نڪتا آهن: (1) جتي سنڌي فنڪار
رهن ٿا، ريڊيو وارن اتان سنڌي پروگروام نشر ڪرڻ
شروع ڪيا آهن؛ (2) سنڌيءَ کي ڀارت جي مرڪزي ادبي
اڪيڊميءَ تسليم ڪيو آهي؛ (3) سنڌيءَ کي هند سرڪار
مضمونن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ شامل ڪيو آهي؛ (4) ڀارت جي
’سنگيت – ناٽڪ ڪمپنيءَ‘ سنڌيءَ جي لوڪ ادب گڏ ڪرڻ
جو ڪم شروع ڪيو آهي؛ (5) سنڌي ۾ ٻارن جي ادب کي
همتائڻ لاءِ، گوورڌن محبوباڻيءَ ۽ سرڳواسي پرسرام
’ضيا‘ جي تصنيفن کي سرڪار طرفان پنج – پنج سوء
رپيا انعام مليو؛ (6) سنڌي ڪهاڻين کي انگريزيءَ ۾
آڻڻ لاءِ سرڪار ٽي هزار رپيا ڏنا؛ (7) ’ڊنڪن
ڪاليج‘ ۾ سنڌي زبان لاءِ الڳ تحقيقاتي محڪمو کوليو
ويو آهي؛ (8) گجرات يونيورسٽيءَ ۾ ايم. اي. تائين
سنڌيءَ ۾ تعليم جو انتظام ڪيو ويو آهي؛ (9) بمبئي
يونيورسٽيءَ ’سنڌي سڀيتا‘ تي هڪ انگريزي ڪتاب
لکرائي شايع ڪيو آهي؛ (10) بمبئي، دهلي، اوڀر
پنجاب، گجرات، اُتر پرديش ۽ مڌيه پرديش يونيورسٽين
۾ سنڌيءَ جي اعليٰ تعليم جو انتطام آهي؛ (11) تيرٿ
وسنت جي ڪتاب ”ڪنوَر“ تي سرڪار پنج هزار رپيا
انعام ڏنا؛ (12) تاشقند ۾ ٿي گذريل ’ايشيائي –
آفريڪي اديبن جي ڪانفرنس‘ ۾ سنڌي اديبن کي
نمائندگي ڏني وئي؛ (13) ۽ ڀارت جي ڪيترين ئي زبانن
جا اديب، شاعر، ائڪٽر ۽ عام ماڻهو وڏي شوق سان
سنڌي زبان سکي رهيا آهن.
زبان ۽ ادب جي انهيءَ ترقي پذير ماحول ۾، ڀارت جا سنڌي هاڻي
پنهنجي الڳ ”سنڌ يونيورسٽي“ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري
رهيا آهن، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو پنهنجي لاءِ
هڪ الڳ آبادي، ”نئين سنڌ“ وجود ۾ آڻي رهيا آهن،
جنهن لاءِ خيال آهي ته اها ڪَڇ جي ڪنهن حصي ۾
هوندي، جتي تهذيب گهڻي قدر سنڌي تهذيب سان لاڳو
آهي-- ۽ هن ڀيري سميلن به اُتي ئي ڪوٺايو ويو هو.
انهيءَ پروگرام کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ، سملين
ڪوٺائيندڙ ’سنڌي ٻولي ۽ ساهت منڊل‘ کي هاڻي هڪ
مستقل تحريڪ ۾ بدلائي، ان جو نالو ’اَکل ڀارت سنڌي
ٻولي ۽ ساهت سڀا‘ رکيو ويو آهي، جنهن جو پريزيڊنٽ
پروفيسر ايم. يُو. ملڪاڻي، وائيس پريزيڊنٽ تيرٿ
وسنت، ۽ جنرل سيڪريٽري اُتم (ايڊيٽر ’نئين دنيا‘)
آهي، ۽ هيٺيان اديب ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي آهن:
جيرامداس دولترام، پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻي،
پروفيسر ليکراج ’عزيز‘، پروفيسر رام پنجواڻي، هوند
ران ’دکايل‘، هري ’دلگير‘، کيئلداس ’فاني‘، ڪيرت
ٻاٻاڻي، چوهڙمل هندوجا، اِندر ڀوڄواڻي، گوورڌن
محبوباڻي،سدانند تولاڻي، سترام ڪلياني ’همدرد‘،
موهن ڪلپنا، ديو ناٿاڻي، ۽ جيوڻ جيرامداس.
سميلن جي ڪارروائيءَ جا ڪجهه تفصيل، ڀيڻ سندري اُتمچنداڻيءَ جي
لکيل هيٺئينءَ رپورٽيج مان معلوم ٿيندا.—ادارو.
سنڌيت جو ميلو
’سنڌي ساهت سميلن‘ جو سڏ ٿيو، ته بمبئيءَ مان به بهيرون نڪتيون.
بس ۾، لوڪل ٽرين ۾، ٽرام ۾، ٽئڪسيءَ ۾، ٻه سنڌي
گڏجن ته اهوئي سوال پڇن، ”گانڌيڌام وڃڻ جي تياري
آهي؟“... ”آهي!“ ۽ ائين، جٿن جا جٿا نڪري پيا
’نئين سنڌ‘ جو درشن ڪرڻ.
تيرهن سال ٿي ويا آزاديءَ ملئي، پر ريل جو ٿرڊ ڪلاس گاڏنه نه
سڌريو سو نه سڌريو؛ اهي ئي انگريزن جي ڏينهن وارا
ڳاهٽ گاڏا. پر سنڌي سڳورا، ڪن جي سامان مٿان ليٽي
ته ڪن جي سٿرن تي ڪنڌ رکي، رهاڻين ۾ لڳي ويا. وڏن
وڏن جي ٿي پَتِ وائکي ڪيائون؛ پر جڏهن ساڳيا ماڻهو
سامهون ٿين، ته ڏس ويهي ساڻن گلي ملڻ ۽ ملي مرڪڻ!
سڪ پيئي ريلا ڏيندين. اها به طبيعت آهي—نڪته چين
طبيعت، پر وير وروڌ کان آجي!
شعر بازي شروع ٿي، ته وائکائي ٿي ويئي. مَنَ وڃي تصور جي رنگين،
وسيع ويڪريءَ دنيا جا سير ڪيا. رستي ۾ واريءَ جون
ڀٽون آيون، گرم لُڪَ ’شاهه‘ جي سسئيءَ کي آڻي سڀني
جي اکين ۾ ويهاريو— ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ناهي ويل
ويهڻ جي!“ ڏوهيڙن جي پلٽ پلٽان پئي پيئي. رات آئي،
سنڌ جي پوٺن ۽ چوواٽن جي ياد کڻي— چنڊَ ڀَري، ٿڌي
جهڙي برف.
گانڌيڌام جي اسٽيشن اچي ويئي. سميلن جي آجيان ڪاميٽيءَ جا ساٿي
حاضر هئا. بمبئيءَ جي ساٿين کي کڻي ڀاڪر ۾
ڀريائون. ٽئڪسي، بس، ٽرڪ، ٽانگو— هر قسم جو هڪ هڪ
ننگ حاضر هو. سڀئي ڀرجي ويا، پوءِ به پورت نه
پيئي. ڀلا، سٺ ڄڻن جي يڪي ڇانگ هئي! اڃا ته ان کان
ٽيڻا صبح جو اچڻا هئا.
خيرن سان ٻئي چڪر ۾ ئي روانا ٿياسين. ميلن جو مفاصلو هو، آديپور
جي اسڪول تائين (جتي سميلن هو). دادا دکايل، دادا
دلگير، ستيش، رامچنداڻي، ڪرشنا ڪماري، ڦول ونتي—
سڀ ته اسٽيشن تي وٺڻ آيا هئا، پوءِ به بتين سان
جڳمڳائيندڙ اسڪول ۾ نالن جي کوٽ ئي ڪانه هئي. پر
’نئين سنڌ‘ ۾ پاڪستاني پکيئڙا ڇو نه آيا هئا؟ ڪٿي
هو جويو، ڪٿي هو شمشير؟ ڪٿي هو اياز، ڪٿي هو
رباني؟ نڪو تنوير، نڪا بيگم چنا! مگر ’شاهه‘
ڏوراپي جي ڏس ئي نه ڇڏي آهي—”ڪا مُنهين ۾ گهٽ، نه
ته سڄڻ سٻاجها گهڻو.“
اسڪول جي ڪوٺي ڪوٺي ڪري گهمياسين. بمبئيءَ جا رستا وڏا، ڪوٺيون
ننڍيون؛ هتي هيون ڪوٺيون وڏيون، اسڪول وڏو، ۽ ان ۾
اچي لٿا هئا وڏن مفاصلن تان آيل ڊيليگيٽ. سڀئي
هڪٻئي سان مليا، کلي کلي، گلي ۾ ٻانهون ورائي. ڪن
ته دوستن کي مٿي کڻي ٿي کنيو، بنهه ٻارن وانگر.
منهنجا زنده دل سنڌي ڇو وڇڙيا هڪٻئي کان! روح ٿي
رنو.
رات جا باقي ٻه پهر، سڀ منهن ويڙهي سمهي پيا. صبح جي هِير سڌير،
نئين ميلي جو ڳيت ڳائيندي آئي. سنڌ جا ڪَوڙا –
مِٺا ڏندڻ واتن ۾، پوءِ به ساٿين جي کيڪار! خشڪ
سنڌ جي هوا هر هر ماضيءَ جي برپٽن ۾ رلائڻ ٿي لڳي،
پوءِ به دليون ڀِنيون پيئون هيون.
29 – آڪٽوبر، شام جو، بهراڻي سان سميلن جي شروعات ٿي. آديپور جو
شهر ڏاڍيءَ رٿا سان جوڙايل آهي. ائين پئي لڳو، ڄڻ
هڪ وڏو شاهي اسٽيج آهي، جنهن تي ڦِيٿَ سان ماپون
ڪري، گهرن گهٽين جا نقشا ويهي ڪڍيا اٿن؛ ۽ وچ ۾
آهي هڪ اُٺ – گاڏي، جا ڪيترن ڇيڄ وجهندڙن جي پٺيان
پٺيان معتبر ماڻهن کي کنيو پئي اچي. چند به نڪري
آيو، ۽ ان جا سِيتل ڪِرنا، هن چتر کي رنگين ڪندي،
اسڪول جي ميدان ۾ ڪٺي ٿيل ميڙ کي به روشن ڪري رهيا
هئا.
مرهٽيءَ ۽ گجراتيءَ جي مشهور اديب، ڪاڪا ’ڪاليلڪر‘ سميلن جو
مهورت ڪيو. هن چيو، ”اوهين سنڌ جهڙي پرديش ۾
پنهنجا گهر ڇڏي آيا آهيو، تنهن لاءِ اوهان کي
جيترو ڏک هوندو، ان کان وڌيڪ ڏک ۽ همدردي مون کي
اوهان لاءِ آهي.“ وڌيڪ چيائين ته ”اوهين سنڪٽ سهي
هتي آيا، ۽ ان بعد جنهن نموني اوهان محنت ۽ حوصلي
سان ڪم ڪيو آهي، سو اوهان جي شڪتي ڏيکاري ٿو.
اوهين ڪمزور نه آهيو. اوهين سنڪٽن جي ڏاڪڻ تي
چڙهندا، اڳتي وڌندا هلو ٿا. اهڙي جيون – شڪتي مون
سنڌين ۾ ڏٺي آهي. سنڌي سنڌ ڇڏي آيا، کين نقصان
پهتو، پر ان مان اسان ڀارت – واسين کي فائدو ئي
مليو آهي جو اوهان جهڙا ساهسي ۽ پريم وارا آدمي
هتي آيا آهن.“
”سنڌ ڀاشا اَمر هو!“ ۽ ”سنڌي ڀائي اَمر هو!“ جي نعرن سان، ڪاڪا
ڪاليلڪر پنهنجي افتتاحي تقرير پوري ڪئي، جنهن کان
پوءِ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ پنهنجي صدارتي
تقرير ڪئي.
ملڪاڻي صاحب چتاءُ ڏنو ته ”سنڌي ٻوليءَ کي وڏي ۾ وڏو خطرو ٻئي
ڪنهن طرف کان نه، پر خود اسان سنڌين مان ئي آهي.
سنڌي ٻوليءَ جا سچا دشمن اسين خود آهيون، جو ان جي
قدر ۽ عزت ڪرڻ بدران ان لاءِ حقارت محسوس ڪرڻ
لڳندا آهيون، ۽ ان جي استعمال ڪرڻ ۾ ڄڻ شرم پيو
ٿيندو اٿئون. سنڌيءَ بدران انگريزيءَ ۾ خط پَٽ لکڻ
۾ قابليت پيا سمجهون؛ هڪٻئي سان ته ٺهيو، پر گهر ۾
پنهنجن ٻارن سان به انگريزيءَ ۾ گِٽ – مِٽ پيا
ڪريون، ۽ انهن کي ڪانوينٽ ۾ ويهارڻ ۾ فخر پيا
وٺون. اسان جي شاهوڪار ۽ ’سڌريل‘ طبقي وارن شهري
ڪٽنبن ۾ سنڌيءَ جو نالو نشان به ڪونهي. ان موتمار
خطري ڏانهن مان سميلن جو ڌيان ڇڪايان ٿو. ان ماجرا
کي منهن ڏيڻ لاءِ هِن سميلن ۽ ’اکل ڀارت سنسٿا‘ کي
سخت پاڻ پتوڙڻو پوندو؛ اخبارن دوران، ميٽنگن ۽
سرگسن دوران، ۽ گهر گهر وڃي سمجهائڻ دوران، مائٽن
کي مڃائڻو پوندو ته هو ٻارن کي اهڙن اسڪولن ۾
ويهارين جتي سنڌي به سيکاري وڃي، ۽ هو پاڻ به ٻارن
سان صرف سنڌيءَ ۾ ڳالهائين.“
اهي ته هيون ڪم جون ڳالهيون، پر ٻه هزار ماڻهو جو هندستان جي
ڪنڊ ڪڙڇ مان اچي هيڪاندا ٿيا هئا، تن کي ڪا وندر
ورونهن به ته کپي! آديپور جا مندر، باغيچا ۽ تلاءَ
ته ڏينهن جو ئي ڏسي ڇڏيا هئائون، رات جو ڪجهه رات
رنگ ڏسڻ جي تمنا هئي. ان لاءِ به آديپور وارن
بندوبست رکيو هو. ڪيترا پنهنجن ڪلاڪارن جا اِسم
پيش ڪيائون. بمبئيءَ کان رام پنجواڻي ته موجود ئي
هو. ديوڪا گدواڻيءَ به سنڌي راڳن تي ناچ ڪري چڱو
پاڻ ملهايو. جيڏي ڪلاڪاري ٻين اِسمن مان ڏسڻ جي
اميد هئي، اوڏي نظر نه آئي. ان جو سبب شايد اِهو
آهي ته سنڌي هيترو وقت پاڻ لاءِ اَٽي ۽ اَجهي ميسر
ڪرڻ ۾ ئي رڌل هئا، ۽ هاڻي ڪن سالن کان سنڌي ڪلاڪار
هن طرف ڌيان ڏيڻ لڳا آهن. پر انهن ڪارگذارين سان
ئي وقت ختم ڪونه ٿي ويو. ثقافتي نماءَ جومهورت پڻ
ڪيو ويو. ساهت، نئون ۽ پراڻو، هٿ جا هنر، شريمتي
مامتوراءِ جي ڪوشش جو نتيجو يعني آدم قد ’سهڻيءَ‘
جي تصوير، هڪڙي ڪاريگر جو اڇي چاڪ جي وچ تي نڪتل
ڀوريءَ جو اُڪرڻ جو ڪم، پر مانند پنجواڻيءَ جي
چترڪاري، وغيره—گهڻو ڪجهه ڏسڻ لائق هو.
سڄي رات، جلسي ۾ ڏٺل سنڌي ٻولن تي ڪيل ديوڪا گدواڻيءَ جي ناچن ۽
بهراڻي جي ڇيڄ جي خوابن لهندي گذري. ريل جي ڪوڪ
سان اچي صبح سڳوري جاڳايو. ٽڪاڻن جي گهنڊن گهڙيالن
جا آواز فضا ۾ پوترتا پکيڙي ويا. سميلن شروع ٿي
چڪو هو. ڪم نظر ئي ڪونه ٿي آيو. جيڪو به ڪم هو، سو
ڪرسيءَ تي ويهي بحث مباحثي ڪرڻ ۽ تقريرن ڪرڻ جي
روپ ۾ هو؛ پر پوءِ به هر ڪنهن ڪم جو داٻ پئي محسوس
ڪيو. سچ پچ ته جن ڪم ڪيو ويٺي، سي هيون آديپور جون
اِلاهي عورتون، اسڪولي ٻار، ۽ دڪانن وارا ماڻهو،
جيڪي ٻن هزار ڊيليگيٽن جي کاڌي جو پرٻنڌ ڪريو ويٺا
هئا؛ ۽ تن جي مٿان هو وشنوشرما... ڪنڊ وٺيو، چپ
چاپ، هيڏي ساري هلٽ جي ويٺي سار لڌائين. پر ميز –
ڪرسيءَ تي ويهي بحث ڪرڻ به ته ڪم ئي اهي! ان لاءِ
ئي ته هيڏا خرچ کاٻاڙا ڪري، سنڌي سماج جو سڻڀ اچي
ڪٺو ٿيو هو. ناگپور ۾ جا دائمي سنسٿا جي عارضي
ڪاميٽي ٺاهي ويئي هئي، تنهن جو لکيل جوڙجڪ بحال
ڪرڻو هو، ۽ ساهتڪ سڀا جي بئٺڪ ڪرڻي هئي. ساهتڪ سڀا
جي صدارت ڪئي پوپٽي هيرانندڻيءَ. هونئن به، سِڪ ۽
سوز جو آلاپ ’شاهه‘ پنهنجين سورمين کان ئي ڪرايو
آهي. ماڻهن جو ساهتڪ چيزن ٻُڌڻ ۾ چاهه ته گهڻو هو،
پر مقالا جيڪي پڙهيائون، سي گهڻي ڀاڱي مغز ڦوڙ
هئا.
پوءِ هئي، پروفيسر بي. ايڇ. ناگراڻيءَ جي صدارت هيٺ، ماسترن جي
بئٺڪ. آدَ کان هڪ طبقو سماج ۾ اهڙو پئي رهندو آيو
آهي، جيڪو ماڻهن کي پڙهائيندو ۽ سکيا ڏيندو پئي
رهيو آهي. اهو طبقو ئي جهان کي دنيادار ٿي وڃڻ جي
ترائين ۾ ڪِرڻ کان روڪيندو رهيو آهي. اسانجن ابن
ڏاڏن آرين به شايد اها ڳالهه سمجهي هئي، جو ان
طبقي کي برهمڻ سڏي، شاديءَ – غميءَ ۾ پاڻ وٽ
گهرائي، سندن مٿي تان ڪمائڻ جي چنتا لاهي ٿي
ڇڏيائون. پر پٿر جي اوزارن واري زماني کان جو
سرشٽي سڌري آهي، ته ويئي آهي سماج ۾ به ڦيريون
ڦاريون ڪندي. پر هندستان جي ماستر جو هيڻُ حال ڪا
سٺي نشاني ته ڪانهي! چوندا آهن، ’گهرج ديواني آهي،
غريبي آهي گناهن جي ماءُ‘: سو،جيڪي ڪچڙن روحن کي
گناهه کان بچڻ جي سکيا ڏين، سي ئي مجبورين ۾ هجن،
ته ملڪ جو ٿيو الله واهي! بس، ان ڪري ئي ماسترن جي
خاص بئٺڪ رکي ويئي هئي، جنهن ۾ ٽريننگ جون
ڏُکايون، تعليم جو ذريعو، پگهارون، ۽ ٻيا گهڻا ئي
مسئلا کنيا ويا.
ان کان پوءِ جوڙجڪ – ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ ’سنڌي ٻولي ۽
ساهت سڀا‘ جي جوڙجڪ پڙهيو ۽ بحال ڪيو ويو. پوءِ
ٿيا ٺهراءَ شروع. گهڻئي ٺهراءَ پاس ڪيا ويا. سنڌي
مائٽن کي پرزور گذارش ڪئي وئي ته هو ٻارن کي
پنهنجي ٻوليءَ ۽ سڀيتا جي شاندار ورثي کان محروم
نه ڪن. هندستان ۽ پاڪستان جي سرڪارن کان تقاضا ڪئي
وئي ته ’بابا، سنڌوءَ جي آب سان پليل قوم جي ٻه
ٽُڪرا ٿي وئي، ته وڙهيا ڪي ويري ته ڪونه ٿي پيا!
ساڳيءَ ڀونءِ جي پيدائش آهيون— اُهوئي هٿ نِير ۾،
اُهو ئي هٿ کير ۾-- هڪٻئي جو ساهت ته پڙهي سگهون!
ماڻهن جي اچ – وڃ ۾ ته پاسپورٽ وغيره جا رولا آهن،
پر ساهت جي اچ – وڃ ۾ ته ڪا رڪاوٽ نه هجڻ کپي!‘
سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت جي جوڙجڪ ۾ جڳهه ڏيڻ بابت
ٺهراءُ هن سال وري به زوردار نموني ۾ ورجايو ويو.
ٻين ٺهرائن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ”سنڌي يونيورسٽي“
قائم ڪجي، استادن جا ٽريننگ ڪاليج کولجن، ليکڪن کي
سندن رچنائن تي اجورو ڏجي، شاگردن کي سنڌ جي تاريخ
پڙهائجي، ۽ هر سال ”سنڌي ٻولي ڏينهن“ ملهائجي.
”سنڌي يونيورسٽي“ لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي،
جيڪا ايندڙ سال جي سميلن ۾ پنهنجون رٿائون پيش
ڪندي.
ڳالهيون سڀ سوچڻ جهڙيون آهن. ٻَڌيءَ ۾ آهي ٻَل! مالها جا مَڻڪا
جي سڳي مان لاري ڇڏجن، ته ڪو ڪٿي ڪو ڪٿي وڃائجي
ويندو-- ۽ سنڌو- ماٿريءَ وارا، موهن جي دڙي واريءَ
سڀيتا تي فخر ڪرڻ وارا، ڪنهن ڏينهن شرم کان ڪنڌ
پيا جهڪائيندا.
آيو ’سڀا‘ جي عهديدارن جي چونڊن جو وارو. منگهارام ملڪاڻيءَ کي
چونڊيائون پريزيڊنٽ، تيرٿ بسنت کي وائيس پريزيڊنٽ،
اُتم کي جنرل سيڪريٽري، سئناڻيءَ کي سيڪريٽري، ۽
رام هنڱوراڻيءَ کي خزانچي. سورهن ڄڻن جي ڪاروباري
ڪاميٽي به ٺهي. هندستان جي هر وڏي شهر جا سنڌي
جوان توڙي ٻُڍا هن ڪاميٽيءَ تي اچي ويا. ’اکل ڀارت
سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا‘ جيڏو آهي سَت – اَکرو نالو،
تيڏو اٿس ڪشادو ميدان!
رات جو هي مشاعرو. چڱو رنگ لڳو. پيار جا شعر هئا—ڪن جو محبوبا
لاءِ، ڪن جو تفريح لاءِ، ته ڪن جو وطن ۽ انسانيت
لاءِ. رام پنجواڻيءَ صدارت ڪئي. شاعر به ڪي ٿورا
هئا؟ الاهي اچي نيا هئا. دکايل، دلگير، شيام، شاد،
پرڪاش، راهي، گوورڌن، حاسد، ستيش، هريڪانت، اِندر،
همدرد، وغيره وغيره. دکايل جو ’وڻ – ڪهاڙو‘، دلگير
جو ’پاڪستاني دوست ڏانهن نياپو‘، ۽ شيام جو ’اڃا
روشني ڏي‘—ڪيڏي وشال پيار جا نشان آهن، ڪير چئي
سگهندو؟
مشاعرو پورو ٿيو، ۽ آيلن جون دليون سُسي ويئون. جنهن سميلن لاءِ
مهينا سنڀرياسين، سوته پورو به ٿي ويو! سَکين جي
دلين ته سڏڪا ٿي ڀريا. ميلن جا ڏينهن ايترو ننڍا
ڀلا ڇا لاءِ؟ ڪنهن وراڻيو، وڏا ڏينهن ته وڇوڙي جا
ٿيندا آهن!
اڃا ڪَنڊلا بندر جو سير ڪرڻو هو. باقي رات، ڪي سُتا، ڪن کي سڪ
سمهڻ ئي نه ڏنو. جاڳندي، سمهندي، ڪيئن ڪَٽِي سا
رات، سا سڌ انهن مٺڙين دلين کي، جن هيترن ماڻهن جي
ساگر وٽ ۾ وهسي وهسي، پنهنجي هستيءَ کي گم ڪري ڏٺو
هوندو. صبح جا پَرندا، وڇوڙي جا سُر آلاپيندا،
سجاڳ ڪرڻ آيا. ڪنڊلا بندر گهمڻ هلياسين. وڏي شاهي
آڪاس هيٺان، اٿاهه ساگر جي ڪناري تي، سميلن جا
هيترا سنڌي، مُٺ ڀر واريءَ جا ڪڻا بڻجي پيا. خاص
ڪري، مٿان آبزرويٽريءَ تان وڃي جو ڏسجين، ته ڄڻ
ريتيءَ ۾ مَڻڪا هاريا پيا هئا. ”مڻڪا شل مالها ۾
پوتل رهن!“ صدا نڪري ويئي، ”سندن ٻوليءَ جو سڳو شل
نه ٽُٽي!“
سمنڊ ۾ هڪ وڏو جهاز بيٺو هو؛ ان جي چوٽيءَ تان بيهي جو نهار ته
هڪ پاسي هو اَٿاهه سمنڊ، ۽ ٻئي پاسي هئي واري ئي
واري. اُن ڀائي پرتاب لاءِ عزت منجهان ڪنڌ جهڪي
ويو، جنهن هن سُڃ ۾ اچي ساوڪ لڳائي هئي. آديپور جي
ماڻهن جا اکر پئي ڪنن ۾ ٻُريا—’ڀائي پرتاب جي اڄ
جيل کان ٻاهر هجي ها، ته ڏسو ها آديپور جي رونق!
وڻن تي به نوان رنگ لڳل هجن ها، رستن تي به رنگولي
هجي ها!‘ ايڏيءَ ڪلا جو مالڪ، پنهنجي خوابن جي
تعبير ڏسڻ کان محروم هو! ’نئين سنڌ‘ کي سنڌي سڳورا
ڏسڻ آيا هئا، ۽ ’نئين سنڌ‘ جو اَبو جيل جي شيخن
منجهان چئي رهيو هو، ’ڌيءَ، تو ته مون کي بيڏوهي
ٺهرايو، پر مان ته تو لاءِ ڪلنڪ ڇڏي ٿو وڃان!‘ شال
اهو ڏينهن نه اچي، جو سنڌي سڳورو ’ماضيءَ‘ جي شيخن
پٺيان بيهي چوي، ’سنڌو، تو ته مون کي پنهنجي نرمل
جل سان نوازيو، پر مان تنهنجي ٻولي به صفحه هستيءَ
تي قائم نه رکي سگهيس!‘
جهاز تان هيٺ لٿاسين. اهي ڏينهن ياد اچي ويا، جڏهن سنڌ مان
لاڏاڻو ڪري هند جي زمين تي پير رکيوهوسين. ڪنهن
مزورَ ڪتابن جي ڳوڻ بيدرديءَ سان زمين تي سَٽي
هئي. ادو لالچند اُڀو هو. ڳوڻ تي هٿڙو گهمائي، چئي
رهيو هو—”ڪهڙي خبر نادان کي، هن ۾ ڪهڙن شاهن جو
ورثو پيل آهي!‘
بندر جو سير پورو ڪري، لوڪل ٽرين پڪڙيسين. پري پري بندر پيو هو،
سڃو سڃو—مڻڪن کان سواءِ! ’شاهه‘ جي تُڪ ياد اچي
ويئي—”ننگر ۽ ناڙيون، پڳهه کڻي پنڌ پيا: بندر
بازاريون، سڃا سامونڊي ري.“
ٽرين جي ڪن ڪن گاڏن وٽ جوان ٽهيءَ جا ميڙاڪا پئي ڏٺا. گمان ٿيو،
ڪوئي ائڪٽر يا ائڪٽريس ڏٺي اٿن گاڏي اندر. پر نه،
ننڍيءَ ٽهيءَ جي نوجوانن پنهنجي ليکڪن، ليکڪائن ۽
فنڪارن کان آٽوگراف پئي ورتا—نوٽن تي، ڊائرين ۾،
ڪتابن ۽ ڪاپين ۾. ائين ٿو لڳي، ڄڻ هرڻن اڳيان چشما
هلي آيا هجن! جيڪي پنهنجن اديبن، شاعرن فنڪارن جي
دستخطن کي سنڀالڻ جا ڪانکِي آهن، سي ورثو نه
سنڀاليندا؟
سميلن سُک سان پورو ٿيو. ٻه هزار سنڌي جي شامل ٿيا، تن پنهنجيءَ
سنڌيت جي سونهن سان ڪهڙيون ڪُنڊون وڃي روشن ڪيون
هونديون، -- ڪير چئي سگهندو؟
سگهڙن جون ڪچهريون
(ميرپور ساڪرو، ضلعو ٺٽو: 27 ۽ 28 نومبر، 1960ع)
بگهياڙ وليج ڪائونسل جي چيئرمن ۽ ٻهارا يونين ڪائونسل جي ميمبر،
رئيس حاجي محمد سوڍي بلوچ جي اهتمام سان،
ميرپورساڪري ۾ سگهڙن جي هڪ شاندار ڪچهري ٿي گذري،
جنهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پير حسام الدين
شاهه راشدي، مسٽر محمد ابراهيم جويي، ۽ ٺٽي جي
ڊپٽي ڪمشنر مسٽر محمد اسماعيل نون شرڪت ڪئي. آسپاس
جي ڪيترن ئي شاعرن، سگهڙن، فنڪارن، معززن، ۽ عام
ٻڌندڙن کي پڻ مدعو ڪيو ويو هو.
شام جي چئين بجي کان ڪچهريءَ جي پهرين بيٺڪ شروع ٿي، جنهن ۾
سگهڙ ۽ فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا رهيا، تان
جو رات جي ٻارهي بجي مٿان خاص مهمان پهتا، ۽
ڪچهريءَ جو نئون دور شروع ٿيو. پهرين ڳجهارتن جي
ڏي – وٺ هلي، جنهن ۾ محمد سومار ۽ ٻيڙي فقير ڪنڀار
سان گڏ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ نون صاحب پڻ دلچسپيءَ
سان بهرو ورتو. ڦلوءَ گڊي، فراقي ’مورا‘ ٻڌايا،
محمد صالح ڪاتيار پاوا وڄايا، ۽ بچوءَ گڊي چنگ جا
لهرا پيش ڪيا.
ٻئي ڏينهن سج اُڀرندي، ڪچهريءَ جي ٻي بيٺڪ شروع ٿي، جنهن ۾
راشدي صاحب ۽ جويي صاحب لوڪ ادب تي بحث ڪيو؛ مشهور
سگهڙ حاميد رند، محمد هاشم گبول، حاجي محمد سوڍي،
علي بخش، ۽ عمر گبول ڪيترائي ڪلام ٻڌايا، ۽ پڻ
پاون، مورن ۽ چنگ ٻڌائيندڙن تي پنهنجي فن جو
مظاهرو ڪيو.
واپسيءَ بعد، محترم راشدي صاحب ۽ محترم جويي صاحب پنهنجي ميزبان
کي جيڪي جدا جدا خط لکيا، تن جا اقتباس، افاديت جي
لحاظ کان، هيٺ پيش ڪجن ٿا، جن ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۽
سگهڙن لاءِ سڪ جو سنهيو آهي.
محترم راشدي صاحب—
”سنڌي تهذيب، تمدن، روايتون ۽ ثقافت—اِنهن سڀني جو مظهر اوهان
جهڙن شرفائن جا وجود آهن: اهي ڳوٺ آهن جن ۾ اوهين
رهو ٿا، اها اُٿِي – ويٺي آهي جا انهن ڳوٺن ۾ ٿئي
ٿي، اهي ڪچهريون آهن جيڪي اوهان ماڻهن جي اوطاقن ۾
قائم ٿين ٿيون، ۽ اهو صبح ۽ اها سانجهي آهي جا
انهن پَٽن تي پوي ٿي. اوهان جا گفتا، اوهان جا
ذهن، ۽ اوهان جون نوراني دليون آهن، جيڪي سنڌي شعر
۽ ادب کي مالا مال ڪنديون رهن ٿيون. تنهنڪري شال،
اوهين سُکي رهو، دائم ۽ قائم رهو، شاد ۽ آباد رهو!
اوهان جا ڳوٺ وسن، اوهان جون وستيون آباد رهن، ۽
اوهان جو راڳ ڀاڳ سدا سلامت رهي! اها سڄي دنيا،
جنهن ۾ سنڌ جو تمدن، تهذيب ۽ ثقافت پرورش حاصل ڪري
رهي آهي، سا جهَڪَ ۽ جهولي کان، زماني جي گردشن ۽
ٻين آفتن کان بچندي رهي! درحقيقت سنڌي تهذيب ۽
تمدن کي، ثقافت ۽ ادب کي،اوهان ماڻهن ئي محفوظ
رکيو آهي—اسين ته فقط اوهان جا ناقل آهيون.“
محترم جويو صاحب—
”هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات جو اهو مختصر وقت جو اوهان جي سنگت ۾ گذريو،
تنهن مان اسا ڇا پرايو ۽ ڪيتري ان مان خوشي ۽ راحت
دل کي نصيب ٿي، تنهن جو اندازو اسين ئي لڳائي
سگهون ٿا. ٻين ڳالهين کي ڇڏي، اوهان جي شريف
النفسيءَ، خوش خُلقيءَ، ۽ محبت ڀريءَ مجلس ئي
مُلهه ڳنهي اوهان جو آئيندي لاءِ شائق ۽ شيدائي
بنائي ڇڏيو. اسين شهر جا ماڻهو، سدائين پنهنجيءَ ۾
پورا آهيون. دل تي ڪَس جا ڪوٽ چڙهيا ٿا رهن.
تڙتڪڙ، هل هلان، حيران ۽ پريشان زندگيءَ ۾ اها به
سمڪ نٿي رهي ته دل جو سڪون ۽ قلب جو قرار ڪهڙي شي
ٿيندو آهي! اوهان جهڙن پيارن جي پاٻوهه، سِڪ ۽
سنيهه ڀري صحبت ئي ڪڏهن ڪڏهن اُٻاليءَ دل جي مختصر
سُکن ۾ سَڀَرائي آڻي ٿي. اوهين، جيڪي صحيح معنيٰ ۾
سنڌ جا ساهه ۽ سينگار آهيو، جن جي دم قدم سان اسان
جي هن سونهاريءَ سرزمين جو روح ايڏو امر ۽ شال
آهي، شال هميشه سلامت هجو، خوش هجو، باغ – بهار
هجو!“
19 – سنڌي ادبي ڪانفرنس
(ميرپور بٺورو، ضلعو ٺٽو: 2 ۽ 3 جنوري 1961ع)
لاڙ جي مرڪزي شهر ميرپور بٺوري ۾، مهر علي شاهه جي ميلي جي
موقعي تي، ’جمعيت الشعريٰ سنڌ‘ جي سهاري هيٺ، 19 –
ادبي ڪانفرنس ڪاميابيءَ سان ٿي گذري. سياري جي
موسم هوندي به، سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان عالم ۽
دانشور، اديب ۽ شاعر، سگهڙ ۽ فنڪار موجود ٿيا، ۽
هزارين ماڻهن ان ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس هڪ وڏي پنڊال
۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ ماڻهن جي نشستن روشنيءَ جو
سٺو بندوبست هو. انتظام جي مڪمل نگراني ٺٽي جي
ڊپٽي ڪمشنر، جناب محمد اسماعيل نون جي سپرد هئي.
پهرين ڏينهن، 2 – جنوري، عشاء جي نماز کان پوءِ، جناب پيرحسام
الدين راشديءَ ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو. موصوف اٽڪل
هڪ ڪلاڪ تائين پنهنجي عالمانه تقرير ڪئي، جنهن ۾
هن سنڌ ۽ سنڌي زبا جي تاريخ، ۽ خاص ڪري ٺٽي ۽
مڪليءَ جي قديم علمي، ادبي ۽ ثقافتي اهميت،
شخصيتن، ۽ سندن علمي ۽ فني خدمتن جو ذڪر ڪيو.
راشدي صاحب سنڌي زبان جي موجوده حالت تي پڻ ڪافي
روشني وڌي، ۽ شاعرن ۽ ادبين کي نين راهن تي گامزن
ٿيڻ جي تلقين ڪئي. ان بعد مرحبائي ڪاميٽيءِ جي
چيئرمن، الحاج مولانا عبدلله سجاوليءَ، پنهنجو
مرحبائي خطبو پڙهيو، ۽ ’جميعت الشعراء‘ جي صدر،
جناب مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘، پنهنجي
صدارتي تقرير ڪئي. ان بعد مشاعرو شروع ٿيو، جنهن
جي صدارت جناب محمد اسماعيل نون ڪئي. مشاعرو رات
جي گهڻيءَ دير تائين رهيو، ۽ متعدد موضوعن تي
شاعرن پنهنجا ڪلام پيش ڪيا.
ٻئي ڏينهن، 3 – جنوري، صبح جو نوين بجي، ’جمعيت الشعراء‘ جي
سالياني ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ هيٺينءَ ريت نوان
عهديدار چونڊيا ويا: صدر، مخدوم محمد زمان ’طالب
المولا‘؛ نائب صدر، ’سرشار‘ عقيلي ۽ ’فيض‘
بخشاپوري؛ جنرل سيڪريٽري، ’امير‘ قريشي؛ ۽ جوائنٽ
سيڪريٽري، محمد علي ’جوهر‘ ۽ ’ساجد‘ سرشاري. ضلعي
وار نمائندگيءَ جي بنياد تي، يارهن ڄڻن جي هڪ
انتظامي ڪاميٽي پڻ مقرر ڪئي.
ان بعد، جنرل باڊيءَ جي ساڳئي اجلاس ۾ جمعيت جي انتظام بابت
متعدد فيصلا ڪيا ويا، ۽ سنڌي زبان جي تعليمي حيثيت
بابت هڪ احتجاجي ٺهراءَ بحال ڪيو ويو، جنهن ۾
حڪومت کي گذارش ڪئي وئي ته سنڌيءَ کي پنهنجي
موجوده تعليمي درجي تي رهڻ ڏنو وڃي، ۽ ان جي علم
ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪشاده دليءَ کان ڪم ورتو وڃي.
ساڳئي ڏينهن، ٻنپهرن بعد، راشدي صاحب جي صدارت ۾ لوڪ ادب جي
ڪچهري ٿي، جنهن ۾ لاڙ ۽ اُتر جي مشهور سگهڙن جو
دلچسپ مقابلو ٿيو، ۽ ڳجهارتون ۽ نَڙَجا بيت پيش
ٿيا. ٿوري ٿوري وقفي سان، محمد فقير ۽ قادو شيديءَ
پنهنجي ظريفانه ۽ مذاحيه فن جو مسرت انگيز مظاهرو
ڪيو.
عشا جي نماز بعد، جناب مخدوم محمد زمان جي صدارت ۾، راڳ جي نشست
ٿي، جيڪا تقريباً صبح تائين هلندي رهي، ۽ مشهور
راڳيندڙن ۽ سازيندڙن ان ۾ خوب موج مچائي.
ميلي ۾ هڪ ثقافتي نمائش جو پڻ انتظام ڪيل هو، جنهن ۾ ٺٽي ضلعي
جي قديم تهذيبي کنڊرن مان مليل سِڪا، عباسي دور جا
سڪا، 5 – 6 سو سالن اڳ جو قلمي قرآن شريف، ۽ سنڌ
جي هنر جا مختلف نمونا رکيل هئا. ’سنڌي ادبي بورڊ‘
جي ڪتابن جي نمائش پڻ ڪئي.
ٻارن جو ميلو
(ٽريننگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد: آچر 15 – جنوري، 61ع)
’سنڌي ادبي بورڊ‘ پاران، گذريل ٻن سالن کان، سنڌي ٻارڙن جو واحد
معياري رسالو ”گل ڦل“ نڪرندڙ آهي؛ ان جي ٻئي
سالگرهه جي موقعي ملهائڻ لاءِ، 15 – جنوري 61ع تي،
حيدرآباد جي مرداني ٽريننگ ڪاليج ۾، وڏي پيماني تي
ٻارن جو ميلو مچايو ويو، جنهن ۾ اٽڪل پنجن هزارن
ماڻهن – مردن ۽ عورتن، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين – شرڪت ڪئي.
ميلي جي ترتيب ۾، ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي سهاري هيٺ،
حيدرآباد جي سڀني سنڌي، زنانن توڙي مردانن، اسڪولن
۽ تعليمي ادارن وڏي جوش ۽ جذبي سان بهرو ورتو، ۽
تعليمي آفيسرن ۽ استادن، اديبن ۽ شاعرن، ان کي
ڪامياب ڪرڻ لاءِ پوريءَ دلچسپيءَ سان پنهنجيون
ڪوششون ورتيون. حيدرآباد کان ٻاهر ٻارڙن جو پڻ چڱو
تعداد آيل هو، ۽ خاص ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهليل ’ٻارن
جي ڦلواڙين‘ جا نمائندا پڻ ٻارن جي هن ميلي ۾ اچي
موجود ٿيا. سنڌ جي تعليم کاتي جي ڊئريڪٽر، محترم
سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ۽ محترم سيد حسام الدين
شاهه راشديءَ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي.
سنڌ جي تاريخ ۾ اڳي ڪڏهن به ههڙو ڪامياب ۽ بامقصد
ٻارن جو ميلو منعقد نه ٿي سگهيو آهي. پهرئين ئي
ڀيري سنڌي ٻارن کي پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت – لوڪ
گيت، لوڪ ناچ، شعر، ناٽڪ، لباس، هنر، راندين
وغيره- جي صحيح روپ پسڻ ۽ ان ۾ پاڻ حصي وٺڻ جو
موقعو مليو، ۽ کين پتو پيو ته هو ڪيڏيءَ نه شاندار
تهذيب جا وارث آهن. ميلي لڳائڻ جو مقصد اهو ئي هو
ته ’اسانجن ٻارن کي پتو پوي ته سندن ثقافتي ورثو
ڇا آهي، ۽ منجهن اهو احساس اچي ته سندن دنيا ننڍڙي
ئي سهي، پر ڪيڏي نه بيحد دلچسپ آهي!‘
صبح جو اٺين بجي، ٽريننگ ڪاليج جي پرئڪٽسنگ اسڪول ۾، سيد غلام
مصطفيٰ شاهه صاحب نمائش جو افتتاح ڪيو، جنهن ۾
ٻارن جون ڪڍيل تصويرون، ٻارن جا پنهنجا ننڍپڻ جا
فوٽا، ٽڪلين جا آلبم، ٻارن جا رنگارنگي ڪپڙا، ڀرت
جا سهڻا نمونا، هر قسم جا رانديڪا، ۽ ٻيون انيڪ
ٻاراڻيون شيون رکيل هيون. هڪ الڳ ڪمري ۾، سنڌي
ادبي بورڊ ۽ ٻين ناشرن جا ٻارن لاءِ ڇپايل ڪتاب ۽
رسالا پڻ رکيا ويا هئا. اها نمائش ايتريقدر ته
دلچسپ هئي جو ان کي پوءِ وڌيڪ ٻن ڏينهن تائين جاري
رکيو ويو.
نمائش جو افتتاح بعد ٻارن جون رانديون پيش ٿيون: بئنڊ تي ڊرل،
’ڦِر – ڦِر سونٽو‘، ’رومالي‘، ’ستوليا‘، ’ڪوڏي
ڪوڏي‘، بالَ راند، گلاس راند، ۽ ٻيون پسنديده
رانديون ٻارڙن سهڻي نموني ڪري ڏيکاريون.
شام جي چئين بجي، سٺي نموني سينگاريل وڏي شامياني ۾، ميلي جو
وڌيڪ پروگرام شروع ٿيو، جنهن جي صدارت سيد غلام
مصطفيٰ شاهه صاحب ڪئي. ننڍن ٻالڪن ۽ ٻالڪين گڏجي
ڪشنچند ’بيوس‘ جِي، ”قدرت وارا“ جي عنوان سان
جڙيل، ڌڻيءَ در دعا ڳائي؛ ۽ ٻين ٻارڙن ’ماءُ جي
لولي‘ ڳائي ٻڌائي. ان بعد مسٽر محمد اسماعيل
عرساڻيءَ جو لکيل ڪتاب ناٽڪ، ”کٽئي جو اَڌ“ اسٽيج
تي پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻارڙن پنهنجي اداڪاريءَ جا
خوب جوهر ڏيکاريا. ٻيو ناٽڪ ”ڀاڄيون“ پيش ڪيو ويو،
جنهن ۾ ٻارڙن مختلف ڀاڄين جا ڪردار اختيار ڪري،
هڪٻئي سان مذاحيه انداز ۾ تڪراري صورتحال پيدا ڪري
وڌي، ۽ آخر ۾ ’ڊاڪٽر صاحب‘ اچي کين ٻڌايو ته سڀ
’ڀاڄيون‘ انساني صحت لاءِ مفيد آهن، تنهنڪري کين
صلح ڪرڻ گهرجي، امن ۽ انصاف سان هلڻ گهرجي. ٽيو
ناٽڪ ”ٻارن جي اجائي پاسخاطري“ پڻ پيش ڪيو ويو،
جنهن ۾ مائٽن تي مفيد طنز ڪيل هئي. سنڌ جي مشهور
لوڪ گيت ۽ لوڪ ناچ – سهرو، راسوڙو، ’هوجمالو‘
وغيره پڻ تمام ڪاميابيءَ سان پيش ڪيا ويا. ’هو
جمالو واري ناچ ته ايڏو رنگ ڪيو جو پنڊال ۾ ويٺل
سمورا ٻارڙا به نچڻ ۽ ڳائڻ لڳا. ’فئنسي ڊريس‘ جي
پروگرام ۾ ننڍڙا سُندر ٻارڙا، زنانيون ۽ مردانيون
نج سنڌي ڊريسون پائي آيا. ’ٽيبلو‘ جي نموني، شيخ
اياز جو گيت – ”منهنجا مٺڙا پٽ!“ پيش ڪيو ويو،
جيڪو نئين نسل جي رهنمائيءَ لاءِ هميشه هڪ اُصول،
هڪ حقيقت بنجي رهندو. ٻارڙن جي ’سوال – جواب‘ ۽
پرولين جي پروگرام خاصي وندر ڪئي. ٻارڙن سٺيون
سٺيون تقريرون به ڪيون، جن مان ’خواجه ڦلواڙيءَ‘
جي ميمبر سڪندر عليءَ جي تقرير تمام برجستي ۽
دلپذير هئي.
رات جي نوين تائين اسٽيج تي مٿيان پروگرام پيش ٿيندا رهايا.
انهن جي خاتمي تي اول ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي
سيڪريٽري، محترم محمد ابراهيم جويي، سڀني جي
شڪرادائي ڪئي، ۽ پوءِ محترم سيد غلام مصطفيٰ شاهه
پنهنجي مختصر صدارتي تقرير ڪئي.
جويي صاحب ٻڌايو ته ”هيءُ ٻارن جو ميلو گويا هڪ تجربو هو.
پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ شايد هيءُ پهريون ئي ڀيرو
آهي جو خالص ههڙي قسم جو ٻارن جو ميڙ ٿي سگهيو
آهي. اڳي ’ٻالڪن جي ٻاريءَ‘ واري تحريڪ سنڌ ۾ پيدا
ٿي هئي، ۽ سنڌ مان ئي نڪري، تڏهوڪي هندستان بلڪ
دنيا جي ڪن ٻين هنڌن تي به پکڙجي ويئي هئي؛ ۽ هاڻي
پڻ هندستان ۾ ’ٻالڪن جي ٻاريءَ‘ جي مهندار دادا
شيوڪ، هڪ سنڌي ڀَلمانس آهي. هن ئي پهريائين هِتي
سنڌ ۾ ’ٻالڪن جي ٻاريءَ‘ جو بنياد وڌو هو. پر اُن
زماني ۾ به، مون کي ياد نه آهي ته ڪو ههڙي قسم جو
ميلو ڪٿي لڳي سگهيو هو.
”اڄوڪي ڏينهن، مون کي يقين آهي ته سنڌ علائقي جي ٻارن جي
زندگيءَ ۽ ٻارن جي تحريڪ جي سلسلي ۾ هڪ تاريخي
ڏينهن آهي، ۽ اُميد آهي ته هر سال آئيندي پڻ اهڙا
ٻارن جا ميلا، جيئن پوءِ تيئن بهتر نموني ۽ انداز،
۾، نه فقط هِتي حيدرآباد ۾ پرساريءَ ايراضيءَ ۾
ملهايا ويا- تان جو اسان جن ٻارن جي هڪ قسم جي
زنده دلي، چُرپُر، تازگي، خوداعتمادي، ۽ ضبط ۽ نظم
جو مادو پيدا ٿي سگهي. وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته ههڙن
ميلن ۽ جشنن ذريعي ئي اسين پنهنجن ٻارن جي حياتيءَ
کي ڏاهپ ۽ خوشيءَ جي خزانن سان ڀري سگهون ٿا.“
صدر موصوف پنهنجيءَ تقرير ۾ فرمايو ته ”مون کي هيءُ ميلو ايڏو
ته وڻيو آهي جو مان ڪوشش وٺندس ته سنڌ جي هر ضلعي،
هر ضعلي جي هر تعلقي، ۽ هر تعلقي جي هر اسڪول
طرفان هن نموني ٻارن جا ميلا ٿين.
هن ميلي جي وڏي خصوصيت اها هئي جو اُن ۾ هر چيز ٻارن جي طرفان،
ٻارن جي لاءِ پيش ٿي رهي هي؛ ۽ هر ڪنهن پيشڪش ۾
ٻارن جي اصلاح ۽ تربيت جو ڪونه ڪو نُڪتو، تهذيب ۽
ثقافت جو ڪونه ڪو پهلو ضرور موجود هو. وندر ۽ سکيا
جو ههڙو بهترين سنگم، پيشڪارن ۽ بانيڪارن جي ڪمال
تدبر ۽ صلاحيتن جو ثبوت آهي، جن پنهنجي ايندڙ نسل
جي ذهني تهذيب لاءِ عمل ۽ اخلاق جي بهترين ضرورتن
کي منتخب ڪيو، ۽ پڻ ٻارڙن کي پنهنجيءَ تاريخ ۽
ثقافت جا اهم ترين نقش اُجاگر ڪري ڏيکاريا. ضروري
آهي ته ٻارن جي خوشيءَ ۽ تربيت جي هن ذريعي کي هڪ
مستقل روايت جو روپ ڏنو وڃي.
”پاڪستان رائيٽرس گلڊ“ جي انتظامي ميٽنگ
(ڪراچي: 27 ۽ 28 جنوري، 1961ع)
27 ۽ 28 جنوري 1961ع تي، ڪراچيءَ ۾، ’پاڪستان رائٽرس گِلڊ‘ جي
مرڪزي انتظامي ڪاميٽيءَ جون اهم گڏجاڻيون ٿيون.
ڪاميٽيءَ جي پهرئين ڏينهن واري گڏجاڻي ’گلڊ‘ جي آفيس ۾ ٿي، جنهن
جي علاقائي زبانن جي بهترين ادب تي انعامن ڏيڻ
لاءِ ٽي هزار رپيا منظور ڪيا ويا، ۽ ’گلڊ‘ جي
عيوضين کي ڀارت ۽ متحده عرب جمهوريه ڏانهن دوستاڻي
دوري تي موڪلڻ جي تجويز پاس ڪئي وئي. انهيءَ اجلاس
۾ محترم شيخ اياز، مرڪزي انتظامي ڪاميٽيءَ جي هڪ
رڪن، اولهه پاڪستان جي علاقائيءَ ٻولين جي تعليمي
حيثيت جي باري ۾ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو. ڪافي بحث
مباحثي بعد، اهو ٺهراءُ ’گلڊ‘ جي ’زبان ۽ رسم
الخط‘ جي مسئلن تي غور ڪندڙ ڪاميٽيءَ ڏانهن راءِ
پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. ٺهراءَ جو متن هن ريت
آهي:
”پاڪستان رائٽرس گلڊ جي مرڪزي انتظامي ڪاميٽيءَ جو هيءُ اجلاس،
اولهه پاڪستان جي زبانن جي مسئلي تي وسيع نظر سان
غور ڪرڻ بعد، هن راءِ جو آهي. ته انهيءَ مسئلي تي
اڃا وڌيڪ ڇنڊڇاڻ جي ڪنهن منصفانه ۽ اطمينان بخش حل
جي ضرورت آهي. اولهه پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون
زبانون آهن، جيڪي ادبي ترقيءَ جي مختلف درجن تي
پهتل آهن، ۽ اهي تعليمي ۽ سرڪاري مقصدن جي
پورائيءَ لاءِ، مختلف حيثيتن سان، پنهنجو استعمال
۽ مقام تمام گهڻي وقت کان ماڻي رهيون آهن. جيتوڻيڪ
اُڙدو کي اولهه پاڪستان جا باشندا، جن جي مادري
زبان اڙدو نه آهي، قومي زبان جي حيثيت سان تسليم
ڪري چڪا آهن، تنهن هوندي به، ’قومي تعليمي ڪميشن‘
جي رپورٽ مطابق، اُڙدو کي تعليم جي ابتدائي مرحلي
به، اسڪولن اندر ’لازمي زبان‘ طور مقرر ڪرڻ ۽ ان
کي ڇهين درجي کان ’ذريعه تعليم ‘ بنائڻ وارن فيصلن
سببان، تعليمي ماهرن، اديبن ۽ عام ماڻهن ۾، هڪ طرف
پنهنجن ٻارن ۽ شاگردن جي تعليم ۽ زندگيءَ جي
مستقبل بابت، ته ٻئي طرف پنهنجين پيارين زبانن جي
آئنده ترقيءَ بابت، ڪئين خدشا پيدا ٿي چڪا آهن.
تنهنڪري مناسب ۽ ضروري آهي ته سڀني واسطيدارن جي
جائز تقاضا ۽ مفاد جي پيش نظر، انهن خدشن کي ختم
ڪيو وڃي.
پاڪستان رائيٽرس گلڊ جي مرڪزي انتظامي ڪاميٽيءَ جو هيءُ اجلاس،
ان ڪري، ٺهراءُٿو ڪري ته پاڪستان سرڪار کي هڪ
’زبان ڪميشن‘ مقرر ڪرڻ جي گذارش ڪجي، جيڪا هن
مسئلي بابت چڪاس ڪري، پنهنجي رپورٽ حڪومت جي غور
لاءِ موڪلي.“
علاقائي زبانن جي تعليمي حيثيت تي ويچارڻ لاءِ، ’پاڪستان رائٽرس
گلڊ‘ اڳيان پيش ڪيل اهو ٻيو ٺهراءُ هو. هن کان اڳ
اهڙو ئي هڪ ٺهراءُ، اڳئين سال، ڊاڪا ۾ ٿي گذريل
’گلڊ‘ جي مرڪزي انتظامي ڪاميٽيءَ ۾ محترم شيخ اياز
پيش ڪيو هو. ڪاميٽيءَ اُهو ٺهراءُ به پنهنجيءَ
’زبان ۽ رسم الخط‘ واريءَ ڪاميٽيءَ ڏانهن مطالعي ۽
رپورٽ لاءِ موڪليو ويو هو، جنهن جو متن هن ريت
آهي:
”پاڪستان رائٽرس گلڊ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جو هيءُ اجلاس، ’قومي
تعليمي ڪميشن‘ جي انهن سفارشن تي تشويش جو اظهار
ٿو ڪري، جن ۾ ملڪ جي تعليمي سرشتي ۾ اولهه پاڪستان
جي زبانن جي استعمال ۽ حيثيت بابت تجويزون پيش ڪيل
آهن. اهي سفارشون محض اندازن تي قائم ڪيل آهن، ۽
انهن تي لساني، نفسياتي ۽ تعليمي نقطه نگاهه کان
وڌيڪ جذباتي عنصر غالب آهي. علاقائي زبانن لاءِ
انهن سفارش ۾ انتهائي جانبداريءَ کان ڪم ورتو ويو
آهي، جنهن پٽاندر انهن زبانن تي هڪ اهڙي هاڃيڪار
صورتحال مڙهي ٿي وڃي، جنهن ۾ اڳتي هلي سندن ادبي
وجود جي مڪمل طرح فنا ٿي وڃڻ جو انديشو آهي. زبانن
جو اهڙو افسوسناڪ مستقبل – جن مان ڪي زبانون اظهار
خيال جي ذخيرن ۾ تمام شاهوڪار آهن، کين پوءِ
شاندار ادبي ورثو آهي، ۽ سندن پويان صدين جون
تهذيبي روايتون آهن – هرگز گوارا نٿو ڪري سگهجي،
جنهن جي نتيجي ۾، لازمي طور، قومي ورثي کي ناقابل
تلافي نقصان پهچندو، ۽ جيڪو اسان جي مشترڪ قومي
ثقافت جي اوسر لاءِ خاتمي جو باعث ٿيندو.“
’گلڊ‘ جي ’زبانن جي رسم الخطن‘ واري ڪاميٽيءَ، مٿئين ٺهراءَ تي
غور ڪرڻ بعد، جيڪو پنهنجو رايو ڏنو، سو ’مهراڻ‘ جي
اڳئين پرچي ۾ ’سنڌي زبان سوسائٽيءَ‘ جي ميمورنڊم
جي ضميمي ۾ درج آهي.
28 – جنوري، شام جو چئين بجي، گلڊ جي مجلس مذاڪرات منعقد ٿي،
جنهن ۾ سنڌي، پشتو، بنگالي ۽ اڙدو زبانن جي گذريل
سال جي ادبي ترقيءَ جا جائزا پيش ڪيا ويا.
شام جو اٺين بجي، کان ڪٽرڪ هال ۾، ثقافتي شام ملهائي وئي، جنهن
۾ هڪ ئي مضمون جا گيت مختلف زبانن ۾ پيش ڪيا ويا،
۽ علاقائي لوڪ ناچ جو مظاهرو پڻ ڪيو ويو.
|