سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2003ع

مضمون

صفحو :5

بخشل باغي

غزل

اسان جي اُداسيءَ جو ڪارڻ نه پُڇ،
انهيءَ دل جليءَ جو تون ٻارڻ نه پُڇ.
ڀُلي راهه، پوپٽ ويا سڀ رُلي،
عجب هو پرينءَ جو نهارڻ نه پُڇ.
ڪيئن دل هي هڪڙي به هاري ڇڏي،
اُنهيءَ راند جو هاڻ هارڻ نه پُڇ.
 هئا ساڻ ڪئي قافلا پنڌ ۾،
مگر پو به تنها گذارڻ نه پُڇ.
سڙي سِڪ ۾ خاڪ ٿياسين صفا،
تون پنهنجو بِرهه جهڙو سارڻ نه پُڇ.
وڃين نيٺ پهتاسين هُن پار تي،
تون ٻيڙيءَ ٽٽل جو اُڪارڻ نه پُڇ.
سدا ساز تي ساهه صدقي ڪيو،
وڄا چنگ، سر جو تون چارڻ نه پُڇ.
چئين ٿو ته توکي سڏيو ڪونه هو،
اُهو هاڻ پيارا! پُڪارڻ نه پُڇ.

”ساحر“ راهو

غزل

شهيد دل جي لحد تي مزار ڪهڙي دوستو،
سُري ورتل وجود تي، نهار ڪهڙي دوستو.
جنم جنم جي ننڊ کي سُرور جاڳ جو ڏيئي،
وجهي نه دل ۾ جهير جا، پُڪار ڪهڙي دوستو.
اُني نه تنهنجي نانءُ جو ڏيئو، جنم آ، بي سبب،
نئين نئين نه کوج ٿي تنوار ڪهڙي دوستو.
وفا جي ٽياس تي چڙهي، ٽڙي ٽڙي گلاب جان،
صليب جي نه سونهن ٿي ڄمار ڪهڙي دوستو.
مراد دل ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي، بهار ۾،
ملون ته پوءِ، سار ۽ وسار ڪهڙي دوستو.
اداسيون اُڻن  پيون خيال ۾ ڪي مئڪدا،
ٿڙي نه دل گلاس ۾، سنڀار ڪهڙي دوستو.
اداس دل کي ڪيتريون چتيون هڻي سڄو ڪندوء،
انڌين اکين جي ڏيهه ۾ بهار ڪهڙي دوستو.
ڇڻي رهي آ چاندني، ڀڄي رهيو آ مئڪدو،
وڃون ٿڙي خيال ۾ اُڏار ڪهري دوستو.
سمونڊ ڀي نه سانت ٿي ڪڪر ڄمن نه جيڪڏهن،
ته ساحري جي سحر جي سنوار ڪهڙي دوستو.

اسحاق سميجو

وائي

درد جو ٻاري چراغ،

رات ڪاٽي ٿا ڇڏيون!

آءٌ دل تي ٿو ڇڏيان، دل کي پر ڪاٿي دماغ،

رات ڪاٽي ٿا ڇڏيون!

گهري ڪاري حُسن تي، چنڊ ٻرندڙ ڪوئي داغ،

رات ڪاٽي ٿا ڇڏيون!

واءُ ٿي رُلندا رهيا، پر نه هو تنهنجو سراغ،

رات ڪاٽي ٿا ڇڏيون!

پيار هڪڙي مُند آ، نيڻ سپنن جا ٻه باغ!

رات ڪاٽي ٿا ڇڏيون!

خليل عارف سومرو

غزل

هر سور جي پنهنجي ڪٿا، عاشور جي پنهنجي ڪٿا.
مسرور جي پنهنجي ڪٿا، چِڪ چور جي پنهنجي ڪٿا.
سقراط جو قصو الڳ، منصور جي پنهنجي ڪٿا.
هر خيال ۽ هر سوچ ڇا، هر پور جي پنهنجي ڪٿا.
هاري جي آکاڻي جدا، مزدور جي پنهنجي ڪٿا.
جڳ ۾ ڏٺم هڪ هڪ جي هئي، مجبور جي پنهنجي ڪٿا
عارف جهان جي ڌوڙ ۾، وئي پورجي پنهنجي ڪٿا.

منٺار سولنگي

غزل

فيض تنهنجو عام آهي، کٽل هي غلام آهي.
ڪنهن نه چاهيو آهي نڪرڻ!ڇا ته تنهنجو دامُ آهي.
صد شڪر جو پاڻ تي، عشق جو الزام آهي.
تنهنجي لطف ڪرم جو، ذڪر صبح و شام آهي.
عشق جو معراج آهي، حسن هم ڪلام آهي.
هي اُهو منٺار ٿَو جو، برهه ۾ بدنام آهي.

احمد ٽالپر

غزل

زندگيءَ جي نگر ۾ هُلي چوء پچو،
وقت ناهي بچو، يار جلدي اچو!
آس شيشو ڀَڄي ۽ ڀُري نه پوي،
جيءُ جاني مِلڻ ريءَ جُهري نه پوي،
ساهه جو هي سڳو آهي ڏاڍو ڪچو!
هِيرَ جهولو لڳي ماڪ ٽانڊن جِيان،
باهه بنجي وئي چاندني تو بِنان،
رات محشر مثل، ڏينهن آهي ڏَچو!
تو بنا روح روڳي آ بيمار دل،
پيڙجي جند گهاڻي ۾ ٿي پل اپل،
حال ”احمد“ اٿوَ هي سراسر سچو!

”منير“ سولنگي

غزل

پَٽ تي ڏس هوءَ ”ڪاري“ پئي آ،
پيءُ اڳيان ڄڻ ڌاري پئي آ.
هن ته ڏني آ جيون ڀيٽا،
رستي تي رت هاري پئي آ.
ڇا جا ناتا، ڇا جا رشتا،
رشتن ۾ بيماري پئي آ.
گولي ٽڙڪو، بم جو ڌڌڪو،
باهه هتي ڪا ٻاري پئي آ.
ڪاٿي ته وڃي هنڌ ڪنداسون،
کوڙ خدائي ساري پئي آ.
پيار وساڻو، ننڊ اُڏاڻي،
عشق ۾ ڪيڏي گهاري پئي آ.
درد کان جند ڪيئن ڇڏايان،
ڳاٽي ۾ جاڳاري پئي آ.
روهه لتاڙي ساجن ڪارڻ،
پيار پساري ناري پئي آ.

”سجاڳ“ پلي

غزل

پرت وارو پور پويان پور ماري ٿو فراق،
ساهه نيندڙ سور پويان سور ماري ٿو فراق.
هي جو سيني مان اُٿي ٿو دٻدٻي دهشت منجهان،
سور ناهي شهنشاهه سور ماري ٿو فراق.
اک لڳڻ ڇا اک ڇنڀائَڻ ڀي ڇڏائي ٿو ڇڏي،
اک پٽائي ٿو ڇڏي اک پور ماري ٿو فراق.
وهڪرا سارا وساري وهه اچي نيڻن منجهان،چ
ٿو ڪري مهراڻ کي مجبور ماري ٿو فراق.
جيئن اُهان ٿو تيئن اچن ٿا لڙڪ پويان لڙڪ ٻڪ،
نينهن نيڻن جو کسي ٿو نور ماري ٿو فراق.
نينهن آرهڙ ڏينهن وانگر جيئن وڌي تيئن ٿو تپي،
تيئن ڪري ٿو چين سک کي چور ماري ٿو فراق.
چين سک پن ڇڻ ٿئي ٿو پرت وارن جو ”سجاڳ“
جيئن وڻن جو سرءَ مند ۾ ٻُور ماري ٿو فراق.

روشن ظفر راهو

غزل

بنا اوهان جي خدا ڏسي ٿو، ننڊون اسان جون جلاوطن ٿئي.
اسان جي تن تي اڃان به اوڍيل وڇوڙو ڄڻ ڪو اڇو ڪفن ٿئي.
خوشي ته ڄڻ هئي اوهان جو پاڇو اوهان جي ڪڍ سا لڳي پئي آ،
اسان جي دل جي اداس ڌرتي، ندورو سانوڻ سڄُ گگن ٿئي.
هي پيار ڏيندئي سڪون من کي، سُرور تن کي، غرور ڇڏ تون،
جواني پن ڇڻ جي شام ڪائي، چيو پڌر تي ڇڻل پتن ٿئي.
هلين ته پايل ۾ ساهه پئي ٿو، کلين ته تڙ تي پکي لهن ٿا،
سنڀال پنهنجو وجود ڪورو ته ڳوٺ ٿي پيو اڪن ڇڪن ٿئي.
هي سمنڊ جهڙي اُڇل جواني، ڪنول نديءَ ۾ آ سونهن تنهنجي،
لهر لهر آ لباس تنهنجو، هي چنڊ نيرو سڄو بدن ٿئي.
ملين ته ڇيتن جيان ڇُلين ٿي، وڍين ٽڪين گفتگوءَ سان،
ڇڄڻ ته منهنجي پهاڄَ هوندي، ڪيو ته مون سان اِهو وچن ٿئي.
متان اچين تون بنا وضوءَ جي اسان جي دل جي مقام اندر،
اُتي اسان جو عشق بزرگ، شهيدُ، صوفي ٿيل دفن ٿئي.
ڇڏين ته ڀل ڇڏ تون سنڌ پنهنجي، ولايتن جي به ماڻ موسم،
متان لکين پو خطن ۾ مون کي ته يار روشن وطن وطن ٿئي.

فياض لطيف

غزل

هوائن ۾ هُلي ويو آ بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو،
پريشان ڀوء نر هن سارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو.
 

اکين ۾ کيپ ٿا مُرڪن، وئي مدهوش ٿي دلڙي،
خماريل چنڊ ۽ تارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو.
 

گهڻو مانوس ٿو ڀاسي، لڳي ٿو روح ۾ رچيل،
مٽي جي مهڪ جان پيارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو.
 

نظر جي بي قراري ۽ چپن جي تانگهه ٿي تڙپي،
چريا هي چاهه ۾ چارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو.
 

ڀنل هِن ماڪ مکڙين سان، لٿي آ رات چانڊوڪي،
اڙي او پوهه جا پارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو.

عليم چنو

دلين جو دامن

لٿل لٿل آ هٿن جي ميندي،
سهاڳ راتيون ڪٿي به ڪونهن.
چراغ دل جو وساميل آ،
۽ آدميءَ جي چپن جي جنبش،
اڳاهين ڪاٿي رهي به ناهي،
فضا جون سرگوشيون جُڳن کان،
لڳي ٿو ڄڻ خوشگوار ناهن،
۽ سرد شاخن تي شام ويلي،
پکي اچڻ لئه تيار ناهن،
سهانو ڪوئي به ناهي منظر،
گلن کان خوشبو به آهي اوجهل،
۽ آئيني ۾ صدين کان ڪنهن جو،
اڃا به آهي ڪو عڪس ڦاٿل،
دلين جو ڌڙڪڻ به تيز ناهي،
ڪو شاهڪاري قصو به ناهي،
هميشه کان پنهنجي قسمتن جو،
مليو اسان کي حصو به ناهي،
نگاهه دانهون ڏئي به ڪنهن کي،
صدا صدائون ڏئي به ڪنهن کي،
سڀن جو جيون ننڊاکڙو آ،
دلين جو دامن به اوپرو آ،
خواهشن جو وزن ڳرو آ،
ڪيئن اسان جي کڻي جواني؟
ڪيئن اسان جي کڻي جواني؟

روشن گهانگهرو

ٽه سٽا

چهرا ٻَهڪن ٿا،
رابيلي رُت شام جي،
منظر مرڪن ٿا.
 

گهنگهرو گهنن گهن گهن،
ڇا ته حسين هي رقص آ،
ڇن ڇن ڇنن ڇن ڇن.
 

چهري تي ائين وار،
جيئن ڪي چوڌر چنڊ جي
ڪڪر ڪارونڀار.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com