چيائين ته،”نه اسان جي هوٽل ۾ ڪانه هئي. چيني امير
آفيم پائيپ ۾ وجهي ”پف“ هڻندا هئا. جڏهن ڪيف ۽
سرور ۾ ايندا هئا، ته ڊنر آرڊر ڪندا هئا. سو، سڄي
رات هوٽل جي بورچيخانن جا چُلها روشن رهندا هئا.
يورپي کاڌو به موجود هوندو هو، ته چيني کاڌو به.
چيني امير ڍَوَ تي ماني کائي، سمهي پوندا هئا. ڏهه
ٻارهن ڪلاڪَ لاڳيتي ننڊ ڪندا هئا. اٺ اٺ پهر
تهخانن مان نڪرندا ئي ڪونه هئا. ڪجهه آفيم جو اثر
۽ ڪجهه ننڊ جا کيپُ.“
آغا يوسف چيو ته،” اهو جنگ عظيم جو زمانو هو. مون
اُنهن ڏينهن ۾ روس مان شڪست کائي آيل ”ٿري اسٽار“
۽ ”فور اسٽار“ جرنيلن کي شنگهائيءَ جي رستي تي،
ٽوپلا هٿن ۾ جهلي، راهيگيرن کان خيرات گهرندي
ڏٺو.“
اِهي ڳالهيون ياد آيم ته سوچيم: اڄ نه آغا يوسف هن
جهانَ ۾ آهي ۽ نه پير حسام الدين راشدي! ڏاڍي
اُٻاڻڪائي ٿيم. ڪمري جي دري آهستي بند ڪيم ۽ بستري
تي وڃي ليٽيس. اڌ رات گذري چڪي هئي. بتي وسايم، ته
رات جي تاريڪيءَ ۾ عمر خيام جي رباعيءَ جو پڙلاءُ
ڪنن تي پيو.
اين قافله عمر عجب مي گذرد
شانگهائي ماڊرن يورپي طرز تي تعمير ٿيل آهي. سِرَ
سِرَ تي انگريزَ جي حڪومت ۽ دٻدٻي جي مُهَرَ لڳل
اٿس. پر، هاڻي ٻڌو اٿم ته اسان جيڪو شهر ڏسي آيا
هئاسون، تنهن جو ڪو حصو باقي مس وڃي بچيو آهي. هر
هنڌ نيويارڪ وانگر اسڪاءِ اسڪريپر تعمير ٿي ويا
آهن. پر، چيني ميزبانن اسان کي انقلاب کان اڳ واري
شانگهائي شهر جي جهلڪ ڏيکارڻ لاءِ ”ستن اجگرن وارو
محلات“ ڏيکاريو. جنهن جي ڪمپائونڊ وال تي، سنگمرمر
مان ٺهيل سَتَ اجگرَ وڏن نانگن وارنگر ليٽيا پيا
هئا، ڄڻ ته محل جي چوڪيداري ڪري رهيا هئا. محل
واقعي محل هو. منجهس اعليٰ درجي جو فرنيچر پيل هو.
هڪڙو صوفا سيٽ ته خاص طرح هر ڪنهن کي ڏاڍو وڻيو،
آبنوسي رنگ جو هو. اُن جي خاص ڳالهه اها هئي ته
وڻ کي زمين تان ڪٽي، اُن جو ڪاٺُ ڪنهن ٻئي ڪم آندو
هئائون، پر زمين ۾ اونهي کوٽائي ڪري، وڻ جون پاڙون
ٻاهر ڪڍيون هئائون. اُنهن پاڙن کي ڪپي، ڪاٺيون
ائين ڪٽيون هئائون، جو اُنهن مان سوفا سيٽ جون
ٻانهون ۽ ٽنگون ٺهي سگهن. پوءِ اُنهن ڪاٺين کي پاڻ
۾ ملائي، سوفا سيٽ تيار ڪيو هئائون. مٿس اهڙي ڪا
پالش ڪئي هئائون، جو پري کان آئيني وانگر چمڪي
رهيو هو. وڻ جي پاڙن مان نڪتل ڪاٺين جي ور وڪڙ
قدرتي نوع جا هئا، سو اُهو صوفا سيٽ هڪ غير معمولي
شاهڪارُ ٿي پيو هو. چيني ماڻهن جي ذهانتَ، اونهي
سوچَ ۽ ڪاريگريءَ جو مثال هو.
ستت اسان سندن ذهانت جو ٻيو مثال ڏٺو.
شانگهائيءَ مان اسان جا ميزبان، هڪ ڏينهن لاءِ
هئانگچو وٺي هليا، جيڪو ڪوهه مريءَ وانگر هڪ سرسبز
۽ سهڻو شهر آهي. سڄو ڏينهن شهر ۾ گهمندا رهياسين.
هر طرف ساوڪ ۽ وڻ ٽڻ هئا....... ائين کڻي چئجي ته
سڄو شهر ڄڻ ته هڪ وڏو شاهي باغ هو.
اسان وٽ باغ جي تَصَور ۾ مکيه ڳالهيون ٻه آهن: هڪ
ساوڪ(گاهه، گل ڦل، وڻ ٽڻ ۽ ٻيو پاڻي(ڪسيون، حوض ۽
آبشار). پر، چيني ڏاهن باغ جي تصور ۾ ٽيون اضافو
به ڪيو آهي: ”بيجانَ پَٿَرُ.“
چين ۾ وڏا وڌا درياءَ ۽ پهاڙ آهن. پهاڙن تان
روزانو ڪيئي ڇپون دريائن ۾ ڪرنديون رهن ٿيون.
سوين ميل پاڻيءَ ۾ لڙهنديون لڙهنديون، گول لسيون
ٿي وڃن ٿيون. چيني باغائي اُنهن ڊگهين گول گول ڇپن
کي دريائن مان ڪڍي آيا هئا ۽ باغ ۾ کوڙي، اُڀُو
ڪري بيهاريو هئاون. ڏاڍيون سهڻيون ٿي لڳيون. ڏسڻ
سان مون کي ته ايران جي قديم تختگاهه ”تخت جمشيد“
۾ پٿر جا ڊگها منارا ياد آيا.
سڪندر اعظم ايران فتح ڪرڻ کان پوءِ، دارا جي
تختگاهه ”تخت جمشيد“ کي باهه ڏيئي ساڙائي ڇڏيو هو.
پر اُن جا ڊگها ۽ خوبصورت پٿر جا منارا هزارن
ورهين کان پوءِ به اڃا پٽ تي پيا آهن. اُهي منارا
انسانن جي هنر ۽ ڪاريگريءَ جا لاجواب مثال آهن.
چيني باغن ۾ کُتَلَ پٿر جا منارا قدرتي حسن ۽ چيني
ماڻهن جي ڏاهپ جو شاهڪار آهن.
پاڻيءَ ۾ ڳچ عرصو لڙهڻ ڪري منجهن سوراخ ٿي ويا هئا
۽ عجيب خوبصورت شڪليون ٺهي ويون هيون. جن کي ڏسڻ
سان انگريزي چوڻي ياد ٿي آئي ته”سمور آرٽ فطرت جي
نقالي آهي.“
(All art is imitation of Nature.)
ماڻهوءَ آسمان ۾ پکيءَ کي اُڏامندو ڏسي، هوائي
جهاز ٺاهڻ جو خيال دل ۾ آندو هو ۽ مڇيءَ کي پاڻيءَ
۾ ترندو ڏسي، ٻيڙي ٺاهڻ جي سِٽَ سٽي هئي.
چيني ماڻهن جي سوچ ۽ ذهانت جا هِي ٻه مثال ته مون
هِت بر سبيلِ تذڪره پيش ڪيا آهن، جن جو مقصد اُن
ڳالهه ڏانهن اشارو ڪرڻ آهي ته ڪا به ڪاميابي
عَقَل، اونهي سوچ ۽ محنت کان سواءِ ممڪن ڪونهي.
پر، عشق ۽ عقيدي جي قُوَتَ عقل ۽ محنت کان به وڌيڪ
آهي. اسان چين ۾ اُن جو مثال ڏٺو.
پَئيچنگ ۾ اسان کي ٻڌ ڌرم جا مندر ڏيکاريائون، جن
۾ ٻڌ جا بُت رکيل هئا. ڪي ته تمام بلند بالا هئا،
جن جو پيغام پڌرو پيو هو ته .مهاتما ٻڌ هيڏو عظيم
انسان هو.“
هڪڙو بت ته ايڏو اوچو هو، جو ڪنڌ مٿي کڻي، مهاتما
جي منهن ۾ نهارڻ سان ماڻهوءَ جو ڳاٽي ٽٽي پوي. پر،
جي ائين نه ٿئي، ته سندس مٿي ۾ پيل پَڳَ ته پڪ ئي
پڪ وڃي پَٽَ تي ڦهڪو ڪري. مندر جي مُهَتَمَمَ
ٻڌايو ته هي بُتُ ڪاٺ جي ايڏي ئي اوچي وڻ جي ٿڙ
مان ٺهيل آهي، يعني وڻ جي ٻن حصن کي يا ٻن وڻن جي
ٿڙن کي ڳنڍي هڪ ڪيو ويو آهي. اسان جا وڏا ، اهو
ايڏو وڏو بُندُ، مهاتما ٻڌ جي جنم ڀومي (ڄمڻ جي
هنڌ) هنستان مان کڻي آيا هئا.“....... اهو ٻڌي
اسان سوچيو ته اُن زماني ۾ هيلي ڪاپٽر ڪرينون ته
هيون ڪونه. سو، هڪٻئي کان پڇيوسون ته،”ايڏو بُنڊُ
هندستان مان چين ڪيئن آندائون؟.“
مندر جي مُهَتِمَمَ جواب ڏنو ته” بُنڊُ کي رسا
ٻڌي، هماليه جبل جي مٿان ٽپائي آيا.“
جواب ٻڌي حيرت ته ڏاڍي لڳي. پر، اِهو به سمجهه ۾
آيو ته عقل ۽ محنت جي ڳالهه پنهنجي جاءِ تي، ليڪن
عشق ۽ عقيدي جي اڳيان ڪا به ڳالهه وڏي ڪانهي. تڏهن
ته ڀلاري ڀٽائيءَ فرمايو آهي:
هيءُ هڏو ۽ چَمُ، گهوريو مُحبَ ميهار تان
شانگهائي شهر انڪري به ياد رهندو، جو ميزبانن
”چيني روايتي بئنڪئيٽ“(دعوت) اسان کي اُتي ئي
کارائي. هوٽل نهايت صاف ۽ سٿري هئي ۽ ماحول وڻندڙ،
شايد ڪو مقامي چيني اديب ۽ شاعر به سڏيو هئائون.
اسان کي اڳي چيني بئنڪئيٽ جو تجربو ڪونه هو. سروس
لنچ هئي، سو پهريان ٻه ٽي طعام آندائون ته
پنهنجيءَ مرضيءَ موجب پيٽ ڀرڻ جيترو حصو کڻي پليٽ
۾ وڌوسون ۽ آرام سان کائي ڍوء ڪيوسون. پر، اڃا
ناپڪين کڻي هٿ اُگهڻ وارا هئاسون، ته چيني ٻيو
طعام کڻي آيا، ان مان نالي ماتر گرهه کڻڻو پيو.
مٿان ٽيون طعام کڻي آيا. چوٿون کڻي آيا، پنجون کڻي
آيا، ڇهون کڻي آيا، ستون کڻي آيا. پوءِ ته اچي
عاجز ٿياسين. تان ته هڪٻئي پٺيان تيرهن طعام کڻي
آيا..... ” بي وس اُٺن بار اُڇلايا.“ سواءِ، ڪنڌ
ڌوڻي معذرت ڪرڻ جي ۽ شڪريو ادا ڪرڻ جي ٻيو ڇا ٿي
ڪري سگهياسين.
مسٽر مظهرالحق صديقي(وائيس چانسِيلر سنڌ
يونيورسٽي) هڪ ڀيري اسلام آباد ۾ هڪ محفل ۾ چيني
بئنڪئيٽ جي باري ۾ پنهنجو تجربو ٻڌايو. چيائين ته
”ماني کائي بس ڪئيسون ته چيني ميزبان پڇيو ته مڙني
طعامن ۾ اوهان کي ڪهڙو وڌيڪ وڻيو؟.“
ڪنهن ڪهڙو ٻڌايو ته ڪنهن ڪهڙو. مون چيو ته ” مون
کي سوُپُ ڏاڍو وڻيو.“
اِهو ٻڌي چيني ميزبانن خوش ٿي چيو ته ” جهنگلي
ڪاريهر نانگ جو سوپ واقعي ڏاڍو سٺو ٿيندو آهي. پر،
مسئلو اهو آهي ته اهڙو نانگُ هٿ اچڻ سولو ڪونهي.
اسان کي ٻه ٽي ڏينهن لاڳيتو جهنگ ۾ رلڻو پيو، تڏهن
مس مس وڃي اوهان جي سوپ لاءِ هڪڙو ڪاريهر هٿ آيو.“
***
چيني ميزبانن شانگهائيءَ ۾ اسان کي مزورن جي ڪلب ۽
ڪميون به ڏيکاري. ڪلب ۾ ته ٽڪو به مزو ڪونه آيو.
هيانءُ تي پٿر رکي،بي روح تقريرون ٻڌڻيون پيون.
سنڌي محاوري،”مڙئي ٽيمُ پاس ڪرڻو پيو.“ ان کان
پوءِ اسان کي ڪميون ڏيکارڻ وٺي هليا. هڪڙي هاريءَ
جو گهر ڏيکاريائون. اسان جي هارين جي گهرن کان
سٺوهو. (پر ضروري ڪونهي ته سڀ گهر ائين سٺا هجن.
شايد، چيني ڄاڻي ٻجهي اسان تي اثر وجهڻ لاءِ اُهو
سٺوگهر ڏيکاريو هجي.) آڳر ۾ ٻٻر جي هيٺان ڪو جانور
ليٽيو پيو هو. دروازي تي هاريءَ جي جوان ڇوڪري
ٽرانزسٽر ريڊيو ٻڌي رهي هئي. بورچيخاني ۾ هاري پاڻ
۽ سندس گهرواري ۽ ننڍا ٻار منجهند جي ماني (نوڊلس)
کائي رهيا هئا.
چيني ميزبان هاري جي ٻئي ڳوٺ ۾ به وٺي هليا، جنهن
۾ گهر وڌيڪ سٺا هئا. هڪڙي ڪراڙي زائفان چلهي تي
ڀاڄي رڌي رهي هئي. مان سندس ڀرسان وڃي بيٺس. ڏٺم
ته گُوارِ جهڙي ڪا ڀاڄي ٺاهي رهي هئي. دل ۾ چيم
ته،” اهڙي ڀاڄي ته اسان جي ڳوٺ ۾ به هارين نارين
کي نصيب آهي.“
پر، اُتي اهو احساس ٿيم ته ”سڄي چين ۾ ڪوبه شخص
ڦاٽل ڪپڙن ۾ نظر ڪونه آيو آهي ۽ نڪي وري ڪو ٻارُ
اگهاڙي پيرين ڏسڻ ۾ آيو آهي.“
هارين جا گهرَ ڏسي واندا ٿياسين ته چيني ميزبان
اسان کي ڪميون جي مئنيجر وٽ وٺي هليا. اُهو يارُ
ته ڄڻ هڪ سيکاريل پڙهايل طوطو هو. ”هن ڪميون ۾
هيءُ پوک ٿئي ٿي. انقلاب کان اڳ پيداوار هيءُ هئي،
هاڻي هيتري وڌي آهي. پڇاڙيءَ ۾ چيائين ته ڪي سوال
هجن ته پڇو؟.“
اهو اِها ڳالهه سمجهي نه سگهيو ته
Actions speak louder than words . اسان کي جيڪا راءِ قائم ڪرڻي هئي، سا ته هارين جي گهرن ۽
سندن رهڻي ڪهڻي ڏسڻ سان قائم ڪري ڇڏي هئيسون. سو،
کانئس ڪوبه سوال ڪونه ڪيوسون. جڏهن ڳالهائيندڙ
طوطو ٻولي رهيو هو، تڏهن مرزا اديب ڪڪ ٿي ڪنهن ٻئي
طرف ڏسي رهيو هو. مون کي فارغ ڏٺائين ته چيائين ته
”هلون؟“ ........ مون چيو ته ”هلو.“
اسان ڪميون ڏسي، واپس شانگهائيءَ ۾ پنهنجي هوٽل ۾
پهتاسون ته ميزبانن کي چيوسون ته ”سڀاڻي اسان کي
وري ٻي ڪا ڪلب يا ڪميون ڏيکارڻ بدران لوهسون جي
گهر وٺي هلو.“
چين هزارن ورهين جي تمدن ۽ تهذيب دوران هزارين
عالم، اديب ۽ شاعر پيدا ڪيا آهن، پر جديد دور ۾
وڏي ۾ وڏو نالو لوهسون آهي. ڪهڙي سن ۾ ڄائو ۽ ڪهڙي
سال ۾ وفات ڪيائين، سو ياد ڪونه هو. البت ايتري
خبر چار هئي ته انقلاب کان اڳ ئي فوت ٿي ويو هو.
چين جي هاڻوڪيءَ حڪومت سندس گهر کي قومي يادگار
قرار ڏنو آهي(جيڪا غير معمولي عزت جي ڳالهه آهي.)
پر، سندس گهر جا ڪي ڀاتي شايد اڃا منجهس رهن ٿا،
سو اسان جا ميزبان ساڻن ڳالهه ٻولهه ڪري پوءِ وٺي
هليا.
لوهسون زندگيءَ جو وڏو عرصو لکڻ ۾ ئي گذاريو هو ۽
اِهو ئي هڪڙو شوق هئس. سندس مڙني تحريرن ۽ تصنيفن
جو محور ۽ مرڪز هئي” عام ماڻهوءَ جي زندگي.“
لوهسون عظيم انسانن وانگر پنهنجيءَ ئي زندگيءَ ۾
عام ماڻهن جو هيرو ٿي ويو هو. سندس پرستار سون ۽
هزارن ۾ هئا. هاڻي دنيا جي گهڻين ئي ٻولين ۾ سندن
ڪتابن جا ترجما ٿي ويا آهن.
لوهسون جو گهر، عام سنڌي اديبن جي رهائشگاهن کي
خيال ۾ رکبو ته چئبو ته سٺي، پڪي جاءِ هئي، منجهس
ڪافي ڪمرا هئا ۽ مناسب فرنيچر به پيل هو. ليڪن،
لوهسون پاڻ ته پورهيت ماڻهو هو. سو، اسان جيڪو گهر
۽ اُن ۾ ٽپڙ ٽڳو ۽ رنگ روغن ڏٺو، سو، شايد
هاڻوڪيءَ سرڪار جي عنايت سبب هو. هڪ چڱي ڪمري ۾
چئني ڀتين تي سندس زندگيءَ جي مختلف دورن جون
تصويرون شيشي جي فريمن ۾ ديوارين تي آويزان هيون.
ٽي بي جي بيماري ڪري وفات ڪيائين، پر ، اُنهيءَ
اذيتناڪ بيماري جي باوجود، مرڻ گهڙيءَ تائين،
غريبن جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪندو رهيو، جنهن ڪمري ۾
سندس زندگيءَ جون مختلف تصويرون آويزان هيون، تن ۾
هڪڙيءَ ۾ سندس ٽي بي کاڌل ڦڦڙن جا ايڪسري فريم ٿيل
هئا.
اسان اُنهيءَ ئي تصوير جي هيٺان بيهي، چين جي عظيم
اديب جي احترام ۾ يادگار تصوير ڪڍائي.
چين جي دوري جي آخرين شهر هو ڪئنٽن، جنهن کي چيني
زبان ۾ ”ڪوانگچو“ ڪوٺيندا آهن. هانگ ڪانگ کان
هوائي جهاز رستي پندرهن منٽن جو سفر، پر
شانگهائيءَ کان ڪن ڪلاڪن جو ٿيندو. هوٽل ڇڏي ڪئنٽن
وڃڻ لاءِ شام جو مقرر وقت ئي هوائي اڏي تي آياسين.
هلڪي هلڪي برسات پئجي رهي هئي. ڪرسين تي ويٺاسين،
ته مسٽر چُو به سهڪندو اچي پهتو. چيائين ته
”پاڪستان مان اوهان جي لاءِ خط آيو آهي.“ مان
حيران ٿي ويس، ته چين ۾ خط ڪنهن لکيو ۽کيس ڪهڙي
خبر ته مان هيڏي وڏي ملڪ ۾ ڪاٿي هوندس؟ مسٽر چُو
کان خط ورتم. کولي ڏٺم ته ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر مسٽر
ناشاد لکيو هو. سندس مقصد فقط دعا سلام هو. پر،
حقيقت اها آهي ته شانگهائيءَ جي ايئرپورٽ تي،
هلڪيءَ هلڪيءَ بوندا باريءَ ۾ سبز چيني چانهن
پيندي، وطن مان آيل هڪ پراڻي رفيق ۽ دوست جو خط
پڙهي ڏاڍو لطف آيو.
ستت ئي سانجهي ٿي ويئي. مينهن زور ورتو ۽ ڏسندي
ڏسندي، وڏ ڦڙو شروع ٿي ويو. ميزبانن اُهو ڏسي، رات
جي ماني گهرائي، هونئن به هو ڪڏهن پنجين ته ڪڏهن
ڇهين بجي شام جو کارائي ڇڏيندا هئا. ماني کاڌيسون.
پر، ٽي چار ڪلاڪ پوءِ شانگهائيءَ جي هوائي اڏي تي
گذارياسون. تڏهن وڃي آسمان صاف ٿيو ۽ جهاز اُڏامڻ
جو اعلان ٿيو. اڌ رات جو ڪئنٽن جي هوائي اڏي تي
لٿو. اُتي به پِنيءَ ٻوڙُ پاڻي بيٺو هو. چيني
ميزبان ڇٽيون هٿن ۾ کڻي هوائي اڏي تي انتظار ڪري
رهيا هئا. موٽرن ۾ ويهاري هوٽل تي وٺي هليا. چين ۾
ايڏي وڏي ۽ سٺي هوٽل اڳي اسان ڪانه ڏٺي هئي. هوٽل
ڪانه هئي: شهر درِ شهرُ هو. تنگ فانگ
TUNG FUNG
نالو هئس. پر، شيڪسپيئر چيو آهي ته:
نالي ۾ ڇا رکيو آهي؟
گلاب جي گل جونالو ڪهڙو به هجي،
پوءِ به سندس خوشبو ته ساڳي هوندي.
هوٽل پهچندي پهچندي، آڌي رات ته گذري چڪي هئي. بک
اچي ورايو، سو فرج کوليم. ته منجهس نمڪين پستا،
باداميون، ڪوڪا ڪولا جا ڪئن ۽ برانڊيءَ جي پِنٽ
رکي هئي. هڪ لفافو پستن جو ۽ هڪ بادامين جو کوليم
۽ کائي، مٿان ڪوڪا ڪولا پي وڃي بستري ۾ ليٽيس.
ڪئانگچو ۾ اسان جي اچڻ جو خاص مقصد حضور اڪرم
پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جن جي صحابي حضرت
سعد بن ابي وقاص رضه جي روضي تي حاضري ڏيڻ هو. صبح
سان روضي تي پهتاسين. عمارت چيني طرزِ تعمير تي
ٺهيل آهي. ڪاٺ جو استعمال زياده ٿيل آهي، جنهن تي
قرآن ڪريم جون آيتون خوش خطيءَ ۾ اُڪريل آهن.
زيارت ڪئيسون: فاتحه پڙهيسون. شڪراني جو نفل ادا
ڪيوسون. ڏاڍو قرار آيو. راشدي صاحب ته ”چين جي
ڊائري“ ۾ ائين به لکيو آهي ته روضي شريف تي کيس
خواب ۾ ڪي اشارا به مليا، پر اسانکي ننڊ ۾ توڙي
جاڳ ۾ اهڙو ڪوبه مشاهدو ڪونه ٿيو!
شام جو اسان جي ميزبانن مزورن جي ڪلب ۾ هلڻ ۽ چيني
موسيقي جو پروگرام ٺاهيو. ٻئي ڳالهيون مون کي ڪونه
وڻيون. مزورن جي ڪلب ۾ بي روح تقريرون ٻڌڻيون پون
ها ۽ چيني موسيقيءَ مان ڪي ملائڪ سڳورا لطف اندوز
ٿين ته ٿين، پاڻ کان ڳالهه زور هئي. سو، ميزبان
سان معذرت ڪيم ته ”منهنجي طبيعت ٺيڪ ڪانهي.“ مرزا
اديب ساڻن گڏجي ويو. جڏهن موٽيا، ته مون کان طبيعت
پڇڻ آيا. چيائون ته ”ڊاڪٽر کي وٺي اچو؟.“
مون چيو ته”ڀلي.“
ڪجهه دير کان پوءِ هڪ چيني ڊاڪٽرياڻيءَ کي وٺي
آيا، جنهن دستوري تپاس ڪري، ڪي گوريون کائڻ لاءِ
ڏنيون ۽ چيو ته ”ڪجهه ڪونهي. فقط سفر جو ٿڪُ آهي،
آرام ڪريو.“ جڏهن ڊاڪٽرياڻي رواني ٿي ته مون کههَ
لان کي چيو ته ”جنهن مهل ڊاڪٽرياڻي مون کي تپاسي
رهي هئي، تنهن مهل تو ڏٺو ته هو سفيد ڊاڪٽري ڪوٽ
پايو منهنجي مٿان ڪيئن جُهڪِي بيٺي هئي؟“
اِهو ٻڌي کهه لان کان ڇرڪ نڪري ويو!
دراصل، ٻه ٽي ڏينهن اڳ، شانگهائيءَ ۾ مون کهه لان
کي ٻڌايو هو ته ”گذريل رات خواب ڏٺو اٿم ته بستري
۾ ليٽيو پيو آهيان، هڪڙي ڊاڪٽرياڻي سفيد ڪوٽ پايو،
منهنجي مٿان جُهڪي بيٺي آهي ۽ مون کي تپاسي رهي
آهي. پويان منهنجي مرحومه ماءَ بيٺي آهي.“
کهه لان چيو ته“ماڻهو ڪڏهن ڪهڙا ته ڪڏهن ڪهڙا خواب
ڏسي ٿو. ڪيئن چئجي؟“
هاڻي، جو ڪئانگچو ۾ پاڻ اِهو منظر ڏٺائين، ۽ مون
کيس ٻه ٽي ڏينهن اڳ وارو پنهنجو خواب ياد ڏياريو،
ته ڏاڍو مُنجهي پيو.
موڪلائڻ مهل تاڪيد ڪيائين ته” سڄي رات ننڊ ڪري،
صبح جو آرام سان اُٿجو. فلائيٽ منجهند جو ٻي بجي
آهي.“
صبح جو ننڊ مان اُٿيس، ته واقعي سڄو ٿڪ لهي ويو
هو.
چين ۾ هر ڪو شخص پنهنجو ذاتي ڪم پاڻ ڪندو آهي. سو،
مون به ناشتو ڪري، سڀ کان اڳ پنهنجو سامان پئڪ
ڪيو، ۽ پوءِ پنهنجي ساٿيءَ مرزا صاحب جي ڪمري ۾
سندس مدد لاءِ ويس. چيو مانس ته،” پئچنگ ۾ پاڻ ڪو
ڏينهن ٻه ترسنداسين. سامان هِتان ئي سڄو پئڪ ڪري
هلون، ته بار لهي پوي. تنهنجو سامان وڌيڪ آهي، مان
مدد ڪيانءِ.“
شڪريو ادا ڪري چيائين ته،”يار، مون به اڳواٽ ڳڻپ
ڪري، رات ئي سڄو ڪم لاهي ڇڏيو هو.“ ڏٺم ته واقعي
مرزا صاحب جي هر شيءِ سليقي سان پئڪ ٿي رکي هئي.
مو بي خيالي ۾ سندس ڪمري جو فرج کوليو. اڃا جو
ڏسان ته سڄو خالي پيو آهي. کلي چيو مانس ته “مرزا
صاحب بادامين ۽ پستن جا پاڪيٽ، ڪوڪا ڪولا جا ڪئن ۽
برانڊيءَ جا پِنٽ رکيل هئي. اُهي به سامان ۾ پئڪ
ڪيا اٿئي ڇا؟“
مرزا ڪنڌ ڌوڻي چيو ته،”مون کي خبر ڪانهي.“
مون چيس ته،”پستا باداميون ۽ ڪوڪا ڪولا جا ڪَئنَ
ته پَڪَ سڀُ تو چٽ ڪيا هوندا، پر برانڊي اڪيلو پي
نٿو سگهين. سا، تو ضرور سامان ۾ پئڪ ڪئي هوندي.“
مرزا چيو ته” يار، مون سڄي عمر ڪنهن نشيدار شيءِ
کي ڪونه چکيو آهي. مان برانڊي ڪاڏي ڪندس!.“
مون چيو ته،”پاڪستان ۾ مارشل لا آهي. اخبارن ۾ عام
تصويرون اچي رهيون آهن ته فوجي سپاهي ڪَنِ واپارين
کي ڪوڙا پيا هڻن، جو هنن گدامن ۾ کنڊ لڪائي رکي
هئي. تون ايئرپورٽ تي لهندين، ته تنهنجي سامان جي
تلاشي ٿيندي ۽ جي برانڊيءَ جي پِنٽ نڪتي، ته فوجي
سپاهي اُتي جو اُتي توکي به عبرت جو نشانو
بنائيندا.“
مون ته مرزا سان چرچي چرچي ۾ اها ڳالهه ڪئي، پر،
ڏاڍي ڪا دل سان لڳس. سو، ٻڌڻ سان پگهر اچي ويس.چوڻ
لڳو ته، ”يار، آهستي ته ڳالهاءِ.“
مون چيس ته،”مرزا، منهنجي صلاح مڃ. برانڊيءَ جي
پِنٽ هِت رکي هل.“
مرزا نرڙ ۾ گهُنج وجهي، سوٽ ڪيس کوليو، ۽ هڪ
ميريءَ گنجيءَ ۾ ويڙهيل سيڙهيل برانڊيءَ جي پِنٽ
ڪڍي واپس فرج ۾ رکي.
اسان سامان کڻي هيٺ آياسين ته ٻه چيني ميزبان مٿي
ڪمرن ۾ ويا ۽ مترجم چُو کي موٽي اچي چيائون
ته”ٻنهي ڪمرن جي فرج ۾ کائڻ پيئڻ جو ڪجهه سامان
پستا ۽ باداميون ۽ ڪوڪا ڪولا وغيره مهمانن استعمال
ڪيو آهي، تنهن جا پئسا پاڻ ڀريندا.“
مون چُو کي چيو ته،” اسان جي دوري تي اوهان جو
هزارين رپيا خرچ آيو هوندو. ڏهه پندرهن رپيا اسان
کان وصول ڪري، اوهان پنهنجيءَ ميزباني جو مزو خراب
نه ڪريو.“
چُو چيو ته”غير ملڪي مهمان کي ڪهڙيون سهوليتون
ڏجن، اُهو فيصلو اڳواٽ پئيچنگ ۾ ٿيندو آهي، سو،
ميزبان مجبور آهن، اِهي پئسا اوهان کي ڀرڻا
پوندا.“
مون بنا بحث جي ارڙهن رپيا ڀري ڏنا ۽ مرزا صاحب کي
ڇٽيهه رپيا ڏيڻا پيا. چيني ميزبانن کي مهمانن جي
اها معمولي رقم وٺڻ ۾ ڪوبه حجاب ڪونه ٿيو. اسان کي
پهريون دفعو سوشلسٽ نظام ۾ جبر جي جهلڪ نظر آئي!
هوٽل مان نڪري، ايئرپورٽ تي وڃڻ لاءِ ڪار ۾
ويٺاسون، ته مون مرزا کي ڪن ۾ سُرٻاٽ ڪيو،”شڪر ڪر،
جو مون هِت به توکي برانڊيءَ جي چَٽي کان بچايو ۽
پاڪستان ۾ فوجي سپاهين جي ڪوڙن کان به........“
مرزا سخت بيزاريءَ سان چيو.” يارَ، چُو اردو سمجهي
ٿو، آهستي ته ڳالهاءِ.“
ڪار ايئرپورٽ ڏانهن رواني ٿي. مرزا ڪنڌ ورائي روڊ
جي ٻئي پاسي نهارڻ لڳو ۽ ايئرپورٽ تائين نه مون
سان ڳالهايائين، نه چُو سان.
پئيچنگ پهتاسين، ته ڏينهن ٻه پئيس هوٽل ۾
ٽڪايائون. چيني ميزبان ٻه ٽي پروگرام خاص اسان جي
پئيچنگ واپسيءَ تي رکيا هئا: هڪڙو ”ديوارِ چين جو
ديدار“ ۽ ٻيو مائو جي جسم خاڪيءَ جي زيارت، جنهن
کي دوائن جي وسيلي شيشي جي پيتيءَ ۾ محفوظ ڪيو اٿن
۽ ٽين چين جي نائب وزيراعظم سان ملاقات.
ديوارِ چين دنيا جي اٺن عجائبات ۾ شمار ٿئي ٿي.
پٿر مان ٺهيل آهي ۽ هزار پندرهن سئو ميل ڊگهي آهي.
موڪري ايتري آهي، جو ڏهاڪو کن گهوڙيسوار مٿس هڪ
قطار ۾ پهري لاءِ اچ وڃ ڪري سگهن ٿا. چين جي مختلف
بادشاهن مختلف دورن ۾ اُن جا حصا ٺهرائي، هڪٻئي
سان ملايا هئا.
ديوارِ چين جو صحيح تصور رني ڪوٽ ڏسڻ سان ذهن ۾
ايندو. جيڪڏهن هزار پنج سئو والن جي مفاصلي تان
ديوار چين ۽ رني ڪوٽ جون ڪئميرا سان تصويرون ڪڍجن،
ته اِهو مشڪل ٿي پوندو ته رني ڪوٽ جي تصوير ڪهڙي
آهي ۽ ديوارِ چين جي ڪهڙي؟
ديوار چين به دفاعي لحاظ کان رني ڪوٽ وانگر ٺهرايل
هڪ ڪوٽ يا قلعو آهي. جنهن جو بنيادي مقصد گوبيءَ
واري رڻ پٽ ۽ ٻين اهڙن سڃن علائقن مان خانه بدوش
ڦورو قبيلن جي حملن کي روڪڻ هو. ديوار چين جي
اڏاوت سان اهو مقصد ڪيتري قدر پورو ٿيو، تنهن تي
چنگيز خان جو تبصرو تاريخي حيثيت رکي ٿو.
هو به گوبيءَ جي هڪ خانه بدوش قبيلي جو سردار هو.
اول چين ۽ پوءِ ملڪن مٿان ٻيا ملڪ فتح ڪري، سڪندر
اعظم وانگر، دنيا جي عظيم فاتح بنجي ويو. هڪ دفعي
”ديوارِ چين“ جو ذڪر نڪتو ته چيائين ته:
”ڪنهن به قلعي جي ديوار جي مضبوطيءَ جي اهميت اِن
ڳاله تي منحصر آهي ته اُن جا پهريدار ڪيتريءَ
دليريءَ سان اُن جو بچاءُ ڪري سگهن ٿا.“
”مائوءَ جو خاڪي جسم“ هڪ وڏي هال
MEMORY HALL
۾ رکيل آهي. اسان جي اُتي پهچڻ کان اڳ ماڻهن جي
هڪ وڏي ڊگهي قطار انتظار ۾ بيٺي هئي. پر، اسان کي
جو سرڪاري غير ملڪي مهمانن جو رتبو مليل هو، سو
پاسي واري دروازي مان ”يادگار هال“ ۾ اندر وٺي
ويا. ڏٺوسون ته مائوءَ جو خاڪي جسم شيشي جي هڪ
شفاف پيتيءَ ۾ سمهاري رکيو اٿن. اسان کي پيتيءَ
کان پنج ڇهه فوٽ پرڀرو آڻي بيهاريائون. ائين ٿي
لڳو، ته مائو گهري ننڊ ۾ آهي.( ۽ هئو به ابدي ننڊ
۾.) مٿي کان پيرن تائين فوجي لباس ۾ هو. ائين ئي
جيئن عام تصويرن ۾ نظر ايندو آهي. قدَ بُتَ جو
پورو پُنو ، پر سندس زبان مان لفظُ ڇا نڪتو، ڄڻ ته
ٿري ناٽ ٿري جي گولي نِڪتي! فولادي انسان هو.
تاريخ جو وهڪرو بدلائي ڇڏيائين.
جڏهن سندس زيارت ڪري موٽياسين، تڏهن اسان لاءِ اهو
فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي پيو، ته چين جي عظمت جو وڏو
نشان ديوارِ چين آهي، يا مائوءَ جي شخصيت؟
چين جي نائب وزيراعظم پنهنجيءَ آفيس ۾ ملاقات ڪئي.
وڏيءَ عمر جو شخص هو. پڇا تي چيائون ته پنجاهه سٺ
ورهين جي عمر وارن کي ڪنهن به اهم منصب تي مقرر
ڪونه ڪندا آهن. چيني چوندا آهن ته دنيا جي سڀ کان
وڏي يونيورسٽي ”آزمودو“ آهي.
There is no short cut to experience
سو، اهم ۽ اعليٰ عهدن تي هميشه آزمدوگار شخص رکندا
آهن.
چيني نائب وزيراعظم جو وڏو رُعب تاب هو. پاڪستان
جي باري ۾ خير سگاليءَ جي جذبي جو اظهار ڪيائين ۽
اسان کان دوري جا تاثرات ورتائين. آخر ۾ چانهن
پياريائين ۽ ڪا صلاح گهريائين. مرزا اديب مون کي
اشارو ڪيو. مون چيو ته،” ڪنهن زماني ۾ فائين ۽
هيون سانگ نالي ٻه چيني سياح اسان جي ملڪ جي دوري
تي آيا هئا. هنن پنهنجي ملڪ ۾ موٽي ”سفر ناما“
لکيا. اُهي هاڻي اسان جي تاريخ جا معتبر حوالا
آهن. جيڪڏهن انهيءَ نموني تي جيڪي چيني اديب اسان
وٽ دوري تي اچن، سي به پنهنجيون يادگيريون لکن، ته
اهو سفر نامو به اڄ کان پنج سئو ورهيه پوءِ هڪ اهم
۽ معتبر حوالو ٿيندو.“
چيني نائب وزيراعظم کي اها ڳالهه وڻي. اُن مهل ئي
پنهنجي هڪ عملدار کي آرڊر ڪيائين. اڳتي هلي، ڪجهه
سالن کان پوءِ پاڪستان سرڪار مون کي ٻيو دفعو
پاڪستاني اديبن جو وفد جو ليڊر ڪري چين موڪليو، ته
پئيچنگ ۾ چيني اديبن مون کي پنهنجي سفر نامي جو
انگريزي ۾ ترجمو تحفي طور پيش ڪيو. نالو هئس
Rivers, Plains and Mountains of Pakistan
.
مون پاڪستان پهچڻ شرط اُنهيءَ سفرنامي جا اردو ۽
سنڌيءَ ۾ ترجما ڪرايا، جيڪي ايڪيڊميءَ آف ليٽرس
ڏاڍي سهڻي انداز سان شايع ڪيا.
پئيچنگ مان پاڪستان روانگي شام جو ٿي. چيني
ميزبانن اسان جي سَفرَ جي سُکَ لاءِ ڪابه ڪسر ڪانه
ڇڏي هئي. کهه لان جي سنگت ته کير ۾ کنڊُ هئي. پر،
وطنُ وطنُ آهي. وطن جهڙو قرار ڪٿي به ڪونه ايندو.
چين جي سفر کي ڪو زمانو ٿيو. پر، مون کي اڃا به
ياد آهي ته جڏهه کهه لان ۽ ٻين چيني دوستن کان
موڪلائي پي آءِ اي جي هوائي جهاز ۾ اچي ويٺاسين،
ته سيٽ تي وهڻ سان اهڙو ته قرار آيو، جو مون کي
اُتي جو اُتي ننڊ وٺي ويئي. اڍائي – ٽن ڪلاڪن جي
لاڳيتيءَ گهريءَ ننڊ کان پوءِ اکيون کوليم. ڪَرَ
ڀڃي، مرزا اديب کي چيم ته،”يار مرزا، ڏاڍي اُڃ لڳي
آهي، ايئرهوسٽيس کي چئه ته ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس ته
ڏئي.“
مرزا
چيو ته،” هوسٽيس ته پاڻ لاءِ هاڻي هاڻي گرم گرم
پيٽيز ۽ نارنگين جي تازيءَ رسُ جا ٻه وڏا ٿڌا گلاس
کڻي آئي هئي، پر تون کونگهرا هڻي رهيو هئي، سو مون
توکي جاڳائڻ مناسب ڪونه سمجهي. پنهنجي توڙي تنهنجي
حصي جون پيٽيز کائي، رس جا ٻيئي گلاس پي ڇڏيم
۽ايئرهوسٽيس جو شڪريو ادا ڪيم.“
مون مرزا صاحب ڏانهن نهاري مشڪيو ۽ کيس چيو
ته،”مرزا، تو مون کان برانڊيءَ جي پِنٽ واپس ڪرائڻ
جو بدلو وٺي ڇڏيو.“
اِهو ٻڌي مرزا کليو.... ٽهڪن مٿان ٽهڪ ڏنائين!
ايتري ۾ ايئر هوسٽيس ٿڌو پاڻي کڻي آئي. مون پاڻي
پي، مرزا صاحب کي چيو ته، ”يار مرزا، ملڪ ته وڏو
ڏٺوسون. منجهس ڏسڻ جهڙيون حيرت انگيز ڳالهيون به
گهڻيون ئي هيون. خبر ناهي ته توکي ڪهڙي ڳالهه گهڻو
متاثر ڪيو؟.“
مرزا جواب ڏنو ته،” ملڪ برابر وڏو ڏٺوسون ۽ گهڻين
ئي ڳالهين ۾ نئون ۽ نيارو هو. پر، مان سڀ کان گهڻو
انهيءَ ڳالهه تي سوچيندو رهيس ته، چيني زالون
پنهنجون ڇاتيون ڪيئن ٿيون لڪائي ڇڏن؟ سوچي سوچي
انهيءَ نتيجي تي پهتس ته شايد باڊيءَ ٻڌڻَ جي
بدران پنهنجي سيني تي ڪپڙي جي ڪا پَٽي اهڙي ته زور
سان ڇڪي ٻڌن ٿيون جو اُهي گم ٿي وڃن ٿيون.“
مرزا جي ڳالهه ٻڌي مون کان کِل نڪري ويئي، چيو
مانس ته،”مرزا صاحب چڱو ڀلا، اهو ٻڌاءِ ته چيني ۽
جپاني ماڻهن جا نڪَ ڪجهه چِپِترا ڇو هوندا آهن؟.“
مرزا کي ڏاڍي بخيلي آئي، چيائين ته،”چڱو، تون
ٻڌاءِ ته تو ڇا ڏٺو ۽ سمجهيو؟.“
مون چيو ته،” مرزا، حضور اڪرم پيغمبر صلي الله
عليه وآله وسلم جن جو ارشاد آهي ته مان اوهان جو
اخلاق مڪمل ڪرڻ (يعني اخلاق سڌارڻ) آيو آهيان.“
ٻئي ڪنهن موقعي تي پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم
ائين به فرمايو اٿن ته:”علم حاصل ڪريو، پوءِ توڙي
کڻي اوهان کي چين ۾ ملي.“....... يار سوچ ته سهي،
ته سندن زماني ۾ عربستان مان اُٺ ۽ گهوڙي تي چين
جو سفر ڪيڏو نه مشڪل هوندو. پر، علم کي پاڻ ايڏي
ته اهميت ڏنائون جو سفر جي سختين کي به نظرانداز
ڪيائون.
مون کي چين ۾ سندن اِهي ٻئي ارشاد وري وري ياد پئي
آيا. جيڪڏهن اسان سچ پچ پنهنجا افعال ارڪانَ
(اخلاقُ) درست ڪريون ۽ چين جي باشندن وانگر
اونهيءَ سوچ ۽ ڏاهپ کان ڪم وٺي، ترقي يافته ملڪن
مان (سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ) جو علم پرايون، ته دنيا
جي قومن ۾ ڪنهن اعليٰ پَدَتَي پهچي سگهون ٿا.“
مرزا منهنجيءَ ڳالهه تي اڃا غور ڪري رهيو هو، ته
جهازَ جي پائلٽ اعلان ڪيو ته،” اسان ٿوري دير ۾
ڪراچيءَ جي هوائي اڏي تي لهڻ وارا آهيون. مسافر،
مهرباني ڪري، پنهنجا سِيٽِ بيلٽ ٻَڌي ويهن.“......
اهو ٻڌي اسان ٻنهي به ڳالهيون ڇڏي، سيٽ بيلٽ ٻڌا.
مون جهاز جي دريءَ مان ٻاهر نهاريو. سومهاڻيءَ جو
وقت هوندو. نگاهه جي حد تائين ڪراچيءَ جي بجلي
بتين جي جهر مر هئي ۽ اُنهيءَ جهرمر جي جهان ۾
اسان جو هوائي جهاز، پئيچنگ کان ڪراچي تائين هزارن
ميلن جو سفر، ڪن ڪلاڪن ۾ پورو ڪري، (جنهن کي سائنس
۽ ٽيڪنالاجيءَ جي علم جو ڪرشمو ئي ڪوٺي سگهجي ٿو)
ڪراچي ايئرپورٽ جي رن وي
Run Way
تي آهستي آهستي لهي رهيو هو، جيئن ڪو وڏو پکي،
پنهنجا پَرَ پکيڙي، آسمان مان، هيٺ زمين تي لهي
رهيو هجي. |