سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2003ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 1/ 2003ع

نفيس احمد ناشاد

گذارش

اديب امن جو علمبردار آهي.

دنيا ۾ ڪابه شيءِ انسانذات لاءِ ايڏي اهم ڪانهي، جيڏو _امن. پهرينءَ مهاڀاري لڙائيءَ دوران، جيڪا انساني رتوڇاڻ ٿي، اوتري شايد دنيا جي اڳوڻين سمورين جنگين ۾ به ڪانه ٿي هوندي. سو، ان ڪري جو اڳئين زماني ۾ عام تباهيءَ جا اوزار ۽ هٿيار ايڏا ڪونه هئا، جيڏا هاڻي آهن،. اُنهن لڙاين دوران جنگي هوائي جهازن، بمن ۽ گولين وسيلي جيڪي به ماڻهو مُئا، سي هڪ طرف، پر آمريڪا، جپان ۾ هيروشيما ۽ ناگا ساڪيءَ جي مٿان فقط ٻه ائٽم بم اُڇلايا، ته جيڪا تباهي آئي، سا ايڏي ته ڀيانڪ هئي، جو جپان بنا ڪنهن شرط جي  اوڏي ئي  مهل آڻ مڃي  ۽ هٿيار ڦٽا ڪيا.

ٻي مهاڀاري لڙائي 1945ع ۾ پوري ٿي هئي، جنهن کي هاني ڀريا پنجاهه ورهيه گذري چڪا آهن. اڌ صديءَ جي انهيءَ عرصي ۾ وڌيڪ خطرناڪ هٿيار هئڊورجن بم، ڪوبالٽ بم ۽ انٽرڪانٽينينٽل ميزائيل ۽ ٻيا مهلڪ هٿيار ايجاد ٿيا آهن، جيڪي ڏورمار آهن.

جنگ جيترا مسئلا حل ڪري ٿي، انهيءَ کان وڌيڪ پيدا ڪري ٿي. افغانستان ۾ جنگ  کانپوءِ هاڻي هر قبائلي سردار پنهنجي علائقي جو پاڻ حڪمران آهي. سردارن جون هڪٻئي سان جنگيون جاري آهن. زناڪاري،نشيدار شين جو واهپو ۽ ٻيا اخلاقي ڏوهه اڳي کان ڏهوڻ تي آهن. خود مغرب ۾ اعتراف ڪيو ويو آهي ته افغانستان ۾ هاڻي هيروئن جي پيداوار گهڻي وڌي ويئي آهي. هيروئن مان وڏي ۾ وڏو خطرو خود مغربي دنيا  کي آهي.

پوپ، جيڪو سڄيءَ دنيا جي عيسائين جو روحاني رهبر آهي، تنهن انديشو ظاهر ڪيو آهي ته عراق جي هلندڙ جنگ ۾ انساني رتوڇاڻ جي ڪري، ڪٿي اسان جي اکين کان پوشيده روحاني قوتون، ڌرتيءَ تي ڪا آفت نه آڻين!

اديب بنيادي طرح سان امن جو علمبردار آهي، اُهو پاڪستان جو هجي يا آمريڪا جو يا انگلستان جو هجي. ليئو ٽالسٽاءِ هجي يا هيمنگوي. اُهو جنگ جي مذمت ڪري ٿو ۽ امن جو آواز بُلند ڪري ٿو.

اسان به عظيم روحاني رهنما پوپ جي حمايت ۾ چئون ٿا ته”انسانذات جو احترام ڪيو وڃي. دنيا کي جنگ جي آڙاهه کان بچايو وڃي.“.... ۽ حڪومت پاڪستان جي انهيءَ موقف جي ڀرپور تائيد ڪريون ٿا، ته عراق جي مسئلي جو حل پرامن طريقي سان تلاش ڪيو وڃي.

ن.ا.ش

آديسي اُٿي ويا…!

ويجهڙائي ۾ سنڌ مان ڪيترائي ناميارا اديب ۽ شاعر هي جهان ڇڏي ويا. پر، سنڌي ادب جي دنيا ۾ سدائين ياد رهندا. سندن علمي ۽ قومي خدمتن، سنڌي ادب کي وڏي هٿي ڏني، جن تي انشاءَالله مهراڻ ۾ تفصيلي احوال شايع ڪيا ويندا.

Ÿ نياز همايوني: حقيقت اها آهي ته نياز همايونيءَ جي وفات سان سنڏ جي قومي شاعريءَ جو هڪ روشن باب پڄاڻيءَ تي پهتو. نياز پنهنجي وطن دوستي ۽ عوامي جاڳرتا واري اٿاهه ۽ اجهل جولان هيٺ جيڪي دل کي ڇُهندڙ عوامي گيت رچيا، تن کي جديد سنڌي ادب ۾ هڪ خاص امرتا حاصل آهي. سندس لوڪ _رنگ شاعريءَ جو نظير موجود ناهي. هڪ منفرد دلاويز ترنم سان پيشڪس سندس ئي حصو هئي.

نياز پنهنجي تصنيف تاليف، ترجمن ۽ تحقيق جي حوالي سان پڻ هڪ وڏي مقام جو مالڪ آهي. فارسيءَ مان ڪيئي اهم ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين ۽ ڪلاسيڪي شاعري مان قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطيف، خواجا محمد زمان ۽ ٻين شاعرن جو منظوم ترجمو ڪيائين. ان طرح هڪ ڄاڻو طبيب جي حيثيت ۾ طب جي موضوع تي به معياري تحقيق ڪيائين.”ڌرتيءَ جا گيت“  ۽ ”ساڻيهه جي ساک“ سندس نمائنده مجموعا آهن ۽ ”نئون هنگلاج“، ”سنڌ جا ميلا“ ۽ ٻيا طويل نظم سندس تخليقي فن جا مثالي شهپارا آهن.

جديد ۽ قومي سنڏي شاعريءَ جو قادرالڪلام ۽ مڃيل معروف شاعر سائين نياز همايوني 3 جنوري 2003ع تي اسان کان جُدا ٿي ويو!

Ÿ جمال رند؛ سائين جمال رند، ايوب خان جي ڏينهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بچاءُ لاءِ هليل تحريڪ ۾ هڪ وڏو نالو آهي. هڪ اديب ۽ محب وطن انسان جي حيثيت ۾ سنڌي ادب ۾ سدائين تابنده رهندو.

”مانيءَ ڳڀو“ ۽ ٻين مشهور ڪهاڻين جي خالق جمال رند کي ناميارن ڪهاڻيڪارن جي صف ۾ نمايان حيثيت حاصل آهي. انطرح جديد سنڌي ادب جي ترقي ۽ قومي تحريڪن ۾ جاڳرتا وارين مثالي ڪوششن ۾ سندس مخلصانه ۽ اڻٿڪ ساٿ سهڪار کي هڪ اهم حيثيت حاصل آهي.

سائين جمال ڪجهه عرصو حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول جو پرنسپال هو ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو چيئرمن به رهيو.رٽائرمينٽ کانپوءِ صحافت سان به وابسته رهيو ۽ روزنامه ”بخت ور“ سنڀاليائين ۽ آخر  ۾ پنهنجو تعليمي ادارو”علي اسڪول“ کوليو هئائين. ڪجهه عرصو سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر به رهيو.

19 نومبر 2002ع تي حيدرآباد ۾ دل جي دوري ڪري هيءُ جهان ڇڏيائين!

Ÿ ابن حيات پنهور: سائين ابن حيات پنهور جي مخلصانه قومي ۽ ادبي خدمتن کي وڏو عرصو ياد رکيو ويندو. سندس زندگيءَ جو وڏو عرصو سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازمت ۾ گذريو. سندس مستحڪم ترقي پسندانه فڪر ۽ قومي تحريڪن ۾ غير متزلل ساٿ، سنڌي ادب ۽ قومي جاڳرتا کي وڏي هٿي ڏني.

ابن حيات ”زن طلاق“ ۽ ٻيون ڪهاڻيون لکيون، جن کي جديد ادب ۾ مڃتا حاصل آهي. ان طرح سندس لکيل ڪيترائي تنقيدي ۽ فڪري اڀياس ۽ هڪ طويل مقالو”سنڌي ادب ۽ اسان جا اديب“ سندس تحريرن ۾ اهم جاءِ والارين ٿا. ”قومي گيت“ سندس وڻندڙ تاليف آهي. اوائلي زماني ۾ ”پرهه ڦٽي“ رسالي وسيلي جديد ادب جي خدمت جي شروعات ڪئي هئائين. ”ون يونٽ“ جي خاتمي واري ادبي تحريڪ دوران سندس مشهور نظم ”سنڌ جا سوداگر....!“کي وڏي مقبوليت حاصل ٿي. سائين ابن حيات پويون وڏو عرصو بيماريءَ ۾ گذاريو ۽ 14 جنوري 2003ع تي سندس وفات جي خبر آئي!

Ÿ ڪريم بخش خالد: سائين ڪريم بخش خالد آخر تائين لکڻ پڙهڻ جي سلسلي سان لاڳيتو واڳيل رهيو.، سندس مضمونن جو تعداد سون کان سرس آهي. سنڌي ادب جو شايد ئي ڪو اهڙو موضوع هجي، جنهن تي خالد صاحب خامه فرسائي نه ڪئي هجي. سندس ڇپيل ڪتابن جو تعداد به درجنن کان وڌيڪ آهي، جنهن جي ابتدا ”سنڌي صحافت“ جي شهرت سان ٿي هئي.

خالد صاحب جي سڄي زندگي انفرميشن کاتي ۾ سروس ڪندي گذري ۽ آخر ۾ ڊئريڪٽر جنرل جي عهدي تان پينشن تي لهڻ کانپوءِ به لکڻ پڙهڻ جي مشغلي کي ساڳي ئي دلچسپي ۽ انهماڪ سان جاري رکيائين. سنڌ جو تصوف ۽ صوفي بزرگ سندس خاص موضوع هئا ۽ ان عنوان تي ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا مرتب ڪيائين. اطلاعات کاتي جو ”پيغام“ رسالو  سندس ذاتي ادبي ذوق شوق جو وڏو غماز آهي. سنڌي ٻوليءَ جو مخلص خدمتگذار ۽ بسيار نويس ڪريم بخش خالد 17 مارچ 2003ع تي ڪراچي ۾ گذاري ويو!

Ÿ ملڪ آگاڻي؛ ”نيروليءَ جو ڪُن“ ناول جو مصنف ۽ ڪيترين ئي وڻندڙ سنڌي ڪهاڻين ۽ مشهور ٽي وي ڊرامن جو خالق ملڪ آگاڻي، هڪ مخلص ادبي خدمتگذار جي حيثيت ۾ سنڌي ادب ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. سنڌ جي وڏيرڪي سماج جي انسان دشمن ۽ ڪُڌين روايتن کي پنهنجي تخليقن ۾ اثرائتي انداز ۾ اپٽار ڪندو رهيو ۽ آخر ۾ بدقسمتي سان پاڻ به اُن جو بهيمانه بکُ ٿي ويو!

لاڙڪاڻي ڀرسان آگاڻي ڳوٺ ۾ هڪ سُڄاڻ ۽ روشن ذهن سماجي ۽ ادبي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ملڪ آگاڻي سماج سُڌار تحريڪن ۾ شروع کان وٺي اڳڀرو رهيو ۽ تخليقي ڪهاڻين وسيلي پنهنجي پَتيءَ جو ڪم خوبيءَ سان نباهيندو رهيو. سائين ملڪ آگاڻي 13 نومبر 2002ع تي رحلت ڪئي!

Ÿ محمد خان مجيدي: اسان جو جهونو ۽ هر دلعزيز شاعر ۽ اديب، سائين محمد خان مجيدي ڳچ وقت کان وٺي بيمار رهيو،سو سندس حالت ضعيف ٿيندي وئي! سنڏ جو وزير ثقافت جناب شبير قائمخاني، سندس مزاج پُرسي لاءِ سندس ڳوٺ ويو ۽ پڻ سندس مالي امداد ڪيائين. اُن کان پوءِ به جيڪي خبرون اينديون رهيون، سي ڏکوئيندڙ هيون ته اسان جي شاعر محمد خان مجيديءَ جي حياتي جي جدول هاڻي سالن، مهينن ۽ هفتن تان لهي اچي ڏينهن تي بيٺي آهي. علم ۽ ادب جي هي شمع اُجهاڻي ڪِي اُجهاڻي!

هر اهل دل شخص، پوءِ اهو اديب ۽ شاعر هجي يا نه هجي، اهو ڏسي ڏکوئجي ٿو ته ڪلهه تائين جيڪي شاعر سنڌ جي چمن ۾ بلبل وانگر چهڪندا هئا، سي اڄ پنهنجن آشيانن ۾ ڪونهن شاهه سائينءَ به شايد اهڙوڪو منظر ڏسي،فرمايو هو:

ڪڻا منجهه قرار، هئا هيڪاندا سنگ سين،

ڳاهي ڳاهه فراق جي، ڪيا ڌارون ڌار،

نه ڄاڻان ٻيهار، ڪير ملندو ڪڏهين؟

Ÿ ڊاڪٽر ائنيمري شِمِل: مشهور جرمن مستشرقه(Orintalist) ڊاڪٽر ائنيمري شمل 27 جنوري 2003ع تي جرمنيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس عمر اسي ورهين کان مٿڀرو هئي.

ڊاڪٽر شمل جي تحقيق ۽ تصنيف جا مکيه موضوع اسلامي علومن سان واسطو رکندا هئا. سندس لکيل ڪتاب ڪيئي درجن آهن. پاڪستان ۾ گهڻن ئي ادارن ۽ شخصيتن سان سندس لڳ لاڳاپا هئا. پر، سنڌي ادبي بورڊ ۽ اقبال ايڪيڊميءَ سان گهرا گهاٽا هئا. سنڏي ادبي بورڊ سنڌ تي سندس مضمون ۽ ليڪچرن جو هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ ڇپيو آهي. نالو اٿس:Pearls From the Indus اهڙي طرح، اقبال ايڪيڊميءَ علامه اقبال تي سندس تحقيقاتي ڪتاب ڇپيا. ڊاڪٽر شمل ٻين پاڪستاني ٻولين ۽ ادبيات تي پڻ ڪتاب لکيا، جيڪي سڀ ڇپيا. انگريزيءَ ۾ هڪ چڱو ضخيم ڪتاب خواجه مير درد ۽ شاهه لطيف تي گڏيل رکيائين: نالو هئس  PAIN AND GRACEسنڌي ادبي بورڊ جي ڪتابن تي اهم يورپي رسالن ۾ تبصرا لکيائين. پير علي محمد راشديءَ جي ڪتاب ” اُهي ڏينهن اُهي شينهن“ تي جرمن زبان ۾ تبصرو ڪيائين. جديد سنڌي ادب مان جمال ابڙي، غلام رباني آگري ۽ ڪروڙ پتيءَ جا افسانا جرمن ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيائين. سڄي عمر مکيه علمي ۽ ادبي ڪم ڄڻ پاڪستان تي ڪيائين. حڪومت پاڪستان سندس ڪم جي قدر شناسي ڪري کيس عاليشان تمغو ڏنو، ۽ پاڪستان جو اسٽيٽ گيسٽ قرار ڏنو ۽ غلام رباني آگري، چيئرمين ايڪيڊمي آف ليٽرس کي ملڪ جا مختلف علائقا گهمائڻ لاءِ سندس سرڪاري ميزبان مقرر ڪيو، جو هن جا ڊاڪٽر شمل سان پراڻا لاڳاپا هئا.

درحقيقت، ڊاڪٽر شمل جا پاڪستان ۾ وڌ ۾ وڌ لاڳاپا پير حسام الدين راشديءَ سان هئا، البت، پنجاب ۾ جسٽس جاويد اقبال سان هئا. ٽي چار سال اڳ، جسٽس جاويد اقبال جي دعوت تي لاهور اچڻي هئي. مسٽر عبدالحميد آخوند سيڪريٽري ثقافت سنڌ کي اها خبر پئي هن مسٽر غلام رباني آگري کي چيو ته ”جيڪڌهن پاڻ وٽ حيدرآباد ۾ به ليڪچر ڏئي ته سٺو.“ رباني صاحب ڊاڪٽر شمل سان جرمنيءَ رابطو قائم ڪيو. هن چيو ته”منهنجو پروگرام ته اڳئي ٺهيل آهي. پر توهان جي چوڻ ڪري مقرر تاريخ کان ٻه ڏينهن اڳ، پاڪستان اينديس ۽ اوهان سان گڏجي حيدرآباد هلنديس.“ هوءِ حيدرآباد آئي ۽ انڊس هوٽل ۾ ٽِڪِي. سانجهيءَ جو، سنڌميوزم ۾ ڪل سنڌ خواتين مشاعري جي مکيه مهمان هئي، جنهن جو اهتمام سنڌي ادبي بورڊ، آخوند صاحب جي مدد سان ڪيو هو. سنڏ جي تاريخ ۾ خواتين شاعرائن جو پهريون مشاعرو هو. ٻئي ڏينهن، پاڻ ڀٽ شاهه ۾ شاهه سائينءَ جي مزار مبارڪ تي حاضري ڏنائين. شام جو سنڌ ميوزم ۾ ليڪچر ڏنائين، جنهن کانپوءِ آخوند صاحب سندس اعزاز ۾ هڪ يادگار محفل موسيقي منعقد ڪئي. ٽئين ڏينهن پاڻ ڪراچيءَ کان لاهور رواني ٿي ويئي.

قدرت جي ڪارخاني ۾ عجيب راز ۽ اسرار آهن. ڊاڪٽر شمل جو سنڌ جو اهو آخرين ديدار هو، انهيءَ ئي موقعي تي سنڏ جي عالمن ۽ اديبن به سندس آخرين ديدار ڪيو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته هن کان پوءِ هوڳءَ هميشه لاءِ سنڌ کان جدا ٿي ويندي!

سنڌ تي ٽن جرمن عالمن گهڻي ۾ گهڻو تحقيقي ادبي ڪم ڪيو آهي، هڪ ارنيسٽ ٽرمپ، جنهن شاهه سائينءَ جو رسالو سڀ کان اول جرمنيءَ مان ڇپايو. ٻيو مڌر ايلسا قاضي، جا علامه قاضيءَ جي اهليه هئي ۽ شاهه جي چونڊ ڪلام جو انگريزيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو هئائين. ٽين ڊاڪٽر ائنيمري شمل، جيڪا هاڻي سنڌ کان جُدا ٿي ويئي!

اديب ۽ شاعر عام معنيٰ ۾ مرندا ڪونه آهن، ادبي نقاد لکندا آهن ته ”شيڪسپيئر چوي ٿو.“ ائين ڪونه لکندا آهن ته ”شيڪسپيئر چيو هو.“ انهيءَ اصول موجب، ڊاڪٽر شمل قدرت جي اڻٽر قانون موجب ته برابر اسان کان جدا ٿي ويئي آهي. پر، هوءَ اسان جي دلين ۾ هميشه زنده رهندي. سنڌ جي ايندڙ نسلن لاءِ ته هوءَ مصر جي احرامن وانگر عظمتِ پراسرار جو هڪ يادگار رهندي.

Ÿ ڊاڪٽر محمد حميد الله: 17 ڊسمبر 2002ع اسلامي تاريخ جي ورقن ۾ هڪ وڏي ڏک وارو ڏينهن ليکيو ويندو، جو اسلامي دنيا جو هاڪاري محقق، ڊاڪٽر حميد الله، آمريڪا ۾ هڪ طويل بيماريءَ ۽ سرجيڪل آپريشن کان سال ٻه پوءِ وفات ڪئي. سندس ڄمار نوي ورهيه کان مٿي هئي.

اسلامي دنيا ۾ سندس وفات جي ڪري وڏو ڌڌڪو آهي، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اخبارن ڏاڍي ڏک جا ڪالم شايع ڪيا ۽ مضمون ڇاپيا. محققن تعزيتي گڏجاڻيون ڪيون.

ڊاڪٽر حميد الله هونئن ته گهڻن اسلامي علومن جو ماهر هو، پر حضور پيغمبر ﷺ جن جي حياتي مبارڪ تي سندس لفظ سَنَد جي حيثيت رکندو هو.

هن اڄ کان چاليهه ورهيه اڳ، حيدرآباد دکن مان”محمد رسول الله“(ﷺ) نالي انگريزي ڪتاب ڇپايو هو. تڏهن کان وٺي اسلامي دنيا ۾ سندس هاڪ پکڙجي وئي. ستت، هو پنهنجو وطن حيدرآباد ڇڏي، فرانس هليو ويو. جتي زندگيءَ جا آخري چاليهه سال پئرس ۾ گذاريائين. اسلامي علومن ۾ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ورتل هئس. ”سوريبون“ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيندو هو. ڪافي عيسائي ۽ يهودي سندس علم ۽ شخصيت کان متاثر ٿي، مسلمان ٿيا. فقير – منش ماڻهو هو. دين سان محبت هئس. دنيا ڏانهن رغبت ڪانه هئس. هڪ دفعي پاڪستان جي صدر کيس ڪنهن علمي ڪم جي اعتراف ۾ ڏهن لکن رپين جو نذرانو پيش ڪيو. پر، هڪ هٿ سان رقم وٺي ٻئي هٿ سان اُتي جو اُتي هڪ مدرسي جي منتظم کي غريب شاگردن لاءِ ڏئي ڇڏيائين.

پئرس ۾ سندس جاءِ کي ٽيٽيهه ڏاڪا هوندا هئا، جي وري وري لهندو چڙهندو هو. جنهن فلئٽ ۾ رهندو هو، اُنهيءَ ۾ فرنيچر ڪو نالي ماتر هوندو هو. پاڻ ڪاٺ جي صندل تي سمهندو هو. ڪپڙن جا فقط ٻه جوڙا رکندو هو. پاجامو ۽ قميص، مٿان شرواني، مٿي تي ٽوپي ۽ پيرن ۾ سادو بوٽ، کائيندو ڪل ايترو هو، جو هڏن جي مُٺ لڳندو هو.

زندگيءَ جي پوين سالن ۾ حضور پيغمبر ﷺ جن جي حياتيءَ تي فرينچ ٻوليءَ ۾ هڪ جامع ڪتاب لکيائين، جو سندس سڄيءَ عمر جي تحقيق جو تَتُ هو. مارشس م انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ پوءِ پاڪستان ۾ ڇپجڻ آيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسيلر، ڊاڪٽر رضي الدين صديقي ڪم جو منتظم مقرر ٿيو، جنهن مسودو اسلامڪ انٽرنيشنل يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر محمود غازي، ڊئريڪٽر جنرل کي نظر ثاني لاءِ ڏنو. هن پنهنجو ڪم پورو ڪري واپس ڪيو. پوءِ اهو مسودو ڪاڏي ويو، تنهن جي خبر ڪانهي. غلام رباني اگري صاحب جي ڊاڪٽر حميد الله سان خط و ڪتابت هئي، سو هن ڌيڻس کي آمريڪا ۾ خط لکيو، جنهن کيس ورندي ڏني ته ”بابا سائين هاڻي ايڏو ته ڪمزور ٿي ويو آهي جو جواب ڏيڻ کان معزور آهي، دعا ڪريوس.“ حڪيم محمد سعيد جا به ڊاڪٽر حميد الله سان گهرا لڳ لاڳاپا هئا، هن به سنڌي ادبي بورڊ کي اطلاع ڏنو ته”مون کي به آمريڪا مان اهوئي جواب مليو آهي، جو اوهان کي مليو آهي.“

جيڪڏهن ڊاڪٽر حميد الله جو هيءُ ڪتاب هيٺ مٿي ٿي ويو، ته اهو اسلامي دنيا جو وڏو علمي نقصان ٿيندو. خدا ڪندو ته ائين ڪونه ٿيندو. ڊاڪٽر حميد الله هن ڪتاب تي تمام گهڻي محنت ڪئي هئي. بدر، احد، حنين ۽ ٻين سمورين هنڌن تي جنگ جي ميدانن ۾ پيرين پيادو آرپار سفر ڪيو هئائين ته خبر پوي، ته حضور پيغمبر ﷺ جن  اُنهن جنگي ميدانن کي پار ڪندي، ڪيئن محسوس ڪيو هوندو؟

اسلامي دنيا وڏا وڏا اڪابر پيدا ڪيا آهن ۽ اُنهن تي بجا طور فخر ڪندي رهندي، پر، ڊاڪٽر حميد الله هڪ اهڙو باڪمال عالم هو، جهڙو شال وري اچي!

شيڪسپيئر پنهنجي ڊرامي”جوليس سيزر“ ۾ هڪ منظر چٽيو آهي. مارڪ اينٽوني، سيزر جو لاش ڪلهن تي کڻي سينٽ جي ٻاهران هڪ آبديده هجوم جي اڳيان دل کي ڇهندڙ لفظن ۾ تقرير ڪري ٿو. جڏهن هي اکر چوي ٿو ته ماڻهن جا هيانءَ ڦسي پون ٿا ۽ هو سڏڪا ڀرڻ لڳن ٿا. اينٽوني سيزر جي ثنا ڪندي چوي ٿو؟

Whence comes such again?

   ڊاڪٽر حميد الله جي عظمت تي به اهي اکر، حرف به حرف صحيح ۽ صادق آهن، جديد دور جو تاريخ نويس کيس سڪ سان ياد ڪري، شايد، پنهنجي ڪتاب ۾ حسرت سان ائين ئي لکندو:

Whence comes such again

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com