تنوير جوڻيجو
سنڌ ۾ سما حڪمرانن جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو
جائزو
تعارف:
”سما“ اصل ۾ ڪير هئا، ڪٿان جا رهواسي هئا، اُن
لاءِ تاريخدانن ۾ اختلاف رهيو آهي.ڪن مورخن جي
راءِ آهي ته ”سما“ عربن سان تعلق رکندڙ قوم آهي.
جڏهن ته ڪجهه تاريخدانن جي راءِ موجب ”سما“ سنڌ جا
قديم باشندا آهن. راجپوتن جي چندرونسي ڪُل سان
تعلق رکندڙ آهن ۽ سندن نسب جو سلسلو راجا ڪرشن
تائين پهچي ٿو. دوارڪا جي راجا ڪرشن جي ستين راڻي
”جامبوتي“ جي وڏي پٽ”سامبا“ سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪپن
تي زابلستان تائين هڪڙي حڪومت جو پايو وڌو، جنهن
جو تختگاهه ”سمبانگر“ ساموئيءَ وٽ هو. اها حڪومت
”سنڌ سما“ ڪوٺبي هئي. ”سامبل“ هن خاندان جو راجا
هو، جنهن سڪندر اعظم سان جنگ جوٽي هئي. ”جامبوتي“
جي بطن مان هئڻ ڪري سندن لقب ”ڄام“ هو.(مولائي
شيدائي، ص 42)
سمن جو تعلق ڪهڙي علائقي سان رهيو، اُن لاءِ ڊاڪٽر
بلوچ صاحب جي راءِ آهي ته ”سمن جا مکيه قبيلا
آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌ جي وچولي واري ايراضيءَ ۾
رهندڙ هئا. اٺين صدي عيسوي جي شروعات ۾ محمد بن
قاسم جي فتح وقت ”ساونده سمه“ يعني سنب هي ساوڙي
موجوده سن ساموڙي واري ايراضي، جا نوابشاهه تعلقي
۾ آهي، سمن جو مکيه مرڪز رهي. مذهبي حوالي سان
سمجهيو وڃي ٿو ته سما بنيادي طور هندو هئا ۽ محمد
بن قاسم جي سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ هنن اسلام قبول ڪيو
۽ چيو وڃي ٿو ته سما ۽ چنا پهريان قبيلا هئا جن
اسلام قبول ڪيو هو.“ (م ش، ص 342)
سما حڪومت جو آغاز
بنيادي طور سما هڪ مالدار ۽ طاقتور قبيلو هو. سندن
طاقت جو عروج چوڏهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري عروج
تي پهتو. ”ڄام اُنڙ“، جنهن لاءِ سمجهيو وڃي ٿو ته
يقيني طور سمن جي انڙ برادري جو سردار هوندو،
انهيءَ جي برادريءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج مکيه قبيلا –
انڙ، ڏاهري، ساند، ساريا ۽ ڪيريا شامل هوندا. (ب
155)
ابن بطوطه جي سفر نامي جي حوالي سان اُن وقت سيوهڻ
۾ سردار اُنڙ ۽ امير قيصر رهندا هئا، جيڪي سلطان
جا تابعدار هئا ۽ اُنهن وٽ اٽڪل ارڙهن سو سوار هئا
۽ اُنهيءَ دور ۾ اُتي ”رتن“ نالي هڪڙو هندو رهندو
هو، جيڪو لکپڙهه ۽ حساب ۾ ماهر هو. دهليءَ جي
حڪمران سلطان محمد شاهه تغلق کيس ”سنڌ سردار“ جو
لقب ڏيئي سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ آسپاس وارا
علائقا به جاگير طور ڏنا. سردار اُنڙ ۽ امير قيصر
کي سندن اطاعت ڪرڻ مشڪل لڳي ۽ اُنهن ملڪ رتن خلاف
بغاوت ڪئي.ملڪ رتن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ ڄام انڙ
مال ملڪيت ۽ راڄ امير قيصر جي حوالي ڪري پنهنجي
قبيلي ڏانهن واپس وريو.(ابن بطوطه 10)
ايم ايڇ پنهور جي راءِ موجب اهو دور 34-1333ع وارو
هو. ( پ 291) انهيءَ دوران سومرن سان سندن جهڙپون
هلنديون رهيون، ۽ آخر سندن پٽ ”ڄام بابيني“ سومرا
حڪومت جي همير پٽ دودي سومري کي شڪست ڏني. ڪن
تاريخدانن جي راءِ موجب همير کي قتل ڪري سنڌ تي
قبضو ڪيو ويو. ( ش 346) جڏهن ته پنهور صاحب جي
راءِ ۾ همير سومري سنڌ مان ڀڄي جند ڇڏائي. اهو دور
1351ع وارو هو.
اهڙيءَ طرح سمن سنڌ ۾ پنهنجي خودمختيار حڪومت قائم
ڪئي، ۽ بلوچ صاحب سمن جي حڪومت جو سال 1350ع قرار
ڏئي ٿو.( ب 154)
سمن جي اوائلي تختگاهه ”سما نگر“ هو، جيڪو
ساموئيءَ کان ٽي ميل اُتر طرف هو. هي سنڌ جو قديم
شهر هو، جو ڪيترائي ڀيرا آباد ٿيو ۽ اُجڙيو ۽ اُن
جا آثار مڪليءَ کان اتر اولهه طرف دڙي جي صورت ۾
نظر اچن ٿا. (ش 343) مرزا قليچ بيگ ساموئي بابت
ٻڌائي ٿو ته سومرن جو وڏو شهر ”محمد طور“ سومرن
سان گڏ تباهه ٿيو ۽ سمن جي حڪمرانيءَ کان پوءِ سمن
انهيءَ ماڳ ۽ ان جي آس پاس ڪي نوان شهر اڏيا، جن
مان مکيه ”ساموئي“ هو. اهو درڪ جو پرڳڻو سڏبو هو.
ڪن مورخن جي راءِ ۾ اهو شهر ڄام انڙ جي پيءَ
بابيني جو ٺهرايل هو ۽ ڄام اُنڙ ان جي واڌ ويجهه
ڪئي ۽ 1350ع ۾ گاديءَ تي ويٺو.(قليچ 341)
پر سما دور جي مشهور حاڪم ڄام نظام الدين نندي
پنهنجي گاديءَ لاءِ ٺٽي جي چونڊ ڪئي. اِهو شهر
نئين سر ٻڌو ويو. 1490ع ۾ هي شهر آباد ڪيو ويو.
ڄام نندي جي دور حڪومت ۾ هن شهر ۾ ڪيتريون مسجدون
۽ مدرسا قائم ٿيا ۽ علم ادب جا مرڪز مقرر ٿيا.
(قليچ 325)
سما دور ۽ ڪڇ
ڪڇ ۾ سنڌي قبيلا ڪڏهن کان آباد ٿيا، اُن لاءِ مورخ
ڪنهن هڪ ڳالهه تي متفق ناهن، چيو وڃي ٿو ته عربن
جي دور ۾ ڪڇ سنڌ جي صوبي سان شامل ٿي. سومرن جي
دور ۾ اِهي اڃا به پختا ٿيا ۽ اُنهيءَ دور ۾ سنڌي
قبيلن خاص طرح ”سمن“ ڪڇ کي آباد ڪيو ۽ سندن آبادي
قبيلن جي صورت ۾ ”سنڌ سما“ ۽ ”جاڙيجا سما“ جي نالن
سان سموري ڪڇ تي ڇانئجي وئي. ايتريقدر جو سمن جي
عروج سبب اهي قبيلا ڪاٺياواڙ ۽ گجرات تائين پکڙجي
ويا. ان کانسواءِ سمن جي دور ۾ سنڌ ۽ گجرات جي وچ
۾ خاص سياسي تعلق قائم ٿيو، جيڪو سمن جي آخري دور
تائين هليو. سنڌ ۽ گجرات جي حاڪمن دهليءَ جي
بادشاهن کان آزاد ٿي خودمختيار حڪومتون قائم ڪرڻ
جي پڻ ڪوشش ڪئي، جنهن ڪري انهن جا دوستاڻا رستا
جڙيا ۽ سمي ڄام تغلق جي حڪمرانيءَ ۾ اهي سياسي
ناتا وڌيڪ مضبوط ٿي رشتيداري جي صورت ۾ جڙيا ۽
سڱابنديءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيا.(بلوچ 158)
سمن جي حڪومت جي ترتيب:
1-
ڄام انڙ 1333-1352ع
2-
ڄام جوڻو 1352-1368ع
3-
ڄام بابينو 1352-1368ع
4-
ڄام تماچي 1368-1371ع(پهريون
ڀيرو)
5-
ڄام توڳاچي 1368-1370ع
6-
ڄام جوڻو 1389-1391ع(ٻيو ڀيرو)
7-
ڄام تماچي 1389-1392ع(ٻيو ڀيرو)
8-
صلاح الدين بن تماچي 1392-5/1404ع
9-
ڄام نظام الدين 5/1404ع-7/1406ع
10-
ڄام علي شير 8/1404ع- 13/1412ع
11-
ڄام ڪرن 13/1412ع
12-
ڄام سڪندر (اول) 13/1412ع
13-
ڄام فتح خان 13/1412-1428ع
14-
ڄام تغلق 1428-1453ع
15-
ڄام مبارڪ 1453ع
16-
ڄام سڪندر (ثاني) 1453-1455ع
17-
ڄام رائودان/راءِ ڏنو 1454-1461ع
18-
ڄام سنجر 1461-70/1469ع
19-
ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو 1470- 1517ع
20-
ڄام فيروز 1517-1528ع
1- فيروز الدين ڄام انڙ اول(1351-1352ع)
ڄام اُنڙ، همير بن دودي سومري کي شڪست ڏيئي، فيروز
ملڪ جي لقب سان سنڌ تي حڪمران مقرر ٿيو. سندس
حڪومت دوران دهليءَ جي حاڪم محمد تغلق خلاف بغاوت
ڪندڙ طغي ٺٽي ۾ وٽس اچي پناهه ورتي. جنهن ڪري محمد
تغلق ٺٽي تي چڙهائي ڪئي، پر اڃا چوڏهن ڪوهه پري هو
ته فوت ٿي ويو. (راشدي 103) جڏهن ته پنهور جي راءِ
موجب طغي سومرن وٽ پناهه ورتي . جڏهن ته گجرات ۾
جاڙيجا سمن سندس ساٿ ڏنو. (پنهور 300) ڄام انڙ جي
موت جي حوالي سان مولائي شيدائي لکي ٿو ته هڪ
ڀيري ڪن فسادين اچي وڳوڙ ڪيو، جن کي سيکت ڏيڻ لاءِ
ڄام انڙ پنهنجي ڀائٽي ڪاههه بن تماچي کي موڪليو ۽
ڪاههه انهن فسادين وٽ قيد ٿي ويو، جنهن جي خبرگيري
ڄام انڙ ڪانه لڌي. قيد مان آزاد ٿيڻ بعد ڪاهه بکر
مان علي شاهه ۽ ملڪ فيروز ترڪ کي ساڻ ڪري ڄام انڙ
تي حملو ڪيو، جنهن ۾ ڄام انڙ قتل ٿي ويو ۽ ٻي راءِ
موجب جيئن ڄام انڙ انهيءَ بغاوت کي منهن ڏيڻ لاءِ
لشڪر وٺي آيو پئي ته رستي ۾ فوت ٿي ويو. (شيدائي
347)
صدرالدين ڄام بابينو(ثاني) (دور حڪومت 1352-1368ع)
پيءُ جي وفات کانپوءِ ڄام بابيني پنهنجي چاچي
علاءُ الدين ڄام
جوڻي سان گڏجي سنڌ تي حڪومت ڪئي. بابينو
وطن دوست حڪمران هو ۽ سنڌ تي ٻاهرين مداخلت جو سخت
مخالف هو. بابيني مغلن جي مدد سان گجرات ۽ پنجاب
تي ڪيترائي حملا ڪيا، ايتري قدر جو ملتان جي گورنر
عين الملڪ ماهروءَ فيروزالدين تغلق کي درخواست ڪئي
ته ”همير دودو اوهان جي شفقت جو پروردو آهي، فسادي
۽ باغي بابيني کي ختم ڪرڻ لاءِ کيس مقرر ڪيو وڃي.
بابينو هڪ دفعي مغلن جي هجوم ساڻ ڪري پنجاب جي
علائقي ۾ ڦرلٽ ڪرڻ آيو هو.“ راشدي 147) فيروز شاهه
تغلق سنڌ کي قبضي ۾ آڻڻ جو سخت خواهان هو ۽ انهيءَ
لاءِ عين الملڪ ماهروءَ کي خط لکيائين ته هي فيروز
شاهه جو فرمان آهي، جنهن جي ذريعي هن پنهنجي پٽ
ناصر الدين فتح خان کي سنڌ جو ملڪ سپرد ڪندي، سنڌ
جي باشندن کي اطاعت جي هدايت ڪئي آهي.“(راشدي 137)
ڄام بابينو نوجوان ۽ همت وارو هو، انهيءَ اطاعت
قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، نتيجي ۾ فيروز شاهه تغلق
سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جو منصوبو سٽيو. 1365ع ڌاري تمام
گهڻي لشڪر سان سنڌ تي حملو ڪيو ويو، جتي ڄام
بابيني ۽ ڄام جوڻي جي فوجن سندس مردانه وار مقابلو
ڪيو. نتيجي ۾ فيروز شاهه شڪت کائي گجرات ڏانهن
روانو ٿيو. (314) ۽ هڪ ڀيرو وري وڏي ساز سامان سان
سنڌ تي حملو ڪيو. ڪافي جاني ۽ مالي نقصان کان پوءِ
سنڌ کي فتح ڪري نه سگهيو ۽ پوءِ لاچار ٿي، فيروز
شاهه مخدوم جهانيان کي اُچ مان گهرايو. هن بزرگ
سڌو اچي شاهي لشڪر گاهه ۾ مصلو وڇايو ۽ سنڌي لشڪر
کي زير ڪرڻ لاءِ دعائون گهريون ۽ عبادتون ڪيون. ان
حوالي سان ڄڻ هڪ معجزو رونما ٿيو ۽ سنڌ جي لشڪر
حالتن جي نزاڪتن تحت، فيروز شاهه تغلق سان ٺاهه
ڪيو ۽ انهيءَ ٺاهه ۾ مخدوم جهانيان اهم ڪردار ادا
ڪيو. (راشدي135) انهيءَ ٺاهه ۾ سمن سردارن کي ڪجهه
شرط پڻ قبول ڪرڻا پيا. ڄام جوڻي وقت ۽ حالتن
پٽاندڙ اهي شرط قبول ڪيا ته جيئن وڌيڪ خون خرابو
نه ٿئي. سنڌ دهليءَ جي شهنشاهن کي ساليانو خراج
ادا ڪندي. ڄام بابينو ۽ ڄام جوڻو، فيروز شاهه تغلق
سان دهلي گڏ هلندا ۽ هت سنڌ ۾ سندن پونير حڪومت
ڪندا. ( پ 315) 1368ع ۾ ڄام بابينو ۽ ڄام جوڻو
فيروز شاهه تغلق سان دهلي روانا ٿيا ۽ سنڌ ۾ سندن
پونير ڄام تماچي بن ڄام انڙ ۽ ڄام توڳاچي بن ڄام
جوڻو حڪمران ٿيا.
رڪن الدين ڄام تماچي بن فيروز الدين ڄام انڙ(دور حڪومت
1368-1370ع ۽ 1389-1392ع)
ڄام تماچي ستت ئي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو.
سنڌين کي جيئن ته سڌيءَ ريت زير ڪرڻ ممڪن نه هو،
اُن ڪري هڪ ڀيرو وري فيروز شاهه تغلق مخدوم
جهانيان جلال الدين بخاريءَ کان مدد گهري، جيڪو
اُن وقت دهليءَ ۾ شاهي مهمان هو ۽ دهليءَ جي
بادشاهت سان سندس دوستيءَ جا گهرا ۽ گهاٽا تعلق
هئا. هن ڀيري به مخدوم جهانيان وچ ۾ پيو ۽ سنڌي
نيڪ دل نيڪ نيت پير فقير کي بي انتها مڃيندڙ آهن،
تن مخدوم کي مان ڏنو. چنانچه مخدوم ٺٽي پهچي
نامعلوم عهد پيمان تي، ڄام تماچيءَ کي ساڻ ڪري
دهليءَ روانو ٿيو ۽ ڄام جوڻو، جنهن کي جلال الدين
بخاري پاڻ سان گڏ آندو، سو هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جو
حاڪم بڻيو.(راشدي 135) ۽ 87/1383-1371ع تائين
حڪومت ڪئي(پ 312) 1388ع ڌاري سلطان فيروز الدين
شاهه تغلق گذاري ويو ۽ کانئنس پوءِ سندس پوٽو غياث
الدين بن فتح خان تخت تي ويٺو، جنهن ڄام بابيني،
ڄام تماچي ۽ سندس پٽ ڄام صلاح الدين (جيڪو پڻ پيءُ
سان گڏ دهلي ۾ يرغمال هو) کي آزاد ڪيو. رستي تي
ڄام بابيني وفات ڪئي ۽ 1389ع ڌاري ڄام جوڻو به
لاڏاڻو ڪري ويو ۽ سنڌ ۾ رڪن الدين ڄام تماچي
1389-1392ع ڌاران حڪومت ڪئي(پ338)
سلطان صلاح الدين ڄام انڙ(ثاني) بن ڄام تماچي(دور حڪوت
1392-5/1404ع)
ڄام صلاح الدين بن ڄام تماچيءَ جي وفات کان پوءِ
سندس پٽ ڄام نظام الدين (اول) سنڌ جي تخت تي ويٺو
۽ پنهنجي قيد ٿيل چاچن، ڄام سڪندر، ڄام ڪرن، ڄام
بهاءُ الدين ۽ ڄام عامر کي آزاد ڪيائين ۽ نيڪ
نيتيءَ سان حڪومت ڪرڻ لڳو. پر سندس چاچن سندس خلاف
بغاوت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هي گجرات ڏانهن ڀڳو،
پر رستي ۾ وفات ڪري ويو. سندس حڪومت لڳ ڀڳ ٻه سال
۽ ڪجهه مهينا هلي.(پ341)
ڄام علي شير بن ڄام تماچي(دور حڪومت 1406-13/1412ع)
ڄام علي شير بن تماچي، جنهن کي ڪجهه موءرخ سلطان
نظام الدين جو پٽ قرار ڏين ٿا، پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب
جي راءِ ۾ سلطان صلاح الدين جو ڀاءُ هو، ۽ ڄام
تماچيءَ جو پٽ هو. (پ342) هن سنڌ تي ست سال حڪومت
ڪئي. موءرخن جي راءِ آهي ته کيس قتل ڪيو ويو. هي
هڪ بهادر سپاهي هو، هن کي ماريندڙن ۾ سندس مائٽ
امير ڪرن، سڪندر ۽ فتح خان شامل هئا. سندس وفات
کان پوءِ امير ڄام ڪرن کي تخت تي ويهاريو،
ڄام ڪرن بن خير الدين ڄام توڳاچي بن ڄام جوڻو اول(دور حڪومت
13/1412ع)
ڪجهه تاريخدان ڄام ڪرن کي سڪندر، بهاوءالدين ۽
عامر جو ڀاءُ تصور ڪن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته ڄام ڪرن
پنهنجي ڀائرن جي ڪوششن سان حاڪم ٿيو، پر ٻين اميرن
کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ انهن جيئن مجلس مان اٿي محل
۾ وڃي رهيو هو ته کيس قتل ڪرائي ڇڏيو. هن فقط اٺ
پهر حڪومت ڪئي. (پ343)
انهي گروهه جو سربراهه فتح خان هو، جيڪو ڪرن جي
ڀاءُ ڄام صدر الدين کانپوءِ سنڌ جو حاڪم
بڻيو.(پ343)
صدرالدين ڄام سڪندر بن خير الدين ڄام توڳاچي(دور حڪوت 31/1412ع)
بهاولپور مان لڌل سرائڪي زبان جي هڪ ڪتبي مان لڳي
ٿو ته هن اٺ مهينا يا سال کن حڪومت ڪئي.
ڄام فتح خان بن صدر الدين ڄام سڪندر(دور حڪومت 31/1412-1428ع)
سنڌ جي مختلف قبيلن جي سردارن هن جو نالو تجويز
ڪيو. هن جي دور حڪومت ۾ امير تيمور هندستان تي
ڪاهي آيو ۽ ملڪ کي ڦريو. سندس پوٽي مرزا پير محمد
اُچ ۽ ملتان جا قلعا فتح ڪيا. بکر جي بزرگ ابو
الغيث جي سفارش تي سنڌ مغلن جي حملن کان بچي ويئي
۽ امير تيمور سمرقند ڏانهن موٽي ويو. فتح خان
پندرهن ورهيه ڪاميابيءَ سان حڪومت ڪئي ۽ پنهنجي
وفات کان ٽي ڏينهن اڳ پنهنجي ڀاءُ ڄام تغلق کي
جاءِ نشين مقرر ڪري ويو. (شيدائي 353)
ڄام تغلق ڄام جوڻو ثاني بن صدر الدين ڄام سڪندر(دور حڪومت
1428-1453ع)
پنهنجي ڀاءُ ڄام فتح خان جي وفات کان پوءِ ڄام
تغلق سنڌ جو حاڪم بڻيو، هي شڪار جو بيحد شوقين هو.
بکر ۽ سيوهڻ جون واڳون پنهنجن ڀائرن جي هٿ ۾
ڏنيون. جيئن ته امير تيمور جي هندستان ۾ اچڻ سبب
اُهو طوائف الملوڪيءَ جو دور هو،سمن جي حڪومت جون
حدون اُٻاوڙي تائين هيون. ڄام تغلق جي دور ۾ بکر
جي بلوچن بغاوت ڪئي. پر ڄام بکر ۽ سيوهڻ ۾ انتظام
رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هن ڪلان ڪوٽ تي تغلق آباد
نالو رکي، قلعي اڏائڻ جو ڪم شروع ڪرايو، جو سندس
ڏينهن ۾ اڻ پورو رهجي ويو. مڪران جهالا وان ۽
ڪڇيءَ جا سردار، سومرن جي سرداريءَ هيٺ هئا، جن
بعد ۾ سمن جي سرداري قبولي. جهالاوان ۾ مير عمير
ميرواڙي براهوي سمن خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو.
خاران جي نوشيرواني مَلڪن به مير عمر جو طرف ورتو
۽ سمن شڪست کاڌي(شيدائي 354) ملڪي صورتحال جي پيش
نظر سياسي مضبوطيءَ لاءِ ڄام تغلق پنهنجين ٻن
نياڻين جي سڱابندي گجرات جي حاڪمن سان ڪئي ته جيئن
ملڪ ۾ اندرين بغاوت ۽ دهليءَ وارن جي ڪاهن کي منهن
ڏئي سگهجي.
ڄام مبارڪ(دور حڪومت 1453ع)
ڄام تغلق کان پوءِ ڄامن جي هڪ مائٽ ۽ وزير سنڌ جي
حڪومت تي قبضو ڪيو، پر سندس راڄ رڳو ٽي ڏينهن
هليو، جو سمن سردارن کيس لوڌي ڪڍيو ۽ پوءِ سڀني جي
صلاح مصلحت سان سڪندر ثانيءَ کي تخت تي ويهاريو
ويو.
ڄام سڪندر(ثاني) ڄام انڙ(ثاني) بن فتح خان (دور حڪومت
1453-1455ع)
ڪن تاريخدانن جي راءِ موجب ڄام سڪندر ثاني ڄام
تغلق جو پٽ هو. سندس ڏينهن ۾ سيوهڻ ۽ بکر جي
صوبيدارن بغاوت ڪئي. هو جيئن لشڪر وٺي بکر ڏانهن
روانو ٿيو،سندس هڪڙو عزيز مبارڪ خان پاڻ کي حاڪم
سڏائڻ لڳو. مگر سمن سردارن کيس ٽن ڏينهن ۾ ڀڄائي
ڪڍيو ۽ ڄام سڪندر پنهنجن نائبن سان ڳالهيون ڪري
ساموئي موٽيو ۽ ڏيڍ سال يا لڳ ڀڳ ارڙهن مهينا
حڪومت ڪيائين.(شيدائي 355)
ڄام رائدان بن سلطان صلاح الدين(دور حڪومت 54/1453ع-1461ع)
پنهنجي ذاتي خصلتن ۽ عدل انصاف وارين خوبين جي ڪري
سنڌ
جي سمن يڪراءِ ٿي کيس حڪومت ڏني. سمنڊ کان
وٺي اُٻاوڙي جي ڪاجريلي ۽ ڪنڊيلي ڳوٺن تائين سندس
قبضو رهيو. هن نَوَ ورهيه حڪومت هلائي.(شيدائي
355)هي ڪڇ ۾ رهندو هو. سڪندر ثانيءَ جي وفات کان
پوءِ لشڪر سوڌو سنڌ آيو. ڏيڍ سال دوران هن پنهنجي
حڪومت ماٿيلي، اٻاوڙي ۽ گجريلي تائين وڌائي ۽ ساڍا
اٺ سال حڪومت ڪئي. سندس هڪ دوست ڄام سنجر کيس زهر
ڏئي ماريو.(پ 352)
ڄام سنجر(دور حڪومت 1461ع -70/1469ع)
سندس ڏينهن ۾ گجرات تمام گهڻي ترقي ڪئي. سلطان
مظفر جي پوٽي زين العباد ”احمد آباد“ جو شهر
ٻڌايو. گجرات جي طاقت جي پيش نظر سنڌ جي سمن،
سومرن، سوڍن ۽ بلوچن کي ٿر، ڪڇ ۽ جوڌپور جي سرحدن
تي مقرر ڪيو ۽ اُنهن جوڌپور تي به حملو ڪيو ۽ راجا
جوڌي راٺوڙ جي پٽ کي شڪست ڏني.(352)
تاريخدان هن نقطي تي به متضاد ڳالهيون بيان ڪن
ٿا. ڪن جي راءِ موجب صدرالدين ڄام سنجر، ڄام راندن
يا راءِ ڏنو هڪ ئي شخصيت جا نالا آهن، جڏهن ته ڪن
مورخن جي راءِ ۾ راندن يا راءِ ڏنو ۽ سنجر ٻه جدا
جدا شخصيتون آهن.
ڄام راندان کان پوءِ ڄام سنجر گاديءَ تي ويٺو، جو
نهايت خوبصورت جوان هو. هڪڙو الله لوڪ درويش سندس
حسن تي مفتون هو، تنهن جي دعا سان هيءُ بادشاهه
ٿيو. اٺ ورهيه حڪومت ڪيائين ۽ سلطان محمود بيگڙي
سان مائٽي ڳنڍيائين. ڄام سنجر جي دور ۾ بکر جو
قاضي فيصلا ڪرڻ وقت رشوت وٺندو هو، ڄام سنجر رشوت
ختم ڪرڻ لاءِ سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌايون ۽
پوءِ ڀڄي گجرات ويو.
ڄام سنجر پنهنجي ڌيءَ جو سڱ 1518ع ۾ سلطان مظفر
ثانيءَ کي ڏنو. (پ353)
ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو بن صدرالدين بن صلاح الدين(دور
حڪومت 1447-1517ع)
تاريخدان کيس سنڌ جو هر دلعزيز، بهترين ۽ عظيم
بادشاهه تصور ڪن ٿا. نهايت ديندار حاڪم هو. علم
سان بي انتها محبت هوندي هئس. سندس پرڌيهي پاليسي
پاڙيسرين سان امن ۽ آشتي تي ٻڌل هئي.
ڄام نظام الدين هر هفتي پنهنجي طنبيلي ۾ ويندو هو
۽ گهوڙن جي پيشاني تي هٿ ڦيري چوندو هو ته اي
بختاور، جهاد کان سواءِ اوهان تي سوار ٿيڻ نٿو
چاهيان، ڇاڪاڻ ته چئني سرحدن تي اسلامي حاڪم آهن،
دعا ڪريو ته شرعي سبب کان سواءِ اوهان تي سواري نه
ڪيان ۽ نه وري ڪو هتي اچي ۽ هتان مسلمانن جو خون
بنا ڏوهه جي وهي ۽ الله تعاليٰ اڳيان شرمندو
ٿيان.(قريشي 24)
عبدالرحيم خان خانان کيس سموري برصغير جو”مهذب
شخص“ تصور ڪري ٿو. ڄام نندي اوسي پاسي وارن علائقن
مان وڏي تعداد ۾ عالم ۽ فاضل سنڌ ۾ گهرايا. |