ڪت حسين شورو
ايڪويهين صديءَ ۾ درگاهن جي اهميت
۽ ڪارج
سنڌ ۽ هند ۾ جڏهن کان خانقاهن ۽ درگاهن جو بنياد
پيو آهي، اُنهن جي اهميت ۽ ڪارج ڪنهن نه ڪنهن
طريقي سان تڏهن به رهيو آهي ۽ هاڻي به آهي. هن
ننڍي کنڊ ۾ خانقاهون، اوليائن جون مزارون ۽ زيارتن
جون جايون جتي ڪٿي نظر اينديون، جتي ماڻهن جا هجوم
هوندا آهن. آخر اُتي اُنهن ماڻهن کي ڇا ٿو ملي؟ سڀ
ماڻهو تفريح ۽ تماشي لاءِ به ڪونه ايندا آهن، جيئن
اڪثر ميلن ملاکڙن ۾ هوندو آهي. ميلن کان علاوه
درگاهن ۾ روزانو سوين ماڻهو وڏي عقيدت، احترام ۽
حب سان اچي حاضريون ڀريندا آهن. آخر اها ڪهڙي
ڳالهه آهي يا ڪهڙي ضرورت آهي، جيڪا اُنهن کي ڇڪي
اُتي وٺي اچي ٿي.
ماقبل تاريخ کان وٺي دنيا ۾ ڪجهه جايون لکين
ڪروڙين ماڻهن جي لاءِ هڪ پراسرار ڇڪ جو باعث رهيون
آهن. انهن جاين تي ماڻهو تن ۽ من جي روڳن جي علاج
لاءِ ۽ دل و دماغ جي سڪون لاءِ ايندا آهن. اُنهن
آستانن ۾ هڪ قسم جي روحاني قوت آهي، جيڪا دل ۽
دماغ جي جادوئي طريقي سان ڪايا پلٽ ڪري سگهي ٿي.
پيٽر ولسن صوفي روايتن موجب زيارت ڪرڻ بابت لکيو
آهي ته ”زيارت ۾ ماڻهوءَ کي ڪنهن خاص جاءِ تي برڪت
حاصل ٿيندي آهي، پر درويش اُن وهڪري کي اُبتو
وهائيندو آهي ۽ برڪت اُن خاص جاءِ کي بخشيندو آهي.
صوفي پاڻ هڪ قسم جو مستقل زيارتي آهي، پر پنهنجي
گهر ۾ ويٺل دنيوي ماڻهوءَ جي لاءِ صوفي هڪ قسم جي
گشت ڪندڙ مزار جيان آهي.“
مزارن تي وڃڻ کي ”زيارت“ سڏيو ويندو آهي، جتي
ماڻهو قرآن شريف جي آيتن وسيلي فاتحه پڙهندا آهن.
مزارن تي عقيدتمندي جا عجيب منظر ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
ڪي ماڻهو هيٺ جهڪي چائنٺ کي چمندي يا هٿ لائيندي
ڏسبا آهن، پوءِ اندر اچي قبر جي جهنگلي يا ڄارين
کي هٿ لائيندا يا چمندا آهن. ڪن ماڻهن جا اندر
اُٿلي پوندا آهن ۽ روئيندي نظر ايندا آهن. 1988ع ۾
جڏهن آءٌ اجمير ۾ خواجه معين الدين چشتي جي مزار
جي زيارت ڪرڻ ويو هوس ته اُتي جي سجاده نشين قبر
تي پيل گلن جون ڪجهه پنکڙيون مون کي تبرڪ طور
ڏنيون هيون ۽ چيو هو ته اُنهن جي کائڻ سان جيڪا
دعا گهربي اُها پوري ٿي ويندي. اڪبر بادشاهه لاءِ
چون ٿا ته هو پيرين پيادو شيخ سليم چشتيءَ جي مزار
تي اُها دعا گهرڻ ويو هو ته کيس تخت جو وارث پٽ
پيدا ٿئي.
ڊاڪٽر ائنيمري شمل پنهنجي مشاهدي جي آڌار تي لکيو
آهي ته، ”اڪثر مزارن تي بي اولاد عورتون اولاد جي
لاءِ دعا گهرڻ وينديون آهن، جيئن فتح پور سڪريءَ ۾
شيخ سليم چشتيءَ جي مزار اِن ڳالهه لاءِ مشهور
آهي. جهلم ضلعي ۾ شاهه سفيد جي مزار تي ڪوڙهه جا
مريض ويندا آهن. جنسي بيمارين جي علاج لاءِ ڪوئيٽا
۾ پير بخاريءَ جي مزار جي مٽيءَ کي اڪسير سمجهيو
ويندو آهي. لاهور ۾ تيلين جو مرشد حسن تيلي آهي ۽
لوهارن جو شاهه موسيٰ آهي. ڪيسن ڦڏن ۾ ڦاٿل ماڻهو
لکنوء ۾ شاهه مينا جي مزار تي دعا گهرڻ ويندا آهن.
ذهني مريضن ۾ ورتل ماڻهن کي ممبئيءَ ۾ سمنڊ جي
ڪناري تي ٺهيل مخدوم فقيه جي مزار تي وٺي ويندا
آهن. اهڙيءَ طرح گهڻن اوليائن جي مزارن سان ڪانه
ڪا خصوصي ڳالهه منسوب ٿيل هوندي آهي.“
اسان وٽ سنڌ ۾ به مختلف مزارن تي روزانو اهڙا منظر
پسبا آهن، جتي مختلف ضرورتن وارا ماڻهو آسون
اميدون کڻي دعا گهرڻ ويندا آهن. غلط يا صحيح، اهو
اُنهن ماڻهن جو اعتقاد آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ جون
ڪوششون ڪڏهن به ڪامياب ڪونه ٿي سگهيون آهن.
”طب“ جو هڪ طريقه ڪار آهي، جنهن کي اڄوڪي دنيا ۾
”سائيڪو ٿيراپي“ چيو وڃي ٿو. جن ڀوت ڪڍڻ يا دعا جي
ذريعي ذهني مرضن جو علاج بنيادي طور تي ”سائيڪو
ٿراپي“ آهي، پر مزارن تي اُن طريقه ڪار کي اڪثر
Missuse
ڪيو ٿو وڃي. جيئن اڄ ڪلهه ميڊيڪل جي دنيا ۾
ڪارٽيزون جو بيجا استعمال آهي، ائين سائيڪوٿيراپي
جو غلط طريقه ڪار ذهني مريض کي وڌيڪ چريو بڻائي ٿو
ڇڏي. مزارن تي اڪثر ذهني مريض عورتن کي آندو ويندو
آهي ته من ڪو افاقو ٿئي، ان جا سبب ڪجهه وسيلن جي
ڪميءَ جي ڪري صحيح علاج نه ڪرائي سگهڻ ۽ ڪجهه گهرا
اعتقاد آهن، جيڪي صدين کان انساني ذهن ۾ ويٺل آهن.
اڄ به بيمار، بي اولاد ۽ مختلف مسئلن ۾ ڦاٿل ماڻهو
هزارن لکن جي تعداد ۾ درگاهن ۾ دعائون گهرڻ اچن
ٿا، ان ڪري جو درگاهون هميشه اجتماعي اعتقاد جو
مرڪز رهيون آهن.
پر ساڳئي وقت ڪجهه ماڻهو درگاهن جي بنياد کي بدعت
۽ بداعتقادي سڏين ٿا. ڪتاب ”تصوف جي تاريخ“ ۾
علامه جوزيءَ جو هڪ حوالو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ هن
چيو آهي ته .اِهو هڪ شرعي قول آهي ته جيڪا به
عبادت رسول خدا جي ڏسيل سيکاريل ۽ ڪيل عبادت جي
ابتڙ ڪئي وڃي، اُها نه آهي، بلڪه اُها پاڻ سڳورن
جي انحرافي ۽ خدا جي نافرماني آهي. شروعاتي دورن ۾
صوفي مسجدن بدران پنهنجون ڌار خانقاهون جوڙي عبادت
ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته اسين اڪيلائيءَ ۾ الله جي
عبادت ڪندا آهيون. اُهي پنهنجي ان خيال ۽ ارادي ۾
صحيح به هجن، ته به هو اسلام جي حڪم موجب صاف غلط
آهن. هڪ ته اهو جو هُنن بدعت جو بنياد وڌو آهي.
ڇاڪاڻ ته اسلام ۾ عبادت جو هنڌ فقط مسجد آهي. حضور
صلي الله عليه وآله وسلم جن پاڻ پٿر ڍوئي دنيا ۾
پهرين مسجد جوڙي الله جي عبادت شروع ڪرائي هئي. هڪ
ته خانقاهون غير مذهب وارن جي لاءِ آهن، ٻيو ته
ائين صوفي الله جي مسجدن جو هڪ نظير بنائي، مسجدن
جي شان ۽ شرف کي گهٽ ڪيو آهي. اهڙي ريت اٻوجهه
مسلمانن کي مسجدن جي جماعت گهٽ ڪرڻ وسيلي کين خدا
جي عبادت کان محروم ڪيو آهي ۽ مسلمانن کي مسجدن
ڏانهن ويندڙ هر قدمن جي ثواب کان محروم ڪيو آهي.
ٽيون ته صوفين عيسائين سان،جيڪي رباطن ۽ خانقاهن ۾
رهندا ۽ عبادت ڪندا آهن، پڌري مشاهبت ڪئي آهي.“
مولوي نور محمد سنڌيءَ مٿي ڄاڻايل ڪتاب ۾ لکيو آهي
ته ”هڪڙو اعتراض اِهو به آهي ته صوفي بزرگن دنياوي
محنت ڪرڻ ۽ پگهر وهائڻ بدران خود بادشاهن وانگر
عام غريب خلق کي پنهنجي لاءِ سولي ۽ سٺي رزق حاصل
ڪرڻ جو وسيلو بنائي، خاص گاديون قائم ڪري، پنهنجن
ايندڙ نسلن جي لاءِ بنا ڪنهن محنت جي عيش عشرت جا
بندوبست ڪري ڇڏيو.“
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته صوفي بزرگن ۽ اوليائن جي
درگاهن جي سجاده نشين پنهنجي عظيم الشان وڏن جي
نالن جو کٽيو کائيندا رهيا آهن ۽ پاڻ ڪنهن علمي يا
روحاني لياقت کان وانجهيل آهن. لطيف سائينءِ جي
لفظن ۾:
ويا سي وينجهار! هيرو لعل ونڌين جي،
تنين سندا پوئيان، سيهي لهن نه سارَ،
ڪُٽين ڪُٽ لُهارَ، هاڻي اُنهين ڀيڻيين.
جيستائين صوفين ۽ اولياءِ ڪرام جو تعلق آهي ته
هُنن دنياوي محنت به ڪئي ۽ پگهر به وهايو. اُن
ڳالهه جو وڏي ۾ وڏو مثال شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ
واري جو آهي. ”بيان العارفين“ ۾ لکيل آهي ته شاهه
عبدالڪريم محنت، مشقت ۽ سخت پورهئي واري زندگي
گذاري. پنهنجو ٻني ٽُڪر پاڻ آباد ڪندو هو، بلڪه
گهر جو ڪم ڪار به پاڻ ڪندو هو. ايترو به ذڪر ٿيل
آهي ته پنهنجي گهر ڀاتين ۽ ٻارن لاءِ ڪڏهن ڪڏهن
چانور وغيره رڌي تيار ڪندو هو. پوءِ ڪاسو هٿ ۾ کڻي
شهر جو چڪر هڻي جيڪو فقر ملندو هون سو آڻي فقيرن
آڏو رکندا هئا. گدائي ڪري فقيرن کي جڏهن کاڌو
کارائيندا هئا ته پاڻ انهيءَ فڪر ۾ رهندا هئا ته
متان ڪو فقير بکيو رهجي وڃي ۽ ان صورت ۾ پنهنجو
حصو به اُن کي ڏيئي ڇڏيندا هئا ۽ پاڻ ڪجهه به نه
کائيندا هئا.
ٻيو مثال شاهه عنايت شهيد جو آهي. هن بزرگ، دنيا ۾
پهريون ڀيرو جاگيرداري نظام جي خلاف ماڻهن کي چيو
ته”جيڪو پوکي سو کائي“. هن جهوڪ ۾ زمين آباد ڪرڻ
جو اجتماعي طريقو رائج ڪيو. سندس مريد گڏجي زمين
پوکيندا هئا ۽ گڏجي کائيندا هئا. شاهه عنايت
باقاعده اقتصادي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ حصو ورتو،
جڏهن ته ٻين صوفين پڻ اقتصادي آزاديءَ جي تبليغ
ڪئي.
جيڪڏهن ان کان اڃا به گهڻو پوئتي وڃجي ته يارهين
صديءَ عيسويءَ ۾ علي ابن عثمان هجويري، جيڪو لاهور
۾ اچي قيام پذير ٿيو، سو هڪ وڏو صوفي عالم هو.
لاهور ۾ هُو.”داتا گنج بخش“ جي نالي سان مشهور
ٿيو. کانئس پوءِ خواجه معين الدين چشتي پهريون
صوفي مبلغ هو، جيڪو هندوستان ۾ آيو. هو 1193ع ۾
راجسٿان جي رڻ پٽ واري شهر اجمير ۾ اچي هميشه لاءِ
رهي پيو. سندس صوفي روايتن ۾ غريبن ۽ ضرورتمند
عوام جي لاءِ بي انتها پيار هو، انڪري کيس ”خواجه
غريب نواز“ سڏيو ويو. سندس پوئلڳ سڄي هندوستان ۾
پکڙجي ويا. اِن سلسلي جي سڀ کان وڌيڪ اهم شخصيت
خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي جي هئي.
ڊاڪٽر ائنميري شمل لکيو آهي ته” مسلمان بادشاهه
التمش تيرهين صديءَ عيسويءَ ۾ هندوستان ۾ شيخ
الاسلام جو عهدو ائم ڪيو هو. حضرت بختيار ڪاڪي،
جيڪو خواجه معين الدين چشتي سان اڳ ۾ ئي بغداد ۾
ملي چڪو هو، تنهن کيس هندوستان ۾ اچڻ کان پوءِ
دهلي ۾ ئي رهڻ جي هدايت ڪئي. التمش هن کي شيخ
الاسلام جي عهدي تي مقرر ڪرڻ چاهيو، پر بختيار
ڪاڪي اُن دنياوي عهدي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو،
ڇاڪاڻ ته هو چشتي سلسلي جو صوفي هو، جنهن ۾
بادشاهت سان لڳ لاڳاپي رکڻ کي صحيح ڪونه سمجهيو
ويندو هو. بختيار ڪاڪي دهليءَ کان ٻاهر هڪ غريباڻي
ڳوٺ مهروليءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. 1235ع ۾ خواجه
معين الدين چشتي جي وفات کان اڳ بختيار ڪاڪي سماع
جي دوران وفات ڪئي.“
ابوالڪلام آزاد لکيو آهي ته”بختيار ڪاڪي جي اثر جو
اندازو اِن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته جنوري
1948ع ۾ هندو مسلم فسادن جي خلاف مهاتما گانڌيءَ
جڏهن ”ورت“ رکيو هو، تڏهن هو پنهنجي اُن آخري ورت
کي ٽوڙڻ جي لاءِ جيڪي پنج شرط رکيا هئا تن ۾ هڪڙو
شرط اِهو به هو ته هندو ۽ سک مهروليءَ ۾ بختيار
ڪاڪيءَ جي درگاهه جي مرمت ڪرائين، جنهن کي فسادن ۾
نقصان رسيو هو.
بابا فريد مسعود گنج شڪر، جيڪو بختيار ڪاڪيءَ جو
مکيه خليفو هو، سوسياسي سببن جي ڪري دهلي ڇڏي پاڪ
پتڻ ۾ اچي رهيو. سندس رياضت ۽ نفس ڪشي سان گڏ سندس
غربت سڄي هندوستان ۾ مشهور هئي، جيئن ته هُو
بادشاهي امداد وٺڻ کان انڪاري هو ان ڪري سندس
خانقاهه جي مالي حالت بيحد ڪمزور هئي. هن کي
پنهنجي وڏي ڪٽنب جي ڳڻتي ڪانه هئي پر اُنهن غريب
ماڻهن جو خيال وڌيڪ هو، جيڪي پري پري کان ڪهي
کانئس فيض حاصل ڪرڻ لاءِ سندس خانقاهه ۾ اچي رهندا
هئا.
صوفين جي رهڻي ڪهڻيءَ بابت بروس لارينس لکيو آهي
ته” چشتي صوفي جنهن وڏي ڪمري ۾ رهندا هئا اُن کي
”جماعت خانو“ سڏيندا هئا،جڏهن ته سهروردي صوفي اُن
کي ”خانقاهه“ سڏيندا هئا. بعد ۾ سڀني سلسلن جا
صوفي اُنکي عام طور ”خانقاهه“ ئي سڏڻ لڳا. پير
طريقت خانقاهه ۾ قرآن، اخلاقيات ۽ روحانيت جي
تعليم ڏيندو هو، جيڪا آکاڻين جي صورت ۾ هوندي هئي
يا وري شاعريءَ وسيلي ڏني ويندي هئي. خانقاهه ۾
عبادت ۽ سکيا ٻئي گڏوگڏ هونديون هيون. خانقاهه ۾
پري پري کان جيڪي ماڻهو اچي رهندا هئا سي نذرانو
ڏيندا هئا، اُن جي وسيلي روزانو لنگر هلندو هو.“
اها ساڳئي ڳالهه ائنميري شمل لکي آهي ته” جماعت
خانو سماجي زندگي جو مرڪز هو. ماڻهو ذهني ۽ روحاني
آٿت، همدردي ۽ دلداري حاصل ڪرڻ يا مشورن وٺڻ لاءِ
پري پري کان ڪهي اُتي ايندا هئا ۽ اُنهن ۾ غريب،
مسڪين، امير، عالم، سرڪاري ڪارندا ۽ واپاري شامل
هوندا هئا. لنگر جيڪو کُليل رڌڻو هو، سو سخاوت ۽
مهمانوازي جي علامت هوندو هو.“
اڳتي هلي اِن سلسلي ۾ ائنميري شمل وڌيڪ لکيو آهي
ته”نامور اسماعيلي داعي پير صدرالدين پندرهين
عيسوي صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ سندس
تبليغ جي اثر هيٺ سنڌي هندو (لهاڻا) مسلمان ٿي
ويا، جن کي ”خوجه“ سڏيوويو. پير صدرالدين سنڌ ۾
”پهرئين جماعت خاني“ جو بنياد وڌو، جيڪو خوجن جي
عبادت ۽ جماعتي زندگي جو مرڪز هو.“
سنڌ ۽ هند ۾ سماع ۽ موسيقيءَ جي بهترين روايتن جو
جنم درگاهن مان ٿيو. سڀ کان اول چشتي سلسلي جي
صوفين وٽ ۽ پوءِ سهروردين وٽ سماع کي اهم حيثيت
حاصل رهي آهي. ڪيترائي صوفي سماع جي دوران جذب ۽
محبت جي غلبي سبب فاني دنيا کي ڇڏي وڃي پنهنجي رب
سان مليا. حضرت بختيار ڪاڪي لاءِ چون ٿا ته هيٺئين
شعر ٻُڌڻ کان پوءِ مٿس اهڙو ”حال“ طاري ٿيو، جو ٽن
ڏينهن کان پوءِ انهيءَ ”حال“ ۾ گذاري ويو.
ڪُشتگانِ خنجرِ تسليم را
هر زمان از غيب جاني ديگر است
(تسليم جي ڪاتيءَ سان ڪٺلن کي هر گهڙيءَ غيب طرفان هڪ نئين
زندگي ملي ٿي)
شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني، جيڪو سهروردي سلسلي
جو صوفي هو، اُن لاءِ به مشهور آهي ته سماع ٻڌندو
هو. سنڌي تصوف جي تاريخ ۾ پندرهين صدي عيسوي ۾
درويش احمد هڪ دفعي جڏهن نيرون ڪوٽ ۾ سماع جي محفل
۾ ويٺو هو ته هيٺيون بيت ٻڌائين ته سندس روح پرواز
ڪري ويو.
سڏ سڻي پرينءَ جو، وانگي جان نه ورن،
ڪوه ڪبو کي تن، سَڄي سُڻائي ڳالهڙي.
”بيان العارفين“ جي مصنف موجب شاهه عبدالڪريم
بلڙيءَ وارو اڪثر پاڻ سماع ڪندو هو يا سماع ۾ حصو
وٺندو هو. سندس قول آهي ته خدا تعاليٰ تائين پهچڻ
جي سولي واٽ سماع آهي. سنڌ ۾ سماع جي روايت جيڪا
شاهه ڪريم وٽ ملي ٿي، ان کي شاهه لطيف نهايت منظم
طريقي سان مروج ۽ جاري رکيو.
شاهه لطيف پيءُ جي وفات کان پوءِ جڏهن ڀٽ تي رهي
درگاهه وسائي ته وٽس سارو ڏينهن سرود ۽ سماع جاري
رهندو هو. پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي لفظن ۾”راڳ
شاهه صاحب جي جان هو. موسيقي يا گائن وديا جو ڪامل
ڄاڻو هو. سندس زندگيءَ جا آخري ٽي ڏينهن سرود ۽
سماع پئي هليو. اُن دوران سندس روح پرواز ڪري وڃي
رب سان مليو.“
صوفي بزرگن جو شاعري ۽ موسيقيءَ سان گهرو لڳاءُ
رهيو آهي. اِهي ئي اصل ۾ انڊو- مسلم ثقافت جي
آبياري ڪندڙ آهن. ڏکڻ ايشيا ۾ موسيقيءَ جو سڀ کان
وڏو اولياءُ سرپرست شيخ نظام الدين اولياءَ هو،
جيڪو امير خسرو جهڙي جامع ڪمالات شخصيت جو روحاني
رهبر هو. امير خسرو 13- 14 صدي عيسويءَ جو وڏو
زباندان، عربي، فارسي ۽ سنسڪرت جو ماهر، عظيم صوفي
شاعر، موسيقي جي فن جوماهر، بلڪ سنگيت جي دنيا ۾
نون راڳن ۽ راڳڻين جو موجد پڻ هو.
صوفين جي روحاني موسيقيءَ جون اِهي روايتون جيڪي
ولين جي درگاهن مان نڪري نروار ٿيون سي ننڍي کنڊ
جي موجوده موسيقيءَ جو لازمي حصو آهن. صوفين دنيا
۾ امن ۽ انسان ذات سان محبت جو پيغام پنهنجي
شاعريءَ جي وسيلي ماڻهن تائين پهچايو. هنن انسان
دوستي ۽ غريب پروريءَ کي وڏي اهميت ڏني هئي، انڪري
سنڌ ۽ هند ۾ هر مذهب سان تعلق رکندڙ ماڻهو، مسلمان
توڙي هندو، درگاهن کي يڪسان احترام جي نظر سان ڏسن
ٿا ۽ پنهنجين دنيوي ۽ روحاني ضرورتن جي پورائي جي
لاءِ حاضريون ڏيندا رهن ٿا.
اِهي صوفين جون درگاهون ئي هيون جيڪي حڪمرانن جي
ظلم ۽
ڏاڍ وارن دورن ۾ امن جا آستان هونديون هيون. سنڌ ۾ ڌارين جي
لڳاتار ڪاهن ۽ قبضن دوران جڏهن عام خلق جو ڪو ڌڻي
سائين ڪونه هوندو هو ته اِهي درگاهون اُنهن هيسيل
۽ ستايل ماڻهن کي آٿت ۽ دلجوئيءَ جي لاءِ پناهه
گاهون ٿي ڪم اينديون هيون، جتي سندن ٽٽل دلين ۽
ڦٽن تي ڄڻ ٿڌو ڇنڊو پئجي ويندو هو. درگاهون اهڙن
وقتن ۾ سورن ساڙيل خلق جون ضرورتون هيون.
اسان وٽ صوفي بزرگن ۽ اوليائن جي اهميت ۽ عزت جو
اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته 1749ع ۾
جڏهن احمد شاهه ابدالي سنڌ تي ڪاهي آيو ته سنڌ جو
خزانو ڌارين جي ڦرلٽ سبب اڳ ۾ ئي خالي ٿي چڪو هو.
ميان نور محمد ڪلهوڙي وٽ احمد شاهه ابدالي کي ڏيڻ
لاءِ هاڻي ڪجهه به نه بچيوهو انڪري ڊپ وچان هو
راجسٿان ڀڄي ويو. سندس وزير ديوان گدومل، احمد
شاهه ابداليءَ سان اچي مليو جيڪو ڪاوڙ ۾ هو.
مولانا غلام رسول مهر ”منشور الوصيت“ جي حوالي سان
لکيو آهي ته .ديوان گدومل ٻين تحفن کان سواءِ ٻه
ڀريل ڳوڻيون به پاڻ سان کڻي ويو هو. ابدالي پڇيس
ته اِنهن ڳوڻين ۾ ڇا آهي؟ گدومل عرض ڪيو ته اِنهن
۾ سنڌ جي سڀني کان وڏي قيمتي سوغات آهي. سنڌ جي
اوليائن جي مزارن جي خاڪ ڀريل آهي. اهو ٻڌي شاهه
جي ڪاوڙ ڍري ٿي وئي.“
هندو پاڪ جي معاشري ۾ اوليائن جي ضرورت ۽ گهري
اعتقاد بابت 1911ع جي
Census of India ۾ هڪ واقعو لکيل آهي ته ”تيراهه جا آفريدي پٺاڻ پنهنجي
برادريءَ ۾ ان ڳالهه جي ڪري شرمندا هئا ته سندن تر
۾ ڪنهن اولياءُ جي مزار ڪانه هئي، جتي هو مشڪل مهل
وڃي دعا گهرن. هنن پنهنجي تر ۾ ڪنهن اولياءُ جي
مزار قائم ڪرڻ لاءِ هڪ اٽڪل سوچي. هنن کي ڪنهن پري
واري ڳوٺ ۾ هڪ پرهيزگار شخص جو ڏس مليو، جنهن کي
دعوت ڏيئي پنهنجي ڳوٺ وٺي آيا.هنن درويش کي کارائي
پياري رات جو سندس گلو ڪپي ڇڏيو ۽ پوءِ کيس وڏي
عزت احترام سان دفن ڪيو ۽ سندس قبر تي روضو
ٺهرايو. اُن کان پوءِ هو نه رڳو مشڪل آسان ڪرڻ ۽
برڪت جي لاءِ اُتي دعا گهرڻ لڳا، پر اُن مهڻي کان
به ڇُٽي پيا ته سندن ڳوٺ ۾ ڪنهن وليءَ جي مزار
ڪانه هئي.“
اهڙيون هٿ ٺوڪيون درگاهون هندوستان توڙي پاڪستان ۾
جام هونديون پر سچن پچن صوفين جي درگاهن تي وڃڻ
کان پوءِ هڪ خاص ڪيفيت محسوس ٿيندي آهي. ماڻهن جي
هجوم هوندي هرڪو ماڻهو ڄڻ ته پنهنجي ليکي ۽ اڪيلو
هوندو آهي. مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهو، امير
۽ غريب، عالم ۽ اڻ پڙهيل، عورتون ۽ مرد، سڀ هڪ
جهڙي حيثيت سان حاضري ڀريندي ڏسبا آهن. صوفي بزرگن
پنهنجي سڄي زندگي ماڻهن کي الله جي واٽ ۾ صحيح
راهه ڏسڻ، دلين ۾ ايمان ۽ اعتقاد کي قائم رکڻ ۽
منفاقت کان پري رهڻ کان سواءِ انسان ذات جي عالمي
برادري ٺاهڻ جي لاءِ مخصوص ڪري ڇڏي هئي، جنهن
ماڻهن کي سندس جياپي جي جاکوڙ ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڏني
هئي. اهوئي سبب آهي جو اڄ ايڪويهين صديءَ ۾ به
روحاني اطمينان ۽ سڪون جي ڳولا ۾ نڪتل ماڻهوءَ جي
لاءِ اُنهن درگاهن ۾ وڏي ڇڪ موجود آهي. صوفين ۽
اولياءَ ڪرام جو ان ڳالهه ۾ پختو يقين هو ته ”روزا
نمازون اي پڻ چڱو ڪم“، پر ڏکويل دلين جي دلداري
ڪرڻ ۽ ضرورتمند ماڻهن جي مدد ڪرڻ وسيلي ئي الله کي
پسي سگهجي ٿو، انڪري هنن عام ماڻهن جي دکن دردن کي
دور ڪرڻ واري ڳالهه کي اوليت ڏني. هنن ستايل ۽
پيڙيل ماڻهن کي عافيت جو احساس ڏياريو ۽ کين
پيڙائن کان جند آجي ڪرڻ ۾ واهر ڪئي ۽ باطني سڪون
بخشيو.
اِهي سمورا صوفي بزرگ جنگ ۽ تشدد جي خلاف هئا، ڇو
ته تشدد سان مسئلا گهٽجڻ بدران وڌيڪ پيدا ٿي ٿيا،
جڏهن ته عفو، درگذر، سهپ ۽ رواداري انسانذات جي
خوشيءَ جا جوهر آهن. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته
صوفين سنڌ ۽ هند جي ثقافتي، تهذيبي ۽ سماجي
زندگيءَ ۾ مثبت تبديلين آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
قرت العين حيدر اُن کي ”درگاهي ڪلچر“ جو نالو
ڏيندي لکيو آهي ته” درگاهن اسلامي رواداري جي
سيڪيولر روايتن کي برقرار رکيو آهي ۽ شديد تنگ
نظري جي هن موجوده ماحول ۾ به درگاهون ٻين فرقن جي
ماڻهن جي لاءِ پرڪشش آهن.“
اسان جي ماڻهن جي بدنصيبي اِها آهي ته اسين وقت
سان گڏ ترقي ڪرڻ بدران ترقي معڪوس ڏانهن پيا وڃون،
جنهن ۾ فرقه بندي، عدم رواداري، تشدد، بي انصافي،
اُرهه زورائي وڌنديون ٿيون وڃن. سهپ ۽ برداشت جو
مادو گهٽجي ٻڙي تي وڃي بيٺو آهي ۽ مذهب جي نالي ۾
اِهي سڀ شيون ايڪويهين صديءَ جو شاخسانو يا علامت
بنجنديون پيون وڃن. اِنهن کي صوفيءَ جي درگاهه ئي
روڪي سگهي ٿي ۽ اسان کي ايڪويهين صديءَ ۾ انسان
جيان رهڻ جي لائق بڻائي سگهي ٿي.
مددي ڪتاب
1- Peter WilsonL The Caravan of Summer
2- Annemarie Schimmel: Islam in the Subcontinent,
Netherlands,1980
3- Bruce LawrenceL Notes from a Distant Flute,
London, Thehran,1978.
4- Abul Kalam AzadL India Wins freedom,
Bombay, 1959
5- Sensus of India.
Punjab, Vol XIV, 1911
6- ڪلياڻ آڏواڻي: شاهه جو رسالو، بمبئي، 1958.
7- نور محمد سنڌي، مولوي: سنڌ ۾ تصوف جي تاريخ،
شڪارپور، 1995.
8- غلام رسول مهر: تاريخ سنڌ – ڪلهوڙا دوءر(جلد
پهريون)، حيدرآباد، 1963.
9- محمد رضا بن عبدالواسع: بيان العارفين و تنبيه
الغافلين، ترجمو: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو حيدرآباد
2002ع
10- قرت العين حيدر: داستان عهد گل،
ڪراچي،2002ع. |