سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: مڪلي ٽڪري

باب:

صفحو:7 

ڏسڻي/انڊيڪس

 

(الف )

آدم خان ڪلهوڙو: 58

آصف خان: 48

آغا ڪريم اصفهاني: 57

آگره، آگرو: 40، 48

ابن عربي: 31، 61

ابوالقاسم بيگلار: 39، 44

اپڀرنش: 16

اجمير: 42، 46

اُچ: 17

احمدآباد: 24، 47

احمد حسين داني: 43، 50

احمد شاهه (ابدالي): 60

اخلاق جلالي: 27

ادراڪي بيگلاري: 39

ارغون: 29، 30، 31

ارنيسٽ ٽرمپ: 15، 16

اسماعيل صفوي: 33، 45

اڪبر: 30، 36، 37، 38، 40، 45

افغانستان: 29، 30، 57

اليگزينڊر هئملٽن: 59

امام حسن رضه: 56

امام حسين رضه: 56

امرؤالقيس: 14

اميرخليل خان: 36

امير خسرو: 17، 32

انگريز: 19، 22، 59

اورنگزيب عالمگير: 49، 53، 59

ائنٽيڪئيٽز آف سنڌ: 16

اي.بي.ايسٽوڪ: 62

ايڇ.ٽي سورلي (سورلي): 17، 21، 25

ايران: 24، 29، 31، 32، 40، 42، 45، 46، 57، 60

ايرج خان: 31

ايسٽ انڊيا ڪمپني: 59

ايشيا: 35

ايڪوتمر: 29

ايلچپور: 48

 ( ب )

بابر: 30

بخارا: 31

بدايوني (ملا عبدالقادر): 32، 38، 57

برٽن: 24، 54، 62

برطانيه: 53، 59

برهانپور: 25، 31، 38

برهمڻ آباد: 16

بکر: 32، 34، 35، 40

بلوچستان: 19

بني اُميه: 18

بوستان بهار (ڏسو: مڪلي نامو)

بهاءالدين زڪريا ملتاني: 23، 25، 54

بهمني حڪومت (سلطنت): 26، 32

بئريٽو (جهاز): 35

بيجاپور: 27

بيدر: 32

بيگلارنامه: 39

 ( ڀ )

ڀائي خان: 41

ڀٽ: 62

 ( ت )

تاريخ طاهري: 17، 20، 21، 36، 44

تاريخ معصومي: 20

تحفة الانوار: 32

تحفة الڪرام: 20، 50

تحفة الطاهرين: 21

ترخان (گهراڻو): 29، 34، 38، 41، 42، 49

ترخان نامه: 50

ترڪ، ترڪي (ٻولي): 29، 31، 33، 39

تغلق آباد: 19

توزڪ جهانگيري: 21

تيمور لنگ: 29

تيموري خاندان: 26، 31، 32

( ٽ )

ٽالپر بلوچ، مير ٽالپر: 60، 62، 63

ٽئورنيئر: 62

 ( ٺ )

ٺٽو (هر صفحي تي حوالو موجود)

 ( پ )

پاڪستان: 15

پراڪرت: 16

پورچوگيز: 35

پوراني گهراڻو: 31

پوراني قبرستان: 31

پوسٽنس: 63

پيرآسات: 55، 57

پير حسام الدين (ڏسو: سيد حسام الدين راشدي)

پير مراد شيرازي (سيد محمد حسين): 24، 25

پير مراد شيرازي (سيد علي): 25، 26

 ( ج )

جام (ڄام): 18

جامع مسجد (شاهجهان مسجد): 51، 52

جرمني: 15

جلال الدين دوّاني: 27

جلوه گاه امامين: 56

جهانگير بادشاهه: 38، 40، 42، 45، 46، 47، 48

جيسلمير: 60

جيمس برنس: 62، 63

 ( ڄ )

ڄام: 17

ڄام تماچي: 22، 23، 24، 54

ڄام جوڻو: 24

ڄام چنيسر: 39

ڄام فيروز: 27، 29، 30

ڄام نظام الدين (نندو): 17، 24، 26، 27، 28، 29، 57

 ( جهه )

جهوناڳڙه (ڏسو: سورٺ)

 ( چ )

چشتي: 54

چنگيز خان: 41

چنيسرنامه: 39

چوڪنڊي: 92

 ( ح )

حبيب السير: 33

حديقة الاوليا: 21، 43

حسين واعظ ڪاشفي: 61

حضرت علي رضه: 56، 61

حضرت موسيٰ4: 20

حيدرآباد: 62

حيدر قلوچ: 32

( خ )

خان جهان: 46

خراسان: 31

خرجرد (خرجود): 31

خسرو: 37

خسرو خان چرڪس: 39، 41، 42، 43، 44، 55

خواجه باقي خان: 48

خواجه معين الدين چشتي: 42

خواند مير: 33

 ( د )

دارا (شڪوه): 50، 53، 58

داؤدپوٽا: 59

دريا خان (مبارڪ خان): 27، 28، 29، 57

دکن: 26، 45، 46، 47

دهلي: 24، 41، 46، 47، 53، 54، 60

دهلي (درٻار) سرڪار: 18، 22، 30، 42، 59

دولت آباد: 48

ديبل، ديول: 16، 17

ديوان شرفاخان: 52، 53

ديوان گدومل: 60

 ( ذ )

ذخيرة الخوانين: 20

ذوالنون ارغون: 29، 34

( ڊ )

ڊيو: 35

 ( ر )

راجا (راڻو بيرسال) پرساد: 30، 38

راجپوت: 17

راڌڻ پور (اُتر گجرات): 45، 47

رسالو (شاهه عبداللطيف): 24

روضة السلاطين: 33

روضة الشهداء: 61

 ( س )

سام مرزا صفوي: 33

ساموئي: 17، 22

سر رابرٽ شرلي: 53

سر سامونڊي: 59

سر ڪاموڏ: 24

سري لنڪا: 59

سرمد: 53

سسئي پنهون: 39

سلطان بهادر: 30

سلطان حسين مرزا: 45

سلطان سامٽيو: 58

سلطان محمد: 24

سلطان محمود بکري: 34، 35، 36

سلطان محمود بيگڙو: 24، 26، 57

سما دور، گهراڻو: 17، 18، 22، 24، 26، 27، 56، 57

سما، سميجا: 44

سنڀل: 45

سنڌ (هر صفحي تي حوالو موجود)

سنڌي ٻولي: 15، 16، 61

سنڌي پوره: 31

سنڌو (درياه) درياء: 17، 34، 58، 62

سنڌوماٿري: 16، 24، 26، 29، 31، 40

سورٺ (جهوناڳڙه): 48، 49، 50

سورلي (ڏسو: ايڇ.ٽي سورلي)

سوري خاندان: 30

سومرا گهراڻو: 17

سهروردي طريقو: 17

سيد (پير حسام الدين راشدي): 14، 15، 19، 20، 42، 43، 44، 50، 63

سيد شڪرالّٰہ: 20

سيد عبدالقادر: 43

سيد قطب عالم: 24

سيد مير محمد ولد جلال ٺٽوي: 05

سيوهڻ: 34، 44، 50، 57

 ( ش )

شاه بندر: 59

شاه بيگ ارغون: 20، 29، 30

شاه جهانگير هاشمي: 32

شاه پريان: 55

شاه حسن ارغون: 30، 31، 32، 33، 34، 35

شاه حسن تڪدري: 33

شاه حسين بايقرا: 31

شاه شجاع (شاه جهان جو پٽ): 49

شاه عباس صفوي: 46

شاه عالم بخاري: 24

شاه عبداللطيف (ڀٽائي): 15، 24، 35، 39، 59، 62

شاه قاسم انوار: 32

شاه نعمت الله ڪرماني: 32

شريف الملڪ: 47، 52

شمشيرخان ازبڪ: 46

شهريار: 47

شهزادو خرم، شاه جهان: 46، 47، 48، 49

شهزادو، محمد ولد بلبن: 17

شيخ جيئو: 54، 55

شيخ حماد جمالي: 22، 23، 24

شيخ فريد بکري: 22

شيدا اصفهاني: 38

شيرازي سيد: 24، 25

 ( ص )

صابر: 61

صبح الاعشيٰ: 16

صفوي گهراڻو: 26، 31، 40، 45، 57

 ( ط )

طالب آملي: 38، 40

طاهرنسياني (سيد محمد طاهر): 22، 41، 43

طغرل آباد: 19

طوطي نامه: 61

طهماسپ پٽ جمشيد: 17

طورسينا: 20، 63

 ( ظ )

ظهير ٺٽوي: 51

 ( ع )

عادل شاهي گهراڻو: 27

عبدالله شاه، درگاه: 43

عبدالباقي (پوراني): 31

عبدالرزاق خان بخشي (مظفر خان) 42، 46

عبدالرحيم، خان خانان: 37، 41، 47

عبدالرشيد: 52

عبدالرحمان (پوراني): 31

عبدالعزيز ابهري: 31

عبدالعلي ترخان: 42، 45

عبدالوهاب (پوراني): 31

عبداللطيف (مخدوم): 43

عبدالملڪ بن وليد: 18

عدن: 60

عراق: 22

عربستان: 18

عربي (ٻولي): 14

عرفي: 60

عمرڪوٽ: 30، 38، 60

عيدگاه: 55، 58

عيسي لنگوٽي: 25

 ( غ )

غني: 60

غوري دور: 17

غوري سلطنت: 17

 ( ف )

فارسي (ٻولي): 31

فتاويٰ پوراني: 31

فخري (اميري) هروي: 33

فرنگي: 35

فرهنگ رشيدي: 62

فصوص الحڪم: 61

فيروز تغلق: 18، 22

فيروز ڄام (ڏسو: ڄام فيروز)

 ( ق )

قادري فڪر (طريقو): 17

قاضي قادن: 57

قاضي خميسو: 36

قاضي شڪرالله: 34

قاضي عبدالله: 26

قباچه: 17

قرآن ڪريم، قرآن پاڪ: 62

قرمطي (فرقو): 17

قريشي: 18

قطب شاهي: 26

قلقشندي: 16

قنڌار: 31، 34، 40، 42، 45، 46

 ( ڪ )

ڪاٺياواڙ: 50

ڪاڪڙ (افغان): 34

ڪامران مرزا (مرزا ڪامران): 30

ڪراچي: 29

ڪربلا: 61

ڪزنس (ڏسو: هينري ڪزنس)

ڪڇ: 17، 45

ڪڇي گهوڙا: 48

ڪعبو (ڪعبة الله): 26

ڪلان ڪوٽ: 19

ڪلهوڙا (دور): 58، 59، 60

 ( ک )

کيرسر: 21

 ( گ )

گجرات: 24، 26، 30، 45، 46، 47، 50، 57

گولڪنڊه: 26

گوا: 36

 ( ل )

لاڙ: 19

لاڙي بندر (ديول): 17

لاهور: 40، 42، 46، 57

لاهوري بندر (لاهري): 37

لوڌي پٺاڻ: 26

ليلا: 39

 ( م )

مارئي: 38

ماه بيگم: 34، 35

مٿرا: 48

مثنوي پريخانهء سليمان: 52

مجالس النفائس: 33

محمدابراهيم (مولي ڏنو): 43

محمدافضل (سليمان): 61

محمد بن تغلق: 18

محمد بن قاسم: 16

محمد حسن: 61

محمد معين (مخدوم ٺارو): 61

محمد يوسف (سيد): 58

مخدوم جعفر (بوبڪائي): 34

مخدوم رحمت الله: 52

مخدوم محمد هاشم: 43، 61، 62

مخزن الاسرار: 32

مرادآباد: 46

مرزا الاهي بخش: 56

مرزا بهرام: 45

مرزا بيدل: 60

مرزا پائنده بيگ: 36، 44

مرزا جان بابا: 36، 44، 50

مرزا جاني بيگ: 36، 37، 38، 41، 44، 53

مرزا حسام الدين (مرتضيٰ خان): 48

مرزا رستم قنڌاري (فدائي): 42، 45، 46

مرزا شرفا خان: 15

مرزا صالح (اول): 36

مرزا صالح (ٻيو): 50

مرزا عنايت الله: 49، 50

مرزا عيسيٰ ترخان (اول): 34، 35، 36، 44

مرزا عيسيٰ ترخان (ٻيو): 15، 39، 41، 42، 44، 45، 46، 47، 48، 49، 50، 51، 52، 62

مرزا محمد باقي: 31، 36، 41، 42، 44، 53

مسجد خضر: 46

مسجد دابگير: 43

مسلمان (مسلم دور): 17، 19، 21، 54، 61

مطلع الانوار: 32

مطهر ڪڙهه: 18، 19

مظفر حسين: 46

مظهر شاهجهاني: 52

مغلين: 37

مغل درٻار (حڪومت، دور، شهنشاهت): 32، 36، 39، 41، 50، 59

مقالات الشعرا: 17، 20

مڪران: 33

مڪلي (هر صفحي تي حوالو موجود)

مڪلي نامو، مڪلي نامہ: 20، 41، 43، 50، 53، 62

مڪو شريف: 19، 30، 34

ملا عبدالحڪيم عطا: 61

ملا دماغي: 47

ملا شڪيبي: 37

ملتان: 17، 25، 40، 46، 47، 53، 54

مولانا رومي: 52، 53، 61

مولانا قاسم ڪاهي: 32

مولانا مصلح الدين لاري: 33

ميان ملوڪ شاهه: 56

ميان مير سنڌي: 57

ميان نورمحمد ڪلهوڙو: 60

ميڪرا: 56

مير ابوالبقا (نواب اميرخان): 51، 52

مير ابوالمڪارم شهود: 52

مير علي شير نوائي: 32

مير علي شير قانع، قانع: 14، 17، 18، 20، 23، 26، 28، 42، 43، 50، 53، 54

ميرڪ ابن ابوسعيد: 31

مير فاضل ڪوڪلتاش: 34

مير مائل (ولد مير قانع): 57

مير محمد باقر (اعظم خان): 48، 49

مير معصوم (نامي): 20

مير نجم الدين عزلت: 61

مهدي جونپوري (سيد ميران محمد جونپوري): 27، 57

مهدوي (رضوي): 58

مهدوي (فرقو): 57، 58

 ( ن )

نادر شاه: 60

ناگري لهجو: 16

نخشبي: 61

نصرپور: 39، 44

نصيرالدين: 54

نظامي (گنجوي): 32

نقشبندي: 56، 61

نواب سيف الله: 56

نورجهان: 42

نوري: 23، 24

 ( و )

وچ ايشيا: 17، 24، 33

 ( هه )

هالا: 44

هرات (اُتر، اولهه): 26، 31، 32، 33

هشت ستون: 29

همايون: 30

هندستان (وچ، اُتر…): 16، 26، 29، 31، 38، 40، 45، 46، 54، 55، 57، 61

هِندو: 15، 21، 54

هينري ڪزنس (ڪزنس هينري): 16، 28، 36، 41، 43، 50

 ( ي )

يوسف خان تاشڪندي: 56

يوسف ميرڪ: 52


 

*
 

غلام محمد لاکو

(ضميمو)

پرلس فرام دي انڊس

 

جرمني ۽ سنڌ جي علمي ۽ ادبي لاڳاپن جو هڪ ڊگهو سلسلو موجود آهي. هڪ طرف مرزا قليچ بيگ ۽ ڄيٺمل پرسرام پارن عالمن، سنڌي ترجمن ذريعي اسان کي جرمن ادب ۽ فڪر سان متعارف ڪرايو ته، ٻئي طرف ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ پروفيسر شمل جا نالا نشانبر آهن، جن سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي نه رڳو جرمن ۾، پر انگريزي تحريرن ذريعي سڄي دنيا تائين پهچايو آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ هڪ صدي اڳ سنڌي شعر ۽ ادب جي خدمت جي ابتدا ڪئي ۽ ٺيڪ هڪ صدي پوءِ ڊاڪٽر شمل جو سنڌ سان تعارف ٿيو. اينميري شمل جو سنڌ متعلق مطالعو، جستجو ۽ جاکوڙ، جتي سندس ذاتي لگن ۽ اڻ ٿڪ محنت سبب ممڪن ٿي، اتي ان ڏس ۾ مرحوم پير حسام الدين راشدي جي خدمتن کي به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. راشدي صاحب هن جرمن عالمه کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وٺي ويو. قلندر، سچل ۽ لطيف جي درگاهن جو درشن ڪرايو ۽ کيس مسلسل سنڌ متعلق مواد فراهم ڪيو. ٻئي طرف خود هن مصنفه به مرحوم راشدي صاحب کي سنڌ جي تاريخ بابت هر ممڪن نون ذريعن مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مثال طور ڄام نندي جي دور ۾ هرات سان ٿيل هڪ خوني معرڪي جو سفيد چٺو ”فتح نامہ سنڌ“، جيڪو مرحوم پير صاحب ”مڪلي نامہ“ ذريعي ڇاپيو آهي، اهڙو قيمتي دستاويز به، ڊاڪٽر شمل جي هٿان سنڌ پهتو. ان ڏس ۾ ڪي ٻيا مثال به ڏئي سگهجن ٿا.

ڊاڪٽر شمل گذريل ٽيهن سالن کان پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ تي لکندي رهي آهي. هن پوري عرصي ۾ سندس ڪوشش هي پي رهي آهي ته، سنڌ جهڙي نظرانداز ڪيل خطي جي علم ۽ ادب توڙي ڪلچر کي دنيا سان متعارف ڪرائجي. ان قسم جي خدمتن جو هڪ ڊگهو رڪارڊ موجود آهي. پاڻ وقت به وقت سنڌ جو سفر پڻ ڪندي رهي آهي. تبصري هيٺ آيل ڪتاب ”پرلس فرام دي انڊس“ يعني ”مهراڻ جا موتي“ انهن مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو آهي، جيڪي پروفيسر شمل 1960ع کان 1965ع واري زماني ۾ تحرير ڪيا ۽ 1973ع ۾ مسودي جي شڪل ڏئي، انهن کي سنڌي ادبي بورڊ آڏو پيش ڪيائين. ان بعد به فاضل مقاله نگار طرفان جرمني ۽ انگريزيءَ ۾ ڪل ڇهه ڪتاب ڇپيا آهن، جن جو واسطو پاڪستان ۽ خاص طرح سنڌي زبان ۽ سنڌ جي ڪلچر سان آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ جو مفصل مطالعو، سنڌي لٽريچر ۽ شاهه جو جرمن منظوم ترجمو، ان ضمن ۾ خاص اهميت رکن ٿا. سنڌي لٽريچر بابت سندس مختصر ڪتاب سال 1981ع ۾ پروفيسر غلام حيدر ٻرڙي سنڌيءَ ۾ ترجمو شايع ڪيو هو. هن تمهيد بعد اسين هيٺ ”پرلس فرام دي انڊس“ جو سرسري اڀياس ڪنداسين.

هن ڪتاب ۾ ڪل نَوَ عنوان ڏسجن ٿا. پهرئين عنوان تحت ڊاڪٽر صاحبه ان سوال جو جواب ڏنو آهي ته مون سنڌي زبان ڇو سکي؟ ان بعد ”سنڌ جو تعارف“ ملي ٿو، جيڪو مختصر مگر پروقار ۽ عالمانه آهي. بلاشبہ هن نوٽ ذريعي سنڌ جو مانُ ۽ مرتبو مٿانهون ٿي بيهندو. ان بعد حقيقي معنى ۾ ڪتاب شروع ٿئي ٿو. پهريون مضمون ”ارنيسٽ ٽرمپ جي ياد ۾“ تحرير ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر شمل هي مضمون پير حسام الدين راشدي طرفان خط لکڻ بعد تحرير ڪيو. ٽرمپ متعلق مواد جي هر ممڪن تلاش ڪئي وئي ۽ بعد ۾ شايد هن فاضل مستشرق بابت پهريون ڀيرو هڪ مفصل مطالعو دنيا جي آڏو آيو. ٽرمپ جي خانگي زندگي، سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتن سان گڏ، هن صاحب جي پشتو ۽ پنجابي ٻولين جي اڀياس جو به هت ذڪر ڪيو ويو آهي. سنڌ جي حوالي سان ”شاهه جو رسالو“ ۽ ”سنڌي گرامر“ سندس مثالي ڪارناما آهن. ٽرمپ جو سنڌو ماٿر جو مطالعو ۽ سير و سفر علمي ۽ ادبي هجڻ کان علاوه مشنري به هو، جنهن جو پڻ هو کليل ذڪر ڪري ٿو. ٽرمپ جي نجي زندگي دلچسپ ۽ قابل همدردي پڻ آهي. سنڌ جو ماحول ۽ فطرت کيس ڀانءِ نه پئي. پاڻ متعدد ڀيرا بيمار ٿيو، پر سندس پهرين زال سنڌ (ڪراچي) ۾ وفات ڪئي ۽ هو هڪ ابهم ٻار کي کڻي ولايت اُسهيو. سندس حياتي جو آخري سال به انتهائي تڪليف ده گذريو. هو نه رڳو نابينا ٿيو، ليڪن دماغي توازن به وڃائي ويٺو. سندس وفات پنج اپريل 1885ع تي ٿي. ان بعد ”ڪلام پاڪ جي سنڌي ترجمن ۽ تفسيرن“ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ گهڻي ڀاڱي مولانا غلام مصطفى قاسمي صاحب جي ڪيل تحقيق تان استفادو ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر شمل ان قسم جي ڇٽيهن سلسلن جي نشاندهي ڪئي آهي.

”سنڌي شاعريءَ ۾ رسول پاڪ جي مڃتا“ ايندڙ عنوان آهي. هي مضمون به قيمتي آهي. گهڻو ڌيان شاهه لطيف جي سر سارنگ تي ڏنل آهي. ان کانپوءِ ”سنڌي لوڪ شعر ۽ منصور حلاج“ عنوان تحت هڪ مفصل مقالو، هن ڪتاب جي سونهن بنيو آهي. هن مضمون پڙهندي هي احساس ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر شمل کي عالمي ادب ۽ خاص ڪري اسلامي ملڪن جي ساهت جي ڀرپور ڄاڻ آهي ۽ ان ادب تائين کيس دسترس به حاصل آهي. حسين بن منصور حلاج سنڌو ماٿر ۾ ڪيئن پهتو، ڪهڙو رستو اختيار ڪيائين، ڪيئن سندس خاتمو ٿيو، ۽ پوءِ هن عنوان ڪهڙي طرح بنگالي، سنڌي، ايراني، عربي ۽ اردو ادب توڙي ساهت ۾ پنهنجي جاءِ والاري ۽ هڪ ڀرپور احساس توڙي اثر ڇڏيو، ان قسم جا سوال ۽ انهن جا جواب هن مقالي ذريعي پڙهندڙن تائين پهچن ٿا. بهر حال پروفيسر صاحبه گهڻو ڌيان سنڌي شعر تي ڏيندي پنهنجي مضمون کي توڙ تي پهچايو آهي. ڏسجي ٿو ته سچل سرمست، سندس حلقي جي ٻين شاعرن، حسين ابن منصور حلاج جي فڪر، نعري ۽ راهه کي بيحد پسند ڪيو آهي. ”ابتدائي ارڙهين صدي جو سنڌي صوفي شاهه عنايت آف جهوڪ“، هن ڪتاب جو هڪ وڌيڪ موضوع آهي. صوفي صاحب جي تعليم ۽ تربيت، ان دور جي هند ۽ سنڌ جي سياسي ماحول، ٺٽي کان جهوڪ تائين آمد ۽ سندس آخري ڪردار جو مفصل ذڪر ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر شمل اڳتي هلي شاهه عنايت جي شهادت جو، سنڌي ادب تي پيل اثر ڳولڻ جي به هڪ سٺي ڪوشش ڪئي آهي.

شهيد عنايت سنڌي ادب ۾ منصور حلاج واري روپ ۾ ظاهر ٿيو. شاهه لطيف البته هن موضوع کي ڇهڻ کان ڪنارو ڪيو ٿو ڏسجي. ڊاڪٽر شمل لکي ٿي: ”شاهه لطيف بهرحال پنهنجي شعر لاءِ شاهه عنايت جي شهادت کي ڪتب نه آندو. شايد پاڻ بچاءُ ان ۾ ڏٺائين ته پاڻ کي لوڪ ڪهاڻين جي عنوانن تائين محدود رکي ۽ همعصر يا ويجهي تاريخ کان ڪنارو ڪجي. اڌ صدي پوءِ سچل سرمست، شاهه عنايت جي نالي کي پنهنجي شعر ۾ سڃاڻپ ڪرائڻ کان ڪا به هٻڪ محسوس نه ڪئي.....“ (ص 166). ڊاڪٽر شمل جي هيءَ راءِ ڪافي بحث طلب آهي. ايندڙ مضمون ”مرزا قليچ بيگ ۽ سندس ناول زينت“ بابت آهي. هي مضمون پڻ تفصيلي آهي، جنهن ذريعي هن ناول جي مصنف توڙي ناول جي فن، ٻولي ۽ اسلوب تي مفصل بحث ڪيو ويو آهي. ابتدا ۾ ڊاڪٽر شمل سنڌي زبان جي هن ممتاز عالم، اديب ۽ شاعر ۽ خدمتگار کي انتهائي چٽن لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ”آءُ جن به ٻولين، عربي، فارسي، اردو، ترڪي، سنڌي يا پشتو کان واقف آهيان، انهن ۾ مون کي مرزا قليچ بيگ جهڙو شخص ڪو نه سجهي، جيڪو سندس حاصلات کي اورانگهي سگهي. بلاشڪ هو وڏي عزت ۽ توجہ گهري ٿو. سندس مقصد پنهنجي وطن واسين کي عالمي ادب سان واقف ڪرائڻ ۽ پنهنجي زبان کي شاهوڪار بنائڻ هو. ان ۾ هو مڪمل ڪامياب ٿيو آهي“ (ص 106). هن ناول ذريعي سنڌي سماج تي پيل ترڪ اثرات جو پڻ احاطو ڪيو ويو آهي. ايندڙ عنوان ذريعي سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپيل لوڪ ادب رٿا جي ڪجهه جلدن جو تعارف ڏنل آهي.

ٻه سؤ ستاويهن صفحن جي هن ڪتاب پڙهڻ بعد، سنڌي زبان ۽ ادب توڙي ڪلچر جا ڪيئي همہ گير پهلو پڙهندڙن، آڏو اڀري اچن ٿا. ان ريت ڊاڪٽر شمل جي سنڌي ادب تائين دسترس کي به داد ڏيڻو پوي ٿو. ان کان علاوه کيس اسلامي تصوف، حديث ۽ قرآن پاڪ جي به بهتر ڄاڻ ڏسجي ٿي. ايراني ادب ۽ عربي ساهت جي قدآور شخصيتن سان جيڪا کيس شناسائي ڏسجي ٿي ۽ ان حوالي سان هتي سنڌي شعر ۽ سخن متعلق جيڪو مختصر مطالعو پيش ڪيو ويو آهي. ڪاش جيڪڏهن سنڌي ڪلچر جي گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه اهم اسمن جو هن ريت مفصل اڀياس ٿئي! خاطري آهي ته ان قسم جو اڀياس سنڌ ۽ سنڌي زبان لاءِ، دنيا جي تاريخ ۽ عالمي ساهت ۾ قدر ڀريو ماڳ مهيا ڪندو. بهرحال سڀني خوبين جي باوجود به هن ڪتاب پڙهندي سنڌ جي تاريخ متعلق عزت لائق مصنفه جو اڀياس ڪٿي ڪٿي سطحي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڊاڪٽر شمل جي ڪجهه غلطين جو رڪارڊ جي درستگي واسطي هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:

        ڄام نندي ڇائيتاليهه سال حڪمراني ڪئي ۽ سندس وفات 915هه/1509ع ۾ ٿي (ص 15).

حقيقت ۾ ڄام اٺيتاليهه سال بادشاهي ڪئي ۽ سندس وفات 914هه/1508ع ۾ ٿي هئي.

        آخري ڄام کي ارغونن هٿان سن 1526ع ۾ شڪست آئي (ص 14). درست سال 1520ع آهي.

        مغل فتح بعد ٺٽو صوبي ملتان ۾ شامل ٿيو (ص 15). تاريخ جو اڀياس ٻڌائي ٿو ته اڪبر جي دور تائين ٺٽو وري به نيم خودمختيار رهيو، ليڪن جهانگير بعد ۾ ٺٽي کي الڳ صوبو بنايو هو.

        مير معصوم تاريخ معصومي، سن 1606ع ۾ تيار ڪئي (ص 15). درست سال 1009هه/1600ع آهي.

        جامع مسجد ٺٽه شاهجهان جي فرمان تي 1635ع ۾ تيار ٿي (ص 15 ۽ ص 171). هڪ ته هي مسجد 1057هه/1647ع ۾ تعمير ٿي ۽ ٻيو ته ان جي اڏاوت ۾ شاهجهان جو ڪو به عمل دخل نه هو. هي مثالي تعميراتي ڪم امير ابوالبقا امير خان جي ذاتي دلچسپي سبب ٿيو، جيڪو ان دور ۾ ٺٽي جو حاڪم هو. تفصيل لاءِ پير حسام الدين مرحوم جو ڪتاب ”تذڪره امير خاني“ ڏسڻ کپي.

        پهرئين عباسي سورمي ۽ شهيد محمد آدم کي ڊاڪٽر شمل صوفي سڏيندي، سندس شهادت جا سال 1558ع (ص 16)، ۽ 1592ع (ص 151) ڏنا آهن. حقيقت ۾ هي ٻئي سال غلط آهن. عبدالرحيم خانخانان سن 1592ع ۾ سنڌ تي حملو ڪيو هو. ان دور ۾ محمد آدم زنده هو. همعصرن ذريعن مان ان جي تصديق ٿئي ٿي. سندس وفات بهرحال 1600ع بعد ٿي آهي.

        سنڌ تي ابدالي حملي (ص 14)، ون يونٽ ٽٽڻ (ص 18)، سنڌ جي بمبئي کان علحدگي (ص 17)، ڪراچي جو سنڌ کان ڪٽجڻ (ص 18)، مير معصوم بکريءَ جي وفات (ص 82)، ۽ شاهه لطيف جي وفات متعلق جيڪي سال ڊاڪٽر شمل ڏنا آهن، اهي به غلط آهن ۽ سڀني واقعن ۾ پاڻ هڪ سال جو واڌارو ڪيو اٿائين.

        ڊاڪٽر شمل لکي ٿي ته سن 1857ع وقت سنڌ مڪمل خاموش رهي (ص 18). تاريخي طرح ائين چوڻ درست ڪونهي. اتر سنڌ ۾ سردار امام بخش جتوئي، الف خان ترين، دريا خان جکراڻي، جاني خان جکراڻي ۽ دلمراد خان کوسو ـــ هي سڀ ڪنهن نه ڪنهن ريت سنڌ ۾ بغاوت پکيڙڻ ۾ مشغول هئا. ان کان علاوه ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وقت کان اڳ راز کلي پيو. نتيجي ۾ ڪيترن باغين کي توب جي منهن ۾ ٻڌي اڏايو ويو.

        مولانا عبيدالله جي تفسير کي سنڌ ۾ آڻڻ لاءِ مولانا سعد (سعيد؟) جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي (ص 71). حقيقت ۾ هن ڪميٽيءَ جو اڳواڻ مولانا محمد صادق مرحوم هو.

        صاحبڏنو فقير، سچل سرمست جو پڙ ڏاڏو هو (ص 126). اصل ۾ هي بزرگ سچل سرمست جو ڏاڏو هو.

        ساڌو هيرانند سن 1884ع ۾ ”سنڌي سڌار“ اخبار ڪڍي هئي (ص 180). صحيح نالو ”سنڌ سڌار“ آهي. هي اخبار تعليم کاتي سن 1866ع ۾ جاري ڪئي هئي. البت سن 1884ع ۾ ان جو انتظام هڪ نيم سياسي تنظيم ”سنڌ سڀا“ جي حوالي ٿيو، جنهن ساڌو هيرانند کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو.

ساڌو صاحب سن 1890ع کان پوءِ ”سڌار پتريڪا“ ۽ ”سرسوتي“ نالي پرچا جاري ڪيا هئا.

هنن تاريخي اشتباهن کان علاوه ڪجهه پريس غلطين سبب به ڪٿي ڪٿي تسلسل ٽٽل ڏسجي ٿو. مثال طور ”سنڌي ۾ قرآن پاڪ جا تفسير ۽ ترجما“ واري مضمون ۾ جيڪي پيرائتا نمبر ڏنا ويا آهن، انهن ۾ ڪجهه نمبر غائب ٿا ڏسجن. ان کان علاوه هن اهم ڪتاب ۾ انڊيڪس جو نه هجڻ هڪ وڏي علمي کوٽ جي علامت آهي. سنڌي ادبي بورڊ جو دنيا ۾ مان ۽ مرتبو پنهنجي شاهوڪار ادبي ۽ علمي ڪتابن جي سهڻي ڇپائي سبب عالم آشڪار آهي. جناب علي احمد بروهي جو تازو ڇپيل ڪتاب ”هسٽري آن ٽامب اسٽونز- سنڌ اينڊ بلوچستان“ انڊيڪس نه هجڻ سبب، تحقيق ۽ تاريخ جي فن سان دلچسپي رکندڙن وٽ، هڪ اڻ پوري ڪتاب جي شڪل ۾ قبول ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ هي ٻيو علمي ڪتاب آهي، جنهن ۾ انڊيڪس شامل نه ڪئي وئي آهي. سنڌي ادبي بورڊ کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي ها. ذڪر ڪيل ڪجهه اوڻاين جي باوجود به سنڌ جي مطالعي جي سلسلي ۾ اميد آهي. ته ڊاڪٽر شمل جو هي ڪتاب وڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. اوچي سفيد ڪاغذ، پختي جلدبندي ۽ من موهيندڙ لونگي ڪور سان ”پرلس فرام دي انڊس“ جي قيمت سوا سؤ رپيا آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 227 صفحا آهن، ۽ ڊيمي سائيز تي شايع ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ، سال 1986ع ۾ شايع ڪري پڌرو ڪيو هو. ڪتاب جي اشاعت ۾ ان وقت جي سيڪريٽري ڪلچر حڪومت سنڌ، جناب عبدالحميد آخوند جو اهم ڪردار رهيو.

(مهراڻ، نمبر 01، سال 1987ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org