مهاڳ
مڪلي ٽڪري
(سنڌ ۾ اسلامي ثقافت جو هڪ مرڪز)، نالي هي مختصر
ڪتاب اصل ۾ هڪ ليڪچر تي مبني مواد آهي. هي ليڪچر
جڳ مشهور سنڌ شناس اسڪالر، ڊاڪٽر اينميري شمل، 25
آڪٽوبر 1982ع تي گوئٽي انسٽيٽيوٽ ڪراچيءَ ۾ ڏنو
هو. اصل ۾ هي پهريون سيد حسام الدين راشدي يادگار
ليڪچر هو. ان جو بندوبست ڪراچي يونيورسٽيءَ جي
اداري، انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين
اسٽڊيز پاران ڪيو ويو هو. بعد ۾ هي ليڪچر ساڳئي
اداري 1983ع ۾، ڪتابي صورت ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو هو.
انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز، نالي
هي ادارو 1968ع ۾ پير حسام الدين راشديءَ جي سعيي
سان وجود ۾ آيو. راشدي صاحب اداري جو نائب صدر، ۽
ڊاڪٽر رياض الاسلام صاحب مستقل سيڪريٽري رهيو. هن
اداري ٻه ڊزن کن اهم تاريخي ۽ علمي ڪتاب، مختلف
ٻولين ۾ شايع ڪيا. ڊاڪٽر رياض الاسلام صاحب 2007ع
۾ فوت ٿيو. ان بعد هي ادارو به پاڻ مرادو ختم ٿي
ويو.
ڊاڪٽر اينميري شمل (1922ع-2003ع)، جرمن ڄائي خاتون
اسڪالر، ڪنهن به رسمي تعارف جي محتاج ڪونهي. ويهن
کان وڌيڪ ٻولين (سنڌي سميت) تي مهارت رکندڙ، اسلام
۽ تصوف تي وڏي ڄاڻ واري، هن اسڪالر ترڪي، جرمني ۽
آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ پڙهايو. هوءَ وڌ ۾ وڌ
پروفيسر جي حيثيت ۾، پنجويهه سال (1967ع-1992ع)،
هارورڊ يونيورسٽي (آمريڪا) سان لاڳاپيل رهي. پاڻ
آمريڪا کي خيرباد چئي 1992ع ۾ يورپ موٽي آئي. سندس
وفات 2003ع ۾ ٿي، ۽ بون (جرمني) ۾ اَبدي آرامي
آهي.
ڊاڪٽر شمل پاڪستان ۾ پهرين ڀيرو 1958ع ۾ آئي. ان
وقت سندس ملاقات جڳ مشهور سنڌي عالم، پير حسام
الدين راشدي صاحب سان ٿي. ڀنڀور جي کوٽائي ٿي ته
ان ۾ شريڪ رهي. راشدي مرحوم سان گڏ ”مڪلي“ جو سير
سفر ڪيائين. ان موقعي تي سنڌي ٻولي سکڻ جو ارادو
ڪيائين. واقعي هن سنڌي زبان سِکي به، ۽ سنڌي
ٻوليءَ توڙي ادب تي، جرمني ۽ انگريزي ٻولين ۾، ڳچ
ڪتاب، مقالا ۽ مضمون لکي، سنڌ کي بين الاقوامي سطح
تي متعارف پڻ ڪرايائين. شمل صاحبه جو 1958ع ۾،
راشدي صاحب سان علمي تعلق قائم ٿيو ته، ان کي آخر
تائين نباهيائين.
مڪلي ٽڪري
(سنڌ ۾ اسلامي ثقافت جو هڪ مرڪز)، جيئن مٿي لکيو
ويو آهي، هڪ طويل ليڪچر تي مبني ڪتابچو آهي. سموري
گفتگو ۾ هونئن ته مڪليءَ جي تاريخ، عروج ۽ زوال،
مقبرا ۽ قبرون، بادشاهه ۽ حڪمران، عالم ۽ اديب،
توڙي صوفي ۽ خانقاهون جهڙا عنوان ذڪر هيٺ آيا آهن.
ليڪن ان سان گڏ ڊاڪٽر شمل هن ليڪچر ۾، ٺٽي شهر جي
تعريف ۽ ساراهه، توڙي ويراني ۽ برباديءَ جو به
عمدو ذڪر ڪيو آهي.
البت هي ڪتاب پڙهندي، ٻه نالا پڙهندڙن کي بار بار
ملندا. هڪ مير علي شير ’قانع‘، جنهن جي ڪتابن سنڌ
سان گڏ، ٺٽي ۽ مڪليءَ کي نروار ڪيو. انهن ڪتابن ۾
”مڪلي نامہ“ کي خاص اهميت حاصل آهي. ٻيو نالو پير
حسام الدين راشدي صاحب جو آهي، جنهن مير ’قانع‘ جي
قدمن تي هلندي، مڪلي ۽ ٺٽي جي تاريخ ۽ تمدن تي
لازوال ڪم ڪيو. ان ريت خود راشدي صاحب به، تاريخ
جي صفحن تي نمايان نالو ٿي اُڀريو. پير حسام الدين
راشدي 1982ع ۾ وفات ڪئي، تڏهن کين به اَبدي آرام
لاءِ، مڪلي ٽڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ ورتو. بعد ۾ ڊاڪٽر
اينميري شِمل به اهڙي خواهش ظاهر ڪئي، ليڪن افسوس
ته ائين نه ٿي سگهيو!
ڊاڪٽر شمل جي ’مڪلي‘ بابت گفتگو عالمانه، روان
دوان، سنجيده، شائسته، شانائتي، تسلسل سان ڀرپور،
تجسس ڀري، پُراعتماد ۽ خلوص تي مبني آهي. پاڻ بين
الاقوامي سطح جي اسڪالر ۽ مشرق شناس پروفيسر طور،
پنهنجن همعصر عالمن ۾، وڏي ساک ۽ شهرت جي علامت
طور نمايان نالو پيدا ڪيائين. هن جي ليڪچر ۾ مڪلي
ٽڪري بابت، ڪٿي ڪٿي ڪي تاريخي جهول ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
ليڪن انهن کي نظرانداز ڪرڻ بهتر ٿيندو.
پير حسام الدين راشدي يادگار ليڪچر سلسلي جو ٻيو
خطبو، هندستان جي هاڪاري عالم، سيد صباح الدين
عبدالرحمان،
07 ڊسمبر 1983ع تي، اردو لغت بورڊ ڪراچيءَ جي نئين
ٺهيل عمارت ۾ ڏنو هو. هي ليڪچر اردو زبان ۾ ”پير
حسام الدين راشدي ۽ ان جا علمي ڪارناما“ عنوان تي
ڏنو ويو. اهو ليڪچر به ساڳئي اداري، سال 1984ع ۾
ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو. هي ڪتاب امام راشدي صاحب
سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو ۽ پروفيسر آزاد قاضي ان جي
اصلاح ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ: ”پير حسام الدين
راشدي، سوانح ۽ علمي ڪارناما“ نالي سان هي ڪتاب
2011ع ۾ ڇپرائي چڪو آهي.
پهريون پير حسام الدين راشدي يادگار ليڪچر، ڊاڪٽر
اينميري شمل ڏنو، ان باري ۾ بنيادي ڄاڻ مٿي ڏني
وئي آهي. مڪلي ٽڪري، بابت هي مختصر تذڪرو، ڊاڪٽر
نواز علي شوق سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، انسٽيٽيوٽ آف
سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز پاران 2001ع ۾،
ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو هو. اصل انگريزي ڪتاب ۽ سنڌي
ترجمو، هن وقت اڻ لڀ آهن. ان پس منظر ۾ سنڌي ادبي
بورڊ ڪتاب جو سنڌي ڇاپو، ٻيهر ڇپرائڻ جو فيصلو
ڪيو.
مترجم جي خواهش تي، نئين سنڌي ڇاپي جي نگراني
منهنجي حوالي ٿي. سموري ترجمي تي نظرثاني ڪندي،
ڪٿي ڪٿي مختصر حاشيا به لکيا ويا آهن. ميان مير
سنڌي ۽ قاضي قادن بابت ڊاڪٽر صاحبه جي راءِ، وڌيڪ
تحقيق طلب آهي. ڊاڪٽر شمل ٺٽي ۾ سنڌي ڪتابن لکڻ جي
آغاز جو ذڪر ڪندي، مخدوم محمد هاشم جي تصنيفن جو
درست احوال به نه ڏئي سگهي آهي. انگريزي ڇاپي جي
طرز تي انڊيڪس تيار ڪري، نئين سنڌي ايڊيشن ۾ ڏني
وئي آهي. سنڌي ادبي بورڊ 1986ع ۾، هن جرمن خاتون
اسڪالر جو هڪ ڪتاب: ”پرلس فرام دي انڊس“ شايع ڪيو
هو. مون ان ڪتاب تي رسالي”مهراڻ“ ۾ تبصرو ڇپرايو
هو. اهو تبصرو ضميمي طور، ڪتاب جي آخر ۾ شامل ڪيو
ويو آهي ته، جيئن پڙهندڙن کي ڊاڪٽر شمل بابت وڌيڪ
ڄاڻ ملي سگهي.
سنڌ ۾ ڊاڪٽر شمل جو بهترين همعصر علمي دوست، پير
حسام الدين راشدي مرحوم هو. ان کان پوءِ علمي ۽
ادبي حوالي سان عبدالحميد آخوند صاحب، ۽ غلام
رباني آگرو صاحب، ڊاڪٽر شمل کي گهڻو ويجهو رهيا.
ڊاڪٽر شمل جي حوالي سان، آگري صاحب جا تحريري
تاثرات موجود آهن (ماڻهو شهر ڀنڀور جا، سنڌي ادبي
بورڊ، 2012ع).
سنڌي ادبي بورڊ جي اهلڪارن، هن ڪم ۾ مون سان ڀرپور
تعاون ڪيو. جناب الهڏتو وگهيو (سيڪريٽري) ۽ دبير
مرزا صاحب، جي تعاون کان سواءِ هي ڪم، هن معيار جو
نه ٿي سگهي ها. سڀني دوستن جا ٿورا.
اپريل 2018ع |
غلام محمد لاکو
ڄام شورو |
ڇپائيندڙ پاران
هيءُ ڪتاب ”مڪلي ٽڪري“ (سنڌ ۾ اسلامي ثقافت جو هڪ
مرڪز) وادئ مهراڻ جي عظيم اهڃاڻ مڪليءَ جي تاريخ
تي مشتمل هڪ اهم تاريخي ۽ معلوماتي ليڪچر آهي.
جنهن ۾ مڪلي جي تاريخ، عروج ۽ زوال، مقبرن ۽ قبرن،
بادشاهن ۽ حڪمرانن، عالمن ۽ اديبن توڙي صوفين ۽
خانقاهن تي چڱي معلومات فراهم ڪئي وئي آهي.
هيءُ جڳ مشهور
۽
سنڌ شناس اسڪالر ڊاڪٽر اينيمري شمل جو پهريون سيد
حسام الدين راشدي يادگار ليڪچر آهي، جيڪو هُن 25-
آڪٽوبر 1982ع تي گوئٽي انسٽيٽيوٽ ڪراچيءَ ۾ ڏنو
هو. سچ ته يورپ جي هِن اسڪالر جو مڪلي ٽڪريءَ جي
تاريخ تي مشتمل هيءُ مختصر ليڪچر، سندس اهم ڪاوش
آهي.
ڊاڪٽر اينيمري شمل جي هن يادگار ليڪچر کي
انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز
ڪراچيءَ سال 1983ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو
هو، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڊاڪٽر نواز علي شوق
ڪري، ساڳئي اداري طرفان سال 2001ع ۾ شايع ڪرايو.
هاڻي اِهي ٻئي ڪتاب اڻلڀ آهن.
سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڪتاب جي سنڌي ترجمي کي
ڇپرائڻ لاءِ ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب اهڙا حق ۽
واسطا اداري کي ڏنا. ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کي
مدِنظر رکندي ان جي نئين سر ڪمپوزنگ ڪرائي ڪلر
تصويرن سان سينگاري بورڊ طرفان پهريون ڀيرو شايع
ڪري، منظرِعام تي آڻڻ جو فيصلو رٿيو ويو ۽ پڻ جناب
ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب کي هن ڪتاب تي نطرثاني
ڪرڻ لاءِ چيو ويو. جن صاحبن نه فقط ڪتاب تي
نظرثاني ڪرڻ فرمائي، پر ان سان گڏ ڪتاب جي ڏَسڻي
به جوڙي ڏنائون، جنهن لاءِ ادارو سندن ٿورائتو
آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي
ته، سنڌ جي تاريخ تي مشتمل اعليٰ درجي جا معياري
ڪتاب اداري طرفان شايع ڪرايا وڃن، ته جيئن سنڌ جي
تاريخ جي مختلف دورن جا باب محفوظ ٿي سگهن. مڪلي
ٽڪري جي تاريخ تي مبني هن يادگار ليڪچر کي شايع
ڪري منظرِ عام تي آڻڻ لاءِ آءٌ بورڊ جي مان واري
چيئرمئن جناب مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ صاحب جو
تهدل شڪرگذار آهيان، جن جي دلچسپيءَ سبب هيءُ ڪتاب
اشاعتي مرحلا طئي ڪري پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو
آهي.
اُميد آهي ته، اسان جي ڪاوش تاريخ سان دلچسپي
رکندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي.
26- رجب المرجب 1440هه
03- اپريل 2019ع |
سيد سڪندر علي شاهه
انچارج سيڪريٽري
|
ديباچو
انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز هيءُ
ڪتاب ”مڪلي ٽڪري“ ڇپرائڻ ۾ خوشي ۽ فخر محسوس ڪري
رهيو آهي، جيڪو پهريون سيد حسام الدين راشدي
يادگار ليڪچر آهي. اهو ليڪچر مشهور مستشرق اينيمري
شمل 25 آڪٽوبر 1982ع تي ڪراچيءَ ۾ ڏنو هو.
سيد حسام الدين راشدي يادگار ليڪچر انسٽيٽيوٽ آف
سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز جي هڪ نماڻي ڪوشش
آهي. هن ليڪچر جو مقصد سيد حسام الدين راشديءَ کي
عقيدت جو نذرانو پيش ڪرڻ آهي، جيڪو هن اداري جو
باني هو. پاڻ سڄي زندگي اداري جو روح روان رهيو.
راشدي صاحب جو سنڌ جي تاريخ، زبان، ادب ۽ ثقافت
سان عشق هو. ان سان گڏوگڏ وچ ايشيا، ايران،
هندوستان ۽ پاڪستان جي تاريخ سان به راشدي مرحوم
جي تمام گهڻي دلچسپي هئي. اهو ئي سبب آهي جو راشدي
صاحب جا دنيا جي مشهور عالمن سان رابطا پيدا ٿيا.
اسان جو پروگرام آهي ته هر سال سيد حسام الدين
راشدي يادگار ليڪچر واسطي دنيا جي ڪنهن مشهور
اسڪالر کي دعوت ڏيون. بعد ۾ اها تقرير ڪتابي صورت
۾ شايع ڪيون.
اسان جي خوش قسمتي آهي جو ان قسم جي تقريرن جي
ابتدا پروفيسر اينيمري شمل جي تقرير سان ڪئي پئي
وڃي. پروفيسر صاحبه جو پير صاحب سان گهرو علمي،
ادبي ناتو هو. کين سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ ۽ ثقافت
سان محبت آهي. فارسي شاعري ۽ تذڪره نويسي سان ٻنهي
عالمن جي نه فقط وچين دور
(Medieval Period)
(5 کان 15 تائين) جي تاريخ ۽ ثقافت کي اجاگر ڪيو،
پر انهن جي علمي تعلق جي ڪري، سنڌ جي عالمن،
اديبن، شاعرن ۽ صوفي بزرگن تي، تحقيق ڪرڻ ۾ مدد ۽
سهڪار حاصل ٿيو.
پروفيسر شمل جي ليڪچر جو مول مقصد اهو آهي ته،
ڪهڙيءَ ريت سيد حسام الدين راشدي مرحوم جي من ۾
مڪلي جي مثالي قبرستان وجداني ڪيفيت پيدا ڪئي ۽ هو
چڱو عرصو وڏي شوق ۽ محبت سان هن قديم قبرستان جو
مشاهدو ۽ مطالعو ڪندو رهيو. هن انهن کنڊرن جو
مٿاڇرو مطالعو ڪونه ڪيو، پر هر هڪ ماڳ تي هو ڪيئي
ڀيرا ويندو رهيو ۽ اتي وڃي وڏي ويچار کان پوءِ هن
لکڻ شروع ڪيو. اها سندس دلي تمنا هئي ته هر قبر ۽
قبي جي سڃاڻ ڪري، هن ماڳ ۽ ماڻهن بابت نئين سر
مفيد معلومات مهيا ڪجي.
مير علي شير ’قانع‘ جو ڪتاب ”مڪلي نامه“ ايڊٽ
ڪندي، راشدي صاحب مڪلي ۾ مدفون ڪجهه صوفي بزرگن
جون قبرون ڳولي لڌيون. هن قانع جي ستر صفحن تي
مشتمل ڪتاب تي ان کان ڏهوڻ صفحن جا حاشيا ۽
تعليقات لکيا. اهو ڪم پير صاحب ويهن ورهين کان به
وڌيڪ عرصو اڳ ۾ ڪيو هو، پر پوءِ به هو لڳاتار مڪلي
ويندو رهيو ۽ مقبرن بابت مواد ميڙيندو رهيو. مير
قانع جي اصلي ڪتاب جي دائري ۾ رهندي، سيد حسام
الدين راشدي جا لکيل حاشيا ۽ تعليقات، سنڌ جي
تاريخ ۽ ثقافت جو بي بها خزانو آهن.
اهو ئي سبب آهي جو پروفيسر شمل اسان جي گذارش تي
سيد حسام الدين راشدي يادگار ليڪچر لاءِ، پنهنجي
تجربي آهر اهو ئي موضوع منتخب ڪيو، جنهن سان پير
صاحب کي بي پناهه عشق هو. هن موضوع تي مهارت هجڻ
سبب پروفيسر صاحبه پنهنجي موضوع سان پورو انصاف
ڪيو آهي ۽ اهڙي ريت ٻنهي عالمن پنهنجو تعلق قائم
رکيو آهي.
محمود الحسن صديقي
رياض الاسلام
تعارفي تقرير
ڊاڪٽر ترمذي صاحب، ڊاڪٽر اينيمري شمل صاحبه،
خواتين و حضرات:
اسين سڀ اڄ هتي پهريون سيد حسام الدين راشدي ليڪچر
ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، جنهن جو اهتمام انسٽيٽيوٽ
آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز پاران ڪيو ويو
آهي. اڄ جو خاص مهمان ڪراچي يونيورسٽيءَ جو وائس
چانسلر ڊاڪٽر ايس. ايم. ترمذي صاحب آهي، ۽ اڄ جو
ليڪچر ڏيڻ واري خاتون ممتاز اسڪالر ڊاڪٽر اينيمري
شمل صاحبه آهي. مان گوئٽي انسٽيٽيوٽ جو ٿورائتو
آهيان، جنهن جي سهڪار سان اڄوڪي يادگار ۽ شاندار
ليڪچر جو اهتمام ڪيو ويو آهي.
هينئر ٻه چار ڳالهيون ڊاڪٽر سيد حسام الدين راشدي
صاحب ۽ هن قسم جي يادگار تقريرن بابت. جنهن سلسلي
جو هيءُ اڄوڪو ليڪچر آهي، جنهن جو عنوان آهي:
”مڪلي ٽڪري: اسلامي ثقافت جو مرڪز“. سڀ کان پهرين
ٻه چار لفظ انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين
اسٽڊيز بابت جنهن اڄ جي ليڪچر جو اهتمام ڪيو آهي.
هيءُ انسٽيٽيوٽ هڪ معتبر ادارو آهي، جنهن جو مقصد
تحقيقي ڪم ڪرڻ آهي. ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشي جي
وفات حسرت آيات کان پوءِ مون کي هن اداري جي صدر
بنجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. هيءُ ادارو 1968ع ۾ ڊاڪٽر
اشتياق حسين قريشي، ڊاڪٽر سيد حسام الدين راشدي،
ڊاڪٽر رياض الاسلام ۽ ڪن ٻين مشهور عالمن قائم ڪيو
هو. بنيادي طور هيءُ هڪ تحقيقي ادارو آهي، جنهن کي
يونيورسٽيءَ جي ٻين تحقيقي ادارن جي ڀيٽ ۾ تحقيق
جي سلسلي ۾ نمايان حيثيت حاصل آهي.
هيءُ ادارو ڊاڪٽر سيد حسام الدين راشديءَ صاحب جو،
شڪر گذار آهي، جنهن هن کي مضبوط بنيادن تي منظم
ڪيو. ايران شناسي، ترڪي شناسي ۽ ٻين مغربي ۽ مشرقي
مستشرق ماهرن جي مدد سان ان کي وڌيڪ سگهارو بنايو.
پير صاحب هن اداري کي دنيا جي ٻين مشهور تحقيقي
ادارن سان روشناس ڪرايو ۽ سندن ئي ڪوششن سبب اداري
ٿوري عرصي ۾ بين الاقوامي شهرت حاصل ڪئي.
ان کان پوءِ مرحوم ڊاڪٽر سيد حسام الدين راشدي
اداري کي پنهنجي قيمتي ۽ مفيد مشورن سان نوازيو.
هن اداري جا تحقيقي ڪم مختلف مرحلن ۾ آهن. اداري
فيصلو ڪيو آهي ته پير صاحب جهڙي مفڪر ۽ مؤرخ جي
تجويز ڪيل تحقيقي رٿائن تي خاطر خواهه ڪم ڪرڻ
گهرجي.
خواتين و حضرات! ڊاڪٽر اينيمري شمل جي شخصيت
پاڪستان لاءِ اوپري ڪانه آهي. هوءَ مشهور مستشرق
آهي ۽ پير صاحب سان سندس نينهن جو ناتو آهي ۽ پاڻ
سندن تحقيقي ڪمن کان باخبر آهي. ڊاڪٽر صاحبه کي
مشرقي علوم جي ماهر هئڻ سبب پاڪستان ۾ وڏي عزت
حاصل آهي. هن علامه اقبال تي پنج ڪتاب لکيا آهن.
سنڌي ۽ اردو ادب تي چار تنقيدي ڪتاب ۽ ست ڪتاب
تصوف تي تصنيف ڪيا آهن. ڊاڪٽر صاحبه جو هيءُ وڏو
ڪارنامو آهي جو هن قرآن پاڪ جو جرمن ٻوليءَ ۾
ترجمو ڪيو آهي. تازو هن شاهه لطيف جي ڪلام جو جرمن
ٻوليءَ ۾ منظوم ترجمو پڻ ڪيو آهي. اسلام ۽ پاڪستان
تي مثالي علمي ادبي ڪمن ڪرڻ سبب کين ٻه سِول
ايوارڊ عطا ڪيا ويا آهن.
خواتين و حضرات! جيئن مون اڳ ٻڌايو آهي ته مرحوم
حسام الدين راشدي تاريخ جو عالم هو ۽ سندن وڏن
ڪارنامن مان هڪ وڏو ڪارنامو مڪلي جي قبرستان جو
مطالعو ۽ مشاهدو آهي، جيڪو اينيمري شمل جي اڄوڪي
شام واري ليڪچر جو موضوع آهي.
”مڪلي ٽڪري“ جيئن اسان ڄاڻون ٿا، مشرق جو وڏي ۾
وڏو قبرستان آهي، جيڪو ٺٽي لڳ ڇهن چورس ميلن تي
پکڙيل آهي، جتي تمام گهڻيون قبرون ۽ قبا آهن جيڪي
شهزادن، وزيرن، اميرن، صوفين، شاعرن، ليکڪن ۽ عام
ماڻهن جا ايامن کان آخري آرام گاهه آهن. انهن مان
ڪن قبن تي اعليٰ نقش و نگار ان دور جي ماهر
ڪاريگرن جي مهارت جو نادر نمونو آهي. اهي سمورا
آثار محفوظ ڪيا وڃن. پر افسوس جو اسان اهڙن آثارن
۽ پنهنجي قومي ورثي کان ڪن لاٽار ڪري رهيا آهيون.
اچو ته هينئر ڊاڪٽر اينيمري شمل کان مڪلي ٽڪريءَ
بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪيون، جيڪو اڄوڪي پير سيد
حسام الدين راشدي يادگار ليڪچر جو موضوع آهي.
حڪيم محمد سعيد |